سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :1

سنڌي گلدستو

شيخ نياز محمد ”نياز“

پيش لفظ

ڪافي عرصي کان دل ۾ اها خواهش پئي رهي ته ڪنهن موضوع تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکان. اُن لاءِ وقت به وقت نيون نيون شيون پئي ذهن ۾ آيون ۽ ويون، پر پنهنجي اهم مشغولين ۽ مجبورين خاطر انهيءَ ميدان ۾ پير رکڻ جي همت ئي نه پئي ٿي. نيٺ انهن مشڪلاتن کي پاسيرو رکي همت ٻڌي نڪري پيس ۽ چند ذهن ۾ آيل شين کي ترتيب ڏئي ٿوري ئي عرصي اندر لکي وڃي پار پهتس. اهي شيون اوهان جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان.

هن ڪتاب ۾ وقت جي تقاضا ۽ تعليمي ضرورت موجب مختلف شيون پيش ڪيون ويون آهن، جن ۾ لفظن جا اشتقاق، ضد، واحد- جمع، فعلن جا پريوگ ۽ شاعريءَ جون مختلف صنفون، جي اڄ تائين سنڌي شاعريءَ ۾ رواج هيٺ اچي چڪيون آهن، سلسليوار ۽ مختصر نموني ۾ ڏنا ويا آهن.

هيءُ نسخو هن ناقص دماغ جي قلمي ڪاوش جو پهريون ئي نمونو آهي، جو پوري جفاڪشيءَ سان تيار ڪيو ويو آهي. اُن هوندي به ٿي سگهي ٿو ته منجهس اڃا ڪي خاميون رهجي ويون هجن؛ تنهن لاءِ گذارش آهي ته انهن اُوڻاين کان هن ناچيز کي آگاهه ڪري همت افزائي ڪرڻ فرمائيندا.

جنوري 1969ع              شيخ نياز محمد

”گلدستو“ تي هڪ نظر

ڪتاب ”گلدستو“ طالب العلم لاءِ نهايت ڪارآمد شئي آهي. هن هڪئي ڪتاب ۾ شعر و سخن جي هر صنف تي مختصر، مگر جامع معلومات فراهم ڪيل آهي، جنهن ڪري طالب العلم کي مختلف ڪتابن جي بيشمار پنن اُٿلائڻ پٿلائڻ جي ضرورت باقي نه رهندي. حقيقت اها آهي ته هي ڪتاب لکي، هڪ اهڙي کوٽ جي پورائي ڪئي وئي آهي، جا، طالب العلم طبقي لاءِ جيڪڏهن پريشان ڪن نه هئي ته تڪليف دهه ضرور هئي. البت ڪتاب گهڻين خوبين جي باوجود پاڻ ۾ ڪجهه خاميون به رکي ٿو، جن جي اصلاح بهرحال تمام ضروري آهي.

ٿوري وڌيڪ تحقيق ۽ تڪليف ڪرڻ سان ڪيترائي ٻيا به اشتقاق ملي سگهندا. جيتوڻيڪ سؤ فيصد اشتقاق گڏ ڪرڻ محال ٿيندا، پر پوءِ به ڪتاب ۾ جيترو وڌيڪ ذخيرو هوندو، اوترو طالب العلم لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ٿيندو. ساڳي طرح ”ضد“ ۽ ”واحد- جمع“ جي عنوانات هيٺ به مثالن ۾ ڪافي اضافو ڪري سگهجي ٿو.

24 مارچ 1971ع.                           ”محسن“ ڪڪڙائي

خيرپور ناٿن شاهه، ضلع دادو، سنڌ.

ٻه اکر

سنڌي گلدستي جون ٻيو ڇاپو اوهان جي اڳيان آهي. هن ڇاپي ۾ ڪجهه قدر سڌارو ۽ واڌارو آندو ويو آهي. ڪتاب جي اشتقاق واري ڀاڱي مان ”گاسليٽ“ جو لفظ غير موزون سمجهي خارج ڪيو ويو آهي ۽ منجهس پنج ٻيا الفاظ شامل ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري هينئر اُنهن جو تعداد ٻه سؤ چار کي پهتو آهي.

ارادو هيو ته هن ڇاپي ۾ هر موضوع ۾ واڌارو آندو وڃي، جنهن لاءِ وڌيڪ شين جي ميڙ چونڊ به ڪئي ويئي، مگر ڪتاب جي تڪڙي ضرورت محسوس ڪندي ۽ ڪاغذ جي کوٽ ۽ گرافيءَ سبب اهي شيون پيش ٿي نه سگهيون آهن. انشاءَ الله تعاليٰ ٽئين ڇاپي ۾، جو عنقريب شايع ٿيڻ وارو آهي، سڀني شين کي تفصيل سان بيان ڪيو ويندو ۽ اُن سان گڏ اشتقاق، ضد، واحد- جمع ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو. تنهن کان سواءِ نئين ڇاپي ۾ مذڪر- مؤنث ۽ ڪجهه قدر هم آواز الفاظ پڻ ڏنا ويندا.

هن ڇاپي ۾ سڌاري آڻڻ جي حتي المقدور ڪوشش ڪئي ويئي آهي؛ تاهم به ٿي سگهي ٿو ته منجهس ڪي اوڻايون اڃا به رهجي ويون هجن؛ تنهن لاءِ پڙهندڙ حضرات کي التجا آهي ته هو پنهنجو فرض سمجهي، ان ڏس ۾ هن عاجز کي اصلاحي مشوري کان مستفيض ڪرڻ فرمائيندا، ته جيئن هيءُ ننڍڙو مسودو اڳتي هلي طلباء واسطي مشعل راهه بڻجي (آمين).

21 جون 1971ع.                    شيخ نياز محمد

                             شيخ اسٽريٽ، ڪرمان باغ

                              لاڙۡڪاڻو-سنڌ

هن ڇاپي بابت

ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت اُن ۾ شامل مواد تي منحصر هوندي آهي. هن ڪتاب جي لاءِ علم دوست حضرات ۽ بورڊ توڙي يونيورسٽي جا شاگرد وقت بوقت مهيا ڪري ڏيڻ جي پُرزور تقاضا ڪندا پئي رهيا، جنهن ڪري هن ٽين ايڊيشن کي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ضروري سمجهيم.

نصابي ضرورتن کي خيال ۾ رکندي، ڪتاب جي هن ڇاپي ۾ ضروري اضافا به ڪيا ويا آهن، جن لاءِ اميد ته هيءُ ڪتاب وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿيندو ۽ ساڳيءَ طرح اهلِ علم دوستن، اديبن، شاعرن ۽ شاگردن ۾ مقبوليت حاصل ڪندو.

هن ڇاپي ۾ اشتقاق، ضد ۽ واحد- جمع، ٻوليءَ جي اصليت واري لحاظ کان ظاهر ڪيا ويا آهن. اُن لاءِ ، هر ٻولي لاءِ ڏنگين ۾ اُن ٻوليءَ جو پهريون اکر به ڏنو ويو آهي. جيئن (ع) عربيءَ لاءِ، (ف) فارسيءَ لاءِ، (سن) سنسڪرت لاءِ، (هه) هنديءَ لاءِ، (س) سنڌيءَ لاءِ، (پرا) پراڪرت لاءِ (انگ) انگريزيءَ لاءِ ۽ (ت) ترڪي ٻوليءَ لاءِ.

هن ڀيري ادب ۽ شاعريءَ سان واسطو رکندڙ گهڻي ۾ گهڻيون شيون پيش ڪيون ويون آهن ته جيئن سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ رکندڙ خاص طور شاگرد طبقو هن مان پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگهي. صفحي نمبر 38 ۽ 39 تي حرف جو تبصرو ڪندي، الف- ب جي اوائلي صورتخطيءَ جي چارٽ جي تصوير به پيش ڪئي وئي آهي، ته جيئن اُن جو صحيح تاثر وٺي سگهجي.

ڪتاب کي سوڌڻ ۽ سنوارڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪئي وئي آهي؛ اُن هوندي به جيڪڏهن ڪو اهل. علم بزرگ يا دوست اُن ۾ ڪافي ضروري اصلاح محسوس ڪندي پنهنجي مفيد مشورن سان نوازيندو ته هيءَ عاجز اُن جي دل جي گهراين سان آجيان ڪندو.

هت مان اُنهن حضرات جو شڪريو بجا آڻڻ لازمي ٿو سمجهان، جن وقت بوقت مفيد مشورا پئي ڏنا آهن، جهڙوڪ؛ جناب عبدالڪريم ”تراب“، جناب قلندربخش ”بدوي“، جناب ”انور“ عباسي، جناب ”محسن“ چنا، ”ادا“ قاضي، وغيره. خاص طور مان سنڌ جي مايه ناز بزرگ، اديب ۽ شاعر محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ صاحب جن جو بيحد شڪر گذار آهيان، جن ڪجهه عرصو اڳ هڪ خط جي جواب ۾ رباعي ۽ اُن جي مختلف بحرن بابت منهنجي دل و جان سان رهنمائي ڪئي هئي.

نهايت افسوس سان ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ته تازو ڪاٺياواڙ اسٽور لاڙڪاڻي جي طرفان ٽي ڪتاب (1) هيرا لعل جواهر، (2) نور سنڌي گرامر ۽ (3) غيچه غفوري (ڇاپي هيٺ) شايع ٿيا آهن. اُنهن ٽنهي ڪتابن جي مصنف ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب ادبي بدديانتيءَ جو مظاهرو ان حد تائين ڪيو آهي، جو مذڪوره ڪتابن ۾ اشتقاق، ضد ۽ شاعريءَ جون چار صنفون، جهڙوڪ؛ ”ماهيا“، ”هائيڪو“، ”سانيٽ“ ۽ ”ترائيل“ جو بيان منهنجي ڪتاب تان هوبهو نقل ڪري چڪو آهي. ايتريءَ حدتائين جو صاحب موصوف اُنهن ۾ مثال به ساڳيا ڏنا آهن.

آخر ۾ مان علم ادب سان واسطو رکندڙ روشن چراغ محترم پروفيسر اياز حسين ”اياز“ قادري صاحب هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، ڪراچي يونيورسٽي جن جو انتهائي مشڪور آهيان، جو صاحب موصوف هن ڪتاب کي نظر مان ڪڍيو ۽ پنهنجي قيمتي راءِ اظهار ڪيو.

محترم پروفيسر ”اياز “ صاحب جن پنهنجي قديمانه روايات کي قائم رکندي، سنڌي ادب جي اهڙي طرح ئي خدمت ڪندا پيا اچن، جهڙي طرح ماضيءَ ۾ سندن بزرگ اهو حق ادا ڪري چڪا آهن. جهڙوڪ؛ ميان علي محمد ”قادري“، ميان غلام سرور ”فقير“ قادري ۽ ميان غلام عباس ”جوش“ قادري.

تاريخ 27 مارچ 1977ع         شيخ نياز محمد ”نياز“

                                          شيخ اسٽريٽ،

                            محلو ڪرمان باغ لاڙڪاڻو- سنڌ.

تعارف

مسٽر نياز محمد شيخ سان منهنجي واقفيت اُن وقت ٿي جڏهن هو ايم. اي (سنڌي)، جو شاگرد هو. هن کي هڪ مونو لکڻو هو، جو هو منهنجي والد ميان غلام سرور ”فقير“ جي حياتي ۽ ادبي خدمتن بابت لکي رهيو هو. مون ڏٺو ته هنکي پنهنجي سبجيڪٽ سان جنون جي حد تائين چاءِ هو ۽ هو ان لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان محنت ڪري رهيو هو. هن جو مقصد ٻين شاگردن وانگر صرف امتحان پاس ڪرڻ نه پر علم به حاصل ڪرڻ هو. پڙهڻ به هو ڪڙهڻ به هو. اهو سندس پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو نتيجو آهي جو سندس ضخيم ڪتاب ”سنڌي گلدستو“ سنڌ جي علم دوست حضرات جي هٿن تائين پهتو آهي.

جئين گلدستي ۾ مختلف قسمن جا گل هوندا آهن تئين هن ڪتاب کي مختلف موضوعن سان سنواريو ۽ سينگاريو ويو آهي. مسٽر نيازمحمد هن ڪتاب تيار ڪرڻ وقت شاگردن جي ضرورتن ۽ تڪليفن کي سامهون رکيو آهي ۽ پنهنجي وس آهر انهن کي سهڻي نموني پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تنهن ڪري هي ڪتاب خاص طرح سنڌي سبجيڪٽ وارن شاگردن لاءِ گائيڊ ٿي پيو آهي. هونئن جو شاگرد مختلف موضوعن لاءِ مختلف ڪتاب واجهائيندا وتندا هئا، هاڻي انهن کي اهو ڪشالو ڪرڻو نه پوندو.

هن ڪتاب ۾ هڪ سؤ موضوعن کي ڪٺو ڪيو ويو آهي، جن ۾ نثر ۽ نظم جا قسم، شعر جون ادبي، فني ۽ عروضي خوبيون ۽ گرامر ۽ ٻوليءَ سان واسطو رکندڙ ڪيترين ڳالهين جي اُپٽار ۽ ان کانسواءِ تصوف جي ڪيترين باريڪين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. قسمين قسمين موضوعن سبب هي ڪتاب هڪڙي ننڍڙي انسائيڪلو پيڊيا ٿي پيو آهي.

اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ايترن موضوعن جي سمجهاڻي ۽ انهن لاءِ موزون مثال ڪٺا ڪرڻ ۾ مسٽر نياز محمد کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي.

مونکي اُميد آهي ته سندس پورهيو اجايو نه ويندو، سنڌ وارا سندس ڪوشش جو کليءَ دل سان قدر ڪندا.

اياز حسين قادري

26.3.77

اشتقاق

”اشتقاق“ عربي ٻوليءَ جي لفظ ”شئق“ مان نڪتو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”چيرڻ“ يا ”ٽڪرا ڪرڻ“. اصطلاح ۾، ڪنهن لفط کي ڀاڱا يا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ۽ ان هر هڪ ڀاڱي جي جدا جدا معنيٰ ڪڍڻ کي ”اشتقاق“ چئبو آهي.

سنڌيءَ ۾ هن وقت ڪيترائي ڌارين ٻولين جا لفظ موجود آهن. جيئن ته؛ سنسڪرت، عربي، فارسي، انگريزي، ترڪي، وغيره. اهي الفاظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو ته مروج ٿي ويا آهن، جو ڪڏهن به کين ڌاريو محسوس ڪيو نه ٿو وڃي. اهڙن لفطن جا اشتقاق ڪڍڻ واسطي انهن جو بنياد سندس اصلي ٻوليءَ ۾ ڪڍيو آهي.

عربي لفظن جو اشتقاق ڪڍڻ لاءِ عام طرح اهو قانون آهي ته ڪنهن ڏنل لفظ مان جيڪڏهن ڪجهه زائد حروف، جهڙوڪک ا- ت- س- م- ن- و- ي (يتسمنوا) ڪڍي ڇڏبا ته انهيءَ لفظ جو اصل بنياد نڪري ايندو. هت اهو ياد رکڻ گهرجي ته عربي زبان ۾ اڪثر لفظن جو بنياد ٽن حرفن تي مشتمل هوندو آهي. پوءِ اشتقاق ڪڍڻ وقت جيڪڏهن ڪنهن لفط ۾ ٻه ساڳيا يا هڪ جهڙا حرف گڏ اچن ته انهن مان هڪ حرف خارج ڪري ۽ باقي ٻئي حرف جي مٿان شد ) ڏئي ڇڏبي ته اهو ٻٽو حرف ٿي پوندو. مثلاً:

”حبيب“ جو بنياد آهي ”حبب“. انهيءَ لفط ۾ جيئن ته ”ب“ ٻه دفعا استعمال ٿيل آهي، تنهن ڪري منجهانئس پوئين ”ب“ ڪڍي ڇڏبي ۽ ان جي بدران پهرين ”ب“ جي مٿان ّ ڏبي ته لفظ ”حُبّ“ ٿي پوندو. ساڳيءَ طرح سان ”اشتقاق“ لفظ جو بنياد ”شئق“ آهي،

عربيءَ ۾ ڪن اسمن جي اڳيان ”ال“ وڌي ويندي آهي، جنهن جو ڪنهن خاص شئي ڏانهن اشارو هوندو آهي. جيئن ته؛ ”الڪتاب، الاسد، المدرسته، الٿراس، وغيره“. عربي ٻوليءَ ۾ انهيءَ ”ال“ کي ”لام التئعريف“ چئبو آهي. يعني اها ڪنهن خاص شئي کي چڱيءَ طرح جاچڻ ۽ سڃاڻڻ جي نشاني آهي. ”ال“ حرف اضافت جي صورت ۾ به ڪم ايندي آهي، جنهن مان مراد ”جو، جي، جا، جون،“ ٿيندي. جهڙوڪ؛ ”بستان الازهار“ معنيٰ ”گلن جو باغ“؛ ”رحمة الله“ معنيٰ ”پروردگار جي رحمت“، ”بيت المال“ معنيٰ ”دولت جو گهر“، وغيره“‎.

فارسي ٻوليءَ جي لفظن جا اشتقاق ڪڍڻ لاءِ ڪنهن مقرر لفظ کان پهريائين فارسيءَ جي مصدر ۾ تبديل ڪرڻُ پوندو آهي، جنهن ڪري ان جي معنيٰ سولائيءَ سان نڪري ايندي. جهڙوڪ ”انجام“ لفظ کي مصدر ۾ آڻبو ته ”انجاميدن“ ٿي پوندو، جنهن جو مطلب ٿيندو، ”وعدو ڪرڻ“ يا ”سخن ڏيڻ“. ساڳيءَ طرح ”آمدني“ جو مطلب مصدر ”آمدن“ جي ذريعي ڪڍبو ۽ ”بند“ لفظ جو مطلب مصدر ”بستن“ جي ذريعي نڪرندو، وغيره.

مٿيون قاعدو فارسيءَ جي سڀني الفاظن سان لاڳو ٿي نه ٿو سگهي؛ ڇاڪاڻ ته فارسي زبان ۾ ڪيترا اهڙا لفظ آهن جي ڪنهن به مصدر ۾ تبديل ٿي نٿا سگهن، پر اهي پنهنجي هڪ نرالي صورت اختيار ڪيو بيٺا رهن ٿا؛ جنهن ڪري انهن جي معنيٰ ۽ مطلب صاف ظاهر ٿيو پوي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪي اهڙا الفظ آهن، جن جو اصل بنياد سنسڪرت ۽ هندي ٻولين مان ملي ٿو. ڪي ته وري سنڌي ٻوليءَ جي مصدر ۾ تبديلي ڪرڻ سان ئي حاصل ٿين ٿا ۽ ڪيترائي اهڙا الفاظ آهن، جن جو مطلب سڌيءَ طرح ئي ڪڍي سگهجي ٿو.

هت مختلف لفظن جا اشتقاق ڏجن ٿا:

1- آبادگار (ف):- ]آباد =سر سبز، سائو+ گار= وارو[ ويران زمين کي سرسبز ۽ سائو رکڻ وارو، زمين پوکيندڙ يعني ڪڙمي، هاري.

2- آبپاشي (ف):- ]آب=پاڻي+ پاش- مصدر پاشيدن= ٻُرڪڻ، ڇٽڪارڻ[ پاڻيءَ جي ڇٽڪار يعني زمين يا کيتيءَ کي ملندڙ پاڻيءَ جو ذريعو.

3- آبدار (ف):- ]آب = پاڻي+ دار- پاش- مصدر داشتن = رکڻ[ پاڻي رکندڙ، يا اهو ماڻهو جو زمينن کي پاڻي ڏيڻ تي مقرر هجي يعني پاڻيءَ جو داروغو.

4- آبدوز (ف):- ]آب = پاڻي+ دوز- مصدر دوختن = سبڻ[ پاڻيءَ کي سبندڙ ڪشتي يعني پاڻيءَ جي اندر هلندڙ ٻيڙي جا اندران ئي اندارن وڃي وڏن جهازن کي سوراخ ڪري ٻوڙيندي آهي.

5- آبر نِيسان (ف):- ]اَبر= ڪڪر+ نيسان= بهار جي مند ۾ وسندڙ مِينهن[ بهار جي مند ۾ مينهن وسائيندڙ ڪڪر.

6- آبروئي (ف):- ]آب= پاڻي، رونق + رُو = منهن، چهرو[ منهن جو پاڻي، چهري جي رونق يعني عزت مانُ، مرتبو.

7- آبشار (ف):- ]آب = پاڻي+ شار- مصدر شاريدن= آواز سان هيٺ ڪرڻ[ جبل جي مٿانهين هنڌ تان هيٺ ڪرندڙ قدرتي پاڻي، جهرڻو.

8- اِبن الوقت (ع):- ]اِبن = پُٽ+ ال= جو+ وقت=موقعو[ موقعي جو پُٽ، وقت جو پُٽ، يعني زماني جي رفتار موجب هلندڙ، وقت جو فائدو وٺندڙ.

9- اَبوالفضل (ع):- ]اَب= پيءُ، مالڪ، صاحب+ ال=جو+فضل= نيڪي، چڱائي، بزرگي، بخشش[ نيڪي يا بخشش جو صاحب. يعني سٺن لڇڻن وارو؛ اڪبر بادشاه جي هڪ وزير جو نالو، جو سيوهڻ جو ويٺل هو.

10-         اَبوالقاسم (ع):- ]اَب = پيءُ، مالڪ، صاحب+ ال=جو+قَسم=تقسيم ڪرڻ، ورهائڻ- قاسم= ورهائيندڙ[ ورهاست جو صاحب، تقسيم جو مالڪ يعني حضرت محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي ڪنيت.

11-         آبهوا (ف+ع):- ]آب وهوا= آب (ف) =پاڻي+ وَ (ع) = ۽+ هوا (ع) = گهُلندڙ هوا[ پاڻي ۽ هوا، پاڻيءَ واري هواءِ يعني موسم مطابق گهلندڙ هوا جهڙوڪ؛ گرم، ٿڌي، گهميل، موافق.

12-         اٻوجهه (سن):- ]اَ= نه+ ٻوجهه (ٻوڌ)= سمجهه[ جنهن کي سمجهه نه هجي يعني بي سمجهه، بي عقل، سادو.

13-           اڀرندڙ (س):- ]اُڀرڻ= ظاهر ٿيڻ، نڪري نروار ٿيڻ[ ظاهر ٿيندڙ شئي، نڪرندڙ يا وڌندڙ شئي.

14-         آتش پرست (ف):- ]آتش= اهه+ پرست-مصدر پرستيدن= پوڄڻ، پوڄا ڪرڻ[ باهه جي پوڄا ڪندڙ يعني مُشرڪ، ڪافر.

15-          اپائڻهار (س):- ]اُپائڻ= پيدا ڪرڻ+ هار= وارو[ پيدا ڪرڻ وارو يعني خالق، خدا تعاليٰ.

16-         اجلاس (ع):- ]جلس= ويهڻ[ ماڻهن جو گڏجي هڪ جاءِ تي ويهڻ يعني ڪچهري، درٻار، گڏجاڻي.

17-         اخلاق (ع):- ]خُلق= سٺي عادت، جمع اخلاق[ سٺيون عادتون، نيڪ خصلتون.

18-        اجهاڳ (هه):- ]اَ+ نه= مهاڳ= لنگهي وڃڻ، گذرڻ، پار ڪرڻ[ نه گذرڻ جهڙو، اُهو ڊگهو فاصلو جو پار ڪري نه سگهجي، اَڻ کُٽ.

19-         اداڪار (ف):- ]اَدا= ناز نخررو، انداز، لاڏ ڪوڏ+ ڪار-مصدر ڪردن=ڪرڻ[ ناز نخرو ڪندڙ، ڊرامي يا فلم ۾ ڪم ڪندڙ يعني ايڪٽر، فنڪار.

20-        آدم (ع):- ]آدمِ=ڪڻڪ جي رنگ جهڙي مٽي[ ڪڻڪائين رنگ جهڙي مٽيءَ مان پيدا ڪيل انسان، ماڻهو.

21-         آدمخور (ع+ف):- ]آدم (ع) = ماڻهو، انسان+خور (ف)-مصدر خوردن=کائڻ[ ماڻهوءَ کي کائيندڙ يعني وحشي، جهنگلي.

22-        اڍنگو (هه):- ]اَ =نه+ڍنگ=طريقو، نمونو[ جنهن جو ڪو نمونو ئي نه هجي، خراب هلت هلڻ وارو يعني بُرو، خراب، بڇڙو، بدڪار.

23-        آرامگاهه (ف):- ]آرام- مصدر آراميدن= آرام پهچائڻ +گاهه=جاءِ، هنڌ[ آرام پهچائڻ جي جاءِ يعني ترسڻ وارو هنڌ، سمهڻ جو ڪمرو، رهائش جي جڳهه.

24-          اربع (ع):- ]رُبع=چوٿون حصو[ هفتي جو چوٿون ڏينهن.

25-          استحصال (ع):- ]حصل=حاصل ڪرڻ[ حاصلات.

26-          استحڪام (ع):- ]حڪم=مظبوط ٿيڻ، قائم هجڻ[ مضبوطي پختائي.

27-          استقامت (ع):- ]قام=بيهڻ[ ڪنهن ارادي تي مضبوط بيهڻ يعني مضبوطي.

28-          استقبال (ع):- ]قبل=ويجهو ٿيڻ[ ڪنهن کي وٺي اچڻ لاءِ اُن جي ويجهو اچڻ، سامهون اچڻ، آدرڀاءُ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ.

29-          آسمان (ف):- ]آس=چڪي+مان=وانگر، مثل[ چڪيءَ وانگر گول يعني آڪاش، فلڪ.

30-          اسونهون (س):-] اَ= نه+ سونهون= واقف[ جيڪو ڪنهن شئي کان واقف نه هجي يعني اڻ واقف.

31-         اشتقاق (ع):- ]شئق= چيرڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ڀڃڻ[ لفظن کي ڀڃي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري، هر هڪ حصي جي جدا معنيٰ ڪرڻ.

32-        اشرف المخلوقات (ع):- ]شرف= عزت بخشڻ، مرتبو ڏيڻ،+خلق= پيدا ڪرڻ، ٺاهڻ، بڻائڻ- مخلوق= پيدا ڪيل شئي- جمع مخلوقات[ سڀني خلقيل شين مان وڌيڪ مرتبي واري شئي يعني انسان ذات، ماڻهو.

33-        آشڪباري (ف):- ]اَشڪ= اکين مان وهندڙ پاڻيءَ جا ڳوڙها، ڦُڙا يا قطرا+ بار- مصدر باريدن= وهڻ، وهائڻ[ اکين مان ڳوڙها وهائڻ، يعني گهڻو روئڻ، ڳوڙهن جي برسات.

34-            اصلاح (ع):- ]صلح= ٺاهه ڪرڻ[ سڌارو، ٺاهه.

35-             اِطفال (ع):- ]طفل= هڪ ٻار-جمع اِطفال[ گهڻا ٻار.

36-             اعرابي (ع):- ]عرب= عربستان ملڪ جو رهاڪو- جمع اعراب[ عرب ملڪ جو باشندو.

37-         اقبالمند (ع+ف):- ]اقبال (ع) =بخت، مرتبو+مند (ف) = صاحب، وارو[ بخت يا مرتبي وارو يعني خوش قسمت خوش نصيب.

38-           اقليت (ع):- ]قِلت=ٿورو، ٿورا[ ٿورڙائي ٿورائپ.

39-             اڪثريت (ع):- ]ڪثر=گهڻا[ گهڻائي.

40-       اڪيچار (هه):- ]اڪوپار؛اڪو=نه+پار=پريون ڪنارو، حد، انتها، انت، شمار[ جنهن جو شمار يا ڳاڻاٽو نه هجي، يعني تمام گهڻا، بي شمار.

41-        اگوندرو (هه):- ]اَ= نه+ گوندر= ڏک، غم[ ڏک جهڙو نه هجي، ڳڻتيءَ کان خالي يعني جهجهو، تمام گهڻو.

42-       آڳبوٽ (هه+ انگ):- ]آگ (هه) =باهه+ بوٽ (انگ)Boat =ٻيڙي[ باهه تي هلندڙ ٻيڙي، پاڻيءَ تي هلندڙ ننڍو جهاز.

43-       اڳڪٿي (س):- اڳ=اڳي، اڳ ۾+ڪٿ=ماپ، رٿ، تجويز[ اڳ ۾ رٿ ڪرڻ، اڳ ۾ سوچڻ، اڳواٽ سوچي ٻڌائڻ يعني ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ وارڌات يا واقعي جو اڳ ۾ ئي اطلاع ڏيڻ.

44-       الاتوهار (ع+س):- ]الا (ع) =الله+تو (س) =تنهنجو+آهار (س) = آڌار، آسرو[ الله سائين! تنهنجو آسرو يعني شروعات.

45-       الله تعاليٰ (ع):- ]الله=خدا جو ذاتي اسم يا نالو+تعاليٰ=بلند، برتر[ سڀ شئي کان پاڪ، سڀني صفتن جو مالڪ ۽ برتر ذات يعني پروردگار.

46-       ام الخير (ع):- ]اُم=ماءُ، والده+ال=جي+خير=ڀلائي، چڱائي[ ڀلائيءَ يا چڱائي جي ماءُ. حضرت غوث اعظم دستگير بادشاهه پيران پير سيد عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليہ جن جي والده سڳوريءَ جو لقب، ڇاڪڻ ته هوءَ هڪ نيڪ ۽ خوش اخلاق عورت هئي.

47-       ام الڪتاب (ع):- ]اُم=ماءُ+ال=جي+ڪتاب=مسلمانن جو پاڪ ۽ آسماني ڪتاب فرقان، قرآن مجيد[ مسلمانن جي پاڪ ڪتاب جي ماءُ يعني قرآن مجيد جي ابتدائي سوره، سوره فاتح (سوره الحمدلله).

48-        آمدرفت (ف):- ]آمد-مصدر آمدن= اچڻ+وَ=۽+ رفت-مصدر رفتن=وڃڻ[ اچڻ ۽ وڃڻ يعني اچ وڃ.

49-         آمدني (ف):- ]آمد-مصدر آمدن=اچڻ[ ڪنهن شئي جو اچڻ يعني حاصلات، پهچ.

50-           اَنڀؤ (سن):- ]اَن=نه+ڀؤ=ڊپ، خوف[ ڊپ يا خوف نه هجڻ يعني بي خوف.

51-            اِنحرافي (ع):-]حرف=ڦيرائڻ[ مُنهن ڦيرڻ يعني ناڪار، انڪار.

52-          انصاف (ع):- ]نصف=اڌڪرڻ[ پوري ورهاست، يعني صحيح فيصلو.

53-          انعام (ع):- ]نعم=بخش ڪرڻ، بخشڻ[ بخشيش.

54-           اَنياءُ (هه):- ]آ=نه+نيايه=عدل، انصاف[ بي انصافي ناحق.

55-            اڻبڻت (سن):- ]اَڻ-اَن=نه+بڻت بڻاءُ- بناءُ=ٺاهه جوڙ[ نه ٺهڻ جهڙو يعني ناٺاهه، وڳوڙ، ڦوٽ، جهيڙو.

56-            اڻٿڪ (سن):- ]اُڻ- آن= نه+ٿڪ= ٿڪاوٽ[ نه ٿڪائيندڙ يعني زوردار، پوري، مڪمل، گهڻي.

57-        اڻلڀ (سن):- ]اَڻ-اَن=نه+لڀ-مصدر لڀڻ=لهڻ، حاصل ٿيڻ[ نه لڀندڙ، حاصل نه ٿيندڙ يعني قيمتي، ناياب.

58-       اڻ لکو (سن):- ]اَڻ-اَن=نه+لکا=خبر، پتو[ جنهن جو پتو يا خبر نه پئجي سگهي يعني معمولي تمام گهٽ.

59-         اوگڻ (سن):- ]او= خراب، بڇڙو+ گڻ= ڀلائي، خاصيت سڀاءُ] خراب خاصيتون، بڇڙو سڀاءُ يعني عيب، بُرايون، گناهه، خطائون.

60-           آويزان (ف):- ]آويز-مصدر آويختن=ٽنگڻ، لٽڪائڻ[ ٽنگيل، لٽڪيل.

61-        اهلبيت (ع):- ]اهل=عيال، ڪٽنب، رشتيدار+بيت=گهر[ گهر جو عيال، ڪٽنب، خاص طور حضرت رسول صلي الله عليہ وسلم جن جي گهر ڀاتين ڏانهن منسوب ٿيل يعني سادات.

62-       اهل دل (ع+ف):- ]اهل (ع) =صاحب، مالڪ+دل (ف) =من، قلب، هنياءُ[ هنياءَ يا دل جو مالڪ يعني نيڪ، بزرگ، عارف بالله، وَلِيّ، عالي همت.

63-       اهل نظر (ع):- ]اهل=صاحب، مالڪ+نظر=ڏسڻ، غور ۽ فڪر ڪرڻ[ ڏسڻ وارو، غور ۽ فڪر ڪرڻ وارو يعني الله جو پيارو، ولي، ڪرامت جو صاحب.

64-       ايامڪاري (ع+ف):- ]يوم (ع) =ڏينهن، زمانو، جمع ايام+ڪار (ف) = ڪم، ڌنڌو، هنر، موجودگي[ ڪم وارا ڏينهن، موجودگيءَ وارو زمانو.

65-       ايرينگ (انگ):- اِيئر- =Ear ڪن+ رنگ-=Bing ڇلو[ ڪن ۾ ڇلو، ڪن ۾ پائڻ جو زيور يعني جهمڪيون، وغيره.

66-       ايمانداري (ع+ ف):- ]ايمان (ع) =يقين+ دار-مصدر داشتن= رکڻ[ يقين ڪيل يعني سچائي.

67-       باد صبا (ف+ع):- ]باد (ف) =واءُ، هوا+ صبا (ع) = صبح[ صبح جي هوا يعني صبح جي لڳندڙ ٿڌي هير، جا دل کي وڻندڙ هوندي آهي.

68-       بارگاهه (ف):- ]بار=شان شوڪت، مرتبو+گاهه=جاءِ، هنڌ[ شان شوڪت واري جاءِ، مرتبي وارو هنڌ يعني بادشاهي محلات، ديوان خانو، درٻار.

69-        بارگير (ف):- ]بار= وزن+ گير- مصدر گرفتن= وٺڻ، پڪڙڻ، کڻڻ[ بار يا وزن کڻندڙ جانور يعني اٺ، گهوڙو، گڏهه، وغيره.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: