سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رتيءَ جا رهاڻ

 

صفحو : 8

 

لطيفيات

 

انقلابي شاعر

دنيا جي انقلابي شاعرن پنهنجي شعر ذريعي قومن کي آسمان جي بلندين تائين پهچائڻ جو ڪوشش ڪئي آهي. اسان جو شاهه سائين پنهنجي قوم کي، جنهن سهڻي ۽ صاف لفظن ۾ اتفاق ۽ اتحاد، حوصلي ۽ همت جو سبق ڏيندو رهيو آهي، ان جو مثال فقط دنيا جي عظيم شاعرن ۾ ئي ملي سگهي ٿو.

شاهه عبداللطيف رحه سمورين خوبين سان گڏ هڪ انقلابي شاعر هيو. جيڪڏهن سندس سموري رسالي کي انقلابي نقطه نگاه سان ڏٺو ويندو ته سرن ۽ داستانن ۾ انقلابي نڪتا، هر بيت ۾ نڪري نروار ٿيندا. شاهه سائين، حضرت انسان جي جنهن نموني ۾ دستگيري ۽ رهنمائي ڪئي آهي، ان جا هتي ڪهڙا مثال پيش ڪري، ڪهڙا ڪجن. آئون پڙهندڙن کي شاهه سائين جي فقط هڪ ٻن بيتن جي عظمت جو مختصر مثال پيش ڪريان ٿو.

شاهه سائين، بي همت ۽ بي حوصلي، مايوس ۽ نا اميدن کي پنهنجي بيت جي هڪ سٽ ۾ اهو پيغام ڏنو آهي، جنهن جي مطالعي مان انسان جي همت ۽ حوصلي، ڪوشش ۽ ڪاوش ۾ هڪ وڏي وٿ حاصل ٿي وڃي ٿي. 

فرمائي ٿو ته:

جان تان وهي واٽ، ڪپر پڇن ڪوڙيون.

انهيءَ بيت جو طرف صرف هڪ سٽ ۾ شاهه صاحب نا اميد ۽ بي همت، بزدل ۽ بيڪار انسان کي، همت ۽ حوصلي جي ترغيب ڏني آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي غور ۽ فڪر سان مطالعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته همت ۽ حوصلي جي سمورن رازن ۽ رمزن کان واقف ٿي سگهجي ٿو. شاهه سائين ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:

محتاجي مخلوق جي، قادر نه ڪرائين.

 انهي سٽ ۾ حضرت انسان کي سندس انقلابي حيثيت ۾، اشرف المخلوقات هجڻ جو درس ڏنو آهي. محتاج صرف اهوئي ماڻهو ٿيندو آهي، جيڪو سستي ۽ ڪاهلي جي اوڙاهه جي آويڙ ۾ اڙجي محنت ۽ مشقت جهڙن جوهرن کان پنهنجي جند ڇڏائي بيڪارن وانگر هڪ هنڌ ويهي رهندو آهي. محنت ۽ مشقت نه ڪندڙ لازمي طرح ٻين جو محتاج ٿي پوندو آهي. هٿ، پير هڻڻ هڪ اهڙي سهڻي صفت آهي، جو انسان ڪڏهن به ڪنهن جو محتاج ٿي نٿو سگهي. محتاجي هڪ اهڙي بڇڙي بدعت آهي، جيڪا انسان مان ان جي عظمت ۽ اعليٰ ڪردار کي ختم ڪري ٿي ڇڏي. شاه جي رسالي ۾ اهڙا هزارين بيت آهن، جيڪي صرف انسان ۾ همت ۽ حوصلي سان گڏ انهن ۾ انقلابي جدوجهد پيدا ڪن ٿا. شاهه جي بيتن کي سمجهڻ ۽ سوچڻ لاءِ پهريائين انهن سمورن داستانن، قصن ۽ ڪهاڻين جي تاريخي پس منظر کان واقفيت هجڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته جيستائين ڪنهن به بيت جي مطالعي وقت، ان بيت جو تاريخي پس منظر معلوم نه هوندو، تيستائين انهن بيتن جي معنيٰ ۽ مطلب صاف سمجهڻ ۾ نه ايندو.

* * *

ڀلارو ڀٽ ڌڻي

انسان تي پنهنجي وطن جي جاگرافيائي حدن ۽ سرحدن جو احساس ۽ اثر ايڏو ٿئي ٿو، جيڪڏهن جيئرو جاڳندو مثال ڏسڻو هجي، ته ان جو اندازو قومن جي شاعرن ۽ فڪر وارن جي ڪلام ۽ بيان مان لڳائي سگهجي ٿو، ٻين قصن ۽ ڪهاڻين، حقيقتن ۽ حڪايتن کي پر ڀرو رکي ڀلاري ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سنڌ جو قومي شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف رحه پنهنجي دور جي بين الاقوامي حالتن کان با خبر هو. سندس دور ۾ صرف انقلاب ئي انقلاب هئا. دهليءَ کان وٺي ٺٽي تائين، بادشاهن جي بادشاهيءَ جو زوال جون ڪهاڻيون هيون، گورنرن جي لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو چرچو هو، ۽ ساڳئي وقت عوامي قوتن جي اڀار جا بيشمار مثال سامهون نظر ٿي آيا. انقلابي حالتن کي سامهون رکندي ۽ تاريخ جي ان نازڪ دور ۾ شاهه سائين پنهنجي سنڌ، ۽ ان ماڻهن جي صحيح اڳواڻي ۽ ترجماني ڪندي، کين همت ۽ حوصلي جو سبق ڏنو، ۽ مستقل مزاجي، ارادي جي مضبوطي ۽ وطن جي حب جي هٿيارن سان، پنهنجي وجود جي تحفظ جو سڏ ڏنو. ڀٽائيءَ جي اهڙي تاريخي ڪردار جو مثال ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

شاهه رحه پنهنجي تاريخ جي وهڪرن کي جاچي، خطرن جو احساس ڪري، سڄي عالم کي آباد ڪرڻ جي دعائن سان گڏ پنهنجي ديس لاءِ ”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ جو صاف، سهڻو ۽ سکر نعرو هنيو. اهڙي خطرناڪ وقت ۾ پنهنجي وطن لاءِ دعا سان گڏ، سموري عالم جي ڀلائيءَ جي دعا شاهه رحه جهڙو عظيم انسان ئي ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته خطرن وقت عام طرح رڳو پنهجو گهر ياد رهندو آهي، پر شاهه سائين عام ماڻهو نه هو. هن جو فهم ۽ فڪر آفاقي هو.

سنڌجي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف متعلق، هر سال سندس ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي، سنڌ جي ماڻهن طرفان وڏي ڌام ڌوم ۽ شان، شوڪت سان سندس مقبري تي محفلون ۽ مجلسون، ميل ۽ ملاکڙا ڪيا ويندا آهن، پر جيڪي قومون صرف رسم کي سيني سان لائي، هر سال انهي رواج کي دهرائينديون رهنديون آهن. سي ڪڏهن به اڳتي نه وڌنديون آهن، رسم جي پنجوڙن ۾ ئي پوريون هونديون آهن. هر قوم تي پنهنجي قومي شاعر جي شعرن جو وڏو اثر هوندو آهي، ۽ هو پنهنجي قومي شاعر جي ڪلام ۽ ڪافين، بيتن ۽ بيانن، ڏوهه ۽ ڏوهيڙن وائين کي، پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي ۾ جذب ڪري ڇڏيون آهن. کوجنا ۽ تحقيق جي ذريعي انهن بابت نت نيون ڳالهيون معلوم ڪري، پنهنجي فڪر کي شاهوڪار ڪنديون آهن، پر اسان وٽ بنهه اوندهه آهي. اچو ته اسان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسون ته ايڏي وڏي عرصي ۾ پنهنجي قومي شاعر جي مختلف موضوعن ۽ سندس فڪر جي سدا بهار نڪتن تي، ڪيترا ۽ ڪهڙا تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب شايع ڪري سنڌ جي سڄڻن جي هٿن تائين پهچايا آهن؟ ميلي جي موقعي تي هر سال هڪ اڌ ڪتابڙو ڇپايو وڃي ٿو، پر اهو به علم ۽ فڪر کان وانجهل ۽ شعور کا عاري هوندو آهي. پاڪستان جي ٻين قومي شاعرن بابت باقاعدگي سان علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ڪم ٿيندا رهن ٿا، ۽ هر سال سوين ڪتاب شايع ڪيا وڃن ٿا، مگر اسان آهيون، جو شاهه جو نالو وٺي دنيا کي اهو ته بانور ڪرائيندا رهون ٿا، ته اسان دنيا جي عظيم شاعر جي ديس ۾ رهون ٿا، پر ان لاءِ ڪک کڻي به ٻيڻون نٿا ڪريون. ڇا اهو نسورو ظلم ناهي، ته جنهن لطيف اسان کي، ۽ اسان جي ٻوليءَ کي عظمت جي آسمان تي پهچايو، تنهن محسن انسان کي اسان مٽيءَ جي ڍير ڄاڻي، محض مٿا ٽيڪڻ ۾ پورا آهيون. ڪاش شاه لطيف اسان جي قدرن وٽ نه، پر مغرب ۾ پيدا ٿئي ها! ته هوند اڄ شاه لطيف جي نالي تي اڻ ڳڻيون اڪيڊميون قائم ٿي وڃن ها، ۽ يونيورسٽين ۾ مستقل طور تي خاص شعبو کولي تحقيقي ڪم ڪيو وڃي ها.

ٻيون قومون پنهنجي ڪک جهڙي شاعر کي به لک ڪري پيش ڪن ٿيون، ۽ اسان آهيون جو هن لک جهڙي شاعر کي به ڪک ڪري به پيش نٿا ڪريون.

شاهه لطيف، سنڌ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي، ڇا سندس ڪلام ۾ وحدت جي وائي کان سواءِ انقلاب جا آواز لڪل ڪونهن؟ڇا هن ڪو تعليمي فلسفو ڪونه ڏٺو آهي؟ ڇا هو سياسي سوچ ۽ فڪر کان خالي هو؟ نه، نه، ڪڏهن به نه. حقيقت اها آهي ته لطيف جي گنج ۾ پوري دنيا سميٽجي سرنهن جو داڻو ٿي وڃي ٿي، مگر ان جي ڀيٽ ۾ اسان خالي آهيون سوچ کان، فڪر کان، خلوص کان، محنت کان، ۽ سڀ کان وڌيڪ ايمانداريءَ کان.

سنڌ جو ساڻيهه

شاهه رحه جي بيتن جي معنيٰ، مقصد، مطلب ۽ تشبيهن ۽ تمثيلن جا طور طريقا دنيا جي قومي شاعرن کان بلڪل مختلف آهن. شاه سائين جي هر هڪ بيت ۾ ان دور جي عوام جي ترجمانيءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ جو پس منظر آهي. شاهه سائينءَ جي سامهون سٻاجهڙي ۽ سر سبز سنڌ جو ساڻيهه سامهون هوندو هو، ۽ هميشه ئي پنهنجي بيتن ۾ اها ڪوشش ڪندو رهيو، ته سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ هميشه اجاگر ٿيندي رهي.

ان کان سواءِ سنڌ جي سونهن ڀرين، سيني ۾ سرور ۽ نيڻن ۾ نور پيدا ڪندڙن قدرتي نظارن جو مشتاق ۽ متوالو هوندو هو، ڇو ته فلاسفر ۽ نقطيدان ۽ نڪتي شناس، قومي شاعرن جي سامهون قدرت جي هر هڪ شئي ڪارائتي ۽ ڪم واري هوندي آهي. انهن شين کي پنهنجي سمجهه ۽ سياڻپ، عقل ۽ ادارڪ سان لفظن جو پهراڻ پارائي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪندا آهن.

شاهه سائين، جنهن شئي جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪيو، ان کي وڏي بهادري ۽ بي پاڪيءَ سان پنهنجن بيتن ۾ بيان ڪندو، سنڌ ۽ سنڌ وارن جي دستگيري ۽ رهنمائي سان گڏوگڏ سندن پنهنجي ماحول جي حقيقتن ۽ حڪايتن کان واقف ڪندو رهيو آهي. ملڪي معاملن ۽ معاشرتي مسئلن، روزمره جي اٿلن، پٿلن ۽ ايندڙ انقلابن سان گڏوگڏ عشق ۽ محبت جي قصن ۽ ڪهاڻين، درد ڀرين داستانن کي جنهن رس رچاءُ جي انداز ۾ ادا ڪيو اٿس، تنهن جو مثال دنيا جو ڪوبه شاعر پيش نٿو ڪري سگهي. مجازي محبت جي مهميز کان پوءِ ڀٽائي عليه رحه جي صرف هڪ بيت جي سٽ تي غور ڪبو ته ان ۾ عزت، احترام ۽ مستقل مزاجي۽ ارادي جي مضبوطي، واعدي جي وفائي ۽ توڙ نباهڻ جي قربانيءَ جو جيڪو به قول پيش ڪيو آهي، تنهن قربانيءَ تي دنيا جي قربانين کي قربان ڪجي، تڏهن به ان قربانيءَ جي قيمت ڪَٿي نٿي سگهجي.

دنيا ۾ هزارين قربانيون ڪبيون آهن، ۽ ٿينديون رهنديون آهن، مگر شاهه سائين پنهنجي محبوب کي محبت جي مقدس ۽ پاڪ رشتي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فرمائي ٿو ته:-

”جي نئون نينهن لائين، ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان“

انهيءَ هڪڙي سٽ کي جيڪڏهن غور، فڪر ۽ گهرائيءَ جي نظر سان ڏسبو، ته شاهه صاحب جي اعليٰ فڪر جو احوال معلوم ٿي وڃي ٿو. محبت جي مقدس معاملن ۽ مسئلن ۾ صرف اکين جي بي ادبي ۽ ماڳ مٽائڻ جي پاڻ کي ايڏي سزا ڏيڻ جو مثال دنيا جو ڪوبه شاعرپيش نٿو ڪري سگهي، ۽ انهيءَ درد انگيز ۽ دلسوز سزا تي دنيا جون سموريون سزائون ساهه صدقو ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهنديون.

انهيءَ قسم جا هزارين بيت شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن، شاهه جي رسالي جا مشتاق، متوالا ۽ محقق جيڪڏهن شاهه جي رسالي جي بيتن، سرن کي سهڻي نموني سوچيندا، سمجهندا ۽ صاف معنيٰ ۽ مطلب پيدا ڪري، پڙهندڙن لاءِ پيش ڪندا ته اها سندن پنهنجي ادب جي وڏي خدمت ٿيندي رهندي.

 قومي شاعر

هر قوم تي پنهنجي قومي شاعر جي شعر جو ايترو ۽ ايڏو اثر ٿيندو آهي، جو هو پنهنجي قومي شاعر جي هر هڪ سٽ کي سيني سان سانڍي،ان کي سمجهڻ، سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن.

قومي شاعر پنهنجي قوم کي، شعرن جي ذريعي، اخلاق ۽ انسانيت، همت ۽ حوصلي سان گڏو گڏ نهايت ئي سهڻي، صاف راهه ڏيکاريندا، سندن دستگيري ۽ رهنمائي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪثر ڪانه ڇڏيندا آهن. اسان جي سدا حيات قومي شاعر شاهه سائين جي رسالي جي بيتن جي هڪ هڪ سٽ اسان لاءِ سون کان به سوين درجا سرس آهي.

شاهه عبداللطيف رحه جو رسالو اول کان آخر تائين زندگي جي هر پهلو، پوءِ اها دنوي هجي يا دينوي، معنوي هجي يا لغوي، انهن ۾ اهي مقصد ۽ مطلب جا باريڪ نڪتا نروار ڪيا آهن، جنهن جو اندازو اهل دل ۽ اهل نظر ئي ڪري سگهن ٿا. شاهه جي رسالي ۾ تفسير، اشارن ۽ ڪن نڪتن جي ذريعي، صرف زندگي جو ئي ذڪر ڪيل آهي، جيئن اسان جي امام انقلاب، حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه، ڪلام مجيد کي صرف انقلابي طرح مطالعو ڪري، دنيا ۽ دنيا وارن کي تحريڪ جو درس ڏنو، انهي تحريڪ جو مقصد ۽ مطلب، حضرت انسان جي مڪمل زندگي جي هر پهلو کي صاف ۽ سهڻي نموني ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.

حضرت مولانا پنهنجي فڪر ۽ فهم، دور انديش ۽ دانشمندانه. بصيرت کي، ماضي ۽ حال جي حقيقت کي، سامهون رکي روشن مستقبل لاءِ آواز اٿاريندا رهيا. اهڙي طرح اسان جي شاهه پنهنجي سنڌي قوم لاءِ، سندن مادري زبان ۾ اهي اهي درس ڏنا آهن، جن مان صرف زندگي جي جدوجهد، محنت ۽ مشقت، ايمانداري ۽ ديانتداري، شرافت ۽ شائستگي، نماڻائي ۽ نهٺائي، مظلوم جي مدد ۽ ظلم جو مقابلو، بهادري ۽ بي باڪي، امن ۽ امان، صلح ۽ سانت، اتحاد ۽ اتفاق جا سبق ڏيندو رهيو آهي، جنهن جي مطالعي مان مطالعو ڪندڙ رسالي جي هڪ هڪ لفظ جي آفاقي عظمت جو اندازو لڳائي سگهن ٿا. جيڪڏهن انهن کي غور ۽ فڪر سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته هوند زندگيءَ جا سمورا منجهيل مسئلا، آسانيءَ سان حل ٿي سگهن ٿا.

منهنجي ناقص عقل موجب شاهه تصوف، وحدانيت ۽ همه اوست جي باريڪ نقطن کان سواءِ پنهنجي دور جو وڏو انقلابي شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه سائين پنهنجي ماحول ۽ معاشري، ان وقت جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جي جيڪا به ترجماني ڪئي آهي، ان مان شاه جو سمورو دور سامهون اچيو وڃي ٿو.

شاهه صاحب خاص ڪري ٻن طبقن جو، پنهنجي مختلف سرن ۾ ۽ جدا جدا بيتن ۾ بار بار ذڪر ڪندو رهيو آهي. يعني هڪ طبقو کائو ۽ ٻيو ڪمائو. کائو طبقو هميشه ئي انهيءَ ڪوشش ۾ هوندو آهي ته پيرن فقيرن، مرشدن ۽ متولين، ڪاني ۽ ڪرامتن ۽ منجهيل مذهبي ماڻهن جي معرفت رسم و رواج ۽ غلط روايتن جي فريبي ڦندي ۾ ڪمائو طبقي جي سمجهه ۽ سوچ کي ختم ڪري، سندس زندگي جي بنيادي ضرورتن کان پرڀرو ۽ پاسيرو رکي، پنهنجي لاءِ هنن کان هر هڪ ڪم ورتو وڃي، ۽ ان سان گڏ انهن جي اقتصادي ۽ معاشي حالتن کي تباهه و برباد ڪري، صرف هنن جي ذهن ۾ پنهنجي گماشتن ۽ دلالن جي معرفت اها ڳالهه ويهاري ويندي آهي ته اوهان هر حالت ۾ صبر ڪندا رهو، ۽ مٿئين طبقي جي هميشه ئي خدمت ڪندا رهو، انهن کي خوش رکندا رهو، جنهن ۾ اوهان جو ۽ اوهان جي اولاد جي ڀلائي ۽ بهبودي آهي، ڪمائو طبقي مان جيڪڏهين ڪو ماڻهو ريتن، رسمن ۽ رواجن جي بغاوت ڪرڻ لاءِ پنهنجي صحيح ۽ واجب حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تڏهن اهي کائو طاقتون انهي کي پنهنجي ظلم ذريعي ختم ڪري ڇڏينديون آهن.

شاهه عليہ رحه پنهنجي وقت جي حاڪمن ۽ ان جي پيدا ڪيل درگاهن ۽ درٻارن جي گدي نشينن، جيڪي انسان ذات جي احترام ڪرڻ کانسواءِ هنن جا حق هضم ڪندا رهيا، انهن خلاف پنهنجي بيتن ۾ نهايت ئي عالمانه، عارفانه ۽ مجاهدانه نموني ۾ کائو طبقي جي حرفتن ۽ حرڪتن کان ڪمائو طبقي کي آگاهه ڪندو رهيو آهي.

جيڪڏهن اسان جا مورخ ۽ محقق صحيح معنيٰ ۾ شاه جي رسالي جو مطالعو ڪري، ان جي سمورن سرن کي سندس معيار مطابق عوام جي آڏو پيش ڪندا، ته ان ۾ سندن ئي نانءُ ۽ نيڪي نروار ٿيندي رهندي، ۽ مطالعي ڪندڙ جي معلومات ۾ به ڪافي اضافو ٿيندو رهندو.

ڪپر پڇن ڪوڙيون

هن دنيا ۾ هر هڪ انسان کي پنهنجي زندگي جو ڪونه ڪو ننڍو توڙي وڏو مقصد هوندو آهي. بنا مقصد جي زندگي بيڪار ۽ بيسود هوندي آهي. زندگي ۽ مقصد ٻئي لازم ۽ ملزوم شيون آهن. انساني زندگي جو نيڪ، مبارڪ ۽ بهترين مقصد وطن جي حب ۽ انسان ذات جي خدمت آهي. ڪنهن به زندگيءَ جي چڱي مقصد لاءِ، مستقل مزاجي ۽ ارادي جي مضبوطي جو هجڻ تمام ضروري آهي. دنيا جو هي دستور آهي ته، هر چڱي ڪم ڪندڙ جي راه ۾ ڪيئي رڪاوٽون ۽ روڙا اٽڪندا رهندا آهن. وقتي شڪستون ۽ مايوسيون مانجهي مڙسن کي ڪڏهن نه منجهائينديون آهن، ڇو ته زندگي جي مبارڪ مقصد ۾ هميشه جدوجهد ۽ ڪوشش جاري ۽ ساري رهندي ايندي آهي.

دنيا جي شعر و شاعري ۽ بين الاقوامي حيثيت رکندڙ شاعرن جي آفاتي نظمن تي جيڪڏهن نظر ڪجي ٿي، ته هر هڪ اکر پنهنجي مٿي وڏي معنيٰ ۽ مطلب سان ڀريو پيو آهي.

مگر اسان جي سنڌڙيءَ جي سدا حيات شاعر جو اندازو فڪر ۽ بيان جي سادگي، عام فهمي، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان ۾ وسندڙن جو جنهن انداز سان بيان ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿي رهيو آهي ته دنيا جو ڪوبه شاعر ان آفاقي منزل تائين پهچي نه سگهيو آهي. شاهه لطيف پنهنجي دور جي اقتصادي، معاشي ۽ سماجي حالتن سان گڏوگڏ ان وقت جي بين الاقوامي حالتن کان پڻ پوري طرح واقف هو. شاهه صاحب سمورين حالتن کي سامهون رکي، ان جو تاريخي پس منظر ۽ پيش منظر کي معلوم ڪندي پنهنجي وطن ۽ ان جي رهاڪن کي پنهنجي شعر ۾ جيڪا به صحيح، صاف، سهڻي، سلوڻي ۽ سٺي، دلنشين ۽ دلڪش ترجماني ڪئي آهي، ان کان هر هڪ پڙهندڙ بخوبي باخبر آهي.

اسان جي عالمن ، ۽ اديبن شاه لطيف تي جيڪي به محققانه مقالا ۽ مختلف ڪتاب لکيا آهن، انهن پنهنجي معلومات مطابق وڏو علمي ۽ ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي، ڪندا رهن ٿا.

هيءَ سموري ڪائنات، جيڪا هڪ کليل ڪتاب وانگر پڌري پٽ جيان ظاهر ظهور آهي، ان جو ذرو ذرو وڏي معنيٰ ۽ مطلب رکي ٿو، جڏهن به آفاقي ۽ الهامي شاعر جيڪي به قدرت جي ڪتاب ۾ ڏسن ۽ پسن ٿا، سي پنهنجي پصيرت، دورانديشي، دانشمندي کان ڪم وٺندي وطن جي ماڻهن جي مزاج مطابق آهي اُهي راز ۽ رمزون ظاهر ڪندا رهندا آهن، جن جي مطالعي مان سندن عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

شاهه عبداللطيف وٽ هميشه ئي ڪلام مجيد ۽ مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي، ۽ پنهنجي ڏاڏي شاه عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلامن وارو ڪتاب ساڻ هوندا هئا. جيئن مولانا رومي پنهنجي مثنوي کي فارسي زبان ۾ قرآن ڪوٺيو آهي:

مثنوي و مولوي و معنوي، هست قرآن در زبان پهلوي.

تيئن اسان جي سدا حيات شاعر سنڌ جي سٻاجهڙي ۽ سنئين سڌي قوم لاءِ پنهنجي رسالي جي معرفت قرآن کي پيش ڪيو آهي، جيئن پاڻ فرمائين ٿا:

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

هونئن به حضرت شاه سائين کي مثنوي سان انهي ڪري به محبت هئي، جو مولانا رومي، اٺ سئو ورهيه اڳ پنهنجي مثنوي ۾ سنڌ جو نالو ورتو آهي. مولانا رومي فرمائي ٿو ته:-

سنديان را اصطلاح سنڌ مدح، هنديان را اصطلاح، هند مدح.

شاهه صاحب هن ڪائنات ۾ جيڪي ڏٺو ۽ پسيو آهي ۽ پنهنجي لطيفي انداز ۾ عام ماڻهن جي سمجهه مطابق سموريون ڳالهيون صاف ۽ سهڻي نموني ۾ پيش ڪندو ويو آهي. شاهه صاحب جيڪي به تصوف، وحدت الوجود، همه اوست، ڪائنات جي رازن ۽ رمزن جا باريڪ نڪتا ظاهر ڪندو ويو آهي، سو اهڃاڻن ۽ علامتن جو هڪ وڏو اڻ کٽ خزانو آهي، ۽ ان کي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي پس منظر ۾ ڏسڻ، پڙهڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي.

آئون هتي صرف شاهه صاحب جو هڪ بيت پيش ڪريان ٿو، جنهن ۾ شاهه صاحب جيڪي علامتون ۽ اهڃاڻ ڏنا آهن، تن تي غور ڪري، سندس بصيرت کي تحسين پيش ڪريون:-

جان تان وهي واٽ، ڪپر پڇن ڪوڙيون،

جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ،

جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀانئن وکڙي!

* * *

عظيم ڪردار

حب الوطني ۽ ملڪي سالميت لاءِ فڪر مندي جي جذبي جي آڌار تي قومن جي رهبرن جي عظيم ڪردار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org