سيڪشن؛ادب

ڪتاب: رتيءَ جي رهاڻ

 

صفحو :4  

سماجي

 

آبڪلاڻيءَ جي آمد جا آثار

 

هر کاتي ۾ کائڻ، پيئڻ ۽ رشوت رسائيءَ، وارن اهڙا اهڙا طور ۽ طريقا پيدا ڪندي، اُهي رستا ۽ راهون کولي ڇڏيون آهن، جن جي مام جو اڄ ڏينهن تائين، پار پتو پئجي نه سگهيو آهي. رشوت ۽ رسائيءَ جو جڏهن به ذڪر ٿيندو آهي، تڏهن محب وطن ماڻهو هٿ مهٽيندو رهجي ويندو آهي، اُهي رشوتي ۽ رساڪار نه رڳو، پنهنجي ضمير کي لوئين ٿا، پر سموري معاشري کي به گند سان آلودو ڪري ڇڏين ٿا.

ٻين کاتن جي افعالن ۽ اعمالن کي ڇڏي، صرف  P.W.D يعني  Plunder Withoutt Danger, جو ذڪر ٿا ڪريون، جيڪو ملڪ ۾ ايترو بدنام آهي، جو شايد ئي ڪو کاتو هن سان برميچي سگهي.

سنڌ ۾ مختلف کاتا آهن، مگر انهن سمورن کاتن جو سرتاج پي، ڊبليو، ڊي کاتو آهي، جنهن جو گهڻو واسطو ملڪ جي، بنيادي ضرورتن سان آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهي کاتي ۾ خوش نصيبي سان ڪي، اهڙا ايمانداري ۽ ديانتدار، آفيسر ۽ عملدار اچي ويندا آهن، جن جي طفيل ڪجهه نه ڪجهه ملڪ، جي ڪمن ڪارين جي تعمير مضبوطيءَ سان، ٿيڻ جي اميد پيدا ٿي پوندي آهي. گهڻو ڪري ڪامورو ڪرڙو، اهڙو اچي ڪٺو ٿيندو آهي، جيڪڏهن، انهن کان سندن ابي ڏاڏي جو ڪم ڪرائبو ته اتان به نه مڙندا!

انهيءَ کاتي جي، سائين جي سنواريل ڪامورن، جي قصن، ۽ ڪهاڻين، معتبر راوين ۽ روايتن، جي ڳالهين جو هتي ذڪر ڪبو ته ڪيترن، دليرن جون دليون دهلجي وينديون. اهو ٽيڪنيڪل کاتو آهي، ان ڪري ان جو فائدو وٺي، ڪامورا، هر سنئين سڌي، ڪم ۾ به ڪيئي، رڪاوٽون ۽ روڙا اٽڪائي ڇڏيندا آهن. آبڪلانيءَ جي آمد جي آثارن ۽ اوساڻن ڪري کاتي جي آفيسرن ۽ عملدارن، ٺيڪيدارن ۽ پيٽي ٺيڪيدارن، جي گهرن ۾ گيهه جي ڏيئن ٻرڻ جا، موقعا ۽ مهلون، خوشيون ۽ شادمانيون، شروع ٿي وينديون آهن.

اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي، ته ڪو ٻڏي يا تري، مري يا ڳري ان سان، هنن همراهن جو ڪوبه وجهه، واسطو ڪونه هوندو آهي. هنن کي گهرجي ڌن ۽ دولت. اسان ڪنهن امير ملڪ ۾ نٿا رهون، ملڪ جو اسي سيڪڙو عوام، اڄ به اَٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ واجهه وجهيون ويٺو آهي. هو پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ هرسال جي ميڙي چونڊي هن کاتي جي کائيندڙن اڳيان کولي ڇڏيندو آهي، ۽ کائيندڙ خبرداري ۽ خيال سان ٻيئي مٿا کائي ويندا آهن،

جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌو هر سال هن کاتي لاءِ ڌن. ۽ دولت جو، ۽ غريب عوام لاءِ سورن ۽ سختين جو سيلاپ آڻي ٿو، ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. کاتي جا صاحب سڄو ئي سال مينهاڻي ريجاڻي ڪندا رهندا آهن، مگر آبڪلاڻيءَ جي آمد جا آثار اهڃاڻ سندس چهرن ۾ عجيب ۽ انوکي رونق آڻي ڇڏيندا آهن. هوڏي دادلو درياه پيو ڇوليون هڻندو، ته هتي هنن جا کيسا پيا ڪنڌيون ۽ ڪپر اورانگهيندا. سچ پڇو ته آبڪلاڻي جي مند اچي، ته هنن جي ٻيگهي مچي وڃي ۽ هر هڪ همراهه هنڀوشي هڻيندو، هوشياري سان حصي رسي جي حساب ڪتاب، ۾ لڳي ويندو، هي ڪٿي جو اتفاق آهي ته جنهن جو ٽڪر کائجي، تنهن جا تختا ڪڍجن؟ افسوس!

* * *

 خوبيون

ڪنهن به معصوم جي معصوميت تي مسخري نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته معصوميت جو، ڪوبه مذهب نه هوندو آهي.

اجاين سجاين، بيڪار ۽ بيسود بحثن، ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي.

اتحاد ۽ اتفاق سان ئي دنيا جي، هر مشڪل ڪم تي ڪاميابي ۽ فتحيابي، حاصل ڪري سگهجي ٿي.

نياز نوڙت ۽ نهٺائي، معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ، اهي خاص انسانن جون خوبيون ۽ خصلتون هونديون آهن.

ڪنهن به ڪم ڪار ۽ ڪرت لاءِ ٿورو گهڻو تجربو ۽ آزمودو هجڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته تجربي ۽ آزمودي جي ڪري، انسان ۾ سوچ ۽ سمجهه، سياڻپ ۽ سڃاڻپ ايندي رهندي آهي. انهيءَ بنياد تي زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪبي، ته ضرور ڪو نه ڪو نيڪ ۽ مبارڪ نتيجو نڪري نروار ٿيندو رهندو آهي.

 

انٽرويو

”انٽرويو“ لفظ انگريزيءَ جو آهي. انگريزي زبان جي فصاحت ۽ بلاغت ۽ ان جي معنيٰ، مطلبن، متعلق جيڪڏهن لکڻ تي ويهبو ته ڪافي ڪجهه لکي سگهجي ٿو.

انهي خاص لفظ يعني ”انٽرويو“ جي معنيٰ آهي، نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ملاقات، پوءِ ملاقات ڪامياب ٿئي يا ناڪامياب، قبول پئي يا ناقبول، اهي ٻئي ڳالهيون انٽرويو ڏيندڙ جي قسمت تي ۽ انٽرويو وٺندڙجي ذهن ۽ ضمير تي دارو مدار رکن ٿيون. ڪڏهين ڪڏهين اخبارن ۾ چڱين آسامين ۽ نوڪرين لاءِ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري، اشتهار ايندا رهندا آهن. ان ۾ اميدوار جي تعليمي ڊگرين، قد، عمر، سالم صحت ۽ ٻيا ڪيترا سوال هوندا آهن، مگر ڪڏهن به ۽ ڪنهن به اشتهار ۾ انٽرويو وٺندڙن صاحبن، جي صلاحيتن ۽ انهن جي تعليمي ڊگرين جو ڪوبه ذڪر نه هوندو آهي. خير اهي خاص نڪتا هوندا آهن. گهڻو ڪري اڳ ۾ ئي پنهنجن خاص اميدوارن جون ڊگريون، ۽ تجربا معلوم ڪري، نوڪرين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويندا آهن، ۽ درخواست ڪندڙ اميدوار، نهايت ئي خوش ٿي انٽرويو لاءِ تياري ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن، مگر پتو تڏهن پوندو آهي، جڏهن اهي آساميون ڀريون وينديون آهن. معلوم نه آهي ته اسان جي نوجوان تعليم يافته طبقي کي اهي حڪومت جا ڳٺل پيٺل پرزا، ڇو آسرن ۽ اميدن ۾ رکي، غريبن جا خرچ پکا ڪرائي، ۽ ڀاڙا ڀتا ڀرائي، انهن کي نا اميد ڪندا رهندا آهن. هونئن به جنهن ملڪ ۽ معاشري ۾ سياست، سفارش ۽  رشوت جا ريلا وهندا رهندا، اتي تعليمي ڊگريون، قابليت ۽ لياقت جو قدر ۽ قيمت ڪوڏين، اتي جي برابر وڃي بيهندي آهي. انٽرويو وٺندڙ ادارن جي، ميمبر صاحبن جي وسيع معلومات متعلق، هتي ڪهڙو ويهي ذڪر ڪجي. انٽرويو وٺندڙ مختلف ادارن جي ميمبرن ۽ اميدوارن جو، سلسلو ڪافي زماني کان هلندو هيو، هلندو رهي ٿو ۽ هلندو رهندو، ڪن کي بورڊ جي، ميمبر صاحبن طرفان، خاص اميدوارن جي گهرن تي بنا انٽرويو وٺڻ جي، نوڪري جا آرڊر موڪليا ويندا آهن، ته ڪن ويچارن کي ڪراچيءَ ۾ گهرائي آسري ۾ رکي، جواب ڏنو ويندو آهي. اهي نوڪريون ڪيئن ملنديون آهن، ڪيئن ڏنيون وينديون آهن، ڪهڙي طريقي سان انهن جا طور طريقا پيدا ڪيا ويندا آهن، اهو وڏو هڪ دل ڏکوئيندڙ داستان آهي. ڪيترن اميدوارن کان اهو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته انٽرويو وٺندڙ، ميمبر صاحبن طرفان اميدوارن کان اهڙا اهڙا عجيب و غريب، بي مقصد ۽ بي مطلب، ڦسا ۽ ڦڪا سوال پڇيا ويندا آهن، جن جي خود ميمبر صاحب کي به ڪل ڪانه هوندي آهي.

بهر صورت سفارش، سياست ۽ رشوت هڪ اهڙو موذي مرض آهي، جيڪو مسڪينن ۽ مستحقن، جا حق ماريندو، حڪومت جي مشنري جي پرزن کي ڪارنهن واري ڪٽ، سان ڪٽيندو، معاشري ۾ بيدلي ۽ بي اعتمادي پيدا ڪندو رهندو آهي.

هر حڪومت ۽ ان جا سربراهه بار بار مسڪين ۽ مستحقن جي جائز، ۽ واجب حقن جي حفاظت ڪرڻ، جو اعلان ڪندا رهندا آهن، مگر افسوس جو سرڪاري آفيسر ۽ عملدار، جيڪي لالچ ۽ لوڀ جي اوڙاهه جي آويڙ ۾ ايترا اڙجي پيا آهن، جو هنن کان ملڪ ۽ قوم، حقدارن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ، جو معاملو ئي وسري ويو آهي جنهن ڪري اعليٰ تعليم يافته، ننڍي ۾ ننڍي نوڪري به حاصل ڪري نٿا سگهن، ۽ بنا ڊگرين وارا وڏيون وڏيون نوڪريون وٺندا رهن ٿا. ڇو ته هنن وٽ، انڌين منڊين ڊگرين کان سواءِ، سفارش ۽ سياست ۽ فلوس جو ڦيرو، ۽ انٽرويو وٺندڙ بورڊ جي ميمبر صاحبن جون در پرده مهربانيون، شامل هونديون آهن، تڏهن افسوس ۽ ارمان سان گڏ ڊپ به ٿيندو آهي، ته جيڪڏهن اها حالت رهي ته پوءِ اسان جي معاشري جي مستقبل جو خدا حافظ آهي!

* * *

 عارضي عهدا

دور انديش ۽ دانشمند هميشه انهن عارضي عهدن، کان بلند ۽ بالا ٿي ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ، جي سونهري صفت کي هينئين سان هنڊائي اڳتي وڌندا رهندا آهن، ۽ پنهنجي لاءِ نيڪ نامي ڇڏي ويندا آهن. پر ڪن همبوشي هڻندڙ همراهن کي جڏهن ڪي اهم عهد اچانڪ ۽ اوچتو ملي ويندا آهن، تڏهين هو پنهنجي اصليت، لڳ لاڳاپن ۽ تعلقاتن کي ترڪ ڪري ترڪتالن جي تڪڙن وهڪرن ۾ وهڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. جنهن ڪري هو هميشه بيڪار ۽ بدنام ٿي ويندا آهن. 

 

انسان ۽ طوطو

حضرت انسان جي اندروني، توڙي ظاهري، ڪنهن به ادا جو اندازو، لڳائڻ نه صرف مشڪل آهي، پر ناممڪن. سڀڪنهن جاندار جي ڦرڻ گهرڻ جا وقت، موقعا مهلون، موسمون ۽ منديون مقرر ٿيل هونديون آهن. مگر حضرت انسان ئي آهي، جنهن جي سڌرڻ ۽ کرڻ، خراب ۽ خوار ٿيڻ جو ڪوبه مقرر ٿيل وقت نه هوندو آهي. انهيءَ فطرت ۽ فلاسافيءَ تي، اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ماهر ان منزل تائين پهچي نه سگهيو آهي، ته ائين ڇو آهي، ڇا لاءِ آهي، ڇا جي ڪري آهي، ۽ ڇو ٿي رهيو آهي.

انسان جي زندگيءَ ۾، اڻ ٿيڻا اهڙا ۽ ايترا، واقع ٿيندا رهن ٿا، جن جو ذڪر ڪهڙو ڪري، ڪهڙو ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن ته حضرت انسان پنهنجي، صفتن جي ساراهه ۾ فرشتن کان به گوءِ کڻي ويندو آهي. ڪڏهين وري سندس ڪڌن ڪرتوتن، ۽ سياه ڪارنامن ڪري، شيطان کي به شرم اچي ويندو آهي.

جنهن قوم جا فرد پنهنجي، مستقبل ۽ قسمت جي باري ۾ طوطي جي رهنمائيءَ ۽ رهبريءَ جا محتاج هجن، ان قوم جي ماڻهن لاءِ، ڪهڙو رايو قائم ڪري سگهجي ٿو. وڏن شهرن جي مختلف چونڪن ۽ چوراهن، راهن، رستن ۽ فٽ پاٿن تي ڪيئي اهڙا طوطن جا پاليندڙ، پيدا گير پلٿيون ماري ويٺا هوندا آهن، جن وٽ پنهنجا پاليل طوطا هوندا آهن، ۽ پنهنجي سامهون ويهه، پنجويهه لفافا، جن ۾ ڪي پنهنجي هٿ جا لکيل ڪاغذ پيل هوندا آهن، ۽ انهن ڪاغذن جي مضمون، گهڻو ڪري هڪجهڙو ئي هوندو آهي. طوطي جو مالڪ، طوطي کي تڏهن ڀتي کارائيندو آهي، جڏهن ڪو مت جو موڙهو، قسمت ڪڍائڻ لاءِ انهن وٽ اچي حاضر ٿيندو آهي. هڪ ٻن روپين ڏين کانپوءِ طوطي جو مالڪ ڳوٿري مان داڻو ڪڍي، طوطي جي چهنب ۾ ڏيندو آهي، ۽ طوطو ڌاڻي کي کائيندو، هڪ ٻه دفعا ٽيون ٽيون ڪندو، سامهون پيل لفافن تي ٻه ٽي چڪر هڻي، مختلف لفافن کي چهنب ۾ هيٺ مٿي ڪندو اڳتي ۽ پوئتي ٿيندو رهندو آهي. قسمت ڪڍائڻ وارو وڏي شش پنج ۾ هوندو آهي ته طوطو ڪهڙي لفافي کي چنهب ۾ آڻي منهنجي اڳيان رکي ٿو.

هڪ انسان، ٻئي انسان جي سامهون ويهي، طوطي کان پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرائڻ جي فڪر ۾ هوندو آهي افسوس. جڏهن ٻن انسانن جي وچ۾ طوطو پنهنجي سيکاريل ڪم ۽ ڪرت ۾ مصروف هوندو آهي، تڏهين اهي ٻئي انسان طوطي جي چستي ۽ چالاڪي کي ڏسڻ ۾ محو هوندا آهن، اهو نظارو به ڇا هوندو.

هن سائنس ۽ ٽيڪلائجي دور ۾ حضرت انسان پنهنجي شعور ۽ عقل ادارڪ سان آسمان جا سير ڪندو رهي ٿو، ته ڪٿي وري ڪيترا انسان پنهنجي قسمت ۽ مستقبل جو رهنما ۽ رهبر طوطي کي تصور ڪرڻ ۾ هوندا آهن، پڙهندڙ پاڻ ويهي فيصلو ڪن ته ان قوم جي فردن ۾ ڪهڙي چڱائي ۽ ڀلائي جي اميد رکي سگهجي ٿي.

 

بي انتها بي انصافي

دنيا ۾ بي انصافين جا گهڻائي قصا ۽ ڪهاڻيون، پڙهندڙن پڙهيا ۽ ٻڌا هوندا. مگر ڪي ڪي بي انصافيون، صرف پنهنجي وڏ ماڻهپي ۽ڪوڙي، وقار کي قائم ڪرڻ ۽ عام ماڻهن تي اثر رسوخ، رعب تاب ويهارڻ لاءِ به ڪيون وينديون آهن.

اسان جي سنڌ ۾ ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو پنهنجي گهران ماني ٽڪر کائي، بنان ڪنهن ڪم ڪار جي، هل هلان ۾ هوندا آهن. انهن ويچارن جو به ڪو ڏوهه ڪونه آهي، ڇو ته بنان محنت ۽ مشقت جي ربيع ۽ خريف هڪ ٻئي جي پوئتان ايندا رهن ٿا. ججهي آمدنيءَ سبب، سستي ۽ ڪاهليءَ جي ڪري سندن عقل موڪلائي ويندو آهي.  جتي عقل گهٽ ۽ آمدني گهڻي هجي، اُتي انهن همراهن جون ويهي هنبوشيون ڏسو. هوسڄو ڏينهن ڇا ڪن، سواءِ انهيءَ جي جو ماني کائي، اڇا ڪپڙا پائي، موٽرن جيپن تي چڙهي وتن بنا ڪنهن ڪم ڪار جي، آفيسرن ۽ عملدارن وٽ سلام ڪندا. جيڪڏهن اهو ڪامورو پڇندن ”ابا ڪو ڪمڪار؟‘ ته هڪدم چوندا ”سرڪار جي سر بخت جو خير، صرف سلام ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيا آهيون“! ان کانسواءِ هو انهن کي ان ڀان سوکڙيون پاکڙيون، موسم آهر ميون ۽ انبن جي ٽوڪرن ڏيڻ جي به ٽهل ٽڪور ڪندا رهندا آهن، ۽ شيل شڪار جون، دعوتون به ڏيندا رهندا آهن. انهن سمورين بدعتن ۽ بڇڙاين ڪري، هو پاڻ کي وڏا عقلمند سمجهندي. پنهنجي دلين کي آٿتون ڏيندا رهندا آهن، ته فلاڻي سان منهنجي نيازمندي آهي، فلاڻي سان منهنجي دوستي آهي. ائين هرو ڀرو ناهي، ته سمورا ڪي هلندي پڄنديءَ وارا ۽ کائيندڙ پئيندڙ، سکيا ستابا ۽ سرندي وارا، هڪ جهڙا آهن، مگر ڪيترا همراهه ائين آهن، جيئن ”ڪڪڙ ڪورين جو نانءُ وڏيري جو“.

اهڙي قسم جا ماڻهو، جڏهن به اقتدار ۽ عهدي وارن، کي دعوتن دڙين ۽ شادين مرادين جي محفلن ۽ مجلسن ۽ گهرائيندا آهن، تڏهن انهن محفلن ۽ مجلسن ۾ هي ڏسي نهايت ئي افسوس ۽ ارمان ٿيندو آهي، ته اهي ميزبان پنهنجي مسڪين مٽن مائٽن جي گهٽ سار سنڀال لهندي انهن کي آسيرو پاسيرو ڪري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي ويهاريندا آهن، مگر اقتدار ۽ عهدي وارن عاليشان صوفا، گلم، غاليچا ۽ ٻيو سڀڪجهه ميسر ۽ موجود هوندو آهي. انهن عقل جي انڌن کي ڪل نه آهي ته اهي مسڪين، اڇن پٽڪن ۽ اجرڪن وارا، جيڪي آڌي مانجهيءَ سڏ صلح تي سر ڏيڻ وارا، ۽ شادين غمين، مهلن ۽ موقعن تي مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪرڻ وارا آهن، تن کي هميشه اهڙن موقعن تي دور رکيو ويندو آهي. افسوس.

دنيا جو دستور آهي نه خاص ڪري شادين مرادين جي موقعن تي پنهنجا عزيز ۽ قريب ئي ويجها ويهاربا آهن، عهدا ۽ اقتدار پيا ايندا ويندا آهن، انهن ٻنهي شين دنيا ۾ ڪنهن سان به وفاداري نه ڪئي آهي، ۽ نه وري پڇاڙي تائين نڀايو آهي. اهي اقتداري ۽ عهدا به عجيب شيون آهن، جن جي نازڪ ۽ دلڪش ادائن جي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به ڪل پئجي نه سگهي آهي. ساڳيا ئي اهي ماڻهو جيڪڏهن اقتدار ۽ عهدن کان پاسيرا ٿي وڃن ته انهن جي پاٺ ۽ پوڄا ڪندڙ همراهه، بوڇڻ ڇنڊي ڀڄي وڃي، ٻئي ڪنهن بتخاني جي، صنم جي ساراهه جون سرڪيون ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

انهن موقعن ۽ مهلن تي ٻيا به ڪيترا ئي معزز مهمان ڪانڍ تي اچي ڪٺا ٿيندا آهن، مگر ميزبان جو سمورو توجه اقتدار ۽ عهدي وارن ڏانهن هوندو آهي. الله تعاليٰ جنهن کي عزت ڏي، ان ضرور عزت ڪجي، هونئن به آدميت جو احترام اسان لاءِ اولين فرض آهي، پوءِ هر ڪير به هجي. باقي صرف ڪرسيءَ جي پوڄا ڪرڻ ۽ پنهنجن کي پاسيرو ڪري ويهارڻ، بي انتها بي انصافي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟

* * *

نوجوان

ياد رکڻ گهرجي ته هي وقت ملڪ جي نوجوان طبقي جو آهي، ۽ هر هڪ ملڪ جي تعمير، ترقي ۽ مسقتبل جو دارو مدا گهڻو ڪري نوجوانن تي ئي هوندو آهي، جن کي اڳتي هلي، قومي ذميدارين کي سنڀالڻو آهي، ۽ پيش ايندڙ هر معاملن کي منهن ڏيڻو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي، جو هرڪا قوم پنهنجون اميدون نوجوان سان وابسته رکندي آهي.

 

پانڌي پوري نه پوڻ

اسان جي معاشري ۾ جيڪي به بديون ۽ بڇڙايون، بيشمار پيدا ڪيون ويون آهن، يا پيدا ڪيون وڃن ٿيون، يا پيدا ٿينديون رهن ٿيون، انهن جي بنيادي سببن ڏانهن، اڄ ڏينهن تائين ڪهڙن اصلاحي ادارن ۽ تبليغي ڪم ڪندڙن ڪوشش ڪئي آهي. اسان ڏٺو آهي ته شروعات کان وٺي هر هڪ مبلغ، مصلح ۽ تبليغ ڪندڙ پنهنجي سمجهه، سوچ، لياقت ۽ طاقت، مطابق نيڪين جي نصيحت ڪندو، مٺڙا ٻول ٻوليندو هليو ويندو آهي.

انهن جي گفتار، رفتار ۽ عمل ۾ زمين آسمان جو تفاوت هوندو آهي، جنهن ڪري سندن نيڪيون ۽ نصيحتون اثر ڪرڻ کان، هميشه آري رهجي وينديون آهن، جيئن جيئن عمل ڪرڻ تي عوام کي آماده ڪيو وڃي ٿو، تيئن تيئن عوام عمل ڪرڻ کان ڪوهين ڪوهه، وڃي ٿو پري ڀڄندو، ائين ڇو آهي، ڇالاءِ آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي. جيستائين پيدا ٿيندڙ حالتن ۽ ماڻهن جي مزاج مطابق، انهن جي سمجهه سوچ ۽ ڄاڻ موجب، سندن مادري زبان ۾ صحيح ترجماني نه ڪئي ويندي، تيستائين هو ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن.

اقتصادي ۽ معاشي منجهائيندڙ ماحول ۽ انسان لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو، هن جي روزگار ۽ پيٽ پالڻ جو هوندو آهي. جيستائين سندس بنيادي، يعني پيٽ جو مسئلو حل نه ڪبو، تيستائين سمورا، هربا هارجي ويرجي ويندا آهن، پهريائين ڪنهن به معاشري جي خرابت کي ختم ڪرڻ لاءِ ان معاشري ۾ رهندڙن کي ذهني، طرح سڀ ڪنهن ڀلائي ۽ بهبودي، نيڪي ۽ نصيحت لاءِ تيار ڪيو وڃي ۽ براين، بڇڙائين جي نتيجن، کان به آگاهه ڪيو وڃي، ان بعد کين عمل ڪرڻ جي سکيا جا سبق سيکاريا وڃن.

معلوم نه آهي ته اڄ ڏينهن تائين، اسان پنهنجي بگڙندڙ سوسائٽي جي بنيادي، سببن ڏانهن ڇو نه ڌيان ڌريو آهي. هينئر به هن معاشري ۾ مصنوعي زندگي، جي معيار کي، بلند بالا ڪرڻ لاءِ انسان ڪهڙا ڪهڙا ڪم، ۽ ڪرتوت ڪندو رهي ٿو. انهيءَ رات ڏينهن جي ڪشمڪش، هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان ۽ پٽ کوهه هوندي به سندس پاندي پوري ڪانه آهي ۽ هميشه ئي اڻ هوند جي، حال احوال کان پيو واقف ڪندو رهندو. ڇو ته صبر ۽ شڪر جي سبق کان ڪورو ٿي چڪو آهي، ۽ ان سان گڏ ڪفايت ۽ قناعت ۽ سادگيءَ جي، صفائي کان سکڻو ۽ صاف ٿيل آهي، اسان ڏٺو آهي ته جن وٽ جهجهي ڌن ۽ دولت ميڙيل مال، محل ۽ ماڙيون، باغ ۽ بنگلا، ملڪتيون ۽ املاڪون آهن، تن کي به تن ۾ تراوت ۽ من ۾ ماٺ نه آهي، جنهن ڪري هو سچي سڪون ۽ اطيمنان آڻيندڙ آرام، لاءِ واجهائيندا رهندا آهن. ان جا بنيادي سبب ته سوين آهن هتي ڪهڙي لکي ڪهڙا لکجن. جن ماڻهن جي زندگي جو مول متو ۽ مقصد، صرف دولت حاصل ڪري، گڏ ڪرڻي آهي ته انهن جي اڳيان اخلاق، انسانيت، مروت ۽ معاف ڪرڻ جهڙا عظيم جذبا، هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا آهن، ۽ هو هميشه ائين سمجهندا آهن ته هر ڇوٽڪاري ۽ نجات جو، آسان طريقو فلوس ئي هوندو آهي. ”پئسو ڏنو ٻرو ڇنو“ پئسي ڏني، ٻري ڇني واري، اصول تي انهن جو، هر ڪاروبار ۽ وڻج واپار هلندو رهندو آهي.

اهڙي قسم جا ماڻهو پنهنجي سمجهه، سوچ مطابق دولت جا ڪئي سومناٿ  ٺاهيندا، ۽ ان ۾ ڏوڪڙن جا بت بيهاري، پاٺ پوڄا ڪرڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪندا رهندا آهن. انهن جي گڏ ڪيل ناجائز دولت، ۾ لکين انسانن جا حق غصب ٿيل هوندا آهن، ۽ ٿيندا رهندا آهن. ملڪي سڌاري، واڌاري ۽ انسان ذات جي ڀلائي بهبودي، ۽ علم و ادب جي جيڪڏهن، اتفاق سان سندن محفل يا مجلس ۾ اوچتو ۽ اچانڪ ڪا ڳالهه، نڪري ويندي، ته هو بڇڙو منهن ڪري، هڪدم ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڇو ته اسان جي معاشري کي، اها سکيا سيکاري ويئي آهي، ته طاقت وارن جي اڳيان ۽ پئسي وارن جي پوئتان، هلڻ گهرجي. جنهن ڪري زوراور ۽ زردار، پنهنجي مقصد ۽ مطلب ۽ ظاهري طرح ڪامياب ٿيندا رهن ٿا. ۽ وڏي ٺٺ ٺانگر ۽ طمطراق جي زندگي بسر ڪندا رهندا آهن، جڏهين انهن جي ويجهو وڃبو آهي، تڏهن هنن جي ظاهري ۽ اندروني معاملن جي پوري پوري پروڙ پئجي ويندي آهي، ته هو انسانيت جي روپ ۾ ڪهڙا ڪهرا ڪرتوت، ۽ ڪارناما ڪندا رهن ٿا، انهن جي بڇڙائن ۽ بدين جي، مٿان دولت جو پڙدو پيل هوندو آهي. مگر سندن اندر جو احوال ئي، اور هوندو آهي. هو ڪمزورن ۽ ڪانئرن کي، پنهنجي در جو دربان، گولو ۽ غلام بڻائي ڇڏيندا آهن. جنهن جي معنيٰ هي ٿي ته هڪ طبقو ٻئي طبقي جي زندگي جي هر هڪ بنيادي حق تي ڌاڙا هڻندو، من جو مرادون پوريون ڪندو موجون ماڻيندو رهي ٿو. ۽ ٻيو طبقو نااميدي ۽ نراسائي، جي اوڙاهه جي اوپڙ ۾ اڙيو پيو آهي. ان طبقي جي هر هڪ شئي، ظاهر ظهور ۽ پڌري پٽ هوندي آهي، جڏهين ۽ جتي به طبقي ڪشمڪش شروع ٿي ويندي آهي، اتي هڪ ٽين طاقت جو پيدا ٿيڻ، لازمي ٿي پوندو آهي. اها طاقت انهن ٻن طبقن جي حقيقتن ۽ حڪايتن کان، دنيا وارن کي واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي. انهن جي ڪاميابي ۽ نا ڪاميابي جو سمورو دارو مدار، سندن نيڪ نيتيءَ ۽ خلوص تي منحصر هوندو آهي. عوام جڏهن پنهنجا جائز ۽ صحيح حق، حاصل ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريندو آهي، تڏهن مٿيون طبقو جدا جدا ۽ مختلف قسمن جي حيلن ۽ بهانن سان، هيٺين طبقي جي اٿاريل کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئي هربا هلائڻ جو ڪوشش ۾ لڳي ريندو آهي، مگر وقت، حالتون ۽ تيز تبديليون عوام ۾ پنهنجي، حق حاصل ڪرڻ جو آهستي آهستي شعور پيدا ڪنديون رهنديون آهن، هر سمجهدار ۽ محب وطن پنهنجي شخصي ۽ ذاتي، مقصدن ۽ مطلبن، لوڀ، لالچ ۽ حرص کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي، صرف انهيءَ ڪوشش ۾ هوندو آهي، ته وطن عزيز هميشه ئي سرسبز، شاد ۽ آباد رهي، ۽ هر هڪ ماڻهو امن امان ۽ صلح سانت سان سکيو ستابو هجي، ۽ خوشي جا گيت ڳائيندو وطن تعميري ۽ ترقياتي، ڪمن ڪارين ۾ اڳتي وک وڌائيندا رهي، جنهن ۾ سڀ ڪنهن جي ڀلائي ۽ بهبودي سمايل هوندي آهي.

 

پڙدو

هن چئن حرفن واري لفظ ۾ رٻڙ واري ايتري لچڪ سمايل آهي، جنهن جي ڪپر ۽ ڪنڌي جو پار پتو پئجي نه سگهندو آهي. پڙدو ڇا آهي، ڇا لاءِ ڪيو وڃي ٿو، ڇو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪرڻ ۾ اچي ٿو، ڪيئن ڪيو وڃي ٿو ۽ پڙدي تي ڦرندڙ گهرندڙ حالتن جو ڪهڙو اثر ٿيندو رهي ٿو. اهي تمام لمبا چوڙا بحث مباحثا آهن ۽ هر قسم جي پردي جي موضوع تي اسان جي اديبن، عالمن، صحافين ۽ شاعرن پنهنجي سمجهه، سوچ ۽ معلومات مطابق قلم کان ڪافي ڪم ورتو آهي ۽ وٺندا رهن ٿا. مگر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اهل قلم پڙدي جي پوئتان ڇا ٿي رهيو آهي، ڇا ٿيندو رهي ٿو، ڇو ٿيندو رهي ٿو  ڇا لاءِ ٿيندو رهي ٿو. انهيءَ طرف قلم کان گهٽ ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. پڙدو تمام ضروري آهي، مگر جيستائين پڙدي جي پاڪائي ۽ پارسائي، ۽ ان عزت ۽ احترام نٿو ڪري سگهجي، تيستائين نالي ماتر ۽ مٿاڇري پڙدي جي توهين نه ڪجي، ته بهتر آهي. اسان جو پنهنجو ذاتي مطالع ۽ مشاهدو آهي ته جڏهن ۽ جتي به، ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري ۽ سوسائٽي ۾ ظاهر ۽ باطن جا پنهنجا سڌيشي طور طريقا، رسم، رواج ۽ روايتون پيدا ڪيون وينديون آهن. اتي انهيءَ سوسائٽيءَ جو ظاهر بلڪل جدا هوندو ۽ باطن مختلف ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

پڙدو گهڻو ڪري ماڻهن جي ڪمزورين، ڪوتاهين، عيبن ۽ اوڻاين کي ته ڍڪي سگهي ٿو،  مگر سندس استعمال ڪندڙن جو ماحول بلڪل کوکلو ۽ خاڪي ڪري ڇڏي ٿو. ائين ڇو ٿي رهيو آهي، ان جو بنيادي سبب صرف هي آهي، ته پڙدي کي غلط نموني ۾ استعمال ڪندڙ ڪيترا ڪمزورين ۽ ڪوتاهين ۾ قابو هوندا آهن، جنهن ڪري پڙدي جي پوئتان اُهي آهي ڪارناما ۽ ڪم ٿيندا رهن ٿا. جيڪڏهن اوچتو ۽ اچانڪ شيطان پڙدو کڻي، ان جي پوئتان ليئو پائي ڏسندو، ته ان جو به شرم کان گردن جهڪي ويندو، ۽ توبه توبه ڪندو رهندو، ۽ انسان جي حرفتن ۽ حرڪتن تي پريشان ۽ حيران ٿي پوندو. جن به ملڪن ۽ قومن جي معاشري جي ڍانچي ۾ ڪوبه ڦند ڦير، ظاهر ۽ باطن جو چڪر نه هليل آهي، ته ان ملڪ ۽ معاشري جي هر هڪ شيءَ ظاهر ظهور ڏسڻ واري جي اڳيان بيهندي آهي. جنهن مان ڏسڻ ۽ پسڻ وارو، انهن جي سڀ ڪنهن شيءِ جو آرام ۽ آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهندو آهي. جتي غلط طرح پڙدي جون پابنديون هونديون آهن، اتي هر هڪ خرابت ۽ خساري جو پيدا ٿيڻ لازمي ٿي پوندو آهي، جنهن هنڌ ٺٺ ٺانگر ۽ ظاهري زينت ۽ زيب جو زور هوندو آهي، اتان جي اندر ۾ اڳڙين جا صرف ڍير هوندا آهن، ۽ انهن ڍيرن کي جيڪڏهن قلم جي ذريعي سان اٿلائڻ ۽ پٿلائڻ جي ڪوشش ڪبي، ته قلم خود حيا ۽ شرم کان شرمسار ٿي، خاموشي، اختيار ڪري ويندو.

 

جيئڻ ڪاڻ جيڏيون

 

 دنيا جي ميدان ڪارزار ۾ انسان کي، جيئڻ لاءِ ايڏا جتن ڪرڻا پون ٿا، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته:-

جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪِيا.

جيئڻ ۽ جيئڻ جي، وڏن وسن جي فلسفه ۽ فلاسافيءَ تي لکڻ تي ويهبو ته وڏا دفتر درڪار ٿي پوندا.

جيئڻ جا به هزارين، مختلف۽ جدا جدا قسم هوندا آهن. اسان جو ذاتي مشاهدو ۽ مطالعو آهي، ته سڀ کان بلند، بالا ۽ بهتر پنهنجي مٿي ۽ پيرن تي، زندگي بسر ڪرڻ ئي بهترين طور طريقو هوندو آهي.

هن دنيا ۾ هميشه اُهي ئي، انسان پنهنجي زندگيءِ ۾ ڪامياب، ۽ فتحياب ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي محنت ۽ مشقت ڪري، زندگي بسر ڪرڻ جي، ڪوشش ۾ لڳل هوندا آهن. گويا انهن جي جيئڻ تي زندگي، خود فخر ڪرڻ کان سواءِ، رهي نه سگهندي آهي.

معرفت جو جيئڻ ۽ ٻين جي اميدن آسرن، ۽ بل بوتن ۽ وجهه، واسطن ۽ لڳ لاڳاپن تي جيئڻ گويا، جند لاءِ جنجال هوندو آهي. جيستائين انسان کي پنهنجي بنيادي، طرح جيئڻ جو وسيلو نه آهي ته اهو جيئڻ به، ڪهڙو جيئڻ چئبو.

ماڻهو گهڻو ڪري، عهدن ۽ اقتدارن تي جيئندا رهندا آهن، مگر هنن ۾ پنهنجي ڪابه قابليت، لياقت ۽ بنيادي خوبي ڪانه هوندي آهي. جنهن ڪري ٻين جي چمڪي تي جيئڻ جا عادي ٿي پوندا آهن.

ڪنهن ماڻهوءَ ڪنهن کان پڇيو، ته هي صاحب ڪير آهي. ان جواب ڏنو ته وڏو عهديدار آهي. همراهه ان کي چيو ته اهو عهدو ته سرڪاري آهي.

منهنجي پڇڻ جو سبب صرف هي آهي، ته صاحب ۾ پنهنجيون خوبيون، خصلتون ۽ خاصيتون ڪيتريون ۽ ڪهڙيون آهن. همراهه جواب ڏنو ته جيڪڏهن ائين نه پڇو ته بهتر آهي. اسان جي گهنگار اکين، سون اهڙن ماڻهن کي ڏٺو ۽ پسيو آهي، جيڪي پراڻي پڳ کي، پنهنجي خانداني دستاريندي سمجهندا چڱ مڙسيءَ جو پرچار ڪندا رهندا آهن.

ان عارضي ۽ وقتي چڱ مڙسي، مان ته ڪو نه ڪو فائدو حاصل ڪندا رهندا آهن، ۽ ماڻهن تي پنهنجي ڪوڙي، وقار ۽ کوکلي رک کاءُ جو، اثرويهارڻ ۾ ڪنهن به قسم جي، ڪسر نه ڇڏيندا آهن، مگر اها پرائي پڳ ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت به اچانڪ، اوچتو پاسيري ۽ پرڀري ٿي ڪري، پري وڃي پوندي آهي، تڏهين همراهن کي پنهنجا گهر جا ڀاتي به سڃاڻڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن، ۽ هو پنهنجي بيوقوفيءَ ۽ نادانيءَ تي، افسوس جا لڙڪ. حسرت جي دامن سان اگهندا رهجي ويندا آهن. جيڪڏهن انهن ماڻهن کي پنهنجي مٿي زندگي بسر ڪرڻ جي نيڪي ۽ نصيحت ڪبي آهي ته، هو هڪدم جواب ڏيندا ته اوهان اسان جي، ڪاميابي ۽ فتحيابي کي برداشت نٿا ڪري سگهو. هونءَ به اهي زندگيءَ جا راز ۽ رمزون صرف دانشمند، دورانديش ۽ موقعه مناسبت جا ماهر ۽ معاملي شناس ئي سمجهندا آهن.

معلوم نه آهي ته ماڻهو، پنهنجي محنت ۽ مشقت سان پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي، ڪوشش ڇو نه ڪندا آهن. جيڪي انسان پنهنجي بنيادي خوبين ۽ خاصيتن تي، جيئندا رهن ٿا، سي هميشه جيئندا رهن، ڇو ته انهن کي جيئڻ اچي ٿو، پر جن کي پنهنجي مٿي جيئڻ جي، ڪابه همٿ ۽ حوصلو نه آهي، اُهي گهڻو ڪري پنهنجي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کي لڪائيندي، ٻين تي نڪته چيني ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا آهن. دنيا جو دستور آهي ته اجائي الزام تراشي، ۽ بيجا بهتان بازي، صرف ڪمزور ۽ ڪانئر، ماڻهوئي ڪندا رهندا آهن.

پنهنجي مٿي جيئڻ وارا بهادر ۽ بيباڪ ماڻهو، انهن جي اجاين ۽ بي بنياد الزامن ڏانهن، اک کڻي نهارڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن. ڇو ته هو پنهنجي ڌن ۾ مصروف ٿي پنهنجي، زندگي بسر ڪندا، اڳتي وڌندا رهندا آهن.

* * *

قلم ۽ ڪاغذ

قلم ۽ ڪاغذ به عجيب شيون آهن. شل نه ڪنهن جو انهن ٻنهي سان وجهه واسطو ۽ لڳ لاڳاپو پوي، پوءِ سڄيءَ زندگيءَ ان ماڻهو کي انهن نجات نصيب نه ٿيندي. قلم بادشاهه وٽ هجي يا فقير وٽ، ڪرت ساڳي هوندي، مگر انداز علحده ۽ جدا جدا هوندو آهي.

راڳ جي محفل

ڪنهن به فن ۾ جيستائين فڪر ۽ فهم نه آهي، تيستائين ان کي صحيح فن چئي نٿو سگهجي. جي ائين نه هجي ته هوند هر هڪ فنڪار کي خاصي سان نوازيو وڃي ها. هر ڪنهن فنڪار کي پنهنجي فن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون رياضتون ۽ ڪٽن ڪشالن، مشڪلاتن ۽ مصيبتن سان مقابلا ڪندي ڏونگر ڏوري، ۽ لنگهه لتاڙي، مس مس وڃي منزل جي قريب پهچندا آهن.

هونئن به هر هڪ فن پنهنجي مٿي بحر بي ڪنار آهي، راڳن جا به ڪيئي قسم آهن، هتي ڪهڙا لکي، ڪهرا لکجن. راڳن کي سمجهڻ لاءِ به، ڪن سمجهوئن جي ضرورت هوندي آهي. هڪڙي محفل جو احوال پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو. محفل شروع ٿين جو وقت هو، ۽ انهي آراسته پيراسته ڪمري ۾ رنگ برنگي، بجلين جون ڪمڪميون ٻري رهيون هيون، ۽ نهايت ئي قيمتي قالين وڇايل هئا، سمورو ڪمرو هلڪي هلڪي خوشبوءِ سان ٻهڪي رهيو هو. تماشبينن کي چانديءَ جي تشتريءَ ۾ ڪي ننڍيون، نيٽيون، نوخيز نينگريون پان پيش ڪنديون ٿي رهيون.

پان پيش ڪرڻ کان پوءِ جهان آرا جان، هڪدم توجه بدلائي، استاد جي ڏنل ٿل کي سڌو ڪري، ڇير وارا پير، زمين تي ڇمڪائيندي چوڻ لڳي:

آءُ جوڳي اک منتر مينون  

نانگ زلفج دا ڏنگ دا ڏنگ گيا.

1. آ ماريس ڏنگ جگر دا ڪاري    

ڪيتس خون اندر دا جاري

ڌائي زهر اندر وچ ساري   

ساوا، پيلا رنگ ٿيا!

 

2. تون بن ڪوئي منڊ نه ڄائي

توڙي جهاڙين، جهاڙ سياڻي

ٿڪ گئي ويڄ طبيب سياڻي

زهر ڪنون جيءَ تنگ ٿيا.

 

3. لوڪ شهر دي سخت رلاون

عشق تيڏي دي تهمت لاون

ليڙي ڀيڙي، تل تل آون

دشمن سارا جڳ ٿيا!

 

4. سنگيا سرتيون پڇندا مٿيون

لڳڙا ڏنگ جگر دا ڪٿيون

عام ڏسندي رانجهن تٿيون!

انهيءَ پوئين مصرع تي محفل ختم ٿي، ۽ تماشبين اٿي کڙا ٿيا، ڄڻ ته فن ۽ تماشو هڪ ڳالهه بڻجي ويا هئا. فن جي اها حالت فقط اسان جي معاشري جي محفلن ۽ مجلسن ۾ ٿيندي رهندي آهي.

* * *

 هيٺ نهارڻ

ڏسڻ وائسڻ جا ته ڪيئي طور طريقا هوندا آهن، ۽ انسان هميشه ئي ڏسندو رهندو آهي. مگر سڀني کان سهڻو طريقو پاڻ کان هيٺ نهارڻ جو هوندو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي عزيز زندگي ۾ هيٺ نهارڻ، جو طريقو اختيار ڪندا آهن، اهي ڪڏهين به، ۽ ڪٿي به، ٺوڪر کائڻ کان هميشه بچندا رهندا آهن. جڏهين به انهن خوبين ۽ خاصيتن جو خيال، ايندو رهندو ته اهي، خوبيون هميشه ئي هيٺ نهارڻ وارن لاءِ ڪارائتيون ۽ ڪم واريون ثابت ٿينديون رهنديون آهن.

سخاوت ۽ ڪنجوسائي

سخاوت ۽ ڪنجوسائي ٻئي انسان جون اهڙيون صفتون آهن، جيڪي بدنامي ۽ تعريف سان تعلق رکن ٿيون. ايئن ڇو آهي؟ اسان جي نمائشي اديبن ۽ عالمن ۽ قصيده گو شاعرن جو به ڪمال هوندو آهي، ته جنهن شئي کان خوش ٿيندا آهن، ته ان کي آسمان جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيندا آهن، مگر جنهن کان ناراض ۽ نراس ٿي پون، ته ان مٽيءَ ۾ ملائيندي ويرم ئي نه ڪندا آهن. سخاوت ۽ ڪنجوسائي تي ڪافي ڪجهه نثر نظم ۾ لکيو ويو آهي، لکندا رهن ٿا ۽ لکندا رهندا. سخاوت ۽ ڪنجوسائي جو، پاڻ ۾ هر، موقعي مهل تي،  ٽڪر ۽ تڪرار ٻڌبو آهي. اسان جي گهنگار اکين اهڙا ۽ ايڏا، سخاوت جا سرواڻ ڏٺا آهن ۽ ڏسندا رهون ٿا، جن کان سنڌ جا سخي مرد، سخاوتن جا سبق سکندا رهن. پر اهڙا به ڪنجوس، مکي چوس ۽ مروان موجود آهن، جن وٽان، انسان ته ڇا پر نانگ به نيراني وڃن، سخاوت ۽ ڪنجوسائيءَ جي، نفسياتي نڪتن کي سمجهڻ، سان هڪ معنوي جهان اڳيان اچي بيهندو آهي.

سخاوت جي سهڻي صفت هڪ آفاتي ادا آهي، ۽ ڪنجوسائي پنهنجي مٿي هڪ وڏي لعنت آهي. سخاوت ڇو ڪئي وڃي ٿي، ڇو ٿي ڪجي، ڇالاءِ ڪرڻ ۾ اچي ٿي، ان جا به ڪيئي نڪتا آهن. سخين جا به ڪيئي قسم ۽ مختلف درجا هوندا آهن. ڪنجوسائي جو صرف هڪ ئي اصول هوندو آهي. ته چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي! ڏسڻ ۾ ائين ايندو آهي ته سخين جا آستانا ۽ اوطاقون، ڀاڻ ۽ بيٺڪون ۽ وٿاڻ هميشه ئي وسندا رهندا آهن. هونئن به سنڌيءَ ۽ پهاڪو آهي ته ”مڙس تڏي بنان جڏو آهي“، ”جنهن جي ماني، تنهن جي ڪاني“ ۽ ”ڪڏهين به سخي جو هٿ تنگ نه ٿيندو آهي.“ سنڌ جي سخين جي سخاوتن ۽ ڪنجوسن، جي قصن ۽ ڪهاڻين سان تاريخ ڀرئي پئي آهي. پر زماني ڪهڙي اٿل کاڌي آهي، ان جو مثال بين القوامي شهر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌ جي ڪن سخين ۽ ڪنجوسن جي مشاهدي مان ظاهر ٿئي ٿو.

اسان جا ڪيترا ڏٺل وائٺل سنگتي ساٿي، جن کي هتي پنهنجا وڏا بنگلا ۽ مال ملڪيتون آهن، تن وٽ بنا اطلاع جي يا اوچتو ۽ اچانڪ وڃڻ ٿيندو آهي، ته محفلون ۽ مجلسون، قائم ۽ دائم نظر اينديون آهن، ۽ ماڻهن جا ميڙ مڙيل هوندا آهن. ويهڻ جي جاءِ به مشڪل سان مندي آهي. آيو، ويو، آڌرڀاءُ سان گڏ  کائڻ پيئڻ، کان خالي نه ويندو آهي. ۽ اهڙا به همراهه پنهنجن بنگلن ۾ رهن ٿا، جيڪي دروبنيون درن ڏي تڪيندا رهندا آهن، ته ڪو مهمان ته نٿو اچي. اسان اڄ ڏينهن تائين صرف اهو ڏسندا رهيا آهيون، ته کارائيندڙ ڪڏهن به نه کٽندا آهن، مگر کائيندڙ کٽي ويندا آهن. پر تاريخ پنهنجي جاءِ تي آهي. سخاوتون ۽ ڪنجوسائيون به، حالتن جي بنياد تي ڏسجن ۽ پروڙجن ۽ چڱو. ڪي انسان هٿ جا ڪشان ڇو آهن، ان ۾ اسان جي معاشي نظام جي هڪ وڏي ڳجهارت آهي. ڪي سمجهڻ وارا سمجهن.

سفارش

 سفارش لفظ جي معنيٰ، مطلب ۽ مقصد متعلق، جيڪڏهن قلم کان ڪم وٺبو ته، انهيءَ سفارش سڙيءَ جي ڪنهن به ڪپر ۽ ڪناري تائين پهچڻ نه صرف مشڪل، پر ناممڪن آهي. سفارش جي ساٽ سوڻن لاءِ ماڻهون کي ايترا لڪ لتاڙڻا پون ٿا، جنهن جو اندازو ڪي ڪاريگر ئي ڪري سگهن ٿا. سفارش جا به سوين طور طريقا، راهون ۽ رستا، ناز ۽ نخرا هوندا آهن. سفارش جو فن سڀڪنهن فنڪار جي هٿ وس، ۾ نه اچي سگهندو آهي، ڇو ته سفارس جو فن غلط استعمال ڪرڻ سان، ڪيترا سفارشي ڪم ڪار، اٻهرائيءَ جي، نتيجي ۾ اٽلو گلي ۾ پئجي ويندا آهن، ۽ سنون سڌن، سهنجن ڪمن ڪارين، جي راهن ۾ به ڪئي روڙا، اٽڪي پوندا آهن.

سفارش ڇوڪئي وڃي ٿي، ڇالاءِ ڪجي ٿي، ڪنهن لاءِ ڪجي ٿي، ڪنهن کي ڪئي وڃي ٿي. اهي سموريون ڳالهيون جيڪڏهن سامهون رکي ماڻهو، ايمانداريءَ ۽ ديانتداريءَ سان سوچيندو، ته سفارش ڪرائيندڙ، سفارش ڪندڙ ۽ سفارش ٻڌندڙ، ٽنهي جو ضمير سفارش ڪري اسان جي، معاشري ۾ محنت ۽ مشقت ڪوشش ۽ ڪاوش، ڪٽن ۽ ڪشالن کان ماڻهو، ڪيٻائيندا ۽ ڪنبندا رهن ٿا، ۽ هو سفارس جهڙي بيڪار ۽ بيسود هٿيار، کي هر هنڌ استعمال ڪندا، اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن.

سفارش جي لعنت، جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام، ۽ ذهنيت جي پيدا ڪيل آهي. فقط اهڙن معاشرن ۾ ئي، انفرادي يا اجتماعي زندگي جي ڪمن ۽ ڪاروبارن ۾، سفارش جو هي سيلاب روان دوان، نظر ايندو آهي. سرمائيدار ملڪن ۾ يا جاگيرداري معاشري ۾، جيڏانهن ۽ جتي به نظر کڻي نهار، ته سفارش جا ڪارا ڪڪر، ڪاريهرن وانگرڪر، کنيو ويٺا هوندا آهن، اسان ڪڏهن به ايمانداري ۽ ديانتداري، سان انهي سفارش جي بڇڙي بلا متعلق، نه سوچيو آهي. نه سمجهيو آهي، ۽ نه وري باقاعدگي، سان انهي خلاف ڪو، قدم کنيو آهي.

انهي بڇڙي بلا جو وڏو اثر خاص ڪري، اسان جي مسڪين ۽ مستحق، محنت ڪش، طبقي تي ٿيندو رهي ٿو، جنهنڪري ڪيترا اسان جا بي پهچ، بي سهاري نوجوان، جيڪي قابليت ۽ لياقت هوندي، به پنهنجو صحيح ۽ واجبي حق، حاصل ڪري نٿا سگهن، سفارش جي ڪري، ڪيترا اڻ پڙهيل ۽ اڌ اکري، ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻندا وڃي، منزل تي پهچندا آهن.

* * *

پاسو ڪريو

ابن الوقت ڪاريگرن ۽ پيشه ور، خوشامندڙين ۽ اقتدار جي پوڄارين، امن و امان ۾ رنڊڪون وجهندڙ، نفرت ۽ منافقي ڪندڙن ٺلهي ”ها ۾ ها“ ملائيندڙن ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ چوندڙن، چغل خور، گلا ۽ غيبت ڪندڙن، سفيد پوش پيداگيرن، درٻاري ذهنيت رکندڙن بجا خوشامد ڪندڙن، ٻچاپڙن، دلالي ڪندڙن دلالن، شرافت ۽ خاموشيءَ سان نا جائز فائدو وٺندڙن کان پاسو ڪريو.

سيلاب

ملڪن ۽ قومن ۾ سوين قسمن جا، سيلاب ايندا رهندا آهن، ۽ انهن سيلابن کي بهادر ۽ با همت قومون هر طور طريقي سان مڙسا مڙسي منهن ڏينديون رهنديون آهن، ۽ پوءِ سيلابن جا دور ختم ٿي ويندا آهن. پر دنيا ۾ صرف هڪ ئي سيلاب آهي، جيڪو پاڻ وهيڻو آهي، ۽ جنهن جو مقابلو ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. اهو آهي، افواهن جو سيلاب.

افواهن جي سيلاب ڪري، سموري قوم ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندي آهي. هونئن به، افواهه هڪ اهڙي پڇڙي برائي آهي. جنهن جو ڪوبه اٿو مٿو، ڪپر ۽ ڪنڌي ڪانه هوندي آهي. اهي افواهون شعوري يا لاشعوري طريقن، سان گشت ڪنديون رهنديون آهن. انهن افواهن جي ڪري، بي چيني ۽ بي صبري، خوف ۽ حراس، نا اميدي ۽ نراسائي، بي اعتمادي، بي ڀروسي جهڙيون بڇڙيون بدعتون، جنم وٺنديون رهنديون آهن.

قومن ۽ ملڪن جي زوال، جي تاريخ تي جيڪڏهن، نظر ڪجي ٿي ته انهن، جي تلف ۽ تباهي، جو بنيادي ڪارڻ، اجائي سجائي، بيڪار ۽ بيسود، افواهن جو سيلاب ئي سامهون اچي ٿو.

سنڌي زبان جو مشهور معروف، پهاڪو آهي ته کوهن جا منهن، ڀرجي يا بند ٿي سگهن ٿا، مگر ماڻهن جا وات بند نه ٿيندا آهن. ۽ نه وري بند ٿي سگهن ٿا، افواهه ڦهلائڻ به هڪ خاص فن آهي. انهيءَ فن جا ”فنڪار“ اهڙي طورطريقي سان، افواهن جو شوشو ڇڏيندا آهن، جيئن اهي افواهه سڄي قوم ۾ ڦهلجي وڃن، ۽ ماڻهو انهن بي بنياد افواهن کي، حقيقت جو پهراڻ پارائي، ان جا پوئلڳ ۽ پوڄاري ٿي پوندا آهن. افراتفريءَ جي دوران، مختلف ۽ جدا جدا افواهه، ماڻهن تي گهڻو ڪري پنهنجو، اثر ڇڏيندا رهندا آهن، ۽ پوءِ انهن منجهان وري مرچ مصالحن، سان نوان افواهه حالتن مطابق، شروع ٿي ويندا آهن. هاڻي اهو عوام جي سوچ، سمجهه، ساڃهه ۽ سڃاڻپ تي آهي، ته هو انهن اٿاريل هوائي افواهن، کي ڪيستائين ۽ ڪيتري قدر قبول ڪن ٿا. اجاين سجاين افواهن تي باشعور ماڻهون، ڪڏهن به ۽ ڪنهن قسم جو ڌيان نه ڌريندا آهن.

* * *

سوچيو ۽ سمجهو

* ڪاوڙ ۽ قدرت جي ڪارنهن واري ڪٽ هميشه ئي ويڇا وجهندي رهندي آهي.

* ڪمزور، ڪانثر، ڪم چور جي چوڻ تي ڪڏهن به ڪنهن لاءِ چاهه نه ڏيکارجي.

* ڪوڙي ماڻهوءَ سان لڳ لاڳاپو ۽ وجهه واسطو نه رکڻ گهرجي، ڇو ته ان مان ڪڏهين به نيڪي نه ٿيڻي آهي.

* ٻڌل ڳالهه ٻولهه تي اعتبار گهٽ ڪجي، پر جيڪڏهن اعتبار ڪجي، ته ان کي بار بار نه دهرائجي.

ڪنهن به قدرتي نظاري تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان انسان جي عقل ۾ عجيب اسرار اڀراندا رهندا آهن.

ڪسوٽي

ڪسوٽي جو اکر، جڏهين انسان جي اڳيان اچي ٿو، تڏهين سندس دماغ ۾ ڪيئي خيال پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، ته ڪسوٽي آخر ڪهڙي ڪارائتي ۽ ڪم واري شئي آهي، جو سڀڪنهن کي پرکڻ لاءِ پيئي پهه پچائيندي آهي. ڪسوٽي جا به ڪيئي قسم، ۽ جدا جدا درجا مقرر ٿيل هوندا آهن. انهن قسمن جو هتي ذڪر ڪبو، نه ڳالهه وڃي پري پوندي. ٻين ڪمن، ڪارين ۽ ڪاروبارن کان سواءِ صرف سونارن، جي سموري ڪاروبار جي ڪم ڪسوٽيءَ جي مدد سان ٿيندو رهندو آهي، ڪسوٽيءَ جي پٿر تي، هر چمڪندڙ شئي گسجڻ کان پوءِ، پنهنجي اصليت ظاهر ڪندي رهندي آهي. يعني سچ ۽ ڪوڙ ملاوتي جي منجهيل معاملن کي، صفائي سنا سامهون آڻي بيهاريندي آهي.

انسان جي اصليت کي پرکڻ لاءِ، هزارين ڪسوٽيون، قائم ڪيل آهن، هن وقت اصليت ۽ ڪسوٽين جو پاڻ ۾ تڪرار ۽ ٽڪر شروع آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي، جيڪو معاشرو ورثي ۾ مليو آهي، ان ۾ اصليت جو احوال شروعات کان وٺي خارج ٿيل آهي. باقي نقل جا ناز نخرا، نوان رنگ ۽ ڍنگ، زندگي جي هر شعبي تي حاوي ٿيل آهن، ۽ انهن جي ئي معاملن جا، منجهائيندڙ مچٽ مچيل آهن.

هونءَ به حضرت انسان جي، عجيب فطرت آهي، ته هو ظاهري زينت ۽ ريب، ٺٺ ۽ ٺانگر، رعب ۽ تاب جو تابع رهندو ايندو آهي، جنهن ڪري هن کي اصليت جي، حقيقت جي ڄاڻ سڃاڻ جي ڪل، ڪانه پئجي سگهندي آهي، ۽ هو سمورو وقت انهن ظاهري طلسمن جي ئي ترڪتالن، جي تڪڙن وهڪرن ۾ وهندو رهندو آهي.

معاشري جي ماڻهن جي، جيڪا مصنوعي زندگيءَ قائم ڪيل آهي، ان کان خود ڪسوٽي ڪيٻائيندي ۽ ڪنبندي رهي ٿي. ڪسوٽي به هر چمڪندڙ شئي کي انسان وانگر شروعات ۾، سون سمجهندي رهندي آهي. انسان جي اصليت جي معيار ۽ ماپ جو اڄ ڏينهن ڪنهن به ڪاريگر ڪوبه قائدو قائم ڪري نه سگهيو آهي. منهنجو پنهنجو ذاتي مشاهدو ۽ مطالعو۽ رايو آهي، ۽ اهو غلط به ٿي سگهي ٿو، ڪيترا پڙهندڙ منهنجي هر تجربي، ۽ آزمودي سان متفق نه به ٿي سگهن، انسان جي صحيح اصليت تڏهن ظاهر ٿي پوندي آهي، جڏهن هو ڪنهن وقت جي حاڪم ۽ اعليٰ عهديدار سان ملندو آهي. تڏهن ان جي ملڻ جي انداز ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي طور طريقي مان ئي سندس صحيح اصليت ظاهر ٿي پوندي آهي. اها اَٿو انسان جي ضمير ۽ ظرف جي پرکڻ جي ڪسوٽي.

* * *

اجائي واکاڻ

جيڪي ماڻهو پنهنجي گهران کائي پي، طاقت وارن جي تابعداري ۽ اجائي سجائي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا آهن، اهي ٻين ماڻهن جو قيمتي وقت ضايع ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن، ڇو ته انهن کي پنهنجي عزت جي ڪابه ڳڻتي نه هوندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org