ڪک هيٺان لک
لالچ ۽ لوڀ، حرص ۽ هٻڇ، انهن چئني اکرن جي جيڪڏهن ويهي وضاحت ڪبي ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي پوندا. صرف حرص جي هڪ لفظ جي ٽن اکرن تي غور ڪيو، ته يعني ح، ر، ص. ٽيئي اکر نقطن کان
خالي آهن. يعني حرص ڪندڙ هميشه ئي هر شئي لاءِ واجهه وجهيو ويٺو هوندو آهي، مگر ٽنهي اکرن وانگر خالي هوندو آهي.
لالچ ۽ لوڀ، حرص ۽ هٻڇ ڪندڙ ماڻهو، ٺڳن جي ڄار ۾ بلڪل آسانيءَ ۽ آرام سان ڦاسندا رهندا آهن. دنيا ۾ ٺڳن جي ٺڳين جا ته هزارين ۽ مختلف طور طريقا، راهون ۽ رستا ايجاد ٿيل هوندا
آهن، ڪيماگر ٺڳن جا طور طريقا ايترا ڪارائتا ۾ ڪم وارا هوندا آهن، جنهن جو مختصر ۽ معنيٰ خيز ذڪر پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.
ڳالهه ڪندا آهن. ته ڪو سنياسي هڪ ڳوٺ ۾، هڪ ٻڪرار وٽ اچي رهيو. هن اهڙي خدمت ڪيس جو سنياسي راضي ٿي پيو.
هڪ رات ”کير جي ڀاڳئي“ ۾ اهڙو کڻي ڪک وڌائين جو صبح جو ٻڪرار کڻي جو ”ڀاڳيو“ ڏسي ته چانديءَ سان ڀرپور ۽ ڀريو آهي.
ڪک هيٺان لک پيو آهي. اهڙا سنياسي قسمت سانگي هٿ، ايندا آهن. اهي سنياسي سائين، ڪنهن تي راضي ٿين ته اڏي ڇڏين. کير مان چاندي يا سون ٺهي سگهندو آهي.
کير ۾ ڪيميائي اصول موجب چار جزا آهن (1) حلويت (مٺاڻ)، (2) دهنيت (سڻڀ)، (3) مائيت (پاڻي)، (4) معدنيت (فولاد). ان حالت ۾ جيڪڏهن کير کي اڪسير جي ڪک سان ٻڌو يا سندس موجوده
صورت بدلائي به وڃي، ته به مٺاڻ يا سڻڀ يا پاڻي مان نه چاندي يا سون بڻجي نه سگهندو.
جيڪڏهن ڪجهه ٿيندو ته فقط فولاد وارو جزو ڪجهه ٿي پوندو سو وري کير ۾ آهي ڪيترو؟ يعني تمام ٿورو، سو ڪيميائي فن مان جيڪو ماڻهو اصولي طرح واقف هوندو سو اهڙين واهيات ڳالهين تي
اعتبار ڪونه ڪندو. فن ڪيميا هڪ درياءَ جي ڪنار آهي. ماڻهن جون زندگيون ۽ خزانا انهيءَ ۾ کپي چڪا آهن، پر افسوس هٿ ڪجهه به نه آيو اٿن، مگر
ڇا ڪجي جو هن فن جو چمڪو ۽ چاٽ اهڙي آهي، جو مرندي دم تائين انسان جي جند نٿي ڇڏي. ڪيميائي فن جا ماهر هڪڙا مغربي آهن، ۽ ٻيا مشرق جا
سنياسي آهن. ٻنهي ٽولين جي ڪم جا طريقا جدا جدا آهن. مغربي مهوسي جو خيال آهي ته شيهي مان سون چاندي ٺهي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو شيهي جو وزن ۽
رنگ اڳ ۾ موجود آهي. اڪسير سان هن جي نقصنن کي دور ڪرڻو آهي. مشرقي سنياسي جو خيال آهي ته چاندي ۽ ٽامو، سون سان ڌاتوءَ ۾ ويجها ڀائر آهن،
تنهن ڪري انهن کي اڪسير پهچايو ويندو ته هو جلدي سون ٿي سهگن ٿا. باقي هي ڏسڻو آهي ته اڪسير مان ڇا تيار ٿئي ٿو؟ ان جون واٽون ماهرن جدا
جدا بيان ڪيون آهن، پر هڪ ڳالهه تي سڀني کي اتفاق آهي، ته فن ڪيميا ۾ گندڪ، تنفس ۽ سيماب روح ۽ ڪابه ڌاتو جسم جو ڪم رکي ٿي. ڌاتو زنده يا
جيئري تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن هن ۾ گندڪ ۽ سيماب جو روح ڦوڪيو ويندو، يعني ته اها سون بنجي پوندي. نه ته ٻي حالت ۾ ته اڪسير گهڻين شين مان
ٺهي ٿو.
جيئن ته (1) اڪسير حيوانيات، يعني حيوانن جي ڪن جزن مان ٺهي ٿو ته اڪسير نباتات، يعني سلن ۽ ٻوٽين جو اڪسير، اڪسير معدنيات، يعني ڌاتن جو اڪسير. جيڪڏهن پارو يا اولاس (گندڪ) جا
بجا باهه جي ٿي پون، يا گندڪ تيل بڻجي پوي ته پوءِ ان کي فن جا مالڪ اڪسير سڏين ٿا. ڪيتريون ئي واٽون آهن، پر نتيجي طور آخر ناڪامياب ٿين
ٿيون.
باقي ٺڳيءَ جا ايترا رستا معلوم ٿيا آهن، جو ڪيترو به ڏاهو ماڻهو هجي ته ان جو نهايت آسانيءَ سان خانو خراب ڪري سگهجي ٿو، پر ڪڏهن به هي گمان نه ڪندو ته ساڻس ڪا ٺڳي ٿي آهي، وڌ
۾ وڌ ايترو چوندو ته منهنجي قسمت خراب هئي، نه ته سون ٺاهڻ جورستو ته پڪل هٿ اچي ويو هو. هي اَٿو ڪيمياگر ٺڳن جا پنهنجا پيدا ڪيل نسخا ۽
نڪتا. انهيءَ ڪري ڪنهن به سمجهدار ماڻهوءَ کي ڪڏهين به اهڙن ڪک هيٺان لک پيدا ڪندڙن سنياسين سان صحبت ۽ سنگت نه ڪرڻ گهرجي، ورنه اهي
پيداگير ٺڳ، ماڻهن کي پنهنجي غلط روايتن جي ڦندي ۾ ڦاسائي، انهن جا جهڳا جهڻ ڪرڻ ۾ ڪابه ويرم نه ڪندا آهن.
* * *
نظر انداز
عورت جو عقل، ٻار جو ضد ۽ پوڙهي جي هت ۽ بيوقوف جي بات کي هميشه ئي نظر انداز ڪرڻ گهرجي.
ڪوڙ جا ڪاريگر
هن دنيا ۾ هميشه کان وٺي سچ ۽ ڪوڙ جو ڪاروبار ۽ وڻج واپار هلندو اچي ٿو، هلندو رهي ٿو ۽ هلندو رهندو. ڪوڙ هميشه ئي مصلحتن جو غلام ۽ گولو ٿيندو، پنهنجي لاءِ عيش، عشرت، آرام ۽
آسائشن جي اشڪنجي ۾ ڦاٿل هوندو آهي. ڪوڙ لاءِ هر وقت ۽ هر دور ۾ دنيا جو نعمتون ۽ نوازشون موجود ۽ ميسر هونديون آهن، ڇو ته ڪوڙ ائين
سمجهندو رهندو آهي ته ماڻهن کي منهنجي اصليت جي پوري پروڙ آهي، ۽ هو مون کي لعنت ۽ ملامت ڪندا ۽ حقارت سان ڏسندا رهندا آهن، مگر ان جي
باوجود به معاشرو مون کي هميشه ئي ياد ڪندو رهندو آهي، ڇو ته آئون هنن جي پيدا ڪيل معاشري جي پوري پوري دستگيري، رهنمائي ۽ ترجماني ڪندو
رهندو آهيان.
تنهن ڪري منهنجو هميشه ئي ٻول بلند ۽ بالا هوندو آهي. ڪوڙ ڳالهائيندڙن جو
اندر ڪارنهن سان ڪٽجي ويندو آهي. جنهن ڪري سندن حافظو نهايت ڪمزور۽ کانئن ڪوهين ڪوهه دور رهندو آهي. ڪوڙ جا ڪاريگر، جيڪي دنيا ۾ فتنا فساد،
جنگيون ۽ جهيڙا، رنجشون ۽ روساما، مقابلا ۽ محاذ آرايون ۽ محلاتي سازشن ۾ ساز باز ڪندا رهندا آهن، تن سان دنيا جا تاريخ جا صفحا ڀريا پيا
آهن. ڪوڙ کي وقتي ڪاميابي ۽ فتحيابي ٿيندي رهندي آهي، مگر سندس مسقتبل جو معاملو بلڪل ابتو ۽ الٽو ٿي پوندو آهي. معلوم نه آهي ته ماڻهو ڪوڙ
ڇو ٿا ڳالهائين ۽ ڇالاءِ ٿا ڳالهائين، ڪنهن لاءِ ٿا ڳالهائين، ۽ ڪيئن ٿا ڳالهائين. انهن نقطن جي معلومات ۽ رازداريءَ جي رازن کان اهي ئي
واقف هوندا، جيڪي ڪوڙ جي ڪاروبار ۾ قابو آهن.
ڪوڙ کي ڪڏهن به پير ڪونه ٿيندا آهن، جنهن ڪري هو ٻين جي آسرن، اُميدن ۽ دم دلاسن ۽ دولابن جي دنيا ۾ ڪم ڪندو رهندو آهي.
ڪوڙ ڳالهائيندڙ هميشه انهيءَ ڪوشش ۾ هوندو آهي ته ماحول ۾ جيڪي به بديون ۽ بڇڙايون، ڪميون ۽ ڪمزوريون قائم ٿيل آهن، تن کي دائم قائم رکي ۽ انهن جي حفاظت ۽ بچاءَ ڪندو رهي. اهڙي
ئي ماحول ۾ ڪوڙو هميشه ڪوڙ هڻندو، پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪندو رهندو آهي. هو پاڪ ۽ سهڻي ماحول ۽ معاشري کان هميشه لنوائيندو،
نٽائيندو ۽ ڪيٻائيندو رهندو آهي.
ڪوڙ جي مختلف قصن ۽ ڪهاڻين کان ڪير واقف نه آهي. ڪوڙ گهڻو ڪري ماڻهن مان انسانيت، اخلاق، انس، الفت، ڀائيواري ۽ ڀائيچاري محبت ۽ مروت، اعليٰ اخلاق ۽ اعليٰ قدر، جرئت ۽ جوش، بي
باڪي ۽ بهادريءَ جهرا سهڻا گڻ ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
جنهن ڪري ڪوڙ ۽ بهادري هڪ هنڌ گڏ نه رهي سگهندا آهن، ڪوڙ آخر ڪوڙ آهي، جنهن جو ڪو به ڪاٿو ڪرڻ نهايت ئي مشڪل آهي. آزمودگار ۽ تجربيڪار پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي جي بنياد تي
ڳالهائيندڙ جي ادائن کان بروقت باخبر ٿي ويندا آهن، ته همراه ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ڪيتري قدر نه حرڪتون ۽ حرفتون ڪندو، حقيقتن تي پردو وجهندو،
هنبوشيون هڻندو رهي ٿو. هن دور ۾ سچ ڳالهائيندڙ ۽ سچ برداشت ڪندڙ ڪو ورلي ملندو.
منافقي
انسان ۾ جيڪي به خوبيون ۽ خاصيتون، آداب ۽ ارادا، اخلاق ۽ اُنس، محبت ۽ مروت، مان ۽ مرتبو، شان ۽ شوڪت، علم ۽ ادب، ڄاڻ ۽ سڃاڻ آهي، انهن سمورين خاصيتن کي صرف هڪ ئي عادت ۽ علت
ختم ڪندي آهي، اها آهي ”منافقي“.
منافقي، هڪ اهڙي بڇڙي بلا، پٽ ۽ پاراتو آهي، جنهن کان منافقي ڪندڙ ڪڏهن به پنهنجي جند آزاد نه ڪرائي سگهندو آهي، ۽ انهي منافقيءَ جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي، ماڻهن جي جهڳن جهڻ ڪرڻ
۾ سندس جند ۽ جان جنجال ۾ جڪڙيل هوندي آهي.
منافقي جي معنيٰ ۽ مطلب، فتني ۽ فساد، جهيڙي ۽ جهٽي، وڍ ۽ وير، رنجش ۽ روسامي، بغض ۽ ڪيني، بغاوت ۽ بيزاري جي بيانن کي قلم جي زبان سان جيڪڏهن بيان ڪيو ويندو ته ڳالهه وڃي پري
پوندو. هتي صرف منافق ۽ منافقي ڪندڙن ۽ منافقيءَ تي ڌيان ڌري لنو لڳائيندڙن ۽ ڳنڍ ٻڌي انهن تي عمل ڪندڙن جي منختصر ۽ معنيٰ خيز قصن ۽
ڪهاڻين کان پڙهندڙن کي واقف ڪرڻ واجب ۽ ضروري سمجهجي ٿو.
منافقي ڪندڙ ماڻهن جي ظاهر ۽ باطن جي ڪابه ڪل ڪانه پئجي سگهندي آهي، ڇو ته منافق پنهنجي فن جا ايترا ته ماهر هوندا آهن، جيڪي انساني نفسيات جا پورا پورا پارکا ٿي پوندا آهن.
منافقي ڪرڻ هڪ اهڙي بڇڙي بدعت آهي، جيڪا جتي ۽ جنهن معاشري ۽ ماحول ۾ پلندي رهندي آهي، تنهن ماحول ۽ معاشري جو معاملو هميشه ئي مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا رهندو آهي. جنهن ڪري
انهيءَ معاشري جي ماڻهن مان اخلاقي جرئت جا جوهر ۽ بيباڪي ۽ بهادريءَ جهڙيون سهڻيون صفتون صفا ختم ٿي وينديون آهن. جنهن ڪري پنهنجي پرائي
جي پرک کان ماڻهو وانجهجي ويندو آهي.
منافقي ڪندڙ کي جڏهن ماڻهو مان مرتبي سان پنهنجي محفلن ۽ مجلسن ۾ جاءِ ڏيئي ويهاري ان جي منافقيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌندا رهندا آهن، تڏهن گويا منافق پنهنجي
منافقي، چالاڪي ۽ چرب زباني ۽ ٻڌندڙ جي سمجهه ۽ سوچ جي سادگيءَ تي کلندا آهن.
منافقي ڪرڻ سڀڪنهن جو ڪم نه آهي، ڇو ته اهو پنهنجي مٿي هڪ وڏو فن آهي. جيڪي سمجهدار ۽ سياڻا ماڻهو منافقن جي حرڪتن ۽ حرفتن کان بلڪل با خبر هوندا آهن، سي ڪڏهن به اهڙن منافقي
ڪندڙن کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندا آهن، ڇو ته هو سمجهن ٿا ته منافق جي ملاقات هميشه ئي نقصانڪار ۽ هاڃيڪار ثابت ٿيندي رهندي آهي. منافق
ڪڏهن به ۽ ڪنهن جي به ڀلائي ۽ بهبوديءَ ۾ خوش نه رهندا آهي. منافقي ڪندڙ کي سندس ضمير لعنت ۽ ملامت به نه ڪندو رهندو آهي.
بهر صورت الله تعاليٰ هر هڪ نيڪ ماڻهو کي منافق جي لڳ لاڳاپن ۽ تعلقاتن کان پنهنجي بناهه ۾ رکي، ڇو ته منافق مان انسان ذات کي ڪڏهن به ڪو فائدو نه رسندو آهي. منافق هميشه ئي پاڻ
کي وقت ۽ حالتن جا ترجمان سمجهدار، وڏي خوشفهمي ۾ مبتلا ٿي پنهنجي فن جا ڪمال ڏيکارڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪثر نه ڇڏيندا آهن.
مصنف متعلق
ڀريا ٽي سال اڳ جي ڳالهه آهي. ”ڪراچي ضلعي جي علمي ۽ ادبي تاريخ“ تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي ابتدا ڪري چڪو هوس. جتي ٿي علم جي قنديل ٻرندي ڏٺم اتي ٿي پتنگ وانگر پتهس. ڪراچي مون لاءِ
ساڳيو ئي مورڙي وارو ڪن هو. هن ماڻهن جي سمنڊ ۾ ماڻهوءَ جي ڳولها ڪرڻ نه رڳو مشڪل، مگر محال به! ڪلهوڪي ڪراچي اڄ ڪٿي!!
الهه بخش اٻوجهي ۽ نظامي جهڙا قومي شاعر، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ عبدالله ”عبد“ جهڙا مڪتب فڪر جا مالڪ، مولانا دين محمد وفائي جهڙا عالم، فاضل، محقق ۽ يگانا صحافي، مولانا محمد
صادق جهڙا عالم ۽ سياستدان، لعلچند امرڏني مل ۽ ڀيرومل جهڙا اديب اڄ ڪٿي؟ ڪالهه ته هتان ”الوحيد“ آزادي جي صدا بلند ڪندي هئي، ” جوت“ ادب
جي جوت جلائيندي هئي. ”صبح سنڌ“ سنڌ واسين کي سنهيا ڏيندي هئي. ”قرباني“ پنهنجي نالي جا درس ڏيندي هئي، اڄ اهي ڪٿي؟ ڪالهه هتي ”سندر ساهت
منڊل“ به هو ته ”آشا ساهت منڊل“ به. هتي ”رتن ساهت منڊل“ به رنگ لاتا ته ”قومي ڪتب خانه“ به ادب تي قرب ڪيا. اڄ اهي ڪٿي؟ ڪالهه ”انجمن روح
ادب“ به هئي ته ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ به. پر اڄ اتي نه اهي مارو، ۽ نه انهن مارن جو مڙهيون!! جڏهن اڄ هتي اچي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ٿي آهي، تڏهن
ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو ويهي نشاندهي ڪري ته هيءَ يا هوءَ ڪهڙي باغ جي موري آهي.
ناچيزکي ڪم به انهن ئي قربدارن تي ڪرڻو هو، جن جو رڳو وڃي نالو رهيو هو. ماضي جا سڀ نشان ذري گهٽ ميسارجي چڪا هئا. باقي هڪ ڏيئي جي لاٽ اڃا پئي وقت ۽ حالتن جي طوفانن جو مقابلو
ڪندي اچي. اها هئي هفيتوار ”آزاد“.
آئون ”آزاد“ اخبار جو مطالعو باقائدگيءَ سان ڪندو هوس، انهيءَ جي ايڊيٽر کي ٻه ٽي دفعا ٽي، وي اسڪرين تي به ڏسڻ جو موقعو مليو. سندس آواز ريڊيو وسيلي به ڪنن تائين پهچي چڪو هو،
باقي چارچشمي ڪرڻ جي ضرورت هئي، علم جي اڃ ۽ کوجنا جي ضرورت اهو مسئلو به حل ڪيو، هڪ ڏينهن پريس ۾ ويس ۽ ساڻس ملاقات ٿي، جيڪو ٻڌو هيم ان
کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيو، نالو ته جناب علي نواز، پر پيءُ جيان وفائي ڄڻ ”وفا“ جو ٺيڪدار! پنهنجن توڙي پراون، ٻڍن توڙي ٻارن جو يار!! هڪ دفعي
لاءِ ويس پر هميشہ لاءِ دروازو کولي ڇڏيائين!!!
وفائي صاحب کي ويجهي کان مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو: سڄو ڏينهن پريس ۾ محفلون ۽ مجلسون قائم ۽ دائم، آئي وئي لاءِ موسم آهر گرم ۽ ٿڌي سان آجيان ۽ آڌر ڀاءُ، محفل جو مور ۽ ڪچهريءَ
جو ڪوڏيو، سندس واقفيت جو دائرو ايترو وسيع ڄڻ عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ مفڪرن، ڪامورن ۽ آفيسرن جي هلندڙ ڦرندڙ ڊائريڪٽري يا هو از هو! وعدي
جو پڪو، هٿ جو ڇوٽ، مستقل مزاج ۽ کل مک، اهو آهي جناب علي نواز وفائي جو ماڻهن جي سمنڊ مان ڳولهي لڌم!
محترم علي نواز وفائي سنڌ جي مشهور ۽ معروف علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. ضلعي سکر تعلي ڳڙهي ياسين ڳوٺ نبي آباد (کٿين) جي ڀٽين جي خاندان وقت جا وڏا حڪيم، حافظ، عالم ۽
فاضل پيدا ڪيا آهن، جيڪي درس تدريس سان گڏ تصنيف۽ تاليف جا ماهر به ٿي گذريا آهن، اهي عزت ۽ احترام ڪري ”آخوند“، ”ميان جي“ ۽ ”خليفه“ جهڙي
نالن سان سڏيا ويندا هئا. هن ئي گهراڻي ۾ حضرت مولانا دين محمد وفائي جهڙي نامور اديب، سياستدانن صحافيءَ جنم ورتو. انهيءَ عظيم انسان جا
جوت جلائي اڄ سندس فرزند ارجمند علي نواز وفائي صاحب انهيءَ تي پرواني ۽ پتنگ جيان پاڻ قربان ڪري رهيو آهي. مولانا وفائيءَ مرحوم جو علم ۽
ادب، مذهب ۽ صحافت ۾ ٻج چٽيو، اڄ سندس نينگر انهيءَ ٻج کي ٻوٽي جي صورت ۾ ڏسي رهيو آهي، ۽ ان جي سنڀال ڪري رهيو آهي، محترم علي نواز
دونهيءَ دکائي پنهنجي وڏن جي ورثي کان سانڍيون ۽ سنڀاليون پيو اچي، ورثي ۾ کيس علم دوستي به ملي ته ادب پروري به. مذهبي عقيدا به مليا ته
معاشرتي روايتون به، جناب علي نواز وفائي انهن کي سيني سان سانڍيو پيو اچي.
مولانا دين محمد وفائي مرحوم جي لائق وارث محترم علي نواز وفائي سکر جهڙي تاريخي شهر ۾ 5، جون 1925ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جنم شهر ۾ حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ سنڌي
مسلمانن جي تقدير بدلائيندڙ تعليمي اداري، سنڌ مدرسة السلام ۾ داخل ٿيو.
والد جي محبت، شفقت ۽ تربيت، شخصيت، ۽ ڪردار جي سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. اهوئي سبب آهي جو 1950ع ۾ جڏهن سندس والد رب کي پيارو ٿيو ته پاڻ سنڌ جي علمي، ادبي، تاريخي، تحقيقي،
اصلاحي، اخلاقي ۽ تبليغي ماهوار رسالي ”توحيد“ جو ايڊيٽر ٿيو. پاڻ ڀريا ٽي سال ”توحيد“ کي هلائيندا رهيا، مگر ڪن اڻ ٽر سببن ڪري پوءِ کين
رسالو بند ڪرڻو پيو ان بعد هفتيوار ”آزاد“ جاري ڪيائون، جيڪا ٿوري عرصي اندر سنڌ ۾ پنهنجي معيار ۽ پاليسيءَ سبب مشهور ٿي وئي، اها اخبار اڄ
تائين شروعاتي اصولن تي هلندي رهي ٿي ۽ صحافت جي ميدان ۾ اڄ به پاڻ مڃايون بيٺي آهي.
وفائي صاحب ڏيهه توڙي پرڏيهه جو سير سفر پڻ ڪيو آهي؛ 1972ع ۾ کيس حج ڪرڻ جو سعيد ۽ مبارڪ موقعو نصيب ٿيو. 1974ع ۾ انگلستان، ايران، فرانس، سئزرلئنڊ ۽ ترڪي گهمي ڏٺائين. 1977ع ۾
سعوديه عربيه، جرمني، سئڊن، آمريڪا ۽ اٽلي ڏسڻ جو موقعو ملين.
سير ۽ سفر جو ڪوڏيو، پنهنجي وڏڙن جو وارث ۽ محترمه علي نواز وفائي قلم جي ڌڻي به آهي. سندس پهرين تصنيف ”پلئه پايو سچ“ اڳ ئي علم ادب جي دنيا ۾ مان پرائي چڪي آهي، ”رتيءَ جي
رهاڻ“ سندس ٻئي ڪوشش آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته وفائي صاحب ڪراچيءَ جي حسين ۽ دلنشين ماحول کان منهن موڙي، نور نچوڙي، رت ولوڙي هن شاهڪار
جي تخليق ڪئي آهي، ليڪن هن ناچيز کي به ڪتاب جي مسودي ڏسڻ جو ڀرپور موقعو مليو آهي، ڪتاب ۾ وفائي صحب جي محنت سان گڏ هن ناچيز جي محبت جا
به چٽا اهڃاڻ ملندا، جنهن تي آئون هميشه لاءِ خوشي محسوس ڪندس.
در محمد پٺاڻ
6 – آگسٽ 1978ع ڪراچي. |