سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رتيءَ جي رهاڻ

 

صفحو : 12

 ناصحانه

 

اخلاق

 

دنيا جي سمورن مذهبن، دينن، ڌرمن، اصولن، فرقن، جماعتن ۽ گروهن جي سموري تبليغ ۽ اصلاح جو سارو دارومدار اخلاق ئي هوندوآهي. اخلاق هڪ اهڙي عجيب صفت آهي، جنهن جي ڪري حضرت انسان جون ٻيون سموريون سهڻيون صفتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. هونئن به سموري انسانيت جي عظمت، بلندي ۽ بالائي، شان ۽ شوڪت، اخلاق سان ئي ڄاتو سڃاتو ويندو آهي. اخلاق جي ڪري ئي انسان هر هنڌ ۽ جتي ڪٿي عزت ۽ مان حاصل ڪندو رهي ٿو. فارسي واري جو قول آهي ته:

بغير از اخلاق، انسان حيوان است،

داناءُ ۽ دانشمند، عالم ۽ اديب جيڪڏهن اخلاق جهڙي سهڻي ۽ صاف، دلڪش ۽ دلنشين وصف کان وانجهيل آهي، نه پوءِ هن جون سموريون صفتون ڪڏهن به ڳڻڻ ۾ نه اينديون آهن، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو علم جهڙي زيور سان سينگاريل نه آهي، مگر هن ۾ آفاقي صفت يعني اخلاق موجود آهي ته پوءِ هر محفل ۽ مجلس ۾ هر هڪ ماڻهو سندس اخلاق جي ڪري نهايت ئي عزت ۽ احترام ڪندو رهندو آهي. انسان ۾ جيڪي به سموريون خوبيون، خاصيتون ۽ سهڻيون صفتون آهن، اخلاق ان جي بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿو.

نياز ۽ نوڙت، نهٺائي ۽ نماڻائي، انڪساري ۽ عاجزي، شرافت سائستگي، مروت ۽ محبت، ڀلائي ۽ بهبودي، انس ۽ الفت، گويا انسانيت سان پيار، صحيح معنيٰ ۾ سچي اخلاق جي نشاني هوندي آهي.

هن ميدان ڪارزار ۾، حضرت انسان لاءِ جيڪي به مشڪل منزلون ۽ ڪٺن ڪشالا هوندا آهن، انهن مان نهايت ئي آساني، سولائيءَ ۽ سهنجائي سان پار پوڻ جو سمورو دارو مدار انسان جي اخلاق تي هوندو آهي.

دنيا جي وڏن وڏن فيلسوفن، اخلاق متعلق پنهنجي طرفان اهي اهي سهڻا نڪتا ۽ نيڪ نصيحتون پيش ڪيون آهن، جيڪڏهن اڄ جو انسان انهن جي عمل ڪري ته هوند هو نهايت ئي خوشگوار زندگي بسر ڪندو رهي، منهنجو پنهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته اخلاق ئي اهو گڻ آهي، جنهن سان انسانن جا سوين گڻ ظاهر ٿي ڳائڻ ۾ اچن ٿا. ماڻهوءَ جي مال ملڪيت، باغ ۽ بنگلا، محل ۽ ماڙيون، زمينون ۽ زرداريون، ڪارخانا ۽ ڪاروبار، پوشاڪون ۽ پٽ پٽيهر، اهي سموريون شيون ظاهري زيب ۽ زينت کي برقرار رکي سگهن ٿيون، مگر انهن سمورين ڳالهين هوندي جيڪڏهن انسان ۾ اخلاق جهڙي اڻ کٽ دولت نه آهي ته پوءِ اهي سموريون شيون بلڪل هيچ آهن، تنهنڪري حضرت انسان کي ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت به اخلاق جهڙي صاف پاڪ ۽ اعليٰ گڻ کي پنهنجي هٿان نه ڇڏڻ گهرجي.

* * *

هيٺ نهارڻ

هميشه ئي انسان کي پاڻ کان هيٺ نهارڻ گهرجي، جنهن ۾ ئي سندس ڀلائي ۽ بهبودي هوندي آهي. مٿي نهارڻ سان ڪرڻ جو انديشو هوندو آهي.

بنيادي خوبي

هن معاشري ۾ انسان جي پنهنجي فائدي لاءِ ڪانه ڪا بنيادي خوبي هجڻ تمام ضروري آهي. جيستائين ڪنهن به انسان کي پنهنجي ذاتي يا شخصي خوبي يا خاصيت نه آهي، تيستائين هو پرائي آسرن ۽ عارضي اميدن تي ڪيستائين هلي، ڪيستائين هلندو.

جيڪي ماڻهو چمڪي تي بندوق هڻندا رهن ٿا، سي ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجي کوکلي ۽ عارضي وقار جي هٿان ئي ٺڪرائجي ويندا آهن. ڪيترن ماڻهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه دلڪشي، ۽ هر دلعزيزي نه هوندي آهي، مگر جڏهن انهن کي وقت، حالتون ۽ ماحول مدد ڪندو رهندو آهي، تڏهن هو، پنهنجي سمجهه ۽ سوچ، درو انديشي ۽ دانشمندي مطابق اهڙا قدم کڻندا رهندا آهن. جو پنهنجي لاءِ معاشري ۾ وڏي عزت ۽ منزل پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. ۽ انهي عرصي ۾ هو پنهنجي لاءِ ڪو پيڙه جو پٿر به رکي ڇڏيندا آهن، سندن انهي پيڙه جي پٿر ڪري پويان به ڄاتا ۽ سڃاتا ويندا آهن، مگر ڪي اهڙا به هنبوشي هڻندڙ همراه هوندا اهن، جيڪي پنهنجي وڏن جي ڪئي ڪمائي کي پنهنجي افعالن ۽ اعمالن جي ڪري، هڪڙي ڌڪ  سان تلف ۽ تاراج ڪري ڇڏيندا آهن. ڇو ته انهن نا اهلن کي پنهنجي وڏن جي ميڙيل ميراث تي وڏو فخر ۽ ناز هوندو آهي، پنهنجي هنن ۾ ڪابه لياقت ۽ قابليت ڪانه هوندي آهي، ۽ هو ائين سمجهندا آهن ته ماڻهو اسان جي عزت ۽ احترام ڪن، مگر هن دور جو سمجهدار ۽ سياڻو ماڻهو هميشه ئي ماڻهو جي انفرادي خوبين، ۽ خاصيتن کي سامهون رکي پوءِ ڪونه ڪو فيصلو ڪندو رهندو آهي.

ڊگريون ۽ ڊگريون جا ڍير ۽ عارضي عهدا،ڪڏهين به ڪنهن سمجهدار ۽ سياڻي ماڻهو تي اثر نه ڪندا آهن، ڇو ته ڊگريون ماني ڪمائڻ جو ذريعو ٿي پيون آهن، ۽ عهدا عارضي هوندا آهن. انهن ٻنهي شين تي ماڻهو کي ڪڏهن به فخر ۽ ناز ڪرڻ نه گهرجي، اهي بنيادي وصفون نه آهن. يعني اهي شيون حاصل ڪبيون آهن، ۽ حاصل ٿينديون رهنديون آهن. ڪنهن به چڱي شئي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو کي وڏي جدوجهد، ڪٺن ۽ ڪشالن واريون منزلون طئي ڪرڻيون پونديون آهن، تڏهن هو وڃي ڪنهن نه ڪنهن منزل ۽ مقصد تي ڪامياب ٿيندو رهندو آهي. باقي هوا ۾ لٺيون هڻڻ سان عزيز زندگي جو قيمتي وقت صايع ڪرڻ سان ڪنهن به قسم جو ڪوبه مقصد نڪري نروار نه ٿيندو آهي. جنهن ڪري انسان کي گهرجي، ته هو پنهنجي حيثيت ۽ لياقت جي ئي بنياد تي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري، جنهن ۾ ئي سندس نالو ۽ نيڪي نڪري نروار ٿيندو رهندو آهي.

* * *

 انسان، انسان کي

جيستائين انسان، انسان کي انسان سمجهي پيارنه ڪندو، تيستائين دنيا جو ڪوبه مسئلو آساني سان حل نه ٿي سگهندو هونئن به وطن جي حب ۽ ملڪي ماڻهن سان محبت، اهو هڪ ايڏو عظيم جذبو آهي، جنهن جي اڳيان دنيا جا سمورا ارادا ۽ اصول گردن جهڪائيندا رهندا آهن.

 ان کان پوءِ

جستائين ملڪ جي ماڻهن جي جيءَ کي جلائيندڙ اقتصادي جنجال کان جند آزاد نه ٿيندي، تيستائين ملڪ ۾ قومي اصلاحي ۽ اخلاقي، معاشرتي ۽ معاشي، حالتن جو درست ٿيڻ ناممڪن آهي. پهريائين انسان جي زندگيءَ جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي، ان کان پوءِ سڀ ڪا ڳالهه سولي، سنهجي ۽ سڻائي ٿي پوندي آهي.

 

ٻه اکر

 

هن دنيا ۾ جيڪي به فتنا ۽ فساد، جهيڙا ۽ جهٽا، گوڙ گهمسان، اختلاف ۽ آزمائشون شروع ٿينديون آهن، ان جو بنيادي سبب نفرت ۽ حقارت تي هوندو آهي. اهي ٻه اکر هميشه ئي پنهنجو اثر ڏيکاريندا آهن. جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن به دل جي زبان، من جي ٻولي، اندر جي ڪتابن ۽ روح جي لغت ۾ اهي ٻه اکر نه هجن ها ته هوند حضرت انسان جتي به هجي ها، ته نهايت ئي سڪون ۽ آرام سان زندگي بسر ڪندو، پنهنجي روزمره جي ڪاروبار ۾ اڳتي وڌندو رهي ها، مگر افسوس جو اهي ٻئي لفظ اسان جا پنهنجا ئي پيدا ڪيل آهن. جن جي اثر کان دنيا جو سڪون ۽ آرام درهم برهم ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيو ويندو. حضرت انسان جيڪڏهن انهن ٻنهي لفظن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي، محبت ۽ مروت جي عينڪ سان انسان جي صحيح عزت ۽ منزلت کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو ته هوند هن جي دل مان ڪدورت جي ڪاراهين واري ڪٽ از خود ڪورجي ويندي. منهنجو پنهنجو ذاتي مشاهدو ۽ مطالعو، تجربو ۽ آزمودو آهي ته انسان بذات خود هڪ آئينو اهي، جيڪو هو پاڻ پنهنجي اندر ۾ ڏسندو، سوئي دنيا ۽ دنيا وارن کي پسندو رهندو. بنيادي سوال آهي انسانيت جو قدر. جنهن معاشري ۾ انسانيت جو قدر ۽ قيمت، ڪچ ڪوڏين جي برابر به نه هجي، اتي انسانيت جي معراج متعلق سوچڻ ۽ سمجهڻ ناداني آهي. ان کان سواءِ انسانيت سان محبت ۽ مروت، قدر ۽ قيمت، انس ۽ الفت ڪرڻ به سڀڪنهن جو ڪم نه آهي. جيستائين نفرت ۽ حقارت جا جذبا، جنهن به معاشري ۾ پلجندا رهندا، تيستائين ان معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڀلائي ۽ بهبودي، نيڪي ۽ چڱائي جي اميد رکڻ بلڪل بيڪار ۽ بيسود ثابت ٿيندي. افسوس جو سڄي دنيا جي فتني ۽ فساد جي جڙ نفرت ۽ حقارت آهي.

دنيا جي سمورن مذهبن ۽ ڌرمن، عقيدن ۽ اصولن جو زور صرف انسانيت جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قائم ڪيل آهي. انهن اصولن ۽ عقيدن، مذهبن ۽ ڌرمن تي عمل ڪرڻ انسان جو پنهنجو ذاتي فعل آهي، ڇو ته انسان پنهنجي عمل ۾ ڪمن ڪارين جو خود مختيار آهي، پر سڀ کان اهم ترين ڳالهه اها آهي ته انسان پنهنجي ذهن مان نفرت جي جذبي کي جيستائين روڙي مروڙي نه ڪڍندو، تيستائين انسان جي نصيب ۾ امن ۽ سڪون نه ايندو.

* * *

 

ارادا ۽ اصول

هڪ عربي جي شاعر جو چوڻ اهي ته ”اي دنيا، تون اهو وقت ڏس، جڏهن تو ملڪن ۽ قومن جي ڀلائي ۽ بهبودي، سڌارن ۽ واڌارن ڪندڙن جي مخالفت نه ڪئي هجي!“ اسان کي اڄ ڏينهن تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته چڱن سان هي دنيا چڱي ڇو نه هلندي آهي. يا ته اهو زماني جو دستور ٿي ويو آهي ته هر بيباڪ ۽ بهادر، تعمير ۽ ترقي چاهيندڙ جي هر هنڌ مخالفت ڪئي وڃي. مخالفت جا به ڪئي قسم هوندا آهن، ۽ انهن مخالفتن کي داناءَ ۽ دانشمند سهڻي نموني ۽ خلوص دل سان سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. عظيم آهن اهڙا انسان، جيڪي مخالفتن جي باوجود پنهنجي قوم ۽ وطن کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي خوش خبري ڏيندا رهندا آهن. اهڙن عظيم انسانن کي ڪاميابي ان ڪري نصيب ٿيندي آهي، جو انهن جي اڳيان خالق جي خلق جي خدمت جو ئي جرڪندڙ جذبو ۽ جوهر مشعل راه هوندو آهي.

 

حسد

 حسد ڇا آهي، ڇا لاءِ ڪيو وڃي ٿو، ۽ ڇو ڪيو وڃي ٿو. حسد جي تاريخ تمام وڏي ۽ لمبي چوڙي آهي. جن قومن، قبيلن ۽ ماڻهن ۾ حسد جون باهيون ۽ بٺيون ٻرنديون رهنديون آهن، اهي ڪڏهن به دنيا جي ڪنهن به ترقي جي راهه تي هلڻ جي قابل ۽ لائق نه ٿي سگهنديون آهن. حسد هڪ اهڙي بڇڙي بلا آهي، جنهن ۾ صرف حسد ڪندڙ کي ئي نقصان پهچندو آهي.

حسد جو گهڻو ڪري لڳ لاڳاپو، انساني فطرت ۽ ان سان گڏوگڏ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ سان تعلق رکي ٿو. يعني ڪنهن به محنت ۽ مشقت ڪندڙ ماڻهو جي ترقي ۽ ان جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ ڪڏهن به خوش ٿيڻ جي بجاءِ حسد وچان حاسد ان تي مختلف ۽ جدا جدا ڪوڙن الزامن ۽ بي بنياد بهتانن هڻڻ، هنن جي عادت ۽ فطرت ٿي پوندي آهي.

حسد هڪ اهڙي بيماري آهي، جو حاسدن کي ئي فنا ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي. حاسدن جا به ڪئي قسم هوندا آهن، مگر سمورن جو مول متو ۽ مقصد هڪ ئي هوندو آهي، يعني ڪنهن جي به خوشي ۾ هو خوش نه هوندا آهن.

انهن جي اڳيان نه صرف غيرن جو سوال هوندو آهي، مگر هو پنهنجن دوستن، يارن، مٽن، مائٽن ۽ لڳ لاڳاپي وارن سان به حسد ڪندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي حاسد اهڙيون به حرڪتون ۽ حرفتون بي انتها بيهودگيون ڪندا رهندا آهن، جنهن مان گهڻو ڪري ڪم ڪندڙن ۽ ترقي ڪندڙن کي ڏاڍي تڪليف پهچندي آهي.

مگر هو هنن جي تڪليفن ۾ خوش ٿيندا رهندا آهن. يعني سکيءَ کي ڪڏهن به هو ڏسي سک سان نه ويهندا آهن. حسد ڪندڙ بنيادي طرح بيوقوف، بزدل، خوشامد ڪندڙ، ۽ اجايا سجايا بهانا بنائيندڙ هوندا آهن. حاسد ڪڏهين به ڪامياب زندگي بسر نٿو ڪري سگهي، ڇو ته هن کي ٻين جي حسد مان ئي واندڪائي ۽ وقت ميسر نٿو ٿئي، جو پنهنجي زندگي لاءِ ڪا ترقي جي راه ڳولهي. بيباڪ ۽ بهادر ماڻهو ڪڏهن به حسد سان لڳ لاڳاپو نه رکندا آهن، ڇاڪاڻ ته بهادر ماڻهو سڀڪنهن جي ڀلي لاءِ سوچيندا رهندا آهن، ۽ انهن جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهندا رهندا آهن. گهڻو ڪري اسان جي معاشري جو دامن براين ۽ بڇڙاين، بدين، بدعتن ۾ ڀرپور ۽ ڀريو پيو آهي، مگر ان سمورين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ بڇڙي بلا حسد آهي.

حاسد گهڻو ڪري ٻين جي پچار جو پرچار ڪندڙ هوندو آهي. جنهن ڪري هن جي پنهنجي حيثيت ۽ لياقت ختم ٿي ويندي آهي. ۽ ڪڏهن به انسانن کي حاسدن مان نيڪي ۽ چڱائي نصيب ناهي ٿيڻي.

جيڪي ماڻهو اڳتي وڌي پاڻ ۾ قابليت ۽ لياقت پيدا نٿا ڪري سگهن، سي گهڻو ڪري حسد جي اوڙاهه جي آويڙ ۾ اڙيا پيا هوندا آهن. حاسد جڏهن ڪنهن کي خوش ڏسي ٿو، يا ڪنهن جي ترقي لاءِ ٻڌي ٿو ته هڪدم سندس اندر جا جذبا، چهري مان ظاهر ٿي پوندا آهن، ۽ هوبي صبري مان پنهنجي زبان کي گندن لفظن سان استعمال ڪندا رهندا آهن.

گويا هنن جي خوشحالي، ترقي، سڌارو ۽ واڌارو حاسدن لاءِ وڏي مصيبت جو سامان مهيا ڪري ڇڏيندا آهن. حاسد ڄاڻي واڻي، يا ارادي سان ڪنهن لاءِ به حسد نه ڪندو آهي، مگر هو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ سان، پوءِ اهو ڪير به هجي، پنهنجي حسد واري حرڪت کان مجبور هوندو آهي.

الله تعاليٰ حسد ڪندڙن حاسدن تي رحم ۽ ڪرم فرمائي، ۽ انهن کي حسد جهڙي لعنت کان نجات ڏياري ته جيئن هو پنهنجي ترقي لاءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪن ته بهتر آهي. ورنه حاسد، حسد جي باهه ۽ ٻرندو رهندو ۽ ترقي ڪندڙ اڳتي وڌندا رهندا.

* * *

 چار طبقا

جلسن ۽ جلوسن ۾ هميشه ئي چئن طبقن جا ماڻهو نظر ايندا آهن. سامعين، ناظرين، حاضرين ۽ تماشبين، انهن چئني ۾ تفاوت صرف اهي ئي ماڻهو ڪري سگهندا آهن، جيڪي اسٽيج جي آدابن جا استاد بهترين مقرر ۽ گفتار جا غازي هوندا آهن.

* دنيا ۾ اهي خوش نصيب انسان آهن، جن وٽ وفاداري ۽ باڪدامن ۽ فرمانبردار زال، اولاد نيڪ ۽ صالح، ۽ ان سان گڏ مخلص دوست، جيڪي مهلن ۽ موقعن تي مدد ڪرڻ جا مڙس هجن.

* سلام، ڪلام، ڏيٺ ويٺ، ميل ملاقات ۽ واقفيت وارن سان ڪڏهن به دوستي جي دعويٰ نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته دوست ۽ دوستي جا اکر پنهنجي مٿي هڪ وڏي معنيٰ رکندڙ آهن.

 

خوشامد

خوشامد ڪهڙي شئي جو نالو آهي، اها ڇا آهي، ڇو آهي، ڇالاءِ آهي، ڇو ڪئي وڃي ٿي. خوشامد جي تاريخ تي جيڪڏهن نظر ڪئي وڃي ته سواءِ تباهيءَ، بربادي، تلف ۽ تاراج، سستي ۽ ڪاهلي، بد انتظامي ۽ بي بندوبستگي، بي خبري ۽ بي پرواهي، اڻڄاڻائي ۽ الڙپائي، گويا دنيا ۾ جيڪي به ملڪن ۽ قومن ۾ برائين بدين ۽ بڇڙاين جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، انهن جو بنياد خوشامد تي آهي.

جتي ۽ جنهن وقت خوشامد جي خوشبوءَ جو ٿورو گهڻو اثر شروع ٿيو، سمجهو ته حالتون جلد ڦيرو کائڻ واريون آهن. تاريخ جا عجيب قصا ۽ ڪهاڻيون، دور ۽ داستان هر دور ۾ دهرائبا رهن ٿا. تاريخ جي تاريخ به عجيب آهي، اها ظالم ڪنهن به شئي کي نٿي ڇڏي، انهيءِ شئي صرف انهن ماڻهن کان پاسو ڪيو آهي، جن انهي جي واقعن، قصن، ڪهاڻين، داستانن کي هينئين سان هنڊائي انهن جي صحيح منيٰ ۾ پابندي ۽ پيروي ڪندي خوشامدڙين کي پاڻ وٽ ويجهو نه اچڻ ڏنو، سي گهڻو ڪري تاريخ جي تيز وهڪرن جي واهوڙن مان ڪي قدر بچي ويا، مگر خوشامد هروقت ۽ هرجاءِ تي پنهنجا منحوس پير ڄمائيندي رهندي آهي.

خوشامد هڪ خاص فن آهي، اهو ايتروئي نازڪ۽ نفيس آهي، جهڙا ٻيا فن، ڇو ته ڪنهن به فن حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي وڏين رياضتن، راهن، مشڪلاتن ۽ مصيبتن، ڪٺن ۽ ڪشالن جي رستن کي لتاڙڻ کانپوءِ وڃي ڪنهن منزل مقصود تي پهچڻو پوي ٿو. خوشامد جا به ڪيئي قسم ۽ جدا جدا طور طريقا آهن. پيشه ورانه خوشامدڙيا، ايترا ته ايڏا گهاگه ۽ گڙنگ هوندا آهن. جو وقت ۽ حالتن جي ايڪسري ڪرڻ سان گڏوگڏ نفسيات جا به وڏا ماهر ۽ پارکا هوندا آهن. محفلن ۽ مجلسن، موقعن ۽ مهلن جي مناسبت مطابق سوچي سمجهي، اڳ پٺ جانچي جونچي، هر هڪ لفظ کي تڪي توري ۽ ڇنڊي ڇاڻي، اهي ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا، جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا. ۽ ائين پاڻ کي محسوس ڪندا رهندا ته هن دنيا جو جيڪو به ڪاروبار هلي چلي رهيو آهي، تنهنجو چرخو سندن ئي چوڌاري چرندو پرندو رهي ٿو.

خوشامد گهڻو ڪري طاقت ۽ لياقت، ڪمال ۽ جمال، جلال ۽ جوش، اقتدار ۽ عهدي وارن جي ئي ڪرڻ ۾ ايندي رهندي آهي، ڇو ته انهن کي صرف خوشامد ئي پسند هوندي آهي. هونئن به حضرت انسان، جيڪو گوشت ۽ پوست جو پتلو آهي، جنهن جو هوش ۽ حواس عقل ۽ ادراڪ، فهم ۽ فراست محدود هوندو آهن، جنهن ڪري خوشامد پسند کي سندس ڪوڙي وصفن جي واکاڻ کي ور ور ڪري ورجائڻ ۾ ئي مزو ايندو رهندو آهي.

* * *

 آداب

 محفلن ۽ مجلسن جي اصولن ۽ آدابن لاءِ انسان کي وسيح تجربي ۽ آزمودي جي ضرورت هوندي آهي. صحيح محفلن ۽ مجلسن ۾ صف پاڻي پيارڻ لاءِ به ماڻهو کي ڪافي تجربو ۽ آزمودو هجڻ گهرجي.

دنيا جي محبت جي مصيبت

سگهڙن جو سچو سخن آهي ته دنيا جي محبت سمورن گناهن جو بنياد آهي. اوهان هن سخن کي سامهون رکي پوءِ دنيا وارن لالچين جي زندگي تي ويچار ڪريو ته ان جي پوري پوري شرح اوهان جي سامهون اچي ويندي. هو دولت جي محبت ۾ پنهنجن جهنم جهڙن ڀڀن کي ڀرڻ لاءِ اهي سياه ڪارناما ۽ ڪڌا ڪرتوت ڪندا آهن، جنهن جو ذڪر ڪهڙو ڪري، ڪهڙو ڪجي. ٻيو ته ٺهيو، پر پنهنجي ڀينرن ۽ پنهنجي نياڻين کي اباڻي املاڪ مان هڪ ڪوڏي نٿا ڏين. يتيمن جا حصا کائي، پنهنجي پيٽ ۾ جهنم جي باه جهوڪين ٿا. هن کان وڌيڪ ڪو ظالم ٿيندو، جو آبي جي اوالاد کي بک مرڻ تي مجبور ڪري، ۽ پاڻ عياشيون ڪري ۽ آرام سان گذاري، سرمائيداري يا دولتمندي هڪ لوڀ آهي. انسان ۾ حب دينا جو ايڏو آزار پيدا ٿئي ٿو، جو هو انڌو ٿي پوي ٿو ۽ حقدارن جا حق ڇني نفس ناپائدار جي آرام لاءِ ڪورو ڪافر بڻجي وڃي ٿو.

اسان جي سنڌ ۾ هزارين اهڙا زميندار، وڏيرا ۽ خانداني پير ملندا هن وٽ ڀينرن يا ڌيئن کي املاڪ مان حصو ڏيڻ خانداني رواج موجب ناجائز آهي، اگرچه قانوني طرح اهي عورتون مالڪياڻيون ٿي سگهن ٿيون، پر جدا جدا حيلا ڪري هنن کي محروم بڻايو وڃي ٿو. حصي وٺڻ جي ڊپ کان بعض حالتن ۾ هنن بي زبان عورتن کي شادي جي نعمت کان محروم رکي، سموري ڄمار گهرن جي چؤديواري ۾ باندي بڻائي رکيو وڃي ٿو، جنهن ڪري هو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي پنهنجا پساه پورا ڪن ٿيون.

جن خاندانن ۾ زالن سان ايڏا ظلم ٿيندا رهندا ته انهن تي يقيناً ڪونه ڪو عذاب نازل ٿيندو. اهي ماڻهو بيشڪ ظاهر ۾ موٽرن ۽ محلاتن جا مالڪ آهن، مگر باطن ۾ الله تعاليٰ وٽ هنن جي هڪ ڪوڏيءَ جيتري به قيمت ڪانه آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪو صحيح قانون هجي ته ڪنهن به امير ماڻهو جي مرڻ وقت سندس جنازي کڻڻ کان پوءِ تعلقي جو مختيارڪار پهچي، سڀني وارثن، ننڍن وڏن پٽن، نياڻين جا کاتا بدلائي، ڪم لاهي وڃي ته پوءِ نه اها سرمائيداري رهندي ۽ نه وڏي زمينداري، ۽ نه وري پرايا حق غصب ڪندڙ الله تعاليٰ جي عذاب ۾ گرفتار ٿين.

اسلام سرمائداري کي قائم رکڻ جي برخلاف به آهي، ۽ ان سان گڏ پنهنجي ڪمائيءَ مان فائدي پرائڻ جي حق ۾ به آهي. اوهان ڏسو ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي املاڪ کي صحيح طريقي تي شرعي نموني ۾ سندس وارثن ۾ ورهايو وڃي ته ٻن يا ٽن پيڙهين کان پوءِ سمورن سرمائيدارن جي املاڪ ختم ٿي ويندي، ۽ انهيءَ ختم ٿيڻ جي ڊپ کان هوند زميندارن ۽ زردارن جو اولاد رات ڏينهن وڌيڪ محنت سان ڪمائي کي لڳو رهندو ۽ ايئن بيڪار جيڪر نه رهي، جيئن هاڻي بيڪاري کان تنگ اچي بدڪاري لاءِ وجهه ڳوليندو رهندو آهي.

* * *

 نمائش

افسوس جو زردار طبقي جو نئون نسل صرف پنهنجون زندگيون مصنوعي نمائش ۾ پوريون ڪندو رهي ٿو.

  

قدردانن جا قولي

 

هن قحط الرجال جي دور ۾ قدردانن جي ڪمي، دورانديشن ۽ دانشمندن جا در بند، سمجهدار ۽ سياڻن جي سڃ، گويا ڏاهن جو ڏيهه ۾ ڏڪر ڏسجي رهيو آهي،

قدردانن جا ته ڪئي قول آهن، جن مان صرف هڪ قول جو قصو پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ ڪارنيوال اچي لڳي، جنهن ۾ گڏهن ۽ گهوڙن، هاٿين، بندرن، ڀولڙن، شينهن ۽ چيتن وغيره جا جدا جدا ڪرتب ڏيکاريا ويندا هيا. جن جن ماڻهن سرڪسون ۽ ڪارنيوالون ڏٺيون هونديون، انهن کي خبر هوندي ته حضرت انسان ڪيترن خونخوار ۽ خطرناڪ جانورن کي پنهنجي تابع ڪري، ترتيب ڏيئي، صرف اشارن سان اُٿڻ، ويهڻ ۽ هلڻ سيکاريندو رهي ٿو. ان ڪارنيوالن ۾ هڪ شينهن بلڪل بيڪار ٿي پيو هو، جنهن ڪري سيکاريندڙ ماستر چيو ته شينهن کي شوٽ ڪيو وڃي، ڇو ته ڪنهن به ڪم ڪار جو نه رهيو آهي. هروڀرو مٿائنس خرچ ٿيندو رهي ٿو. اها ڳالهه سندس عملي جي ڪنهن ملازم وڃي شهر جي ڀر واري ڳوٺ جي شوقين، شڪاري، زميندار سان ڪئي. ان ڳوٺ جو زميندار شڪار جو وڏو شوقين ۽ خفتي هو. ڪتن جون لوڌون هونديون هيونس، مهيني ماسي ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ سوئرن ۽ رڇن جي، ڪتن سان ويڙهه ڪرائيندو رهندو هو. زميندار کي جڏهين شينهن جي خبر پئي ته ان ماڻهو جي معرفت ڪارنيوال جي ڪمدار ڏانهن نياپو موڪليائين ته شينهن کي شوٽ نه ڪيو، ۽ سندس قيمت مقرر ڪريو ته آئون وٺڻ لاءِ تيار آهيان. جڏهن ماستر کي سندس ماڻهو معرفت نياپو پهتو، تڏهن ان پنهنجي ساٿين، سنگتين سان صلاح، مصلحت ڪئي ته شينهن کي مارڻ بجاءِ پئسن تي ڏيئي ڇڏجي. ماستر پنهنجي ملازم چيو ته ان زميندار کي وٺي اچ، ته روبرو شينهن جو سودو ڪيو وڃي، زميندار نياپي پهچڻ شرط اچي پهتو. ماستر سان شينهن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي. ماستر پڇيس ته تون شينهن کي ڇا ڪندين؟ خفتيءَ جواب ڏنس ته سڄي زندگي ڪتن کي، سوئرن ۽ رڇن سان وڙهائيندو رهندو آهيان، مگر اها حسرت هئي ته ڪتن کي ڪنهن وقت شينهن سان وڙهائي ڏسان. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ هڪ سؤ ۾ سودو طئي ٿيو. شوقين پئسا ڏيئي، شينهن کي پنهنجي ڳوٺ وٺي آيو. شينهن پوڙهو ۽ بيمار هو، ڪجهه وقت سندس علاج ڪرايو ۽ کيس خوب کارايو. پياريو ويو. شينهن ۾ به ڪافي سامت ۽ سگهه آئي. آخر هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ويو، ۽ تر جي ڪيترن ئي شوقينن ۽ خفتين کي شينهن ۽ ڪتن جي ويڙهه جي ڪانڍ ڏني ويئي ۽ سمورا اچي انهي ڪانڍ ۾ ڪٺا ٿيا. شينهن ۽ ڪتن جي ويڙه  جيڪو ٻڌي پيو، سو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي، پٽڪو ٻڌي، اچي ٿي نڪتو، ماڻهن جا ڳاٽ ۽ ڪتن جا ڪئون ڪاٽ ۽ ڪوڪراٽ شروع ٿي ويا. شينهن جي پوئين ڄنگهه مضبوط رسيءَ سان ٻڌي وچ ۾ کوڙيل ڪِلي سان قابو ڪئي ويئي. ڪتن کي شينهن سان ويڙهائڻ جي تياري ۾ هيا، ته اتان ڪنهن قدردان جي سواري جو گذر ٿيو، ۽ ماڻهن جا ميڙ متل ڏسي هڪدم پنهنجي سواريءَ تان لهي ڪري، ماڻهن کان پڇڻ لڳو، ته هي ڇا جو ميلو ملاکڙو متل آهي. ماڻهن چيس ته اڄ شينهن ۽ ڪتن جي پاڻ ۾ ويڙه آهي. همراه ڳالهه ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿي پيو، ۽ افسوس ارمان ڪرڻ لڳو ته شينهن تي ڪتن جي بڇ ڪرائي وڃي ٿي. پاڻ پڇا ڪيائين ته شينهن ڪنهن جو آهي، آئون ان جي مالڪ سان ملڻ گهران ٿو. گهڙي پلڪ ۾ شينهن وارو شوقين به اچي نڪتو، ۽ قدردان کي شينهن ۽ ڪارنيوال جو سمورو قصو ٻڌايو. ان تي قدردان پنهنجو پٽڪو لاهي، ان جي پيرن تي رکيو ته خدا جي واسطي، شينهن کي ڪتن سان نه ويڙهاءِ، شينهن پوڙهو هجي، يا بيمار يا بيڪار تڏهن به شينهن، شينهن آهي. آئون توکي ٻه سؤ رپيا ڏيان ٿو ته شينهن کي ڪتن سان نه ويڙهاءِ. شينهن کي بندوق هڻو، ترار يا توب سان اڏايو. مگر ڪتن جي هن تي بڇ نه ڪرايو. شينهن، شينهن آهي، ۽ ڪتا، ڪتا آهن! اهي اَٿو قدردانن جا قول.

* * *

 مخالفت

مڙسن جي مخالفت ٿيندي رهندي آهي،  مخالفت هئڻ به ضروري آهي، ڇو ته مخالفت ۾ انسان جي بهادري ۽ بي باڪي، جرئت ۽ مستقل مزاجي ۽ قابليت جي ڪيئي جرڪيدار جوهر جرڪندا رهندا آهن. اسان جي وڏڙن جو قول آهي ته مخالفت ڪنهن وڏي طاقت سان ڪجي، جنهن جي ٽڪر کائڻ ۾ روحاني راحت ۽ من کي مزو ايندو رهي، باقي ڪمزور ۽ ڪم طاقت سان هٿ چراند ڪرڻ، ڪم ظرف ۽ ڪميني فطرت جي ماڻهو جو ڪم آهي. اهو انسان وڏو خوش نصيب آهي، جنهن جو مخالف بهادر ۽ با ضمير ماڻهو هوندو آهي.

قدر داني

قدر داني لفظ جي جيڪڏهن لغوي، معنوي، اصطلاحي، اصلاحي مطلب ۽ سندس صفتن ۽ صفائي جي، ويهي واکاڻ ڪبي ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا. انهن ستن حرفن واري لفظ ۾ رٻڙ واري ايتري لچڪ سمايل آهي، جنهن جي ڪابه ڀيڻي ڀر، ڪپر ۽ ڪنڌي جو پتو ۽ پار پئجي نه سگهندو آهي.

قدرداني ڪير ڪندو آهي، ڪنهن جي ڪئي ويندي آهي، ۽ ڇو ڪبي آهي، ڇالاءِ ڪرڻ ۾ ايندي آهي، ڪڏهن ڪرڻ ۾ ايندي آهي، ۽ ڪيئن ڪئي ويندي آهي، اهي تمام وڏا ۽ لمبا چوڙا بحث مباحثا آهن، انهن جي نفيس نزاڪت ۽ عجيب ادائن جي به علحده هڪ دنيا هوندي آهي. اسان جي هن گنهگار اکين قدر ۽ بي قدري جا ڪئي نظارا نروار ٿيندي ڏٺا آهن، جن جو هتي ذڪر ڪبو ته قدر ۽ نا قدري هڪ ٻئي جي حالتن تي هنجون هارڻ کان سواءِ رهي نه سگهنديون. نام، نمود ۽ نمائش ئي قدرداني تي هميشه ۽ هر هڪ دور ۾ ٿيندي رهندي، ۽ ٿيندي رهي ٿي. قدردان، فنڪارن جي هڪڙي ادا تي فدا ٿي پوندا آهن. ڪڏهن وري فنڪار پنهنجي فن جو اوج ۽ عروج ظاهر ڪرڻ کان پوءِ به بي قدرن وٽ قدر جو ڪڻو به حاصل نه ڪري سگهندا آهن. اسان جي تاريخ جا ڪئي ورق قدر ۽ ناقدري جي داستانن سان ڀريا پيا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ لفظ يا هڪ سٽ تي ساهه صدقو ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن وري داستان پويان داستان دهرائڻ کان پوءِ به ڌڪو داخل ٿي نه سگهندو آهي. جن دورن ۾ فنڪارن جي فن جي صحيح معنيٰ ۾ قدر ۽ قيمت ڪٿي ويندي آهي، ان دور ۾ هر فن پنهنجي اوج ۽ عروج تي پهچي، نوان فنڪار پيدا ڪندو رهندو آهي. جنهن ڪري زماني جي حالتن سان گڏوگڏ هرهڪ فن ۾ نئين جدت، نوان لاڙا، نيون ترتيبون، نيون تشبيهون، نيون تمثيلون پيدا ٿي فن جي اصلي جوهرن کي جرڪائينديون رهنديون آهن.

جيستائين قدر ڪندڙ ڪنهن به فنڪار جي فن جي خوبين کان بخوبي باخبر نه آهي، تيستائين هن کي فنڪار جي فن جي قدر ۽ قيمت جي ڪل ئي ڪانه پوندي، ڇو ته قدردانن لاءِ لازمي آهي ته هو اهل دل، اهل نظر سان گڏوگڏ سخن سنجهه، سخن فهم ۽ سخن شناسي جي به سمجهه رکندڙ هجن. جيئن هو فنڪار جي آفاقي ادائن ۽ سندن جوهرن جهڙي جرڪندڙ جذبات جي پرک پروڙي سگهن. انسان جي سونهن ۽ سوڀيا، حسن ۽ جواني، صحت ۽ صفائي، نزاڪت ۽ نفاست، شرافت شگفتي، گفتار ۽ رفتار، يعني انهن مٿين خوبين هوندي به انسان صرف هڪ ادا تي فدا ٿي پوندو آهي، اها ڪهڙي ادا آهي. ان جي ڪل، جيڪي صرف ادا جي ڪنهن اشاري تي فدا يا فنا ٿي پوندا آهن، تن کي ئي هوندي آهي، ورنه رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا.

* * *

 وقت

انسان لاءِ وقت، هڪ وڏي وٿ آهي، جنهن جو قدر ۽ قيمت ڪرڻ ڪنهن جو ڪم نه آهي. وقت جو قدر گهڻو ڪري آزاد قومن وٽ ٿئي ٿو. باقي اسان کي ڪهڙي ڪل ته وقت ڇا ٿيندو آهي. هن دنيا ۾ وقت صرف انهن جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي، جيڪي وقت کي پنهنجو سمجهي، ان جو آواز ٻڌندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org