سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رتيءَ جي رهاڻ

 

صفحو :3  

تنقيدي

 

 

اخبارون ۽ قلم

دنيا ۾ ڄاڻ سڃاڻ، سمجهه ۽ سوچ، سجاڳي ۽ سرت، بيداري ۽ بي باڪي، سان گڏ و گڏ فتنو ۽ فساد، ڦڏو ۽ فريب، روساما ۽ رنجشون، غلط فهميون ۽ گندگيون، اخبارن جون پيدا ڪيل آهن. اخبار خبر جو جمع آهي. خبر خيري به هوندي آهي ۽ ناخيري به. اخباري دنيا جي تاريخ تي جيڪڏهن نظر ڪبي، ته هزارين اهڙا واقعا ۽ وارداتون، مضمون ۽ مقالا، ڪالم قائم هوندا آهن، پوءِ اهي مزاحيه هجن يا محققانه، تاريخي هجن يا تبليغي، اصلاحي هجن يا اخلاقي. بهر صورت انهن ۾ ڪا نه ڪا، فن ۽ فڪر جي ڳالهه سمايل هوندي آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن به مضمون، مقالي ۾ فهم ۽ فڪر جي ڪا ڳالهه نه هوندي، ته گويا پڙهندڙن، لاءِ نسورو ناحق هوندو.

”خبر“ کي انگريزي  ۾ چون News، اتر کي چون North، اوڀر کي چون  East، اولهه کي سڏين  West ۽ ڏکڻ کي سڏين  South. انهن چئني لفظن جا پهريان حرف ملايو ته ٿي پئي  News، معنيٰ ”خبر“. هاڻي خبر جو مطلب ٿيو صحيح، سچي ۽ سڄي معلومات. جيئن چار ئي طرف، پنهنجي پنهنجي حيثيت رکن ٿا، تيئن ”خبر“ جا ٻه مختلف پهلو ٿين ٿا. جن کي چڪاسڻ ۽ تپاسڻ، نه رڳو ضروري آهي، مگر اخبار جي وڏي ۾ وڏي جوابداري، ايڊيٽرن تي هوندي آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي عيوضين تي به عائد ٿيندي آهي. ڪنهن به اخبار جو ايڊيٽر ٿيڻ، ڪا معمولي ڳالهه ڪانه آهي، ان قلمي ڪم لاءِ وڏي، علمي لياقت ۽ قابليت، تجربو ۽ آزمودو، ڄاڻ سڃاڻ ۽ فطرتي صلاحيت جو هجڻ نهايت ضروري هوندو آهي، ان کان سواءِ ڪنهن به اخبارن جي عيوضيءَ لاءِ ڪافي تجربي ۽ آزمودي، ۽ خبرن کي نهايت ئي سهڻي نموني ۾ صاف، سٺيون ڪري موڪلڻ جي، به قابليت هجي. خبرن کي مروڙي سروڙي، معنيٰ ۽ مطلب کان سواءِ موڪلڻ، صحافت جي توهين ڪرڻي آهي.

قلم بذات خود هڪ عجيب شئي آهي، ان جا ڪيئي قسم هوندا آهن. ڇو ته قلم ڪڏهن به هڪ موضوع يا صنف، تي صبر نه ڪندو آهي. اهو لکندڙ تي دارومدار آهي، ته اهل قلم، قلم کان ڪهڙو ڪم ٿو وٺي،۽ صاف شفاف پني جي سيني تي ڪهڙا ٿو، جوهر جرڪائي، هونئن ته هر ڪنهن لکندڙ جي پنهنجي پنهنجي ادا، نمونو ۽ طرز تحرير هوندي آهي. ڪي اديبانا انداز ۾، سمورين لکڻين کي ادا ڪندا رهندا آهن، ڪي وري عام فهمي جي فرحتي فضا جا فدا، ڪي نج صحيح ۽ صاف اکرن جا استاد، ڪي وري ملاوت جا متوالا، ڪي وري نظم کي نثر ۾ ڪي نثر کي نظم ۾ پيا لکندا رهندا آهن.

بهر صورت جيئن جيئن اسان وٽ، اخبارون گهڻي ۾ گهڻيون شايع ٿينديون، تيئن تيئن اسان وٽ صحافي ۽ لکندڙ وڌيڪ پيدا ٿيندا رهندا، جنهن ڪري اسان جي صحافت ۽ علم ادب جو دامن چڱن مضمونن۽ چڱين لکڻين، سان مالا مال ٿيندو رهندو. قلم کان هرهڪ ڪم وٺندا رهو، مگر انهيءَ کي ڪڏهن به بي بنياد بهتان بازي، اجائي الزم تراشي، ڪوڙ، مڪر ۽ فريب، دغا ۽ دولاپ، يعني ڪنهن جي دل آزاري لاءِ استعمال نه ڪجي ته بهتر آهي ڇو ته قلم، اهل قلم وٽ قوم جي امانت هوندو آهي، ۽ ان سان گڏ پنهنجي ذاتي ۽ شخصي خسيس، ڪمن ڪارين لاءِ استعمال، نه ڪرڻ گهرجي، هي ملڪ ۽ قومن، سماج ۽ سوسائٽي جي سڌاري واڌاري، ترقي ۽ تعمير جو، ترجمان هوندو آهي. هن ٽن اکرن واري ۽ پنجن آڱرين ۾ استعمال ٿيندڙ لاءِ صرف هيتروئي عرض ڪرڻ، ڪافي آهي، ته ”ق“ قرب، ”ل“ لڳ لاڳاپا، ”م“، محبت، قرب، لڳ لاڳاپا، ۽ محبت واري قلم کان محبت ۽ پيار جو ڪم ئي ورتو وڃي، ۽ انهي ننڍڙي قلم کي اجايو سجايو نه سمجهڻ گهرجي. تاريخ شاهد آهي، ته قلم ملڪن ۽ قومن جون، قسمتون بدلائي ڇڏيندو آهي. قلم جو واسطو انسان جي ذهن ۽ ضمير سان هوندو آهي. اسان جو ذهن سجاڳ ٿيو ۽ ضمير بيدار ٿي پيو، ته پوءِ ٻيڙو ئي پار آهي.

* * *

 

ڪي اصول

انهن محفلن، مجلسن ۽ شريڪ نه ٿيڻ گهرجي، جتي نفرت ۽ حقارت جون حڪايتون ۽ شڪايتون ٿينديون هجن.

ڪوشش ڪري پنهنجي دامن کي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کان پاڪ ۽ صاف رکڻ گهرجي.

جن ڪتابن ۾ فڪر ۽ فهم، انسانيت جي اعليٰ قدرن جا قصا ۽ ڪهاڻيون هجن، انهن جي مطالعي ڪرڻ سان، مطالعي ڪندڙ جي محدود معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيندو رهندو آهي.

 

اڻڄاڻائيءَ جا اهڃاڻ

اسان جي منجهيل، مجهول، مريل، ڳريل، سڙيل ۽ هر چڱائي کان وانجهيل، معاشري ۾ عجيب ۽ غريب قسم جا رسم و رواج، ۽ بي انتها بڇڙيون بدعتون گهر، ڪري ويون آهن. هونئن ته سوين اهڙيون برايون ۽ بديون آهن، جن تي جيڪڏهين لکڻ تي ويهبو، ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا. اسان پڙهندڙن جي خدمت ۾ نهايت ئي مختصر طور تي، هوا ۾ لٺيون هڻندڙن، يعني بنا ڄاڻ سڃاڻ، ۽ اعتماد سان ڳالهائيندڙن جي، اڻڄاڻائي جي اهڃاڻن متعلق لکي رهيا آهيون.

اسان جو پنهنجو ذاتي مشاهدو ۽ مطالع آهي، ته جيستائين ڪنهن به حقيقت جي پوري طرح معلومات ۽ ڄاڻ سڃاڻ نه هجي، تيستائين ڪنهن به محفل ۽ مجلس، ۾ ان حقيقت جي حال احوال متعلق ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪجي ته بهتر آهي. مگر اسان جا ڪيترا سائينءَ جا سنواريل، سنوان سڌا ماڻهو، هر هڪ محفل ۽ مجلس ۾، پوءِ اها سياسي هجي يا سماجي، اقتصادي هجي يا تحقيقاتي، ان تي ضرور تبصرو ۽ تنقيد ڪندا ڳالهائيندا رهندا، ۽ انهن جي، بي وقتي لٻاڙ، محفلن ۽ مجلسن جي ويٺل ماڻهن ۾ بدمزگي ۽ بي دلي پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن انهن صاحبن کي عرض ڪبو ته، بابا، اهي ڳالهيون ۽ حقيقتون ائين ناهن، جيئن توهان چئي رهيا آهيو، ته هڪدم پنهنجي معلومات ۽ علمي ادبي ڄاڻ، جو اثر ويهارڻ لاءِ صرف هوا ۾ لٺيون، هڻندا، ۽ اجايا سجايا بيڪار بحث شروع ڪري ڏيندا، جن جو نه اڳ نه پٺ، نه منهن نه مهاڙ، ان کان سواءِ، جيڪڏهن انهن کي، حيقيقتن جا صحيح ۽ سچا مثال پيش ڪبا، ته هو هڪدم چوندا ته اهي سموريون ڳالهيون ڏند ڪٿائون، ۽ بي بنياد آهن. ان کان سواءِ اهڙي قسم جا ذڪر ۽ فڪر ان محفل ۽ مجلس ۾ ڪندا رهندا، جن جو ان ۾ ويٺل ماڻهن سان سڌي يا اڻ سڌي طرح، ڪوبه تعلق ۽ واسطو وجهه نه هوندو آهي. مگر هو همراهه ڇتي ڪوريءَ، واري ڊيگهه ڪرڻ وقت، ڪانڀ ڪڍي ويهي رهندا، ۽ اُٿڻ جو نالوئي نه وٺندا اهڙي قسم جي ماڻهن متعلق شيخ سعدي عليہ الرحمة ”گلستان“ ۾ فرمائين ٿا ته:

به يک نا تراشيده در مجلسي برنجش دلي هوشمندان بسي،

اخباري خبرن چارن ۽ سياسي بيان بازين، رسالن ۽ ڪتابن مضمونن ۽ مقالن، تي به هروڀرو ايترو ڀروسو ۽ اعتماد نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته لکندڙ ۽ اخبارن جا عيوضي ڪڏهن ڪڏهن حقيقتن کي اهڙي انداز ۾ مروڙي سروڙي پيش ڪندا آهن، جو خدا ڏي پناهه! هڪ اڻڄاڻائي، ٻيو ان جي مٿان ضد ڪرڻ، جنهن ۾ ذاتي ۽ شخصي رنجش جو پيدا ٿيڻ لازمي ٿي پوندو آهي. چوندا آهن ته  Little Knowledge is a dangerous thing. ٺلهي ڪني گهڻو اُڀامي. سياڻن ۽ سمجهدارن، جو قول آهي ته پنهنجي حيثيت، لياقت کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ڳالهائيندو، يا قدم کڻندو ته ٻوٿ ڀر وڃي ڪرندو. انسان کي پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسڻ گهرجي، ته آئون ڇا آهيان ۽ منهنجي سماجي حيثيت ڪهڙي آهي. علم ۽ ادب جي ڪيتري ڄاڻ سڃاڻ آهي، لڳ لا ڳاپا ۽ تعلقات ڪنهن سان ۽ ڪيترا آهن. ان کان پوءِ هو ڪنهن به ڪم ۾ سوچي سمجهي، اڳ پٺ جانچي جونچي قدم کڻندو، ته ان ۾ سندس ئي ڀلائي ۽ بهتري آهي.

* * *

 

وصفون

سمجهداري به هجي سياڻپ به هجي، سانيهه به هجي صاف گوئي به هجي، صداقت به هجي، سچائي به هجي، صفائي به هجي، ضمير به هجي، ذهن به هجي، فهم به هجي، فراست به هجي، عقل به هجي، ادارڪ به هجي، علم به هجي، قلم به هجي، ۽ ان کي ڪم ۾ ڪتب آڻڻ جي ڪاريگري به هجي، محبت به هجي، محنت به هجي، معاملي شناسي به هجي، دورانديشي به هجي، دانشمندي به هجي، نوڙت به هجي، نهٺائي به هجي، نيازمندي به هجي، نرمائي به هجي، خوش طبعي به هجي، خوش خلقي به هجي، فڪر به هجي، فضيلت به هجي، پرين جي پچار به هجي، پاڙي اوڙي جي پرگهور به هجي، الفت به هجي، احساس به هجي، شرافت به هجي، شائستگي به هجي، دوستن ۽ احبابن جي ياد به هجي، انسان ذات جي قدر ۽ قيمت به هجي، آسرو به هجي، اُميد به هجي، ته پوءِ اهي سهڻيون صفتون ، انسان کي پنهنجي زندگيءَ جي مقصد ۾، هميشه ئي ڪامياب ۽ فتحياب ڪنديون رهنديون آهن.

 

 

ائين ڇو آهي؟

 

اسان جي معاشري جي، پاتال جي پيڙهه ۾ ڪي، خرابيون ائين پهچي ويون آهن، ڄڻ ته اهي معاشري جو ئي هڪ حصو آهن. صاف ۽ پاڪ، معاشري جا پيدا ڪندڙ، ان ملڪ جا ماڻهو ئي هوندا آهن ۽ براين ۽ بڇڙاين کي به اُتان جا ماڻهو ئي هوا ڏيندا رهندا آهن. هينئر هي ڏسڻو آهي، ته اسان جو معاشرو ڪيترين براين ۽ بڇڙاين، بدين ۽ بيهودگين، جي آماجگاه بڻيل آهي. دنيا جو هي قانون آهي ته جيستائين ملڪ جا، ماڻهو هر برائي کان ڀڄندڙ آهن، تيستائين انهن جون سهڻيون ۽ صاف خوبيون ۽ خاصيتون هرهڪ ماڻهو خوشي سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. بنيادي نيڪي انسانن کي هيمشه پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي، ۽ معاشري کي اڳتي وڌائيندي رهندي آهي. معاشري ۾ ڪمين پيشين، ڪمزورين ۽ ڪوتاهين پيدا ٿيڻ جا، ته ڪيئي سبب آهن، مگر بنيادي سبب طبقاتي ڪشمڪش ۽ سماجي نا انصافي آهي، جنهن ڪري مٿيون طبقو انهيءَ ڪوشش ۾ هوندو آهي، ته هيٺئين طبقي کي زندگي جي، بنيادي ضرورتن کان محروم رکي، پنهنجو محتاج ڪري کين، اشاري تي هلائيندو رهي. انهن جي چالاڪين ۽ چالبازين ۾ سندس وڏو مددگار، رسم رواجن ۽ روايتن کي پيدا ڪندڙ، پيداگير طبقو هوندو آهي، جيڪو پنهنجن طور طريقن، سان اسان جي مسڪين ۽ مجبور ماڻهن کي پنهنجي هٿرادو رسمن، رواجن ۽ روايتن جي، فريبي ڦندن ۾ ڦاسائيندو، بنان محنت ۽ مشقت جي، پنهنجا ڀڀ ڀريندو رهندو آهي. عجيب اتفاق آهي ته هن منجهيل، مايوس ۽ هر چڱي شيءَ کان، وانجهيل معاشري ۾ هر برائي ۽ بديءَ کي، جاءِ ڏني وڃي ٿي، مگر چڱائي ۽ نيڪي کي، نيڪال ڪيو وڃي ٿو، ائين ڇو آهي؟ 

اصل ڳالهه انسان جي، اقتصادي ۽ معاشرتي بگڙيل، حالتون ئي هونديون آهن، غريب ويچارو مانيءَ ٽڪر، جي مسئلي ۽ پيٽ پالڻ جي، پورائيءَ ۾ پورو هوندو آهي. جيستائين هن جي اقتصادي حالت سڌرڻ جو مسئلو حل نه ٿيو آهي، تيستائين هو چڱائي ۽ برائي ۾ ڪوبه تفاوت پيدا نه ڪري سگهندو!

* * *

 بحث

بحث جا ڪيئي قسم آهن. بحث ٿو ڪيو وڃي، ڇا لاءِ ڪجي ٿو، ۽ ڇو ڪرڻ ۾ اچي ٿو. جنهن ڳالهه تي بحث ڪجي، ان متعلق بحث ڪندڙ کي پوري پوري پروڙ هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ان کي ڪنهن به قسم جي ڪل ڪانه آهي، ته پوءِ نه پنهنجو وقت ٿي وڃائجي نه ٻين کي، ئي ڪا تڪليف ڏي.

 

 

بي انتها بي قدري

 ڪافي عرصي کان اسان جي، سنڌي ادب جو دامن معلوماتي ۽ معياري ڪتابن کان ڪي قدر، خالي رهيو آهي، ان جا ڪيترائي سبب آهن، مگر انهن مان هڪڙي سبب جي نشاندهي ڪرڻ ضروري آهي.

جن صاحبن کي تصنيف، تاليف ۽ ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان محبت آهي، انهن سڄڻن ۽ ساٿين کي، قلم ۽ ڪتاب جي ڪٺن ۽ ڪشالي، واري ڪم ۽ ڪرت جي، پوري پروڙ هوندي. جڏهن ڪوبه اديب راتين جون ننڍون ۽ ڏينهن جو آرام ڦٽائي، نيڻن جو نور نچوڙي، مڻين مس کپائي، پنهنجي تصنيف کي تيار ڪري، قرض کڻي پٽي سٽي، ڪتابي صورت ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو، تڏهن هو اهو ڏسي حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو، ته سندس ڪتاب، جا پڙهندڙ ۽ خريدار ڪيترا آهن! کيس معلوم ٿئي ٿو، ته هن قحط الرجال ۾ ڪتاب جو قدر ڪنهن، وٽ به نه آهي. پوءِ هو ويچارو مايوس ٿي، ماٺ ڪري همت ۽ حوصلي جا هٿيار ڦٽو ڪري وڃي ٻئي ڪنهن ڪم ڪار ۾ قابو ٿئي ٿو.

ان بي انتها بي قدري، ۽ بي توجهيءَ ڪري ڪيترا، اسان جا اديب ۽ عالم، قلم جي ڪرت کان ڪنارو ڪري، گوشي نشينيءَ ۽ گمنانيءَ ۾ گم ٿي ويندا آهن. اسان جي سنڌي زبان جي تاريخ، ايتري ۽ ايڏي قديم آهي، جيتري اسان جي سنڌ جي، جيڪڏهن سنڌي زبان جي تاريخ کي لکڻ تي ويهبو. ته ڪيئي ڪتاب تيار ٿي ويندا. مگر افسوس، جو زماني جي ناقدريءَ ڪري، ۽ اسان جي معاشري جي خوشامد پسند، عارضي طاقت جي پوڄا ڪندڙن، بي شعورن وٽ، صحيح عالمن، اديبن، ماحول ۽ معاشري جي نقاشي ڪندڙن، شاعرن ۽ بي باڪ صحافين، اديبن جو ڪوبه قدر نه رهيو آهي.

اسان جو عوام اڪثر اڻ پڙهيل اهي. پڙهيلن مان به ڪيترا اڌ اکري ته ڪي بي شعور، اهل ذوق جي قلت ۽ قدردانن جي ڪمي، سرمائيدارن جي بي توجهي، ۽ ٻين اهڙن سببن جي ڪري زبان ۽ ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. اسان جو معاشرو به عجيب آهي! اسان ڪتابن کي مٿي رکي عزت ڏيڻ بدران، ڪتابن رسالن ۽ اخبارن ۾ سودو سلف، سوکڙيون، پاکڙيون وکر ويڙهيندا، يا ماني ڍڪي سفر جا سانباها ڪندا آهيون. افسوس! جنهن قوم جي ذهنيت ان حد تائين پهتل هجي ته ان قوم جو علاج ڇا ٿي سگهي ٿو.

انهن مٿين حالتن هوندي به، اسان ۾ مصنف يا لکندڙ پيدا ٿيندا رهن ٿا، پر گهڻو وقت جالي نٿا سگهن. جيڪڏهن ڪو مصنف ۽ اديب پنهنجي ارادي جو پڪو آهي، ته به ان کي جرات ڪانه ٿي ٿئي جو هو، ڪو ڪتاب ڇپائي سگهي. هن موتمار مهانگائي ڪري هرهڪ شئي جو اگهه ۽ قيمت آسمان، تائين پهتل آهي. خاص ڪري ڪاغذ جي قلت ۽ ڪمي، اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان اڳتي ۽ اڳڀري آهي. ڇپجڻ کان پوءِ کاپي جي اُميد ئي ڪانه هوندي، ته پوءِ ڇو ويهي پئسو سيڙائي؟

هوڏانهن ٻين زبانن ۾ هر روز، سون جي تعداد ۾ ڪتاب پڌرا ٿيندا رهن ٿا، ۽ اک ڇنڀ ۾ کڄي وڃن ٿا، جنهن ڪري لکندڙن کي وري ڇپائڻ جو حوصلو ٿيندو رهي ٿو. ۽ ديکا ديکيءَ ۾ ٻيا نوان لکندڙ به پيدا ٿيندا رهن ٿا.

اسان جي سنڌي ڪتابن جو، مارڪيٽ نه هجڻ جي برابر آهي. منهنجو پنهنجو ذاتي مشاهدو ۽ مطالعو آهي، ته سنڌ ۾ هڪ سيڪڙو به اهڙا، صاحب نه آهن، جيڪي ڪتابن جا عاشق ۽ انهن جي، مطالعي جا متوالا هجن. انهي مان هر سمجهدار ۽ سياڻو ماڻهو، سولائي ۽ سهنجائي سان، اندازو لڳائي سگهي ٿو، ته جنهن قوم جي ماڻهن جو، علم، ادب، ۽ ڪتابن، سان هڪ سيڪڙو به، واسطو نه هوندو ته ان قوم ۾، ڪتابن جو ڪهڙو قدر ۽ قيمت هوندي.

ڪافي زماني جي ڳالهه آهي ته، سنڌ جي هڪ وڏي زميندار، زردار، هلندي پڄنديءَ واري، ڪراچيءَ جي ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ نهايت ئي، خوبصورت بنگلو ٺهرايو هو. بنگلي ٺهڻ کان پوءِ اوچتو ساڻس ملاقات ٿي. پاڻ چيائين ته ”وفائي! اڄ شام جو اچ ته ويهي ڪچهري ڪيون.“ مون کيس چيو ته ”اوهان جي نئين جوڙايل بنگلي جي ائڊريس جي ڪل ڪا نه آهي.“ وعدو ڪيائين ته پنهنجي ڪار موڪليندس، مقرر وقت تي سندس ڪار آئي، ۽ آئون  ڪار ۾ سوار ٿي، بنگلي تي وڃي پهتس. بنگلي جي ظاهري زينت زيب، تي ڪافي خرچ ٿيل هيو، ۽ مختلف ڪمرا ڏاڍي، سهڻي سليقي سان سينگاريل هيا. بنگلو هيٺ مٿي گهمي، اچي وسيع ۽ ويڪري لان تي ويٺاسون، پوءِ چيائين ته ”وفائي، بنگلو ۽ ان جو فرنيچر پسند آيئي؟“ مون کيس چيو ته ”بنگلي جي بناوت ۽ بيهڪ نهايت ئي، دلڪش ۽ دلنشين آهي، مگر افسوس جو هن هيڏي ساري بنگلي ۾ ڪٿي، به ڪتاب نظر نه آيو. سواءِ ٽيليفون ڊائريڪٽري جي! ٻيو مڙيئي خير!“ کيس اها ڳالهه ڏاڍي محسوس ٿي، ته واقعي ڏهن، پنڌرهن لکن جي بنگلي تي، خرچ ڪندي اندر، ڪنهن به ڪتاب جو، نه هجڻ شرم جي ڳالهه آهي. مون کيس چيو ته ”هڪڙو ڪمرو مقرر ڪري اُن کي بهترين ڪتابن سان سينگاريو. هيڏي وڏي بنگلي ۾ ڪتابن جو هجڻ تمام ضروري آهي. ايندڙ ويندڙ ۽ ٻارن، ٻچن تي ڪتابن جو نفسياتي اثر ٿئي ٿو. اوهان جي ساليانه لکن جي آمدني آهي، ۽ لکن جو خرچ، جيڪڏهن سال اڌ ۾ ويهه پنجويهه هزار روپيه ڪتابن تي خرچ ڪيو، ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. ”منهنجي ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين، ته وفائي! ڏاڍو زوراور آهين. اهي ڪتاب پڙهندو ڪير؟“ مون کيس چيو ته ”انسان جي اها فطرت آهي ته جا شئي صبح شام، اکين آڏو هوندي آهي، ان جي ڪڏهين ڪڏهين ويجهو وڃي، مشاهدو ۽ مطالع ڪبو آهي. ڪتابن جي ڪشش به عجيب آهي. انسان کي پنهنجي مطالعي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندا آهن. اهي ڪيڏا نه خوش نصيب انسان آهن. جن کي چوويهن ڪلاڪن ۾ چار ڪلاڪ، ڪتابن پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو.

وخير جليس في الزمان ڪتاب.

زماني ۾ سڀ کان سهڻو ساٿي ۽ سنگتي ڪتاب آهي.

 

ڏات ڌڻي ۽ ڏيهه ڌڻيِ

هر قوم ۽ ملڪ جو صحيح، صاف، سٺو، سهڻو، ثمر ۽ سرمايو، اتان جا اديب، عالم، مفڪر، مفسر، داناءُ ۽ دانشور، سگهڙ ۽ سخن سنج، ۽ شاه، شاعر هوندا آهن. جڏهن به تاريخ جي ورق گرداني ڪجي ٿي، ته ملڪن ۽ قومن ۾ اهڙا دور، به ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ اچن ٿا، جو ڪن دورن ۾ انهيءَ طبقي، جي قدر ۽ قيمت ايتري ۽ ايڏي هئي جو، هوآسمان جي بلندين تي پهچندا رهندا هئا، ۽ ڪن وقتن ۾ اهو قلم ۽ ڪتاب سان تعلق، رکندڙ طبقو تحت الثريٰ، جي تري ۾ وڃي پهچندو هيو، اهي تاريخ جا پنهنجا پنهنجا مختلف، دور ۽ فنڪارن جي فن، ۽ قدرداني لاءِ جدا جدا وقت هوندا آهن. ڪٿي ته، حافظ شيرازيءَ کي هڪڙي شعر، تي تيموري درٻار ۾ گهرائي، گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ٿو. ڪٿي وري هارون الرشيد بغداد جهڙي، تاريخي شهر ۾ ”بيت الحڪمت“ قائم ڪري دنيا، جي اديبن ۽ عالمن ۽ شاعرن جو مرڪز قائم ڪري ٿو. ڪٿي وري نادر شاهه، سنڌ کي تلف ۽ تاراج ڪري، لکين ڪتاب کڻي وڃي ٿو، يا ساڙائي ختم ڪري ڇڏي ٿو. ڪٿي وري اڪبر بادشاهه، نو رتن قائم ڪري، پاڻ کي مغلن جي تاريخ ۾ علم نواز ۽ ادب پرور ثابت ڪري ٿو.

اسان جي سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ ان جي شهرن ۽ جدا جدا، ڳوٺن ۾ سون جي، تعداد ۾ اهڙا عالم ۽ اديب موجود آهن، جيڪي محدود ذريعن ۽ حالتن مطابق، پنهنجي لياقت ۽ قابليت موجب علم ۽ ادب جي خدمت ڪندا، سنڌي ادب جو دامن سينگاريندا رهن ٿا.

ڪڏهن ڪڏهن حڪومت، ڪي قدر انهن اديبن ۽ صحافين جي، پرگهور لهي پينشن مقرر ڪري سندن مالي، مدد ڪندي رهندي آهي، ان جي باوجود اڃا، ڪيترا لڪل لعل گودڙين ۾ آهن جن کي انهن جي محنت ۽ مشقت جو معاوضو نه ملندو آهي، ۽ سندن مدد نه ڪئي ويئي آهي. حڪومت کي پنهنجي، سرڪاري ذريعن سان سنڌ جي انهن اديبن، شاعرن ۽ صحافين جي جانچ جونچ ڪري سندن هر حالت ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اهي اسان جي علم، ادب جي مٿي جا موڙ، مالي امداد ۽ مدد حاصل ڪري پنهنجي قلم کان وڌيڪ ڪم وٺندا رهن.

اسان کي معلوم آهي ته هن مجوده معاشري ۾ زردارن ۽ زميندارن، سرمائيدارن ۽ سرندي وارن، جو علم ۽ ادب، ڪتاب ۽ قلم سان ڪوبه، واسطو وجهه نه آهي، جنهن ڪري هن قحط الرجال ۾ انهي، طبقي جي سار سنڀال، ڪير لهي! هونئن به جتي ڏوڪڙ جي انس ۽ الفت هوندي، اتي علم ۽ ادب جو هجڻ نه صرف مشڪل پر ناممڪن ٿي پوندو آهي، پر جيڪي سرمائيدار ۽ زردار، سرندي، پڄندي وارا پنهنجي، ڪوڙي ۽ کوکلي، وقار جي وقتي واکاڻ ڪرڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب ۽ قلم، فن ۽ فڪر جي مٿاڇري نموني سان، سار سنڀال لهندا رهندا آهن، تن جو ذڪر نه ڪجي ته بهتر!

ڪڏهين ڪڏهين اختياري وارا ڪيترن سرمائيدارن ۽ سيٺين کان، اديبن ۽ صحافين جي قلم جي وقار کي، ڪمزور ڪرڻ لاءِ جماعتون ۽ ادارا قائم ڪري لکندڙن، جي ڪتابن، ۽ انهن جي مضمونن ۽ نظمن، جون ڇٽاڀيٽيون ڪرائيندا رهندا آهن، ۽ انهن ادبي امتحانن جا، اهڙا جج ۽ منصف مقرر ڪندا آهن، جن جي انصاف تي انصاف ماتم ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو آهي. ڇو ته ان قلمي ڪاروبار جي ڪارخاني ۾ علم ۽ قلم جي، ائين خريداري ٿيندي رهندي آهي، جيئن مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ گجر، مورين ۽ واڱڻن جو وڪرو.

دنيا جو دستور آهي ته جڏهن به ڪنهن جنس جو مارڪيٽ، ۽ منڊيءَ، ۾ قيمت ۽ ملهه مقرر ٿي ويندو آهي، تڏهين اهو اگهه پاءُ لکن جو هجي، ياڪو ڏين جو، بهر صورت قيمت مقرر ٿيڻ کان پوءِ ڪير، به ۽ ڪهڙو به خريدار ان جنس کي خريد ڪري سگهي ٿو.

* * *

 

ڪفايت ۽ قنايت

ڪفايت ۽ قنايت، سادگي ۽ صفائي، محنت ۽ مشقت، همت ۽ حوصلو، سچائي ۽ صداقت، اهي اهڙيون سهڻيون ۽ صاف، صفتون آهن، جيڪي ڪڏهن به انسان کي، سوالي ٿي ڪري ڪنهن، جي به در تي نه پهچائينديون آهن.

  

قدرداني ۽ ناقدري

تاريخ جي طالبن کي پوري پروڙ آهي، ته تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي دورگذريا آهن. فنڪار جي فن جي ايتري عزت ۽ احترام ڪيو ويندو هو، جو انهي قدردانيءَ جي ڪري وڏي، شان ۽ شوڪت سان اڳتي وڌندا، ۽ پنهنجي فن ۾ مختلف ۽ نئين نئين قسم جا سڌارا ۽ واڌارا ڪندا هيا، ۽ اصل فن جي احوال کان سڀڪو واقف ٿي ويندو هيو، ۽ نقل کي هميشه لاءِ نيڪالي مليل هوندي هئي.

اصل ۽ نقل، قدرداني ۽ بي قدري، جون هميشه ئي پاڻ ۾ جنگيون ۽ جهيڙا جوٽيل هوندا آهن. مگر ڪڏهين ڪڏهين ڪن دورن، ۾ اصل کي پرڀرو ۽ پاسيرو، رکي نقل جي نيڪي ۽ نالو نروار ٿيندو رهندو آهي. جڏهين اهڙيون حالتون ڪنهن به معاشري ۾ پيدا ٿي پونديون آهن، تڏهين انهي سوسائٽي مان فن ۽ فڪر جو فنا، ٿيڻ لازم ٿي پوندو آهي. ۽ خوشامند پسند درٻاري ذهنيت رکندڙ، ها ۾ ها ملائيندڙن، ۽ پرائي ٽڪرن تي پلندڙن، سفارشي ۽ سازشون ڪندڙن، جو مان ۽ مرتبو مٿي ٿيندو رهندو آهي. صحيح فنڪار ۽ باضمير انسان، جيڪي صرف محبت ۽ عزت، جا قائل هوندا آهن. سي ڌڪجي ۽ تڙجي، پري ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري اصل جي جاءِ تي، نقل قبضو ڪندو اڳتي وڌندو رهندو آهي.

انهن نقلي تيز وهڪرن ۾ گهڻو، ڪري سوسائٽيءَ جو پوءِ، ڍائو مٿيون طبقو، جيڪي پاڻ کي هر طبقي کان، اوچو ۽ اعليٰ تصور ڪندو رهندو آهي، اهو نقلي فن جي قدرداني ڪرڻ لڳندو آهي. ڇو ته انهي طبقي جي ترقي ۽ واڌاري جو سمورو دارومدار، نقل تي هوندو آهي. هو پنهنجي سکڻي رک رکاءُ، ڪوڙي وقار قائم ڪرڻ، لاءِ دنيا جي، هر بڇڙي رسم ۽ بدعت، اختيار ڪندو ويندو اڳتي وڌندو. ذاتي زندگيءَ ۾ انهيءَ، طبقي وٽ عزت ۽ غيرت جو، ڪوبه معيار مقرر ٿيل، ڪونه هوندو آهي. هو هميشه ئي ايندڙ جي راهه ۾، اکيون وڇائي، مطلب لاءِ سندس اَجيان ۽ استقبال، ڪندو رهندو آهي، ۽ ويندڙ کان منهن موڙي، اکيون ڦيرائي، گوشو ڪندو رهندو آهي، هر دور ۾ انهي طبقي جو سوچيل، سمجهيل ڄار وڇايل هوندو آهي، ۽ هو صرف اقتدار ۽ طاقت وارن، سان ئي تعلق رکڻ، جي ڪوشش ڪرڻ ۾ رڌل رهندو آهي. انهن جي زندگي جو مقصد صرف اهو هوندو آهي، ته جنهن مان ٻه پئسا فائدو حاصل ٿئي، ان جي پاٺ پوڄا ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جي ڪثر نه ڇڏجي. ان ڪري نقل هنن، جي زندگيءَ جو محور هوندو آهي. اصل فن ڌڪا ٿاٻا، جهليندو وتندو آهي، ۽ فنڪار جي، ڪا عزت ڪانه هوندي آهي، ۽ معاشرو ڪني پاڻيءَ جي تلاءَ وانگر بدبودار ٿيڻ لڳندو آهي.
 

ماحول جي مطابق

دنيا جو هي پراڻو ۽ قديم دستور ۽ قاعدو آهي، ته ڪابه ڳالهه يا گفتگو ڪنهن سان به ڪيو وڃي ته ان جي عقل، سمجهه ۽ سوچ مطابق ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر هڪ ماڻهو پنهنجي عقل ۽ اداراڪ موجب ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. عاقل ۽ دانشور جيڪڏهن پنهنجي لياقت ۽ قابليت، ۽ وسيع معلومات مطابق عام ماڻهوءَ سان گفتگو ڪندو، ته اهو نه صرف ٻڌندڙ تي ظلم ٿيندو، پر ان دانشور جي ڪمزوري ۽ ڪوتاهي جوبه قصور آهي. جيستائين ماڻهو، عام ماڻهن جي سمجهه ۽ سوچ مطابق نه ڳالهائيندو، تيستائين هن جي نيڪي ۽ نصيحت، وعظ ۽ تبليغ، ڀلائي ۽ بهبودي جي ڪابه ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. اسان ڏٺو آهي، ته ڪيترا اسان جا دانشور عالم ۽ اديب، محقق ۽ مصلح، ڪنهن به محفل ۽ مجلس يا جلسي، جلوس ۾ ڳالهائيندا آهن، يا تقرير ڪندا آهن، تڏهن اهي صاحب تقرير ۾، ٻڌندڙن جو ڪوبه خيال نه ڪري، پنهنجي علمي لياقت ۽ قابليت ظاهر ڪرڻ لاءِ اهي عالمانه ۽ فاضلانه ۽ فلاسفانه نڪتا، گفتا ۽ ٻول ٻوليندا رهندا آهن، جو ٻڌندڙن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهي اکر نه ٻڌا ۽ نه سدا هوندا، مگر هو پنهنجي تقريرن کي تيز ڪندا وڃي ڊڪي ۾ لهندا آهن، اهڙي قسم جون محفلون، مجلسون ۽ جلسا جڏهن ختم ٿيندا آهن، تڏهن ٻڌندڙ پنهنجي سمجهه ۾ ڪاريءَ وارا ڪک کنيو اٿي هليا ويندا آهن. اديبن ۽ شاعرن جي به ساڳي ڳالهه هوندي آهي، ڇو ته اديب ۽ شاعر هر هڪ قوم جو صحيح سرمايو هوندو آهي. جيستائين هو ماحول ۽ معاشري، عام ماڻهن ۽ انهن جي صحيح جذبات جي ترجماني نثر توڙي نظم ۾ نه ڪندا، تيستائين عام پڙهندڙ انهن اديبن ۽ شاعرن جي ڪنهن به نظم يا نثر ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندا جيئن، ته ڪنهن ماڻهو برف نه ڏٺي هجي، ان سان ٿرماس ۽ رفريجٽر جي ڳالهه ڪجي، ته ڪيڏو نه پاڻ سان ۽ ان سان ظلم ڪيو ويندو. ڪڏهن به ڪنهن ماڻهو گاڏيءَ ۾ سواري ۽ سفر نه ڪيو هجي، ۽ ان سان ويهي ڊي، سي ٽين ۽ جمبو جهازن جي ڳالهه ڪبي ته هو ويڇارو هڪو ٻڪو حيران ٿيندو رهندو.

ڪيترائي اتفاق ٿيندا رهن ٿا، ته وڏن وڏن جلسن ۾ جڏهن به تقرير ڪندڙ صاحب تقرير ڪرڻ لاءِ اُٿندا آهن، تڏهين هو تاريخ، جا حوالا، ٻڌل واقعا ۽ عجيب و غريب تمثيلون ۽ تفسيرون، ڏيندا ٻڌندڙن کي گويا بيزار ڪري ڇڏيندا آهن. تقرير، پنهنجي مٿي هڪ وڏو فن آهي. هر ڳالهائيندڙ کي ڪڏهن به مقرر نه سمجهڻ گهرجي، ڇو ته انهي فن جون به عجيب غريب ٽيڪنڪ آهن، آواز جو اُچو ۽ نيچو، هٿن جا اشارا، ۽ بدن جي لچڪ ۽ لفظن جي رواني، انداز بيان جون ادائون، اهي مٿيون شيون تقرير ڪندڙ لاءِ اهم ۽ مکيه هونديون آهن. تقرير ڪندڙ اسٽيج تي بيهڻ سان ٻڌندڙن جي منهن مهانڊن جو پهريائين نفسياتي طور تي جائزو وٺندو آهي، ته منهنجي تقرير ٻڌڻ لاءِ، ڪهڙي قسم جا ماڻهو موجود آهن، ۽ آئون سندن زبان ۾ ساڻن گفتگو ڪيان ته بهتر ٿيندو. ڳالهه ڪندا آهن ته نئين نسل جي نوجوانن، جيڪي تعليم يافته هيا، مگر علم جي ”ع“ کان به اڻ واقف، انهن نوجوانن سان هڪ وڏو عالم ڪيترائي علمي، ادبي ۽ تاريخي بحث مباحثه ڪندو رهيو، جڏهن تصوف، همه اوست ۽ وحدت الوجود، جي باريڪ نڪتن جو بيان ڪرڻ لڳو، تڏهن هڪ نوجوان ان عالم ۽ فاضل کان اُٿي سوال پڇيو ته ”جناب عالي، اهي ٽيئي نالا ڪنهن جا آهن، مهرباني ڪري انهن ٽنهي نڪتن کان اسان کي سمجهايو ته اهي ڇا آهن؟“ ان وچ ۾ هڪ نوجوان اُٿي وڏي آواز سان محفل ۽ مجلس ۾ چوڻ لڳو، ته ”همه اوست، تصوف ۽ وحدت الوجود، اهي ٽيئي نالا، جپان جي نئن ايجاد ڪيل موٽرن جا آهن، جيئن ”ٽويوٽا، مزدا ۽ ڊاٽسن“، اهي اَٿو اڄڪلهه جي نئين نسل ۽ تعليم يافته طبقي جا حال، ان ڪري عالمن کي به احتياط ڪرڻ گهرجي ته بهتر آهي.

* * *

 مذهب ۽ عشق

مذهب ۽ عشق جي معاملن کي ڪهڙي زبان ۽ ڪهڙي قلم سان قلمبند ڪجي. حقيقت ۾ ماڻهو جو، جنهن سان عشق آهي، سو ئي سندن مذهب آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org