تنقيد
تنقيد ۽ پنهنجي مٿي هڪ وڏو فن آهي. انهيءَ فن تي صرف اُهي اديب ۽ عالم قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جن جو گهڻو ڪري سمورن علمن تي عبور حاصل هوندو آهي. ان فن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وسيع
مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ تجربي ۽ آزمودي جي به ضرورت هوندي آهي. دنيا جي سمورن ادبن ۾ صحيح ۽ سچو، معياري ۽ معلوماتي، تنقيد جو ئي فن هوندو
آهي. هر هڪ علم نواز ۽ ادب پرور وڏي چاهه سان انهيءَ فن جو مطالعو ڪندي پنهنجي محدود معلومات ۾ اضافو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. علمي ۽
ادبي دنيا ۾ تنقيد تي تنقيد ٿينديون رهنديون آهن، جنهن ڪري نقادن کي پنهنجي علمي ۽ ادبي قابليت ۽ لياقت ظاهر ڪرڻ جو موقعو سيسر ٿيندو رهندو
آهي.
معلوم نه آهي ته اسان جا اديب ۽ اهل قلم محنت، مشقت ۽ مطالعي کان پرڀرو ۽ پاسيرو رهڻ جي ڪوشش ڇو ڪندا رهندا آهن؟ اسان جي ادب جو دامن تنقيدي فن کان ڪافي خالي رهندو اچي ٿو.
هونئن ته سنڌ ۾ وڏا وڏا اديب ۽ عالم، محقق موجود آهن، جيڪي پنهنجي لياقت ۽ طاقت آهر، پنهنجي ادب جي خدمت ڪندا، اڳتي وڌندا رهن ٿا، مگر
تنقيد جي طرف گهٽ توجه ڏنو وڃي ٿو. ان جي باوجود به سنڌي علم ادب ۾ ڪافي نقاد آهن، مگر اهي صاحب اڄڪلهه پنهنجي فن تي گهٽ قلم کڻڻ جي ڪوشش
ڪن ٿا،
تنقيد جي فن جو پهريون اصول اهو هوندو آهي، ته تنقيد ڪندڙ، تنقيد ڪرڻ واري تي ذاتي ۽ شخصي، مسئلن ۽ معاملن کي ڪڏهن به پنهنجي قلم جي زبان سان ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي.
تنقيد جو مقصد، خالص علمي ۽ ادبي هوندو آهي، جنهن ڪري ان ۾ ڪنهن به قسم جي ملاوت ڪرڻ، گويا انهيءَ فن جي توهين ڪرڻي آهي. جڏهن نقاد ڪنهن به
نثر۽ نظم تي قلم هٿ ۾ کڻي تنقيد ڪرڻ ويهندو آهي، تڏهن نثر ۽ نظم جي لکندڙن جي شخصيت، ۽ ان جي تحقيقي مقالن ۽ مضمونن جي تاريخي پس منظرن جي
پوري پروڙ هجڻ هن لاءِ تمام ضروري هوندي آهي. نه ته هو، هوا ۾ لٺيون هڻندو رهندو، ۽ تنقيد جي صحيح فن جي صحت کي برقرار رکي نه سگهندو.
* * *
روح رهاڻ
* روح رهاڻ جي رس رچاءُ ۾ راحت جون ڪئي راز ۽ رمزون سمايل هونديون آهن.
* ذهن، زبان، ضمير ۽ زر، ضروتمندن جي ڪم آڻڻ گهرجي.
* مڻيادار ماڻهن جي مڙسي جو معيار، موقعن ۽ مهلن تي معلوم ٿيندو رهندو آهي.
* مغرور، متڪبر ۽ فرعون صفت ماڻهوءَ سان جڏهن به ملو، تڏهن پنهنجي دل ۾ اهو خيال ڪري ملو، ته ڪنهن خسيس ۽ تمام ننڍي ماڻهو سان ملي رهيا آهيو.
* مسڪين ۽ مجبور ماڻهو جي مجبوريءَ مان مزو وٺڻ، مصيبت سان ملاقات ڪرڻي هوندي آهي.
درياءَ جو سير
سير سپاٽا ته سوين قسمن جا هوندا آهن، مگر درياءَ جو سير سفر به هڪ عجيب ۽ غريب سير آهي. جن ماڻهن چانديءَ جهڙي چانڊوڪي راتين ۾، ٻيڙين جي ذريعي، ماٺيڻي مهراڻ جي موجن جو پاڻ ۾
ميل ميلاپ جو منظر ڏٺو ۽ پسيو هوندو، انهن کي ئي ان سهڻي سفر جي ساڃهه، سمجهه ۽ سليقو هوندو.
مهراڻ جڏهن سنڌ جي حدن ۾ پنهنجا قدم رکي، عربي سمنڊ جي بيقرار ۽ بيچين لهرن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پنهنجي شباب جي دور ۾ ماندي ۽ ملول هوندي آهي، تڏهن ان سان گڏوگڏ سمنڊ به سندس
استقبال ۽ آجيان لاءِ آتو ۽ انتظار ۾ هوندو آهي. مهراڻ ۽ سمنڊ جي ملاقات جنهن هنڌ تي ۽ جنهن وقت ٿيندي هوندي، ان جو نظارو به ڏسڻ وٽان
هوندو آهي، ته ڪيئن ٻه بيقرار هڪٻئي ۾ جذب ٿي وڃن ٿا.
ڪافي زماني جي ڳالهه آهي، ته ڪن مهربان دوستن ۽ احبابن مجبور ڪيو ته چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊوڪي رات آهي، ۽ ٻيڙين جي ذريعي درياءَ جو سير سپاٽو ڪرڻ گهرجي. خير، مون انهن دوستن
جي سهڻي صلاح کي قبول ڪندي، همراهن سان هلڻ جي ”ها“ ڪئي. ڪلاڪ ٻن ۾ انهن احبابن هڪ خاصي، خوشنما ويڪري ۽ وڏي درياءَ جي دنگيءَ جو انتظام
ڪيو. مختصر کاڌي پيتي جي شين سان گڏوگڏ شهر جي ڪنهن سوز ڀري ڳائيندڙ کي به ڪانڊ ڏني ويئي. رات جي تاڻي واڻي اهو ٽائيم ڏهين وڳي جو هو، پتڻ
تي پهچڻ کان پوءِ، مهراڻ موچاري جو منهن ڏاڍو لٿل هو. ڪڏهن ته مهراڻ جي موجن جو اوج شروع ٿي ويندو آهي، ته ڪڏهن مهراڻ واهوڙن جي ور چڙهيل
هوندو آهي.
هي اسان جو مختصر قافلو ڪار جي ذريعي اچي پتڻ تي پهتو ۽ پاتڻيءَ سان حال احوال ڏيڻ ۽ پار پتا پڇڻ کان پوءِ ٻيڙيءَ تي سوار ٿياسون. درياهه جو ساهه سڪل هو. وري جو سياري جي به مند
موٽي مٿان آيل هيس، تنهن ته مورڳو ئي کيس اڏ بنائي ڇڏيو هو. پاتڻي قريبن يارهين بجي رات جو ڪنڌي ڇڏي هلڻ لڳو. درياءَ جي ڪٺار موسم جو ٺار،
واريءَ جا ٻيٽار، لڳو لڳ وڻڪار جي قطار در قطار...واهه جو وڻندڙ نظارو هو! ڪن دوستن پنهنجي پيٽ جي پوڄا شروع ڪئي، ڪي قدرتي نظارن ۾ غلطان
ٿي ويا. جيڪي سيني ۾ سرور۽ نيڻن ۾ نور پيدا ڪرڻ لڳا! ته ڪي درياءَ جي هندوري جهڙي لهواري کي ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ پورا هئا. مون ڳائيندڙ استاد کي
عرض ڪيو، ته مهل موقعي جي مناسبت مطابق ڪا شاهه صاحب جي ڪافي شروع ٿئي. استاد پنهنجي يڪتاري جي تار کي سر تار ۾ آڻڻ کان پوءِ، سهڻي ۽ ميهار
۽ درياهه متعلق ڪافيون ڳائڻ شروع ڪيون. شاهه لطيف جون وايون ۽ ڪافيون، ان سمي جي سانت ۾ ائين محسوس ٿي رهيون هيون ڄڻ، سهڻي، ميهار ۽ مهراڻ
جا سمورا دلسوز واقعا، ڪنن جا ڪڙڪا، ڪنڌين ۽ ڪپرن جا مختلف نظارا اکين آڏو ايندا ٿي ويا. گهڙي پلڪ کان پوءِ اسان جي ٻيڙي سنڌ جي قديمي شهر،
جي مغلن جي اڏايل مسجد جي لڳو لڳ اچي لنگر انداز ٿي، يعني اڪبري جامع مسجد، جا سنڌوندي جي ڪناري تي مغلن جي آخري دور جو هڪ يادگار آهي.
ڪناري تي پهچڻ کان پوءِ، سهائي رات جي سونهن، سوڀيا ۽ سنڌونديءَ جي وهڪرن جي واکاڻ جي صفت ۽ ساراهه جون سڀڪو سر ڪيون ڀرڻ لڳو.
ڪڏهن ڪڏهن چنڊ جي چانڊوڪي مهراڻ جي موجن کي مستيءَ ۾ آڻيندي رهي ٿي. جيڪي مستانه انداز ۾ مسجد جي ديوارن سان ٽڪرجڻ جو مطالع ڪري رهيون هيون. چنڊ به پنهنجي سڄي رات جو سفر کان
ٿڪل ٽٽل، پنهنجي منزل مقصود ڏانهن وک وڌائڻ شروع ڪئي، ۽ پرهه ڦٽي پرڀات به پنهنجا پر پکيڙڻ لڳي، اسان به رات جي اوجاڳي ڪري ڪجهه ٿڪاوٽ
محسوس ڪرڻ لڳاسين. سموري رات جي سنڌو ندي جي سير ۽ سهائي رات جو سفر ڪرڻ کان پوءِ سمورا سنگتي ۽ ساٿي، صحيح سلامت اچي ڪنڌي ۽ ڪپر تي
پهتاسون، پر اکين ۾ اهڙو آرس پيدا ٿيو، جيڪو اڄ به موجود ٿو ڀانيان.
* * *
خوشامد
خوشامد، ماڻهو کي هميشه ئي حقيقت کان پرڀرو ۽ پاسيرو رکندي ايندي آهي. جنهن ڪري سياڻا ۽ سمجهدار، داناءُ ۽ دانشمند، خوشامدڙن درٻاري ذهينت وارن ۽ ها ۾ ها ملائيندڙ کان پري ڀڄندا
رهندا آهن،
جيستائين ڪنهن به قصي ۽ ڪهاڻي، حقيقت ۽ حڪايت جي پوري پوري پروڙ نه آهي، تيستائين ان جي متعلق ڪابه گفتگو يا ڪنهن به راءِ جو ظاهر ڪرڻ، اڻڄاڻائي ۽ بيوقوفي جي نشاني هوندي آهي.
راڳ
۽ رنگ جي محفل
راڳ جو فن پنهنجي مٿي هڪ اڻ کٽ خزانو آهي. انهي فن جي ڄاڻ ۽ سڃاڻ هر ڪنهن جي سوچ ۽ سمجهه، فهم ۽ فراست ۾ ويهڻ جهڙي نه آهي. البت ان جي رس رهاڻ مان سڀڪو حظ حاصل ڪري ٿو.
انهي موسيقي جي فن تي وڏا وڏا عالم ۽ اديب قلم کڻندا رهيا آهن. انهي فن جي خوبين، خاصيتن ۽ آواز جي ٽيڪنڪ تي به ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن، مگر اڃا تائين ڪوبه اديب، انتها تي پهچي
نه سگهيو آهي. جيستائين ماڻهو سخن سنج ۽ سخن فهمي جي فضيلتن کان فيضياب ناهي تيستائين هو ڪنهن به گائڪيءَ جي فن کان بي خبر رهندو ايندو.
جيئن ته آواز ۽ قلم جو تعلق انسان جي دل جي زخمن سان هوندو آهي، تنهن ڪري ڪيڏو به بهترين ڳائيندڙ، جيستائين چوٽ کاڌل نه هوندو، تيستائين هن
جو آواز ٻئي تي اثر نه ڪري سگهندو. شاعر جو به ساڳيو ئي حال هوندو آهي. اديب فني طرح ڪهڙو به مڪمل ادب، يا شاعر ڪيڏو به سهڻو شعر پيش ڪري،
مگر جيستائين اهي ٻئي، عشق جي لهس کان بي خبر آهن، تيستائين سندن نثر يا نظم ڪوبه اثر پيدا ڪري نه سگهندا. جيئن اسان جي شاعرن جي سرتاج
شاهه لطيف رحه فرمايو آهي ته:-
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پڻ پنهنجا ساريا، هي هنجون هڏن لئه هاوي.
انهيءَ فن جا هميشه ئي بادشاهه، مهاراجا ۽ وقت جا حاڪم سرپرست رهيا آهن، ۽ انهن ڳائيندڙن کي خاص خطابن سان ياد ڪيو ويندو آهي. فن بهر صورت فن آهي. انهي فن جا گهڻو ڪري پرستار
طبيعت جا عاشق مزاج، ساز ۽ سونهن جا سودائي، جيڪي آواز جي ادائن تي هميشه ئي جند جان ڏيندا رهندا آهن.
انهن موسيقي جي محفلن ۽ مجلسن جي ٻڌڻ لاءِ به، ڪن خاص فن جي قدردانن ۽ سمجهڻ وارن جو هجڻ تمام ضروري آهي. ورنه نه ڳائيندڙ کي مزو ايندو نه ٻڌندڙن کي. گويا رڍن اڳيان رباب وڄائڻا
پوندا.
هن وقت انهي فن جي قدردانن جي ڪميءَ جي ڪري، اهو فن پنهنجي بنياد ۽ اصليت کان پاسيرو ٿيندو وڃي ٿو، ۽ موجوده ماحول ۽ معاشري جي ماڻهن جي مزاج مطابق نوان رنگ، ڍنگ ۽ ان سان گڏ
سوين ساز ۽ سرود وجود ۾ ايندا رهن ٿا. ڪنهن چوٽيءَ جي شاعر جو غزل هجي يا ڪافي، ڳائيندڙ به پنهنجي دور جو استاد هجي، ۽ ٻڌندڙ به سمجهدار ۽
قدردان هجن، ته پوءِ ان محفل جو ڪهڙو ويهي بيان ڪجي. يعني امراء القيس جو شعر هجي، ام ڪلثوم جو آواز هجي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد ٻڌندڙ هجي
ته ان محفل ۽ مجلس جي رنگ جي ڪهڙي ويهي واکاڻ ڪجي!
اڄڪلهه جنهن نموني جون راڳ رنگ جون محفلون منعقد ٿينديون رهن ٿيون، تن جو حال ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ معلوم ڪندا هوندا. انهيءَ فن جو چند چوٽيءَ جي فنڪارن کان سواءِ، ٻيو مڙيئي خير.
ڪيترا لئيءَ مان لٺ ڀڃي، گاني بجاني جا استاد ۽ ماهر سڏائيندا، شادين مرادين جي محفلن ۾ پاڻ جهڙن ٻڌندڙن کي خوش ڪيو وتن ٿا راڳ جي محفل
شروع ٿي، ٻڌندڙن خوب داد ڏيڻ شروع ڪيو، ۽ پئسا مينهن وانگر وسڻ لڳا. ان راڳ ۽ رنگ جي محفل ۾ جيئن راڳ شروع ٿيو، تيئن هڪڙي همراهه روئڻ شروع
ڪيو. ڳائيندڙن ۽ محفل جي ڪن ماڻهن ائين سمجهيو ته روئيندڙ همراهه، وڏو ڪو موسيقيءَ جو ماهر ۽ ڄاڻو سڃاڻو آهي، ۽ درد دل رکڻ ڪري راڳ جي فني
خوبين کان بخوبي باخبر ٿي، لڙڪ هاري رهيو آهي. جڏهن همراهن روئندڙ کان پڇيو: ”ادا، ههڙي خوشي جي محفل ۾ راڳ ٻڌڻ سان، تو روئڻ ڇو شروع ڪيو
آهي!“ همراهه جواب ڏنو ته ”مان روئان ان ڪري ٿو، جو مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ اوهان واهه واهه ڇا تي پئي ڪئي!“ اهو اَٿو اڄڪلهه ڳائيندڙن ۽
ٻڌندڙن ۽ داد ڏيندڙن جو حال.
* * *
خريداري
* حڪومت ۽ محبت، صحت ۽ سونهن بهادري ۽ بي باڪي، فياضي ۽ فراخدلي، مهمان نوازي ۽ مروت، آزمودا ۽ تجربا، عشق ۽ عقل، ڪڏهن به خريد ٿي نه سگهندا آهن.
* سون جي سونهن ۽ سوڀيا، صفائي، سٺائي ۽ سندس جرڪيدار جوهرن جو اندازو، تڏهن لڳائي سگهبو آهي، جڏهن هو باهه جي بٺين ۽ ڀڙڪن مان ٻاهر نڪري نروار ٿيندو آهي.
* ڪنهن به ڳالهه جو جلد فيصلو ڪندڙ، حقيقتن ۽ حڪايتن کان بلڪل بي خبر هوندو آهي.
سنڌي
پهاڪا
دنيا جي هر هڪ ملڪ جو لوڪ ادب بلڪل مختلف ۽ جدا جدا هوندو آهي، ۽ انهي لوڪ ادب جي نصيحتن ڀرين نڪتن ۾ اهي اهي راز ۽ رمزون سمايل هونديون آهن، جن کي جيڪڏهن ٿورو غور ۽ فڪر، سمجهه
۽ سوچ سان پروڙڻ جي پچار ڪبي ته ڪئي نصيحت ڀريا نڪتا نڪري نروار ٿيندا نظر ايندا رهندا آهن.
لوڪ ادب ۾ گهڻائي موضوع ملندا رهندا آهن، مگر پهاڪن جو جيڪو سلسلو اسانجي سامهون ايندو رهي ٿو. انهن مختصر ۽ محدود ۽ معنيٰ خيز مطلب تي جيڪڏهن لکڻ تي ويهبو تي ڪئي دفتر درڪار ٿي
ويندا.
ڇو ته انهن پهاڪن جي معنيٰ ۽ مطلب، شرح ۽ ان جو تاريخي پس منظر انهن سمورين ڳالهين لاءِ وڏي مطالع، معلومات ۽ تحقيق جي ضرورت هوندي آهي. تنهن کانپوءِ وڃي پهاڪن جي صحيح پروڙ
پئجي سگهندي. پهاڪا بذات خود وقت ۽ حالتن، ماحول، معاشي ۽ اقتصادي اٿڻي ۽ ويهڻي، رفتار ۽ گفتار، کائڻ ۽ پيئڻ، رسم ۽ رواج، محفلن۽ مجلسن،
گويا انسان جي زندگي ۽ ان وقت جي حالتن جي صحيح ترجماني ڪندا رهندا آهن.
جيئن ته هر هڪ فنڪار پنهنجي دور ۽ وقت جو بيباڪ ترجمان هوندو آهي، ۽ هو جا شئي پنهنجي اکين سان ڏسندو رهندو آهي، تنهن کي پنهنجي قابليت ۽ لياقت جي سانچي ۾ وجهي، پنهنجي ملڪ جي
ماڻهن جي اڳيان پيش ڪندو رهندو آهي.
انهن پهاڪن مان هر پڙهندڙ کي، ان دور جي بلڪل صحيح ۽ صاف تصوير نظر ايندي رهندي آهي، ۽ سگهڙن جي تجربي ۽ آزمودي، ۽ بلند خيالن جو به اندازو لڳائي سگهبو آهي. منهنجو پنهنجو ذاتي
خيال آهي، ته سنڌي پهاڪن جي جيڪڏهن تحقيقات ڪري، انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي، ته گويا سنڌي علم ۽ ادب ۾ به ڪافي اضافو ٿيندو، ۽ پڙهندڙن کي
به پنهنجي پهاڪن جي پوري پوري پروڙ پئجي ويندي.
اڄ ڏينهن تائين پهاڪن جهڙي فن ڏانهن ڪنهن به اديب ۽ اهل قلم توجه نه ڏنو آهي. جنهن ڪري پهاڪن جو فن آهستي آهستي، اسان جي محفلن ۽ مجلسن مان وڃي ٿو ختم ٿيندو. انهي فن کي محفوظ
ڪرڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي، ته سنڌ جي سمورن پهاڪن کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي ته بهتر ٿيندو، ۽ اسان جي ادب جو دامن پهاڪن جي فن سان مالامال ٿي
ويندو.
جيئن ته سڄي سنڌ کي مختلف حصن ۾ ورهائي، انهن تي جدا جدا نالا رکيا ويا آهن. سنڌ جو ڪافي حصو لاڙ ۾ اچي وڃي ٿو. وچولي وارا، حيدرآباد کان هيٺين ڀاڱي کي لاڙ سڏيندا آهن، ۽ اپر
سنڌ وارا نوابشاهه ضلع کان هيٺين واري ڀاڱي کي لاڙ تصور ڪندا آهن، جنهن ۾ دادو ضلع ۽ حيدرآباد ضلع جو اڌ، ۽ مارئي جو ٿر جو وڏو حصو انهي ۾
اچي وڃن ٿا. اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ، لاڙ ۽ وچولي جا پهاڪا پڻ جدا جدا آهن. مان هتي پڙهندڙن لاءِ ڪي سنڌي پهاڪا پيش ڪريان ٿو، ته پڙهندڙ پاڻهي
ويهي انهن پهاڪن جو مطلب ۽ معنيٰ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا ته بهتر ٿيندو.
* هلي آئون نه سگهان، لک لعنت گوڏن کي.
* سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي.
* اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.
* نڪ نه ناسان، سنگهان ڇا سان.
* جهنگ جهر جي جهرڪي، جهٽي ويئي جهار.
* جيڪو پيئي ترو، تنهن کي تپ نه ٿئي ٻرو.
* ڪڪڙ ڪورين جو، نانءُ وڏيري جو.
* ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي.
* لڳو نه لڳو، تنهنجو هڏ گڏ ڀڳو.
* کائڻ لاءِ کرو، ڪمائڻ لاءِ ٻرو.
* ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
* وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
* جيڏا شهر، تيڏا قهر.
* چمڙي وڃي، دمڙي نه وڃي.
* وات کائي، اک لڄائي.
* منهن ملان جو، اکيون چور جون.
* اڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب.
* جنڊ کڻ ته جنڊ گؤرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳورو.
* غريبن جي مڏي، ٻه رليون ٽين تڏي.
* جن ڇڏي، ڀوت ڇڏي، پر مان نه ڇڏيان.
* جاڏي پير، تاڏي خير،
* اندر لنگهڻ، ٻاهر کنگهڻ.
* جڏا جياري، مرڪندا ماري.
* لنڊيون لوٺيون لک، هڪ الله جي رک.
* گهر ۾ ڪين، ته به گهوڙي تي زين.
* سچي ڳالهه سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.
* جهڙي ڇالي، تهڙي پني، هن لاهي، هن کي ڏني.
* هنر واري جي گهڙي بي هنر واري جي ڄمار.
* ڪاڻو پٽ، کاٽائو ڀلو.
* ٻڏڻ ويو آهي وسري، لڏڻ آيو آهي ياد.
* * *
قيافه جا قول
جن ماڻهن کي علم قيافه جي چڱي طرح ڄاڻ سڃاڻ آهي ته انهن کي ڪم ڪڍڻ يا محفل ۽ مجلس جي معاملن جي وڏي مهارت حاصل ٿيل هوندي آهي، ۽ ماڻهن جي نفسياتي ڪمزورين کان بلڪل باخبر هوندا
آهن. جنهن ڪري علم قيافه جا قول آهن ته:
جنهن ماڻهو جا ڪن وڏا. اڳتي جهوليل هجن ته اها ذهانيت ۽ شرارت جي نشاني آهي.
قد جو بندرو، گردن جو ڪوتهه وري، خوشامند پسندي جون نشانيون آهن.
نڪ ٿورو ويٺل، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڊاڙي ۽ ٻٽاڪي آهي.
شاعري
علمي ۽ ادبي دنيا جون جيڪي به صنفون آهن، انهن سمورن صنفن ۾ شاعري جي صنف نهايت ئي اهم ۽ اعليٰ، نازڪ ۽ نفيس، دلنشين ۽ دلڪش هوندي آهي. شاعري ۽ موسيقي به پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم
هونديون آهن. هونئن به شاعري، شعور مان پيدا ٿيل آهي، يعني ته شاعر جي شعر مان، ان جي ذهني پختگي، سچائي ۽ صفائي، انسان دوستي، حق جي
حمايت، سونهن جي ساراهه ۾ صاف گوئي، ماحول ۽ حالتن جي ترجماني مان ئي سندس تجربي، آزمودي ۽ معلومات ۽ معيار معلوم ٿي سهگي ٿو. جيڪڏهن اهي
اوصاف نه آهن، ته پوءِ اها شاعري ڪانه چئبي.
شاعري قدرتي ڏات آهي، مگر ان ۾ شاعر جي پنهنجي ذهانت ۽ لياقت ۽ جو به وڏو دخل هوندو آهي. قرآن شريف ۾ نهايت ئي واضع ۽ تفصيل طور بيان ڪيل آهي، ته الله تعاليٰ انسان کي خلقي، ان
کي بيان يعني ڳالهائڻ، ٻولهائڻ جو سهڻو طور طريقو عطا ڪيو، خلق الانسان علما البيان، انهيءَ آيات مان صاف ظاهر آهي، ته انسان بيان ڪرڻ جو
بحر آهي.
جڏهن شاعر پنهنجي نفيس ۽ نازڪ جذبات کي اکرن جو پهراڻ پارائي، ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙڻ جي اڳيان پيش ڪري ٿو، تڏهن هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندو آهي، ڄڻ ته اهي سمورا واقعا سندس
اکين آڏو ٿي رهيا آهن. شاعر جنهن وقت به، جتي به، ڪنهن به واقعي، واردات، سونهن سوڀيا، حسن ۽ جواني قدرتي نظارن، جلال، جمال ۽ ڪمال،افسانه
۽ معاشري جي سڌاري لاءِ صحتمند شاعري کي قلمبند ڪري ٿو، تڏهين هو پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي مزاج ۽ سوچ، سماجي ۽ شعوري تقاضائن
مطابق ئي هڪ خدمت جو سرور محسوس ڪندو آهي. مقصد هي آهي، ته هو پنهنجي ڏات سان، پنهنجي وطن جي ماڻهن جي اندر جو آواز بڻجي ويندو آهي.
جيستائين ڪوبه شاعر پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي، پنهنجي زبان ۾ نثر يا نظم نه لکندو، تيستائين عام ماڻهو هن جي فن کي اصل اهميت نه ڏيندا، ڇو ته
شاعريءَ جو بنيادي طرح تعلق ان خطي جي زمين سان هوندو آهي. شاعر ڪهڙي زبان ٿو استعمال ڪري، ان ڳالهه کي و ڏي اهميت حاصل آهي. فقط عوامي
زبان ئي بهترين ذريعو آهي. هرو ڀرو اوپٽو، اوپري زبان شعر کي به شيعو رسائي ٿي، ۽ شاعر جو سماجي ڪارج به ختم ٿي وڃي ٿو. شاعر عوام لاءِ لکي
ٿو، ان ڪري هن جي زبان به عوام جي هئڻ گهرجي. نثر کان وڌيڪ ماڻهو نظم جا شيدائي هوندا آهن، ڇو ته ان ۾ جاذبيت، ترنم ۽ موسيقيءَ جو من
موهيندڙ مٺاج موجود هوندو آهي. شاعر دنيا جي ٻين ماڻهن کان الڳ ٿي جڏهن هو شعر ڏانهن ڌيان ڌري ٿو، تڏهن هو سراپا، عشق ۽ سراپا محبت بڻجي
وڃي ٿو. وطن سان عشق، ڌرتيءَ سان عشق انسانن سان عشق، انسانيت سان عشق، جڏهن عشق سوار هجي، ته پوءِ سندس جذبات ۽ مصوري، قلب جي واردات،
نازڪ خيالن جي نزاڪت، لطافت جو لطف ۽ موسيقيءَ جو ميٺاج، خود بخود اڀري پوندو آهي. دنيا ۾ هزارين انقلاب آيا، ۽ ايندا رهندا، مگر شاعر جي
زبان سڄي ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ زنده تحفو هوندي آهي. هر سچي شاعر جي شاعري ۾ اسان کي گهري نگاه سان ڏسڻ گهرجي ته ملڪ، قوم ۽ اتان جي ماڻهن جي
صحيح ترجمانيءَ لاءِ، شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيستائين حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اصلي شاعري ۽ نقلي شاعري ۾ جيڪو تفاوت ۽ فرق آهي، ان
تفاوت کي سماجي قدرن ۽ ادبي معيار جي ماڻ سان توري، انصاف ڪندڙ علم نواز ۽ ادب پرور، سخن سنج ۽ سخن فهم، ماڻهو صحيح فيصلو ڏيئي سگهندا آهن.
***
منافق
تمام ڊگهن ماڻهن لاءِ، چيو ويندو آهي ته عقل کان عاري هوندا آهن.
گهڻ ڳالهائو جو دماغ، سوچ ۽ سمجهڻ کان صاف هوندو آهي.
ننڍڙين اکين وارا گلا ۽ غيبت ڪرڻ جا عادي هوندا آهن.
گهڻي خوشامد ڪندڙ، فتنه انگيز ۽ فسادي هوندا آهن.
ظاهري زينت، زيب ۽ ٺٺ ٺانگر رکندڙ احساس ڪمتريءَ ۾ قابو هوندا آهن.
تڙ تڪڙ ڪندڙ، پنهنجا ويري هوندا آهن.
اشارن سان ڳالهائيندڙ، منافق هوندا آهن.
هميشه ئي خاموش رهندڙ، خطرناڪ هوندا آهن.
اقتدار ۽ عهديدارن وٽ گهڻو ايندڙ ويندڙ، ٺڳ قسم جي ماڻهن جي نشاني هوندي آهي.
علم نوازي ۽ ادب پروري
دنيا ۾ جن حڪومتن ۽ حاڪمن علم ۽ ادب، تحقيق ۽ تاريخ جو تحفظ ڪيو، انهن جو نالو هميشه دنيا جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو آهي.
حڪومتن ۽ حاڪمن جي سمورن سڌارن ۽ واڌارن، تعمير ۽ ترقي جي ڪمن ڪارين سان گڏوگڏ جيڪڏهن علم نوازي ۽ ادب پروري جو پهلو بلڪل خالي ۽ کوکلو رهيو، ته انهن جا سمورا سڌارا ۽ واڌارا
گهڻو ڪري بيڪار ۽ بي سود ثابت ٿيندا آهن. سمجهدار ۽ سياڻا، درويش ۽ دانشمند سموري ملڪي مسئلن کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ سان گڏوگڏ علم ۽ ادب طرف
ايترو ته توجه ڏيندا رهندا آهن، جو گويا انهن جو نانءُ ۽ نيڪي انهيءَ ادب نوازي تي منحصر هوندي آهي. پڙهندڙڻ لاءِ مغل بادشاهن جي علم نوازي
۽ ادب پروريءَ جا مختصر مثال پيش ڪريان ٿو.
مغل بادشاهه نه فقط پنهنجي ملڪ کي وسيع ڪرڻ ۽ سلطنت جي عمده انتظام ۾ شاندار عمارتن ۽ دربارين جي بهترين شان و شوڪت ڪري مشهور و معروف آهن، پر سندن علم دوستي، فن جي سرپرستي جا
به نهايت بلند مثال موجود آهن. مغلن ۽ سندن اميرن ملڪ جي هر حصي ۽ گوشي ۾ مدرسا ۽ مڪتب قائم ڪرايا جتي رعيت جي هر طبقي جا ماڻهو، علم ۽ هنر
حاصل ڪري سگهندا هئا. انهن مدرسن مان ڪي ابتدائي مدرسا هئا، ۽ ڪي وري اعليٰ تعليم لاءِ. مدرسن جي خرچ وغيره لاءِ تمام وڏيون جاگيرون وقف
ٿيل هونديون هيون، جن جي آمدنيءَ مان مدرسن جا سمورا خرچ ادا ٿي سگهندا هئا.
ان کان سواءِ ملڪ جي هرگوشي ۾، جتي عالم فاضل ۽ علم دوست رهندا هئا، انهن جي گذران لاءِ شاهي خزاني مان وڏا وڏا وظيفا ۽ پگهارون مقرر ڪيون وينديون هيون، جيئن اهي ماڻهو فڪر معاش
کان آزاد ٿي ڪري علمي ڪمن ۾ مصروف رهي سگهن.
ان کان علاوه تعليم مفت ۽ عام هئي. هر شوقين ۽ ذهين طالب علم پنهنجي ذاتي محنت ۽ مشقت سان علم جي بي بها دولت حاصل ڪري سگهندو هيو.
مغل بادشاه پاڻ به اعليٰ تعليم يافته هئا. پر انهن مان جيڪي ٿورو گهڻو پڙهيل هوندا هئا سي به علم پروريءَ جي روايت زنده رکندا ايندا هئا.
مغل خاندان جو باني بابر بادشاهه وڏو عالم ۽ سخن جو صاحب هوندو هو. بابر بادشاه جي مادري زبان ترڪي هئي، مگر ترڪي زبان کان سواءِ هو فارسيءَ ۾ عهدو شعر چئي سگهندو هو.
هن پنهنجي زندگي جا حالات به قلمبند ڪيا آهن، جنهن کي ”توزڪ بابري“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
بابر بادشاه جي خود نوشته سوانح، نه صرف تاريخي لحاظ جي ڪري اهم آهي بلڪ طرزيبان ۾ سادگي ۽ دلنشينيءَ سبب پڻ سڀ کان قابل قدر ۽ دلچسپ آهي.
بابر بادشاه جو پٽ همايون به علم و فضل جو وڏو عاشق هوندو هو. هن کي علم نجوم ۽ جاگرافيءَ سان خاص دلچسپي هوندي هئي، ۽ ڪتابن جي مطالع ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس، ۽ هميشه سفر ۾
چيده چيده ڪتاب پنهنجي سفر جا بهترين ساٿي سمجهي ساڻ کڻندو هو.
مغل خاندان جا نه صرف بادشاهه ۽ شهزادا اعليٰ درجي جا علم پرور هيا، بلڪ شاهي خاندان جون عورتون به علم جي بي بها زيور سان آراسته هونديون هيون شهزادين جي تعليم و تربيت جو
مناسب انتظام هيو، بابر بادشاه جي دختر گلبدن بيگم، پنهنجي وقت جي حالات تي هڪ ڪتاب تيار ڪيو هو، جنهن جو نالو ”همايون نامه“ آهي. هن ڪتاب
۾ اُهي اُهي واقعا درج ڪيل آهن، جيڪي هن پاڻ ڏٺا يا معبتر ذريعي ٻڌا هيا. هن ڪتاب جو طرز بيان سهڻو ۽ بي تڪلفي ڪري نهايت دلاويز آهن.
اڪبر بادشاه جي علم دوستي ۽ قدر داني جي شهرت ٻڌي، ايران جا وڏا وڏا عالم و فاضل ۽ شاعر هندستان ۾ آيا هئا.
جنهن ڪري سندن لياقت ۽ قابليت ڪري علمي ۽ ادبي دنيا ۾ نالو روشن ٿيندو رهيو.
* * *
حاسد
* ها ۾ ها ملائيندڙ ماڻهو، ذهني طرح ختم ٿيل هوندا آهن.
* سوال ڪندڙ گداگير، گندي عادت ۾ مبتلا هوندا آهن.
* اجائي تنقيد ۽ تبصرو ڪندڙ جاهل هوندا آهن.
* هر چڱي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ، حسرت ڪندڙ، حاسد هوندو آهي.
* پنهنجو رکي ٻئي جو کائيندڙ، لالچ ۽ لوڀ جي رنگ ۾ رنگيل هوندا آهن.
علم ۽ زمانو
علم هڪ بحر بي ڪنار آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪوبه انسان، ڪنهن به علم جي پڃاڻي تائين پهچڻ جي دعويٰ نه ڪري سگهيو آهي. بلڪ سمورا فيلسوف ۽ عالم، جيترو وڌيڪ علم حاصل ڪندا آهن، اوترو
سندن علم جي اڃ وڌندي ويندي آهي. جيڪي ماڻهو پاڻ کي عقل ڪل سمجهڻ لڳندا آهن. تن جي ڳالهه ڪرڻ ئي بي سود آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو علم جي
اصليت ۽ ماهيت کي ئي سمجهي نه سگهندا آهن. جيستائين انسان پاڻ کي علم جي تنوار سان، سڄي زندگي علم جو طلبگار تصور نه ڪندو، تيستائين سندس
سمجهه ۽ سوچ ۾ ڪشادگي ۽ وسعت پيدا نه ٿيندي. علم جي طلب نه رڳو انسان کي ڏاهپ سان نوازي ٿي، پر انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جي توفيق بخشي ٿي.
اهوئي سبب آهي جو سچا طالب علم، تحقيق جو ترهو ٻڌي، الله تو آهر ڪري، علم، ادب جي بحر بي ڪنار ۾ غواصن وانگر ٽٻيون ڏيئي، ماڻڪ ۽ موتي آڻي
دنيا ۽ دنيا وارن کي ڏيندا آهن. اهڙن ئي انسانن جو نالو، ۽ نيڪي هميشه علم و ادب جي تاريخ ۾ زندهه رهندو آهي. علم مان مراد محض ڪتابي علم
نه آهي. علم خالق ۽ ان جي سموري مخلوق جي باري ۾، ڪائنات ۽ ان جي عناصر بابت، انسان جي مشاهدي، تجربي، مطالعي ۽ فڪر جو نالو آهي. ڪي ڪي علم
ڪتابن جي ذريعي به ملندا آهن، پر جيسين اهو ڪتابي علم تجربي ۽ مشاهدي جي ڪسوٽيءَ تي، نه پرکبو، تيسين اهو مرڳو ئي هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
اسان وٽ علم جو پيمانو رڳو ڪتاب رهجي ويا آهن، ان ڪري علم اڌارو ۽ اڻپورو آهي. هيءَ ڪائنات هڪ وڏي تجربي گاه اهي، جتي هر آزمودو ۽ تجربو
انسان کي ٻه وکون اڳتي ٿو وڌائي. ان تجربي تي فڪر ڪرڻ سان،ان آزمودي کي اڳين آزمودن سان ڀيٽڻ ڪري، انسان ۾ علم جي آگاهي پيدا ٿيندي آهي.
اهائي آگاهي انسان کي باقي انسانن، يعني انسان ذات جي خدمت تي اُڀاريندي آهي، اتساهه ڏياريندي آهي ۽ اهو اتساهه ئي انسان جو سڀ کان وڏو
سرمايو آهي. علم جي اڃايل لاءِ تسڪين جو سبب اهائي ڳالهه هوندي آهي.
علم دنيا کي سمجهڻ ۾ وڏو مددگار آهي. دنيا جي مطالعي ۽ تجربي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به استاد جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. زمانو ڍکڻ مثل آهي، ۽ انسان کي گهڙي سنئون سڌو بنائيندو آهي. زماني
جون لاهيون ۽ چاڙهيون، اٿلون ۽ پٿلون، تيز تبديليون، آسرا ۽ اميدون، دلاسا ۽ دولاب، پنهنجن ۽ پراين جون پچارون ۽ پرڪارون، نا اميديون ۽
نراسايون، مقصد ۽ مطلب، مخالفتون ۽ مقابلا، لالچ ۽ لوڀ، سچ ۽ ڪوڙ، دوکا ۽ دغابازيون، اعتبار ۽ بي اعتباري، مڪر ۽ فريب جا ڦندا، انسان جي
مشاهدي جي ذريعي علم جي ڪسوٽي بڻجندا آهن، ان ڪري چوندا آهن ته:
چش، داري و عالمي در نظرت،
ديگرچه حاجت معلم و ڪتاب!
* * *
فن هڪ امانت آهي
شعر وشاعري ۽ علم عروض متعلق دنيا جي اديبن ۽ عالمن، مفڪرن ۽ محققن پنهنجي پنهنجي سمجهه سوچ، علمي لياقت ۽ قابليت ۽ معلومات مطابق انهي صنف جي نازڪ پهلوئن تي، ڪافي ڪجهه لکيو
آهي ۽ لکندا رهن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي، ته شعر شعور مان نڪتل آهي، ڪن جو چوڻ آهي، ته اها قدرتي ڏات آهي. ڪي چون ٿا ته انهي فن جي قاعدن
قانونن، بحر ۽ وزنن، بيهڪ ۽ بناوت جي ڄاڻ سڃاڻ هجڻ گهرجي. انهي فن تي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين علمي ۽ ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي تبصرا ۽
تنقيدون ٿينديون رهن ٿيون ۽ ٿينديون رهنديون.
هونئن به هر فن، بحر بي ڪنار هوندو آهي، ۽ ڪنهن به فنڪار کي ڪنهن فن لاءِ پاڻ کي عقل ڪل سمجهڻ نه گهرجي.
فن قدرت جي طرفان فنڪار وٽ امانت هوندو آهي، ۽ اهو فن صرف ملڪ ۽ عوام، ماحول ۽ معاشري جي ايمانداري ۽ دياتنداريءَ سان ترجماني جي لاءِ هوندو آهي مگر مختلف دورن ۾ ڪيترن فنڪارن
پنهنجا فن کي عوام جي رهنمائي ۽ رهبري مان ڪڍي ڪري بادشاهن راجائن، نوابن، جاگيردارن، سرمائيدار ۽ سرندي وارن، زردارن ۽ زميندارن، گويا
عوامي فن کي درٻار ۾ آڻي صرف پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ انهي فن جا فرشا ڪڍي ڇڏيا. انهن شاعرن ۽ اديبن پنهنجي نثر ۽ نظم ذريعي انهن جي
شان ۽ شوڪت مان ۽ مرتبي، وڏائي ۽ واکاڻ ۽ بالائي ۾ اهي اهي داستان دهرايا ۽ ڪلما ڪلام ۾ قلمبند ڪيا ويا آهن، جن هو هتي ذڪر نه ڪجي ته بهتر
آهي. هرو ڀرو ائين به نه آهي، ته سمورا شاعر ۽ اديب انهي درٻاري بدعت ۽ بڇڙائي جي حمام ۾ هڪجهڙا هئا. ڪيترا اديب ۽ شاعر، نظم ۽ نثر جهڙن
نازڪ فن جي هميشه ئي حفاظت ڪندا هئا. انهن جي وقار ۽ آبروءَ کي برقرار رکندا آيا. اهو فن به هڪ عجيب فن آهي. ڪٿي وصل لاءِ وجهائڻ، ڪٿي
سونهن ۽ سوڀيا، جواني ۽ جوڀن جو جوهر جرڪائڻ، ڪٿي غمن ۽ گوندرن ۾ غلطان، ڪٿي خوشيون، شاديون ۽ شادمانيون، ڪٿي شڪايتون ۽ حڪايتون، ڪٿي گلا ۽
غيبت، ڪٿي صفت ۽ ساراهه، ڪٿي رزميه جا راز ۽ رمزون. انهي فن ملڪن ۽ قومن کي به آسمان جي بلندين تائين پهچايو آهي. ڪٿي وري سستي ۽ ڪاهلي جي
ڪسمپرسي ۾ به ڇيهه ڪري ڏيکاريو آهي، ڪٿي جنگ ۽ جهاد ۾ جوش ۽ جولاني ڏيکاري، انهن مجاهدن جي همت ۽ حوصلو بلند ڪيو آهي. ڪٿي مشاعرا ۽ فرشي
سلام جا به نوان رنگ ۽ ڍنگ ايجاد ڪيا ويا آهن. انهي فن جي صنف جو قدر ۽ قيمت هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. زماني جي انقلابن ۽
حالتن جي ڦيرين گهيرين ۽ اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو اثر به هر فنڪار تي نهايت ئي گهرو ٿيندو آهي، ڇو ته شاعر ۽ اديب هر قوم ۽
معاشري جا حساس ترين فرد هوندا آهن. سچ پچ ته دنيا جي صالح قومن ۾ صحيح شعور ۽ انهن جي رهنمائي ۽ رهبري اتان جي اديبن ۽ شاعرن اهڙي انداز ۾
ڪئي آهي، جو اهي ملڪ ۽ قومون اڄ آسمان جي بلندين تائين پهچي چڪيون آهن، ۽ انهن ملڪن ۾ قومن ۾ خاص ڪري پنهنجي اديبن۽ شاعرن لاءِ اها عزت ۽
احترام آهي، جنهن جو مثال هتي ڪوبه پيش ڪري نٿو سگهجي. خاص ڪري نظم توڙي نثر پاڪ فن آهن، جيڪي هميشه ئي قدرت جي طرفان فنڪارن وٽ امانت
هوندا آهن، انهي قدرتي امانت کي نهايت ئي سهڻي ۽ صاف، سٺي سليقي سان، عوام تائين پهچايو وڃي ته ان ۾ ملڪن، قومن ۽ عوام ڀلو ٿيندو رهندو
آهي، ۽ فنڪارن جو به تاريخ ۾ هميشه ئي نالو نيڪ روشن رهندو آهي.
* * *
قومي ڏينهن
هونئن ته سڄي سال جا ڏينهن هڪ جهڙا هوندا آهن، مگر ڪن ڪن ڏينهن جو شان ۽ شوڪت، مان ۽ مرتبو، سال جي سمورن ڏينهن کان بلند ۽ بالا، اوچو ۽ اعليٰ هوندو آهي. ڇو ته جيڪي به اهڙي قسم
جا ڏينهن هوندا آهن، انهن ۾ ڪا نه ڪا قومي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي تاريخ سمايل هوندي آهي. انهن تاريخي ڏينهن جي ياد کي تازه ڪرڻ لاءِ
زنده قومون هر سال،ا نهن ڏينهن کي نهايت ئي شاندار نموني ۾ ملهائينديون، ۽ پنهنجي تاريخي يادگيرين کي ياد ڪنديون، ايندڙ نسلن کي ذهني طرح
تيار ڪنديون رهنديون آهن، دنيا جي سمورن ملڪن ۾ اهڙا تاريخي ڏينهن، وڏي ڌوم ڌام ۽ شان شوڪت سان ملهايا ويندا آهن، انهن ڏينهن ۾ تاريخي پس
منظر ۽ پيش منظر هميشه ئي جرڪيدار جوهر جيان، جرڪندا رهندا آهن.
قصيدو
شعر و شاعري جي دنيا ۾ قصيده گوئي به هڪ اهم ۽ نازڪ صنف آهي. انهي صنف تي اسان جي ڪيترن اديبن ۽ عالمن پنهنجي وسيع معلومات مطابق ڪافي لکيو آهي، ۽ ڪافي لکندا رهن ٿا.
هونئن ته شعر شعور مان نڪتل آهي. يعني فڪر، فهم، سوچ ۽ سمجهه، سانيهه ۽ سڃاڻپ، گويا ماحول جي پاتال جي پوري پروڙ هئڻ سان گڏ ان جي صحيح عڪاسي ۽ ترجماني ڪري، دنيا ۽ دنيا وارن جي
اڳيان پيش ڪرڻ ئي شاعر جو ڪمال هوندو آهي.
شعر وشاعري جي دنيا ۾ ڏسڻو صرف هي آهي ته انهي صنف جو لڳ لاڳاپو ۽ تعلق وڌيڪ حقيقت سان آهي، يا جذبات سان. دنيا جو هي دستور آهي. ته جڏهن حقيقت تي شهرت غالب ٿي ويندي آهي تڏهن
حقيقت جو ڪوبه پهلو نظر نه اچي سگهندو آهي. صرف شهرت جوئي شورشار، چرپر ۽ چؤٻولو چؤطرف چالو هوندو آهي، ان ڪري انهي فن جا ماهر گهڻو ڪري
حقيقت کان پرڀرو ۽ پاسيرو ٿي، الفاظن جي ميناڪاري ڪندي جذباتن جي وهڪرن ۾ ائين وهي ويندا آهن، جيئن ڪک پن واچوڙن جي ور چڙهيل رهندا آهن،
پڙهندڙ هنن جي اکرن جي جوڙجڪ، روانگي ۽ خوبصورتي، بيهڪ ۽ بناوت جي ظاهري زينت ۽ زيب کان ايترو متاثر ٿي ويندا آهن، جو هو به انهن جي فنڪاري
کي حقيقت سمجهڻ لڳندا آهن. ان کان سواءِ ٻڌندڙ تي به ايترو ۽ ايڏو اثر ٿيندو رهندو آهي، جو هو هر هڪ اکر کي حقيقت سمجهڻ تي مجبور ٿي پوندا
آهن.
قصيدو جاگيردارانه نظام جي پيدا ڪيل صنف آهي. قصيده گو هميشه ئي حقيقتن ۽ حڪايتن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي صرف جن جي شان ۽ شوڪت ۾ قصيدو لکندا آهن، ان کي آسمان جي بلندين تائين
پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا آهن. مگر اکرن جي سنهري ورقن کي پاسي ڪري، جنهن جي متعلق قصيدو چيو ويندو آهي، انهي شخصيت
کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته هو بلڪل ان جي ابتڙ هوندو آهي.
دنيا ۾ قصيدي جي فن جي تاريخ جا جيڪڏهن ورق ورائي ڏسبا ته هزارين اهڙا مثال ملندا رهندا، جنهن جو هتي ذڪر ڪرڻ اجايو آهي. آئون صرف هڪ قصيده گو شاعر جو ننڍڙو مثال پيش ڪري رهيو
آهيان.
جيڪڏهن قصيدا ڪنهن بادشاه جو سهارو ٿي سگهن ها ته دهلي جي آخري بادشاهه بهادر شاه ظفر متعلق جيڪو قصيدو، ان وقت جي شاعر ”ذوق“ لکيو هو، ان جا الفاظ ايترا ته دلڪش ۽ دلنشين عظيم
۽ اعليٰ آهن جو واقعي بهادر شاه جهان پنهان هيو. مگر افسوس جو تاريخ پنهجي دستور موجب ثابت ڪري ڏيکاريو ته جهان پناهه خود پناهه ڳوليندو
رهيو.
قصيدي گوئي جي تاريخ جا جيڪڏهن اڃا به ورق ورائبا ته اهڙن تاريخي واقعن کان هر هڪ ورق ڀرپرو ۽ ڀريو پيو آهي.
معلوم نه آهي ته وقت جا بادشاه تاريخ جي اٿلن، پٿلن ۽ انقلابن کان عبرت ڇو نه حاصل ڪندا آهن. تاريخ جي به عجيب فلاسافي آهي ته تاريخ ٻين جي تجربي مان ڪڏهن به فائدو حاصل نه ڪندي
آهي ۽ هميشه ئي پنهنجا ئي تجربا ڪندي، دنيا ۽ دنيا وارن کي عبرت جو سبق سيکاريندي رهندي آهي.
قلم ۽ اهل قلم
قلم جي ڪرامتن کان ڪير واقف نه آهي، قلم جي هتي ڪهڙي ويهي واکاڻ ڪجي. اهو قلم ئي آهي، جيڪو ملڪن ۽ قومن کي ڪاميابي ۽ فتحيابي جي اوج ۽ عروج تي پهچائيندو آهي.
قلم جي ڪرامت جو سمورو دارو مدار سندس ڪم وٺندڙ جي وس هوندو آهي، ته اهل قلم بذات خود ڪيتري ۽ ڪيڏي علمي، ادبي ۽ تاريخي معلومات رکندڙ آهي، ۽ سندس آزمودي ۽ تجربي جا ڪيترا لنگهه
لتاڙيل آهن، سندس اعليٰ شعور پختگيءَ جون پاڙون ڪهڙي پاتل تائين پهتل آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهل قلم، قلم کان ايترا ۽ اهڙا ڪم وٺندا رهندا آهن، جو
اهل قلم جي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو راز به ظاهر ٿي پوندو آهي. قلم جو چوڻ آهي، ته مان قوم جي امانت آهيان، امانت جي حفاظت ڪرڻ عبادت آهي، ۽
امانت ۾ خيانت ڪرڻ ناقابل معافي جرم آهي. اهل قلم جي قلم مان ئي سندس شخصيت ۽ عظمت جو اندازو لڳائي سگهبو آهي، ۽ ان سان گڏوگڏ هلڪڙائپ ۽
ذهنيت به ظاهر ٿي پوندي آهي. حقيقت ۾ قلم، اهل قلم لاءِ هڪ قسم جو آئينو هوندو آهي، ڇو ته قلم، لکندڙن جي خوبين ۽ خاصيتن کي پيش ڪرڻ کان
سواءِ رهي نه سگهندو آهي.
اهل قلم پنهنجي معاشري جو حساس ترين انسان هوندو آهي. جيڪي ڪجهه هو ڏسندو پسندو يا مشاهدو ڪندو رهندو آهي، انهن احساسات ۽ جذبات کي بنا ڪنهن ڇنڊڇاڻ، ۽ واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ
قلمبند ڪندو رهندو آهي. جيئن هڪ مصور پنهنجي جذبات کي رنگن جي صورت ۾ قلم جي زبان سان ظاهر ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندو آهي، تيئن هڪ اهل قلم به
پنهنجي جذبات کي ظاهر ڪرڻ ضروري سمجهندو آهي. ڪڏهين ڪڏهين اهل قلم به پنهنجين مصلحتن ۽ ذاتي مسئلن ڪري قلم جو وقار مجروح ٿيندو رهندو آهي.
قلم جي عزت ۽ آبرو کي برقرار رکڻ ئي، اهل قلم جو اصل ڪم هوندو آهي.
* * *
رمزن ۾ رايا
* بهادر انسان جڏهن ڏکن ڏولاون ۾ هوندا آهن، تڏهين مڙس ٿي مصيبتن جو مقابلو ڪندا رهندا آهن. جڏهن اقتدار جي ڪرسيءَ تي هوندا آهن، تڏهن الله تعاليٰ جي اڳيان گردن جهڪائيندا رهندا
آهن، ڇو ته ان وقت بهادر انسان لاءِ عجز، نياز ۽ نوڙت سڀ کان وڏو متاع هوندو آهي. جڏهن اقتدار کان محروم ٿيندا آهن، ته الله تعاليٰ جو شڪر
ڪندا آهن.
* حضرت انسان جي زندگي نهايت ئي مختصر آهي، جاخدا جي طرفان هڪ امانت آهي ۽ هر حالت ۾ سهڻي، صاف، سٺي ۽ پاڪ نموني ۾ بسر ڪرڻي آهي، مگر اسان جي ملڪ جو انسان، انسان کان نفرت ڪندڙ
۽ انسانيت جي تڙيءَ تي ننهن ڏيندڙ ظالم طبقو، ڪٿي ٿو انسان کي جيئڻ ڏي. انهيءَ طبقي اهڙيون ته حرڪتون ۽ حرفتون. ايجاد ڪيو آهن، جو انسان جو
جيئڻ جنجال ڪري، ”انسانيت کي، موت جي دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. |