سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رتيءَ جي رهاڻ

 

صفحو :2 

ٻه اکر

 

مالڪ ذوالجلال جي حمد ۽ ثنا جي اصلي حقيقت تائين پهچڻ کان عاجزي ڏيکارڻ ئي هڪ انسان جو ڪمال حمد ۽ ثنا آهي. الله تعاليٰ پنهنجن عاجز ٻانهن کي سندن سمجهه ۽ پروڙ پٽاندڙ صرف هيتري ئي تعليم ڏيڻ فرمائي آهي ته: ”الحمدلله رب العالمين“ سڀ ڪا ساراهه انهيءَ حقيقي معبود کي جڳائي ٿي جو جهانن جو پالڻهار آهي.

دنيا ۾ صرف هي واحد سنڌ جو خطو آهي جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي سموري نعمتن سان نوازيو آهي، ان کان سواءِ سنڌ صوفين، صالحن، ولين، اصحابن، اوليائن، پيرن فقيرن درويشن ۽ درد مندن، فقيهن ۽ فقراهن، قطبن ۽ قلندرن، سيدن ۽ ساداتن، عالمن ۽ علمائن، مخدومن ۽ محدثن، اهل فڪر ۽ اهل علم، فاضلن ۽ فياضن، سخن سنج ۽ سخن فهم، سياڻن سمجهدارن ۽ سگهڙن سنون سڌن سنڌي سٻاجهڙن جو ديس آهي. جنهن جي صفائي ۽ سٺائيءَ، سونهه سوڀيا، مان ۽ مرتبو مروت ۽ محبت، شان ۽ شوڪت، شرافت ڪئي شائستگي، شجاعت ۽ مردانگي، نماڻي ۽ نهٺائي، نياز ۽ نوڙت، نفاست ۽ لطافت، ارادي جي مضبوطي، مستقل مزاجي، حق جي حمايت ۽ باطل جي مخالفت، بي باڪي ۽ بهادري، تحمل ۽ تجمل، همٿ ۽ حوصلو، خوش اخلاقي ۽ خوش ڪلامي، بي ڊپائي ۽ بي ريائي، فراخدلي ۽ فياضي، عقل ۽ ادراڪ، فهم ۽ فراست، مظلوم جي مدد ۽ ظلم جو مقابلو، شيرين گفتار ۽ نيڪ رفتار، ايمانداري ۽ ديانتداري، گويا سنڌ ۽ سنڌين جي سمورن، خوبين ۽ خاصيتن جي جرڪيدار جوهرن جو جمال ۽ ڪمال ڪهڙي زبان ۽ ڪهڙي قلم سان قلمبند ڪجي.

اسان جي ڀٽ ڌڻي پنهنجي سنڌ ديس لاءِ فرمايو آهي ته:

سنڌيءَ جا ساڻيهه کہ، کٿوري ڀائيان.

شاه صاحب ساڻيهه يعنيٰ وطن جي کہ (خاڪ) کي يا مٽي کي مشڪ جي برابر ڀايون آهي.

سنڌ جي هفته زبان سچل سائين سنڌ لاءِ ڪهڙو نه سهڻو ۽ صداقت ڀريو فقرو چيو آهي:

”ديس سچل دا درس درازا، ڪي نا ملتان.“

دنيا ي بين الاقوامي شاعري حضرت مولانا جلال الدين

رومي رحه جن پنهنجي جڳ مشهور مثنوي ۾ فرمائن ٿا ته:

”سنديان را اصطلاح سند مدح؛ هنديان را اصطلاح هند مدح.“

بکر جو سيد رحمت الله ولد سيد لطف الله بکري هڪ نامور شاعر ٿي گذريو آهي.

هڪ قصيدي جي شروعات اسان جي سنڌ جي واکاڻ صفت ۽ ثنا سان شروع ڪئي اٿس. سندس قصيدي جو رنگ هيٺئين ريت آهي جنهن مان سيد صاحب جي فارسيءَ ۾ قادر ڪلاميءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

(1) بارک الله ڪشور سند سواد دلکشا،

ڪز غبار او بود چشم فلک را توتيا.

(2) آبروئي چهرء خلدي برين را آبرو،

از هوايش گلشن فردوس را نشو و نما.

(3) سر خوشان باده توحيد را ميخانہء،

آرزوي وعدهء ايصال را سلمي نما.

(4) بسکه آدم پرور آمد ابن گلستان هنر،

سبزه از کهسار مي رويد همه مردم گيا.

(5) در چنين ملک، ملک خيري ملائک پروري،

دور نبود گر شود ابليس از ڪفرش رها.

 

(1) دل کي وڻندڙ فرحت ڏيندڙ سنڌ ديس تي الله جي برڪت هجي شال جنهن جي خاڪ جي دز آسمان جي اکين جو سرمو آهي.

(2) سنڌ  بهشت بلند جي چهري جي آبرو آهي ۽ سندس هوا کان بهشت جو باغ وڌي ويجهي رهيو آهي.      

(3) توحيد جي مست متوالن لاءِ سنڌ هڪ ميخانو آهي، ميلاپ جي وعدي لاءِ معشوق وانگي وڻندڙ آهي.

(4) هي هنر ۽ عقل جو باغ ڏاڍو انسان پرور آهي، جيئن ڪهسار يا پهاڙن تي سبز گاهه پاليو وڃي ٿو.

(5) ههڙي ملائڪ پيدا ڪندڙ ۽ ملائڪ پاليندڙ ملڪ ۾ شڪ نه آهي ته شيطان به پنهنجي ڪفر کان توبهه تائب ٿئي.

سنڌوندي جي تعريف ۾ ڪهڙو نه عمدو لکيو اٿس:

در دل پر مهر سند اين نهر مهران روان،

شاديءَ ديدار يار وعده وصل وفا.

ماشاءالله رود مهران سراپا مهربان

جوئبار سلسبيل وچشمئه آب بقا.

نيل مصر از انفعال روءِ اوبر چهره نيل

اَب خضر از شرم او، زد غوطه در بحر خفا.

”ڪل شي حي“ آمد وصف احياء دمش

از صفات زده آب بروئي ڪارها.

هن پوئين شعر ۾ قرآن شريف جي آيت ”وجعلنا ڪل شيءَ من الماعي“ جي تلميح آهي. يعني ته اسان سڀ ڪا شيءِ پاڻي مان جيئري ڪئي آهي. يعنيٰ سنڌو ندي ۾ خدائي صفت ”حي“ واري آهي. جنهنڪري دنيا جي ڪمن جي آبرو ساڻس قائم رهي ٿي.

حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه جن فرمائن ٿا ته:

”دهلي ۽ سنڌ. پهريون منهنجي فڪر جو مرڪز ۽ ٻيو منهنجي عمل جو مرڪز. درياءِ سنڌ جو تقدس اسان جي مذهبي ڪتابن ۾ موجود آهي.

سنڌ ڳوٺن ۽ ميدانن ۾ منهنجي زندگيءَ جون قيمتي گهڙيون آسوده خواب آهن.

اسان جيڪڏهن ڪا آزاد رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ته ان جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي سنڌي هوندي.“

هتي صرف سنڌ جي صفت ۽ ساراهه جا ٻه، ٽي مثال پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي واکاڻ متعلق لکڻ تي ويهبو ته پنهنجن پراين اُهي آهي دلنشين ۽ دلڪش نڪتاءِ گفتا دهرايا آهن، جن جو هتي ذڪر ڪبو ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا.

ڪراچي جي ڪاروباري زندگي ۾ جتي انسان کي بي انتها مصروفيت ڪري وقت ۽ واندڪائي جو ملڻ مشڪل آهي، ان جي باوجود به پنهنجي ناقص عقل موجب ۽ مختلف موقعن مهلن جي مناسبت مطابق مختصر مضمون لکندو رهندو آهيان. هن وقت ڪافي تعداد ۾ مضمون گڏ ٿي چڪا آهن ۽ انهن مضمونن کي جدا جدا ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو وڏو پروگرام رٿيل آهي. انهن مضمونن مان ڪن مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ آڻي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيان ٿو.

منهنجو ڪم آهي ڪوشش ڪرڻ باقي ڪاميابي ۽ فتحيابي قدرت جي هٿ وس آهي.

جنهن تاريخ جي نازڪ دؤر مان اسان گذري رهيا آهيون، ان ۾ انسان لاءِ وڏي ۾ وڏو  مسئلو سندس گذران جو آهي. جنهنڪري حضرت انسان پنهنجي پيٽ جي پورائي ڪرڻ ۽ زندگي جي ٻين منجهائيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جانورن وانگر معدي سان سوچڻ جي ڪوشش ۽ ڪشمڪش ۾ قابو ٿيندو وڃي ٿو. جڏهن ۽ جتي به اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وينديون آهن ۽ پيدا ٿينديون آهن ته ان معاشري جي ماڻهن مان فهم ۽ فڪر، عقل ۽ ادارڪ، سمجهه ۽ سوچ، سانهه ۽ سليقو گويا جيڪي به زندگي جا مقرر ڪيل معيار ۽ قيمتي قدر قائم ڪيل آهن، اهي گهڻو ڪري پڌري پٽ وڃي پوندا آهن. جنهنڪري انهيءَ معاشري ۾ سڀ ڪا ڳالهه نهايت ئي سولائي ۽ سهنجائي، آساني ۽ آرام سان ٿيندي رهندي آهي، مگر علم ۽ ادب، تاريخ ۽ تحقيق گويا تصنيف ۽ تاليف جي ڪم کي ڪافي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويندو آهي. تنهنڪري اديب ۽ عالم، محقق ۽ مؤرخ جي ڪٿي به ڪنهن به قسم جي همٿ ۽ حوصلي افزائي، قدر ۽ قيمت نه هئڻ جهڙي ٿيندي رهندي آهي. دنيا ۾ هر قوم ۽ ملڪن جو صحيح، سچو صاف ۽ سهڻو سرمايو اتان جا اديب، عالم، محقق، مؤرخ، شاعر، صحافي سياڻا سمجهدار ۽ سگهڙ هوندا آهن، جن قومن ۽ ملڪن ۾ پنهنجي اديبن ۽ عالمن جو قدر ۽ قيمت ڪانه هوندي آهي اتان جي ماڻهن جي بي بسي ۽ بي توجهي ۽ بي علمي تي صحيح علم ۽ ادب افسوس جا لڙڪ حسرت جي دامن سان اگهندو رهندو آهي. جيڪي دماغ سان سوچڻ جا طور طريقا هوندا آهن، ان کان هو وانجهي وڪوڙجي ويهجي ويندا آهن. تنهنڪري ان ملڪ ۽ معاشري مان علم ادب تاريخ ۽ تحقيق جي ڪمن ڪارين تي ڪٽ جا ڪيئي ڪوٽ قائم ٿي وڃڻ ڪري تحقيقي ۽ تخليقي ڪوبه ڪم ڪرڻ مشڪل ۽ محال ٿي ويندو آهي، جڏهن انسان ماني حاصل ڪرڻ لاءِ ڀڄ ڀڄان جي باه ۽ وٺ، وٺان جي وهڪرن ۾ وڪوڙيل هوندو تڏهن سندس سموريون خوبيون ۽ خاصيتون ماني ٽڪر جي گول دائري ۾ گهمنديون رهنديون آهن.

قلمي پورهي جو قدر ڪو قدردان ئي ڪٿي سگهي ٿو. باقي عام ماڻهو جنهن جو لکڻ پڙهڻ، قلم ۽ ڪتاب سان ڪوبه تعلق نه آهي ان کي ڪهڙي ڪل ته تصنيف ۽ تاليف ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي. ڪتاب ۽ قلم سان تعلق رکڻ به سڀ ڪنهن انسان جو ڪم نه آهي. ڇو ته دنيا ۾ سمورن ڪمن ڪارين ۽ وڻج واپارن کان تصنيف ۽ تاليف جو ڪم نهايت ئي ڪٺن ۽ ڪشالن وارو آهي. انهيءَ قلمي ڪاروبار متعلق جيڪڏهن ڪنهن انسان کي پڇڻو آهي ته اسان بزرگ اديبن، عالمن ۽ محققن، مؤرخن کان معلومات ڪري ته ڪتاب ۽ قلم جو پورهيو ڇا ٿيندو آهي.

اديب وٽ قلم هڪ اهم امانت هوندو آهي، امانت جي حفاظت ڪرڻ عبادت هوندي آهي ۽ امانت ۾ خيانت ڪرڻ ڏيل ڏڪائيندڙ ڏوهه هوندو آهي. جڏهن ۽ جتي به اديب ۽ اهل قلم مصلحتن ۽ منافقن جي منجهيل مسئلن جي مومل واري ماڙيءَ ۾ منجهي پوندو ته پوءِ هر هڪ راڻو راءِ ڏيڻ جي راءِ کان رهجي ويندو آهي، هونءَ به عقل مصلحتن جو غلام هوندو آهي. جيستائين اديب ۽ اهل قلم بلڪل آزاد ۽ آجو نه آهي تيستائين هو ڪڏهن به پنهنجي قلم کان ڪارائتو ڪم وٺي نه سگهندو آهي. سچو ۽ صحيح اديب جيڪي ڪجهه پنهنجي معاشري ۾ ڏسي ۽ پسي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو تڏهن هو پنهنجي سمجهه سوچ، مطالع ۽ مشاهدي مطابق سمورن قصن ۽ ڪهاڻين حڪايتن ۽ حقيقتن کي قلمبند ڪري پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري ٿو.

اديب جي لکڻن مان سندس سموري شخصيت، پڙهندڙن جي اڳيان ظاهري ٿي پوندي آهي. ۽ سچائي ۽ صداقت ڪمزوري ۽ ڪوتاهي صاف نموني ۾ سامهون اچي بيهندي آهي. عام انسانن ۾ خامين ۽ خرابين، ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو هجڻ لازمي هوندو آهي. ڇو ته انسان خطا جو گهر آهي. انسان کان خطائون ٿيون هيون، ٿينديون رهن ٿيون ۽ ٿينديون رهنديون. مگر هڪ سچي اديب جي گهري نظر پنهنجي معاشري تي هوندي آهي. جنهنڪري هو پنهنجو قلم سوچي سمجهي، جاچي جوچي ۽ ڇنڊي ڇاڻي معاشري جي صحيح نبض تي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي ته اديب لاءِ مطالعه ۽ مشاهدي کان وڌيڪ آزمايل آزمودا ۽ تلخ تجربائي سندس قلم ۾ صحيح شعور ۽ پائدار پختگي پيدا ڪندا رهندا آهن. جيستائين ڪنهن اديب ۽ شاعر جي نثر توڙي نظم ۾ شعور جي پختگي، الفاظن جي روانگي علم فهمي جي فراواني، فهم واري فصاحت بلاغت جي بلندي، سمجهه ۾ ايندڙ سلاست جا سولا ۽ سنهنجا سبق سمائيل نه هوندا، تيستائين پڙهندڙ سندس قلم مان نڪتل قصي ۽ ڪهاڻي کان ڪورا رهجي ويندا.

علم ۽ ادب جي مون کي الف، ب، جي به اڄ ڏينهن تائين ڪا ڪل ڪانه آهي. آئون هميشہ عالمن، اديبن، اهل سخن، اهل علم ۽ شاعرن جو خادم هوندو آهيان. ڇو ته سانڀر آيم ته علم ادب ۽ صحافت سامهون هئي. الله تعاليٰ اهڙين شخصيتن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو عطا فرمايو. جن جي ملاقاتن لاءِ وقت جا حاڪم به منتظر هوندا هئا. انهن برگزيده بزرگن، متقي ۽ پرهيزگارن، اهل علم ۽ اديبن، صحافين ۽ شاعرن، جمال ۽ جلال جي صاحبن، جن جي نوراني ۽ کليل پيشانين تي ٿورو گهنج اچي ويندو هو ته وقت جي حاڪمن جي محلاتن ۾ زلزلا پيدا ٿي پوندا هئا. انهن جي محفلن ۽ مجلسن ۾ سندن خدمت ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيل آهي. ماڻهن کي منهنجي علمي لياقت متعلق ڪافي خوشفهمي آهي. اها انهن دوستن ۽ احبابن جي ڪرم نوازي آهي. هي جيڪي ڪجهه ٿورو گهڻو لکپڙه جو ڪم ڪندو رهان ٿو، ان لاءِ منهنجي مهربان ۽ مشفق والد سائينءَ جي پيرن جي پڻيءَ برابر به پروڙ ڪانه اٿم. الله تعاليٰ منهنجي والد سائين تي لکين رحمتون نازل فرمائي جنهن جي نالي تي هي فقير هن دنيا ۾ هلندو رهي ٿو. ڇو ته پنهنجي ڪابه پوک پوکيل ڪانه آهي. هي سڀ بزرگن جون ڀلايون ۽ برڪتون آهن، جو انهيءَ جي ”ٻڌايل توڪل علي الله وڪفيٰ با الله وڪيلا“ جي وعدي تي زندگيءَ جون منزلون طئي ڪندو رهان ٿو.

هن ڪتاب کان اڳ جڏهن ”پلئه پايو سچ“ شايع ٿي سنڌ جي سڄڻن جي هٿن تائين پهتو تڏهن علم نواز ۽ ادب پرورن ايتري ۽ ايڏي همٿ ۽ حوصلي افزائي ڪئي جن کي الفاظن جو پهراڻ پهرائي پيش نٿو ڪري سگهان. هزارين ڪاپيون هٿون هٿ نيڪال ٿي ويون. جنهنڪري اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۽ جدا جدا ڳوٺن مان خطن پٺيان خط ايندا رهن ٿا ته ”پلئه پايو سچ“ جهڙي عملي ادبي، معلوماتي، اصلاحي، تبليغي ۽ تحقيقي ڪتاب کي ٻيهر شايع ڪيو وڃي. مان پنهنجي انهن دوستن، احبابن ۽ ڪرم فرمائن کي گذارش ڪندس ته پنهنجي وقت تي ”پلئه پايو سچ“ ٻيهر شايع ڪيو ويندو.

هن وقت ڪتاب ”رتي جي رهاڻ“ سندن خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان، مون کي اميد نه بلڪ يقين آهي ته سنڌي علم ادب جا گهڻگهرا هن ڪتاب جي مطالع ڪرڻ کان پوءِ سندس معيار ۽ معاملي جو فيصلو ڪندا. ۽ منهنجي ڪمزورين، ڪوتاهين ۽ مجبورين کي مدنظر رکي معاف ڪرڻ فرمائيندا ته بهتر ٿيندو ۽ ڪتاب ۾ جيڪي به فني غلطيون ۽ ڪميون پيشون آهن، ته انهن کان به آگاه ڪندا ته وڏو احسان سمجهيو ويندو. ڇو ته طالب علم کي هميشہ ئي وڏن ۽ بزرگن جي دستگيري ۽ رهنمائي جي ضرورت هوندي آهي.

ڪتاب جي مطالعي ڪندڙ صاحبن کي عرض ڪندس ته دعائي خبر سان ياد ڪندا رهن ته جيئن الله تعاليٰ توفيق بخشي ۽ همٿ ۽ حوصلو ڏي ته ٻين لکيل مضمونن کي به ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪندو رهان، هن موت مار مهانگائي ڪري هر هڪ شيءِ جي قيمت ۽ اگهه آسمان تائين پهتل آهن خاص ڪري ڪاغذ جي قلت ۽ ڪمي اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان اڳتي ۽ اڳڀري آهي. انهيءَ جي باوجود به الله تعاليٰ ۾ اميد رکي مختلف مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

آخر ۾ سنڌ جي اديب، علم نواز ۽ ادب پرور مسٽر در محمد پٺاڻ جو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي، ڪتاب جو مضمونن جي ترتيب ڏيڻ ۽ پروفن پڙهڻ ۾ منهنجي مدد ڪندو رهيو. الله تعاليٰ کيس علم ۽ ادب جي سڌاري ۽ واڌاري جي وڌيڪ توفيق عطا فرمائي ”آمين“

1، اگسٽ، 1978ع

طالب العلم

علي نواز وفائي

 

تاريخي

 

اسان جو دور

 

اسان جو دور تاريخ جي نهايت ئي تيز تبديلين جو دور آهي، جنهن ڪري اڄ جي انسان کي هر حالت ۾ ايندڙ انقلابن لاءِ تيار رهڻ گهرجي. تاريخ ڪڏهين به ان قوم کي معاف نه ڪندي آهي جا قوم زماني جي حالتن ۽ وقت جي پيدا ڪيل، وهڪرن کان واقف نه هوندي آهي. هونئين به قدرت جو قانون آهي ته جا قوم، بي سود ۽ بيڪار رسمن ۽ رواجن، وهمن ۽ وسوسن جي وچڙندڙ بيمارين ۾ گرفتار هوندي، ۽ اجاين سجاين افواهن جي آويڙ ۽ اڙيل هوندي آهي، سا زماني جي ڦرندڙ گهرندڙ حالتن ۽ وقت جي نزاڪت کان بلڪل بي خبر ٿي ويندي آهي، ان ۾ زندگيءَ جي گرمي ۽ تڙپ هرگز پيدا نه ٿي سگهندي آهي. ڀلا اهڙي قوم ۽ سندس فرد جيڪڏهن بدلجي ۽ مٽجي وڃن ته ان تي ڇو حيرت، حسرت ۽ تعجب ڪرڻ گهرجي!

زماني جي انقلابن جو احساس صرف زنده ۽ باخبر قومون ئي ڪنديون رهنديون آهن، ۽ هو دقيانوسي، رسمن ۽ رواجن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي صرف پيدا ٿيل حالتن ۽ وقت جو ساٿ ڏينديون، پنهنجي وطن جي ترقي ۽ تعمير لاءِ تيزي سان وک وڌائينديون اڳتي وڌنديون رهنديون آهن. انهيءَ صلاحيت مان ئي انهن جي همت، حوصلي ۽ جرئت جا جوهر جرڪندا رهندا آهن.

قومن ۽ ملڪن جي اها وڏي ۾ وڏي خوش نصيبي ۽ بخت جي بلندي هوندي آهي، ته هنن جي رهنمائي ۽ رهبري لاءِ ڪو اهڙو امام ۽ اڳواڻ پيدا ٿيندو آهي جو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي وقار کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو آهي. ان رهنما ۽ رهبر جي قدر ۽ قيمت به ڪي زنده ۽ باضمير قومون ڪنديون آهن. جن قومن پنهنجي مخلص ۽ مستقل مزاج، سڌاري ۽ واڌاري آڻيندڙ رهنما ۽ رهبر جو قدر ۽ قيمت نه ڪئي انهن قومن جي تباهي ۽ تنزل ۽ آخري حال حشر جي حيران ڪندڙ حالتن سان تاريخ جا ورق ڀريا پيا آهن.

حب الوطني ۽ ملڪي سالميت لاءِ فڪرمندي هڪ اهڙو صاف پاڪ جذبو آهي، جنهن جي آڌار تي قومن جي اصل رهبرن جي عظيم ڪردار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

* * *

 

ڪامياب زندگي

ڪامياب زندگي بسر ڪرڻ لاءِ، حضرت انسان کي الله تعاليٰ ايترا ۽ ايڏا، قدرتي وسيلا ۽ نعمتون مهيا ۽ عطا ڪيون آهن، جن جو ذڪر ڪهڙي زبان ۽ ڪهڙي قلم سان قلمبند ڪجي. انهن سمورين سهڻين صفتن، سهنجائين ۽ سولاين کان پوءِ به انسان کي، پنهنجي ڪمن ڪارين جو خود مختيار ۽ مالڪ مقرر ڪيو ويو آهي. هاڻي اهو انسان تي دارو مدار آهي ته هو زندگي جا ڪهڙا اصول ۽ عقيد اختيار ڪري ٿو.

 

تاريخ ساز شخصيتون

 

هن بي بقا دنيا ۾ ڪيئي ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا ۽ ايندا رهندا، اهو سلسلو ائين ئي هلندو هيو ۽ ائين هلندو رهندو. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون شخصيتون پيدا ٿينديون آهن جن تي تاريخ، ملڪ ۽ قومون فخر ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهنديون آهن.

تاريخ ساز شخصيتن جي پيدا ٿيڻ جا به پنهنجا پنهنجا دور هوندا آهن، دنيا جي ڪن دورن کي قحط الرجال جا دور به چيو ويندو آهي، ڇو ته انهن دورن ۾ تاريخ ساز شخصيتون پيدا نه ٿي سگهنديون آهن. ان جا به سوين سبب هوندا آهن، ڪي وري اهڙا سٻاجهڙا سهڻا سرسبز سکيا ستابا دور به ايندا رهندا آهن جن ۾ ڪيئي عظيم انسان پيدا ٿيندا، تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجي لاءِ مستقل جاءِ پيدا ڪري ويندا آهن.

تاريخ ڇا آهي ۽ ان جو قدر ۽ قيمت ملڪ ۽ قومون ڪيئن ڪٿي سگهنديون آهن، اهو پنهنجي مٿي هڪ وڏو بحث آهي. جيڪي قومون پنهنجي تاريخ جو مطالعو ڪنديون، ان جي حقيقتن ۽ حڪايتن تي گهري نظر وجهنديون ان مان حيرت ۽ عبرت جا سوين سبق سکنديون رهنديون آهن. جنهن ڪري تاريخ هميشہ انهن جو ساٿ ڏيندي رهندي آهي.

تاريخ ۾ هزارين داستان، قصا ۽ ڪهاڻيون، موجود هونديون آهن. ڪن ڪن داستانن کي دوهرائڻ ۽ قصن کي آسمان تي پهچائڻ مورخن جي قلم جي ڪرامت هوندي آهي. حق ۽ صداقت جا حامي پنهنجي قلم جي زبان کي ڪڏهن به وقت، حالتن ۽ مصلحتن مطابق استعمال نه ڪندا آهن، سچ ۽ صداقت جو هوڪو ڏيندا اڳتي وڌندا رهندا آهن.

تاريخ ڪنهن جو به لحاظ نه ڪيو هيو نه ڪندي آهي ڇو ته تاريخ بهر صورت تاريخ آهي، ان جا طور طريقا دنيا جي طور طريقن کان بلڪل مختلف ۽ جدا هوندا آهن. ان ڪري تاريخ سان شخصيتن کي ڏسڻ لاءِ تاريخ جي سمجهه ۽ تاريخ جي اهميت کي محسوس ڪرڻ ئي عقلمندي آهي.

* * *

 

عمل

زندگيءَ جي سموري ڪشمڪش ۽ ڪاروبار ۾ بنيادي نڪتو عمل جو آهي. هونئن به زندگي عمل سان ئي ڪامياب ۽ فتحياب ٿيندي رهندي آهي. بي عملي زندگي بيڪار ۽ بيسود ثابت ٿيندي آهي.

پنهنجي طاقت ۽ لياقت آهر مسڪين، مجبور، منجهيل ۽ مايوس، ماڻهوءَ جي مدد ڪرڻ زندگيءَ، جو اولين فرض سمجهڻ گهرجي.

ڪنهن جي به مجبوريءَ، مان ڪڏهن به ناجائز فائدي، حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي.

سنڌ جا ڳوٺ

 

اسان جي موج ڀري مٺي مهراڻ واري ملڪ جي ٻهراڙين، جي ڳوٺن ۽ ان جي رهاڪن جي صفت ۽ ساراهه، ميٺ محبت، انس ۽ الفت، امن ۽ امان ڀائيواري ۽ ڀائيچاري، شرافت ۽ شائستگي، ڪفايت ۽ قناعت، محنت ۽ مشقت، مروت ۽ مهمان نوازي، مردانگي ۽ منهن مقابلا، ميل ميلاپ، بي باڪي ۽ بهادري، سادگي ۽ صفائي، ڄاڻ سڃاڻ، ٻڌي ۽ ايڪو، اتحاد ۽ اتفاق، انسانيت ۽ اخلاق، قرب ڀريون ڪچهريون، محفلن ۽ مجلسن جي ڪهڙي ويهي واکاڻ ڪجي.

جڏهن سنڌ جا شاد ۽ آباد سر سبزڳوٺڙا، واهڻ ۽ وانڊيون ياد اچن ٿيون تڏهين ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ ساراه جي سرڪين ڀرڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن. سنڌ جو ڳوٺن جي قدرتي بيهڪ ۽ بناوت، گهٽين ۽ ڳلين، چونڪن ۽ چوراهن، پنڌن ۽ پيچرن، ڍنڍن ۽ ڍورن، واهن ۽ واهوڙن، ڪسن ۽ ڪورن، دڪانن ۽ هٽن تي جيڪڏهن لکڻ تي ويهبو، ته سندن صحيح، صفا ۽ سهڻو، نقشو پڙهندڙ جي اکين اڳيان اچي ويندو.

هن وقت اهي سنڌ جا سر سبز ۽ آباد ڳوٺ، هر نقطئه نگاه کان پوئتي ۽ پٺتي وڃن ٿا. ان جا سبب ته سوين آهن، مگر وڏي ۾ وڏو سبب هي آهي. ته اتان جو پڙهيل طبقو پنهنجي ملازمت جي ڪري، وڏن شهرن ۾ رهي ٿو. ان کان سواءِ عملدارن ۽ آفيسرن جي ننڍن وڏن، سرڪاري عهدن ۽ سندن خوشحاليءَ کي ڪيترا ڳوٺ جا پنهنجا پرايا انهن جي ترقي، واڌاري ۽ سڌاري کي نه ڏسي سگهن ٿا، نه برداشت ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اهو غريب هاري ناريءَ جو ٻار پڙهي، پنهنجي مٿي نوڪري ڪري محنت سان چڱي عهدي تي پهچي ٿو ۽ ميڙيءَ چونڊيءَ مان پنهنجي، اباڻن ڪکن کي وقت جي حالتن مطابق پڪي جاءِ يا ماڙيءَ ۾ تبديل ڪندو ته پنهنجا پراوا مٿان اعليٰ اختياري وارن کي درخواستون ڪندا رهندا ته هي وڏو رشوتي ۽ رساڪار آهي، ۽ ملڪ ڦري ناس ڪيو اٿس، موڪلن ۽ وڏن ڏينهن تي، موٽرن ۽ جيپن ۾ نوڪرن چاڪرن سان ڇو ٿو اچي، گويا ڪوڙيون درخواستون ڪندا رهندا، جنهن ڪري اهي همراهه پنهنجي اباڻن ڳوٺن کي خير باد  ڪري وڃي وڏن شهرن ۾ وسن ٿا.

هڪ ته پنهنجن پراون جي ڪوڙي پچار، ٻيو حسد ۽ ساڙ، ٽيون ڪينو ۽ بغض، اهي پهريون شيون ته ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان برداشت ڪندو رهندو آهي، باقي ڪنهن عملدار ۽ آفيسر تي بنا ڪنهن سبب اعليٰ اختياري وارن کي درخواستون ڪرڻ جي جيڪا بد ۽ بڇڙي عادت آهي، اها هڪ دل ڏکوئيندڙ حرڪت آهي. ان کان سواءِ نوڪرين کان پوءِ، سڄي سنڌ ۾ سندن بدليون ٿين ٿيون ۽ ٻارن جي تعليم جي خيال ڪري هو سنڌ جي ڪنهن به وڏي شهر ۾ پنهنجي مستقل رهائش قائم ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به هو اتي ئي رهجي ويندا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جن جن ننڍن ڳوٺن جا نوجوان سرڪاري چڱن عهدن تي آيل آهن، انهن ڳوٺن جا زميندارن ۽ زردارن، ۽ سندن مٽن مائٽن۽ سنگت ساٿين کي خوش ٿيڻ کپي ته اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو سرڪاري عهدن تي قائم ۽ دائم آهن، مگر اسان جو بيڪار ۽ بيسود معاشرو چڱائي ۽ ڀلائي جي اجازت نٿو ڏئي. ڳوٺ جو وڏيرو چوندو ته ”ڄٽ جو پٽ جڏهن به ڳوٺ اچي ٿو ته موٽرن، جيپن تي پٽيوالن، پڙن سان براجمان ٿئي ٿو، پڻس هيٺ وهڻ وارو هاڻ ضرور هن کي ڪرسي تي وهاربو!“ عجب اتفاق آهي ته اسان جو معاشرو پنهنجن جي ترقي، سڌاري ۽ واڌاري جي سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ جو مادو پيدا نه ڪري سگهيو آهي. باقي غيرواقف جيڪڏهين آسمان تي وڃي پهچندا ته انهن جي هنن کي ڪل ئي نه هوندي، ۽ انهن جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪندا، سندس اڳيان پويان پيا ڦرندا!

***

 

زندگيءَ جا ڪي اصول

صداقت، سچائي ۽ صاف گوئي ۾ ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي ملاوت نه ڪرڻ گهرجي.

ڪفايت، قنايت ۽ ڪم گوئي ڪڏهن ڪڏهن نهايت ئي ڪارائتي ۽ ڪم واري ثابت ٿيندي رهندي آهي.

ڪنهن به روايءَ جي روايت تي يقين ڪرڻ کان اڳ ۾ روايت ڪندڙ جي عملي زندگيءَ کي سامهون رکي، ان بعد ان جي روايت تي يقين ڪرڻ گهرجي.

ٻڌل ڳالهين، ٻولهين تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهي اڳتي هلي ماڻهو کي خراب خوار ۽ ڪوڙو ثابت ڪنديون رهنديون آهن.

جتي علم، ادب ۽ عمل جا اَستانا ڏسجن اتي نياز، نوڙت سان نوڙي سلام ڪجي.

قلم بذات خود قوم جي طرفان امانت هوندو آهي، ۽ امانت جي حفاظت ڪرڻ عبادت ۾ داخل آهي.

 

ٺٽو تاريخ جي نظر ۾

سنڌ ديس جي زمين جو ذرو ذرو پنهنجي مٿي تاريخ جا ڪيئي سونهري ورق سيني ۾ سانڍائيندو ۽ سنڀاليندو رهندو آهي. انهن ورقن کي ورائڻ لاءِ وطن جي حُب رکندڙن حبدارن جو ئي ڪم آهي.

سنڌ جي تعليمي ۽ تاريخي شهرن متعلق ڪافي علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي، مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن.

ٻين شهرن جي اوج ۽ عروج کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي، صرف ٺٽي شهر جي تاريخي طمطراق ۽ تجمل، سونهن سوڀيا، حسن ۽ جواني، نفاست ۽ نزاڪت، بناوت ۽ بيهڪ جي باريڪين کي قلم جي زبان سان ظاهر ڪجي ٿو.

ملڪن ۽ قوم جي تاريخ مان ئي اتان جي زبان، علم و ادب، شعر و شاعري، تهذيب و تمدن، رسم و رواج، اُٿڻي ويهڻي، ۽ سموري ثقافت جو پورو پورو پتو پئجي سگهندو آهي. جيستائين ڪنهن به قوم جي ڄاڻ سڃاڻ نه آهي، تيستائين ان قوم جي متعلق ڪوبه رايو يا خيال قائم نٿو ڪري سگهجي.

 سنڌ جو قديم شهر ٺٽو جو ڪنهن وقت هڪ عظيم شان ۽ شوڪت، علم ۽ فضيلت جو مالڪ هو، اڄ اهو شهر هڪ ويران بستيءَ جي صورت ۾ بدلجي ويو آهي. ٺٽي جي آباد جاين کي ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڪلر لڳي رهيو آهي. زنده ماڻهن جي شهرن کان وڌيڪ آباد ۽ رونق دار شهر جون قبرون ۽ مڪلي جو شهر خاموشان آهي. اڄ ٺٽي جو بهشت جهڙو شهر ويران ٿي ويو آهي. اهو شهر، جو علم ۽ فضيلت جو مرڪز هو، اڄ جهالت ۽ بي سمجهائيءَ جو مرڪز آهي.

شيخ فريد بکري مغليه حڪومت ۾ هڪ وڏو امير ۽ اهل قلم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ٺٽي جو ذڪر ڪجهه هن ريت ڪيو آهي:

ٺٽو آب و هوا، ميون ۽ مندائتين برساتن پوڻ جي لحاظ سان روءِ زمين تي هڪ بهشت آهي. اتي خوبصورت ڪڻڪ رنگيون ونيون جنت جي، حورن جهڙيون آهن، ۽ هر هڪ گهر ۾ موسيقيءَ جي محفل ۽ ڍولڪيءَ جو آواز آهي. ٻڍا، ٻار، نر ناريون، هر هفتي حضرت پير پٺي جي زيارت، لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن. ڪنوارين ڇوڪرين کان وٺي، سئو ورهين جي ٻڍي عورت تائين، رنگين پوشاڪ، خوشبودار گلن سان ڍڪينديون آهن، ڄڻ پرڻي رات واري ڪنوار جي پوشاڪ آهي. هنن جي گفتگو ۾ شان آهي، هنن ۾ تهذيب جو اظهار آهي، ۽ خوش اخلاقي سندن زيور آهي. عاج جي ٻاهين، هر هڪ جي ٻانهن ۾ هوندي آهي. ٺٽي جي ماڻهن جو، غم ۽ ڳڻتي جي ڳليءَ ۾ گذر ئي ڪونه ٿيو آهي. مسرت ۽ خوشي، هنن تي ڏاڍي غالب آهي. ٺٽي ۾ ولين، فاضلن ۽ شاعرن جوحد کان وڌيڪ ظهور ٿيو، مگر گناهه ۽ بدڪار، به اتي، موجود آهن. چون ٿا ته هن شهر جو بنياد عيد جي ڏينهن وڌو ويو هو. هن وقت اگرچه اها رونق مزي واري ڪانه رهي آهي، پر هر حالت ۾ هاڻي به ٻين کان تمام گهڻو فرق رکي ٿو، صرف و نحو، فقهه ۽ نظم جو، علم هن شهر ۾ ايترو گهڻو آهي، جو هن کي عراق ثاني سڏي سگهجي ٿو“.

ٺٽي جي شان ۽ علمي رونق جو، اهو واقعو اٽڪل چئن سون ورهين جو بيان ڪيل آهي. اڄ جيڪڏهن ”ذخيرةالخوانين“ جو لکندڙ ٿي اچي، ٺٽي کي ڏسي ته خوشي ۽ عياشي، ڍولڪي جي ٿاڦ ۽ مسرت جي محفلن ۽ مجلسن بجاءِ فقط مرد گي ۽ مايوسي، نامرادي ۽ نراسائي نظر ايندس،.

ٺٽي ۾ هڪ طرف علم هو، ته ٻئي طرف فسق فجور به هو، ڇاڪاڻ ته هرهڪ شئي جو مرڪز هو. رپيا جام هئا، واپار تي قبضو هو، حڪومت جو هيڊ ڪواٽر هو، تنهن ڪري ماڻهو دولت خرچڻ لاءِ رستا ڳوليندا هوا. اڄ جو ٺٽو اجڙ ٿي ويو آهي. دولت ختم ٿي چڪي آهي، مگر دولتمنديءَ جي زماني جون جيڪي فضول، رسمون ۽ اجايا خرچ هواسي. اڄ تائين هنن ۾ ڪجهه نه ڪجهه موجود آهن. هي عبرت انگيز داستان ٺٽي. جو نالو وٺي مثال طور پيش ڪيو ويو آهي، نه ته بکر، سيوهڻ ۽ روهڙيءَ ۽ سنڌ جا قديم جهونا شهر ڏسو ته اهي، ائين ئي ويران نظر ايندا. ان جا ڪارڻ جيڪڏهن جاچيا ويندا ته فقط بي فرمائي، فضول، خرچي ۽ عياشي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه ايندو. جيئن انسان جي طبعي عمر مقرر  هوندي آهي. تيئن شهرن جون ۽ قومن جون ڄمارون به مقرر آهن، جنهن کان پوءِ هو ويران ۽ تباهه ٿي وڃن ٿا، بشرطيڪه انهن جا باشندا پنهنجا پير جهلين باقي جنهن شهر ۾ رڳو پير، فقير، مقبرا ۽ مندر، درگاهون ۽ درٻاريون، ميلن ۽ ملاکڙن جا مچٽ مچندا رهندا آهن، اتان جي منجهائيندڙ ماحول، جي قصن ۽ ڪهاڻين کي لکندي قلم کي شرم اچي ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org