ساڃهه، سمجهه ۽ سليقو
سانهه، سمجهه ۽ سليقو، انهن ٽنهي اکرن جي لغوي معنيٰ تي جيڪڏهن قلم کان ڪم وٺبو ته ڪئي دفتر درڪار ٿي ويندا، ۽ انسان جيڪڏهن انهن ٽنهي اکرن جي خاصيتن ۽ خوبين کان وانجهيل آهي ته
هو ڪنهن به ڳالهه کي، پوءِ اها ننڍي هجي يا وڏي، بيڪار هجي يا باڪار، سمجهڻ کان بلڪل ڪورو هوندو. جيئن ته جنهن ماڻهو کي سنڌ جي ضلعن ۽
تعلقن جي خبر نه هجي، ۽ ان سان ويهي پاڪستان جي جاگرافي حدن متعلق گفتگوڪبي، ته اها سراسر پاڻ سان به بي انصافي ڪرڻي آهي، ۽ اڳلي کي به تنگ
ڪرڻو آهي. جنهن ماڻهو کي مور جي ”م“ جي به معلومات نه هجي، اهو جيڪڏهن وڏي واڪي ويهي وياج جي واکاڻ ڪندو. ته ماڻهو هن جي بي خبري ۽ بيوقوفي
تي کلندا. جنهن ماڻهو کي پنهنجي گهر جي طور طريقن ۽ پاليسي جي به ڄاڻ نه آهي، اهو جيڪڏهن خارجه پاليسيءَ تي ويهي ڳالهائيندو، ته ان متعلق
ڪهڙو رايو پيش ڪري سگهجي ٿو.
دنيا جو قاعدو آهي ته جنهن ماڻهو کي جيتري سمجهه، سوچ ۽ سليقو، علم ۽ تجربو، آزمودو ۽ معلومات آهي، ان متعلق ئي ان ماڻهو سان، ان سطح تي گفتگو ڪرڻ گهرجي. مگر اسان جي معاشري جا
ماڻهو به عجيب ۽ غريب آهن، ۽ هو انهي سمجهه، سوچ ۽ سليقي وارين ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ هرگز تيار نه هوندا آهن. پر هر هڪ ڳالهه تي تنقيد ۽
تبصرو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، جيئن اڄ ڪلهه ٿيندو رهي ٿو. اهڙن همراهن جي بي شعوري ۽ ڪج بحثيءَ جي ڪري هميشه ۽ هر هنڌ، کين شڪست ئي
نصيب ٿيندي رهندي آهي، عجب اهو آهي ته اهي ساڳيا ماڻهو، ضد جي ڪري ڪڏهن به شڪست کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهن. انسان کي جيستائين
ڪنهن به حقيقت جي پوري پروڙ نه آهي، تيستائين عقلمندي انهيءَ ۾ آهي ته هو ڪنهن به قسم جو ان متعلق ڪو به رايو پيش نه ڪري، جيڪڏهن اوهان
ڪنهن ٻڪرار کي قلم ڏيندؤ ته هو قلم کان ٻڪرين کي هڪلڻ جو ئي ڪم وٺي سگهي ٿو، ۽ قلم پنهنجي قسمت تي روئڻ کان سواءِ رهي ڪين سگهندو.
مينديءَ جو رنگ هميشه ئي ڳاڙهو ٿيندو آهي، ۽ ميندي پنهنجي رنگ جو اثر هميشه ئي حسين، نازڪ ۽ نفيس هٿن تي ڏيکاري قدر ڪرائيندي رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ميندي اهڙن هٿن ۾ به اچي ويندي
آهي، جو نه هٿن جي رنگ جي پروڙ پئجي سگهندي آهي، ۽ نه وري مينديءَ جي ڳاڙهاڻ جي. جنهن ماڻهو کي گلن جي سڃاڻپ ۽ سمجهه هجي، ان سان باغ،
باغيچن جو ڪهڙو ويهي ذڪر ڪجي، کيس خزان ۽ بهار جي تفاوت جي ڪل ڪانه هجيس ته پوءِ موسمن متعلق هن سان ڇا ڳالهائجي.
انسان کي جيستائين وقتن، حالتن ۽ زماني جي اُٿلن، پٿلن ۽ تيز تبديلين جي وهڪرن جي سمجهڻ جي سانڃهه نه آهي، تنهن سان دنياجي ڪابه سنئين سڌي ڳالهه ڪرڻ، پنهنجو وقت وڃائڻو آهي.
اسان جي معاشري ۾ جيڪي به ناڪاميابيون، غلط فهميون، رنجشون ۽ روساما شڪ ۽ شبه پيدا ٿيندا رهن ٿا، تن جو بنيادي سبب صرف، اڻ ڄاڻائي ۽
ناسمجهي آهي، جنهن ڪري خرابيون، خسارا، بديون ۽ بڇڙايون پيدا ٿينديون رهن ٿيون.
ٻڌل ڳالهه جي ڪري به ڪيترا خدشا، ۽ خرابتون ظاهر ٿي پونديون آهن. انسان کي هميشه ئي زندگي ۾ هر موقعي، مهل ۽ وقت تي پنهنجي سمجهه، سوچ ۽ سليقو ئي ڪم ايندو رهندو آهي. جيڪو ماڻهن
انهن ٽنهي نعمتن کان مالامال آهي، تنهن جا ڪڏهن نه ڪڏهن ڪاميابي ۽ فتحيابي اچي قدم چمندي آهي. پر جيڪڏهن سانڃهه، عقل ۽ شعور نه آهي، ته
پوءِ به ڪي ماڻهو آسمان ۽ زمين کي ملائڻ جون ڳالهيون ڪن ته انهن لاءِ ڇا چئي سگهجي ٿو.
***
ٺڳن جون ٺڳيون
ٺڳن جي ٺڳين جي باري ۾ هر هڪ ماڻهو کي ڪانه ڪا ٿوري گهڻي خبر هوندي، ته ٺڳيون ڪيئن ڪبيون آهن. هر دؤر ۾ هرهڪ ماڻهو هڪ ٻئي سان ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ ٿوري گهڻي ٺڳي ڪندو رهندو
آهي. اها محبت هجي يا مروت، اُنس هجي يا الفت، سچائي هجي يا صداقت، ڀائيواري هجي يا ڀائيچاري، بهر صورت ٺڳي آخر ٺڳي آهي. ڪنهن سان به ٺڳي
ڪرڻ، بلڪل آسان ڪم آهي، مگر ٺڳيءَ کي برقرار رکڻ سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي. جيئن اوهان کي معلوم آهي ته دڪاندار ٺڳ، پنهنجي ٺڳي جي ٺٺ ٺانگر کي
اهڙي ته سهڻي ۽ دلڪش ۽ دلنشين انداز ۾ هلائيندا رهندا آهن، جو ڏسڻا وائسڻا ماڻهو انهن جي قريبي ڦندن ۾ ڦاسي پنهنجو اگر تگر وڃائي بوڇڻ ڇنڊي
اُٿي ويندا آهن.
منهنجو پنهجو ذاتي خيال آهي ته ڪوبه ماڻهو ڪنهن سان ٺڳي نٿو ڪري سگهي، ڇو ته اهي ڀليل ۽ ڀٽڪيل ماڻهو پنهنجو پاڻ سان ٺڳي ڪن ٿا. مگر هو انهي خوش فهمي ۾ مبتلا هوندا آهن ته اسان
ٻين سان ٺڳي ڪندا رهون ٿا.
سچ ۽ سوري
سچ ۽ سوري صادقن ۽ سچارن جي سونهن ۽ سوڀيا هوندي آهي، جنهن ڪري هميشه ئي ۽ هر دؤر ۾ سور، سختيون صادقن ڏي ”محب مهمانيون مڪيون“.
دنيا ۾ ڏوهن ۽ سزائن جو ته ڪاٿو ڪڏهن نه ڪٿيو ويو آهي. انسان جو عقل ۽ ادراڪ، سمجهه ۽ سوچ محدود هوندي آهي. سزا ۽ جزا، صداقت ۽ سچائيءَ مان، صاف گوئي ۽بيباڪيءَ جي ڄاڻ مقرر ڪئي
ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سڪن سان ساوا به سڙي ويندا آهن. ائين ڇو آهي، ڇالاءِ آهي، ڇو ٿي رهيو آهي، ۽ ڇو ٿيندو رهي ٿو. اهي نڪتا سڀڪنهن جي
سمجهه کان سرس آهن. انهن باريڪ نقطن کي سمجهو ڪي سمجهن.
انسان خطا جو گهر آهي، خطائون انسان کان ٿينديون هيون، ٿينديون آهن ۽ ٿينديون رهنديون. جيڪو انسان دنيا جي گورگ ڌنڌي ۽ ڪوڙي ڪاروبار ۾ قابو هوندو ۽ چؤطرف، چوڌاري ۽ چوکنڀو ٻڌل
آهي، ان کان ضرور ننڍيون وڏيون شعوري ۽ غير شعوري طرح غلطيون ۽ نگاه ٿيندا رهندا آهن. دنيا جي گپ چڪ، گند ۽ گارن ۾ پاند ضرور پسيل هوندا
آهن. غور ۽ فڪر ڪندڙ انسان ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجي غلطين ۽ گناهن جو جائزو وٺندي شرمسار ٿي، انهن غلطين ۽ گناهن جو ڪفارو ڪڍڻ سان گڏوگڏ آئينده
لاءِ هوش حواس، عقل ۽ ادراڪ، دورانديشي ۽ دانشمنديءَ کان وٺندو رهندو آهي.
غرض سان غرض
اسان جو مشاعرو آخر ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. نظر ٿي ڦيرائجي ته جيڏانهن ڪيڏانهن معنيٰ ۽ مطلب کان وڌيڪ لفظن جي بيهڪ ۽ بناوت، ٻاهرين دلڪشي ۽ دلنشيني تي وڌيڪ زور ڏنل آهي. روح کان
وڌيڪ ظاهري زينت ۽ زيب، جسم جي جسامت، رونق، منهن مهانڊي، سونهن ۽ سوڀيا جا پرستار نظر اچن ٿا. اسان کي تعليم ۽ تربيت به فقط ظاهري شان ۽
شوڪت، رعب تاب ۽ طمطراق کان متاثر ٿيڻ جي مليل آهي، ۽ ملندي رهي ٿي. حقيقتن ۽ بنيادن کان اسان سوين ڪوه پري ڀڄندا آهيون. تڙ تڪڙ، اٻهرائيءَ
وارو طور طريقو اختيار ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهيون. منجهيل مسئلن جي اصلي نقطن کي سمجهڻ لاءِ تيار نه آهيون، ۽ نه وري انهن جي
براين ۽ بڇڙائين، چڱائي ۽ مٺائيءَ کي جاچي جوچي ڏسڻ جا عادي آهيون.
هن مشيني دؤر ۾ انسان ايترو ته خود غرض ۽ ڪم ڪڍائو ٿي پيو آهي جو، هن کي پنهنجي وجود ۽ پنهنجي مطلب ۽ غرض کان سواءِ ٻيا سمورا ڪم ڪاريون، هن لاءِ اجايون ۽ اوپريون ڳالهيون آهن.
حالتون ڪهڙيون به هجن وقت جي رفتار تيز هجي يا سست، ماحول موافق هجي يا مخالف، خود غرض کي صرف پنهنجي غرض سان غرض آهي. ٻئي ڪنهن انسان کي ڪيترو به نقصان رسي، ڪنهن جو حق هضم
ٿئي، مگرهن جي وات ۾ صرف اهائي وائي هوندي ته ”منهنجي پير ڀڄائي ٻيئي جي...“
جڏهن ۽ جنهن به معاشري ۾ اهڙي خود غرضي ڪاهي پوندي آهي، اتي انسانيت سڏڪا ۽ اوڇنگارون ڏيئي، مرڻ لڳندي آهي. خود غرض ماڻهو محنت، مشقت کان سوين ڪوه پري ڀڄندا آهن. هنن جي
طبيعتن ۾ سستي، ڪاهلي، جي حضوري، چاپلوسي ۽ خوشامد جهڙيون بد خصلتون گهر ڪري وينديون آهن، هو پنهنجي مطلب ۽ مقصد لاءِ اخلاق ۽ شرافت جون
سموريون حدون لتاڙيندا رهندا آهن، ڇو ته هو اقتدار ۽ طاقتور اڳيان ته پاڻ کي بنهه بي وس ظاهر ڪندي ڪم ڪڍائي ويندا آهن، ۽ ڪمزورن تي پنهنجو
ڪوڙو رعب تاب، اثر ۽ سورخ هلائيندا رهندا آهن. ههڙي هٿرادو ۽ بوسيده سماج ۽ کوکلي معاشري ۾ مان ۽ مرتبي عزت، آبروءَ وارو ماڻهو صرف اهو
آهي، جنهن وٽ چار ڏوڪڙ هجن، پوءِ اهي ڪهڙي طريقي سان ئي حاصل ڪيل هجن، انهن ماڻهن جي زندگيءَ جو واحد مقصد فقط پئسوئي پئسو آهي. نيڪي،
اخلاق، شرافت جا ترازوئي تبديل ٿي ويا آهن. پر اڃا به وقت آهي ته اسين پنهنجا پير جهليون. انسانيت جا اعليٰ قدر به آزمائي ڏسون. دولت اچڻي،
وڃڻي آهي. اعليٰ اخلاق ۽ انساني اوصاف ئي سدا حيات آهن، ۽ سدائين حيات رهندا.
* * *
مال ۽ ملڪيتون
جيستائين ملڪن ۽ قومن جون اقتصادي حالتون، اطمينان بخش نه هونديون آهن، تيستائين انهن ملڪن جي ماڻهن جي سماجي زندگي هميشه ئي طبقاتي ڪشمڪش جي واچوڙن جي وڪڙن ۾ ويڙهيل هوندي آهي.
اسرندڙ ملڪن ۾ دولت جي ورڇ جي غيربرابريءَ جي ڪري، نت نوان مسئلا منهن ڪڍندا آهن، ۽ جيئن جيئن معاشرواسرندو ويندوآهي، تيئن پوءِ، ڍاوا ۽
ترت شاهوڪار ٿيندڙ نت نيون سماجي خرابيون پيدا ڪندا رهندا آهن، ۽ ان وقت دولت ۽ پئسو خدا بڻجي ويندو آهي. جڏهن ڪنهن به معاشري ۾ زندگي جو
مقصد ۽ مطلب، مول ۽ متو، پئسو بڻجي پوندو آهي، تڏهن انهيءَ معاشري جي ماڻهن مان اخلاق ۽ انسانيت، محبت ۽ مروت، مستقل مزاجي، بهادري ۽
بردباري، خلوص ۽ خدمت، اُنس ۽ الفت، ايمانداري ۽ ديانتداري، برادري ۽ برابري، ڀائيچاري ۽ ڀائيواري، ملڪي محبت ۽ وطن جي حب جهڙا اعليٰ جوهر
خالي ۽ ختم ٿيندا ويندا آهن. دنيا ۾ صرف پيسي سان پيار ئي هڪ اهڙي حيواني حرڪت ۽ حرفت آهي، جنهن جي اڳيان انسان جا سمورا قدر هيچ ٿي ويندا
آهن.
مال، ملڪيتن ۽ ميراثن جي لوڀ ۽ لالچ، حرص ۽ هٻڇ جي ماحول ۾ محلاتي سازشون جنم وٺنديون رهنديون آهن، ۽ انهن سازشن جي ڪري ملڪن، قومن ۽ قبيلن جا جيڪي به حال ۽ حشر ڪيا هيا، يا ڪيا
آهن، يا ٿي رهيا آهي، تن کي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو واقف آهن. جتي مال ۽ ملڪيت هڪ هنڌ گڏ ٿئي ٿي، اتي سڀڪا برائي، بڇڙائي، بدي، بي
اعتمادي اچي منهن ڪڍنديون، ۽ دنيا جون سموريون سازشون اتي اچي گڏ ٿينديون آهن. انهي مال ۽ ملڪيت ۾ ننڍا وڏا حصيدار، پنهنجي سوچ، سمجهه موجب
اهڙيون حرڪتون ۽ حرفتون ڪندا رهندا آهن، جنهن جو قلم جي زبان سان بيان نه ڪجي ته بهتر آهي.
جتي اتحاد ۽ اتفاق، امن ۽ امان، صلح ۽ سانت، مٺ ۽ محبت هوندي آهي، اتي انهن سمورين خوبين ۽ خاصيتن کي ختم ڪرڻ لاءِ صرف مال، ملڪيت ۽ ميراث، ماري مات ڪندي رهندي آهي. مال ۽ ملڪيت
جو هر هنڌ گڏ ٿيڻ، سڀڪنهن گندگي جي ابتدا آهي، ڇو ته ملڪيتون ۽ ميراثون ڪڏهن به حق حلال جي ڪمائيءَ سان گڏ نه ٿينديون آهن. جتي به هيڻن جي
حقن کي هضم ڪرڻ ۽ حرام جي آمدني مان ملڪيتون ۽ ميراثون، باغ ۽ باغيچا، محل ۽ ماڙيون اڏائبيون آهن، اتي حرام مان گڏ ٿيل مال ضرور پنهنجو اثر
ڏيکاريندو رهندو آهي. جڏهن ماڻهو حلال ۽ حرام، جائز ۽ ناجائز، پنهنجي ۽ پرائي مال جو تفاوت نٿو ڪري سگهي، تڏهن هن جي اڳيان سڀڪاشئي، هضم
ڪرڻ جائز ٿي پوندي آهي، ۽ ان جو نتيجو به پنهنجي موقعي ۽ مهل تي اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. اها تباهي ۽ بربادي فقط پئسي جي پوڄا جو ئي
نتيجو هوندو آهي.
* * *
مستقبل جو معاملو
حضرت انسان لاءِ زندگي جو صحيح معنيٰ ۾ سچو سرمايو سندس آزمودا ۽ تجربا هوندا آهن. هر عقلمند ماڻهو انهن آزمودن ۽ تجربن کي سامهون رکي پوءِ هر هڪ ڪم ۽ ڪاروبار ۾ قدم رکندو آهي،
ڇو ته زماني جي تڪڙين تبديلين ڪري هر شئي نهايت ئي تيزيءَ سان ڦيرو کائيندي رهي ٿي. جنهن ڪري سموري معاشري ۽ ماحول جا مقرر ڪيل قاعدا،
قانون ۽ قدر وڃي پڌري پٽ پوندا آهن. ان سان گڏ اقتصادي ۽ معاشي مسئلن به انساني قدرن کي ڪاپاري ڌڪ هڻي، پوئتي ڦٽو ڪيو آهي، ۽ ان جا به سوين
سبب آهن، مکيه ۽ اهم سبب پيٽ جي پرورش ۽ انهي ڀڀ کي ڀرڻ لاءِ انسان، اهي حرڪتون ۽ حرفتون ڪندو رهي ٿو، جتي وڃي شيطان ڇيهه ڪندو آهي. اصولن
جا اوچا احوال، ايمانداري ۽ ديانتداري جا داستان، اخلاق، ۽ انسانيت جا اهڃاڻ، شرافت ۽ شائستگيءَ جا ٻول، محبت ۽ مروت جي مام، رحم ۽
رواداري جون راهون، يعني سمورا انساني قدر ختم ٿي ويا آهن، ختم ٿي رهيا آهن، ختم ٿي ويندا. ان ۾ ڪنهن جو به ڏوه ڪونه آهي، اهي تاريخ جا
پنهنجا پنهنجا عجيب دور هوندا آهن. ڪڏهن قدرداني جو دور، ڪڏهن بي قدري جي بازار گرم، ڪڏهن ڪوڙ جو ٻول بالا، ڪڏهن سچ ۽ صداقت جي سونهن ۽
سوڀيا، ڪڏهن امن امان ۽ صلح سانت جو سوجهرو، ڪڏهن بي پناه بد امنيءَ جو ڀؤ، ڪڏهن رشوت ۽ رسائيءَ جي واهوڙن جو وهڻ، ڪڏهن هر هڪ جي حقن جي
حفاظت ڪرڻ ڪڏهن ٻين جي حقن کي هضم ڪرڻ جا هيراڪ، ڪڏهن اعليٰ انتظام جا آثار ڪڏهن بي انتظامي ۽ بي بندوبستگي جا بهانا وغيره وغيره.
بهر صورت اهي تاريخ جا پنهنجا پنهنجا دور آهن، ڇو ته تاريخ جي ماضيءَ تي هميشه ئي حال شاهد هوندو آهي، ۽ مستقبل جو معاملو حقيقت ۽ حال سان واسطو رکندو آهي. هاڻي اهو ماحول ۽
معاشري تي منحصر آهي ته مستقبل جو معاملو ڇا ٿيندو.
* * *
محقق ۽ مورخ
* انساني تاريخ جا جيڪڏهن ورق ورائي ڏسجن ٿا، ته ڪوبه اهڙو تاريخ جو ورق نه آهي، جنهن ۾ سچار کي سوريءَ جو سڏ نه ٿيو هجي. محقق ۽ مورخ اهڙن واقعن وارداتن کي پنهنجي قلم جي زبان
سان بي نقاب ڪندا رهندا آهن.
* محبت ۽ موافقت هر هڪ ماڻهو ڪندو رهندو آهي، مگر مخالفت ڪرڻ هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. افسوس، اسان وٽ نه محبت آهي، نه موافقت، نه دشمني آهي، نه دوستي، نه رنجش آهي، نه روسامو، نه
محاذ آرائي آهي ۽ نه مخالفت! هتي صرف چمڪي تي بندوق هئڻ جا بندوقچي شور ۽ غل ڪندا رهندا آهن.
* انسان کي جيستائين ڪنهن به حقيقت ۽ حڪايتن جي پوري پروڙ نه آهي، تيستائين کيس پنهنجي زبان ۽ قلم کي استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ٻڌل ۽ افواهي ڳالهين تي ڌيان ڌرڻ
بيوقوفيءَ جي نشاني آهي.
مردم شناسي
علم، تعليم ۽ تربيت، اهي ٽيئي شيون، انسان جي ذهن ۽ روح کي تقويت پهچائينديون رهنديون آهن، تجربو ۽ آزمودو به پنهنجي مٿي هڪ علم آهي. سمورن تجربن ۽ آزمودن مان جيستائين ماڻهن ۾
پنهنجي پرائي جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ تفاوت جي اهليت پيدا نه ٿيندي، تيستائين سندن ڪاميابيون هارجي ويرجي وينديون آهن. انسان جي عقل ۽ ادراڪ،
دورانديشي ۽ دانشمنديءَ جي سموري پروڙ سندس مردم شناسيءَ مان ئي معلوم ٿي ويندي آهي.
دنيا ۾ سڀڪنهن جو ملهه، ۽ قيمت هوندي آهي، تنهنڪري هر باشعور ماڻهو چڱيءَ طرح جاچي جوچي، ٺڪي ٺوڪي، ڇنڊي ڇاڻي ان کان پوءِ ان جي هر ادا جو اندازو لڳائيندو رهندو آهي، سڀڪنهن
شئي لاءِ ڄاڻو سڃاڻو، پارکا ۽ ماهر موجود هوندا آهن. جيڪي ڏسڻ، پسڻ سان هر ڪنهن جو ملهه مقرر ڪري ڇڏيندا آهن.
مگر حضرت انسان ئي آهي، جنهن جي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڪاريگر کي ڪل ڪانه پئي سگهي آهي. حسب، نسب، خاندان، سهڻو ماحول، اعليٰ محبت، گويا زندگيءَ جون سموريون نعمتون ميسر هجڻ جي
باوجود به انسان ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حرڪتون ۽ حرفتون ڪندو رهندو آهي، جو شيطان کي به شرم اچي ويندو آهي.
جيستائين ماڻهن کي مردم شناسي جو مادو نه آهي، تيستائين هو هر ٺلهي همدرد کي به پنهنجو سڄڻ ۽ ساٿي سمجهي دل جا راز اورڻ لڳيندو آهي. اندر جي اورڻ لاءِ انسان کي همدرد جي سخت
ضرورت هوندي آهي. باقي طاقت ۽ اقتدار وارن وٽ ضرورتمندن ۽ ڪم ڪڍائڻ وارن جا نه هميشه ئي ميڙا متل ۽ محفلون قائم ۽ دائم هونديون آهن. انهن
سمورن ضرورتمندن کي پنهنجو سنگتي ۽ ساٿي سمجهڻ نادانيءَ جي نشاني هوندي آهي.
ماڻهن جي ضمير ۽ ظرف جي تڏهن خبر پئجي ويندي آهي، جڏهن هو مستي ۾ مست هجي يا مصيبت ۾ مبتلا، تڏهن سندس اندر وارو انسان ظاهر ٿي پوندو آهي.
اها اٿؤ انسان جي معيار جي معلوم ڪرڻ جي ڪسوٽيءَ ۽ انهن وقتن تي انسانن جي پرک جي پوري پروڙ پئجي سگهندي آهي ته هو ڪهڙي ظرف ۽ ضمير جا مالڪ آهن.
* * *
عزت ۽ احترام
ملڪن ۽ قومن ۾ ڪهڙا به دور، انقلاب ۽ اٿلون پٿلون ابتديون رهن، مگر ماڻهن کي انسانيت جي قدر ۽ قيمت هرگز ڇڏڻ نه گهرجي، جيستائين ماڻهن لاءِ محبت جا صاف، پاڪ جذبا موجود نه آهن،
تيستائين انسانيت جي عزت ۽ عظمت برقرار رهڻ مشڪل ۽ محال ٿي پوندي آهي. اسان کي جيڪڏهن زندهه قومن وانگر، عزت ۽ وقار سان رهڻو آهي ته وطن ۽
هم وطنن سان محبت ڪرڻ گهرجي.
وقت ۽ بخت
وقت ۽ بخت ڪڏهن ۽ ڪنهن لاءِ به نه ترسيو آهي، ۽ نه ترسندو، اهي ٻئي لفظ ڪنهن جو اتنظار ڪرڻ نه سکيا آهن. عاقلن جو قول آهي ته جيڪڏهن اوهان ۾ لياقت ۽ طاقت، همت ۽ حوصلو، زر ۽
زور، شيرين گفتار ۽ تيز رفتار، مستقل مزاجي ۽ ارادي جي مضبوطي، محنت ۽ مشقت، صبر ۽ ساڃهه، اخلاق ۽ انسانيت، قدر ۽ قيمت، نياز ۽ نوڙت جهڙيون
آفاقي خوبيون آهن، ته وقت جهڙي وٿ کي پنهنجي پوئتان لڳائي ڇڏيو، پر جيڪڏهن انهن مٿين حالتن هوندي به وقت ۽ بخت اوهان جي پوئتان نٿو هلي
سگهي، ته پوءِ وقت ۽ بخت جي ڪڍ هلڻ گهرجي.
اسان جو پنهنجو ذاتي ۽ شخصي مشاهدو ۽ مطالعو، تجربو ۽ آزمودو آهي ته دنيا ۾ ڪڏهن به ان ماڻهوءَ جي مخالفت نه ڪجي، جنهن جي ڪڍ وقت ۽ بخت هجي. وقت ۽ بخت جي مخالفت ڪرڻ گويا ماڻهو
پنهنجي مخالفت پاڻ ڪري رهيو آهي.
اسان جي هنن گهنگار اکين وڏن وڏن سورمن، پنهنجي اصولن ۽ ارادن جي مضبوط مانجهي مڙسن کي به نهايت ئي قريب ويهي ڏٺو ۽ پسيو آهي. انهن صاحبن جي اصولن ۽ ايمانداريءَ جو هتي ذڪر نه
ڪجي ته بهتر آهي، ڇو ته گهڻن همراهن جا وچ نڪري ويندا. اصل ڳالهه آهي، انهن ماڻهن کي پنهنجي مقصد ۽ مطلب جي، ڇو ته انهن وٽ قوم ۽ ملڪ ٻئي
درجي تي هوندا آهن، جيستائين اهڙي قسم جي ماڻهن جا مقصد ۽ مطلب پورا نٿا ٿين تيستائين هو، جن جي ڪڍ وقت ۽ بخت آهن، تن تي اجايون الزام
تراشيون ۽ بي بنياد بهتان بازيون ڪندا رهن ٿا.
هونئن به ڪمزور ۽ ڪانئر ماڻهن جا اهي ڪم هوندا آهن ته جڏهن هو ڪنهن منزل ۽ مقصد تي پهچڻ جي پاڻ ۾ سگهه نه ساري سگهندا آهن، تڏهن پنهنجين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين، ڪم ظرفين کي لڪائي،
احساس ڪمتريءَ جي منجهيل مسئلن ۽ معاملن ۾ منجهي ٻين تي نڪته چيني ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا آهن، پر دنيا ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن،
جن جا ڪي زندگيءَ جي منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ خاص اصول قائم ۽ دائم هوندا آهن، ۽ هو هميشه ئي انهن قائم ڪيل اصولن تان زندگي جي راه مان
ڪڏهن به نه هٽندا آهن. وقتن جا تيز طوفان، تڪڙيون تبديليون ۽ انقلابن جي ڪري به انهن جي اصولن ۾ تر جيترو تفاوت نه ايندو آهي. نيڪ اصولن
تي زندگي بسر ڪرڻ وارن کي هر هڪ سمجهدار ماڻهو عزت جي نگاهن سان ڏسندو رهندو آهي. اهي اصول پرست ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن جي اجائي سجائي مخالفت
نه ڪندا آهن، اصول پنهنجي مٿي جدا وصف آهي، ۽ مخالف ڪرڻ ٻي شئي آهي.
هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ جن کي جيئڻ اچي ٿو، سي سدائين جيئندا رهن، مگر جن کي جيئڻ جي ادا جي الف جي به ڄاڻ سڃاڻ نه آهي، سي جيئڻ وارن جي مخالفت ڇو ٿا ڪن.
دنيا ۾ صرف اهي ٻه شيون آهن، يعني وقت ۽ بخت، جيڪي ڪنهن به قيمت تي خريد ڪري نٿيون سگهجن، نڪو انهن جو ملهه ئي مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ مقرر ٿيل آهي، الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ بندن تي
وقت ۽ بخت جا ڀال ڀلائيندو رهندو آهي، ڇو ته جڏهن ڏاتار، ڏڏن کي ڏيڻ تي ايندو آهي، تڏهن عقل ۽ دانش ٻئي گڏجي حيرت ۽ حسرت سان ڏسندا رهجي
ويندا آهن. تنهن ڪري هر ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو وقت ۽ بخت جي مخالفت نه ڪري ته بهتر آهي، جنهن ۾ سندس ئي فائدو آهي.
* * *
زماني جا دور
جڏهن دنيا جا دور تبديل ٿيڻ لڳندا آهن، تڏهن هر ماڻهو، پراڻن دورن ۽ گذريل وقتن جي محبت ڪندڙن ماڻهن جي شرافت، انسانيت کي ڪجهه وقت تائين ياد ڪندو رهندو آهي. موجوده حالتن تي
ماڻهو نظر ڪري ٿو ۽ ملڪن ۽ قومن جي انقلابن جو اڀياس ڪري ٿو، تڏهن هڪ ڳالهه ڪر کڻي بيهي ٿي، ته انسانيت جو احترام، برادري ۽ ڀائپي، پاڙي
اوڙي جي پرگهور ۽ پهريداري، مساوات ۽ محبت، انس ۽ الفت، پنهنجائپ جهڙا جذبا ختم ٿيندا ٿا وڃن. اڄ جي دنيا ۾ انسانيت جو نالو وٺڻ ئي هڪ بدعت
سمجهي وڃي ٿي. زماني جي ڪنهن به دور ۾ جيستائين انسانيت جي عزت ۽ احترام نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ان دور کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهه ۽ سڃاڻپ جو
سمون نه سمجهيو ويندو آهي. انسانيت جو قدر جڏهن ڪنهن ۾ ملڪ ۽ معاشري مان موڪلائي ويندو آهي، تڏهن ان معاشري ۾ تباهيءَ ۽ تنزل جا آثار ۽
اهڃاڻ ظاهر ٿي پوندا آهن.
***
بنيادي پٿر
معاشري جو بنياد پٿر ماڻهو ئي هوندا آهن. جنهن ۾ انهن جي ترتيب ۽ تعليم شروع ٿيندي آهي. جيستائين پڙهيو جو پٿر پنهنجي پوري جاءِ تي پيل نه هوندو، تيستائين معاشري جو سمورو ڍانچو
خدشن ۽ خطرن، برائين ۽ بڇڙائن جي واچوڙن جي وڙهيل هوندو آهي. |