سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رتيءَ جي رهاڻ

 

صفحو :1

رتيءَ جي رهاڻ

علي نواز وفائي

 بِسِم الله الرحمان الرَحيم 

 

سڀيئي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم،

ٿي تحقيق تسليم ۾، لاهي غم وهم،

ته قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو.

 

 

انتساب

 

هي ناچيز تحفو انهن عظيم انسانن جي نالي منسوب ڪيان ٿو. جيڪي انسان، انسانن کي انسان سمجهي پيار ڪندا رهندا آهن، ۽ هميشه ڪدورت واري ڪارنهن ۽ ڪٽ کي ڪٽي ۽ ڪوري مظلومن، مسڪينن، دردمندن ۽ دکين جي لڙڪن کي پنهنجي دل جي دامن سان اُگهندا رهندا آهن.

 

طالب العلم

علي نواز وفائي

10- آگسٽ 1978ع

 

پيش لفظ

 

  وڏي ماڻهونءَ جو پٽ ورلي وڏو ماڻهو ثابت ٿيندو آهي. تاريخ، گهڻي پر، اهڙن مثالن پيش ڪرڻ کان قاصر آهي جن ۾ وڏن جرنيلن جا پٽ وڏا جرنيل، وڏن اديبن جا پٽ وڏا اديب، وڏن سياستدانن جا پٽ وڏا سياستدان، وڏن مدبرن جا پٽ وڏا مدبر، يا وڏن فنڪارن ۽ سائنسدانن جا پٽ به پنهنجي بزرگن جا صحيح جاءِ نشين بڻجي انساني اسٽيج تي چمڪيا هجن. حضرت نوح عليہ السلام ۽ سندس پٽ جو ڪلاسيڪي مثال ان لحاظ سان سبق آموز آهي. ڏسجي ائين پيو ته حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي انسان ذات سان اها لنجهڻ لڳل رهي آهي، فطرت جو ان ۾ ڪو اونهون اسرار پيو ڏسجي جنهن تائين علم الانسان جي محققن جو ميڄايو اڃان پهچي ڪونه سگهيو آهي.

علم ۽ فن کي ته ڇڏيو پر عام زندگي ۾ به اهلِ نظر کي چارون طرف ٿورا اهڙا پٽ ڏسڻ ۾ ايندا جن پنهنجي زندگين جو مقصد اهو ٺهرايو هجي ته هو پنهنجي ابن جي نالن کي اجاريندا رهندا.

ابي جي جائداد ۽ ميراث تي بکين ڪتن وانگر وڙهي هڪ ٻئي کي ڏارڻ ۽ ڦاڙڻ وڏي ڳالهه نه آهي، نه پاڻ کي فنا ڪري پيءُ جي نالي بقا بخشڻ سعادت منديءَ ۽ فطرت جي بلنديءَ جو اعليٰ ترين معيار آهي.

عزيزي علي نواز وفائي ٻئي ڳالهيون ثابت ڪري ڏيکاريون آهن. اديب  جو پٽ اديب ٿي سگهي ٿو، پٽ جي پٽ آهي ته پيءُ جي نيڪ نامي ۽ فني ڪمال کي زنده رکي سگهي ٿو. اصل شرط آهي پٽ جو پٽ هجڻ. ورنه سنڌ جا سياڻا ته چئي ويا آهن ته مُهڙ واري ”پ“ ۽ ”۾“ جي وچ ۾ وڏو ويڇو ڪونه ٿو ٿئي. مختصر مٽ سٽ سان ٻئي متضاد صورتون کلي سامهون اچي سگهن ٿيون.

وفائي جو پهريون ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ منهنجي نظر مان گذريو آهي، سنڌي علم ادب ۾ اوچي ۽ اعليٰ درجي جي حيثيت رکي ٿو، ان کانسواءِ ”رتيءَ جي رهاڻ“ ۾ وفائيءَ گهڻو ڪري زندگي جي هر ڪرت ۽ ڪار تي قلم کان ڪارائتو ڪم ورتو آهي، سنڌي علم ۽ ادب جي سڌاري ۽ واڌاري جي لحاظ کان اهڙن ڪتابن جو هجڻ تمام ضروري آهي، جيئن پڙهندڙن ۽ ايندڙ نسلن کي پنهنجي اديبن جي قلم جي پورهئي جي ڪل پئي.

علي نواز وفائيءَ مون وٽان ته مبارڪون لهڻيون پر سندس مرحوم والد به جنت جي جيارن مان ڏانهس مبارڪن جون سوغاتون موڪليندو هوندو.

 

علي محمد راشدي

10، اگسٽ 1978ع ڪراچي.

 

مهاڳ

 

عزيز دوست علي نواز وفائي عمر ۾ ته مون کان ننڍو آهي، مگر سندس ادبي تخليق ۽ علمي تحقيق ۽ ذهني مايگي ۽ فڪري باليدگي، فهم ۽ فراست، بالغ نظري ۽ باريڪ بيني، تاريخ داني ۽ حقائق بياني، قلمي رواني ۽ معلوماتي فراواني ايڏي ته وسعت جي حامل آهي جو سندس بزرگي ۽ برتري، ادراڪي فوقيت ۽ فضيلت جو قائل ٿيڻو ئي پوي ٿو. کيس سندس گران مايه ادبي ميراث پنهنجي والد بزرگوار حضرت مولانا دين محمد وفائي رحه کان ورثي ۾ عطا ٿي جيڪي پنهنجي وقت جا يگانه روزگار عالم با عمل اديب ۽ ناقد، محقق مفڪر ۽ صحافي هئا. حضرت موصوف جو موحدانه قلم ڪفر ۽ الحاد جا ڪئين ڪوٽ مسمار ڪيا ۽ باطل خلاف ڪئين معرڪا سر ڪيا. معاشري مان بدتن ۽ بڇڙاين جي بيخ ڪنيءَ لاءِ سندس قلم هميشه هڪ تيز تلوار وانگر ڪم آيو. مولانا متوڪل، صديق ۽ صفا جا صاحب پارسائي ۽ سادگيءَ جا پتلا، بي غرض ۽ بي فڪر انسان هوندا هئا.

جن افلاس کي سيني سان لڳائڻ ته پسند ڪيو پر ڪڏهن به پنهنجي ضمير کي ميرو ڪرڻ نه ڏنائون. سندن ادبي ۽ ملي خدمتون تاريخ جو هڪ اهڙو باب آهن جنهن کي وقت جي دز ۽ دوڙ ڪڏهن به دفن ڪري نه سگهنديون. سپوت اولاد اهو جيڪو اسلاف جي رواياتي اثاثن جي رکوالي ڪري. انهن جي نقش قدم تي هلي جهد ۽ جتن جاري رکي، وڏن جي روشن ڪيل مشعل کي زماني جي تند ۽ تيز هوائن کان محفوظ رکي بلڪ ان مان نيون قنديلون روشن ڪري جيئن علم ۽ اَگهي جي ترسيل ٿئي ۽ نسل بنسل انسان ذات ان مان فيض ياب ۽ مستفيد ٿيندي رهي. دنيا فاني ۽ هيءَ زندگي چند روزه آهي ليڪن اهي مرن نٿا جن جي باقيات و صالحات پنهنجي بزرگن جي مشن، انهن جي نيڪ مقاصد، انهن جي فلسفي ۽ فڪر جي سبيل کي يڪسوئي، همت ۽ مردانگيءَ سان جاري ۽ ساري رکن ٿا، جيئن عوام الناس جي رهنمائي ۽ رهبري ٿيندي رهي ۽ خلق خدا ظلم و استبداد، سماجي ۽ سياسي استحصال، معاشي ۽ معاشرتي پيڙا ۽ ڪرب کان نجات حاصل ڪري سگهي. قدرت قلم کي وڏي قوت بخشي آهي. هڪ سڌريل ۽ ترقي يافته معاشري ۾ ته قلم جي دسترس شاهان تخت نشين کان به وڌيڪ هوندي آهي، پر جيڪي قومون پنهنجي ماضي جون شاندار روايتون وساري، حال کان لاپرواهه ۽ مستقبل کان بي خبر رهي غفلت، انتشار، بربادي ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهن، انهن ۾ به جيڪڏهن ڪو صاحب دل دانشور ۽ فهيم پيدا ٿي صحتمند قلم کي جنبش ڏي ٿو ته اهو به قوم کي خواب خرگوش مان جهنجوڙي جاڳائڻ سان هڪ اهڙي جهاد جو آغاز ڪري ٿو، جنهن جو انجام قوم جي بيداري خود شناسي ۽ خودداري جي شڪل ۾ رونما ٿئي ٿو. اهڙي اديب، اهڙي قلم ڪار، اهڙي ديده ور جي ڪاوشن ۽ ڪوششن کي وڏي سعِادت ۽ وڏو درجو حاصل آهي.

عزيزم علي نواز وفائي پيءُ جو لائق جاءِ نشين ثابت ٿيو آهي. جنهن نه فقط پنهنجي بزرگ جي شاهڪار تصنيفات کي منظر عام تي آڻي ادب نواز حلقن جي ذوق سليم لاءِ قابل ستائش مطالعاتي مواد مهيا ڪيو آهي. پر هن پنهنجي قلم بلاغت رقم جي ذريعي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي پاڻ به گرانقدر خدمت سرانجام ڏني آهي، ان ۾ بيمشار نوان شجر ۽ نيون ڦلواريون لڳائي پنهنجي پگهر سان انهن جي آبياري ڪري آشيان ادب کي رنگ و بوءِ جو هڪ مهڪندڙ ۽ فرحت بخش گلستان بنائي وڌو آهي. سندس قلمي ڪاوش سنڌي ادب ۾ جيڪو قدر لائق اضافو ڪيو آهي. تنهن کان فقط ڪو ڪوربين حاسد ئي منحرف ٿي سگهي ٿو. قدرت سندس قلم کي هڪ منفرد جولاني ۽ دلنشي رواني بخشي آهي. سندس لکڻيون سلاست ۽ لطافت جو نمونو آهن، جن ۾ ماکي جي شيرني به آهي ته دوا واري ڪوڙاڻ به موجود آهي. سندس تحريرن ۾ تير نشتر به آهي ته بيحِدنازڪ ۽ نفيس جذبات جي ترجماني به موجود آهي جيڪا سڀ ڪنهن اديب ۽ اهل قلم جي تحريرن ۾ تمام گهٽ نظر ايندي آهي. ڇالاءِ جو معاشرتي تي ناسورن کي بسا اوقات نشتر جي ذريعي چيسري ڦاڙي گند ۽ پونءِ ڪڍڻي پوندي آهي جيئن بيمار کي ڪجهه سڪون پهچي ۽ هڪ ڪڙهندڙ ڦوڙو ڦاٽي شفا لاءِ جاءِ خالي ڪري.

محترم وفائي پنهنجي وقت ۽ معاشري جو هڪ عقيل ۽ داناءُ نبض شناس آهي، سنڌي ثقافت، ادب ۽ ٻولي سان سندس عشق جنون جي حد تائين پهتل آهي. سنڌ جي تاريخي خزنين، قرطاس دانش ۽ اوراق ادب جو کيس اونهو مطالعو آهي. تصنيف ۽ تاليف سندس شغل خاص رهيو آهي. وقاءُ نگاري، انشا پروازي، بي باڪي، بي ريائي، شستگي، شائستگي ۽ حق گوئي سندس تحريرن جا امتيازي پهلو آهن. قومي زندگي جي هن زواين، هر گوشي،  هر موڙ ۽ هر وڪڙ کان آشنائي مختلف مضامين لاءِ موضوعن جي انتخاب ۾ سندس رهنمائي جو ڪارڻ بني آهي. ڪتابي علم سان گڏ انساني عمل جي عملي مطالعي سندس ذهن کي وسعت بخشي سندس قلم کي نئون ولولو، نئون جذبو، نئون ايثار، نئين ساخت ۽ نئين جلا بخشي آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس تحرير جي تلخي ترياق ۽ ميٺاج سراپا روح افذا ۽ حيات بخش آهي جيڪا هڪ سڄاڻ قلم ڪار جي سڃاڻپ جي علامت آهي.

”رتيءَ جي رهاڻ“ مختلف موضوعن تي سندس لکيل مضمونن جو مجموعو نالي ۾ ته ”رتيءَ جي رهاڻ“ آهي مگر انهن مضمونن ۾ فراست، متانت، ذهانت، شرافت ۽ شفقت ۽ جرئت جي جيڪا اوت ڪئي وئي آهي سان ڪنهن وڏي ماهر نفسيات ۽ صاحب حڪمت ۽ ڪمال جوئي ڪارنامو ٿي سگهي ٿو. ڪاش جي پڙهندڙ ان جي ظاهري ۽ معنوي خصوصيت کي پرکين ۽ پروڙين.

اقوال زرين ۽ دانائي جا ٻول پنهجي جاءِ تي، مونکي ته ”رتيءَ جي رهاڻ“ مان نه رڳو رس ڀريا ادبي آلاپ ٻڌڻ ۾ آيا پر انهن مضامين ۾ جيڪي درد پريون دانهون، آهون ۽ فضائون، التجائون ۽ دعائون آگاهيون ۽ انتباهه سمويا اٿس سي سنڌ جي ظلومن ۽ معصومن لاءِ مصنف جي دلي ڪرب ۽ احساس همدردي جون مظهر هجڻ کان علاوه انهيءَ کي وقت جي پڪار، استحصالي قوتن لاءِ چئلينج ۽ قوم لاءِ دعوت فڪرو عمل چئي سگهجي ٿو. سياسي رهنما ۽ روحاني رهبر قابل صد احترام آهن ليڪن هي وقت آهي جڏهن قلمي رهبر اڳتي وڌي قوم جي رهنمائي ڪن.

اصلاحي ۽ تعميري تصنيف ذريعي سنڌ جي عوام ۾ احساس زبان اجاگرڪن ۽ وفائي صاحب جيان جرئت رندانه جو مظاهرو ڪن جيئن ستن کي جاڳائي سگهجي ۽ جاڳندڙن کي متحرڪ بنائي قومي تعمير نو جي ڪم آڻي سگهجي.

آخر ۾ منهنجي دعا آهي ته ”رتيءَ جي رهاڻ“ شل سنڌين وٽ وفائي صاحب جي توقعات کي وڌيڪ پذيرائي حاصل ڪري، ۽ سنڌي ادب ۾ سندس تصنيف کي اهو مقام ۽ مرتبو حاصل ٿي، جنهن جي اها مستحق آهي. آمين

 قاضي عبدالمجيد عابد

چيف ايڊيٽر روزانه ”عبرت“ حيدرآباد 12، اگسٽ

 

تعارف

 

انسان ۽ معاشري جو لاڳاپو، ذات ۽ ڪائنات جو تعلق، ادب جو سماجي ڪارج، طبقاتي ڪشمڪش جو بنيادي ڪارڻ، قلم ۽ اهل - قلم جي اهميت، تاريخ جو شعور ۽ تنقيد جي پروڙ، علم سان گڏ حلم جي ضرورت ۽ اعليٰ اخلاقي اصولن جي پابندي، اهي اهڙا موضوع آهن، جن تي حساس اديبن، حقيقت پسند مفڪرن ۽ همدرد صحافين، تنقيدي سوچ ۽ سماجي شعور جي پس منظر ۾، ادبي معيار ۽ علمي سنجيدگي کي قائم رکندي، پنهنجو پنهنجو تجويز پيش ڪيو آهي.

گهري سوچ ۽ بلند فڪر رکندڙ اهل - قلم، محترمه علي نواز وفائيءَ جي تصنيف، ”رتيءَ جي رهاڻ“ جي دائري ۾، ذات کان ڪائنات تائين، انساني معاشري جي حوالي سان، اهي سڀ خيال اڀاريندڙ موضوع ۽ مضمون اچي وڃن ٿا جن جي پروڙ، زندگيءَ جي تلاءَ جي مٺي پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ڪري ٿي. اهائي سوچ لاٽ بڻجي زندگيءَ جي واٽ کي جرڪائي ٿي، جنهن کان پنڌ ۽ پيچرن جون ڏکيائون به ظاهر ٿين ٿيون ۽ اجتماعي فلاح ۽ بهبود جي منزل جو ڏس به ملي ٿو.

محترم وفائي، پنهنجي خانداني علمي ورثي ۾ رسمي طرح نه، پر نهايت دلسوزيءَ سان قابل قدر اضافو ڪندو پئي رهيو آهي. مان، ايئن چوندي ڪوبه وڌاءَ ڪونه ٿو ڪريان ته زندگي ۽ سماج سان لاڳاپو رکندڙ مسئلن تي قلم کڻي، وفائي صاحب نه فقط ادب جي دائري ۾ وسعت پيدا ڪئي آهي پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته ماحول جي عڪاسي ۽ صحافتي تبصري کان اڳتي وڌي، هن، پنهنجي مشاهدن ۽ جذبن جو اظهار، تنقيدي شعور جي روشنيءَ ۾ ڪيو آهي، جنهن ڪري سندس لکيتون، زندگي بخش ۽ خيال اپاريندڙ اعليٰ ادب جي سرحدن کي ڇهن ٿيون.

سنڌ جي هن لائق لکندڙ، نه فقط هڪ سڄاڻ اديب وانگر، ماحول جو جائزو ورتو آهي پر سائنسي سوچ کان ڪم وٺندي، مستقل اخلاقي قدرن جي بنياد تي زندگيءَ کي اجارڻ ۽ سماج کي سنوارڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

اهڙيءَ طرح ”انسان“ جنهن کي وفائي صاحب، معاشري جي پيڙهه جو پٿر سڏيو آهي، صحيح تعليم ۽ ذهني ترتيب سببان، نه فقط صحتمند ماحول پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو حق ادا ڪري ٿو، پر عالمي سطح تي قومن جي روپ ۾ امن ۽ محبت جي فضا قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

جڳ مشهور ليکڪ ٽيگور، هڪ ڀيري اهم ادبي ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته جڏهن ڪوبه اديب، پنهنجي ذات جي گنبذکان ٻاهر اچي ٿو ته کيس معلوم ٿئي ٿو ته هوا ڪيتري نه صاف آهي، فضا ڪيتري نه فرحت بخش آهي ۽ ماحول ۾ رهندڙ ماڻهو ڪيتري قدر نه محبت ۽ مروت وارا آهن. معاشري کان الڳ رهڻ وارو اديب، بني نوع انسان جي مشاهدن، تجربن ۽ جذبن کان واقف ٿي نٿو سگهي اهو به ضروري آهي ته اديب، انسانيت جا غمگسار ۽ همدرد ٿي پون. ٽيگور جي لفظن ۾ تخليقي ادب، سچائي ۽ حسن جي اظهار جو نالو آهي. جڏهن مکڙي ٽڙي ٿي ۽ فطرت جي قيدخاني مان آزاد ٿئي ٿي تڏهن ئي هوا، فضا ۽ روشني کان واقف ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح اديب جي سوچ ماحول سان لاڳاپيل هئڻ گهرجي.

ٽيگور کان گهڻو اڳ، سنڌ جي سدا حيات شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پنهنجي مخصوص تمثيلي انداز ۾، سچائيءَ جي سونهن ۽ سونهن جي سچائيءَ جو جيڪو پيغام ڏنو سو هر دؤر جي انسان کي ”ذات“ جي غار ۽ ”پاڻ“ جي ڦندن مان گهلي، زندگيءَ جي جدوجهد ۾ شريڪ ڪري ٿو. اهوئي اجتماعي تجربو آهي جو صحتمند ادب جي تخليق ۽ مستقل اخلاقي قدرن جي آڌار تي بيٺل معاشري جي تشڪيل ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

اهڙو پيغام، ٻاٽ اونده ۾ لاٽ وانگر آهي ۽ پره ڦٽيءَ وانگر رات جي پڄاڻيءَ جو واضع اهڃاڻ آهي، اهائي لاٽ، وفائي صاحب جي تحريرن مان اڀري ٿي ڇو ته سندس سوچ ۽ لوچ، جذبا ۽ امنگون ۽ مشاهدا ۽ تجربا ۽ انسان ۽ معاشري سان لاڳاپيل آهن. اهو لاڳاپو، سوچ جي سچائي ۽ ان جي پر خلوص ۽ جرئت ڀرئي اظهار سان وڌيڪ پختو ٿي پيو آهي.

وفائي صاحب کي اهو احساس آهي ته اسانجو دور، تاريخ جي نهايت تيز تبديلين جو دور آهي، جنهن ڪري اڄ جي انسان کي هر حالت ۾ ايندڙ انقلابن لاءِ تيار رهڻ گهرجي. سندس سوچ موجب، اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن تاريخ جي اهميت کي محسوس ڪيو وڃي اهڙو احساس تڏهين پيدا ٿي سگهي ٿو، جڏهن وفائي جي لفظن ۾: ”حق ۽ صداقت جا حامي پنهنجي قلم جي زبان کي حالتن ۽ مصلحتن مطابق استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن.“

فاضل مصنف، جڏهن ماحول ڏي نهاري ٿو تڏهن کيس محبت بدران حقارت، عمل بدران نعري بازي، رواداري ۽ ڀائپي جي ماحول بدران، سماجي بي انصافي ۽ طبقاتي ڪشمڪش نظر اچي ٿي.

هو پنهنجي ماحول جِي جائزي وٺڻ کانپوءِ مايوس نٿو ٿئي پر حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺندي، اجتماعي ڀلائيءَ جي راه ڳولي ٿو. سندس لفظن ۾: ”بنيادي نيڪي، انسان کي هميشہ پاڻ ڏانهن ڇڪيندي رهندي آهي ۽ معاشري کي اڳتي وڌائيندي رهندي آهي. معاشري ۾ ڪوتاهين پيدا ٿيڻ جا سبب آهن پر بنيادي سبب، طبقاتي ڪشمڪش ۽ سماجي ناانصافي آهي، جنهن ڪري مٿيون طبقو انهي ڪوشش ۾ هوندوآهي ته هيٺيئن طبقي کي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم رکي پنهنجو محتاج ڪري کين اشاري تي هلائيندو رهي.“

فاضل مصنف، سماج ۾ ٿيندڙ اقتصادي بِي انصافين کي بي نقاب ڪرڻ کانپوءِ، هن اهم مسئلي کي منجهيل حالت ۾ ڇڏي نٿو ڏئي پر سمجهائي ٿو ته: ”پهريائين ڪنهن به معاشري جي خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ ان معاشري ۾ رهندڙن کي ذهني طرح ڀلائي ۽ بهبودي لاءِ تيار ڪيو وڃي ۽ براين ۽ بڇڙاين جي نتيجي کان به آگاه ڪيو وڃي. ان بعد کين عمل ڪرڻ جي سکيا جا سبق سيکاريا وڃن.“

اها سکيا تڏهن ئي پنهنجو اثر ڏيکاريندي جڏهن انسان، ذهني طرح لوڀ ۽ لالچ کي سڄي معاشري لاءِ هاڃيڪار سمجهي ۽ ”بنيادي خوبين ۽ خاصيتن“ جي آڌار تي پاڻ ۾ جيئري رهڻ جي سگهه پيدا ڪري، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته مصنف جي لفظن ۾:  ”انسانيت، مروت ۽ معاف ڪرڻ جا عظيم جذبا هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا.“

انهيءَ عظيم اجتماعي نقصان بابت سوچيندي، فاضل مصنف جو ڌيان ادب ۽ صحافت جي روشن ايوانن ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. هو چوي ٿو: ” قلم جو واسطو اسانجي ذهن ۽ ضمير سان هوندو آهي: انسان جو ذهن سڄاڳ ٿيو ۽ ضمير بيدار ٿيو ته پوءِ ٻيڙو ئي پار آهي.“

اهو ئي سبب آهي جو وفائي صاحب، پنهنجن مضمونن ۾ قلم کي قوم جي امانت سڏيو آهي، صحتمند تنقيد کي ضروري ڄاڻايو آهي ۽ صاف گوئي جي بنيادي ضرورت جو احساس ڏياريو آهي.

مصنف جي لفظن م: ”اديب ۽ اهل - قلم جيستائين پنهنجي پڙهندڙن جي صحيح معنيٰ ۾ سچائي ۽ صداقت سان ترجماني نه ڪندو تيستائين پڙهندڙ ڪڏهن به ادب بابت چڱو رايو نه رکندا. ادب ۾ سچائيءَ ۽ خلوص کانسواءِ پڙهندڙن تي اثر نه ٿيندو.“

محترمه وفائي، ادب ۽ زندگيءَ ۾ سچائي ۽ خلوص جي جذبن کي اڀارڻ جو احساس ڏياريو آهي ڇو ته کيس اها ڄاڻ آهي ته ”جڏهن ۽ جنهن به معاشري ۾ خود غرضي ڪاهي پوندي آهي اتي انسانيت سڏڪا ڀري ۽ اوڇنگارون ڏيئي مرڻ لڳندي آهي.

انسانيت کي بچائڻ لاءِ، مصنف جي نظر ۾ تعليم سان گڏ ترتيب ضروري آهي جيئن انسان، لوڀ جي لاڀ ۽ زندگيءَ جي مصنوعي معيار ۽ ڪوڙي شان جي رڃ پويان ڊڪڻ بدران، اخلاق جي اصولن ۽ اعليٰ گڻن کي هٿان نه ڇڏي. سوچ کي ۽ نفرت ڌڪار کان پاڪ ۽ صاف رکي، جئين انسانيت کي امن ۽ سڪون جي دولت نصيب ٿئي.

وفائي صاحب، زندگيءَ سان لاڳاپو رکندڙ هر مسئلي ۽ موضوع سان انصاف ڪيو آهي، کانئس اهائي اميد رکي سگهجي ٿي ڇو ته سندس لفظن ۾ ”قلم هڪ امانت آهي ۽ امانت جي حفاظت ڪرڻ عبادت آهي.“

”رتيءَ جي رهاڻ“ جي فڪري اهميت ته مڃيل حقيقت آهي پر 214 صفحن تي پکڙيل هن تصنيف جي ادبي خوبين ۽ بيان جي حسن کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي. ڪي ٿورا مثال پيش ڪجن ٿا:

 

طنز جو لطف

 

”هوڏي دادلو درياه پيو ڇوليون هڻندو ته هتي هنن جا کيسا پيا ڪنڌيون ۽ ڪپر اورانگهيندا.“ (آبڪلاڻيءَ جي آمد جا آثار)

*       *

”اهڙا به همراه پنهنجن بنگلن ۾ رهن ٿا جيڪي دوربينيون کنيو درن ڏي تڪيندا رهن ٿا ته ڪو مهمان ته نٿو اچي.“

(سخاوت ۽ ڪنجوسائي)

*      *      *

”چون ٿا ته ڪڪڙن جي ويڙه جو نبيرو جيڪڏهن سج لٿي تائين به نٿو ٿئي ته بتيون ٻاري به انهيءَ نيڪ ڪم کي جاري رکيو وڃي.“

(گگدامن تي ڪا ڪهل ڪريو)

 

عجيب نڪتا

”مسڪين ۽ مجبور ماڻهون جي مجبوريءَ مان مزو وٺڻ، مصبت سان ملاقات ڪرڻي هوندي آهي.“

”اشارن سان ڳالهيون ڪرڻ وارا منافق هوندا آهن.“

”وقت کي هٿ جي وٿين مان نه وڃائجي، ڇو ته وقت انسان جي وڏي ۾ وڏي وٿ آهي.“

مان پڙهندڙن کي گهڻو وقت، انتظار جي آزمائش ۾ مبتلا رکڻ بدران، کين ڪتاب پڙهڻ جي دعوت ڏيان ٿو. اميد ته هن ڪتاب کي، ادبي ۽ علمي حلقن ۾ مسقتل مقبوليت حاصل ٿيندي.

نيازمند

شيخ عبدالحليم ”جوش“

ڪراچي، 14 آگسٽ 1978ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org