سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:9 

21. دي پلگرمس پراگريس

 (The Pilgrim's Progress)

 -- جان بنيان --

بنيان جي شاهڪار جي تاريخ جو جيترو وڌيڪ اڀياس ڪجي ٿو اهو ايترو ئي ڪو معجزو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهي جو ليکڪ هڪ ٺاٺارو هو ۽ ٺاٺاري جو پٽ هو. کيس بلڪل معمولي اسڪولي تعليم کان وڌيڪ ڪا به تعليم نه ملي هئي انهي مان هو فقط لکڻ پڙهڻ سکيو هو. هن اهو ڪتاب قيدخاني ۾ لکيو هو. اختيارين کيس ٻارهن ورهيه انهي ڪري قيد رکيو هو جو هن انگلستان جي ڪليسا جي مخالفت وارن خيالن جي تبليغ ٿي ڪئي. هن جيڪي پيورٽين (Puritan) خيال پيش ڪيا ٿي اهي سماج جي آزاد خيال مزاج جي بلڪل ابتڙ هئا. انهي ڪتاب جي نه ئي اڳواٽ ڪا مشهوري ٿي نه ئي انهي جي وڪري وڌائڻ لاءِ ڪي خاص اپاءُ ورتا ويا. انهي هوندي به انهي جا ڇاپي پٺيان ڇاپا وڪامندا ويا. پهرين ڏهن ورهين ۾ انهي جو وڪرو هڪ لک تي وڃي پهتو ۽ اهو ڪم به اهڙي ملڪ ۾ ٿيو جنهن جي آبادي اڄ جي آبادي جي ڏهين پتي جيتري هئي ۽ انهي جي سادن سودن ماڻهن ۾ ناخواندگي جي شرح به وڌيڪ هئي. وڏي ڳالهه ته انهي جا مُک خريدار به اهي ئي هئا.

نه ئي اها مشهوري ٿور وقتي ثابت ٿي. ايندڙ اڍائي صدين تائين اهو سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب ٿي رهيو ۽ عام ماڻهو بائيبل کان پوءِ ٻئين نمبر تي انهي جي عزت ڪندا هئا. هاڻي ته اهو 200 کان وڌيڪ غير ملڪي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو اهي. پهرئين سو ورهين ۾ انهي جا 160 ڇاپا نڪتا. انهي ڪتاب جي جيتوڻيڪ ڊين سئفٽ ۽ ڊاڪٽر جانسن جهڙن عالمن تعريف ڪئي هئي پر هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين ادبي ذوق جو فيصلو ڪندڙ ماڻهن جي اڪثريت انهي کي نظرانداز ڪندي ۽ حقارت جي نظر سان ڏسندي رهي. پر آخرڪار قوم جي بي ساخته فيصلي جي دانشورن به توثيق ڪري ڇڏي. سائوٿي 1830ع ۾ لکيو ته: عوام جي اڪثريت جي فيصلي جي سمجھ دار ماڻهن توثيق ڪئي آهي. ”ايندڙ سال ميڪالي، جان بنيان ۽ جان ملٽن کي سترهين صدي جا فقط ٻه وڏا تخليقي ذهن“ قرار ڏنو. فرائوڊ 1880ع ۾ بنيان کي انگريز اديبن جي صف ۾ شامل ڪيو. برنارڊشا فيصلو ڏنو ته هو. ”شيڪسپيئر کان سٺو“ هو.

هو آخر ڪهڙي قسم جو ماڻهو هو؟ سندس ڪٽنب ٻارهين صدي کان بيڊ فورڊ شائر جو هڪ ننڍڙو زميندار هو. سندس پيءُ جيڪو پاڻ کي ٺاٺارو سڏرائيندو هو اهو پنهنجي رهائشي گهر ۽ ان جي آسپاس نَوَ ايڪڙن زمين جو مالڪ هو. جان 1628ع جي سرءُ جي مند ۾ ڄائو ۽ کيس 30 نومبر تي ايلسٽو جي گرجا گهر ۾ بپتسمو ڏنو ويو. هن اوائلي عمر کان ئي پنهنجي پيءُ جي ٺاٺارڪي ڌنڌي ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو. هن جي واڌ ويجھ سياسي ۽ مذهبي وڳوڙ واري دور ۾ ٿي. سن 1642ع ۾ پارليامينٽ ۽ چارلس پهرئين ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي. ٻه ورهيه پوءِ جان اڃا 16 ورهين جو هو جو کيس زوريءَ پارليامينٽي فوج ۾ شامل ڪيو ويو. هن انهيءَ ۾ 1647ع تائين ڪم ڪيو. سندس ڊيوٽي نيوپورٽ پيگنيل جي ڇانوڻي ۾ هئي. پوءِ کيس فوجي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو ۽ هو پنهنجي پيءُ جي بٺي تي واپس موٽي آيو.

هو ڊگهي قد ۽ وڏين هڏين وارو نوجوان هو. هو راندين روندين، ڳوٺاڻين وندرن، ناچ، ڇڪي، شراب ۽ گهوڙي سواري جو شوقين هو ۽ گڏوگڏ گاريون به خوب ڏيندو هو ۽ قسم به کڻندو هو. پر انهن ڳالهين جي هيٺان هڪ لطيف احساس ۽ ڪنهن اڻ ڏٺل جهان بابت پريشان ڪندڙ آگاهي لڪيل هوندي هئي. اهي ڳالهيون ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍپڻ ۾ به سندس راند روند ۾ رخنو وجھي ڇڏينديون هيون. هن پنهنجي ڪتاب Grace Abounding ۾ پنهنجي روحاني آتم ڪهاڻي لکي آهي. اهو ڏاڍو تفصيلي بيان آهي ته هن جي بي ديني واري زندگي ۾ ڪيئن رڪاوٽ اچي وئي ۽ هن پاران روحاني آرام حاصل ڪرڻ کان اڳ سندس روح ڪيتري ڊگهي جدوجھد ڪئي.

هن ويهن ورهين جي ڄمار ۾ هڪ آزاد ڪاريگر طور پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ پهرئين زال ميري سان شادي ڪئي جنهن پاڻ سان گڏ ڪا مال دولت ته نه پر ٻه ديني ڪتاب آندا. ڇنڇر جي پابندي جي خلاف ورزي خلاف گرجا گهر جي هڪ خطبي کيس بي آرام ڪري ڇڏيو. وري هن هڪ دفعو گارگند پئي ڪئي ته انهي تي هڪ بدڪار عورت کيس جهڻڪيو ته انهي تي به هو ڏاڍو حيران ٿيو. پر سندس زندگي ۾ وڏو ڦيرو تڏهن آيو جڏهن هن بيڊفورڊ شهر جي هڪ گهٽي ۾ ڪجھ غريب پيوريٽن عورتن کي ڳالهائيندي ٻڌو. اهي پنهنجين دلين ۾ رحم ۽ ڪهل جي جذبي بابت ڳالهائي رهيون هيون. ”مون کي ائين لڳو ڄڻ ته خوشي ۽ مسرت انهن کان ڳالهرائي رهي هئي“.

اميد ۽ نااميدي جي ڪيترن مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ هن انهن عورتن کي ڳولهڻ جو فيصلو ڪيو جن کيس مسٽر گفورڊ نالي پنهنجي پادريءَ سان رابطي ۾ آندو. هو بيڊ فورڊ ۾ سينٽ جان واري علائقي جو پادري هو. نئين قائم ٿيل ڪامن ويلٿ ۾ پاپائي (Papists) ۾ پريليٽائي (Prelatists) فرقن تي پابندي هئي ۽ Prayer Book ممنوع قرار ڏنل هو. تنهن هوندي به ٻين فرقن کي ڇوٽ ڏنل هئي ۽ Presbyterian ۽ Independent فرقي وارن کي ڪيترائي اهڙا چرچ ڏنا ويا هئا جتان اينجليڪن پادرين کي نيڪالي ڏني وئي هئي. بنيان مسٽر گفورڊ جي چرچ جو ميمبر ٿي ويو. هو جڏهن مقامي تبليغي سرشتي ۾ آيو ته هن ۾ تبليغ جو چڱو ڏانءُ پيدا ٿي پيو ۽ ماڻهو ميڙ ڪري سندس خطبو ٻڌڻ ايندا هئا. هن ڪئيڪرن خلاف پمفليٽ به لکڻ شروع ڪيا پر جلد ئي انهي تڪرار مان هٿ ڪڍي ويو ۽ پنهنجي قلم کي بائيبل جي تعليمات جي تشريح لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين.

چارلس ٻئين جي سربراهي ۾ بادشاهت جي بحالي کان پوءِ چرچ آف انگلينڊ نئين سر قائم ٿي ويو ۽ بي قاعدي گڏجاڻين ۽ بغير اجازت نامي وارن مبلغن تي پابندي هنئي وئي. بنيان 12- نومبر 1660ع تي جڏهن بيڊ فورڊ کان 13 ميل ڏکڻ ۾ هڪ گڏجاڻي ۾ تبليغ ڪرڻ ويو ته کيس گرفتار ڪري هڪ مقامي جج آڏو پيش ڪيو ويو جنهن کيس بيڊ فورڊ جي جيل ۾ وجھرائي ڇڏيو. هن اهڙو واعدو ڪرڻ کان سختي سان انڪار ڪري ڇڏيو ته هو آزاد ٿيڻ کان پوءِ تبليغ نه ڪندو تنهن ڪري هو ايندڙ 12 ورهين تائين جيل ۾ پيو رهيو. سندس جيلر جو هن سان رويو دوستاڻو هو ۽ انهن ورهين دوران هو ڪڏهن ڪڏهن اتان کسڪي ڳجهين گڏجاڻين ۾ تبليغ ڪري ايندو هو. پر گهڻو ڪري سندس دارومدار قلم تي رهيو ۽ هن ڪيترائي پمفليٽ لکيا ۽ 1661ع ۾ پنهنجو پهريون وڏو ڪتاب Grace Abounding ڇپرايائين.

اهو سندس پنهنجي روحاني سفر جو ڏاڍو چٽو احوال هو ته سندس گمراهه جواني جا ڏانهن ڪئين گذريا، سندس اک ڪيئن کلي، شيطان جي حملن خلاف هن ڪيئن نرا سائي ۾ ڪوششون ڪيون ۽ آخرڪار کيس ڪيئن نجات جي پڪ ملي. ڪتاب ۾ ڪو به رک رکاءُ نه آهي نه ئي ڪا ڳالهه لڪائي وئي آهي ۽ ان کي سينٽ آگسٽائين جي ڪتاب Confessions وانگر روحاني تجربن جي عظيم ڪتابن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

هن جي لکڻ مطابق هن ڏٺو ته سندس ذهن سندس تجربن جون تمثيلي شڪليون ٺاهي رهيو هو. هو نااميدي جي جن ڌٻڻين ۾ ڦاسي ٿي پيو، کيس جيڪي ڏکيون چاڙهيون چڙهڻيون ٿي پيون، هن ورغلائيندڙ شيطان سان جيڪي جنگيون ٿي جوٽيون، يا هن تي شڪ يا روح جي سُستي ۽ ڪاهلي جا جيڪي حملا ٿي ٿيا، صن کي جيڪي سٺا يا خراب صلاحڪار مليا ٿي، هن جن دوستن جي صحبت مان مزا ماڻيا ٿي ۽ جن آزمائشن ۽ تڪليفن ۾ انهن سان شامل رهيو ٿي انهن سڀني جون تمثيلون سندس ذهن ۾ ٺهي رهيون هيون. هو شروع ۾ اهي تخيل بي ڌياني سان لکندو ويندو هو پوءِ کيس انهي موضوع ۾ دلچسپي ٿي وئي ۽ خوشي سان لکڻ جو ڪم شروع ڪيائين چارلس ٻئين جڏهن مارچ 1672ع ۾ Declaration of Indulgence جاري ڪيو ۽ انهي جي نتيجي ۾ هو 12 ورهين جي قيد کان آزاد ٿيو ته پنهنجي تمثيلي ڪهاڻي جو پهريون نامڪمل مسودو به گڏ کنيو آيو.

انهي کان اڳئين سال هو جڏهن اڃا سرڪاري طور قيدي هو ته کيس بيڊفورڊ ۾ Independent Church جو پادري مقرر ڪيو ويو.هو هاڻي پنهنجي انهي ڪم ۾ تمام گهڻو سرگرم ٿي ويو. پر فيبروري 1675ع ۾ Declaration of Indulgence واپس ورتو ويو ته سندس گرفتاري جا تازا وارنٽ اچي ويا ۽ هن 18 مهينا قانون کان ڀڄڻ کان پوءِ وڌيڪ 9 مهينا جيل ۾ گذاريا. اتي هن پنهنجي ڪتاب جو پهريون ڇاپو مڪمل ڪيو ۽ پنهنجن دوستن وٽان متضاد صلاحون ملڻ کان پوءِ نيٺ انهي کي ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيائين. انهي کي ڇپجڻ جو اجازت نامو 18 فيبروري 1678ع تي مليو. اهو جلد ئي وڪرو ٿي ويو. ساڳئي سال ٻيو ڇاپو نڪتو ۽ 1679ع ۾ ٽيون ڇاپو آيو. بنيان انهي ۾ ڪجھ اهم واڌارا ڪيا هئا. تڏهن کان وٺي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهي جون لکين ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن. هن 1685ع ۾ ٻئين پارٽ جو واڌارو ڪيو. اها هڪ عيسائي عورت ڪرسٽيانا ۽ سندس ڪٽنب ۽ دوستن جي آکاڻي آهي. اهي به انهي ساڳئي رستي تي سفر ڪن ٿا جنهن تي ياتري (Pilgrim) آسماني شهر ڏانهن ويو هو.

بنيان 1680ع ۾ The life and Death of Mr. Badman ڇپرايو. انهي ۾ هن هڪ خراب زندگي گذاريندڙ شخص جي هيٺاهين ڏانهن ويندڙ سفر جا واقعا بيان ڪيا آهن. اهو تمثيلي انداز ۾ لکيل نه آهي. اهو حقيقت ۾ پهريون انگريزي ناول آهي ۽ ڪردار جي نشوونما جو احوال آهي. هو 1682ع ۾ The Holy war ۾ وري تمثيل ڏانهن موٽي آيو. انهي ۾ هن هڪ سپاهي طور پنهنجن تجربن کي ڪم آڻيندي اهو بيان ڪيو آهي ته مينسول جو شهر ڪيئن پنهنجي پهرئين معصوميت مان ڊايابولس جي هٿن ۾ وڃي پيو ۽ ڪيئن عمانوئيل انهي کي بچايو. اهو وري ڊايا بوليائين جي دغا بازي سبب ڪيئن آهستي آهستي دين تان ڦري ويو ۽ آخرڪار ڪيئن وري عمانوئيل انهي کي بچائي ورتو. بنيان پنهنجي زندگي ۾ مجموعي طور نظم ۽ نثر ۾ 40 ۽ 50 جي وچ ۾ ڪتاب ۽ پمفليٽ ڇپرايا ۽ هڪ ڊزن ٻيا ڪتاب ڇڏيا جيڪي سندس وفات کان پوءِ ڇپرايا ويا.

بنيان جڏهن ٻيون دفعو قيد ڪاٽي نڪتو ته اختيارين کيس ڪا تڪليف نه ڏني. هو بنا دير جي لنڊن ۾ مشهور ٿي ويو. سندس خطبو ٻڌڻ لاءِ شارٽ نوٽس تي وڏا ميڙ گڏ ٿي ويندا هئا. وچ هفتي ۾ هڪ ٿڌي صبح جو ستين بجي 1200 ماڻهو گڏ ٿي ويا. وري هڪ آچر ڏينهن 3000 ماڻهو هڪ اهڙي جاءِ تي گڏ ٿي ويا جنهن ۾ گنجائش فقط 1500 ماڻهن جي هئي. هو اڻٿڪ نموني پنهنجن تبليغي ڪمن ۾ مصروف رهيو ۽ آخرڪار ريڊنگ ۾ ٻن پيءُ پٽن ۾ صلح ڪرائڻ ويو ۽ موٽيو ته رستي ۾ تيز مينهن سبب ڏاڍو بيمار ٿيو پيو ۽ 31- آگسٽ 1688ع تي لنڊن ۾ فوت ٿي ويو. کيس بنهل فيلڊز ۾ دفنايو ويو.

پلگرمس پراگريس، جنهن جان بنيان کي انگريز ليکڪن جي پهرئين صف ۾ بيهاريو آهي اهو تمام سادي ۽ سليس انگريزي زبان ۾ لکيل آهي. اهو سادي انگريزي جي تمام بهترين خزاني يعني بائيبل جي Authorized version جي تمام مشابه آهي ۽ انهي جا گهڻا لفظ ۽ فقرا انهي مان کنيل آهن. بنيان اهو ڪتاب گهڻو پڙهيو هو ۽ انهي بابت تمام گهڻي ڄاڻ هئس ۽ انهي جي باب ۽ آيت جي حوالي سميت انهي مان اقتباس ڏئي سگهندو هو. سندس بيان جو سلسلو تمام جلدي اڳتي وڌندو هلي ٿو ۽ انهي ۾ لفظ پڻ تمام ٿورا ڪتب آندل آهن. بيان ايترو دلچسپ آهي جو پڙهندڙ جي توجه ڇڪيل رهي ٿي ۽ هو هر وقت اهو ڌسڻ لاءِ اتاولو رهي ٿو ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي.

انهي جو بنيادي خيال ڪرسچين جو سٽي آف ڊسٽرڪشن ۾ پنهنجي گهر کان آسماني شهر ڏانهن ياترا آهي. هو انهي کي هڪ خواب ڪوٺي ٿو جيڪو هن پنهنجي قيدخاني جي ڪوٺڙي ۾ ڏٺو هو. ”آءٌ جيئن هن دنيا جي ويراني مان گذرندو پئي ويس ته هڪ اهڙي جاءِ تي اچي پهتس جتي هڪ کڏ هئي. آءٌ انهي جاءِ تي سمهي رهيس ۽ مون کي ننڊ اچي وئي ته مون هڪ خواب ڏٺو“. هو اهڙي طرح شروعات ڪري ٿو ۽ خواب جي پردي ۾ ڪهاڻي تخيل جي دنيائن ۾ وڃي ٿي هلي جتي حقيقي زندگي ۾ ناقابل يقين ڳالهيون فطري لڳن ٿيون.

ڪرسچين زيارتي اوچتو ڦاٽل ڪپڙن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هن کي هٿ ۾ هڪ ڪتاب ۽ پٺن تي بار آهي ۽ انهي احساس کان وهلور پيو ٿو وڃي ته سندس شهر تباهي جي ڪناري تي آهي. هو پنهنجي زال ۽ ڪٽنب کي پاڻ سان گڏ ڀڄي هلڻ تي آماده ڪرڻ جي بيسود ڪوشش ڪري ٿو. پوءِ هڪ عيسائي مبلغ کيس هڪ ننڍڙو دروازو ڏيکاري ٿو جنهن مان هو ابدي زندگي ڏانهن وٺي ويندڙ سوڙهي رستي تي هلي سگهي ٿو. هو پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن جي ايلازن کي اڻ ٻڌو ڪيو ڪن ٻوساٽيون هليو. وڃي ٿو.

آبسٽينيٽ (پڪو) ۽ پلائيبل (لچڪدار) نالي ٻه پاڙيسري هن جي پٺيان لڳن ٿا. ڪتاب جي هڪ وڻندڙ خصوصيت اها آهي ته هر ماڻهو جو ڪردار انهي جي نالي مان ئي ظاهر ٿي وڃي ٿو ۽ وڌيڪ سمجھاڻي جي ضرورت نه ٿي رهي. آبسٽينيٽ تي ڪرسچين جي ڳالهين جو ڪو اثر نه ٿو ٿئي پر پلائيبل (Pliable) هلندو اچي ٿو ايستائين جو اهي Slough of Despond تائين پهچن ٿا. اتان اهو به پٺيان پير ڪري ٿو. ڪرسچين ڪشالا ڪندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. وري Wordly Wiseman جي صلاحن تي هو رستي تان ڀٽڪي مشڪلاتن ۾ پئجي وڃي ٿو پر عيسائي مبلغ کيس بچائي وٺي ٿو. اهڙي طرح هو ننڍڙي دروازي وٽ پهچي ٿو ۽ Good will کيس سڌي ۽ سوڙهي رستي تي پهچائي ڇڏي ٿو. هو سڀ کان پهريان ترجمان Interpreter جي در تي پهچي ٿو جتي کيس تصويرن ۽ مثالن جي مدد سان ڪيترائي سبق پڙهايا وڃن ٿا. پوءِ هو هڪ اهڙي جاءِ تي پهچي ٿو جيڪا ڪجھ چاڙهي تي آهي ۽ انهي جي مٿان هڪ صليب رکيل آهي ۽ ٿورو هيٺ تري ۾ هڪ تربت آهي. اهو منظر ڏسڻ سان بار سندس ڪلهن تان هيٺ ڪري ٿيڙ کائيندو تربت ڏانهن ويو هليو اهو اتي ڪري پيو ۽ وري مون کي نظر نه آيو“.

هو خوش ٿيندو پنهنجي واٽ تي هلندو رهي ٿو. رستي ۾ کيس Presumption ۽ Simple, Slothملن ٿا. اهي ۽ Formalist ۽ Hypocrisy به سندس صلاح تي ڪن نه ٿا ڏين ۽ جلدئي بري انجام تي پهچن ٿا. پوءِ کيس Hill Difficulty تي چڙهڻو پوي ٿو. اتي هو ننڊ پئجي وڃڻ ۽ Roll کي غلط جاءِ تي رکڻ سبب ڏکيائي ۾ اچي وڃي ٿو رول آسماني شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سندس ٽڪيٽ هئي ۽ کيس صليب وٽان ملي هئي. هو رات جو دير سان House Beautiful پهچي ٿو. هو اتي تقريباً ٽي ڏينهن رهي ٿو. اتي Piety، Prudence ۽ charity کيس سکيا ڏين ٿيون. پوءِ هو نجات جي زره بڪتر ويڙهي اتان روانو ٿئي ٿو.

هو اڃا اڳتي Valley of Humiliation ۾ وڃي ٿو. اتي کيس Apollyon للڪاري ٿو. بنيان جيئن ته ڪنهن وقت سپاهي رهيو هو تنهن ڪري لڙائي بابت ڪجھ ڄاڻ اٿس. خود شيڪسپيئر به لڙائي بابت اپوليون جهڙي وحشت سان ڀريل للڪار تخليق نه ڪري سگهيو آهي: ”پاڻ کي موت لاءِ تيار ڪر، آءٌ قسم ٿو کڻان ته تون ذري برابر به اڳتي نه وڌي سگهندين. آءٌ اتي جو اتي تنهنجي روح کي هوا ۾ اڏاري ڇڏيندس.“ انهي کان پوءِ ٿيندڙ شديد لڙائي جو به سگهاري انداز ۾ بيان ڏنل آهي. پوءِ ڪرسچين کي موت جي پاڇي جي ماٿري جي خطرن ۽ مشڪلاتن مان رات جي وقت پنهنجو رستو ڳولهڻو پوي ٿو.

صبح جو کيس ٻيو زيارتي Faithful ملي وڃي ٿو. هو به کيس اڄ تائين سوڙهي رستي تي کيس پيش آيل واقعا ٻڌائي ٿو. پوءِ Talkative اچي انهن سان ملي ٿو. هو پنهنجي چرب زباني وارين مذهبي ڳالهين سان Faithful کي پنهنجي پاسي ڪري وڃي ٿو پر ڪرسچين جيئن ته انهي شخص کان واقف هو تنهن ڪري هو Faithful کي خبردار ڪري ٿو ته عام ماڻهو ته انهي کي ٻاهر صوفي، گهر ۾ شيطان جي نالي سان سڏيندا آهن. فيٿ فل به جلدئي تيز سوالن جي ذريعيTalkative جي ڳالهين جي سطحي پڻي کان واقف ٿي وڃي ٿو ۽ هو به پوءِ سندن سنگت مان ڌار ٿي وڃي ٿو. اهي هلندا اچي Vanity Fair پهچن ٿا جتي واپارين کي انهن جي دينداري ناقابل برداشت لڳي ٿي. انهن کي هڪ پڃري ۾ بند ڪري Lord Hate- Good آڏو فيصلي لاءِ پيش ڪيو وڃي ٿو. بنيان کي انهي واقعي جي منظر ڪشي ۾ مدد لاءِ پنهنجن فيصلن جو گهڻو تجربو حاصل هو. فيٿ فل کي ڏوهي قرار ڏئي مٿس تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ ٿوڻيءَ سان ٻڌي ساڙيو وڃي ٿو. ڪرسچين کي پوليس جي حوالي ڪيو وڃي ٿو پر هو فرار ٿي وڃي ٿو.

پوءِ هن سان Hopeful اچي ملي ٿو. هو باقي سموري سفر ۾ هن جو ساٿي ٿئي ٿو. اهي Bye- ends، Hold- the- world، Money- love ۽ Save all سان بحث مباحثا ڪن ٿا. اهي ڊيماس جي چانديءَ جي کاڻ ۾ تباهي کي منهن ڏين ٿا. اهي By- path Meadow جي کولي ۾ اچي وڃن ٿا ۽ Giant Despair انهن کي قيد ڪري Doubting Castle ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ ڪرسچين کي Promise نالي پنهنجي ڪنجي ياد اچي وڃي ٿي ۽ هو انهن جا دروازا کولي ٿو. انهي هوندي به ٻاهرئين لوهي ڦاٽڪ جو قلف ”تمام سخت ٿي ويو هو“.

پوءِ هو Delectable Mountains تي پهچن ٿا جتي ريڍار انهن کي صلاحون ڏين ٿا. پوءِ هڪ پاسي واري رستي تان Ignorance اچي ٿي. هن کي پاڻ تي ڏاڍو اعتماد اهي. اهي خوشامدي (Flatterer) جي ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا، Enchanted Ground تي سجاڳ رهن ٿا ۽ Land of Beulah۾ داخل ٿي وڃن ٿا. اهڙي طرح اهي اونداهي ندي تي پهچن ٿا. هوپفل، ڪرسچين کي اها جهاڳي پار ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ آسماني شهر ۾ Shining ones انهن جو استقبال ڪن ٿا.

پلگرمس پراگريس جي ٻئين حصي ۾ ڪرسچين جي زال ۽ ٻار هڪ نوجوان پاڙيسري مرسي(Mercy) جي ساٿ ۾ هن واري رستي هلي پون ٿا. اهي ترجمان (Interpreter) جي گهر پهچن ٿا. اتي اهي شين ذريعي سبقن ۽ علامتي ٽيبلو جا نوان مجموعا ڏسن ٿا. اتان روانگي تي انهن کي Mr. Great Heart پنهنجو سونهون ۽ محافظ ٿي ملي ٿو.

هل ڊفيڪلٽي تي مٿي چرهندي وڻن جي هڪ جھڳٽي ۾ ڪرسٽينا پنهنجون شراب جون بوتلون ڇڏي وڃي ٿي جيئن ڪرسچين پنهنجو Roll ڇڏي ويو هو. چوٽي تي House Beautiful جي ڦاٽڪ وٽ Grim نالي هڪ ديو شينهن جھليو بيٺو هو پر Great Heart انهي کي تلوار جو ڌڪ هڻي ڪيرائي ڇڏيو. اتي موسيقي سان انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو وڃي ٿو ۽ Prudence، Piety ۽Charity ڪرسٽيانا جي ٽن پٽن کي سوالن جوابن ذريعي عيسائيت جي تعليم ڏين ٿيون. مسٽر برسڪ نالي هڪ شخص مرسي سان محبت جو اظهار ڪري ٿو پر جڏهن ڏسي ٿو ته هو پنهنجو وقت فلاحي ڪمن ۾ خرچ ڪري ٿي ته پنهنجي محبت تان دستبردار ٿي وڃي ٿو. ميٿيو برائي جو ڦل کائي بيمار ٿي پوي ٿو پر ڪرسٽيانا پاران ٺاهيل هڪ دوا کائي چاق ٿي وڃي ٿو.

انهن کي Valley of Humiliation ڏاڍي سائي سرسبز ۽ وڻندڙ نطر اچي ٿي ۽ اهي موت جي ڀاڄي جي ماٿري مان به خير سان ٽپي وڃن ٿا. حقيقت ۾ انهن جو زيارت جو سفر ڪرسچين جي سفر کان گهڻو خوشگوار ۽ سولو گذري ٿو. رستي ۾ جيتوڻيڪ ديو گڏجن ٿا پر Great Heartانهن کي قتل ڪري ڇڏي ٿو. ڪرسٽيانا جا پٽ شاديون ڪن ٿا ۽ اسين موسيقي ۽ ڊانس بابت به پڙهون ٿا. رستي ۾ اهي هي دوست ساٿي به پاڻ سان گڏ ڪندا وڃن ٿا.mind Feeble،Honesty، Ready to halt، Despondency، Mrs.Much Afraid، Valiant for truth ۽ Stand fast.

اهڙي طرح اهي زيارتي آخر ندي جي ڪناري تي پهچن ٿا ۽ هڪ هڪ ٿيندا پار ٿيندا وڃن ٿا. اڳ ۾ وڏي عمر وارا ٿين ٿا ۽ سڀ کان اڳ ڪرسٽيانا ٽپي ٿي. اهي پٺيان پنهنجن دوستن لاءِ نياپا ڇڏيندا وڃن ٿا. سڀني کان وڌيڪ ڪامياب Valiant for Truth آهي جنهن جا لفظ شايد بنيان جو پنهنجو اقرار آهن.

”آءٌ پنهنجي تلوار انهي کي ڏيندس جيڪو منهنجي زيارتي سفر ۾ ڪامياب ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجي همٿ ۽ مهارت انهيءَ کي ڏيندس جيڪو انهن کي وٺڻ جو اهل هوندو. آءٌ پنهنجون نشانيون ۽ ڌڪن جا نشان پاڻ سان گڏ کڻي ويندس جيئن اهي منهنجا شاهد بڻجي سگهن. مون هن جون جنگيو لڙيون آهن ۽ هاڻي اهو ئي مون کي صلو ڏيندو.

”اهڙي طرح هو ٽپي پئي پاسي ٿي ويو ۽ ٻئي طرف هن لاءِ نغارا وڃڻ لڳا.

 

22. الف ليليٰ

 

انهي ڪتاب کي ڪڏهن The Arabian Nights Entertainments ته ڪڏهن The Thousand and one Nights جي ڪجھ وڌيڪ درست نالي سان سڏيو ويندو آهي. پر اسين ڪتاب کي ڪهڙي به نالي سان سڃاڻون اهو آکاڻين جي شوقين عوام لاءِ پيش ڪيل سڀ کان مشهور ۽ مقبول ڪتاب آهي.

انهي ڪتاب ۾ شامل سڀ ڪهاڻيون مشرقي آهن جيڪي سڀ کان اڳ عربي ۾ لکيون ويون هيون ۽ اهي يورپ ۾ سڀ کان اڳ هڪ فرانسي زبان ۾ ٿيل ترجمي جي ذريعي مشهور ٿيون. اهو ترجمو انٽوئين گالنڊ نالي هڪ فرانسي اسڪالر ارڙهين صدي جي اوائل ۾ ڪيو هو. انهي مشرق ۾ ڏاڍا سير سفر ڪيا هئا ۽ عربي ۽ ٻين مشرقي زبانن تي مڪمل مهارت حاصل هئس. گالنڊ جو ترجمو 1704ع کان 1717ع جي دوران ڪيترن ئي جلدن ۾ آيو ۽ انهي جو تمام گرم جوشي سان آڌرڀاءُ ٿيو. گالنڊ انهن ادبي معززين مان هو جن کي ڪجھ قدر حقارت سان گرب اسٽريٽ جا منشي چيو ويندو آهي. پر وقت گذرڻ سان ٻيا به ۽ تمام سٺا ترجما به ٿيا جيڪي بجا طور مقبول ٿيا. انهن مان سڀ کان مشهور شايد هڪ انگريز سياح ۽ مستشرق سر رچرڊ برٽن جو آهي. اهو سڀ کان اڳ انڊيا ۾ بنارس مان 1885ع ۾ محدود انداز ۾ ڇپيو.

گالنڊ جنهن مخطوطي کي ترجمي لاءِ پنهنجو بنياد بنايو اهو هن شام ملڪ مان حاصل ڪيو هو ۽ اهو لڳي ٿو ته هڪ سو سال اڳ مصر ۾ لکيو ويو هو. پر انهي ۾ شامل آکاڻيون انهي کان گهڻيون آڳاٽيون آهن. پر اهو ٻڌائڻ ناممڪن آهي ته اهي ڪيتريون آڳاٽيون آهن. انهن بابت سڀ کان اوائلي تذڪرو هڪ قسم جي تاريخي انسائيڪلو پيڊيا ۾ ملي ٿو جيڪو مسعودي نالي هڪ عرب 950ع ۾ لکيو هو. مسعودي مطابق سندس دور جي عربن ۾ ڪيترائي ڪتاب مروج هئا جيڪي انهن وٽ فارسي، هندي، يوناني ۽ ٻين ماخذن مان ترجمي جي صورت ۾ پهتا هئا ۽ انهن مان هڪ جو نالو هزار افساني هو. انهي نالي جو جڏهن فارسي مان عربي ۾ ترجمو ڪبو ته انهي جي معنيٰ ٿيندي هڪ هزار آکاڻيون. ڪتاب کي عام مقبول نالو ”هڪ هزار ۽ هڪ راتيون“ جو ڏنو ويو هو. انهي تي اهو نالو انهي ۾ شامل هڪ آکاڻي تان پيو. اها آکاڻي هڪ ايراني بادشاهه بابت آهي جنهن جي اها عادت هوندي هئي ته هو شادي جي پهرئين رات زال سان گڏ گذارڻ کان پوءِ انهي کي صبح جو قتل ڪرائي ڇڏيندو هو. انهي ڪهاڻي ۾ اهو ٻڌايل آهي ته ڪيئن هڪ نوجوان هوشيار شهزادي جيڪا صبح جو قتل ٿيڻي هئي اها ڪيئن شادي جي رات هڪ آکاڻي ٻڌائي قتل کان بچي وئي. ٿيو ائين جو سندس ڪهاڻي صبح جو هڪ اهڙي دلچسپ نقطي تي پهتي جو بادشاهه آکاڻي ٻڌائيندڙ کي وڌيڪ هڪ رات مهلت ڏيڻ تي راضي ٿي ويو جيئن هوءَ اها مڪمل ڪري سگهي. اهڙي طرح اها ڪهاڻي هر رات هلندي رهي ڇاڪاڻ ته چالاڪ ڇوڪري بادشاهه جي ”اڳتي ڇا ٿيندو“ بابت ڄاڻڻ جي فطري خواهش کي ڪتب آڻي رهي هئي.

انهي ڪهاڻي کي ”مها ڪهاڻي“ ڪوٺي سگهجي ٿو ۽ اسان جو مجموعو به انهي سان شروع ٿئي ٿو. هتي اسين انهي جو سر رچرڊ برٽن جي ڪجھ عجيب ٻولي ۾ مختصر خاڪو ڏيون ٿا.

گذريل دور ۾ تمام گهڻو وقت اڳي هندوستان ۽ چين جي ٻيٽن ۾ هڪ بادشاهن جو بادشاهه هوندو هو جنهن جو نالو شهريار هو. هن هڪ ڏينهن پنهنجي راڻي ۽ سندس خاص ٻانهين کي ڪجهه سفيد فام غلامن سان وڏي بي وفائي جهڙو ڪم ڪندي ڏسي ورتو. هن کي انهي تي ايترو ته صدمو پهتو جو هو هوش حواس وڃائي رڙيون ڪرڻ لڳو ته: ”انسان بلڪل اڪيلائي ۾ ئي هن گندي دنيا جي ڪارگذارين کان محفوظ رهي سگهي ٿو! الله جو قسم زندگي هڪ وڏي غلطي کان سواءِ ڪجھ به نه آهي!“ پوءِ هو پنهنجي تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي وزيراعظم کي گهرايائين. ”آءٌ توکي حڪم ڏيان ٿو“ هن چيو ”ته منهنجي زال کي وٺي وڃ ۽ کيس تلوار جو ڌڪ هڻي ماري ڇڏ ڇاڪاڻ ته هن سندس واعدي ۽ ايمان جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.“ انهي تي وزيراعظم راڻي کي مقتل ڏانهن وٺي ويو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. انهي کان پوءِ بادشاهه شهريار پنهنجي حرم سراء ۾ ويو ۽ سڀني خطاڪار داشتائن ۽ ٻانهين کي قتل ڪري ڇڏيائين. هن پوءِ اهو قسم کڻي ڇڏيو ته هو جنهن به زال سان شادي ڪندو ته رات جو انهي جي ڪنوارپ ختم ڪرڻ کانپوءِ کيس صبح جو قتل ڪري ڇڏيندو جيئن سندس عزت محفوظ رهي سگهي. ڇاڪاڻ ته زمين جي تختي تي نه اڳ ۾ ڪا پاڪدامن عورت رهي هئي نه هاڻي آهي. پوءِ شهريار پنهنجي وزير کي حڪم ڪيو ته هو کيس انهي رات جي ڪنوار آڻي ڏئي جنهن سان هو رات گذاري. انهي تي وزير هڪ امير جي ڌيءُ پيش ڪئي. هو تمام سهڻي ڇوڪري هئي. بادشاهه شام جو هن وٽ ويو ۽ پرهه ڦٽڻ سان وزير کي انهي جو سر قلم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيائين. وزير سلطان جي ڊپ کان حڪم عدولي نه ڪري سگهيو ۽ ڇوڪريءَ جو سر قلم ڪري ڇڏيائين.

بادشاهه ٽي ورهيه لڳاتار اهو ڪم ڪندو رهيو. هر رات هڪ دوشيزه سان شادي ڪندو هو ۽ صبح جو کيس مارائي ڇڏيندو هو. هاڻي عوام هن خلاف واويلا شروع ڪئي ۽ کيس پٽڻ شروع ڪيو ۽ الله کان دعائون گهرڻ لڳو ته بادشاهه ۽ سندس حڪومت کي تباه ڪري. عورتن پنهنجي سر هاءِ گهوڙا شروع ڪئي. مائرون روئڻ لڳيون ۽ والدين پنهنجون ڌيئرون وٺي ملڪ مان ڀڄڻ لڳا. ايستائين جو شهر ۾ شادي جي عمر جي ڪا نوجوان عورت بچي ئي نه.

هاڻي بادشاهه پنهنجي وزيراعظم کي پنهنجي دستور موجب ڪنواري عورت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هي اهو ئي وزير هو جنهن کي عورتن جا سر قلم ڪرڻ جو حڪم مليل هو. وزير ويو هليو ۽ وڃي ڳولها ڪيائين پر کيس ڪا به ڪنواري عورت نه ملي. تنهن ڪري هو ڏک ۽ پريشاني ۾ گهر آيو. کيس ڊپ هو ته بادشاه کيس مارائي ڇڏيندو. انهي وزير کي شهرزاد ۽ دنيازاد نالي ٻه ڌيئرون هيون. انهن مان وڏيءَ ڪتاب، تاريخون، اڳين بادشاهن جا قصا، ڪهاڻيون، مثال ۽ گذريل دور جي ماڻهن ۽ شين جا احوال پڙهيا هئا. چيو ٿي ويو ته هن قديم قومن ۽ اڳوڻن حڪمرانن جي تاريخن بابت هڪ هزار ڪتاب گڏ ڪيا هئا. هن فلسفي ۽ سائنس، علمن ۽ فنن جو اڀياس ڪيو هو. هوءَ تمام وڻندڙ ۽ خوش اخلاق، عقلمند ۽ حاضر جواب هئي. هن گهڻو پڙهيو هو ۽ سندس تربيت به سٺي انداز ۾ ٿي هئي.

هاڻي انهي ڏينهن هن پنهنجي پيءُ کي چيو ”آءٌ توهان کي ايترو بدليل ۽ پريشاني جي بار هيٺ دٻيل ڇو پئي ڏسان؟“ پوءِ وزير کيس اهي سڀ ڳالهيون کيس شروع کان آخر تائين ٻڌايون جيڪي هن ۽ بادشاهه جي وچ ۾ ٿيون هيون. انهي تي هن چيو: اي بابا! عورتن جو اهو قتلام آخر ڪيستائين جاري رهندو؟ ڇا آءٌ توهان کي پنهنجي ذهن ۾ موجود ڳالهه ٻڌايان جنهن سان ٻئي ڌريون تباهي کان بچي سگهن ٿيون؟ ”ڀلي ٻُڌاءِ اي منهنجي ڌيءُ!“ هن چيو. انهي تي سندس ڌي چيو: ”منهنجي مرضي آهي ته توهان منهنجي شادي بادشاهه شهريار سان ڪرايو. پوءِ يا ته منهنجي حياتي بچندي يا آءٌ به مسلمانن جي ڪنوارين ڌيئرن جو فديو ٿي انهن جي توهان ۽ بادشاهه جي هٿن کان نجات جو سبب بڻجنديس.“ ”توتي الله رحم ڪري“ وزير شديد ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي. اي ڪم عقل ڇوڪري! پنهنجي زندگي اهڙي خطري ۾ نه وجھ. توکي اها همٿ ڪيئن ٿي آهي جو مون سان اهڙيون ڏاهپ کان وانجهيل ۽ حماقت سان ڀريل ڳالهيون ٿي ڪرين؟ توکي خبر هئڻ گهرجي ته جنهن کي دنياوي معاملن جو تجربو گهٽ هوندو آهي اهو مصيبت ۾ ڦاسي پوندو آهي..... توهان کي اهو ڪم لازماً ڪرڻو پوندو. هن وچ ۾ ڳالهايو مون کي اهو چڱو ڪم ڪرڻ ڏيو. ڇڏيوس ته هو ڀلي مون کي ماري ڇڏي. آءٌ ٻين جي جان آزاد ڪرائي پاڻ موت قبولينديس.“ ”اي منهنجي ڌي!“ هن پڇيو انهي مان توکي ڪيئن فائدو ملندو؟ جڏهن ته تون پنهنجي زندگي تان هٿ کڻي چڪي هوندين؟ انهي تي ڇوڪري ورندي ڏني ”اي منهنجا بابا! ائين ضرور ٿيندو. ڀلي انهي جو ڪهڙو به نتيجو نڪري؟“

هاڻي وزير به واويلا ۽ بحث مباحثي مان بيزار ٿي پيو هو ۽ ڏٺائين پئي ته ڇوڪري ڪنهن به ريهڻ ريبڻ ۽ هر کائڻ ۾ نه ٿي اچي ته بادشاهه شهريار وٽ ويو ۽ آداب بجا آڻڻ ۽ هن جي سامهون زمين چمڻ کان پوءِ کيس پنهنجي ڌي سان شروع کان وٺي آخر تائين ٿيل بحث کان آگاهه ڪيائين ۽ کيس اهو به ٻڌايائين ته ايندڙ رات هو انهي ڌي کي وٽس آڻڻ گهر ٿو.

انهي تي بادشاهه تمام حيران ٿيو ڇاڪاڻ ته هن وزير جي ڌي لاءِ خاص رعايت ڏئي ڇڏي هئي ته انهي جي بادشاهه سان شادي نه ٿيندي. پوءِ وزير کي چيائين! اي منهنجا تمام ديانتدار مشير! اها ڳالهه ڪيئن ٿي؟ توکي خبر آهي ته مون جنتن کي خلقيندڙ ذات جو قسم کنيو آهي ته هن رات کان پوءِ ايندڙ صبح جو آءٌ توکي چوندس ته هن کي وٺي وڃ ۽ کيس قتل ڪري ڇڏ! ۽ تون جيڪڏهن انهي کي قتل نه ڪندين ته آءٌ انهي جي بجاءِ توکي قتل ڪري ڇڏيندس.“ ”الله توهان جا درجا بلند ڪري ۽ توهان جي حياتي وڌائي! اي هن دور جا بادشاهه!“ وزير جواب ڏنو، هن پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي. مون کيس اهي سڀ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون آهن. پر اها منهنجي ڪابه ڳالهه نه ٿي ٻڌي ۽ سندس اصرار آهي ته هو ايندڙ رات بادشاهه  سلامت سان گڏ گذاريندي. انهي تي شهريار تمام خوش ٿيو ۽ چيائين ”اها سٺي ڳالهه آهي. وڃ ۽ کيس تيار ڪر ۽ هن رات کيس مون وٽ وٺي اچ.

پوءِ شهرزاد پنهنجي ننڍي ڀيڻ دنيا زاد کي چيو: آءٌ جيڪي هدايتون توکي ڏيان ٿي اهي غور سان ٻڌ. آءٌ جڏهن بادشاهه وٽ وينديس ته پٺيان توکي گهرائي وٺنديس. پوءِ تون جڏهن مون وٽ اچين ته مون کي چئجان ادي تون ننڊ نه ڪر، مون کي ڪا نئين، وڻندڙ ۽ دلچسپ اکاڻي ٻڌاءِ جيئن اسين جيڪو وقت سجاڳ آهيون اهو سٺي نموني گذاري سگهون! پوءِ آءٌ توکي هڪ اهڙِي ڪهاڻي ٻڌائينديس جيڪا الله چاهيو ته اسان جي نجات جو سبب بڻبي ۽ بادشاه کي پنهنجي خونخوار ريت کان بچائيندي.

جڏهن شام ٿي ته وزير پنهنجي ڌي کي وٺي بادشاهه جي حاضري ۾ ويو جيڪو تمام خوش ٿيو. پر جڏهن هو ڇوڪري کي وٺي وڃڻ لڳو ته هن روئڻ شروع ڪيو.ا نهي تي هن ڇوڪري کان پڇيو: توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ هن وراڻيو ”اي منهنجا بادشاه! مون کي هڪ ننڍڙي ڀيڻ آهي. آءٌ انهي کان موڪلائڻ گهران ٿي. انهي تي بادشاهه دنيا زاد کي گهرائي ورتو. هو اچڻ سان پنهنجي ڀيڻ جي ڇاتي کي چنبڙي پئي ۽ پوءِ بستري جي پاسي کان سمهي پئي.

اڌ رات ٿي ته شهرزاد جاڳي ۽ پنهنجي ڀيڻ کي اشارو ڪيائين. هوءَ به اٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي: مون کي ڪا نئين دلچسپ ۽ وڻندڙ آکاڻي ٻڌاءِ جيئن اسين رات جو باقي وقت گذاري سگهون. ”اتفاق سان بادشاهه کي به ننڊ نه پئي آئي ۽ بي آرامي پئي محسوس ڪيائين تنهن ڪري هو به آکاڻي ٻڌڻ جي تجويز تي خوش ٿيو. ”چڱو ڀلاءِ ٻڌا.“ هن شهرزاد کي چيو. انهي تي شهرزاد خوش ٿي ۽ اهڙي طرح هڪ هزار هڪ راتين مان پهرئين تي هن واپاري ۽ جن جي ڳالهه ٻڌائي.

اها ڪهاڻي اسان تائين پهتل سڀني ترجمن ۾ سڀ کان اڳ اچي ٿي. انهي جو اختصار ڏجي ٿو: انهي ۾ هڪ امير واپاري جي ڳالهه ٻڌايل آهي جيڪو سفر تي وڃي ٿو ۽ هڪ ڏينهن هن جڏهن هڪ وڻ هيٺان ويهي کارڪون پئي کاڌيون ته انهن جون کوکڙيون پٺيءَ پٺيان اڇلائيندو پئي ويو. انهن مان ڪجھ وڃي هڪ خوفناڪ جن جي پٽ جي سيني تي لڳيون ۽ هو بدقسمتي سان مري ويو. انهي تي جن اچي واپاري کي ڌمڪايو ته هو کيس اُتي جو اتي ماري ڇڏيندو. واپاري کيس عرض ڪيو ته هو کيس ڪجھ مهلت ڏئي جيئن هو گهر وڃي پنهنجا معاملا درست ڪري سگهي. انهي کان پوءِ هو موٽي ايندو ۽ پنهنجي مقدر کي منهن ڏيندو. جِنُ انهي تي راضي ٿي ويو. انهي کان پوءِ جڏهن واپاري اتي واپس اچي جن جو انتظار ڪري رهيو هو ته اتي ٽي شيخ اچي پهتا. جن سڀني واپاري جي ڳالهه ٻڌي ۽ سندس بدبختيءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو. آخرڪار انهن هڪ رٿ رٿي جنهن سان هو شايد بچي وڃي. آخرڪار جڏهن جن ظاهر ٿيو ته انهن کيس تجويز ڏني ته هو ٽئي هڪ هڪ آکاڻي ٻڌائيندا. اها جيڪڏهن کيس وڻي ته هو انعام طور واپاري جي رت جو ٽيون حصو انهن کي ڏئي. جن انهي تي راضي ٿي ويو. اڃا پهرئين ڳالهه اڌ ۾ هئي جو چالاڪ شهرزاد ڏٺو ته باک ڦٽي رهي هئي ۽ اٽڪل ڪري ماٺ ٿي وئي. سندس ڀيڻ کيس ڳالهه جاري رکڻ تي زور ڀريو انهي تي هن وراڻي ڏني ته هو پاڻ ڳالهه پوري ڪرڻ گهري ٿي پر هو تڏهن پوري ڪندي جڏهن بادشاهه کيس ايندڙ رات تائين زنده ڇڏي.

اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه پنهنجي منهن ڳالهايو: ”الله جو قسم آءٌ کيس ايستائين قتل نه ڪندس جيستائين آءٌ سندس وات مان سندس ڳالهه جو باقي حصو نه ٻڌان“. پوءِ بادشاهه ۽ شهرزاد رات جو باقي حصو هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ گذاريو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن وزير محلات ۾ پهتو ته حيران رهجي ويو ڇو ته هن کي پڪ هئي ته سندس ڌي قتل ٿيندي ۽ هن انهي لاءِ ڪفن پڻ آندو هو. هاڻي اهو طريقو شروع ٿيو ته هر روز هلندو رهيو تان جو شهرزاد مان بادشاهه کي پٽ ڄائو. تڏهن هن همٿ ڪري بادشاهه کي پنهنجي اٽڪل کان آگاهه ڪيو. هو سندس ذهانت مان ايترو ته خوش ٿيو جو سندس جان بخشي ڪري ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجي دلپسند زال ڪري ڇڏيائين.

شهرزاد اهي ڪهڙيون آکاڻيون ٻڌايون جو سندس سر سلامت رهيو؟ لڳي ٿو ته اُهي ڪهاڻيون اهي نه آهن جيڪي موجوده مجموعي ۾ شامل آهن سواءِ شروع واري ڪهاڻي جي جنهن سان هڪ طريقو ٺهي پيو. لڳي ٿو ته اهو مجموعو هڪ صدي کان ٻي صدي ۽ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ تبديل ٿيندو رهيو آهي. انهن جو سهيڙيندڙ پنهنجي ذوق يا سهوليت مطابق ڪي ڪهاڻيون خارج ڪندو ۽ ڪي شامل ڪندو رهيو آهي. اهو سلسلو تڏهن وڃي رڪيو جڏهن گالنڊ جو فرانسي ترجمو ڇپيو. تنهن کان پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته انهن جو متن حتمي صورت ۾ آيو آهي.

هن مجموعي جون ڪجھ تمام مشهور ڪهاڻيون سڀ کان قديم مخطوطن ۾ ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن. انهن ۾ علادين ۽ جادوئي ڏيئي ۽ علي بابا ۽ چاليهن چورن جون ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون. هارون الرشيد هڪ حقيقي تاريخي ڪردار آهي جيڪو ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ نظر اچي ٿو. هن 786ع کان 809ع ۾ پنهنجي وفات تائين خليفي جي حيثيت ۾ مسلمان دنيا تي حڪومت ڪئي. در حقيقت ايترين ته گهڻين ڪهاڻين جو محل وقوع خليفن جي گادي جي هنڌ ۾ آهي جو اهو انومان ڪڍيو ويو آهي ته انهن جو بنيادي ماخذ ڪهاڻين جو ڪو اهڙو ڪتاب هوندو جيڪو بغداد ۾ انهي جي تمام وڏي خوشحالي جي دور ۾ سهيڙيو ويو هوندو.

الف ليليٰ جي هڪ نمايان خصوصيت انهن جو شهواني رنگ آهي. اهو ئي سبب آهي جو انهن کي مشرق ۾ شائسته ادب سان لاڳاپيل نه ٿو سمجھيو وڃي. انهن کي اهڙي قسم جي ڪا شي سمجهيو وڃي ٿو جنهن مان مرد ماڻهو بازار ۾ چانهه يا قهوو پيئڻ وقت هڪ ٻئي کي ويهي وندرائين. سر رچرڊ برٽن پنهنجي مترجم واري مهاڳ ۾ انهي جي عالمي مقبوليت ۾ انهي رڪاوٽ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. هن انهي سادي، معصوم ۽ ٻارن جھڙي ناشائستگي ۾ فرق ڪيو آهي جيڪا الجزائر کان جاپان تائين ادنيٰ ۽ اعليٰ طبقي جي عام گفتگو ۾ نظر اچي ٿي. هو انهي کي درگذر جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ کليل بي حيائي، مذاق ۽ کل ڀوڳ کي سختي سان نندي ٿو.

بهرحال مجموعي طور اسان کي برٽن جي انهي راءِ سان متفق ٿيڻو پوندو ته! الف ليليٰ جو عام رنگ تمام اعليٰ ۽ پاڪ صاف آهي. انهن ۾ موجود عقيدتمندي وارو جوش جذبو گهڻو ڪري شدت پسندي جي نقطي تي پهچي وڃي ٿو. انهن جي ڪيفيت مٺڙي، گهري، اصلي، نرم، سادي ۽ سچي آهي. ذهني رويو به مضبوط ۽ صحتمند آهي. انهي جون ڪهڙيون به خاميون هجن (هر پڙهندڙ پنهنجي لسٽ ٺاهيندو) پر عجيب غريب مهم جوئين ۽ سامونڊي سفرن، اخلاقي ۽ تاريخي واقعن، جانورن جي آکاڻين، فلسفياڻين ۽ مذهبي بحثن ۽ وڏي محبتي عنصر وارن عشق معاشقي جي آکاڻين جي انهي غير معمولي مشرقي مجموعي نسلن کان وٺي مشرق ۽ مغرب جي پڙهندڙن کي لطف اندزو پئي ڪيو آهي ۽ اعتماد سان اميد ڪري سگهجي ٿي ته اهو ايندڙ نسلن کي به لطف اندوز ڪندو رهندو.

23. رابسن ڪروسو

-- ڊينيئل ڊيفو--

 

لنڊن جي هڪ واپاري جو پٽ ڊينيئل ڊيفو 1660ع ۾ ڄائو ۽ جڏهن پنهنجو لازوال رابنسن ڪروسو لکيائين تڏهن سندس عمر لڳ ڀڳ 60 ورهيه هئي. انهي کي سموري دنيا ۾ ويران ٻيٽن وارين آکاڻين ۾ سڀ کان بهترين مڃيو وڃي ٿو. کيس نيونگٽن گرين ۾ ريورنڊ چارلس مورٽن جي مذهبي اختلاف رکندڙ اڪيڊمي ۾ سٺي تعليم ڏني وئي ۽ جيتوڻيڪ کيس مذهبي نوڪري ۾ موڪلڻ جا سانباها هئا پر هن واپار جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

هن 24 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ امير واپاري جي ڌيءَ سان شادي ڪئي جنهن ڏاج ۾ 3700 پائونڊ آندا. هن هڪ ورهيه جي اندر ئي ڪنهن مهم جوئي جي ڳولها ۾ مون مائوٿ واري بغاوت ۾ حصو ورتو. اتان واپسي تي هو مالي مشڪلاتن ۾ پئجي ويو ۽ ڪجھ عرصو قرضين جي جيل ۾ رهڻ کان پوءِ ٽل بري ۾ سرن ۽ ٽائيلن جو دڪان کوليائين. پوءِ صحافت ڏانهن ڦرندي هن ڪيترائي پمفليٽ لکيا جن مان هڪ ”The Shortest Way with Dissenters“ جي سبب هو وري جيل ۾ پئجي ويو.

ڪيتريون ئي متفرق شيون لکڻ کان پوءِ هن رابنسن ڪروسو لکيو جيڪو فوراً ڪامياب ٿي ويو. انهي کان پوءِ هن ڪيتريون ئي ٻيون دلچسپ آکاڻيون لکيون.

هو هڪ تمام سرگرم صحافي هو، سندس حافظي مان ڪا به ڳالهه وسرندي نه هئي ۽ سندس اک تمام ننڍيون ڳالهيون به نوٽ ڪري وٺندي هئي. هو پنهنجين سڀني آکاڻين کي حقيقت جي تمام ويجھو ڪري ڇڏيندو هو. جيئن رابنسن ڪروسو مان پڻ نظر ايندو هن کي هر ڪردار جي اندر ۾ داخل ٿي وڃڻ جو ڏانء هو ۽ انهن جي واتان هو پنهنجا بيان ادا ڪرائيندو هو. انهي ڪري ئي اليگزينڊر پوپ چيو هو ته: هن جيڪو ڪجھ لکيو آهي انهن سڀني ۾ ڪانه ڪا سٺي ڳالهه موجود هوندي آهي.

ڊيفو جي هٿن مان جيتوڻيڪ تمام گهڻي دولت آئي وئي پر مرڻ وقت هو بلڪل سُڃو هو.

جوان توڙي پوڙهن پڙهندڙن جي اڪثريت لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اصلي ڪهاڻي انهي وقت شروع ٿئي ٿي جڏهن ڪروسو هڪ حادثي جو شڪار سامونڊي جهاز مان اڪيلو بچي ٿو ۽ جيئن تيئن ڪري هڪ اهڙي ٻيٽ تي پهچي ٿو جيڪو ايندڙ اٺاويهن ورهين تائين سندس سموري ڪائنات رهي ٿو. پڙهندڙ انهي کان پوءِ انهي تباه حال پر هٿن سڄي مسافر جي هر اُلڪي، پريشاني توڙي مهم جوئي ۾ شامل رهي ٿو. انهي کان پوءِ هو سندس سمورن جذبن ۽ اڌمن، سندس تمام اندروني خيالن، سندس ڊپن، سندس اميدن، سندس نراسائين، اڪيلائي خلاف سندس اڻ کٽ جنگين، فطري حالتن سان سندس مقابلن واري ڏکيائين ۽ خطرن تي ڪاميابين ۽ آخرڪار انهي ٻيٽ تان نڪرڻ تي سندس بي انتها خوشي ۾ شريڪ رهي ٿو.

ڪروسو ٻيٽ تي پير رکڻ وقت تمام ڊنل آهي. هن وٽ هڪ چاقو، تماڪ جي پائيپ ۽ هڪ دٻلي ۾ ٿوري تماڪ کان سواءِ ڪجھ به نه آهي.

هو جهاز جي ڀڳل ڍانچي ڏانهن تري وڃي ٿو ۽ پاڻ کي هر ڪارآمد شي سان ليس ڪرڻ شروع ڪري ٿو. هو اتان سامان کڻي اچڻ لاءِ بنڊن جو هڪ تُرهو ٺاهي ٿو ۽ ان تي سڀ کان پهريان کاڌي پيتي جون شيون رکي ٿو: ماني، چانور، پنير، ڪجھ ٻاڪرو گوشت ۽ مڪئي. هو ڪيپٽن جي اسٽاڪ مان شراب کڻي ٿو. پوءِ ڪپڙا ۽ اوزار گڏ ڪري ٿو. هو ڏاڍي عقلمندي سان اهو سوچي ٿو ته ڊکاڻڪي سامان جي پيتي هن لاءِ سون کان وڌيڪ قيمتي آهي. انهي کان پوءِ هو هٿيارن ۽ بارود ڏانهن توجه ڏئي ٿو.

پوءِ هو ڪناري تي موٽي ٿو ۽ پنهنجي علائقي جي تڪڙي چڪاس لاءِ هڪ ٽڪري تي چڙهي وڃي ٿو. اتي هو ڏسي ٿو ته سمورو ٻيٽ غيرآباد آهي. هو پنهنجي ٻئي رات لاءِ کوکن ۽ سامان جي آڏ ڏئي هڪ قسم جو جھوپڙو ٺاهي ٿو.

هو ڀڳل جهاز ڏانهن بار بار اچي وڃي پنهنجي متفرق سامان ۾ واڌارو ڪندو وڃي ٿو. هن وٽ ڪوڪا، بارود، سڙهن جو ڪپڙو، قينچيون، چارٽ، نوڙ، چاقو، ڪانٽا، پاڪيون، رسيون ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ گڏ ٿي ويو آهي.

انهي کان پوءِ کيس اها اُون ٿئي ٿي ته هو هڪ ننڍي غار جي سامهون هڪ تنبو هڻي. هو انهي پناهه گاهه کي مضبوط ڪلن جي ٻن اڌ گولن ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو. هو سمجهي ٿو ته انهي قلعي جي اندر هو آرام سان ننڊ ڪري سگهي ٿو.

هو آهستي آهستي ڏاڍي محنت سان پنهنجي غار کي وڏو ڪندو وڃي ٿو. هو اتان نڪتل مٽي ۽ پٿرن کي هڪ ننڍو ٿلهو ٺاهڻ لاءِ ڪم آڻي ٿو. هڪ دفعو اوچتو وڄ جي چمڪاٽن سان طوفان آيو ته هن جو ڌيان پنهنجي بارود ڏانهن ويو هليو. تنهن ڪري هن اهو بنا دير جي ننڍڙين ڳوٿرين ۽ دٻلن ۾ ورهائي ڇڏيو.

ٻه هفتا گذرڻ کان پوءِ کيس خيال آيو ته هو انهي ٻيٽ تي لهڻ جي تاريخ 30- سيپٽمبر 1659ع هڪ ٿڙ تي لکي ڇڏي. پر پوءِ هو ڏينهن، هفتن ۽ مهينن جو رڪارڊ رکڻ لاءِ ٿڙ تي ڏندا ڪڍندو وڄي ٿو.

سندس جهاز تان آندل گڏ وچڙ سامان ۾ قلم، مس، ڪاغذ، ٽي يا چار قطب نما، حسابي اوزار، چارٽ، نيويگيشن جا ڪتاب ۽ ٽي بائيبل آهن. هو جهاز جو ڪتو ۽ ٻه ٻليون به کڻي آيو آهي.

هو ڊائري لکڻ شروع ڪري ٿو ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي حالت جي هڪ قسم جي بيلينس شيٽ ٺاهي ٿو. هو انهي ۾ فيلسوفاڻي انداز ۾ لکي ٿو ته هر برائي مان ڪنهن قسم جو فائدو ملي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ” هڪ خوفناڪ اڪيلي ٻيٽ“ تي اڪيلو آهيان، هو سوچي ٿو، ”پر آءٌ زنده آهيان ۽ پنهنجي جهاز جي ٻين ماڻهن وانگر ٻڏي مري ته نه ويو آهيان“. ۽ جنهن مون کي معجزاڻي نموني موت کان بچايو آهي اهو مون کي هتان به ڪڍي سگهي ٿو...

هو زلزلي جي لوڏن ۽ شديد طوفان کي به منهن ڏئي ٿو. انهي کان پوءِ بخار کيس ڪيرائي وجھي ٿو. هو رَم ۾ ٻڏل تماڪ سان پنهنجو علاج ڪري ٿو. پر هو آهستي آهستي پوڄا ڪرڻ به شروع ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هو هيستائين ڪو مذهبي ماڻهو نه رهيو آهي. هو زندگي جي اسرار تي سوچ ويچار ڪري ٿو ۽ جهاز تان آندل هڪ بائيبل ڪڍي ٿو ۽ روزانو انهي جو اڀياس ڪري ٿو. بخار ختم ٿيڻ کان پوءِ هن جي دل ۾ اهو ڪم ڪرڻ جي چاهت پيدا ٿئي ٿي جيڪو هن اڳ ۾ ڪڏهن نه ڪيو هو. هو گوڏن ڀر جھڪڻ ۽ پوڄا جي ذريعي مهرباني مڃڻ گهري ٿو.

هن کي جڏهن ٻيٽ تي ڏهه مهينا گذري وڃن ٿا ته هن ۾ ڪجھ همٿ پيدا ٿئي ٿي ته هو ڪجھ ڳولها ڦولها ڪري. هو هڪ اهڙي سرسبز علائقي ۾ پهچي ٿو جتي هر شي سائي آهي ۽ انهي جي وچ ۾ هڪ تازي پاڻي جو چشمو آهي. هو ليما ۽ انگور گڏ ڪندي انهي خيال مان خوشي محسوس ڪري ٿو ته هو سموري ٻيٽ جو حاڪم آهي. اها ماٿري کيس ايتري ته وڻي وئي جو هو گهڻو وقت اتي گذاري ٿو ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪ قسم جو ننڍڙو وڻن جو جهڳٽو ٺاهي ٿو ۽ انهي کي ڪجھ فاصلي تي اوچو لوڙهو ڏئي ٿو. هو اهو سوچي پاڻ کي ريجھائي ٿو ته هاڻي هن وٽ سمنڊ ڪناري گهر هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻهراڙي وارو گهر به آهي. هاڻي سندس حوصلو بلند آهي.

ڪروسو ٻيٽ تي لهڻ جي پنهنجي پهرئين سالگرهه تي روزو رکي ٿو ۽ گهڻو وقت پوڄا ۾ گذاري ٿو.

هاڻي کيس پاڻ تي گهڻو اعتماد ٿي ويو آهي ۽ ٻيٽ جي هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين سروي جي رٿا ٺاهي ٿو. هو بندوق، ڪهاڙي، ڪتو ۽ چڱو خاصو سيڌو سامان به پاڻ سان گڏ کڻي ٿو. هو جڏهن پرئين ڀر واري ڪناري تي پهچي ٿو ته کيس ڪجھ فاصلي تي زمين نظر اچي ٿي پر سندس خوشي وقتي ثابت ٿئي ٿي کيس ڪنهن نامعلوم ڳالهه جو ڊپ ورائي وڃي ٿو ۽ کيس اهو به ڊپ ٿئي ٿو ته شايد افق تي نظر ايندڙ ڌرتي تي ڪي وحشي رهندا هجن تنهن ڪري هو پاڻ کي يقين ڏياري ٿو ته چڱو ٿيو جو هو اتي پري ويٺو آهي.

حقيقت ۾ کيس اها ڳالهه کُکي ٿي ته سندس مکيه اڏي کان هي پاسو وڌيڪ خوشگوار آهي. ڇاڪاڻ ته اتي ٻنيون ۽ ٻيلا ۽ گل ۽ گاهه جا ميدان آهن. ٻيلا طوطن سان ڀريا پيا آهن ۽ هو انهن مان هڪ ٻچڙو انهي ارادي سان کڻي ٿو ته هو انهي کي ڳالهائڻ سيکاريندو. انهي کوجنائي سفر ۾ هو هر روز ٻه ميل اڳتي وڌي ٿو ۽ عام طور وڻن ۾ سمهي ٿو. هو ڪميون، پينگئن ۽ هر قسم جا پاڻين جا پکي ڏسي ٿو. هو قسمين قسمين کاڌن مان لطف اندوز ٿئي ٿو. ٻاڪرو گوشت، ڪميون، ڪبوتر، انگور ۽ ٻيو افروٽ کائي ٿو. هو پنهنجي سروي ۾ سامونڊي ڪناري جي ٻارنهن ميلن جي چڪاس ڪري ٿو ۽ پنهنجي سفر جي حد جي نشاني طور هڪ لڪڙو کوڙي ٿو ڇڏي جيئن ايندڙ سفرن مان انهي مان رهنمائي ملي.

واپسي تي کيس هڪ ٻيو پالتو جانور هڪ ٻڪري جو ٻچڙو ملي ٿو. هو انهي لاءِ هڪ پٽو ٺاهي ٿو.

جهاز جي ٻيڙي جي مرمت جي بيسود ڪوشش کان پوءِ هو هڪ ڍونڍي ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ٿو. پر انهي ڪم ۾ سندس ارادا تمام وڏا ٿي وڃن ٿا ۽ اها ايتري ته وڏي ۽ ڳري ٿي وڃي ٿي جو هو انهي کي پاڻي ۾ نه ٿو لاهي سگهي.

سال گذرندا ٿا وڃن. سندس ڪپڙا ڳري وڃن ٿا. هو انهن کان سواءِ گذارو ڪري وڃي ها پر کيس تيز اس کان بچاء جي ضرورت آهي. هو پنهنجي شڪار ڪيل جانورن جي کلن مان جڳاڙ ڪري هڪ ڇٽي ٺاهي ٿو ۽ ڪنهن قسم جا ڪپڙا به ٺاهي وٺي ٿو. وري ٽوڪ ڪندي چوي ٿو ته هو جيڪڏهن خراب واڍو آهي ته بدتر درزي آهي. هن جي پاڻ تي کلڻ جي صلاحيت به سندس حوصلو بلند رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

بهرحال سندس واڍڪي ڪم ۾ ايتري بهتري اچي وڃي ٿي جو هو هڪ ننڍي سڙهن واري ڍونڍي ٺاهي وڃي ٿو.

ڪروسو ڪڏهن به بيڪار نه ٿو ويهي. سدائين ڪانه ڪا شي ٺاهيندو رهي ٿو. ڪڏهن چِکَ ڪڏهن ٽوڪرا ته ڪڏهن ڪو فرنيچر. هو مڪئي پوکي ٿو، پنهنجون شيون ڪفايت سان ڪم آڻي ٿو ۽ ڄار ذريعي شڪار به ڪري ٿو جو هو سمجھي ٿو ته ڪنهن ڏينهن سندس بارود ختم ٿي ويندو ۽ کيس اهو طريقو ئي ڪم ايندو.

پوءِ سندس دلچسپ دريافتي ۽ مهم جوئي جي تاريخ جي وچ ۾ هڪ ڊرامائي لمحو اچي ٿو ۽ هو سمنڊ جي ڪناري تي هڪ انسان جي اگهاڙي پير جو نشان ڏسي ٿو. کيس ٻيو ڪو نشان نظر نه ٿو اچي. ”آءٌ ائين بيهي رهيس جيئن نه ڪنهن تي وڄ ڪري پئي هجي يا جيئن مون ڪو جن ڀوت ڏٺو هجي.... مون ڪن ڏئي ٻڌو ۽ پنهنجي چوطرف نهاريو مون کي ڪجھ به ٻڌڻ ۾ نه آيو نه ئي مون ڪا شي ڏٺي... آءٌ جڏهن پنهنجي قلعي وٽ پهتس... ته مون انهي ڏانهن ائين ڊوڙ وٺي پاتي جيئن نه ڪنهن جي پٺيان ڪو لڳل هجي.... مون کي انهي رات ننڊ نه آئي.....“

اهو واقعو کيس ڊيڄاريندڙ خيالن سان ڀري ٿو ڇڏي. ”ڪڏهن مون کي ڊپ لڳندو هو ته اهو ڪو جن ڀوت هوندو...“ سندس ڊپ سندس دل مان مذهبي اميد به ختم ڪري ٿو ڇڏي ايستائين جو اوچتو کيس بائيبل جا لفظ ياد اچن ٿا: ”مصيبت جي وقت ۾ مون کي ياد ڪريو“.

هو دل سان دعا گهري ٿو ۽ جتان اچيس ٿو بائيبل کولي پڙهڻ شروع ڪري ٿو: ”خداوند جو انتظار ڪريو ۽ ورچجي نه وڃو، هو توهان جي دل کي مضبوط ڪندو...“ هو لکي ٿو ته پوءِ سندس پريشاني ختم ٿي وئي. گهٽ ۾ گهٽ ”انهي موقعي تي“. انهي جي باوجود به هو ٽي ڏينهن اندر رهيو.

هو پنهنجن جانورن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪا مناسب جاءِ ڳولهي رهيو هو ته کيس هڪ اڃا وڌيڪ خوفناڪ ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي. سمنڊ جي ڪناري جي هڪ پٽي تي انساني گوشت، هڏين، کلن جا ذرا اپکڙيا پيا هئا. اها ڳالهه ڏسي هن جي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته هو ڪنهن ٽڪري تي ڪا لڪڻ جي جاءِ ڳولهي جتان هو آسپاس جي علائقي تي نظر رکي سگهي انهي جي نتيجي ۾ هو هڪ ويڪري غار تي اچي پهتو جنهن جي ڇت ويهه فوٽ اوچي هئي. هن پنهنجن هٿيارن جو وڏو حصو تڙ تڪڙ ۾ اوڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.

پوءِ هڪ ڏينهن کيس باهين جي روشني نظر آئي ۽ کيس پنهنجي ٽڪريء تان محفوظ جاءِ مان نو اگهاڙا ماڻهو نظر آيا جيڪي هڪ گول ۾ ويٺا ضيافت کائي رهيا هئا. انهن جون ٻه ڍونڍيون ڪناري تي ڇڪيون بيٺيون هيون. وير لهڻ وقت جڏهن هو روانا ٿي ويا ته هن وڃي جاءِ جي چڪاس ڪئي ۽ گوشت ۽ هڏن ۽ رت جا نشان ڏسي سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳي.

هڪ ٻي رات جو هن سمنڊ جي ڪناري تي بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌا. کيس شڪ ٿيو ته اهي ڪنهن مصيبت ۾ ڦاٿل جهاز تان پئي آيا. هن هڪ مچ ٻاريو ۽ کيس صبح جو پٿرن وٽ هڪ ٽٽل جهاز جا آثار نظر آيا. هن کي ڪنهن سنگتي ساٿي جي ايتري ته شديد طلب هئي جو هو اميد ڪرڻ لڳو ته جيڪر انهي جي عملي مان ڪو هڪ ماڻهو ئي بچي ويو هجي. پر اتي زندگي جا ڪي آثار نه هئا ۽ فقط جهاز جي هڪ نوڪر جو لاش ڪناري تي اڇلجي آيو هو. سندس کيسي ۾ ٻن سڪن ۽ تماڪ جي پائيپ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه هو. ڪروسو لکي ٿو ۽ چوي ٿو ته: ”ٻئين شي مون لاءِ پهرين شين کان ڏهوڻ تي وڌيڪ قيمتي هئي.

پنهنجي ننڍڙي ڍونڍي ۾ ڀڳل جهاز تائين پهچڻ ۾ کيس 2 ڪلاڪ لڳي ويا. اتي کيس هڪ اسپيني جهاز نظر آيو جنهن جو اڳيون حصو ٽڪرا ٽڪرا لڳو پيو هو. هن جهاز جو ڪتو ۽ ڪجھ ٻيون شيون جهڙوڪ شراب، ڪٽليون، ديڳڙا، بارود رکڻ لاءِ سڱ مان ٺهيل شيشو، ڪجھ سون ۽ ڪپڙا کنيا. هن ٻڏل خلاصين جي پيرن مان جوتن جا ٻه جوڙا به لاهي ورتا.

انهي کان پوءِ هو پنهنجي پراڻي دستور تي هلندو رهيو پر هاڻي البت وڌيڪ احتياط ڪرڻ لڳو. پوءِ هن ڊرامائي انداز ۾ هڪ نوجوان مقامي ماڻهو کي بچائي ورتو جيڪو ٻن آدمخورن کان ڀڄي رهيو هو. هو جيئن پنهنجي بچائيندڙ آڏو مهرباني جي احساس طور گوڏن ڀر جھڪيو پيو هو ته ڪروسو سوچڻ لڳو ته کيس آخرڪار هڪ ساٿي ملي ويو آهي. هن کيس فرائيڊي جو نالو ڏنو. ڇاڪاڻ ته اهو ڏينهن به فرائيڊي جو هو. هن کيس سولا لفظ سيکارڻ شروع ڪيا.

فرائيڊي به ڏاڍو خوش طبع ماڻهو آهي. هو جلدي سکي وٺي ٿو. ڪروسو کيس تمام سٺو ٻاڪرو گوشت پچائي کارائي ان مان آدمخوري واريون عادتون ڪڍي ٿو ۽ جيئن جيئن سندس لفظن جو ذخيرو وڌندو وڃي ٿو ڪروسو سندس مذهبي تعليم جو ڪم به هٿ ۾ کڻي ٿو. فرائيڊي جا تکا سوال ڪڏهن ڪڏهن استاد کي به منجھائي ڇڏين ٿا ۽ ڪروسو اها ڳالهه تسليم ڪري ٿو ته سندس معصوم ساٿي جي سوالن جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ۾ سندس پنهنجن مذهبي خيالن ۾ پڻ پختگي آئي. هو فرائيڊي لاءِ ڪپڙا پڻ ٺاهي ٿو ۽ کيس پنهنجي درزڪي ڪم ۾ بهتري نظر اچي ٿي.

اهي هڪ ٻي ڍونڍي ٺاهڻ ۾ لڳي وڃن ٿا پر ڪي ٻيا آدمخور انهن جي ٻيٽ تي اچن ٿا. ڪروسو ۽ فرائيڊي بندوقن، پستولن، تلوارن ۽ ڪهاڙين سان ليس ٿي ٻاهرين کي ڀڄائي ڇڏين ٿا ۽ اهي ٻه قيدي به پڪڙين ٿا. انهن مان هڪ اسپيني گذريل ڀڳل جهاز تان بچيو آهي ۽ ٻيو فرائيڊي جو پيءُ نڪري پئي ٿو. ”مون پاڻ کي رعيت جي لحاظ کان سگهارو محسوس ڪيو“ ڪروسو لکي ٿو ”۽ اها ڏاڍي خوشگوار سوچ هئي“.

اسپيني فرائيڊي جي پيءُ سان ڪجھ ٻيا بچي ويل ماڻهو ڇڏائڻ نڪري وڃي ٿو. انهن جي غير حاضري ۾ هڪ انگريز جهاز ٻيٽ وٽ لنگر انداز ٿئي ٿو ۽ هڪ ٻيڙي موڪلي ٿو. ڪروسو کي ڪا اندروني ٻوجھي چتاء ڏئي ٿي ته هو لڪيل رهي. اهو چڱو ٿيو ڇاڪاڻ ته جهاز مان اٺ سامونڊي لٿا جن وٽ ٽي هٿ پير ٻڌل قيدي هئا. جڏهن قيد ڪندڙ جهنگ ۾ ٽڙي پکڙي ويا ته ڪروسو ۽ فرائيڊي قيدين جي ويجھا ويا ۽ ڏٺائون ته انهن مان هڪ جهاز جو ڪيپٽن ٻيو فرسٽ ميٽ ۽ هڪ مسافر هو. اهي جهاز تي ٿيل بغاوت جا شڪار هئا. ڪروسو انهن سڀني کي هٿيار ڏنا ۽ انهن باغين جي اڳواڻن کي قتل ۽ ٻين کي قيد ڪري ڇڏيو. پر لنگر انداز ٿيل جهاز ۾ اڃا 26 باغي موجود هئا. جڏهن جهاز تان ڪجھ وڌيڪ ماڻهو چڪاس لاءِ ڪناري تي آيا ته ڪروسو انهن کي ڪنهن حرفت سان ٻيٽ تي اندروٺي ويو ۽ ٻين تي ڪنٽرول ٿي ويو. اهڙي طرح سڀني باغين کي هڪ هڪ ڪري ٻڌيو ويو ۽ ڪروسو آخرڪار سڙهه کڻي انگلينڊ روانو ٿيو، هن پنهنجي ڊگهي اڪيلائي جي نشاني طور پنهنجي ٻڪري جي کل جي ٽوپي، ڇٽي، پنهنجو هڪ طوطو ۽ اسپيني ڀڳل جهاز مان هٿ آيل پئسا کنيا. اهي پئسا آخرڪار لڳو ٿي ته ڪنهن ڪم جا ٿيندا. هو لکي ٿو ته هو ڊسمبر 1686ع ۾ روانو ٿيو. تڏهن کيس ٻيٽ تي لٿي 28 ورهيه 2 مهينا ٿيا هئا. هو ڊگهي سفر کان پوءِ فرائيڊي سان گڏ اهڙي طرح انگلينڊ پهتو ڄڻ ته هو سموري دنيا لاءِ اجنبي هجي ۽ اتي ڪير هن جو ڪو واقف ئي نه هجي.“

انهي ڳالهه جي پڪ نه آهي ته رابنسن ڪروسو کان وڌيڪ ڪنهن ڪتاب جا ٻين ٻولين ۾ ترجما ٿيا هوندا يا انهي کان وڌيڪ ڇاپا نڪتا هوندا. اهو هڪ نه ٻي شڪل ۾ اڍائي سو سالن کان وڏي شوق سان پڙهيو پيو وڃي. هر پڙهندڙ ڊيفو جي قلم جي جادو ۾ منڊجي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته جيئن ليکڪ پاڻ کي اليگزينڊر سلڪرڪ وانگر ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي تيئن هر پڙهندڙ به پاڻ کي رابنسن ڪروسو سمجھي ٿو. اليگزينڊر سلڪرڪ هڪ اسڪاٽلينڊي ماڻهو هو جنهن جو جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو هو ۽ هو هڪ ٻيٽ تي اچي پيو هو. ڊيفو پنهنجي لازوال شاهڪار جو بنياد انهي جي سچن واقعن تي رکيو آهي.

مڪمل ناول جيتوڻيڪ تمام ڊگهو آهي. پر ڊيفو جي سادي ۽ سڌي اسلوب انهي کي پڙهڻ ۾ سولو ڪري ڇڏيو آهي. انهي کان سواءِ جيئن ڪنهن ويران ٻيٽ ۽ اتي ڪنهن انسان پاران فطرت خلاف جنگ ۾ بهترين ڪم ڪرڻ جي ڪهاڻي ۾ فطري ڇڪ هوندي آهي. انهي ڪري به رابنسن ڪروسو نوجوانن ۾ سدائين مقبول رهيو آهي.

ڊيفو جي استادانه ڪردارنگاري ۾ ڪروسو هڪ تمام وڻندڙ ڪردار ٿي وڃي ٿو جيڪو تمام کليل دل وارو آهي بلڪل بي تڪلف آهي ۽ پاڻ تي به کلي وٺڻ لاءِ تيار رهندو آهي.

۽ هو ڪڏهن به ماٺ ڪري ويهي افسوس نه ٿو ڪندو رهي. هو هلندو ۽ ڪم ڪندو رهي ٿو پنهنجي صورتحال جي مشڪلاتن کي منهن ڏيندو رهي ٿو. فطري طور جيتوڻيڪ هڪ سادو روح آهي پر سندس همٿ ۽ جڳاڙ ڪري ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وقت بوقت ظاهر ٿيندي رهي ٿي ۽ سندس فيلسوفاڻا خيال به اهڙي قسم جا آهن جن کي نوجوان پڙهندڙ سمجھي سگهن ٿا ۽ وڏي عمر وارا انهن جي واکاڻ ڪري سگهن ٿا.

هو بلڪل انساني ڪردار آهي ۽ هن پاران پنهنجن ڪتن، ٻلين، ٻڪرين ۽ طوطن جو خيال رکڻ مان هر پڙهندڙ خوشي محسوس ڪري ٿو ته رابنسن ڪروسو پنهنجي جلاوطني جي ڊگهن ورهين ۾ اڪيلو نه آهي.

پوءِ وري فرائيڊي جو ڪردار آهي. هو سندس ٻيٽ واري زندگي ۾ داخل ٿيندڙ پهريون انسان آهي. هو به پنهنجي مٿي هڪ سادو ۽ دلپسند ڪردار آهي.

اها ڳالهه به ڏاڍي عجيب آهي ته جيئن ئي اها پڪ ٿي وڃي ٿي ته اهي اتان نڪري ويندا ته ڪتاب ۾ دلچسپي ختم ٿي وڃي ٿي. ڊيفو ڏاڍي هوشياري سان اهو رد عمل اڳواٽ پرکي ورتو آهي ۽ انهي جي ازالي طور ٻيٽ تان نڪرڻ جي آخري منظرن کي وڌ کان وڌ دلچسپ ۽ پرجوش ڏيکارڻ جي ڪوشس ڪري ٿو. پر اها ڪوشش بيسود ثابت ٿئي ٿي. ٻيٽ جي امن سڪون ۾ رابنسن ڪروسو، فرائيڊي توڙي پڙهندڙ لاءِ رخنو پئجي وڃي ٿو.

ڪروسو پنهنجي ٻيٽ تي 28 ورهيه 2 مهينا ٻئي ڪنهن جي شرڪت کان سواءِ حڪومت ڪئي. اتي هن جا پڙهندڙ به هن جي رعيت رهيا. اهي ورهيه هن جادوئي ڪتاب جو مک حصو آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org