سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:12 

اسين جڏهن وحشي قومن مان سڀ کان اهم قوم جي بيان واري باب تي پهچون ٿا ته ڪجھ روشن منظرنامو سامهون اچي ٿو. رومي سلطنت جي سرحدن تي لامارا ڏيندڙ انهن جرمن قبيلن آخرڪار رومي سلطنت جو زوال آندو. ٻين بابن ۾ گوٿن جي ڪاهن جو احوال ڏنل آهي ۽ گبن جڏهن انهن خونخوار ويڙهاڪن جي سامهون اچي ٿو ته سندس قلم تيزي سان هلڻ لڳي ٿو. انهن جي ئي جنگي نعرن سبب هو گهڻو وقت اڳ بريٽن ۾ کاڌي جي گهنٽي نه ٻڌي سگهيو هو. نقاد جڏهن اهو وڻندڙ داستان پڙهندي ايستائين پهچن ٿا ته تيستائين ته سڀ ڳالهه صحيح لڳي پئي آهي. پر هاڻي پندرهين ۽ سورهين جهڙا مشهور باب انهن جي سامهون اچن ٿا جن ۾ گبن رومي سلطنت ۾ عيسائي چرچ جي عروج ۽ ترقي جو بيان ڏنو آهي.

هيستائين عيسائيت جي تاريخ کي عام طور پنهنجي جدا خاني ۾ رکيو ويندو هو. ڄڻ ته اها ڪا اهڙي مقدس شي آهي جنهن کي غير مذهبي حڪومتن، تحريڪن ۽ خود ٻين مذهبن جي تاريخ وانگر بي مروتي سان ۽ تنقيدي انداز ۾ نه پيو پيش ڪري سگهجي. پر گبن انهي ڪم جي سمجهاڻي جو ڪم پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو هو ته رومي دنيا ۾ چرچ ڇو ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري غالب ٿيو. انهي دوران هن جيتوڻيڪ اها ڳالهه ته مڃي ته ”اهو نظريو خود پاڻ مڃائيندڙ هو ۽ انهي نظريي جي خالق جي قدرت به ڪارفرما هئي پر هن نئين مذهب جي تڪڙي واڌويجھ جا پنج ثانوي سبب به پيش ڪيا ته (1) عيسائين جو غير لچڪدار ۽ غير رواداري وارو ذوق ۽ شوق (2) هڪ ايندڙ زندگي جو نظريو (3) قديمي چرچ سان ڪرشماتي طاقتون منسوب هئڻ (4) عيسائين جا خالص ۽ سادگي وارا اخلاق ۽ (5) عيسائي رياست جي ٻڌي ۽ اتحاد جنهن جي ذريعي رومي سلطنت جي وچ ۾ آهستي آهستي هڪ آزاد ۽ وڌندڙ ويجهندڙ رياست وجود ۾ اچي وئي.

گبن اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته انهن ٻنهي اڻ وڻندڙ بابن سبب جيڪا تمام وڏي آنڌ مانڌ ۽ بي چيني پيدا ٿي هئي انهي تي هو تمام حيران ٿي ويو هو. هو پاڻ ارڙهين صدي جي مخصوص خوش اخلاق، با تهذيب ۽ عقلي ذهن رکندڙ پيداوار هو ۽ سندس سموري زندگي ۾ کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهي ته عيسائي چرچ ۽ عيسائيت بابت اهڙي تنقيدي غير جانبداري سان تفتيش ڇو نه ڪجي جيڪا ڪنهن فلسفي ذهن رکندڙ مؤرخ کي فائدو ڏئي.

جيڪڏهن سندس باب موجوده دور ۾ پڌرا ٿين ها ته شايد ته ڪير به انهن تي حيرت جو اظهار نه ڪري ها. اها ته پڪ آهي ته انهن جي ايتري شدت سان نندا ته ڪير نه ڪري ها. خود اها ڳالهه گبن جي طريقه ڪار جي ڪاميابي جو اظهار آهي.

ڪم اڳتي وڌڻ سان گبن کي محسوس ٿيو ته هن انهي لاءِ گهربل صفحن جو صحيح اندازو نه هنيو هو ۽ حقيقت ۾ ڏهه انچ ڊيگهه، اٺ انچ ويڪر وارا (ڪئارٽو) ڇهه جلد گهربل هئا. جن مان آخري ٻه 1788ع ۾ ڇپيا. بهرحال اهي ڪهڙي به ڇاپي صورت ۾ اچن اهي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا. گبن پنهنجي آخري جلد جي پڇاڙي ۾ چيو آهي ته: ”مون وحشانيت ۽ مذهب جي غلبي جو بيان ڏنو آهي“.

”روم جو خاتمو ۽ زوال ڇو ٿيو؟ اُنهي پڌري پٽ سوال جو گبن پاران ڏنل جواب سندس آخري نه پر اٺٽيهين باب ۾ ملندو. روم جو زوال تمام گهڻي عظمت (Greatness) جو فطري ۽ اڻ ٽر اثر هو“. هن انهي باب ۾ لکيو آهي“. خوشحالي زوال جي اصول کي پختو ڪيو. فتح جو دائرو وڌڻ سان تباهي جا سبب به وڌندا پيا وڃن ۽ جيئن ئي وقت يا حالتن هٿراڌو ٽيڪون هٽائي ڇڏيون ته اها عاليشان عمارت پنهنجي ئي وزن جي بار ۾ دٻجي وئي“. اڳتي هلي هو اهو تجويز ڪري ٿو ته اسان کي رومي سلطنت جي تباهي جي سببن جو جائزو وٺڻ بجاءِ اسان کي ته اچرج ڪرڻ گهرجي ته اها ايترو ڊگهو عرصو برقرار ڪيئن رهي“. هو اڳتي هلي اها حقيقت بيان ڪري ٿو ته: ”رومي فوج جي فاتح دستن گادي جي هنڌ کان پري وارين جنگين ۾ اجنبين ۽ پگهاردار فوجين واريون خرابيون اختيار ڪيون ۽ پهريان رياست جي آزادي ۾ ڏاڍ ۽ جبر وارو ماحول پيدا ڪيو ۽ پوءِ شهنشاهه جي عظمت ۽ تقدس کي پائمال ڪيو فوجي حڪومت جي طاقت ۽ زور ڍرو ٿي ويو..... رومي دنيا ۾ وحشين جي ٻوڏ اچي وئي.....“ بحث جي خاتمي ۾ هو اها ڳالهه تسليم ڪري ٿو ته ڪسٽنٽائين پاران عيسائيت قبول ڪرڻ سان ممڪن آهي ته سلطنت جي زوال ۾ تيزي آئي هجي ”پر سندس فاتح مذهب سلطنت جي سقوط وقت پيدا ٿيندڙ تشدد جو زور ختم ڪيو ۽ فاتحن جي خونخوار طبيعت کي ٿڌو ڪيو.

گبن پنهنجي آتم ڪهاڻي جي هڪ ٻئي مشهور ٽڪري ۾ اهو بيان ڏنو آهي ته هن جنيوا ليڪ ڀرسان واقع لائوسين ۾ پنهنجي گهر جي باغيچي ۾ پنهنجي تاريخ جون آخري سٽون ڪيئن لکيون هيون:

”اهو 27- جون 1787ع تي يارهين ۽ ٻارهين وڳي جي وچ ۾ رات جو وقت هو... مون پنهنجو قلم رکڻ کان پوءِ وڻڻ ۾ ڍڪيل چهل قدمي واري پيچري تي ڪيترائي ڦيرا ڏنا. اتان ڳوٺ، ڍنڍ ۽ جبلن جو منظر چٽو نظر اچي ٿو. هوا وچٿري هئي، آسمان صاف هو، چنڊ جي سونهري ٽڪي جو عڪس پاڻي نظر اچي رهيو هو ۽ ڄڻ ته سموري فطرت تي ماٺ چانيل هئي. آءٌ پنهنجي آزادي ٻيهر حاصل ڪرڻ ۽ شايد پنهنجي مشهوري ٿيڻ تي خوشي جي پهرين جذبن کي ڪڏهن به نه لڪائيندس. پر منهنجو فخر جو احساس گهڻو وقت برقرار نه رهي سگهيو ۽ اهو سوچي منهنجي ذهن تي اداسي ڇائنجي وئي ته آءٌ هڪ پراڻي ۽ دلپسند ساٿي کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو آهيان ۽ منهنجي تاريخ جو مستقبل جو سن ڀلي ڪهڙو به هجي اها حقيقت آهي ته مؤرخ جي حياتي لازماً مختصر ۽ غيريقيني هوندي آهي“.

مؤرخ کي ته حياتي جا ٻيا ست ورهيه ملي ويا پر تاريخ جي مستقبل جو سن اڃا غير معين آهي. گبن پاران قلم رکڻ کان پوءِ تقريباً ٻه سو ورهيه گذري چڪا آهن ۽ انهي شهر ۽ سلطنت بابت به گهڻو ڪجھ دريافت ٿي چڪو آهي جنهن جي ڀاڳ ۽ نڀاڳ جو احوال هن بيمثال موهه سان بيان ڪيو آهي“ اسان کي اهي مخطوطا دستياب ٿي چڪا آهن جن تي هن جي نظر ئي نه پئي هئي. اسان آثارن ۽ عمارتن تي اهڙيون اڪرون به ڏٺيون آهن جيڪي هو ڪڏهن به نه پڙهي سگهيو هو ۽ اسان اهڙا کنڊر ڳولهي چڪا آهيون جيڪي هو دريافت نه ڪري سگهيو هو. پر انهي شخص يا سندس ڪم جي شهرت ۾ ڪو خاتمو يا زوال نه آيو آهي. گبن سموري دنيا جي مؤرخن ۾ سڀ کان مٿاهين مقام تي بيٺل هو ۽ بيٺل آهي.

31. تنقيد عقل محض

- عمانوئيل ڪانٽ -

 

عمانوئيل ڪانٽ 22- اپريل 1724ع تي ڪوننگز برگ (هاڻوڪو نالو ڪاليننگراڊ) ۾ جرمني جي انهي علائقي ۾ ڄائو جنهن کي اڳي ايسٽ پروشيا سڏيو ويندو هو. هو هڪ ماهر سنج ساز جو چوٿون نمبر ٻار هو. هو شروعات ۾ جارج هاسپيٽل سان لاڳاپيل هڪ ايليمينٽري اسڪول ۾ پڙهيو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ڪاليجيم فريڊري شيانم ۾ داخل ٿيو. اهو هڪ پروٽيسٽنٽ هاءِ اسڪول هو. اتي هن جلدئي غيرمعمولي صلاحيتن جو اظهار ڪيو. فريڊري شيانم جيتوڻيڪ هڪ قسم جي مشهوري ماڻي ورتي هئي پر اهو جيڪا عام تعليم ڏئي سگهيو ٿي انهي جو مقدار ڪو گهڻو نه هو. ڪانٽ پاران 1740ع ۾ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ سان ئي چئي سگهجي ٿو ته سندس تعليم شروع ٿي. يونيورسٽي ۾ داخلا هڪ سکيي ستابي چاچي جي مهرباني سان ئي ممڪن ٿي سگهي.

ڪانٽ يونيورسٽي ۾ ڪلاسڪس، فزڪس ۽ رياضي پڙهيو ۽ 1747ع ۾ يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ خانگي اتاليق ٿيو. هو 1755ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ تائين اهو ڪم ڪندو رهيو. سندس مقالو طبعي فلسفي بابت هو جنهن جو عنوان هو ”باهه بابت((De Igne. ڊگري عطا ٿيڻ جي موقعي تي هن لاطيني ٻولي ۾ تقرير ڪئي. جنهن جو عنوان هو The Simpler and More fundamental Exposition of Philosophy سندس تقرير سڀني فاضل حاضرين کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ يونيورسٽي ۾ رياضي، فزڪس ۽ فلسفي ۾ ريڊر جي عهدي جي آڇ ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب به اها هئي. هو 1770ع ۾ منطق ۽ مابعد الطبيعات جي پروفيسري وٺڻ تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. هو انهي عهدي تي گهڻو وقت رهيو ۽ 1797ع ۾ پيرسني سبب استعفا ڏنائين.

سندس زندگيءَ جا آخري ست سال توڙي انهن کان اڳ وارا سٺ کان ڪجھ وڌيڪ ورهيه گهڙيال جهڙي وقت جي پابندي سان گذريا. وڏي ڳالهه ته سندس سموري زندگي تمام يڪسانيت سان گذري ۽ انهي ۾ ڪي به لاها چاڙها نه آيا. هن سموري زندگي شادي نه ڪئي ۽ ڪڏهن به پنهنجي شهر کان چاليهن ميلن کان وڌيڪ فاصلو پري نه ويو. هو اتي ئي فوت ٿيو.

سندس انهي سانتيڪي زندگي جي ڀيٽ ۾ جنهن کي يڪسانيت ڀريل ۽ غيردلچسپ چوڻ بيجا نه ٿيندو، هن فلسفي جي سائنس تي تمام گهڻو اثر وڌو. هن حقيقت پسندي (ماديت پرستي) ۽ عينيت پسندي (Idealirm) ۾ اتحاد جو ڪو طريقو ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ تمام وڏي خدمت سرانجام ڏني. انهن ٻنهي نظامن جا حامي فقط پنهنجي نظام جي ئي صحيح ۽ سچي هئڻ جي دعويٰ ڪندا هئا. حقيقت پسند مادي (matter) ۽ عينيت پسند ذهن (The Ego) کي مطلق(absolute) مڃيندا هئا. حقيقت پسند چوندا هئا ته ذهن جو دارومدار مڪمل طور حواسن جي دنيا تي آهي جڏهن ته عينيت پسند چوندا هئا ته اهو حواسن جي دنيا کان مڪمل طور آزاد آهي. ڪانٽ جيتوڻيڪ اها ڳالهه ته تسليم ڪندو هو ته علم جو مواد اسان کي فقط تجربوئي مهيا ڪري ٿو پر هو انهي ڳالهه تي به زور ڏيندو هو ته ذهن ۾ شروع کان ئي ڪجھ خيال (notions)موجود هوندا آهن جن جو دارومدار تجربي تي نه هوندو آهي. اهي تجربي ذريعي مهيا ٿيل مواد تي لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن.

مٿي گذريل پيراگراف فلسفياڻي اظهار جي لحاظ کان جيتوڻيڪ سادو سودو آهي پر فلسفي کان ٻاهر جي شاگرد کي اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ڪافي آهي ته ٻين سڀني سائنسن وانگر فلسفي به پنهنجيون مخصوص اصطلاحون حاصل ڪري ورتيون آهن جن کي فقط انهي ميدان جي اڳواٽ سکيا ورتل شخص ئي سولائي سان سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن پنهنجي ڳالهه نه سمجهائي سگهڻ جو واقعي ڪو سٺو مثال ڳولهبو ته شايد فلسفي کان سٺو مثال نه ڏئي سگهيو. هيءَ ڳالهه ٻئي ڪنهن سائنس بجاءِ فلسفي ۾ شايد وڌيڪ اهميت رکي ٿي ته سائنسدان اسان سڀني تي اثر وجھندڙ مسئلن (علم ۽ ڏاهپ جي بڻ بنياد) بابت خيالن ۽ نظرين جي اظهار لاءِ اصطلاحن جي هڪ اهڙي رڪاوٽ کڙي ڪري ڇڏي آهي جيڪا عام رواجي ماڻهو کي عملي طور مفڪر کان ڪٽي ٿي ڇڏي. مفڪر جڏهن پاڻ کي فلسفي سڏائيندو آهي ته سندس ذهن ۾ انهن لفظن جو بلڪل لغوي مطلب يعني ڏاهپ جو سرچشمو هوندو آهي.

بدقسمتي اها آهي ته ٻين اڪثر سائنسي علمن وانگر فلسفي جو شارح به جيڪڏهن ڪي خاص اصطلاح ڪتب نه آڻيندو ته اظهار جي ڄڻ ته حل نه ٿيندڙ مونجهارن ۾ ڦاسي ويندو. هن خاص صورتحال ۾ جڏهن مقصد مخصوص فلسفياڻن نظرين کي وڌ ۾ وڌ سولو ڪري پيش ڪرڻ هجي ته انهي لاءِ فلسفي جي مقصدن جو عام مختصر بيان ڏنو ويندو ۽ ڪجھ بنيادي اصطلاحن جي وصف ڏني ويندي جيئن درپيش ايندڙ مونجهارن کان به بچي سگهجي.

فلسفي جو مقصد ڇا آهي؟ فلسفو فڪر جي عام نتيجن ۽ مختلف سائنسي علمن پاران مهيا ڪيل عام نتيجن ۾ هم آهنگي پيدا ڪري سموري دنيا ۽ ڪائنات بابت هڪ متفق نقطه نظر پيدا ڪرڻ ۽ سڀني سائنسي علمن پاران اڳواٽ ٺاهيل مفروضن جي چڪاس ڪرڻ چاهي ٿو. تمام آڳاٽي وقت کان وٺي اهڙا انسان موجود رهيا آهن جن کي اهڙي چڪاس ڪرڻ ۾ دلچسپي رهي آهي ۽ هر دور ۾ نيون چڪاسون ٿينديون رهيون آهن. انهن مان ڪيترائي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ڪنهن نتيجي تي نه پهتا آهن جيئن هڪ ٻئي عظيم جرمن فلسفي شوپنهار لکيو آهي: ”فلسفو اوچي آلپ جابلو سلسلي تي ويندڙ هڪ پيچرو آهي. انهي تي پهچڻ جو واحد لنگهه هڪ اتاهين رستي تان آهي جنهن تي به تکا پٿر ۽ چڀندڙ ڪنڊا پکڙيل آهن. اهو سنسان ويران رستو آهي ۽ ماڻهو جيترو مٿي چڙهندڙ وڃي ٿو اهو ايترو ويران ٿيندو وڃي ٿو. جيڪو به انهي تي هلي انهي کي دل مان خوف خطرو ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ۽ دل مضبوط ڪري هر ڳالهه وساري برف مان پنهنجو رستو پاڻ ڪڍڻ گهرجي“.

فلسفو بنيادي طور ٽن وڏن مسئلن يعني سچ، چڱائي ۽ حسن سان بحث ڪري ٿو. سچ بابت اهو هنن سوالن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو: ڇا ادراڪ (Cognition) جو وجود آهي. ]ادراڪ معنيٰ ڄاڻڻ جو عمل يا لياقت يا علم جو هڪ ٽڪرو[ سچو، درست ۽ سموري ڪائنات ۾ لاڳو ادراڪ ڪيئن حاصل ٿئي ٿو؟ انهي جون حدون ڪٿي آهن؟

چڱائي بابت اهو هي سوال پڇي ٿو: صحيح ۽ اخلاقي طور درست طرزعمل (conduct) تي ڪهڙا اصول لاڳو ٿين ٿا؟ انساني طرز عمل جا رهنما اصول ڪهڙا آهن ۽ اخلاقن جي پرک جي ڪسوٽي ڪهڙي آهي؟ جڏهن ته حسن بابت اهو پڇي ٿو ته: ڪن به فطري يا فني شين جي جمالياتي طور قيمتي هئڻ يعني حسين هئڻ لاءِ انهن جو ڪهڙن قانونن جي مطابق هئڻ ضروري آهي. حسين جي ڪيفيت ڪهڙي هئڻ گهرجي؟

ڪانٽ انهن سڀني مسئلن جو تفصيلي تجزيو ڪيو ۽ ائين ڪندي هڪ نئين فلسفي جو بنياد وڌو. سندس ٽن عظيم ڪتابن مان سڀ کان پهريون Critique of Pure Reason ”تنقيد عقل محض“ آهي. انهيءَ ۾ هن انساني علم جي ڪيفيت، حدن ۽ دائري جي تفتيش ڪئي آهي.

ڪانٽ جي فڪري نشونما- جنهن جي چئي سگهجي ٿو ته 1740ع ۾ شروعات ٿي- جو شروع ۾ سڀاويڪ طور ٻين فلسفين جي نظامن تي دارومدار هو. هو 1740ع کان 1760ع تائين بنيادي طور انهي دور جي انهي عام مڃيل نظريي ڏانهن مائل رهيو جيڪو ليبنيز ۽ ولف جهڙن عظيم جرمن فلسفين جي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي. هن نيوٽن جو فطري فلسفو به انهي نظريي سان ملائي ڇڏيو. وري 1760ع کان 1770ع تائين سندس توجه انگريزي فلسفين خاص ڪري لاڪ ۽ هيوم جي فڪر تي رهي. وري جڏهن کيس انهن جون ڪمزوريون نظر آيون ته هو انهن جي تجربِي(Empirical) فلسفي کان به اڳتي نڪري ويو. ]تجربي مان مطلب آهي انهن جي پنهنجي تجربي ذريعي حاصل ڪيل فلسفو[. انهيءَ وقت دوران هن جيڪي ڪيترائي ننڍا ننڍا مقالا لکيا انهن مان اها ڳالهه واضح آهي ته هو روشن خيالي جي جذبي (Spirit of Enlightenment) جي نالي سان سڃاتي ويندڙ انهي دور جي فلسفياڻي نظريي ڏانهن تمام گهڻو مائل هو.

انهي وقت اسان جي علم ۽ اسان جي ادراڪ جي بڻ بنياد بابت به هڪ ٻئي سان متضاد نظريا مروج هئا. انهن مان پهريون جان لاڪ جي تجربيت (Empiricism) هو. لاڪ جو خيال هو ته سموري علم ۽ ادراڪ جو سرچشمو تجربو آهي يعني خلقي يا پيدائشي خيالن جهڙي ڪنهن شي جو وجود نه آهي. ڪنهن به شي جي ڄاڻ ۾ اهڙي ڪا به شي شامل نه آهي جيڪا اڳ ۾ حواسن (Senses)جي دائري ۾ نه آئي هجي. حقيقت اها آهي ته ڄاڻ (Understanding) تاثرن (impressions) جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري ٿي، انهن ۾ فرق ڳولهي ٿي ۽ انهن کي هڪ ٻئي سان ملائي ٿي.

ٻيو نطريو ڊيڪارٽ جي عقليت پسندي (Rationalism)  هئي. سندس خيال هو ته سموري ادراڪ جو سرچشمو انساني ذهن يعني ratio يا reason آهي. تنهن ڪري ڪنهن به تجربي کان آزاد ٿي خالص فڪر (thought) جي مدد سان ڪنهن به سچ کي منظر تي آڻي سگهجي ٿو.

انهن ٻنهي فلسفياڻن نظامن جي تضاد هڪ اهڙي بند گلي ۾ اچي بيهاريو جنهن مان ٻاهر نڪرڻ جو ڪو به رستو نظر نه ٿي آيو. ڇاڪاڻ ته تجربيت توڙي عقليت پسندي ٻنهي ذريعي مهيا ڪيل حل ڪنهن به لحاظ کان مڪمل طور تسلي بخش نظر نه ٿي آيا. ڪانٽ ڏهن ورهين تائين پنهنجيون سموريون ذهني طاقتون ادراڪ جي مسئلي سمجهڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ هن 1781ع ۾ پنهنجن خيالن جا نتيجا ”تنقيد عقل محض“ ۾ پيش ڪيا.

(ڪانٽ هتي عقل (reason) کي سمجهڻ جي لياقت طور ڪتب آندو آهي)

هاڻي جواب طلب سوال اهو آهي ته: تجربو ۽ سمجهه (understanding) ]جنهن کي ڪانٽ واروreason چئي سگهجي ٿو[ اسان جي ادراڪ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ادراڪ ڇا آهي؟

ڪانٽ جو جواب آهي ته ادراڪ هڪ لازمي فيصلو (judgement) آهي. يعني هڪ اهڙو فيصلو جيڪو پڪو پختو آهي ۽ انهي ۾ ڪو شڪ شبهو نه آهي. هر قسم جو ادراڪ فيصلن جي صورت ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي. مثال طور: پاڻي گرم آهي، صندوق ڳري آهي، رات جو اوندهه ٿيندي آهي وغيره. لفظي اظهار جي صورت ۾ فيصلا اڳڪٿين ۾ سمايل هوندا آهن.

پر مٿيان سڀ فيصلا تجربي مان حاصل ڪيا ويا آهن ۽ انهي ڪري انهن جو لازمي طور واقع ٿيڻ يا ڪائناتي هئڻ ضروري نه آهي. توهان جڏهن ”هيءُ پاڻي گرم آهي.“ چئو ٿا ته توهان کي حقيقت ۾ چوڻ گهربو هو ته: ”هي پاڻي مون کي گرم لڳي ٿو“. ڇاڪاڻ ته جيڪا شي توهان کي گرم لڳي ٿي ممڪن آهي ته اها ٻئي کي ٿڌي لڳي. تنهن ڪري اهي فيصلا شخصي احساس تي ٻڌل آهن (چئجي ته ذاتي آهن). تنهن ڪري اهي نه ئي ڪائناتي آهن نه ئي انهن جو واقع هئڻ ضروري آهي. پر اهي مشروط ۽ ٻين ڳالهين سان منسلڪ (contingent) آهن. ڇاڪاڻ ته رات سدائين اونداهي نه هوندي آهي نه ئي پاڻي سدائين گرم هوندو آهي.

لازمي ۽ ڪائناتي فيصلا يعني اهڙا فيصلا جن کي سڀ ماڻهو هر وقت سچو ۽ درست مڃين اهي فزڪس، رياضي ۽ جاميٽري ۾ هوندا آهن. ”جڏهن هڪ سڌي ليڪ ٻئي سڌي ليڪ سان ملندي ته اهڙي طرح ٺهيل ڪنڊون ٻن ڪنڊن جي برابر هونديون آهن.“ اهو بيان اهڙي قسم جي فيصلي جو مثال آهي. ڇاڪاڻ ته انهي کي ڪنهن به تجربي جي حوالي کان سواءِ هر جاءِ تي ۽ شروع کان (a priori) صحيح مڃيو وڃي ٿو. اسان کي اڳواٽ ئي پڪي طور خبر هوندي آهي ته اهو ۽ اهڙا سمورا بيان عالمي طور صحيح هوندا آهن ۽ انهن کي اها درستگي انهي ڪري ملندي آهي جو اهي اسان جي پنهنجي وجدان جي لياقت جي پيداوار هوندا آهن. ]وجدان(Intuition)  جو مطلب آهي اهڙي ڳالهه جيڪا عقل ڪم آڻڻ کان سواءِ حواسن ذريعي سمجهه ۾ اچي[.

انهي مان ڪاميابي سان اهو دليل ڏئي سگهجي ٿو ته دنيا جو ادراڪ ضروري آهي ته تجربي يا حواسن کي ڪم آڻڻ جو نتيجو هجي. انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان کي حواسن مان فوري ادراڪ يا خيال (ideas) ملن ٿا پر اهي بذات خود انڌا يا بي جان هجن ها. انهن مان واسطي جي لحاظ کان اسان جا ذهن مڪمل طور بي عمل هجن ها. انهن ۾ ادراڪ جو خام مال موجود هوندو آهي پر اهي بذات خود ادراڪ نه هوندا آهن. اهي انڌا وجدان ذهن جي پيداواري سرگرمي جي ذريعي سچا ادراڪ ٿيندا آهن جيڪو سوچ (thought) جي ذريعي تصور (concept) پيدا ڪندو آهي.

هر سائنسي علم تصورن ذريعي عمل ڪري ٿو. پر تصور انساني ذهن ۽ سوچ جي پيداوار آهن جيڪو حقيقت ۾ وجود نه ٿو رکي. گول (circle) جو تصور هڪ لڳاتار وڪڙ کائيندڙ ليڪ جي حدن جي اندر ايندڙ سڌي ايراضي آهي. اهي خصوصيتون رکندڙ گول بذات خود سوچ ۾ ئي نه ايندو ڇاڪاڻ ته اهو فقط سوچ ۾ ئي سوچ لاءِ وجود رکي ٿو.

جنهن ماڻهو کي فلسفي جي تربيت نه هوندي يا جنهن وٽ تنقيدي لياقت جي کوٽ هوندي اهو دنيا ۽ ان جي موجودات بابت ائين تصور ڪري ٿو جيئن اهي سندس نظريا تجربي ۾ اچن ٿيون. ڪانٽ ڏيکاري ٿو ته اسان کي اها خبر ڪڏهن به نه هوندي آهي ته شي بذات خود ڇا هوندي آهي. پر اسين ته انهي کي ائين سمجهندا آهيون جيئن اها اسان کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. انهي جو بنياد اسان جي فڪري جوڙجڪ تي لاڳو قانونن تي هوندو اهي. جيڪي شروع کان ئي موجود هوندا آهن. تجربا پوءِ (a posteriori) انهن سان گڏيا ويندا آهن. (هتي ”شروع کان“ جو مطلب پيدائشي نه آهي. شروع وارا ادراڪ اهي هوندا اهن جيڪي تجربي کان آزاد ٿي وجود ۾ ايندا آهن جڏهن ته پوءِ وارا ادراڪ اهي هوندا آهن جن جو سرچشمو تجربو هوندو آهي) انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي، ”ڪانٽ چوي ٿو“، ته ”اسان جو سمورو ادراڪ تجربي سان شروع ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته ادراڪ جي لياقت انهي کان سواءِ عمل ۾ نه ايندي.... اسان جو سمورو ادراڪ تجربي سان شروع ٿئي ٿو جو مطلب اهو نه آهي ته انهي جو بنياد تجربو آهي“.

انهي مان ظاهر ٿيو ته ادراڪ ٻن سرچشمن مان اچي ٿو جيڪي گڏجي ڪم ڪن ٿا. يعني حواسن جو ڪم ۽ ٻيو سمجھ (ڪانٽ وارو reason) اسين حواسن ذريعي شين تائين پهچندا آهيون ۽ سمجهه ذريعي انهن کي تصوراتي طور ذهن ۾ آڻيندا آهيون. اسين حواسن کان سواءِ ڪنهن به شي کان واقف نه ٿينداسين پر اسين سمجهه کان سواءِ انهي جو ڪو به تصور نه ٺاهي سگهنداسين. اسان جا سمورا وجدان ٻٽي فطرت رکندا آهن. اسان کي شيون اسان کان جدا ۽ مڪان (Space) ۾ خارجي طور وجود رکندي نظر اينديون آهن. ۽ اهي هڪ ئي وقت يا هڪ سلسلي ۾ (In succession) اسان جي ذهنن ۽ وقت ۾ وجود رکندي پڻ نظر اينديون آهن. اهڙي طرح زمان ۽ مڪان اهڙيون ٻه شڪليون جن سان اسان جا سمورا وجدان ٻڌل آهن ۽ اهي جئين ته شين سان سڌو سنئون واسطو رکندڙ خيال (Ideas) آهن تنهنڪري اهي خود وجدان آهن.

اسان جا سمورا وجدان زمان ۽ مڪان جي انهن ٻنهي شڪلين (Forms) سان ٻڌل هئڻ جو سبب اهو انداز Manner آهي جنهن ۾ اسان جي تصور جي لياقت شين جا تاثر (impression) وصول ڪري ٿي. تنهن ڪري زمان ۽ مڪان خالص وجدان آهن جيڪي ڪنهن به حقيقي احساس کان اڳواٽ شروع کان ئي موجود هوندا آهن. اهي اسان جي تصور جي لياقت ۾ پيدائشي طور موجود هوندا آهن ۽ تنهن ڪري فقط اهي ئي لازمي خيال (ideas) هوندا آهن جيڪي شروع کان موجود هوندا آهن ۽ سڀني وجدانن جو بنياد هوندا آهن.

اهو خيال ته مڪان شروع کان آهي ۽ انهي جو بنياد تجربي تي نه آهي؛ انهي مان به چٽو ٿئي ٿو ته مڪان لامحدود آهي جنهن کي ڪير به تجربي ۾ نه ٿو آڻي سگهي يا انهي جو عملي مظاهرو نه ٿو ڪري ڏيکاري سگهي. مڪان شين جي عمومي رابطي جو عالمي تصور نه آهي پر اهو هڪ خالص وجدان آهي جنهن جو بنياد فڪر (thought) آهي. اهو وجدان جو هڪ لازمي انداز آهي.

زمان به اهڙو تصور نه آهي جنهن جو بنياد تجربي تي هجي. اهو نه فقط اسان جي ۽ اسان جي اندروني حالت جي وجدان جي هڪ شڪل آهي پر اهو سڀني وجدانن جي بنياد ۾ موجود ٿيندڙ هڪ ضروري خيال آهي.

ڪانٽ ”تنقيد عقل محض“ ۾ جيڪو بنيادي نظريو سمجهائڻ گهري ٿو اهو هي آهي ته اسان جا ذهن زنده آهن، سرگرمي سان عمل ڪندڙ ذي حيات وجود آهن، پنهنجي عمل ڪاري لاءِ خارجي دنيا مان حواسن ۽ تجربي ذريعي مواد حاصل ڪن ٿا پر انهي مواد کي پنهنجن قانونن مطابق شڪل ڏين ٿا ۽ پنهنجن ادراڪن جي صورتگري پاڻ ڪن ٿا.

هو وضاحت ڪري ٿو ته خود اسانجن ذهنن جي سرگرمي سان عمل ڪاري ئي خارجي تاثرات جي وڏي انگ جي بنياد تي اهي قانون ٺاهي ٿي. جيڪو نظم ۽ ضبط دنيا ۾ ڪار فرما آهي ۽ جيڪو علت ۽ معلول جي اصولن تي بيٺل آهي انهي جا بنياد اسان جي سوچ ۾ آهن جيڪا اسان جي ادراڪن کي ترتيب ڏيندي سائنس ڏانهن وٺي هلي ٿي. سائنس جو عام اصول سوچ ۽ فڪر جي قانونن ۽ اسانجن ذهنن جي جوڙجڪ مان ڦُٽي نڪري ٿو.

پر ذهن فقط انهي ڳالهه تي مطمئن نه ٿو ٿئي ته انهي وٽ حواسن ذريعي جيڪي تاثرات پهچن ٿا انهن کي مڪاني زمان ۾ پنهنجيون موزون جايون ڏئي. احساسن ۽ فهم (perception) جي منجهيل حالت مان وجداني ادراڪ جي نشونما گُهر ڪري ٿي ته فهم تصورن ذريعي جُڙيل هجي. سڀني احساسن جي پرک ڪجھ قاعدن مطابق ٿئي ٿي جن جي صداقت تجربي کان بلڪل جدا شروع کان فرض ڪئي وڃي ٿي.

اسان جي تعميري سمجهه، جملي تاثرن جي مجموعي منجهان سوچ جي پنهنجي قاعدن مطابق دنيا جي تشڪيل ڪري ٿي. تنهن ڪري اسان پاران دنيا جي ٺهيل تصوير حقيقت جو اهڙو عڪس نه آهي جيڪو اصل جي عين مطابق هجي. اسين ”بذات خود“ دنيا جي ماهيت ڪڏهن به سمجهي ۽ پرکي نه ٿا سگهون.

بهرحال احساس ۽ سمجهه ۾ ڪو تعلق ضرور آهي ۽ درحقيقت اها ڳالهه ته طبعي سائنسن ۾ تجربي جي امڪان ذريعي اڳ ۾ ئي ثابت ٿي چڪي آهي. جيئن ته سوچ ويچار ۽ حساب ڪتاب جي نتيجن جي عملي طور تجربي ذريعي چڪاس ڪري سگهجي ٿي. تنهن ڪري حسياتي معلومات ۽ سمجهه ۾ لازماً ڪو مشترڪ قدر هئڻ گهرجي.

پر ڪجھ احساسن کان ماورا شين جا ڪجھ ڪائناتي ۽ لازمي ادراڪ به وجود رکن ٿا. مثلاً ڇا خدا جو وجود ثابت ڪرڻ ممڪن آهي يا اهو فقط ايمان جو مسئلو آهي؟

جيتوڻيڪ اها ڳالهه صحيح آهي ته اهڙين شين بابت سوچي سگهجي ٿو پر انهن کي حسي عضون ذريعي قابل ادراڪ نه ٿو بڻائي سگهجي. حواسن کان ماورا شيون فقط سوچ ۾ آڻي سگهبيون آهن. پر انساني ذهن جي جوڙجڪ ۾ اهڙي ڪا پيدائشي شي ضرور آهي جيڪا ديني علمن ۾ مستقل مشغولي جي اهڙي طرح راهه هموار ڪري ٿي جيئن فلسفي ۾ حسي عضون جي ادراڪ کان ماوراشين ۾ ذهن مشغول رهي ٿو.

ڪانٽ مطابق، شعور (reason) خارجي مظهرن ۾ تعلق کي ڏسي وٺڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته خارجي دنيا جي شين کي به لازماً هڪ مطلق ڪل (absolute whole) جي شڪل ۾ هئڻ گهرجي ۽ انهن کي هڪ مطلق سبب هئڻ گهرجي. اها سوچ ڪائنات (universe) جي نظريي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. پر اندروني ۽ خارجي دنيا- روح ۽ فطرت- هڪ آخرين مطلق بنياد (ultimate common basis) فرض ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون. اها ڳالهه خدا جي نظريي ڏانهن وٺي وڃي ٿي جيڪو سڀني شين کي متحد رکيو بيٺو آهي.

خدا جو نظريو ساڳئي طرح شعور جي ضرورت مان پڻ نڪري ٿو. خدا جي وجود جا ڪي به عقلي سبب موجود نه آهن. خدا هڪ اهڙو ڪارآمد ۽ ضروري نظريو آهي جنهن سان چنبڙيو رهڻ جي شعور اسان کان گهر ڪري ٿو. اسين عملي سببن جي ڪري خدا ۽ لافانيت ۾ يقين ڪرڻ تي مجبور آهيون ڇاڪاڻ ته ڪا به سائنس يا ڪابه ذهانت ڪڏهن به انهن نظرين جي نامعقوليت ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندي. شعور اسان کي مجبور ڪري ٿو ته اسين اهڙي طرح عمل ڪريون ڄڻ ته خدا ۽ لافانيت حقيقتون آهن.

هي ئي اهو نقطو آهي جتي عملي شعور وچ ۾ اچي ٿو ۽ ڪانٽ سندس انهي کان پوءِ ايندڙ ڪتاب Critique of Practical Reason   ۾ بحث ڪري ٿو ته جيڪڏهن نظرياتي شعور علم جي لحاظ کان، تجربي سان مشروط ۽ انهي جي ڪنٽرول ۾ آهي ته عملي شعور تجربي جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ڪجھ صداقتون جن جو نظرياتي شعور انڪار ڪيو ٿي، يا جن کي ثابت نه ٿي ڪري سگهيو (جهڙوڪ روح جي لافانيت، ارادي جي آزادي، خدا جو وجود) اهي عملي شعور جي اصولن جي ذريعي ثابت ٿي چڪيون آهن.

ڪانٽ جو ٽيون وڏو ڪتاب Critique of Judgement اعليٰ، حسين ۽ فطرت جي نظام متعلق آهي. اهي فيصلا خالص ۽ عملي عقل جي وچ ۾ هڪ قسم جو وچون رستو آهن.

ڪانٽ فلسفيانه فڪر ۾ هڪ نئون دور متعارف ڪرايو. فلسفي سان تعلق رکندڙ ڪو به شخص سندس نظرين کان اکٻوٽ نه ٿو ڪري سگهي. سندس نظرين جي واڌويجھ جو عمل ته اڄ به جاري آهي. سندس نظرين ۾ خاص اهميت انهي ڳالهه کي آهي ته هو اخلاقي فرضن کي تمام اهم سمجهي ٿو ۽ انسان جي عظمت تي تمام گهڻو زور ڏئي ٿو.

بهرحال هو ڪنهن عظيم فلسفي کان به گهڻو وڌيڪ هو. هو هڪ اهڙي سچي اخلاقي شخصيت هو جنهن جي عقيدن جو سرچشمو سندس اعليٰ ڪردار هو.

32. سموئيل جانسن جي سوانح

-- جيمس بوسويل--

 

جيمس بوسويل نالي هڪ نوجوان اسڪاٽلينڊي 16- مئي 1763ع تي ڪووينٽ گارڊن ۾ رسل اسٽريٽ تي هڪ ڪتاب گهر جي پٺ واري ڪمري ۾ ڊاڪٽر سموئيل جانسن سان مليو. بوسويل لارڊ آچن ليڪ جو پٽ هو ۽ لنڊن ۾ بي فڪري وارو وقت گذاري رهيو هو.

ڊاڪٽر جي عمر تڏهن 54 ورهيه هئي. هو لنڊن جي ادبي حلقي جو مڃيل پهلوان هو. مورخ گبن، سر جوشئا رينالڊز، برڪ ۽ ڊيوڊ گيرڪ جهڙا ماڻهو سندس ذاتي دوست هوندا هئا. هو سوهو ۾ گڏجاڻيون ڪندڙ ادبي ڪلب (Literary club) ۾ پڻ مرڪزي حيثيت رکندو هو. انهي ۾ انهي دور جا سڀئي مشهور مزاح نگار توڙي سنجيده اسڪالر اچي گڏ ٿيندا هئا.

ڊاڪٽر جانسن ڪنهن به لحاظ کان ارڙهين صدي جي ڪا خوشنما شخصيت نه هئي. سندس ڇنڀندڙ اکين، کهري منهن، ٿلهي پيٽ، پراڻي وگ ۽ جهومندڙ چال ۽ ميرن ڪپڙن سان سندس شخصيت بلڪل رواجي لڳندي هئي. درحقيقت هو پنهنجي شڪل شباهت ۽ عادتن اطوارن سان انهي چمڪندڙ دمڪندڙ دنيا جو حصو نه (جنهن ۾ هو هاڻي رهندو هو) پر انهي گرب اسٽريٽ سان واسطو رکندڙ لڳندو هو جنهن ۾ هن پنهنجي شروعاتي زندگي گذاري هئي ۽ جتي هن ڪو پئسو ڏوڪڙ نه هئڻ سبب ڪيترائي ويلا لنگهڻ ڪاٽيو هو ۽ هڪ دفعو ته هڪ دوست جي گهر ۾ پردي جي پٺيان بيهي ماني کائڻي پئي هئي ڇاڪاڻ ته سندس ڪپڙا ايترا ته ڳريل ۽ پراڻا هئا جو هو انهن ۾ عام ماڻهن جي سامهون نه پئي اچي سگهيو.

بوسويل هڪ ته گهٻرايل هوندو هو وري اڪثر ڪري سندس انداز خوشامد وارو هوندو هو. سو جانسن ٻه دفعا سندس چڱي خبر ورتي هئي. انهي جو سبب اهو ٿيو جو هڪ دفعو ته هن پنهنجي اسڪاٽلينڊي هئڻ تي معذرت ڪئي ۽ ٻيو دفعو اداڪار ڊيوڊ گبرڪ بابت احمقاڻو رايو ڏنو هئائين. گيرڪ جانسن جو ننڍپڻ جو دوست هو. بوسويل جانسن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جون لڳاتار ڪوششون ڪندو رهيو ۽ آخرڪار کيس پنهنجي پاسي ڪري ورتائين. بوسويل ڪجھ مهينا پوءِ پنهنجي پيءُ جي حڪمن تي يورپ جي سفر تي ويو ته جانسن هاروڪ تائين هن سان گڏجي ويو. جانسن جي 1883ع ۾ وفات تائين ٻنهي کي جوڙيندڙ دوستي جا ڪيترائي سبب هئا. جانسن کي معزز گهراڻن جا فرد وڻندا هئا. بوسويل کيس دلچسپ نطر آيو ۽ بوسويل پاران سندس واکاڻ کيس متاثر ڪيو. بوسويل جي موجودگي سان جانسن جي ظرافت نمايان ٿي پوندي هئي ۽ هو اڪثر انهي جو نشانو به بڻبو هو. وري جانسن جي دل به ڏاڍي نرم ۽ ڏاڍي مذهبي هوندي هئي. کيس خبر هئي ته هو پنهنجي نوجوان دوست تي سگهارو اثر وجھي سگهيو ٿي. جانسن هڪ دفعو پنهنجي دوست کي اها ڳالهه سمجهائي هئي ته هو کيس ڇو پسند هو:

سائين، مون کي نوجوانن سان واقفيت وڻندي آهي. ڇاڪاڻ ته پهرئين ڳالهه ته مون کي اها ڳالهه پسند ئي نه آهي ته آءٌ اها ڳالهه ذهن ۾ آڻيان ته آءٌ پوڙهو ٿيندو پيو وڃان. ٻين ڳالهه ته نوجوانن سان واقفيت جيڪڏهن برقرار رهي ته اها لازماً ڊگهو عرصو هلندي. ۽ وري سائين نوجوانن ۾ نيڪي جو عنصر پوڙهن ماڻهن کان وڌيڪ هوندو آهي. انهن ۾ کُلي دل وارا جذبا هر لحاظ کان وڌيڪ هوندا آهن. مون کي هن دور جا نوجوان ڪتا پسند آهن؛ انهن ۾ ظرافت، کل ڀوڳ ۽ زندگي بابت ڄاڻ اسان کان وڌيڪ آهي. پر اها ڳالهه آهي ته ڪتا سٺا اسڪالر نه آهن.

جانسن کي به شايد غير شعوري طور اهو احساس ٿي ويو هو ته سندس جنهن سوانح عمري لاءِ بوسويل کليو کلايو مواد گڏ ڪري رهيو آهي اها فقط سٺن هٿن ۾ نه پر هڪ ڏاهي جي هٿن ۾ آهي. بوسويل پنهنجي پيڙهي جي ٻين ڪيترن نوجوانن وانگر سمجهندو هو ته سموئيل جانسن سندس دور جو سڀ کان عظيم انسان آهي. هن پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور سندس اثر هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ کڻي چئجي ته کيس سندس راضپي مان سڪون ملڻ لڳو. پر کيس اهو اڻ لکو احساس پڻ هو ته هن وٽ (بوسويل وٽ) جيڪڏهن ڪي صلاحيتون آهن ته اهي ڪنهن وڪيل واريون نه آهن. اهو ڌنڌو سندس پيءُ هن مٿان مڙهيو هو. هن وٽ ڪنهن ليکڪ واريون صلاحيتون هيون ۽ ليکڪ به اهڙو جنهن جو خاص ميدان اظهار ذات هو. جانسن سان ملڻ کان اڳ هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته سندس ”لنڊن جرنل“ جاري رکڻ سندس سڀ کان اهم سرگرمي هئي (اهو هن ڪجھ مصلحتن سبب جانسن کي نه ڏيکاريو هو) هاڻي جلد ئي جانسن بوسويل جي ٻئين ۽ بهتر ذات ٿي ويو ۽ ائين کڻي چئجي ته بوسويل جانسن جي ذات ۾ پاڻ کي اظهار ڏيڻ لڳو يا ٻين لفطن ۾ چئجي ته کيس انهي عظيم شخصيت بابت لکندي پنهنجي اظهار ذات جو موقعو ملي ويو.

بوسويل جي ڪتاب ۾ اسان کي ڊاڪٽر ڪٿي پنهنجي چانهه مان وڏا وڏا ڍُڪ ڀريندو ٻڌڻ ۾ ايندو ته ڪٿي گابي جي گوشت جون ٻوٽيون هٻڇ سان کائيندي نظري ايندو ته ڪٿي وري شراب جي اثر هيٺ سندس آواز ڳرو ٿيندي ٻڌڻ ۾ ايندو. وري ڪٿي اهو بيان هوندو ته دوستن جي صحبت ۾ ڪير سندس ڳالهه سان اختلاف ڪندو ته هو پنهنجن ڳرن جملن ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ جواب ڦهڪائي ڏيندو. اسان کي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر کي پوندڙ اُداسي جا دورا به نظر ايندا، سندس موت جو ڊپ به ڏسڻ ۾ ايندو ته هو سموري زندگي جنهن سوداءَ ۽ خفقان ۾ ورتل رهيو انهي بابت به خبر پوندي. سندس عجيب عادتن مان انهي عادت جي به خبر پوندي ته هو گهٽي مان لنگهندي هر ٿنڀي کي هٿ هڻندو ويندو هو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته سوانح عمري جو اهو اعليٰ ترين مثال آتم ڪهاڻي جي تمام ويجھو اچي پهتو آهي. اهو ڪتاب تمام دلچسپي وارو آهي ڇاڪاڻ ته بوسويل ۽ جانسن ٻئي پنهنجن مختلف اندازن ۾ غيرمعمولي فرد هئا.

سموئيل جانسن، راڻي اين جي دور ۾ 1709ع ۾ لش فيلڊ ۾ ڄائو. سندس پيءُ هڪ ناڪام ڪتب فروش هو جنهن آخرڪار ڏيواليو ڪڍيو. سندس حافظو ۽ لاطيني جي شروعاتي ڄاڻ تمام غير معمولي هوندي هئي. لاطيني انهي دور ۾ تعليم جو تمام اهم حصو هوندي هئي. جانسن آڪسفورڊ جي پيمبروڪ ڪاليج ڊگري کان سواءِ ئي ڇڏي جو جيڪو مهربان سندس اتي رهائش جو خرچ ڀريندو هو انهي سان وڙهي پيو. هن اسڪول ماستريءَ جو تجربو ڪيو. سندس ڳاڻ ڳڻين شاگردن مان هڪ ڊيوڊ گيرڪ هو. هو پڻ لش فيلڊ ۾ ڄائو هو. هن زندگي جي شروعاتي ورهين ۾ ئي مسز پورٽر نالي هڪ بيوه سان شادي ڪئي هئي. هو سدائين کيس ٽيٽي جي نالي سان سڏيندو هو. اها عمر ۾ کانئس ويهه ورهيه وڏي هئي. اها جسماني طور ٻن ٻي ڍولن ڪردارن ۾ محبت جي شادي هئي. هن جانسن جي غربت جا ڏينهن هن سان گڏ گذاريا ۽ سندس شهرت جو اوائلي دور به ڏٺو ۽ پوءِ 1752ع ۾ فوت ٿي وئي. هن سندس ”ڊڪشنري آف دي انگلش لئنگوج“ جهڙوڪ عظيم ڪتاب ڇپائي هيٺ ايندي نه ڏٺو هو. هن ته کيس معمولي قلم ڪاري ۽ ترجما ڪندي کيس سُوتو پوتو ڪمائيندي ۽ جُهد پٽيندي ڏٺو هو. هو تيستائين لنڊن بابت پنهنجو عظيم نظم ڇپرائي چڪو هو جنهن جي پوپ پڻ تعريف ڪئي هئي. هو انهي کان اڳئين دور جو سڀ کان عظيم شاعر هو ۽ ريمبلر رسالي ۾ ڇپيل سندس مضمون کيس اڳيئي تمام گهڻي شهرت ڏياري چڪا هئا.

هو ٽوري (Tory) ۽ اينجليڪي فڪر جو ترجمان بڻجي ويو هو ۽ گهڻو وقت جيڪوبي (jocabite)ٿي رهيو هو. سندس ڊڪشنري ڇپجڻ سان سندس ڏينهن بدلجڻ شروع ٿيا. اها 1754ع ۾ شايع ٿي. پوءِ جارج ٽئين هن لاءِ پينشن پڻ مقرر ڪئي. جانسن کي هڪ دفعو بادشاهه سان ڊگهي ملاقات ڪرڻ جو موقعو مليو هو. هن کيس هر لحاظ کان مڪمل شانائتو ماڻهو لکيو آهي ۽ چيو آهي ته هو چارلس ٻئين ۽ لوئي چوڏهين وانگر ئي بادشاهه ٿيڻ لاءِ لائق ۽ مناسب هو.

جانسن جي طبيعت ۾ ڪيترائي تعصب ۽ اڻ ٺهڪندڙ ڳالهيون پڻ هيون. هن کي جنن ڀوتن ۾ ويساهه هوندو هو ۽ سمجهندو هو ته ماڻهو اڳڪٿيون ڪري سگهن ٿا. گڏوگڏ کيس رسمن رواجن جي روحاني اهميت ۾ پڻ ويساهه هوندو هو. هن هڪ دفعو ”گُڊ فرائيڊي“ تي گرم ڪافي پي ورتي هئي. انهي تي هن پاڻ تي ڏاڍي تنقيد ڪئي هئي. هو هر قسم جي شهري ۽ مذهبي خيالن جو ڏاڍو ادب ڪندو هو. وري ٻئي پاسي هو ڌاڍي تشڪيڪ (Scepticision) جو اظهار به ڪندو هو. سندس هڪ محبوب مشغلو کيس ٻين پاران ٻڌايل ڳالهين تي شديد تنقيد ڪرڻ هوندو هو. هن ويسٽ انڊيز ۾ شديد سامونڊي طوفان جي بيان کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو ۽ انهيء ڳالهه کي به مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته برطانوي گولي بازن 1789ع کان 1793ع تائين جبرالٽر جي محاصري دوران باهه وانگر گرم گولا وَسائي فرانسي ۽ اسپيني جهازن کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. هوگارٿ چواڻي، ”جانسن، بادشاهه ڊيوڊ وانگر آهي. هو چوي ٿو ته سڀ ماڻهو ڪُوڙا آهن. سندس تعصب به ڏاڍا اونها هوندا هئا. هو اسڪاٽلينڊين ۽ آمريڪين کان نفرت ڪندو هو. ”آءٌ آمريڪين کان سواءِ سموري انسان ذات سان محبت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“، هن هڪ دفعو اهي لفظ چيا هئا. هن آمريڪي نو آبادڪارن خلاف جارج ٽئين جي جنگ جي حمايت ڪئي هئي. هن کي ته پنهنجي دور جي ادب جو سٺو پارکو به چئي پيو سگهجي جو هو جيتوڻيڪ پوپ ۽ ڊرائيڊن جي واکاڻ ڪندو هو پر کيس ”گليورز ٽريولز“ ۾ ڪا به خوبي نظر نه ايندي هئي. کيس اسٽرن جو ٽرسٽم شينڊي به نه وڻندو هو. لڳي ٿو ته هن فيلڊنگ جو ٽام جونز به نه پڙهيو هو. هو اهڙن ڪتابن جي ڀيٽ ۾ نامعلوم لاطيني شاعرن ۽ نثر نويسن جي ڪتابن واري بوريت کي ترجيح ڏيندو هو.

کيس ڀلا پنهنجي عجيب ظاهري شڪل صورت ۽ عادتن؛ سندس حماقتن ۽ سندس تعصبن جي باوجود پنهنجي دور جي فڪري سماج جو استاد ڇو مڃيو ويندو رهيو؟ انهي جا ڪيترائي سبب آهن. هو پنهنجا انتهاپسنداڻارايا اهڙي قوت، دليل جي اهڙي طاقت ۽ اهڙي حاضر جوابي سان ڏيندو هو جو کيس گفتگو جي فن جو استاد مڃيو ويندو هو. انهي واندڪائي واري دور ۾ ماڻهو انهي فن مان لطف اندوز به ڏاڍا ٿيندا هئا. مجموعي طور ڏسجي ته اهو سمورو قصو ڪنهن راند بجاءِ هڪ جنگ هوندو هو ۽ جانسن اهڙن هزارين معرڪن مان فاتح ٿي نڪتو. سندس دوست هن سان جيتوڻيڪ يڪ راءِ به نه هوندا هئا ته به سندس طاقت جي مظاهري مان خوش ٿيندا هئا. ٻين فاضل ماڻهن تي سندس برتري جو سبب اهو هوندو هو (گهڻو ڪري ته اهي ماڻهو هن کان وڌيڪ علميت وارا به هوندا هئا) جو کيس پنهنجيون ذهني صلاحيتون فوراً يڪجاءِ ڪرڻ جي صلاحيت هوندي هئي. هو ڪنهن به موضوع تي غير معمولي لفظي صلاحيت سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگهندو هو. هن دين جي تبليغ ڪندڙ ڪنهن عورت بابت چيو هو: ”سائين، اهو ته ڄڻ ائين آهي جو ڪو ڪتو پنهنجين پٺين ٽنگن تي گهمي رهيو هجي. اهم ڪم سٺي نموني ته نه پيو ٿئي پر توهان کي حيرت ضرور ٿيندي ته اهو بهرحال ٿئي پيو“. هڪ دفعو ڪچهري دوران ڪنهن ماڻهو جو ذڪر ٿيو جنهن هڪ ناخوشگوار شادي کان پوءِ شادي ڪئي هئي. جانسن انهي تي چيو ته ”اها تجربي تي اميد جي ڪاميابي جو اظهار آهي“.

پر جانسن جي شخصيت جا حاضر جواب گفتگو ڪندڙ کان وڌيڪ ٻيا به رُخ هئا. هن ڪيترائي عظيم ڪم سرانجام ڏنا. سندس عظيم ڊڪشنري ۽ سندس Lives of the Poets کي بجا طور پسند ڪيو وڃي ٿو. هو اهڙي دور ۾ هڪ سٺو اسڪالر هو جنهن ۾ علم ۽ فضل جي عزت ڪئي ويندي هئي. هو ارڙهين صدي جي هڪ نمائنده شخصيت پڻ هو ۽ پنهنجي دور جي مخصوص خيالن جو اظهار ڪيائين ٿي. سندس اهو رايو ته حڪومت ڪهڙي به قسم جي هجي اها انسانن جي ڀلائي تي خير ڪو اثر وجھي ٿي ۽ فردن بجاءِ رياست جي شاهوڪاري چاهيندڙن کان سندس نفرت کي وڏي پيماني تي پذيرائي ملي. ”وطن جي حب“، هن لکيو هو، ”ڪنهن به بدمعاش جي آخري پناهه گاهه هوندي آهي“. کيس انهن ماڻهن تي اعتبار نه هوندو هو جيڪي آزادي (Liberty)کي ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه پر بذات خود اهميت ڏيندا هئا. جيئن سندس ڳالهين مان ظاهر آهي هو ڪامن سينس (common sense) سان ڀريل هوندو هو پر کيس رياڪاري ۽ خوشامدي ڳالهين کان سخت نفرت هوندي هئي. هو هڪ دفعو مسز ٽرال جي گهر ۾ ويٺا هئا. هوءَ شاهوڪار ۽ سهڻي عورت هئي ۽ علم ادب ۽ شاعري بابت ڳالهائيندي رهندي هئي. جانسن کيس پسند ڪندو هو. مسز ٽرال تمام وڻندڙ کاڌو کائي اٿي هئي. سندس ڪتو پريسٽو سندس پيرن ۾ ويٺو هو. هو تمام همدرديءَ واري انداز ۾ پنهنجي ڪنهن سوٽ ماسات بابت ڳالهائي رهي هئي جنهن جو آمريڪي جنگ ۾ توب جو گولو لڳڻ سان مٿو ڦاٽي پيو هو. جانسن جا جذبا اهو ٻڌي جاڳي پيا هئا ته مسز ٽرال سميت سندس اڪثر دوست جنگ جي خلاف هئا. اهڙي ماحول ۾ هن رڙ ڪري چيو: ”پرٿي! منهنجي پياري، ٺهيو هاڻي! ايتريون ڳالهيون نه ڪر. ڀلا ته جيڪڏهن تنهنجا سمورا مٽ مائٽ ڳترا ڳترا ٿي وڃن ۽ تنهنجي ڪتي لاءِ ڀُڄي تيار ٿي اچن ته دنيا کي ڪو نقصان پهچندو ڇا؟ هو اها ڳالهه به تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندو هو ته خانگي هلي چلي تي ڪو سرڪاري معاملن جو گهڻو اثر پوي ٿو.

جانسن سڀ کان وڌيڪ پنهنجي شخصيت کي انهي حيثيت ۾ مڃرايو جو هو غربت ۽ بي توجهي جون ڀوڳنائون سهي ڪاميابي جي منزل تي پهتو هو ۽ تمام مضبوط عقيدا ۽ اعتقاد رکندڙ هو. هو پنهنجي سموري زندگي چريو ٿي وڃڻ ۽ موت کان ڊڄندو ورهيو. هڪ شام جو جڏهن سموري سنگت اٿي وئي ته بوسويل جانسن تي بغير ڪنهن رک رکاءَ جي زور وڌو ته هو موت جي موضوع تي ڳالهائي، بوسويل لکيو آهي:

منهنجي انهي سوال جو ته اسان کي موت جي ويجھو اچڻ بابت پنهنجن ذهن کي تيار ڪرڻ گهرجي يا نه، جانسن ڏاڍي جذباتي انداز ۾ جواب ڏنو: ”نه سائين! اها ڳالهه کڻي ڇڏيو. اها ڳالهه ڪا اهميت نه ٿي رکي ته ڪو ماڻهو مري ڪهڙي نموني ۾ ٿو. اصل ڳالهه اها آهي ته هو زندگي ڪيئن ٿو گذاري. مرڻ جو عمل ڪا اهميت نه ٿو رکي. اهو ته تمام مختصر وقت هلندو آهي“. هن تمام سنجيدگيءَ سان ڏسندي چيو: ”هر ماڻهو کي خبر هوندي آهي ته اهو ڪم لازماً ٿيڻو آهي ۽ هو ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿو. کيس هاءِ گهوڙا ڪرڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو“.

مون ڪوشش ڪئي ته گفتگو هلندي رهي. هو ايترو ته ڪاوڙ ۾ اچي ويو جو چيائين، ”اسان کي وڌيڪ اهڙيون ڳالهيون نه ٻڌايو“. هو اهڙي ته هيجاني ڪيفيت ۾ اچي ويو ۽ اهڙي انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو جو آءٌ ڏڪي ۽ پريشان ٿي ويس ۽ وڏي بي صبري سان اهو ظاهر ڪرڻ لڳو ته آءٌ جيڪر هن وٽان اٿي وڃان ۽ آءٌ جڏهن وڃڻ لڳس ته ڏاڍي سختي سان چيائين: ”اسان کي سڀاڻي هڪ ٻئي سان ملڻ نه گهرجي“.

هو پنهنجن مذهبي عقيدن جي زير اثر خير خيرات به پيو ڏيندو هو. هو ڏکئي وقت ۾ سڀني جي مدد ڪندو هو ۽ لنڊن ۾ سندس گهر سدائين سندس خرچ تي پلجندڙ ماڻهن سان ڀريل هوندو هو. اتي مسز وليمز نالي هڪ نابين ۽ ٿڪائيندڙ پوڙهي به رهندي هئي جنهن کي جيتوڻيڪ اهڙو ڪو به حق نه هو تنهن هوندي به جانسن جي زندگي ۾ نطم ضبط آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪندي هئي وري رابرٽ ليويٽ نالي هڪ سُڃو ۽ نٻل دوا فروش به رهندو هو. جانسن کيس ٻاهران گهٽين مان آڻي گهر ۾ رهايو هو. ڪڏهن ڪڏهن هڪ پراڻي دوست جون ماءُ ۽ ڌيءُ به هن وٽ رهنديون هيون. جانسن پولي ڪارميڪائيل نالي هڪ بدچلن عورت کي به گهڻو وقت پاڻ وٽ رهايو. اها کيس به خبر نه هئي ته هن اهو ڪم ڇو ڪيو هو. سندس گهر ۾ فرينڪ باربر نالي سندس شيدي خادم به رهندو هو. هو پنهنجا پئسا انهي وٽ رکندو هو. هن جيڪڏهن پنهنجي دوست کي هي لفظ چيا هئا ته انهي ۾ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي ته ”منهنجي رڌڻي ۾ بي ترتيبيءَ جو راڄ آهي“. سندس دوست هن جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ هن سان پيار ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته سندس ويڙهاڪ طبيعت جي باوجود هن کي دوستي نڀائڻ جو وڏو ڏانءُ هوندو هو“. تنهنجو سلوڪ مون سان سدائين تمام سٺو رهيو“. برڪ، جانسن جي موت واري بستري ڀرسان بيهي اهي لفظ ڀڻڪيو هو.

جانسن جيتوڻيڪ هڪ مفڪر، هڪ ليکڪ يا هڪ عيسائي طور هن دنيا کان تمام پرانهون نظر اچي پر بوسويل جي صدقي اسين هن فڪري ڊائنوسار سان اهڙي طرح رهڻ جي قابل ٿيا آهيون ڄڻ ته اسان هن سان هر روز ڳالهيون ڪيو هجن ۽ سندس فڪري مهارت مان لطف اندوز ٿيا هجون ۽ سندس همٿ، سندس ڊپن ۽ سندس روح جي عظمت مان واقف ٿيا هجون. هو جيئن ته هڪ عظيم شخصيت هو تنهن ڪري هڪ عظيم ڪتاب آندائين. بوسويل فطري طور ڪو نهٺو ماڻهو نه هو. انهي پنهنجي ڪتاب Life Of Johnson بابت چيو هو ته دنيا انهي کي تمام وڏي نظر سان ڏسي ٿي ۽ لارڊ ميڪالي ٿي سگهي ٿو ته هنن لفظن ۾ بوسويل جي صحيح پرک نه ڪئي هجي پر سندس ڪتاب جي پرک ڪرڻ ۾ ڪا به غلطي نه ڪئي:

”جانسن جي سوانح عمري واقعي هڪ عظيم ۽ تمام عظيم ڪتاب آهي. هومر رزميه شاعرن ۾ ايترو قطعي طور پهرئين نمبر تي نه آهي؛ شيڪسپيئر ڊراما نگارن ۾ ايترو قطعي طور پهرئين نمبر تي نه آهي؛ ڊيموس ٿينز تقرير بازن ۾ ايترو قطعي طور پهرئين نمبر تي نه آهي جيترو بوسويل سوانح نگارن ۾ قطعي طور پهرئين نمبر تي آهي. هن جو ڪو ثاني نه آهي. هن پنهنجن حريفن کي ايترو ته پٺتي ڇڏي ڏنو آهي جو انهن کي ڳڻپ ۾ آڻڻ ئي اجايو آهي.“

33. عورت جي حقن جو بچاءُ

(A Vindication of the Rights of Woman)

-- ميري وولسٽون ڪرافٽ --

 

ڪنهن به عورت پاران لکيل ڪتابن مان ميري وولسٽون ڪرافٽ جي لکيل ڪتاب Vindicationکان وڌيڪ ڪنهن اهم ڪتاب جو تصور ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو. ڪتاب ادبي لحاظ کان ڪنهن وڏي اهميت جو حامل نه آهي. انهي جي برعڪس اهو ڏاڍي بي ڌياني سان ۽ ڏاڍي جذباتي انداز ۾ لکيل آهي ۽ انهي ۾ اهي سڀئي نشانيون موجود آهن ته اهو تڙ تڪڙ ۾ لکيل آهي. اهو اهڙي قلم سان لکيل آهي جنهن لاءِ هڪ دفعو شروع ٿيڻ کان پوءِ رڪجڻ ڏکيو هو. پر انهي تي تاريخ جي روشني ۾ نظر وجھڻ سان خبر پوي ٿي ته اهو ڪنهن ڏات ڌڻي جو نج ۽ اصلي ڪتاب آهي ۽ هڪ اهڙو پڌرنامو آهي جنهن انساني لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ تمام وڏي انقلاب جي دور جو پڙهو ڏنو.

ڪتاب جو پورو نالو A Vindication of the Rights of woman آهي ۽ اهو جڏهن 1792ع ۾ شايع ٿيو ته اهو نالو خطرناڪ حد تائين عجيب غريب پئي ٻڌڻ ۾ آيو. پر ميري وولسٽون ڪرافٽ هڪ نظرين ۽ خيالن واري عورت هئي ۽ انهن کي ظاهر ڪرڻ ۾ به کيس ذري برابر ڊپ نه ٿيندو هو. هوءَ ڪا ڪمزور، سهارا وٺندڙ ۽ محبت سان هيٺاهين وٺندڙ قسم جي عورت نه هئي. هو پنهنجي سموري زندگي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻ جي عادي هئي. هن ورهين تائين پنهنجن والدين ۽ ڀينرن ڀائرن جي سهائتا ڪئي هئي ۽ ادبي دنيا ۾ پير ڄمائڻ کان اڳ گورنيس ٿي بيعزتيون سٺيون هيون ۽ ماسترياڻي ٿي غلامن وانگر ڪم ڪيو هو. هو هڪ دوست پبلشر جي رهنمائي هيٺ لنڊن آئي جتي رسالن لاءِ ليک لکي ۽ ترجمن جو ڪم ڪري پنهنجو ضروري خرچ پکو ڪڍندي رهي. اهو ڪم هن کان اڳ ڳاڻ ڳڻين عورتن ئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اڪثر ماڻهو انهي کي غير مناسب سمجهندا هئا. هن جڏهن پنهنجي گندي ۽ شهر جي ٻاهرئين علائقي ۾ واقع جاءِ ۾ پنهنجو ڪتاب لکڻ شروع ڪيو ته سندس عمر ٽيهن کان ڪجھ ورهيه مٿي هئي ۽ تڏهن به چڱي خوش شڪل هئي جو اوپي (Opie) پاران ٺاهيل سندس پورٽريٽ ۾ ڏاڍي دلڪش نظر اچي ٿي. اهي حقيقتون اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ڪافي هونديون ته هوءَ جڏهن عورت جي زندگيءَ جي ڏکيائين بابت لکڻ ويٺي ته کيس چڱي طرح خبر هئي ته هو ڇا بابت لکي رهي هئي. هوءَ پنهنجي ذاتي تجربي جي بنياد تي ئي ايترو پرزور احتجاج ڪري سگهي هئي ۽ انهي ئي بنياد تي چڱين ڳالهين ڏانهن رهنمائي ڪيائين.

کيس جنهن ڳالهه قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو اها شايد ته انهي دور ۾ فرانس ۾ عمل ۾ ايندڙ انقلابي تبديليون هيون. قديم دور حڪومت جو زوال اچي ويو هو ۽ پيرس ۾ هڪ نئون آئين ٺهي رهيو هو ۽ انهي جي ليکڪن مان هڪ ٽيلي رانڊ به هو جنهن جي وات تي سدائين اها شڪايت رهندي هئي ته ”انسان ذات جي اڌ“ کي حڪومت جي ڪمن ڪارين ۾ شرڪت کان محروم رکيو ويو آهي. هو جيڪو نئون آئين ٺاهي رهيا هئا انهي ۾ انهيءَ خامي کي دور ڪيو ويندو ۽ غريب ترين شهري کي به سرڪاري انتظام ۾ حصو ملندو. پر شهر جي عورتن کي نه: اڙي نه! عورتن کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو! ”ڀلا ڇو نه؟“ اهو مس وولسون ڪرافٽ جو تمام مناسب سوال هو.

ونڊيڪيشن جو انتساب ٽيلي رانڊ ڏانهن آهي ۽ انتسابي نوٽ ۾ هن کيس هيء عرضداشت ڪئي آهي: ”جڏهن مرد پنهنجي آزادي لاءِ وڙهن ٿا ۽ انهن کي پنهنجي خوشي سان رهڻ جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي ته ڇا عورتن کي زيردست رکڻ بي انصافي ۽ اڻ ٺهڪندڙ ڳالهه نه آهي؟ ڇا توهان هڪ قانون ساز جي حيثيت ۾ اهو نه سمجهندا آهيو ته توهان جو عمل به انهن جي خوشي ۾ واڌاري جو سبب هوندو آهي؟ جيڪڏهن عورتن کي به مردن جهڙو ئي عقل ۽ شعور عطا ٿيل آهي ته مرد کي اڪيلي سر جج ڪنهن بڻايو آهي؟

واقعي ڪنهن؟ اسان کي اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ٽيلي رانڊ ڪهڙو جواب ڏنو، پر ميري وولسٽون ڪرافٽ ڪنهن جواب جو انتظار به نه ڪيو ۽ ”مون جنهن ڳالهه کي نيڪي سمجهيو پئي انهي جي حمايت ۾ پنهنجي قلم کي ڊوڙائڻ لڳيس“. ۽ کيس اهو به نه سمجهڻ گهرجي ته هو ڪا فقط پنهنجي شخصي ڏک کي اظهار ڏئي رهي هئي. ”آءٌ پنهنجي ذات نه پر پنهنجي جنس وارن جي وڪالت ڪري رهي آهيان. مون گهڻي وقت کان آزادي کي زندگي جي سڀ کان وڏي نعمت پئي سمجهيو آهي جيڪا هر چڱائي جو بنياد آهي ۽ آءٌ هميشه لاءِ آزاديءَ جو دفاع ڪندي رهنديس ڀلي مون کي انهي لاءِ ڪنهن ويران پٽ تي رهڻو پوي.“

جيئن مٿي اشارو ڏنو ويو آهي ونڊيڪيشن تمام بي ترتيبي سان لکيل ڪتاب آهي. ايترو ته بي ترتيبي سان جو ڪتاب پڙهڻ وقت بار بار اهو شڪ پيو پيدا ٿيندو ته لکندڙ جذبات جي وهڪري ۾ وهندي سندس ذهن ۾ جيڪو خيال ايندو ويو آهي اهو لکندي وئي آهي. پر ڪتاب ۾ اهڙا مرڪزي خيال به ڏسي سگهجن ٿا جن ڏانهن هو بار بار واپس اچي ٿي. اهڙو پهريون مرڪزي خيال عورت جي مرد جي روايتي ماتحتي تي اڻ وڻت جو اظهار آهي.

هوءَ ڏاڍي ڏک سان شڪايت ڪري ٿي ته آدم کان وٺي انسان ذات جا حق فقط مردن تائين محدود رکيا ويا آهن ۽ انهي جو الزام هوءَ گهڻي ڀاڱي ”موسيٰ واري شاعراڻي آکاڻي“ تي هڻي ٿي. وري کيس اها ڳالهه مڃڻ به ڏاڍي ڏکي لڳي ٿي ته ”جن چند ماڻهن انهي موضوع تي ڪڏهن غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ڇا انهن ڪڏهن اهو سمجهيو هوندو ته حوا آدم جي پاسيري هئي؟“

”مون کي پنهنجي ساٿي سان پيار آهي“، هوءَ تسليم ڪري ٿي؛ پر سندس حقيقي يا ڦُريل شاهي اختيار ايستائين مون تي نه ٿو هلي سگهي جيستائين ڪنهن فرد جو عقل ۽ شعور منهنجي اطاعت گذاري جي طلب نه ٿو ڪري ۽ پوءِ به اطاعت مرد جي نه پر عقل ۽ شعور جي هوندي“. لڳي ٿو ته مرد کي فقط هڪ ڳالهه ۾ عورت تي فطري برتري مليل آهي ۽ اها آهي جسماني طاقت. هو ڪنهن حد تائين شعور جي اظهار سان انهي تي ناز به ڪري سگهي ٿو. پر ڇا اهو به ڪو معقول سبب آهي ڇو جو انهي ڪري عورتن کان اها اميد رکي وڃي ته اهي پنهنجي ڪمزوري تي ناز ڪن؟ هو زور ڏيندي چوي ٿي ته عورت فقط انهي لاءِ پيدا نه ڪئي وئي آهي جو هو مرد جي بک جي تسڪين ڪندي رهي يا اعليٰ درجي واري نوڪر طور ڪم ڪري جيڪو کيس کاڌو پيتو مهيا ڪري ۽ سندس ڪپڙي لٽي جو خيال رکي: بادشاهن جو خدائي حق ختم ٿي ويو هو ۽ هاڻي وقت اچي ويو هو ته مڙسن (جن جي حيثيت اڪثر ڪري وڏن ٻارن کان وڌيڪ ڪجھ نه هوندي آهي) جو خدائي حق به ساڳئي راهه وٺي.

انهيءَ کان پوءِ سندس اهو احتجاج اچي ٿو ته عورتن کي جهالت ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ انهن کي مناسب تعليم کان محروم رکيو وڃي ٿو. ”منهنجي خواهش آهي ته آءٌ عورتن کي نه ئي هيروئن نه ئي وحشين جي روپ ۾ ڏسان“. هوءَ حاشيي ۾ چوي ٿي ته: ”آءٌ انهن کي باشعور مخلوق جي روپ ۾ ڏسڻ گهران ٿي“. هوءَ اها ڳالهه تسليم ڪري ٿي ته: ”ويجهڙائيءَ ۾ عورتن جي تعليم کي اڳي کان وڌيڪ توجه ڏني وئي آهي“. پر تنهن هوندي به انهن کي غير سنجيده جنس سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪجھ ليکڪ جيڪي طنز يا سکيا جي ذريعي انهن ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا اهي به انهن تي چٿرون ۽ چوٽون ڪن ٿا يا انهن تي افسوس ڪن ٿا. اها ڳالهه تسليم ٿيل آهي ته اهي پنهنجين زندگين جا ڪيترائي شروعاتي ورهيه ڪجھ ڪمن ڪارين بابت معمولي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏين ٿيون ۽ انهي دوران ذهن ۽ جسم جي قوت کي حسن ۽ سونهن جي عياشيءَ وارن خيالن ۽ کين شادي ذريعي پير پختا ڪرڻ جي خواهش تي قربان ڪيو وڃي ٿو. هائو عورتن پاران دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جو فقط هڪ ذريعو شادي ئي ته آهي. ۽ انهن کي فقط جانور بنائڻ واري انهي خواهش جي پورائي ۾ اهي جڏهن شادي ڪن ٿيون ته اهي ڪم به اهڙا ڪنديون آهن جهڙي ٻارن کان توقع ڪري سگهجي ٿي: اهي ڪپڙا لٽا پهرينديون آهن ۽ چترڪاري ڪنديون آهن. سچي ڳالهه اها آهي ته اهي ڪمزور وجود فقط ڪنهن حرم سراءِ لاءِ ئي مناسب ۽ موزون هوندا آهن. ڇا انهن مان اها اميد رکي سگهجي ٿي ته اهي ڪنهن ڪٽنب کي سوچ سمجهه سان هلائينديون يا اهي جن ٻارن کي دنيا ۾ آڻين ٿيون انهن جي سار سنڀال لهنديون؟ هوءَ بار بار اهو نقطو اٿاري ٿي ته جاهل عورتون خراب مائرون ثابت ٿينديون آهن ۽ امڪان اهو آهي ته خراب مائرن کي غريب ۽ ڪمزور ٻار پيدا ٿيندا. البت هوءَ اها ڳالهه تسليم ڪري ٿي ته جن عورتن پنهنجي سوچ سمجهه جو دائرو وسيع ڪيو آهي اهي پنهنجن مڙسن جي انڌي تابعداري جو اظهار ڪرڻ لاءِ ايتريون تيار نه ٿينديون. پر طاقت ۽ اختيار وارا فقط انڌي تابعداري ئي گهرندا آهن ۽ آپيشاهه حڪمران ۽ جسماني خواهشن جا طالب جيڪڏهن عورتن کي اونداهي ۾ رکڻ گهرندا آهن ته اهي صحيح ئي هوندا آهن ڇاڪاڻ ته آپيشاهن کي غلام ۽ جسماني خواهشن جي طالبن کي رانديڪا گهربل هوندا آهن.

ميري وولسٽون ڪرافٽ ۾ ڪنهن به لحاظ کان نسواني ڪشش جي کوٽ نه هئي پر هوءَ انهي ڳالهه تي ڏاڍي افسوس جو اظهار ڪندي هئي ته هن کي فقط مرد جو رانديڪو سمجهيو وڃي. ”آءٌ انهي ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪريان ٿي ته مرد عورتن لاءِ هلڪي ڦلڪي توجه جو اظهار ڪري انهن کي منطم طريقي سان گهٽ درجي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هو انهي ڪم کي مرداڻي ذميواري سمجهندا آهن جڏهن ته حقيقت ۾ پنهنجي برتري کي بيعزتي واري نموني ۾ ٽيڪ پيا ڏيندا آهن. مون کي اهي ادب آداب ايترا ته کل جوڳا لڳندا آهن جو جڏهن آءٌ ڪنهن مرد کي ڏاڍي سنجيدگي ۽ اشتياق سان ڪنهن عورت جو رومال کڻڻ لاءِ هيٺ جهڪندي يا دروازو کولڻ لاءِ هٿ وڌائيندي ڏسندي آهيان ته آءٌ پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهندي آهيان ڇو ته اهو ڪم ته اها عورت هڪ ٻه وکون وڌائي پاڻ ئي ڪري وٺي ها“.

هڪ ٻي هنڌ هوءَ ڏاڍي چٿر سان لکي ٿي: ”مون ڪڏهن به ڪنهن عورت جي بيوسي تي ڪنهن کي ڪهل ايندي نه ڏٺي آهي سواءِ انهي جي جو اها عورت سهڻي هجي....“

مرد گهٽ ۾ گهٽ ڪجھ مرد چاهيندا آهن ته انهن جو عورتون نازڪ مزاج هجن ۽ هر قسم جي سک ۽ آرام لاءِ انهن ڏانهن واجهائين ۽ عورتون به ائين ئي ڪنديون آهن. ”اهي بلڪل معمولي خطرن جي صورت ۾ انهن جي مدد لاءِ واڄهائينديون آهن ۽ انهن جو فطري محافظ پنهنجي ٻانهن وڌائيندو آهي يا پنهنجو آواز اوچو ڪندو آهي جيئن پنهنجي ڏڪندڙ پياري کي بچائي سگهي. بچائي وري ڇاکان؟ شايد ڪنهن ڪراڙي ڍڳيءَ پاران تارا ڦوٽاري ڏسڻ کان، يا وري ڪنهن ڪوئي جي ٽپ کان“.

اهڙي قسم جي ڳالهين کان ميري وولسٽون ڪرافٽ کي ڏاڍي نفرت هوندي هئي. هوءَ ڏاڍي افسوس سان چوي ٿي ته: ”عورت پنهنجي جنسي ڪمزوري سبب، پنهنجي نان نفقي لاءِ مرد تي ڀاڙي ٿي. انهي سبب ئي ڪا زال پنهنجي مڙس لاءِ ائين اطمينان سان ويٺي ڳالهائيندي آهي جيئن هوءَ جيڪر اهڙي ڪنهن به مرد لاءِ ڳالهائي جيڪو کيس کاڌو پيتو کارائي يا سندس جسم تي پيار سان هٿڙا ڦيري“. کيس چڱي طرح خبر هئي ته ”مردن کي اهڙي قسم جي پيار مان تسڪين ملندي آهي. ۽ اها ڳالهه انهن تائين ئي محدود آهي. پر اهي جيڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ پاڪباز ٿي ويندا آهن ته پنهنجي محبوبه سان راند روند ڪرڻ کان پوءِ سياري جي مند ۾ باهه ڀرسان پنهنجي دوست سان ڪچهري ڪرڻ چاهيندا آهن.“

مري وولسٽين پنهنجي زندگي جي سخت ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته تلخ تجربن مان سکيل سبق جي آڌار تي انهي عام راءِ خلاف احتجاج ڪندي رهي ته عورت جي آڏو فقط اهو مقصد هجي ته هو پنهنجي لاءِ ڪو مڙس حاصل ڪري ۽ پوءِ هر ڳالهه ۾ سندس تابعداري ڪندي رهي هن پاڻ جيتوڻيڪ زندگي جي آخري حصي ۾ شادي ڪئي پر کيس ننڍپڻ کان وٺي ڪٽنب جون ذميداريون پنهنجن ڪلهن تي کڻڻيون پيون. سڀئي عورتون ته (هن وضاحت ڪئي هئي) مڙس حاصل ڪري نه ٿيون سگهن ۽ ڪجھ عورتون ته مڙس ملڻ جي باوجود به شادي ڪرڻ نه چاهينديون آهن. وري بيشمار اهڙيون عورتون به آهن جيڪي بيوهه ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن کي پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي اهڙي دنيا ۾ زنده رهڻ جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جنهن ۾ عورتن لاءِ نوڪري جا موقعا بنهه ٿورا هوندا آهن. هڪ عورت ڀلا ڪري به ڇا ٿي سگهي؟ هوءَ زنانيون ٽوپيون يا زنانه چوغا ٺاهي وڪڻڻ جو ڪم ڪري سگهي ٿي يا جيڪڏهن کيس ڪجھ تعليم آهي ته هوءَ گورنيس ٿي سگهي ٿي.... هوءَ لکي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن سٺن گهراڻن جي پڙهيل لکيل عورتن کي به مجبوري ۾ اهڙي حالت ۾ ڌڪيو وڃي ٿو جتي انهن کي بيعزتيون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون آهن جيڪي فارم هلائي سگهيون ٿي، دڪان هلائي سگهيون ٿي يا پنهنجي محنت ذريعي ڪنڌ مٿي ڪري هلي سگهيون ٿي پر انهن جي زندگي بيڪار گذري وڃي ٿي. عورتن کي طب جو علم حاصل ڪري طبيب، نرس يا دائي ٿيڻ گهرجي. انهن لاءِ ڪاروبار ۾ به موقعا هئڻ گهرجن جيئن اهي پنهنجو خرچ پکو پاڻ ڪڍي سگهن جيئن انهن کي مجبور ٿي فقط ڪنهن مدد ۽ سهائتا لاءِ شادي نه ڪرڻ گهرجي يا اهي بدپيشي ڏانهن ڌڪجي نه وڃن.

هن انهيءَ کي به ڪافي نه ٿي سمجهيو. ”ٿي سگهي ٿو منهنجي هن ڳالهه تي ماڻهو کل کجڪا ڪن، ”هو لکي ٿي ”پر منهنجي واقعي اها سوچ آهي ته هاڻي عورتن کي حڪومتي معاملن ۾ ڪو سڌو سنئون حصو نه ٿو ملي ۽ انهن تي هڪ طرفي انداز ۾ حڪومت ڪئي وڃي ٿي. انهي جي بجاءِ انهن جون به نمائندگي ڪندڙ عورتون هئڻ گهرجن.

تعليم بابت به سندس خاص نظريا آهن. انهن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ پنهنجي دور کان گهڻو اڳتي هئي. هن جنهن دور ۾ اهو ڪتاب لکيو هو تنهن وقت ٻارن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي اڪثريت اڻ پڙهيل هوندي هئي ۽ رياست توڙي چرچ جي اختيارين جي به اها ئي مرضي هوندي هئي ڇاڪاڻ ته پڙهي ۽ لکي سگهندڙ ماڻهو سياسي طرح نقصان ڪار ٿي سگهيو ٿي. پر ميري وولسٽون کي اهڙا ڪي به خدشا نه هئا ۽ هن پنهنجي ڪتاب ۾ اها تجويز ڏني آهي ته سموري ملڪ ۾ هر چرچ جي حلقي ۾ اهڙا ڊي- اسڪول (Day- School) قائم ڪيا وڃن جن ۾ غريبن توڙي اميرن، اعليٰ توڙي ادنيٰ طبقي جي ٻارن کي نه فقط پڙهڻ، لکڻ ۽ انگي حساب پر باٽني، فلڪيات، مڪينڪس، طبعي تاريخ ۽ فطري فلسفي جي اهم ڳالهين بابت سکيا ڏني وڃي وڌيڪ اهو ته مذهب، تاريخ، بشريات (Anthropology) ۽ سياسيات جون اهم ڳالهيون پڻ سوالن جوابن جي شڪل ۾ سيکاريون وڃن، پر انهن ڳالهين کي ورزشي راندين روندين لاءِ مقرر وقت ۾ ڪڏهن به رخنو نه وجھڻ گهرجي جيڪي کليل هوا ۾ زمين جي هڪ وڏي ٽڪري تي ٿيڻ گهرجن. هوءَ انهي ڳالهه تي به زور ڏيندي هئي ته هر اسڪول جي چوگرد زمين جو اهڙو وڏو ٽڪرو ضرور هئڻ گهرجي.

نون ورهين جي عمر کان پوءِ جن ڇوڪرن کي مڪينيڪي ڌنڌن ۾ پنهنجي روزي ڪمائڻي هجي ۽ جن ڇوڪرين کي گهريلو نوڪريون ڪرڻيون هجن انهن کي اهڙن اسڪولن ۾ موڪليو وڃي جتي انهن کي خاص قسم جي تعليم ڏني وڃي. صبح جو ٻنهي جنسن جي ٻارن کي گڏ سکيا ڏني وڃي پر ڇوڪريون شام جو ڀرت ڀرڻ ۽ ٽوپيون ٺاهڻ جي ڪلاسن ۾ ويهن. اعليٰ قابليت يا سماج ۾ وڏي حيثيت وارن ماڻهن جا ٻار ڀلي اهڙن اسڪولن ۾ وڃن جتي انهن کي متروڪ ۽ مروج زبانون سيکاريون وڃن، سائنس جون اهم ڳالهيون پڙهايون وڃن ۽ اهي مٿاهين سطح تي تاريخ ۽ سياسيات جي تعليم جاري رکن. اهي انقلابي قسم جون تجويزون هيون ۽ اها دعويٰ ڪرڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته انهن ۾ موجوده دور جي سيڪنڊري گرامر اسڪولن جا ٻج سمايل آهن.

پر سندس واقعي حيرت ۾ وجهندڙ تجويز ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏ تعليم (Co- Education)واري هئي. ”ڇا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ؟ ”مون کي ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ڪجھ پڙهندڙ سوال پڇي رهيا آهن؟ هائو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ“.

انهي غيرمعمولي ڪتاب مان اڃا ڪيترائي اقتباس ڏئي سگهجن ٿا. ڇاڪاڻ ته تقريباً هر صفحي تي ڪجھ غير ضروري لفظن ۾ ڪو سٺي مطلب ۽ معنيٰ وارو جواهر، ڪو پُر مغز خيال يا ڪا دور رس سوچ نظر اچي ويندي. پر سندس انهي سوچ لاءِ لازماً جاءِ پيدا ڪئي وڃي ته عورتون به بلڪل اهڙي طرح انسان آهن جهڙي طرح مرد انسان آهن، ”عورتن ۽ مردن کي“ هوءَ رقمطراز آهي، ”هڪجهڙيون فطري بکون ۽ فطري جذبا هئڻ گهرجن. اهي وحشياڻو انداز تڏهن ئي اختيار ڪندا آهن جڏهن انهن تي عقل ۽ شعور جي ڪا روڪ ٽوڪ نه رکبي آهي. انهن تي ضابطو رکڻ ڪو جنسي نه پر انساني فرض آهي“ هن اخلاقيات ۾ ٻٽي معيار جي سوچ کي به سختي سان رد ڪيو ٿي. هن جو زور هو ته اخلاقيات کي جنسي مت ڀيد کان مٿي اٿڻ گهرجي ۽ اهو ته انهي جا اصول مردن ۽ عورتن تي هڪ جهڙا ۽ ساڳئي قوت سان لاڳو ٿين ٿا.

ونڊيڪيشن کي پنهنجي دور ۾ اهڙي توجه نه ملي هئي جهڙي ملڻ گهرجي ها. پر پوءِ جي نسل جي عورتن کي انهي جي صفحن ۾ اهڙو بارود مليو آهي جنهن سان انهن مرد حاڪميت جي قديمي قلعي تي حملا پئي ڪيا آهن. ۽ تجربي ثابت ڪيو آهي ۽ اڃا به ثابت ڪندو رهي ٿو ته هن جا هي لفظ ڪيترا نه درست هئا ته ”ڪاش مرد اسان جون زنجيرون ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين ۽ غلاماڻي تابعداري بجاءِ عقل ۽ شعور واري دوستي تي راضي رهن ته اهي اسان کي مذهبي معاملن ۾ وڌيڪ فرض شناس ڌيئرن، وڌيڪ پيار ڪندڙ ڀينرن ۽ وڌيڪ وفادار زالن، وڌيڪ باشعور مائرن ۽ مختصر طور چئجي ته وڌيڪ بهتر شهرين جي روپ ۾ ڏسندا.

34. آبادي جي اصول بابت مقالو

-- ٽي. آر. مالٿوس (1834ع- 1766ع) --

 

هن وقت دنيا جي آدمشماريءَ جو تخمينو ٽي ارب هنيو ويو آهي. اقوام متحده جي شمارياتدانن مطابق سن 1975ع تائين اها چئن اربن جي ويجھو پهچي ويندي ۽ صدي جي پڄاڻي تائين اها ڇهن اربن کان وڌي ويندي. ٻين لفظن ۾ چئجي ته آدمشماريءَ جو بم ڦاٽي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته انهن سڀني ماڻهن جي غذا جو بندوبست ڪيئن ٿيندو؟

اهو سوال ڪو نئون نه آهي. انسانن پاران ڌرتي جي هن گولي تي سڀ کان پهريان ظاهر ٿيڻ کان وٺي انهن کي زندهه رهڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪرڻي پئي آهي. پر اها اڄ جهڙي شديد اڳ ۾ ڪڏهن به نه رهي آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي انساني آبادي اهڙي شرح سان وڌي رهي آهي جهڙي اڳ ۾ ڪڏهن به نه وڌي هئي. اهڙي وقت ۾ ڪنهن اهڙي ڪتاب ڏانهن نئين سر توجه ڪرڻ تعجب جهڙي ڳالهه نه هوندي جنهن ۾ غذا جي دستياب رسد تي آبادي جي تڪڙي واڌ جي دٻاءُ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن تي وڏي مهارت ۽ قوت سان بحث ڪيو ويو آهي، اهو ڪتاب هڪ انگريز پادري ريورنڊ ٽي. آر. مالٿوس 1798ع ۾ ڇپرايو هو. ڪتاب جو پورو نالو An Essay on the principle of population as it affects the future improvement of society آهي. انهيءَ جو مڪمل طور نطرثاني ٿيل ڇاپو 1803ع ۾ ظاهر ٿيو ۽ مالٿوس پنهنجي وفات کان اڳ انهي تي پوءِ به ڪيترائي دفعا نطرثاني ڪئي.

مالٿوس 1766ع ۾ ڄائو ۽ 1834ع ۾ فوت ٿيو. هو سري جي هڪ ننڍڙي زميندار جو پٽ هو ۽ ڪيمبرج مان تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ کيس چرچ آف انگلينڊ ۾ پادري جو منصب ڏئي کيس آلبري جي گر جا گهر ۾ مقرر ڪيو ويو. کيس جڏهن به وقت ملندو هو هُو يورپ جي سفر تي هليو ويندو هو. هن 1805ع ۾ شادي ڪئي. هن جا زال سان تمام خوشگوار تعلقات رهيا. کيس ساڳئي ئي سال هرٽ فورڊ جي ويجھو هيلي بري ڪاليج ۾ ماڊرن هسٽري ۽ پوليٽيڪل اڪانامي جي پروفيسري ملي. انهيءَ ڪاليج ۾ ڪيڊٽن کي ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني ويندي هئي. هو باقي سموري زندگي انهي عهدي تي رهيو.

مالٿوس پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪي ڳالهيون، ڪي رايا ٻڌا هئا. هن اهو ڪتاب اصل ۾ انهن جي جواب طور لکيو هو. سندس پيءُ روسو ۽ روسو جي انگريز مريد وليم گاڊون جو جوشيلو ۽ پڪو مريد هو. گاڊون کي اڄڪلهه جيتوڻيڪ شيلي جي سهري جي حيثيت ۾ ياد رکيو وڃي ٿو پر هو پنهنجي دور ۾ پوليٽيڪل جسٽس نالي پنهنجي ڪتاب پٺيان مشهور هو. انهي ۾ هن عالمي ڀلائي جو فلسفو بيان ڪيو آهي. هن مطابق انسانن جي ڪردار جو بنياد سندن خارجي حالتون آهن. انهن حالتن ۾ بهتري آڻڻ سان ڪردارن ۾ بهتري اچي ويندي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪرندو جو جنگيون گهٽ لڳنديون، آمريت جو خاتمو ٿي ويندو، غربت جي پاڙ پٽجي ويندي ۽ ڏوهه ختم ٿي ويندا. ويندي ٻنهي جنسن جي وچ ۾ جيڪو جذباتي اڀار آهي ۽ انهي سان لاڳاپيل جيڪي نامناسب ڳالهيون آهن اهي به شايد ٿڌيون ٿي وينديون.

مالٿوس اهي دليل دلائل به ٻڌا ۽ ڪتاب به پڙهيو ۽ پوءِ انهي نتيجي تي پهتو ته گاڊون جو انساني سماج ۽ خود انسان جي ڪماليت ۾ ويساهه نظر جي دوکي کان سواءِ ڪجھ به نه آهي. هن کي انهي جي هڪ لفظ تي به اعتبار نه هو. هو اڻٽر ترقي جي نظريي تي ٺٺولون ڪندو هو ۽ کيس انهي دعويٰ جي حمايت ۾ به ڪي ثبوت نه ٿي مليا ته جيئن ته انساني ادارا برائي جو سرچشمو آهن تنهن ڪري انهن ۾ تبديلي آڻڻ سان انسان ڪماليت جي رستي تي هلڻ لاءِ آزاد ٿي ويندا. کيس گاڊون جي نظريي جي غلط هئڻ جي احساس سان ايتري تڪليف ٿي پهتي جو هو انهي کي غلط ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکڻ ۾ لڳي ويو.

هو پنهنجي مقالي جي پهرئين صفحي تي اسان کي ٻڌائي ٿو ته سندس ذهن ۾ ڇا آهي. هن مقالي جو مکيه مقصد هڪ وڏي سبب (Cause) جي اثرن جو جائزو وٺڻ آهي جيڪو انسان جي فطرت سان گهرو ڳانڍاپو رکي ٿو..... اهو سبب هي آهي ته هر جاندار شي ۾ اهو لاڙو موجود هوندو آهي ته نون جانورن لاءِ موجود کاڌي کان وڌيڪ ٻار پيدا ڪندي رهندي آهي. ”ڊاڪٽر فرينڪلن جو مشاهدو آهي ته (هو لکي ٿو) ٻوٽن ۽ جانورن جي پيداواري صلاحيت جون ڪي به حدون نه آهن اها ڳالهه سو سيڪڙو صحيح آهي. فطرت ٻوٽن ۽ جانورن جي ذريعي حياتي جو ٻج تمام فياضي سان پکيڙي ڇڏيو آهي پر انهن جي پرورش لاءِ ضروري کاڌو ۽ جاءِ پيدا ڪرڻ ۾ نسبتاً ڪنجوس رهي آهي. هن ڌرتي ۾ سمايل وجود جا ذرڙا جيڪڏهن آزادي سان واڌويجھ وٺڻ جي قابل ٿي وڃن ته اهي ڪجھ هزار ورهين ۾ اهڙيون لکين دنيائون ڀري ڇڏيندا. ضرورت (Necessity) جيڪو فطرت جو لازمي هر هنڌ جاري قانون آهي اهو انهن کي مقرر حدن جي اندر روڪي رکي ٿو. ٻوٽن ۽ جانورن جو نسل انهي محدود رکندڙ قانون جي ماتحت سُسندو وڃي ٿو ۽ انسان به عقل ۽ شعور جي ڪهڙي به ڪوشش ذريعي انهي کان ڪنڌ نه ٿو ڪڍائي سگهي“.

مالٿوس کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪي به انگ اکر نه هئا تنهن ڪري کيس پنهنجن نتيجن کي پنهنجي وسيع مطالعي تي آڌارڻو پيو. هن انهيءَ نتيجي کي غلطي کان خالي سمجهيو ٿي ته: ”انساني آبادي آڏو جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هوندي ته اها هر پنجويهن ورهين ۾ ٻيڻي ٿيندي رهندي! گذر سفر جي ذريعن ۾ واڌ جي شرح جو تعين ڪرڻ اڃا وڌيڪ ڏکيو آهي پر برطانيا ۾ زراعت ۾ آيل تمام وڏن سڌارن جي باوجود به اسين وڌ ۾ وڌ ايترو چئي سگهون ٿا ته هر پنجويهن سالن ۾ پيداوار ۾ موجوده مقدار جي برابر واڌ اچي سگهي ٿي. جيستائين سموري ڌرتي جو تعلق آهي ته اهو واڌارو انسانن پاران هر ممڪن ڪوشش کان پوءِ آيل واڌ کان گهڻو وڌيڪ آهي.

هاڻي انساني آبادي تي واحد روڪ فقط غذا جي کوٽ ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر اها واحد روڪ فقط حقيقي ڏڪار جي صورت ۾ ڪم ڪري ٿي. هر سماج ۾ گهٽ وڌ طاقت سان عمل ڪندڙ ڪجھ ٻيون رڪاوٽون به هونديون آهن. اهي رڪاوٽون ٻن قسمن جون هونديون آهن: هڪ امتناعي (ٻارن جي ڄمڻ تي ۽ ٻيون هاڪاري يعني جيڪي پيدا ٿي ويا آهن. انهن جو انگ گهٽائڻ بابت.

اڳ ۾ هاڪاري رڪاوٽ کي ٿا کڻون: اهي ”تمام گوناگون آهن ۽ انهن ۾ هر اهو سبب شامل آهي جيڪو ڪنهن به درجي ۾ انساني زندگي جو عرصو مختصر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو. تنهن ڪري انهي ۾ هر قسم جا صحت لاءِ نقصان ڪار ڌنڌا، سخت محنت ۽ سخت موسمن ۾ ڪم ڪرڻ، شديد غربت، ٻارن جو غلط نيپاج، وڏا شهر، هر قسم جون زيادتيون، هر قسم جون بيماريون ۽ وبائون، جنگيون، طاعون ۽ ڏڪار اچي وڃن ٿا“.

امتناعي (Preventive) رڪاوٽن بابت چئي سگهجي ٿو ته اهي فقط انسانن لاءِ خاص آهن. ٻوٽن ۽ سوچ سمجهه نه رکندڙ جانورن ۾ واڌارو ته غير اختياري آهي پر انسان هڪ سوچ سمجھ وارو جانور آهي، هو شادي ڪرڻ ۽ ڪٽنب جي شروعات ڪرڻ کان اڳ پاڻ کان هي سوال پڇي سگهي ٿو: ڇا هو زندگي ۾ پنهنجي حيثيت گهٽائي ڇڏيندو ۽ کيس پنهنجيون اڳوڻيون عادتون ڇڏڻيون پونديون؟ ڇا ڪنهن به قسم جي ڪا نوڪري ملي ويندي جنهن مان هو چڱي حد تائين اميد ڪري سگهي ته هو پنهنجن ٻارن جي سارسنڀال لهي سگهندو؟ ڇا هو انهن کي تعليم ۽ ترقي جا اهي ساڳيا فائدا ڏئي سگهندو جيڪي هن کي مليا آهن؟ ڇا کيس اهو ڊپ ته نه آهي ته جيڪڏهن سندس ڪٽنب وڏو ٿي ويو ته هو انهن کي سخت غربت کان نه بچائي سگهندو ۽ کيس گذر سفر لاءِ ”خيرات“ وٺڻي پوندي؟ تنهن ڪري امتناعي رڪاوٽن مان پهرئين رڪاوٽ شادي کان رڪجڻ آهي. انهي طبقي جي ٻين رڪاوٽن ۾ هي ڳڻائي سگهجن ٿيون: آزاد مباشرت، غير فطري جذبا- اسين فرض ڪري سگهون ٿا ته انهي مان مراد هم جنسيت آهي- شاديءَ جي حلف جي خلاف ورزي ۽ بي قاعدي لاڳاپن جي نتيجن کي روڪڻ لاءِ غير مناسب طريقا. ”غير مناسب طريقن“ مان اسين فرض ڪري سگهون ٿا ته مالٿوس جي ذهن ۾ نه فقط ٻار ڪيرائڻ (abortion) پر ٻيو اهڙو ڪوبه طريقو هو جنهن سان پيٽ نه ٿي سگهي.

انهي ڳالهه تي پڙهندڙ کي شايد حيرت ٿيندي ته عام ڳالهه ٻولهه ۾ ”مالٿوسي“ لفظ ڄم روڪ عمل لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. پر مالٿوس انهي لحاظ کان ڪڏهن به مالٿوسي نه هو، حقيقت اها آهي ته جنسي ميلاپ جي فطري نتيجي کي روڪڻ جي ڪنهن هٿراڌو طريقي بابت سوچ ئي کيس نفرت ۽ ڌڪار سان ڀري ڇڏي ها. هن جنهن طريقي جي وڪالت ڪئي ٿي انهي کي هو اخلاقي روڪ (Moral restraint) چوي ٿو.

انهي مان ائين ٿو لڳي ته مالٿوس شايد سرد مزاج ۽ جذبات کان وانجهيل شخص هو. حقيقت اها آهي ته اهڙا ڪي چند اقتصادياتي ماهر ۽ سنجيده ليکڪ هوندا جن محبت جي موضوع بابت ايترو ڳالهايو آهي ۽ انهي بابت ايتريون سٺيون ڳالهيون ڪيون آهن. هو وڏي ادبي انداز ۾ چوي ٿو ته: ”دوستيءَ جي ذريعي اعليٰ مقام تي پهچايل پاڪباز محبت، لڳي ٿو ته جسماني ۽ ذهني لطف جي ميلاپ جو اهو قسم آهي جيڪو انسان جي فطرت سان خاص طور مناسبت رکي ٿو. اهو ئي وڏي طاقت سان روح جون همدرديون جاڳائي سگهي ٿو ۽ تمام بهترين تسڪين ڏئي سگهي ٿو. شايد اهڙو ڪو ماڻهو مشڪل سان ملندو جنهن هڪ دفعو پاڪباز محبت جو حقيقي مزو ماڻيو هوندو. کيس ملندڙ ذهني خوشي ڀلي ڪيتري به وڏي ڇو نه هجي. ۽ اهو ماڻهو پنهنجي سموري زندگي انهي دور کي پنهنجي زندگي جو روشن ترين وقت سمجهي ياد نه پيو ڪندو هو. سندس تصور به گهڻو وقت انهي مان پيو تسڪين وٺندو هوندو، هو انهن ئي ڳالهين کي ياد ڪري اُڪير مان ٿڌا ساهه پيو ڀريندو هوندو ۽ هو بار بار انهي ئي دور ۾ پيو جيئڻ چاهيندو هوندو“.

حقيقت هي آهي ته ٻنهي جنسن جي وچ ۾ موجود جذبات انساني خوشي جو هڪ مکيه جزو آهن. ”رات جي ماني، گرم گهر ۽ چلهه ڀرسان گرمائش مان ملندڙ آرام مان اڌو اڌ مزو ختم ٿي ويندو جيڪڏهن اسين انهي منظرنامي مان محبت ڀري ڪنهن شي جو تصور ڪڍي ڇڏيون. ڇو ته انهن شين ۽ ڳالهين جو مزو ورهائڻ ونڊڻ سان ئي هوندو آهي“.

اهڙي خوشي جي مقدار ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن انهيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ انتظار ڪيو وڃي ”ڪردار جي تشڪيل ۾ محبت جو جذبو هڪ سگهارو محرڪ آهي ۽ اهو اڪثر تمام شانائتي ۽ فياضي واري ڪوشش لاءِ اڀاري ٿو. پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن محبتن جو مرڪز فقط هڪ شي هجي“. ڪنهن به ماڻهو کي ايستائين شادي نه ڪرڻ گهرجي جيستائين هو انهي حيثيت ۾ نه هجي جو پنهنجي زال ۽ پوءِ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي سک ۽ آرام جي حالت ۾ نه رکي سگهي. اهڙي طرح دير سان ٿيندڙ شاديون موجوده دور جي دير سان ٿيندڙ شادين کان گهڻيون مختلف هونديون. موجوده دور ۾ اهڙين شادين جو اصل محرڪ خيالن جو هڪ جهڙو هئڻ هوندو آهي ۽ ٻئي ڌريون اڪثر ڪري اهڙي حالت ۾ هڪ ٻئي سان ملنديون آهن جو ٻنهي جا جسم به ڪمزور ته عام طور جذبا به وساڻل هوندا آهن. ”موجوده دور ۾ دير سان شاديون گهڻو ڪري اهڙا مرد ڪندا آهن جيڪي نوجوان زال کي ترجيح ڏيندا آهن انهي جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو پئسي ڏوڪڙ کان سواءِ هڪ نوجوان عورت جڏهن پنهنجي عمر جو پنجويهون سال گذاريندي آهي ته کيس ڊپ ٿيڻ شروع ٿيندو آهي (۽ اهو ڊپ واجبي به هوندو آهي) ته کيس اڪيلائي واري زندگي نه گذارڻي پوي ڇو جو تڏهن سندس دل ۾ اڃا شديد لڳاءَ پيدا ٿي سگهندو آهي ۽ هر گذرندڙ سال سان هوءَ اهو محسوس پئي ڪندي آهي ته هن پاران محبت ڪرڻ جهڙي ڪا شي ڳولهڻ جون اميدون گهٽ پيون ٿينديون وڃن. وري دنيا وارن جي بي انصافيءَ ۽ بيوقوفيءَ تي ٻڌل ڳالهين سبب سندس حالت ۾ اڃا وڌيڪ خرابي پئي ايندي آهي“.

جيڪڏهن دير سان شادي ڪرڻ هڪ عام قاعدو ٿي وڃي ته ”مرد ڀلي ڪيتري به بي صبريءَ سان خراب مالي حالتن کي منهن ڏين، عورتون انهن حالتن کي کلي دل سان قبول ڪنديون“. جيڪڏهن سماج جو اهو وڌيڪ نيڪو ڪار اڌ حصو ستاويهن يا اٺاويهن ورهين جي ڄمار ۾ شادي ڪرڻ جي دير سهي سگهي ته اهو جيڪر 25 ورهين جي ڄمار ۾ ئي ڪٽنب جي سارسنڀال جا بار کڻڻ بجاءِ 27 يا 28 ورهين جي ڄمار ۾ ئي شادي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو“.

ڪنهن مرد جي ذميواري ته بلڪل چٽي آهي: اها فقط هيءَ آهي ته هو دنيا ۾ اهڙا وجود نه آڻي جن جي گذران جا هو ذريعا نه ڳولهي سگهي ۽ جيڪڏهن انهي ڳالهه جو چڱو خاصو امڪان به آهي ته هو ائين نه ڪري سگهندو ۽ پوءِ به شادي ڪري ٿو ته اهڙي صورت ۾ هو پاڻ، پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ جيڪي دشواريون پيدا ڪندو انهن لاءِ قصور واربه هو خود هوندو. تنهن ڪري اها ڳالهه واضح طور سندس فائدي ۾ آهي ته هو شادي کي پوئتي ڪندو رهي تان جو هو پنهنجي شادي مان پيدا ٿيندڙ ٻارن جي ڪفالت ڪرڻ جي حيثيت ۾ اچي وڃي. انهي دوران کيس شادي کان سواءِ پنهنجن جذبن جي تسڪين کان لازماً پاسو ڪرڻ گهرجي.

”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن ٻارن جي ڪفالت نه ٿو ڪري سگهي ته انهن کي لنگهڻ تي ويهڻ گهرجي“. هائو! مالٿوس اهو ئي چاهيو ٿي. هن عام ماڻهن پاران ڪيل سخاوت ۽ مقامي گر جا گهر پاران امداد جي ورهاست تي به اعتراض ٿي ڪيو ڇو ته سندس خيال هو ته انهي سان جيڪي ماڻهو گذر سفر جو بندوبست نه ٿا ڪن انهن کي بجا طور ملندڙ سزا جو اثر گهٽجي وڃي ٿو. هن اها ڳالهه اهڙي چٽي انداز ۾ چئي جنهن مان ڪو ٻيو مطلب وٺي ئي نه پيو سگهجي. نتيجي طور کيس بي احساس ديو به چيو وڃڻ لڳو.

هو ڪو ديو نه هو. ذاتي هلت چلت ۾ هو ڏاڍو مهربان ۽ ٻين جو خيال رکندڙ هو ۽ هن جي اها دلي تمنا هئي ته مزدور طبقي جي حالتن ۾ بهتري آڻجي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ عوام جي تعليم ۽ بچت بينڪون قائم ڪرڻ بابت روشن خيالي واريون تجويزون پيش ڪيون آهن. هن جو خيال هو ته بچت بينڪن ۾ ماڻهو ڏکئي وقت ۽ دير سان ٿيندڙ شادين لاءِ پنهنجو پئسو گڏ ڪندا. ۽ پوليٽيڪل اڪانامسٽ طور کيس پڪ هئي ته عام ماڻهن جي حالتن ۾ ايستائين بهتري نه ايندي جيستائين گذر سفر جي وسيلن کي آبادي جي برابر نه ڪيو ويندو. هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ به دلچسپي کان خالي نه هوندي ته هن پوليٽيڪل اڪانامي تي هڪ اهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو جنهن سبب هو مارڪس، رڪارڊ ۽ مل جي صف ۾ بيهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته جهڙيون حالتون آهن انهن ۾ واپرائيندڙن جو انگ زرعي پيداوار کان وڌندو رهي ٿو. اهو ائين آهي ڄڻ ڪُمي کي سهي کي پڪڙڻ جي ڪم تي هڻي ڇڏجي. ”تنهن ڪري اسين جڏهن اهو ڏسون ٿا ته قدرت جي قانونن مطابق اسين آبادي جي تناسب سان کاڌو پورو نه ٿا دستياب ڪري سگهون ته فطري طور اسان جي ٻي ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته اسين کاڌي جي تناسب سان آبادي کي برابر ڪريون. اسين جيڪڏهن سهي کي ننڍ ڪرڻ تي آماده ڪري وينداسين ته ڪُمي پاران ان کان اڳ ڪڍڻ جو امڪان پيدا ٿي سگهي ٿو“.

ايترو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ حالتن ۽ واقعن تي نظر وجھڻ سان اها ڳالهه سولائي سان ڏسي سگهبي ته مالٿوس جي ڳالهين جو وڏو حصو غلطي تي ٻڌل هو. هن پنهنجي حساب ڪتاب ۽ اڳڪٿين ۾ انهي ڳالهه جي سوچ نه رکي ته زراعت ۾ تمام گهڻي بهتري اچي ويندي جنهن سان تمام وڏي آبادي جو وجود ۾ اچڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ ممڪن ٿي ويندو. هو ڪيناڊا ۽ آسٽريليا جي ميدانن ۾ انساني آباديون ٿي وڃڻ ۽ آمريڪا جي مڊل ويسٽ جي کلي وڃڻ جو اندازو به نه ڪري سگهيو. هاڻي اهڙن علائقن ۾ به وسيع انساني آباديون رهن ٿيون جيڪي سندس دور ۾ انسانن کان خالي بيابان ۽ ويران هئا. انهي جي باوجود به سندس نظريي جي بنياد کي ڪا به لهر لوڏو نه آهي. اها حقيقت آهي ته وڌندڙ پيداوار جون ڪي حدون (Limits) آهن جيتوڻيڪ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته هن اهي حدون جتي مقرر ڪيون هيون هاڻي انهن جو دائرو تمام اڳتي وڌي ويو آهي ۽ انساني نسل جي زرخيزي جون ته ڪي حدون ئي نه ٿيون ڏسڻ ۾ اچن. ڪُمي ڪيترن نسلن کان سهي کي پڪڙيندي پئي اچي پر سهو ننڊ نه ٿو ڪري ۽ اڄ به اهو بلڪل سجاڳ آهي. يا اها ڳالهه سندس اصطلاح ۾ بيان ڪجي ته آبادي ۾ واڌ گذر سفر جي ذريعن تي دٻاءُ وجھي رهي آهي تباهي اڳيان بيٺي آهي. اسين مالٿوس کي ”آبادي جي بم ڦاٽڻ بابت ڪا به نئين ڳالهه نه ٿا سمجهائي سگهون پر هو اڃا به اسان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهائي سگهي ٿو.

35. پرائيڊ ائنڊ پريجوڊس

-- جين آسٽن (1817- 1775)--

 

جين آسٽن، جارج آسٽن جي ننڍي ڌيءُ هئي. هو هيمپشائير جي هڪ ڳوٺ اسٽيونٽن جو ريڪٽر هو. هوءَ اتي 16- ڊسمبر 1775ع تي ڄائي. هن تمام ننڍي عمر ۾ ئي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. کيس طنز، بي مقصد ڳالهيون ۽ ٻين جي ڪمن جا کل جوڳا خاڪا لکڻ پسند هوندا هئا. هو 26 ورهين جي ڄمار تائين اسٽيونٽن ۾ رهي ۽ تمام خاموش ۽ پُرسڪون زندگي گذاريائين. هو پنهنجي ڳوٺ مان ڪڏهن ڪڏهن نڪري باٿ ويندي هئي ۽ تمام ورلي لنڊن تائين سفر ڪندي هئي پر هن انهي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويهي پنهنجي زندگي ۽ دور جا چٽ اهڙي ته ذهانت سان ويهي چٽيا آهن جو اهڙا ٻئي ڪنهن به ليکڪ نه چٽيا هوندا.

پرائيڊ ائنڊ پريجوڊس سندس پهريون مڪمل ڪتاب هو. اهو هن 1796ع ۾ فرسٽ امپريشنز جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو هو ۽ آگسٽ 1797ع ۾ لکي پورو ڪيائين. سندس پيءُ انهي مان ايترو ته متاثر ٿيو جو اهو ٿامس ڪيڊل کي ڇپائڻ لاءِ ڏنائين. هن جڏهن اهو بنا دير رد ڪري ڇڏيو هوندو ته انهن کي ڏاڍي مايوسي ٿي هوندي. جين آسٽن وري هڪ اڳوڻي ناول تي نظرثاني ڪئي ۽ انهي کي سينس ائنڊ سينسيبلٽي جو نالو ڏنائين. هن 99- 1798ع م نارٿنگر ايبي تي ڪم ڪيو. هن اهو رچرڊ ڪاڊويل کي ڏهن پائونڊن ۾ وڪرو ڪيو پر هن اهو هڪ خاني ۾ رکي ڇڏيو ۽ ڪيترا ورهيه اتي پيو رهيو تان جو 1816ع ۾ اهو وري جين آسٽن کي وڪرو ڪري ڏنائين.

جارج آسٽن 1801ع ۾ رٽائرڊ ٿيو ۽ سندس ڪٽنب باٿ ۾ رهڻ لڳو. ايندڙ ڏهن ورهين دوران جين آسٽن لکڻ جو ڪم تمام گهٽ ڪيو. جيئن ته سندس ٽي اڻ ڇپيل ناول پاڻ وٽ ئي رکيا هئا تنهن ڪري شايد سندس دل ٽٽي پئي هئي. جين، سندس ڀيڻ ڪيسانڊرا ۽ سندن ماءُ 1805ع ۾ مسٽر جين جي وفات کان پوءِ سائوٿيمٽن ۾ وڃي رهيون پر هن وري سنجيدگي سان لکڻ جو ڪم 1809ع ۾ پنهنجي ڀاءُ ايڊورڊ جي شاٽن (Chawton) ۾ زرعي زمين تي رهڻ کان پوءِ ئي ڪيو. هن اتي ڪجھ  نظرثاني کان پوءِ Sense and Sensibility پنهنجي خرچ تي ڇپرايو ۽ انهي کي ڪجھ ڪاميابي به ملي. هن پوءِ First Impressions  نئين سر لکيو ۽ انهي جو نالو Pride and Prejudice رکيائين. هن انهيءَ دوران 1811ع ۾ Mansfield Park نالي هڪ نئين ناول تي به ڪم شروع ڪيو جيڪو جنوري 1813ع ۾ پرائيڊ ائنڊ پريجوڊيس جي ڇپائي کان ڪجھ مهينا پوءِ مڪمل ٿيو. اهو هن بنا دير وڪرو ڪري ڇڏيو. انهي کان پوءِ Emma آيو. اهو جان مري ڊسمبر 1815ع ۾ ڇپرايو. انهي ئي سال هن خراب صحت هوندي پنهنجي آخري ناول Persuasion تي ڪم ڪيو. پر هوءَ انهي کي ڇپائي هيٺ نه ڏسي سگهي. نه ئي کيس حياتي ايتري مهلت ڏني جو Northanger Abbey کي ڇپيل ڏسي سگهي. اهي ٻئي ناول 1817ع ۾ سندس وفات کان پوءِ ڇپيا. سندس آخري ڪتاب Fragment of a Novel پورو نه ٿي سگهيو. اهو هاڻي Sandition جي نالي سان مشهور آهي.

جين آسٽن 42 ورهين جي ڄمار ۾ 18- جولاءِ 1817ع تي ونچيسٽر ۾ فوت ٿي. هوءَ اوڏانهن علاج معالجي لاءِ وئي هئي. اتان جي ڪيٿيڊرل ۾ سندس يادگار دري (Memorial Window) ڏسي سگهجي ٿي. پرائيڊ ۽ پريجوڊس جي من موهڻي هيروئين ايلزبيٿ لانگ بورن جي مسٽر ۽ مسز بينيٽ جي ٻيون نمبر ڌيءُ هئي. سندس ماءُ جو زندگي ۾ اهم مقصد اهو هو ته هوءَ پنهنجن پنجن ئي ڌيئرن جي شادي ڪرائي. جڏهن هڪ غير شادي شده نوجوان ۽ امير ماڻهو نيدر فيلڊ پاڪ ۾ اچي رهيو ته مسز بينيٽ بنا دير پنهنجي مڙس کي ٻڌايو ته: ”مسٽر بِنگلي جيئن ئي پاڙي ۾ اچي رهي ته توهان پاران هن سان وڃي ملاقات ڪري اچڻ اسان جي ڇوڪرين جي لاءِ تمام سٺي ڳالهه ٿيندي“.

تنهن ڪري مسٽر بينيٽ نيدر فيلڊ جي نئين رهواسي سان ملاقات ڪندڙن مان سڀ کان پهرين ماڻهن مان هو. مسٽر بنگلي اسيمبلي رومز ۾ ڊانس پارٽي لاءِ لنڊن مان ڪجھ ماڻهو آندا هئا جن ۾ سندس ٻه ڀينر، هڪ ڀيڻيوو مسٽر هرسٽ ۽ هڪ ٻيو نوجوان شامل هو ”جنهن جلدئي پنهنجي وڻندڙ ڊگهي قد، سهڻن منهن مهانڊن ۽ شانائتي هلت چلت سبب سڀني جي توجه پاڻ ڏانهن ڇڪرائي ورتي“.

پر جلدئي اها ڳالهه ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي ته مسٽر ڊارسي نالي انهي سهڻي نوجوان جو ڪردار سندس ظاهري شڪل صورت سان ٺهڪندڙ نه هو ڇاڪاڻ ته هو مغرور هو، سدائين ڪاوڙيل رهندو هو ۽ انهي لائق ئي نه هو ته ان جي سندس دوست مسٽر بنگلي سان ڀيٽ ڪئي وڃي. ”مسٽر بِنگلي ته ڏاڍو رلڻو ملڻو هو سندس طبيعت ۾ ڪا به جهجڪ نه هوندي هئي ۽ انهي پارٽي ۾ به هر قسم جي ڊانس ڪئي هئائين جڏهن ته مسٽر ڊارسي فقط هڪ دفعو مس بنگلي ۽ هڪ دفعو مسز هرسٽ سان ڊانس ڪئي هئي ۽ ٻي ڪنهن به عورت سان متعارف ٿيڻ کان نابري واري ڇڏي هئائين. هڪ موقعي تي جڏهن ايلزبيٿ بينيٽ کي مرد گهٽ هئڻ سبب ڊانس ڇڏي ويهڻو پيو هو ته مسٽر بنگلي ڊانس ڇڏي وڃي مسٽر ڊارسي زور ڀريو هو ته ايلزبيٿ جي ساٿي طور ڊانس ۾ شريڪ ٿئي. تڏهن ايلزبيٿ جي ڪنن ۾ سندس انهي جواب جو آواز پيو هو ته:

”هوءَ گذاري جهڙي آهي پر اهڙي سهڻي نه آهي جو مون کي هرکائي سگهي ۽ هن وقت آءٌ هرگز اهڙي موڊ ۾ نه آهيان جو اهڙين جوان عورتن کي اهميت ڏيان جن کي ٻين مردن عزت نه ڏني هجي.

مسٽر ڊارسي جو مسز بينيٽ جي هڪ ڌيءُ کي عزت نه ڏني ته انهي تي هن جي دل ۾ ڊارسي لاءِ جيڪا ناپسنديدگي هئي اها ڪاوڙ ۾ بدلجي وئي. بهرحال مسٽر بنگلي سندس وڏي ڌيءُ جين سان ٻه دفعا ڊانس ڪئي ۽ هن بابت ”هن جيڪو ڪجھ ڏٺو آهي انهي مان سڀ کان وڌيڪ سهڻي“، جا لفظ چيا هئا. جڏهن ته ميري ٻڌو هو ته هن مس بنگلي کي هن بابت چيو هو ته اها آسپاس جي سڀ کان وڌيڪ لائق ڇوڪري آهي.

جڏهن جين لاءِ نيدر فيلڊ ۾ رات جي مانيءَ جي دعوت آئي ته مسز بينيٽ ڏاڍي خوش ٿي. انهيءَ وقت مينهن پئي وسيو ۽ جيئن ته جين کي گهوڙي تي وڃڻو هو تنهن ڪري کيس لازماً رات ويهڻ لاءِ چيو ويندو، پر ويچاري جين کي رستي ۾ ئي مينهن اچي ورتو ۽ کيس ايتري ته ٿڌ لڳي وئي جو کيس اتي ڪجھ ڏينهن رهڻو پئجي ويو. ايلزبيٿ ٽي ميل پنڌ ڪري پنهنجي ڀيڻ کي ڏسڻ وئي ۽ جين پنهنجي ڀيڻ کي ڇڏڻ ۾ ايترو ته دل من پئي هنيو جو مس بنگلي ايلزبيٿ کي به نيدر لينڊ ۾ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهڻ لاءِ چيو.

سندس اتي رهڻ دوران مسٽر ڊارسي اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته ايلزبيٿ هلت چلت ۽ شڪل صورت جي لحاظ کان انهي معيار کان تمام گهڻي مٿي آهي جيتري هن پهريون دفعو محسوس ڪئي هئي. مس بنگلي به محسوس ڪري ورتو هو ته ڊارسي جون نظرون بار بار ايلزبيٿ تي پونديون رهن ٿيون ۽ ڊارسي جي دل ۾ ايلزبيٿ جي وڌندڙ محبت کي محسوس ڪندي هن ڪوشش ڪئي هئي ته هوءَ هن کي اهڙي طرح ڪاوڙائي يا چيڙائي جيئن هو پنهنجي مهمان لاءِ ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪري. ”پر ڊارسي ڪنهن به عورت جي محبت ۾ ايترو گرفتار نه ٿيو هو جيترو هن جي محبت ۾ ٿيو هو. هن کي سچ پچ ۾ اهو يقين ٿي ويو هو ته هوءَ جيڪڏهن گهٽ حيثيت واري نه هجي ها ته هو لازماً ڪنهن خطري ۾ هجي ها“.

جڏهن جين جي صحت ۾ سڌارو آيو ۽ هوءَ هيٺين منزل تي آئي ته چارلس بنگلي کيس هر قسم جي توجه ڏني ۽ ايلزبيٿ مسٽر ڊارسي جو محبت ڀريو انداز ڏسي ڏاڍي حيران ٿي.

اهي ٻئي ڀينر انهي ڏينهن گهر واپس آيون جنهن ڏينهن سندن پيءُ جو سوٽ اچڻو هو. مسٽر ڪولنز خط لکيو هو ته هو انهن ڏانهن اچڻ گهري ٿو. هن کي ايسٽر ۾ پادري ٿيڻ جا احڪام مليا هئا ۽ هو ڀاڳن وارو هو جو کيس ليڊي ڪيٿرائين ڊي بورگ جي سرپرستي جو اعزاز مليو هو. ”جنهن جي فياضي سبب مون کي سندس گر جا گهر جي حلقي جي ريڪٽر جو اعليٰ عهدو مليو آهي. مسٽر ڪولنز نيچائپ ۽ پاڻ کي اهميت ڏيڻ جو هڪ عجيب ميلاپ هو ۽ جلدئي اها ڳالهه محسوس ڪئي وڃڻ لڳي ته هو بينيٽ ڪٽنب جي هڪ ڇوڪري سان شادي ڪرڻ گهري ٿو. سندس پهرئين چونڊ جين هئي پر هن جڏهن مسز بينيٽ کان اها ڳالهه ٻڌي ته هن جو مڱڻو ٿيڻ وارو آهي ته سندس سوچ ايلزبيٿ ڏانهن وئي هلي. ليڊي ڪيٿرائين ڊي بورگ مٿس مهرباني ڪندي کيس اها صلاح ڏني هئي ته هو جيترو جلد ٿي سگهيس شادي ڪري ڇڏي. پر اهو شرط به رکيو هئائينس ته هو زال جي چونڊ ۾ سوچ ويچار کان ڪم وٺي. هاڻي کيس پڪ هئي ته هن جيڪا به ڇوڪري پسند ڪئي انهي کي ليدي ڪيٿرائين به پسند ڪندي.

ٻئي ڏينهن مسٽر ڪولنز ڇوڪرين سان گڏجي انهن جي پڦي مسز فلپ وٽ ميري ٽون ويو. ننڍيون ڇوڪريون ڪيٿرائين ۽ لڊيا اڪثر پنهنجي پڦي وٽ وينديون رهنديون هيون. اهي رستي ۾ ميري ٽون ۾ ويجهڙائي ۾ آيل مليشيا جي ريجمينٽ جي هڪ آفيسر سان مليون اهو مسٽر ڊيني هو. هن انهن کي پنهنجي دوست مسٽر وڪهام سان متعارف ڪرايو. انهيءَ کي تازوئي فوج ۾ ڪميشن ملي هئي. اهي سڀئي ماڻهو بيٺا پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا جو ڊارسي ۽ بنگلي گهوڙن تي چڙهيا ايندي ڏسڻ ۾ آيا. اهي جين جي طبيعت پڇڻ لاءِ بيٺا ۽ وڪهام پنهنجي ٽوپلي کي هٿ هڻي سلام ڪيو ته مسٽر ڊارسي به ڪُسندي مرندي انهي سلام جو جواب ڏنو. ايلزبيٿ ڏٺو ته ٻنهي جي چهرن جا رنگ تبديل ٿيا پر سمجهه ۾ نه آيس ته انهي جو مطلب ڇا هو؟

هوءَ پوءِ جڏهن مسٽر وڪهام سان ملي ته جواب جو ڪجھ حصو معلوم ٿي ويو. مسٽر وڪهام مسز فلپ پاران ڏنل هڪ پارٽي ۾ دعوت تي آيو هو ۽ اتي پنهنجي توجه فقط ايلزبيٿ تي مرڪوز رکي هئائين. هن کي اهو تمام وڻندڙ ڏسڻ ۾ آيو ۽ هن کيس اهو به ٻڌايو ته هن جو ننڍپڻ کان ڊارسي ڪٽنب سان تعلق آهي. مرحوم مسٽر ڊارسي سندس پيءُ جي جاءِ تي هو ۽ هو کيس بهترين انسان سمجهندو هو پر هن مسٽر ڊارسي جو هن سان سلوڪ تمام خراب رهيو هو.

”منهنجو ڌنڌو ته چرچ جي نوڪري هئڻ گهرجي ها“ هن چيو منهنجي تربيت ئي انهي ڪم لاءِ ٿي هئي ۽ آءٌ هن وقت ڪنهن سٺي آمدني واري گرجا گهر ۾ مقرر هجان ها ڇاڪاڻ ته مرحوم مسٽر ڊارسي هڪ تمام سٺي آمدني واري گرجا گهر لاءِ منهنجو نالو ڏئي ويو هو پر جڏهن انهي جي آمدني گهٽجي وئي ته اهو ٻئي ڪنهن کي ڏنو ويو. اڳتي هلي انهن ۾ دوستاڻا تعلقات به نه رهيا. ايلزبيٿ کي اها به خبر پئي ته ليدي ڪيٿرائين ڊي بورگ مسٽر ڊارسي جي پڦي هئي.

جڏهن مسٽر بنگلي نيدر فيلڊ ۾ ڊانس پارٽي ڏني ته ايلزبيٿ کي اميد هئي ته سندس وري مسٽر وڪهام سان ملاقات ٿيندي پر کيس اهو ٻڌي مايوسي ٿي ته کيس ”شهر وڃڻو پئجي ويو هو“. هن مسٽر ڊارسي سان هڪ ڊانس دوران ڪوشش ڪئي ته هو وڪهام بابت ڳالهائي پر هن هڪ لفظ به نه ڪُڇيو. پوءِ مس بنگلي ايلزبيٿ کي ڏاڍي خوشي سان اها ڳالهه ٻڌائي ته جارج وڪهام مرحوم مسٽر ڊارسي جي ڪمدار جو اڪيلو پٽ هو ۽ مسٽر ڊارسي پاران هن سان خراب سلوڪ جي ته ڪا ڳالهه ئي نه آهي. هو ته هن تي تمام مهربان رهيو هو.

جين ۽ مسٽر بنگلي شام جو وڏو حصو هڪ ٻئي جي محبت ۾ ڏاڍي خوشي سان گذاريو ۽ رات جي ماني تي خوشي ۾ ڀريل مسز بينيٽ ليڊي لوڪاس سان اهڙين وڻندڙ شادين جي موضوع تي دل کولي ڳالهايو. سندس ٽانءِ ۾ ڀريل ڳالهيون مسٽر ڊارسي سميت هر ڪو ٻڌي رهيو هو پر انهن مان ايلزبيٿ ڏاڍي لڄي ٿي رهي هئي. رات جو باقي حصو مسٽر ڪولنز ايلزبيٿ جي اڳ پوءِ ڪئي. انهي لاءِ ايلزبيٿ کي پنهنجي سهيلي شارلٽ لوڪاس جو ٿورائتو ٿيڻو پيو ڇاڪاڻ هن اڪثر موقعن تي مسٽر ڪولنز کي گفتگو ۾ مصروف ٿي رکيو ۽ اهڙي طرح ايلزبيٿ کي سندس ٿڪائيندڙ توجه کان ڪجھ آرام ٿي ڏنائين.

ٻئي ڏينهن مسٽر ڪولنز ايلزبيٿ کي پنهنجي مرضي ٻڌائي ڇڏي ۽ مسز بينيٽ سندس ڌيءُ پاران ڪولنز جي التفات کي رد ڪرڻ تي مسز بينيٽ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. بهرحال مسٽر ڪولنز کي ته پنهنجي انا کي ڌڪ لڳڻ سان ڪجھ تڪليف ٿي پر جلدئي کيس شارلٽ لوڪاس جي صحبت ۾ تسلي ملي وئي ۽ هن پاران هنن کان موڪلائي وڃڻ کان اڳ ئي هن جو شارلٽ لوڪاس سان مڱڻو ٿي ويو. مسز بينيٽ جڏهن اها خبر ٻڌي ته ڏاڍي پريشان ٿي وئي ۽ جين جڏهن اها خبر ٻڌي ته مسٽر بنگلي ”واپس موٽڻ جي ارادي کان سواءِ“ نيدر فيلڊ ڇڏي ويو آهي ته مسز بينيٽ جي ڏکن جو جام ڪنان تار ٿي ويو.

مسٽر ڪولنز ۽ شارلٽ جي ڪرسمس کان جلد ئي پوءِ شادي ٿي ۽ ايندڙ مارچ مهيني ۾ ايلزبيٿ هنزفورڊ ۾ انهن وٽ وڃڻ جي دعوت قبول ڪئي. شارلٽ هن جو آڌرڀاءُ ڏاڍي محبت سان ڪيو هوءُ ڏاڍي خوش ۽ مطمئن لڳي رهي هئي ۽ ليدي ڪيٿرائين ڊي بورگ انهن سڀني کي جڏهن پنهنجي گهر Rosings ۾ ماني جي دعوت ڏني ته مسٽر ڪولنز جي ڪاميابي جو داستان ڄڻ ته پڄاڻي تي پهچي ويو.

ليڊي ڪيٿرائين وڏي قد بت واري عورت هئي. سندس منهن مهانڊي جو هر انداز چٽو ۽ واضح هو جڏهن ته سندس ڌي قد بت ۾ ننڍي، رنگ جي ڦِڪي ۽ بلڪل غير اهم لڳندي هئي. گفتگو ۾ به گهڻو حصو سندس ماءُ ورتو. ايلزبيٿ به موقعو ملڻ تي چڱو پاڻ ملهايو ۽ ليڊي صاحبه اهو ڏسي ڏاڍي حيران ٿي ته اهڙي نوجوان عورت ڪيتري نه چٽائي سان پنهنجا رايا ڏئي رهي هئي.

ليڊي ڪيٿرائين جي گهر ۾ هفتي ۾ ٻه دفعا دعوت ٿيڻ لڳي ۽ ايسٽر تي مسٽر ڊارسي پنهنجي پڦي سان ملڻ آيو. مسٽر ڪولنز بنا دير کيس آداب پيش ڪرڻ آيو ۽ عورتون ته اهو ڏسي ڏاڍايون حيران ٿيون جڏهن هو ٻيو دفعو مسٽر ڊارسي ۽ ڪرنل فٽز وليم سان گڏجي آيو. اهو ڊارسي جي چاچي جو ننڍو پٽ هو. ايلزبيٿ مناسب موقعو ملڻ تي مسٽر ڊارسي کي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ ٽن مهينن کان شهر ۾ ترسيل آهي. مسٽر ڊارسي کي انهي بابت ڪا خبر ئي نه هئي.

اهي ٻيو دفعو جڏهن ليڊي ڪيٿرائين جي گهر ويا ته مسٽر ڊارسي وانگر ڪرنل فٽزوليم به ايلزبيٿ سان ڏاڍي وڻندڙ نموني برتاءُ ڪيو. مسٽر ڊارسي ايلزبيٿ کي اڪثر غير متوقع طور تي شام جي واڪ دوران پارڪ ۾ به ملي ويندو هو. هڪ ڏينهن ايلزبيٿ جي ملاقات ڪرنل سان ٿي ۽ ڳالهين دوران هن کيس ٻڌايو ته مسٽر ڊارسي سندس دوست بنگلي جو ڏاڍو خيال رکي ٿو ۽ اهو ته هن کيس اهڙي شادي کان بچائي ورتو هو جنهن ۾ ڪو به فائدو نه هو. انهي تي ايلزبيٿ محسوس ڪري ورتو ته انهي مان هو بنگلي جي سندس ڀيڻ جين سان تعلق ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org