سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:1

هڪ سؤ عظيم ڪتاب

محمد احمد منصور عباسي

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب يورپ جي جاکوڙي ايڊيٽر جان ڪيننگ جي ڪتاب (100 Great Books) جو سنڌي ترجمو آهي، هِن ڪتاب ۾ يورپ جي نامور ليکڪن جي مختلف موضوعن تي لکيل هڪ سؤ عظيم ڪتابن کي يڪجا ڪري، انهن جو تعارف لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ناول، تاريخ، فلسفو، نفسيات، مذهب، زولاجي، مضمون، حياتيات، تمثيل، طنز، سياسيات، اقتصاديات، سماجيات ۽ سفرناما وغيره شامل آهن.

ڪتاب جي اهميت کي مدنظر رکندي بورڊ جي پبليڪيشن ڪاميٽي طرفان هِن ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ جو فيصلو رٿيو ويو ۽ اِهو ڪم محمد احمد منصور عباسي صاحب جن کي سونپيو ويو. جنهن وڏيءَ محنت سان هِن ڪتاب جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو.

سنڌي ٻوليءَ جي هِن نوجوان سنڌيڪار پرڏيهي ادب جي هِن معياري لکڻيءَ کي انتهائي سهڻي انداز ۾ سنڌي لفظن جو ويس پهرائي سنڌي ادب ۾ ترجمي جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي.

هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇاپيندي آئون سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.

اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو پرڏيهي ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لهندو. 

20- رجب المرجب 1433هه

11- جون 2012ع

الهڏتو وگهيو

سيڪريٽري

 

اگهيو ڪائو ڪچ

 

ڪجهه ماڻهن کي لدني علم حاصل ٿيندو آهي ته ڪي ڏاها ۽ داناء ماڻهو پنهنجي ذهني صلاحيتن جي آڌار تي ڪائنات جا اسرار ڳولهي لهندا آهن. پر  ماڻهن جي اڪثريت علم ۾ اضافي لاءِ ڪتابن جو سهارو ئي وٺندي آهي. هر ڪو ماڻهو پنهنجي ذوق ۽ دلچسپيءَ کي سامهون رکندي مذهب، فلسفي، نفسيات، تاريخ، مضمون، سوانح توڙي ناول جا ڪتاب پڙهندو آهي. هِن ڪتاب کي ڪتابن جو ڪتاب چئي سگهبو، جو انهيءَ ۾ انهن مڙني موضوعن بابت مغربي دنيا ۾ لکيل وڏن ڪتابن جو تعارف، تبصرو يا خلاصو ڏنل آهي. اهڙي طرح پڙهندڙ هڪ ئي جلد ۾ هڪ سؤ ڪتابن کان واقفيت حاصل ڪري وٺي ٿو.

ڪتاب جو ايڊيٽر جان ڪيننگ هڪ جاکوڙي ماڻهو هو، جنهن انهيءَ سلسلي جا جملي اوڻيهه ڪتاب تيار ڪيا جنهن ۾  100 Great Adventures ۽ Queens and Rulers 100 Great Kings, وغيره شامل آهن. هِن ڪتاب جي منڍ ۾ ڏنل پنهنجي نوٽ ۾ جيتوڻيڪ اهي ٽي ڳالهيون ڄاڻائي ڇڏيون آهن جن جي آڌار تي ڪنهن ڪتاب کي هن مجموعي ۾ شامل ڪيو اٿائين ۽ جيتوڻيڪ اها ڳالهه به ڄاڻائي ڇڏي اٿائين ته ڪجهه جاين تي سندس پسند ناپسند کي به عمل دخل هو. پر انهيءَ هوندي به اسين انهي ڳالهه جو واڌارو ضرور ڪنداسين ته هن مجموعي لاءِ ڪتابن جي چونڊ دوران سندس لاڙو ناول ڏانهن وڌيڪ رهيو جو ڪتاب جو ٿلهي ليکي فقط چوٿون حصو نان فڪشن (Non fiction) ڪتابن لاءِ مخصوص آهي.

اصل ڪتاب بابت هيءَ ڳالهه به واضح ڪري ڇڏجي ته ڪتاب ۾ جملي 19 ماڻهن جا ليک شامل آهن، جن مان اي.رائسٽن پائيڪ جا سڀ کان وڌيڪ يعني 20 ليک آهن، پوءِ رچرڊ گريگوري جا 16، رونالڊسيٺ جا 13، ايڊورڊ ڪروفٽ جا 12 ۽ لارينس ولسن جا 7 ليک آهن. لکندڙن جي ايتري ڪثرت سبب مواد ۾ هم آهنگي نه رهي آهي ۽ باريڪ بين پڙهندڙ اها ڳالهه نوٽ ڪري ويندو ته ڪجهه ڪتابن بابت ليک تمام روان، دلچسپ ۽ جاندار آهن ته ڪجهه ليک تمام بوجهل ۽ ٻُسا لڳن ٿا.

هِن مجموعي ۾ شامل ڪتابن جي مقبوليت جو هڪ اهڃاڻ اهو به آهي ته انهن مان پندرهن جي لڳ ڀڳ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. اردو ۾ ته تمام گهڻا ترجمو ٿي چڪا هوندا. خود هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڪجهه ورهيه اڳ منهنجي نظر مان گذريو هو.

هتي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به ٻڌائيندا هلون ته مغرب ۾ عظيم ڪتابن جي فهرستن سان شغف ڪو نئون نه آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا ڇپائيندڙ اداري پاران به گريٽ بڪس جي هڪ لسٽ ترتيب ڏنل آهي ۽ اهي هڪ ئي فارميٽ ۾ ڇپيل به آهن. وري اسان سنڌين پاران ٿالهي وٽي تان لاٿل هڪ دانشور اي.ڪي.بروهي پنهنجي ڪتاب Adventure in Self Expression جي آخر ۾ اهڙن 64 ڪتابن جي هڪ فهرست ڏني آهي جن هن تي اثر وڌو هو. انهيءَ مان هڪ ڪانٽ جو ”تنقيد عقل محض“ ۽ ٻيو ٽالسٽاءِ جو ”وار ائنڊ پيس“ هن مجموعي ۾ به شامل آهن.

هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪجهه ورهيه اڳ تيار ڪيل ترجمن واري اسڪيم ۾ شامل هو. اهو جولاءِ 2010ع ۾ ترجمي لاءِ منهنجي حوالي ڪيو ويو. منهنجي ڀاءُ مسعود حسب معمول ڀال ڀلائيندي لياقت ميموريل لائبريري ڪراچي مان ڪتاب جي فوٽو ڪاپي حاصل ڪري موڪلي ۽ ترجمي دوران به ڪجهه جاين تي ڪي مفيد اشارا ڏنا. انهي لاءِ آءٌ سندس ممنون آهيان.

بورڊ جي سيڪريٽري جناب الهڏتو وگهيو صاحب ڪم جي عمومي نگراني ڪئي ۽ ترجمي دوران توڙي پوءِ بورڊ جو پبليڪيشن آفيسر مانوارو سڪندر علي شاهه صاحب ۽ سندس معاون محمد رفيق جمالي صاحب مون سان رابطي ۾ رهيا، انهي لاءِ هو بجاطور شڪريي جا مستحق آهن.

12- ربيع الاول 1433هه       محمد احمد منصور عباسي

5- فيبروري 2012ع   

              

تعارف

 

مون کي منڍ ۾ ئي هيءَ ڳالهه واضح ڪرڻ گهرجي ته ”هڪ سؤ عظيم ڪتاب“ جي هِن جلد لاءِ ڪتابن جي نالن جي سهيڙ جو ڪم مون اڪيلي سر نه ڪيو آهي. پر فهرست تي نظر وجھڻ سان مون کي نالن جي جيڪا زبري لسٽ نظر اچي ٿي انهي سان مون کي اختلاف به نه جھڙو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه اهڙن ڪتابن جي مختصر لسٽ ڏيڻ جو چيو وڃي جن مختلف اندازن ۾ يورپ ۽ سموري دنيا جي ثقافتي حساسيت جي صورتگري ڪئي آهي ته هو شايد هن کان بهتر ڪا گائيڊ پيش نه ڪري سگهندو. اها ڳالهه آهي ته زنده ليکڪن بابت ايترو سولائي سان ڪو فيصلو نه ٿو ڏئي سگهجي، پر عظيم مرحومن جا ڪتاب سندن ڏات جا ڪرڻا لڳاتار خارج ڪندا رهن ٿا.

يورپي ذهني سفر جي هِن جدول سان دوبدو ٿيڻ واقعي هڪ سبق آموز تجربو آهي. ماڻهو سوچي سگهي ٿو ته ڇا اهڙو به ڪو ماڻهو هوندو جنهن اهي سڀ ڪتاب پڙهيا هوندا. هائو بلاشڪ اهڙا ڪي ماڻهو هوندا. پر بدقسمتي سان آءٌ انهي مسرور گروهه ۾ شامل نه آهيان. جيڪڏهن پڙهائي جي رٿيل پروگرام ۾ سفر ۽ مهم جوئيون رخنو نه وجھن ها ته ڪجهه وڌيڪ سونجھڙائي سان ڪيترائي خال ڀرجي سگهيا پئي. مون ارسطو بابت ايترو ايمانداريءَ سان نه لکيو آهي جنهن جو هو حقدار آهي. منهنجي ملٽن ڏانهن عدم ميلان سبب به مون هن سان خطرناڪ حد تائين ناانصافي ڪئي آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته منهنجي ان ۾ دلچسپي پيدا نه ٿي سگهندي آهي. هو مون کي بور ڪندو آهي. انهي جي باوجود به آءٌ اقرار ڪريان ٿو ته جيڪڏهن بين الاقوامي ادبي ڏاهپ جو هي ستارن جو نقشو (Star map) مون کي ٺاهڻو پوي ها ته آءٌ پنهنجي عدم ميلان کي هڪ پاسي رکي ڇڏيان ها ۽ پنهنجي چونڊ جو بنياد زمانن کان پيدا ٿيل عالمانه راءِ جي اجتماع کي بڻايان ها. ملٽن منهنجي لاءِ ڀلي کڻي ڪيترو به ٿڪائيندڙ ڇو نه هجي پر عظيم آهي ۽ سندس ڪم روشني کي روڪي بيهي ٿو.

اها ڳالهه واضح آهي ته ايتري وڏي پيماني تي سهيڙ جو ڪم انسائيڪوپيڊيائي حدن تي پهچڻ کانسواءِ جامع نه ٿي سگهي ها. تنهن ڪري انهي رٿا تي جيڪي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن انهن کي مد نظر رکندي هن تي تنقيد ڪئي وڃي. پر انهن حدن ۾ رهندي اهو اختصار ۽ درستگي سان هڪ بنيادي خاڪو مهيا ڪري ٿو جنهن کي عام ماڻهوءَ جو تهذيب ۽ ثقافت بابت دستي ڪتاب چئي سگهجي ٿو. گڏوگڏ ڪتاب کي موجوده دور جي پڙهندڙ جي تجسس کي تيز ڪرڻ جو ڪم به ڪرڻ گهرجي.

لارينيس ڊريل

ايڊيٽر جو نوٽ

 

هڪ عظيم ڪتاب ڇا کي ٿو چئجي؟ مون پنهنجي چونڊ لاءِ ٽي اصول ڪم آندا آهن: پهريون، نمايان ادبي اهميت؛ ٻيون، علم جي مختلف شاخن ۾ تمام اعليٰ درجي جو اصلي فڪر؛ ٽيون، گهري روحاني بصيرت. هِتي هُتي ورلي ئي ڪو شاهڪار انهن ٻن طبقن ۾ اعليٰ ترين معيار تي پهچي ٿو. ٽنهي طبقن ۾ اعليٰ معيار تي ته اڃا ڪو ڇڍو پاڊو ئي پهچي ٿو. انهن مان اڪثريت انهن ٽنهي طبقن مان ڪنهن هڪ ۾ تمام نمايان مثال جي آهي. (ڪنهن ڪتاب پاران ”بيسٽ سيلر“ جو درجو حاصل ڪرڻ کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جي لحاظ کان اهميت نه ڏني وئي آهي.)

اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکندي مون پنهنجي لسٽ کي نه فقط زمان ۽ مڪان پر احاطي جي لحاظ کان به وڌ ۾ وڌ وسيع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي طرح ناول، تاريخ، فلسفو، نفسيات، مذهب، زولاجي، مضمون، حياتيات، تمثيل، طنز، سياسيات، اقتصاديات، سماجيات ۽ سفر ناما سڀني کي جاءِ ملي وئي آهي.

مون پنهنجي دائري مان ڊرامن ۽ نظمن جي ڪتابن کي ڄاڻي واڻي خارج ڪيو آهي. پر مون ٻه حد بنديون پاڻ ئي لاڳو ڪيون آهن.

پهرئين ته شامل ڪيو ويندڙ ڪتابن جو تعداد هو. جيڪڏهن ڪتابن جو تعداد هڪ سؤ کان چڱو وڌي به وڃي ها ته به آءٌ مجبوراً وڏي اهميت وارن ڪتابن کي به خارج ڪريان ها. مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته مون ڪهڙيون شيون شامل نه ڪيون آهن. جڏهن ڪا اهڙي سهيڙ عمل ۾ ايندي آهي جنهن کي عملي طور عالمي ادبي شارٽ لسٽ چئي سگهجي ته انهيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مقابلو تمام سخت ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن گهٽ وڌ برابر اهميت وارن ڪتابن جي چونڊ جو مسئلو سامهون آيو ته جيئن عام رواجي طور ٿيندو آهي مون به انهي ڪتاب جي چونڊ ڪئي جنهن لاءِ مون کي ذاتي ترجيح هئي.

ڪڏهن ڪڏهن ته خود مواد به مسئلو ٿي پيدا ڪيو. مثلاً ”پرنسيپيا ميٿ مٽيڪا“ يا ”دي جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي“ جي اهميت بابت ته ڪو شڪ شبهو نه ٿو ٿي سگهي، پر منهنجي خيال ۾ ته اهي ڪتاب عام ماڻهن آڏو پيش نه ٿا ڪري سگهجن. تنهن ڪري انهن کي هن ڪتاب ۾ جاءِ نه ڏني وئي آهي.

هاڻي جيڪي ڪتاب شامل ڪيا ويا آهن انهن بابت ڪجهه ڳالهيون ڪٿي ڪٿي ائين ڏسڻ ۾ ايندو ته پڙهندڙ کي پنهنجو پئسن جو واڌو ملهه ملي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه جاين تي هڪ باب هڪ کان وڌيڪ ڪتابن جو احاطو ڪري ٿو. جتي ٻه جلد گڏجي هڪ فني طور جامع شيءِ ٺاهين ٿا اتي مون ائين ڪيو آهي.

ڪتاب لکت ۾ اچڻ جي لحاظ کان زماني ترتيب ۾ آهن ۽ پوءِ وري انهن جي ڇپائي هيٺ اچڻ کي مدنظر رکيو ويو آهي. فقط پراڻو عهدنامو انهي قاعدي کان هٽيل آهي جنهن ۾ مون سوچيو ته منطقي تقاضا مطابق انهي کي سلسلي کان هٽي نئين عهدنامي کان اڳ ۾ رکيو وڃي.

جان ڪيننگ

 

1. ايليڊ

-- هومر--

ڇا اوائلي رزميه شاهڪارن ايليڊ ۽ اوڊيسي جو جوڙيندڙ ڪو هڪ فرد هو يا هڪ کان وڌيڪ؟ هومري سوال (Homeric Question) سڏجندڙ انهيءَ مسئلي ڪلاسيڪي ادب جي عالمن کي صدين کان مونجھاري ۾ رکيو آهي. جديد راءِ غالب طور انهي ڳالهه جي حق ۾ آهي ته يسوع مسيح کان اٺين يا نائين صدي قبل ۾ يوناني زبان ڳالهائيندڙ دنيا ۾ ڀٽن ۽ ڀانن جي گروه ۾ هومر نالي هڪ نمايان شاعر واقعي موجود هو. هو هڪ اهرو ڏات ڌڻي هو جنهن انهي آڳاٽي دور ۾ دستياب بيشمار گيتن جي مواد کي چونڊي، سوڌي سنواري هڪ سڳي ۾ پوئي ايليڊ ۽ اوڊيسي کي انهن جي موجوده شڪل ۾ پيش ڪيو.

هومر جيئن ته يورپي ادب جي سنجيده اڀياس لاءِ هڪ اڻٽر شروعاتي نقطي جي حيثيت رکي ٿو تنهن ڪري اهو پس منظر به پيش ڪرڻ ضروري آهي جنهن ۾ سندس ٻه لازوال شاهڪار پڪي پختي شڪل ۾ آيا. قديم يونان جو سڀ کان عظيم واقعو اخائي يونانين پاران ٽراءِ شهر جو محاصرو هو. اهي يوناني تڏهن اوڀر ڀونوچ سمنڊ جي علائقن جا سڀ کان طاقتور ويڙهاڪ هوندا هئا. ٽراءِ اخائين جي هٿن ۾ وڃڻ جي روايتي طور تاريخ 1184 ق.م ٻڌائي وڃي ٿي. پر هڪ صدي يا لڳ ڀڳ ايترو عرصو پوءِ اتر يورپ کان ڪاهه ڪندڙن جي هڪ نئين لهر آئي ( جن کي عام طور ڊوريائي سڏيو وڃي ٿو.) جن انهيءَ ڀونوچ سمنڊ واري ڪناري واري سموري دنيا ۾ اٿل پٿل آڻي ڇڏي ۽ هوندي سوندي وارا ۽ امير اخائي انهي طوفان کان اڳ ڀڄي پناهگير ٿي ايجين سمنڊ ٽپي اوڀر طرف ويا هليا ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجو طرز زندگي ۽ پنهنجا گيت پڻ کنيو ويا.

اخائين آيونيا ۾ نيون آباديون قائم ڪيون ۽ مقامي آبادي ۾ ايترو ڪاميابي سان ضم ٿي ويا جو انهي ميلاپ مان نيون شهري رياستون 
(
City- States) وجود ۾ اچي ويون. پراڻيون عادتون آهستي آهستي نئين تهذيب ۾ ضم ٿي ويون جيڪا امن امان جي لحاظ کان ته وڌيڪ پر شان و شوڪت جي لحاظ کان گهٽ هئي. اڳ ۾ جنهن حڪومت جي حيثيت اميرن جي ڪانفيڊريسي جي هوندي هئي جنهن ۾ هڪ وڏو سردار سڀني جو غير متنازع اڳواڻ هوندو هو انهي جي جاءِ تي اهڙي اشرافيه (Aristocracy) اچي وئي جنهن ۾ سڀ امير برابر هئا. مختصر طور چئجي ته بادشاهي نظام جي جاءِ تي اشرافيه نظام اچي ويو.

چمڪدار مستقبل نه پر شاندار ماضي تي نظر رکيو ايندڙ زوال پذير حڪمران طبقي جو اهو پس منظر اهو سمجھڻ جي ڪليد مهيا ڪري ٿو ته اوائلي عوامي گيتن مان ايليڊ ۽ اوڊيسي ڪيئن پروان چڙهيا هوندا.

وطن ڇڏي آيل اخائي امير جيڪي آيونيا ۾ پنهنجي زندگي مان ڀرپور مزا ماڻي رهيا هئا اهي اڃا پنهنجن لوڪ گيتن ۽ شاعري کي سيني سان لڳايو ويٺا هئا. پر انهن گيتن جي مواد کي هاڻي تبديل ٿيڻو هو ڇاڪاڻ ته هاڻي ٻڌندڙن تي غير اتسا هڪ حال يا ناخوشگوار ويجھي ماضي جي گيتن اثر نه پئي وڌو. انهن پنهنجن روايتي هيرن جي ڪارنامن ۽ انهن ڏينهن جا گيت ٻڌڻ پئي گهريا جڏهن انهن جا مهم جو ابا ڏاڏا سندن دنيا جا حاڪم هئا.

شاعري ڳائڻ جو هنر هڪ نسل کان ٻي نسل تائين منتقل ٿيندو رهيو ۽ اهڙي طرح بهادري جي ڪارنامن جي دور بابت مختصر گيتن جو هڪ مجموعو تيار ٿي ويو. پر ٻه خاص موضوع انهن ٻڌندڙن کي خاص طور پسند ايندا هئا جيڪي شاندار ماضي جي يادن تي پروان چڙهيا هئا. (1) ٽراءِ جو محاصرو جيڪو سندن بهادري جا ڪارناما سرانجام ڏيندڙ ابن ڏاڏن جي شهرت ۽ ناموري جو اعليٰ ترين اظهار هو ۽ (2) انهن جي ابن ڏاڏن جون ٻاهرين ملڪن ۾ رولا ڪيون جيڪي هو فاتح ڊوريائين جي سبب ڪرڻ تي مجبور ٿيا هئا. هر سٺي گهراڻي ۾ ڄاول آيونيائي ٽروجن جنگ ۽ ان جي انجام کان واقف هو. پر اهڙو زبردست موضوع ننڍڙن گيتن جي شڪل ۾ شايان شان نموني بيان ٿي نه ٿي سگهيو. موضوع جي عظمت هڪ اهڙي بياني نظم کي وجود ۾ آندو جنهن خام مواد طور ته انهيءَ داستان کي ڪتب آندو پر انهيءَ ۾ رزميي واري طوالت تي پهچندي ٻنهي دلپسند موضوعن کي تاريخي حقيقت کان تمام گهڻي شان شوڪت ڏئي ڇڏي. هيستائين روايتي چارڻ ۽ شعر گو به وڌيڪ باشعور ۽ حساس فنڪار جي روپ ۾ اچي چڪو هو ۽ ان وٽ ايتري باريڪ بيني اچي چُڪي هئي جو هن روايتي ڳالهه جي هڪ اهم واقعي جي چوگرد هڪ تصوراتي منڊ منڊي ڇڏيو.

اهڙي طرح ايليڊ- جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ايليان (ٽراءِ جي گادي جو هنڌ) بابت نظم- محاصري جي فقط هڪ رخ يعني اڪليز جي ڪاوڙ کي بحث هيٺ آڻي ٿو. انهي جي شروعات قيدي عورت بابت تڪرار سان ٿئي ٿي جنهن ۾ هڪ پاسي سڀ کان وڏو اخائي ويڙهاڪ اڪليز آهي ۽ ٻئي پاسي اگاميمنان انهي اخائي فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي جيڪا نون ورهين کان ايليان جو محاصرو ڪيو بيٺي آهي. انهي محاصري جو مقصد اگاميمنان جي ڀاءُ مينيلاس جي زال هيلين کي ٽروجن بادشاهه پريام جي پٽ پيرس جي چنبي مان آزاد ڪرائڻو هو.

اگاميمنان اپالو جي پادري ڪريسيس کي ڪاوڙائي وڌو هو ڇاڪاڻ جو هن سندس ڌيءَ کي ڀنگ عيوض آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اها هاڻ اگاميمنان جي ٻانهي هئي. ڪريسيس اپالو کي يونانين کي سيکت ڏيڻ جي درخواست ڪئي ۽ ديوتائن انهن جي مٿان وبا موڪلي ڇڏي. اڪليز هڪ مجلس ڪوٺائي جنهن ۾ هڪ ڏاهي اهو فيصلو ڏنو ته ڇوڪري پنهنجي پيءُ کي واپس ڪئي وڃي ۽ اپالو لاءِ ڪا ڀيٽا ڏني وڃي. اگاميمنان انهي تي بيدليءَ سان راضي ٿيو پر وري انهي ڳالهه جو پلئه هيئن پاڙيائين جو اڪليز جي ويهاريل ٻانهي بريزيز کي پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين.

اڪليز انهي تي ڪاوڙجي ماٺ ميٺ ۾ پنهنجي تمبوءَ ۾ ويو هليو ۽ جنگ ۾ حصو وٺڻ کان نابري واري ڇڏيائين. هن پوءِ پنهنجي آسماني ماءَ ٿيٽس کي عرضداشت ڪئي جنهن ديوتائن جي حاڪم زيوس کي پنهنجي پٽ جو پلاند ڪرڻ تي آماده ڪيو. پهرئين حصي جو تت اهو آهي.

اگاميمنان خواب ڏٺو ته هو ايندڙ حملي ۾ ٽراءِ تي قبضو ڪري ويندو ۽ انهي کان پنهنجن جرنيلن کي به آگاه ڪري ڇڏيائين. پر انهي کان اڳ هن محاصري لاءِ پنهنجي سپاهه جي جوش جذبي جو امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سپاهين آڏو ٻه ڳالهيون رکيون ته ڇا هو ٽراءِ فتح ڪرڻ گهرن ٿا يا بنا دير گهر وڃڻ چاهين ٿا. هو اهو ڏسي ڪنبي ويو ته سندس ماڻهن کل خوشي سان واپسي جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن. سندس خواب به زيوس طرفان هڪ اٽڪل هئي جيئن سندس غرور ۽ آڪڙ کي حدن ۾ رکي سگهجي (حصو ٻيون). هن حصي ۾ يوناني ۽ ٽروجن فوجن جي تفصيلي فهرست به پيش ڪئي وئي آهي ۽ سمجھيو وڃي ٿو ته اهو هومر پاران نه پر پٺئين دور ۾ ٻئي ڪنهن پاران ٿيل اضافو آهي.

هاڻي ٻئي فوجون هڪ ٻئي ڏانهن وڌيون (حصو ٽيون) پر ٽروجن ڌر مان پيرس ۽ هيڪٽر جي ڏنل انهي تجويز تي لڙائي رڪجي وئي ته پيرس ۽ مينيلاس دوبدو لڙائي ڪري معاملي جو فيصلو ڪن. جيڪڏهن پيرس کٽي وڃي ته هو ڀلي هيلين کي پاڻ وٽ رکي ۽ يوناني واپس موٽي وڃن. پر جيڪڏهن مينيلاس کٽي وڃي ته هيلين ۽ سندس سموري ملڪيت يونانين جي حوالي ڪئي وڃي ۽ صلح ڪيو وڃي. پيرس وڙهيو ۽ مينيلاس هٿان شڪست کاڌائين پر محبت جي ديوي ايفروڊائيٽ کيس بچائي ورتو ۽ کيس ٽراءِ ڏانهن موٽائي وئي.

انهي دوبدو لڙائي کانپوءِ پيدا ٿيل صلح ختم ٿي ويو (حصو چوٿون) ۽ اگاميمنان پنهنجي فوج جي جنگي تياري جو معائنو ڪري رهيو هو جو هن جو ڊيوميڊيز سان جھيڙو ٿي پيو. هن ٽروجنس سان موتمار معرڪي ۾ پاڻ کي نمايان ڪري ڏيکاريو هو ۽ ايفروڊائيٽ ديوي جڏهن پنهنجي پٽ کي بچائي وٺي وڃي رهي هئي ته ان کي به وڃي ورتو هئائين. انهي کان سواءِ اينياس (جنهن کي اڳتي هلي ورجل لافاني ڪيو) ۽ ايريز ديوتا کي به ورتو هئائين جڏهن هو ٽروجنس جي مدد لاءِ ڌوڪي آيو هو. (حصو پنجون) هيڪٽر هاڻي پنهنجي ماءِ هيڪوبا کي عرض ڪيو ته هو ايٿينا ديوي کي چئي ٽروجنس جي حمايت ۾ وچ ۾ اچڻ جو چئي. (حصو ڇهون) هيڪٽر ايليان ۾ هيلين سان ڳالهايو ۽ پيرس ڏانهن هنگامي پيغام موڪليو ته هو هٿيار بند ٿي پيش قدمي شروع ڪري. آخر ڪار هڪ دل ڀڄائيندڙ ٽڪري ۾ هيڪٽر پنهنجي زال اينڊرو ميخ ۽ پٽ ايسٽيناڪس سان اهڙي ماڻهو جي انداز ۾ ڳالهي ٿو جنهن کي خبر هجي ته سندس ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن. ستين حصي ۾ هيڪٽر ۽ پيرس جنگ جي ميدان ڏانهن موٽن ٿا ۽ هيڪٽر يوناني کي للڪار ڪري ٿو ته ڀل ڪير به اچي هن سان دوبدو مقابلو ڪري. لشڪر انهي مقابلي لاءِ سڀ کان طاقتور اجيڪس جي چونڊ ڪئي. مقابلو بنا نتيجي ختم ٿي ويو پر پوائنٽن جي لحاظ کان اجيڪس کٽي ويو. انهي کان پوءِ وري صلح ٿي ويو جنهن دوران ٽروجنس اها تجويز ڏني ته پيرس کي هيلن انهيءَ شرط سان پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هو سندس سموري ملڪيت تان دستبردار ٿي وڃي. امن جي انهي تجويز کي يونانين حقارت سان رد ڪري ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org