ڇوڪرا جڏهن رسم جون تياريون ڪري رهيا هئا ته انهن
ڪجھ ماڻهن جي اچڻ جو آواز ٻڌو. اهي هڪ جاءِ تي لڪي
ويهي رهيا. انهن ڏٺو ته ڳوٺ جو ڊاڪٽر، مَف ڪنڀار ۽
اِنجن جُو سان گڏ اچي رهيو هو. مف ڪنڀار به هڪ
شرابي هو. انجن جو هڪ گڏيل نسل جو بڇڙي ڪردار جو
ماڻهو هو. انهن ٻنهي هڪ تازي قبر کولي ۽ انهي ۾
رکيل لاش ڪڍڻ لڳا.
اهي ٻئي بدمعاش لاش ڪڍڻ کان پوءِ اهو ڊاڪٽر جي
اسپتال پهچائڻ لاءِ ڊاڪٽر کان وڌيڪ پئسا گهرڻ لڳا.
انهي تي ڊاڪٽر احتجاج ڪيو ته هو انهن کي اڳيئي سٺي
رقم ڏئي چڪو آهي. پوءِ جڏهن ڪنڀار اڳرائي ڪئي ته
ڊاڪٽر پنهنجو بچاءُ ڪيو. پوءِ جيڪا وٺ وٺان ٿي
انهي ۾ ڊاڪٽر ڪنڀار کي ڌڪ هڻي بيهوش ڪري ڇڏيو ۽
انجن جُو وري ڪنڀار جو چاقو کڻي ڊاڪٽر کي دل ۾
ٽنبي ڇڏيو ۽ اهو چاقو وري ڪنڀار جي هٿ ۾ رکي
ڇڏيائين جيڪو اڃا بيهوش پيو هو. هو جڏهن هوش ۾ آيو
ته اهو سمجهڻ لڳو ته ڊاڪٽر کي هن قتل ڪيو آهي.
جڏهن اهي ٻئي ماڻهو ڀڄي ويا ته ڇوڪرن صلاح ڪئي ته
انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ آخرڪار اهو فيصلو ڪيائون
ته هو متان پاڻ نه ڪنهن مصيبت ۾ اچي وڃن تنهن ڪري
ڪنهن کي به ڪجھ نه ٻڌائين. ڊاڪٽر جو لاش هٿ اچڻ
کان پوءِ تفتيش شروع ٿي وئي پر سندس قاتلن جو ڪو
پتو نه پيو. جيتوڻيڪ ماڻهن کي اها به خبر هئي ته
ڪنڀار انهن مان هڪ آهي جو هن بي ڌياني ۾ پنهنجو
چاقو لاش جي ڀرسان ئي ڇڏي ڏنو هو. جلدئي ڇوڪرن جي
ذهنن مان به واقعو نڪري ويو.
گهڻو وقت نه گذريو جو ٽام کي پڦي پولي وري مار ڏني
۽ ٽام اهو سمجهڻ ۾ ڪجھ حق تي هو ته هو انهي مار جو
حقدار نه هو تنهن ڪري هن گهر کان ڀڄي پنهنجي پڦي
کي سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪيو. هو پنهنجي انهي خاموش
ڌمڪي کي عملي جامو پهرائڻ ويندي واٽ تي پنهنجي
گهاٽي دوست جُو هارپر سان مليو. هن به مَلائي کائي
وڃڻ تي پنهنجي ماءُ کان ٿڦڙون کاڌيون هيون ۽ هن جي
به ساڳئي سوچ ٿي پئي هئي. جُو چيو ته هو به ٽام
سان گڏجي هلندو. رستي تي ڪجھ اڳتي هُڪ فِن به انهن
سان مليو هن به اهو ئي چيو ته هو انهن سان گڏجي
هلندو.
ٽنهي ڇوڪرن هڪ ڍونڍي کنئي ۽ ونجھ هلائيندي وچ
درياء ۾ هڪ ٻيٽاري تي اچي پهتا. اتي هو اهو چئي
پاڻ کي خوش ڪرڻ لڳا ته هو سامونڊي ڦورن جو ٽولو
آهن. پر انهن کان کاڌو پيتو ساڻ آڻڻ وسري ويو هو ۽
ٽام سج لٿي کان پوءِ پنهنجي پڦي جي گهر موٽي ويو ۽
سندس نعمت خاني تي وڃي ڪڙڪيو.
ڇوڪرن ٻن ڏينهن تائين تمام خوشي سان وقت گذاريو.
ٽئين ڏينهن تي انهن کي درياء ۾ ماڻهن جا آواز ٻڌڻ
۾ آيا ۽ انهن محسوس ڪيو ته درياء ۾ انهن جي لاشن
جي ڳولها ٿي رهي هئي. هنن کي پنهنجي جاسوسي مان
خبر پئي ته ماڻهن انهن کي مئل سمجهي ڇڏيو هو ۽
انهن جي لاءِ گرجا گهر ۾ فوتگيء جي دعا پڙهي
ويندي.
انهيءَ تجربي مان جُو کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته
سندس ماءُ جي نظم ضبط باوجود هو کيس ڏاڍو چاهي ٿو
۽ کيس گهر جي سڪ لڳڻ لڳي. ٽام کيس ريهي ريبي گهر
وڃڻ کان روڪيو ڇاڪاڻ ته هن وٽ هڪ رٿا هئي. جُو نه
چاهيندي به ترسي پيو انهي جي باوجود به ٽام پنهنجي
رٿا جا تفصيل نه ٻڌايا.
جنهن شام جو فوتگيء جي دعا پڙهي وڃڻي هئي انهي شام
ٽام پنهنجن دوستن کي لڪ ڇپ ۾ گرجا گهر وٺي ويو.
اتي اهي هڪ خالي گيلري ۾ لڪي ويهي رهيا ۽ اتان
انهن پادري جو مدح نامو ٻڌو جنهن ۾ هن انهن جي
ڏاڍي ساراهه ۽ واکاڻ ڪئي. دعا عروج تي هتي جو ٽام
پنهنجن دوستن کي وٺي بينچن واري رستي ۾ اچي بيٺو.
انهن جي زندهه هئڻ تي مسز هارپر ۽ پڦي پولي
ايتريون ته خوش ٿيون جو انهن کي معاف ڪري ڇڏيائون.
وقت گذرندو ويو. انهي دوران ٽام ۽ سندس دوستن وڏن
جي اختياري خلاف پنهنجي بغاوت جاري رکي. هڪ ڏينهن
خبر پئي ته ڪنڀار گرفتار ٿي ويو آهي ۽ ڳوٺ جي
قيدخاني ۾ بند آهي جو مٿس قتل جو ڪيس هلندو.
انهي خبر ٽام کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته کيس
خبر هئي ته ٽام ڏوهي نه هو. ڪجھ سوچ ويچار ۽ هڪ فن
سان بحث مباحثي کان پوءِ ٽام اهو فيصلو ڪيو ته هو
ڪنڀار جي وڪيل وٽ ويندو ۽ هُن ۽ هڪ جيڪو ڪجھ ڏٺو
هو انهي کان کيس آگاهه ڪري ڇڏيندو.
اِنجن جُو پنهنجي اڳوڻي دوست خلاف شاهدي ڏيڻ لاءِ
تيار ٿيو هو ۽ ڪورٽ ۾ جڏهن ٽام کي سڏ ٿيو تڏهن به
هو موجود هو. هر اک هن تي ڄمي پئي هئي. ماڻهو وات
پٽيون، ساهه منجهايون سندس هڪ هڪ لفظ ٻڌي رهيا
هئا.... مُنجهيل جذبن تي دٻاءُ انهي وقت عروج تي
پهچي ويو جڏهن ڇوڪري چيو: ”۽ ڊاڪٽر سٽ ڏئي تختو
ڪڍيو ۽ مف ڪنڀار ڪري پيو، انجن جُو چاقو کڻي اُلر
ڪئي ۽…“
”کڙاڪ! اِنجن جُو سڀني ماڻهن کان ڇڏائيندو هرڻ
وانگر ٽپ ڏئي دري مان ٻاهر ڀڄي ويو“.
ٽام ڪيس ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو هو انهي جي نتيجي
طور ”چمڪندڙ ستارو ٿي ويو.... وڏڙا هن سان پيار
ڪرڻ ۽ نوجوان هن سان ريسون ڪرڻ لڳا“. جُو جي پٺيان
وڏي واويلا مچائي وئي پر ڪا به ڪاميابي نه ٿي.
”ٽام سمجهي ويو ته جُو جيستائين آزاد آهي هن کي
هُن کان پري رهڻ گهرجي. بهرحال اها ڳالهه به کيس
پنهنجي انهي شديد خواهش کي دل ۾ سانڍڻ کان روڪي نه
سگهي ته هو ڪيڏانهن وڃي ڪو لڪل خزانو کوٽي ڪڍي“.
هو جُو هارپر ۽ بين راجرز کي ته ڳولهي نه سگهيو جو
انهن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چئي سگهي تنهن ڪري
کيس هَڪ فن تي ئي راضي رهڻو پيو. هو ڪيترا ڏينهن
خزاني جي ڳولها ۾ مصروف رهيا.
پر ٽام کي تمام دلچسپي واري تفريح تڏهن ملي جڏهن
کيس جج ۽ مسز ٿيچر پاران ٿيندڙ پڪنڪ پارٽي ۾ شرڪت
جي ڪوٺ ملي.
پارٽي ۾ بيڪي به هلڻي هئي. انهي وقت اها ٽام جي
محبوبه هئي ۽ سندس تمام گهڻي خوشي جو سبب به اهو
ئي هو.
جنهن جاءِ کي پڪنڪ لاءِ چونڊيو ويو هو اها زير
زمين غارن جو هڪ ڳجھ ڳجھيڙو هئي. اهي جڏهن کائڻ
پيئڻ مان واندا ٿيا ته هر ڪو انهن ۾ اندر ويو
هليو. ٽام بيڪي کي پاڻ سان گڏ کنيو. جڏهن سڀ ماڻهو
وري اچي گڏ ٿيا ته ٽام ۽ بيڪي موجود نه هئا. ماڻهو
فوراً ڳولها ۾ نڪري پيا پر ٻارن جو ڪو به پتو نه
پيو. ٽي ڏينهن ٽي راتيون ڳولها هلندي رهي.
انهي دوران ٽام پاڻ به غارن مان ٻاهر نڪرڻ جو رستو
ڳوليندو رهيو ۽ آخرڪار ڪامياب ٿي ويو. غارن ۾ جيئن
ڪير گم نه ٿي وڃي تنهن ڪري انهن جا منهن تختن سان
بند ڪيا ويا هئا. ٽام کي اها ڳالهه پندرهن ڏينهن
پوءِ معلوم ٿي ۽ هن جج ٿيچر کي ٻڌايو ته کيس پڪ
هئي ته انجن جو انهن ۾ لڪيل هو. هڪ پارٽي فوراً
غارن ڏانهن وئي ۽ اهو انهن کي هڪ بند ٿيل منهن وٽ
مئل نطر اچي ويو. انهي کي اتي ئي دفن ڪيو ويو.
جڏهن ٽام گم ٿي ويو هو ته هَڪ فن به ڪجھ وارتائن
مان گذري رهيو هو. هن اِنجن جُو ۽ هڪ ٻئي ماڻهو کي
ڳالهائيندي ٻڌو ته هو بيواه ڊوگلس کي ڦُرڻ جي
پلاننگ ڪري رهيا هئا. هن کيس چتاءُ ڏئي ڇڏيو. پوءِ
هو بيمار ٿي پيو ۽ بيوه ڊوگلس کيس نقصان ۽ تڪليف
کان بچائڻ تي سندس ٿورو مڃيندي کيس پاڻ وٽ وٺي آئي
سندس تيمارداري ڪري کيس چاق چڱو ڀلو ڪيو ۽ پوءِ
مٿس زور ڀريائين ته هو هن وٽ ئي رهي پئي. پر هن
پنهنجي بيماري کان اڳ اڪيلي سرخزاني جي ڳولها جاري
رکي هئي ۽ ٻارهن هزار ڊالرن جي هڪ کيپ لڌي به
هئائين. جج ٿيچر اهو فيصلو ڏنو ته هاڻي اهي پئسا
قانوني طور هن جا هئا ۽ هن جي نالي تي سيڙائي
ڇڏيائين. پر انهي دوران بيواه ڊوگلس جي ذهن ۾ فقط
اها ئي ڳالهه هئي ته هوءَ کيس باعزت ۽ شانائتو
بڻائيندي. پر هَڪ نظم ضبط برداشت نه ڪري سگهيو ۽
ڀڄي ويو. هن جي ٽام سان ملاقات ٿي وئي ۽ کيس سموري
ڳالهه ٻڌايائين ته هو ڇا ڪري آيو هو ۽ هن کي مدد
لاءِ منٿ ڪيائين. ٽام کيس چيو ته هو بيواه کان
واعدو وٺندو ته هوءَ هن سان ايتري سختي نه ڪري ۽
پوءِ کيس ريهي ريبي بيوه ڏانهن واپس وڃڻ تي راضي
ڪيائين.
ڪتاب ٻنهي ڇوڪرن پاران ڦورن جو هڪ ٽولو ٺاهڻ جي
رٿابندي تي ختم ٿئي ٿو.
ڪهاڻي جي ڪنهن به مختصر خاڪي مان پڙهندڙ کي ليکڪ
جي اسلوب ۽ مزاح جي خبر نه پئجي سگهندي. مزاح لفظي
ظرافت بجاء واقعن ۾ سمايل آهي. قتل واري واقعي جي
سلسلي کان سواءِ ڪتاب ۾ ٻيو ڪو به واقعن جو سلسلو
نه آهي. ڪتاب جي سموري اهميت روزاني زندگي ۾ هڪ
ننڍي ڇوڪري کي پيش ايندڙ واقعا بيان ڪرڻ، هو انهن
تي ڪهڙو رد عمل ظاهر ڪري ٿو ۽ انهن مان ڪيئن نڪري
ٿو، ۾ آهي. مارڪ ٽئين، ٽام جي شڪل ۾ هڪ عالمي
ڇوڪرو پيش ڪيو آهي ۽ هو ائين ڪندي ڏاڍي واضح نموني
۾ پاڻ کي ڇوڪري جي ذهن ۾ ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو
آهي. ڪتاب نوي ورهيه اڳ جڏهن پهريون دفعو منظر تي
آيو هو ۽ انهيءَ ۾ ماڻهن لاءِ جيڪا ڪشش هئي انهي
صحت ۽ سچائي انهي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو.
65. ڪرامازوف ڀائر
-- فيوڊور دوستو فسڪي--
اولهه يورپ جي چئن عظيم ترين ليکڪن شيڪسپيئر،
سروانٽيس، گوئٽي ۽ ڊانٽي سان مشرق جا گوگول،
ترجنيف، ٽالسٽاء ۽ دوستو فسڪي همسري ڪن ٿا. چئن
روسين مان دوستو فسڪي زندگي کي سڀ کان وڌيڪ مان
ڏيندڙ آهي. گوگول پنهنجا ڳوڙها لڪائڻ لاءِ کلي ٿو،
ترجنيف عارضي وجود جي حسن تي ڏاڍي ڏک سان سوچ
ويچار ڪري ٿو، ٽالسٽاء انهي سوال تي سوچ ويچار ۾
مصروف آهي ته کائڻ، پيئڻ ۽ محبت ڪرڻ مان ڇا حاصل
جڏهن سڀئي زنده شيون دير سوير مٽي ۾ ملي وينديون.
پر دوستو فسڪي کي پنهنجين تمام ڏکين حالتن جي
باوجود انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه هو ته زندگي خود
پنهنجو جواز آهي ۽ محبت ڪرڻ، ڪنهن لاءِ دل ۾ ڪهل
هئڻ، يادگيريون سانڍڻ ويندي ڀوڳنائون
سهڻ به عدم وجود کان بهتر آهي. سندس ناول زندگي ۽
انساني تجربي جي لاهن چاڙهن ۾ جذباتي دلچسپي سان
ڀريا پيا آهن ۽ انهن کي ادب جي اهم ڪمن جي صف ۾
بيهارين ٿا. سندس ناول تمام دلچسپ ڪردارن سان سٿيا
پيا آهن ۽ پڻ سياست، مذهب ۽ قوميت بابت خيالن سان
ٽمٽار آهن. ساڳئي طرح انهن ۾ پُر تشدد واقعا به
گهڻا آهن جڏهن ته انهن سڀني ڳالهين جي پٺيان اهو
ڏکوئيندڙ احساس پيو جهلڪندو آهي ته انسان پنهنجن
ئي جذبن جا شڪار ٿي وڃن ٿا انهن کي سندن ڪنٽرول
کان ٻاهر رهندڙ قوتون اهڙي قسمت ڏانهن ڌڪين ٿيون
جنهن جي هو اڳڪٿي نه ٿا ڪري سگهن.
دوستو فسڪي جي چئن سڀ کان مشهور ناولن ڪرائيم ائنڊ
پنشمينٽ، دي ايڊئٽ، دي پزيسڊ(The
Possessed) ۽
دي برادرز ڪرامازوف مان آخري کي ڪجھ نقاد سندس سڀ
کان بهترين ناول سمجهن ٿا. وري ڪجھ ٻين ماڻهن کي
انهيءَ ۾ سندس تخليقي صلاحيتون پوڻيون پوندي نظر
اچن ٿيون. بهرحال اها ڳالهه ڪيئن به هجي ايتري سا
پڪ آهي ته هي تمام پيچيدو ناول آهي ۽ دوستو فسڪي
کي نئين مان پڙهندڙ ڪنهن ماڻهو جيڪڏهن سڀ کان اڳ
اهو ڊگهو ڪتاب کنيو ته انهي تي پهرئين نظر وجھڻ
سان هو شايد ڪجھ پريشان ٿي وڃي. اهو اهڙن وقفن سان
ڀريل آهي جن جو مک ڪهاڻي سان ڪو تعلق نه آهي. مثال
طور خانقاه ۾ جتي ايلڊر فادر زوسيما ڪجھ هارين کي
روحاني نصيحتون ڪري ٿو؛ وري سندس شروعاتي زندگي ۽
عيسائيت اختيار ڪرڻ بابت هڪ ڊگهو باب ڪجھ اسڪولي
ڇوڪرن بابت وري موضوع کان هٽڻ جن مان هڪ ٽي.بي سبب
مري وڃي ٿو، وري The
Grand Inquisitors جي
نالي سان هڪ ڊگهي علامتي ڪهاڻي؛ انهن جو ڪهاڻي جي
مرڪزي سلسلي سان ڪو سڌو تعلق نه آهي. پر اسين
جيڪڏهن انهن آڏين ڪٿائن کي ڇڏي ڏيون ته خود پلاٽ
ڏاڍو سادو آهي. فيوڊور ڪرامازوف نالي هڪ پوڙهو
شراب جي نشي ۾ مدهوش رهندڙ، حوس پرست ۽ احمق آهي.
هو اسڪوٽو پرائيگو ويسڪ جي ننڍڙي شهر جي ٻاهران
رهي ٿو. هن کي ٽي پٽ آهن. هڪ ڊمتري ۽ وري ٻئي زال
مان اوان ۽ اليڪسي. اهو آليوشا جي نالي سان مشهور
آهي. انهن پٽن جون شخصيتون هڪ ٻئي کان ڏاڍيون
مختلف آهن. بهرحال هنن ٽنهي ۽ سندن پيءُ ۾ اها هڪ
ڳالهه مشترڪ آهي جو انهن کي زندگي لاءِ وڏي تڙپ ۽
پياس آهي. چيو وڃي ٿو اها ڪرامازوفن جي خصوصيت آهي
جيڪا انهن کي پنهنجن مختلف اندازن ۾ انتها پسند
ڪري ٿي. آليوشا لڳ ڀڳ هڪ صوفي آهي ۽ روحاني طور
تمام سجاڳ آهي. ڊمتري هڪ بي پرواهه عياش آهي جيڪو
عورتن ۽ ڇڙواڳين تي پئسو دُڦ ڪري ٿو جڏهن ته اوان
هڪ جذباتي دانشور ۽ عجيب ۽ متضاد نظرين جو شڪار
آهي. سندس ذهن هڪ ئي وقت تشڪيڪ ۽ آدرشيت ڏانهن
مائل آهي.
ويهن کان ٽيهن ورهين جي وچ ۾ عمرين وارا اهي
نوجوان مختلف زندگيون گذاري رهيا آهن. جيتوڻيڪ
انهن ۾ اهم موقعن تي ڪي هڪ جهڙايون به اچي وڃن
ٿيون. اهڙو هڪ موقعو گروشينڪا نالي هڪ نوجوان عورت
بابت جلد ئي اچي وڃي ٿو. اها هڪ روايتي ڳاڙهي ڳٽڪي
گول مٽول روسي حسينا آهي. هو ڏاڍي دلير، ارادي جي
پڪي، هٺيلي ۽ شوخ ۽ بي ادب آهي. ڪراڙو ڪرامازوف-
جنهن جون رومانوي ڇڙواڳيون سندس وڏي پٽ ۾ ڌڪار ۽
نفرت پيدا ڪن ٿيون- گروشينڪا جي پٺيان آهي پر
ڊمتري جو به ساڳيو حال آهي. هو پنهنجي پيءُ جو
اڳيئي وڏو مخالف آهي جو هن ننڍپڻ ۾ کيس نظرانداز
ڪيو هو ۽ انهي جو هڪ سبب اهو به آهي جو هو سمجهي
ٿو ته هو هن جي ماءُ پاران هن لاءِ ڇڏيل ٽي هزار
روبل به ڦٻائي ويو آهي. هاڻي اها مخالفت شديد نفرت
۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. حقيقت ۾ هو ۽ سندس ڀاءُ اوان
پنهنجي پيءُ کي منظر کان هٽيل ڏسي ڏاڍا خوش ٿين
ها. انهن جي نفرت جو هڪ سبب سندن ويڳو ۽ ناجائز
ڀاءُ سميردياڪوف آهي. هو تمام بڇڙو، پنهنجا معاملا
ڳجها رکندڙ ۽ ڏاڍو طالع آزما نوجوان آهي. هن کي
ڪراڙي ڪرامازوف ذاتي خدمتگار طور رکيو آهي.
اوان، سميردياڪوف سان هڪ مبهم قسم جي ڳالهه ٻولهه
ڪرڻ کان پوءِ شهر مان ٻاهر وڃي ٿو هليو. کيس ڪنهن
حد تائين يقين هو ته سندس غير موجودگي ۾ اهو
خدمتگار ڪراڙي کي قتل ڪري ڇڏيندو. سميردياڪوف
دمتري جي دماغ ۾ به اها ڳالهه وجھي ٿو ته هو قتل
بابت سوچي ۽ هڪ شام جو جڏهن هن کي ڪجھ اندازو ٿيو
ته گروشينڪا هن جي پيءُ سان ملڻ ايندي ته هن جي
نفرت ۽ ساڙ جا جذبا ٽهڪڻ لڳا. هو ڪراڙي جي گهر
ويو. هو حمام دستي جو هڪ ڳرو دستو به پنهنجي کيسي
۾ وجھي ويو ۽ سندس روشن خوابگاهه جي دريءَ جي
هيٺان ڪن ڏئي بيهي رهيو. پوءِ هو ڪنهن ول جي ذريعي
مٿي چڙهي ويو ۽ اندر نظر وڌائين. سندس پيءُ هڪ پٽا
پٽي ريشمي ڊريسنگ گائون پايو پنهنجي ملاقاتي جي
انتظار ۾ هو. پر گروشينڪا جو ته ڪواتو پتو ئي نه
هو. سميردياڪوف دمتري کي اڳواٽ ڪي اشارا ٻڌائي
ڇڏيا هئا. هو انهن جي دلبي سان ڪراڙي کي دري وٽ
گهرائي ٿو. هو دري جي ويجهو اچي ويو آهي ۽ هو سندس
سُسيل نڙگهٽ ۽ وَريل نڪ ڏسي رهيو آهي ۽ سندس چپن
تي حريص مرڪ آهي. اوچتو دمتري جي اندر ۾ ڪاوڙجي هڪ
لهرائي ٿي ۽ هو پنهنجي کيسي مان دستو ڪڍي ٿو...
دمتري باغ مان ڀڄندي هڪ گهريلو نوڪر کي دستو هڻي
ڪيرائي وجھي ٿو. اهو پوءِ سندس هڪ دوست کي رت ۾
ٻڏل ۽ وڦلندي نظر اچي ٿو. هو هڪ ويجهي ڳوٺ مان
شامپين جا کوکا وٺڻ وڃي ٿو جيئن پاڻ سان گڏ کڻي
وڃي. اتي هو گروشينڪا کي ڪجھ دوستن سان شراب جي
محفل ۾ ويٺل ڏسي ٿو. کيس انهي رات دير سان هن سان
اڪيلائي ۾ ويهڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ هوءَ سندس ڪنن ۾
سرٻاٽ ڪري ٿي: ”مون کي توسان محبت آهي. مون کي فقط
توسان محبت آهي“. هو پوڙهي نوڪر جي قتل تي پڇتاء
سبب اندروني طور پريشان آهي. پر حقيقت اها آهي ته
نوڪر مئو نه هو. ناول ۾ اهڙو وڻندڙ منظر ڏاڍو دير
سان آيو آهي. هن کي جلدئي شراب خاني مان پنهنجي
پيءُ جي قتل ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو. انهي کان پوءِ
مقدمي جو ڏاڍو ڊگهو ۽ متاثر ڪندڙ منظر اچي ٿو جنهن
۾ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن پاران ڏاڍيون پُر مغز
تقريرون ٿين ٿيون ۽ هن تي ڏوهه ثابت ٿيڻ ۽
سائيبيريا ۾ ويهه سال قيد بامشقت جي سزا تي ڪهاڻي
پوري ٿئي ٿي.
پر ڊمتري حقيقت ۾ ڪراڙي ڪرامازوف کي قتل نه ڪيو
هو. ٽي هزار روبلن جو چور ۽ قاتل بلڪل اخلاق کان
ڪريل اهو سميرڊياڪوف هو جنهن کي هاڻي ڏاڍو پڇتاءُ
ٿي رهيو هو. هو ڪيس کان اڳ چورايل رقم اوان کي
موٽائي ڏئي ٿو ۽ ڏوهه باسي ٿو. هو ٻئي ڏينهن ڦاهو
کائي آپگهات ڪري ڇڏي ٿو پر هو اهو ڪم قتل جي ڪفاري
طور نه ٿو ڪري. سميريادڪوف قنوطي ۽ دل برداشته ٿي
پيو آهي ڇو جو کيس زندگي ۾ ڪنهن اهڙي ديوتا جي
ضرورت آهي جنهن جي باري ۾ هو سمجهي ته هو طاقت،
سختي ۽ ارادي جي پختگي جو سرچشمو آهي ۽ هو ڪنهن
مثال ۽ نموني طور انهي ڏانهن ئي ڏسي سگهي. اهو شخص
ايوان آهي ۽ هو جڏهن پاڻ کي خود سميردياڪوف کان به
ڪمزور ظاهر ڪري ٿو ته هو مايوس ٿي خودڪشي ڪري ٿو
ڇڏي.
هيءُ برادرز ڪرامازوف جو مک پلاٽ آهي. پر ڪتاب جو
مرڪزي خيال دين جي مقابلي ۾ لاديني، زندگي بابت
روحاني جي مقابلي ۾ مادي نقطه نظر آهي. ٽن ڀائرن
جي ڪردارن جي ذريعي اها ڀيٽ تمام لطيف نموني ۾ ڪئي
وئي آهي. اها ڳالهه به نه آهي ته ڪو هڪ رخ سفيد ۽
ٻيو بلڪل ڪارو آهي. دوستو فسڪي انهي لحاظ کان تمام
ماهر نفسياتدان آهي. پر وسيع تناظر ۾ ڳالهائيندي
چئي سگهبو ته اليوشا روحاني سجاڳي جي شعلي جي
نمائندگي ڪري ٿو جڏهن ته ڊمتري ۽ ايوان ماديت
پرستي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن. ڊمتري ڪتاب جو تمام
پيچيدو ڪردار آهي ۽ مرڪزي ڪردار لاءِ اليوشا سان
مقابلو ڪري ٿو. دوستو فسڪي کي اليوشا جي نوجواني
واري زندگي هڪ ٻئي ناول ۾ پيش ڪرڻي هئي جنهن جو
کيس شروع ڪرڻ جو ئي وقت نه ملي سگهيو. دمتري سڀني
ڪرامازوفن وانگر زندگي جي هوس سان ڀريل آهي پر کيس
جيئن ته پنهنجي پيءُ ننڍپڻ ۾ نظرانداز ڪري ڇڏيو هو
تنهن ڪري هو اها شديد خواهش کڻي وڏو ٿئي ٿو ته کيس
دنيا پاران خوشي ڏيڻي آهي ۽ هو اهو پڪو پهه ڪري ٿو
ته هو اها خوشي گروشينڪا جي روپ ۾ ضرور حاصل ڪندو
ڀلي انهي راهه ۾ ڪيتريون رنڊڪون اچن، کيس ڀلي
ڪيترين ذلتن کي منهن ڏيڻو پوي يا ڀلي ڪي ڏوهه ڪرڻا
پون. هن کي دل ۾ انهي ڳالهه لاءِ هڪ تڙپ موجود آهي
جنهن کي هو اڻ چٽي نموني نيڪيءَ واري زندگي سمجهي
ٿو پر نيڪي ۽ شائستگي کي تيستائين پٺي ڏئي بيهڻو
آهي جيستائين هو پنهنجي دل جي مراد حاصل نه ٿو ڪري
وٺي. انهي دوران هو سمجهي ٿو ته اهي شيون ناقابل
حصول آهن ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي حالتن جو قيدي سمجهي
ٿو ۽ پاڻ کي اهڙو سٺو ماڻهو سمجهي ٿو جنهن کي ڪو
موقعو نه مليو آهي تنهن ڪري زندگي دمتري جي نظر ۾
هڪ لاڳيتو عمل نه آهي جنهن مان انسانن کي سٺن توڙي
خراب ڏينهن ۾ ڪجھ پرائڻ گهرجي پر اها هڪ لاٽري آهي
جنهن ۾ انعام حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھ داء تي لڳائڻ
ضروري آهي. ڪتاب جي آخر ۾ کيس اهڙي قتل جي ڏوهه جي
سزا ملڻ جيڪو هن ڪيو ئي نه آهي اهو دوستو فسڪي
پاران اهڙن ماڻهن لاءِ هڪ واضح چتاء آهي جيڪي اهڙا
ناپختا ۽ خطرناڪ خيال رکن ٿا.
ڊمتري جيڪڏهن هُوڙهه ۽ سدائين ڪچي جواني ۾ رهندڙ
آهي ته ايوان وري مغرور، سادي زندگي گذاريندڙ ۽
اهڙو نوجوان دانشور آهي جيڪو سٺي زندگي لاءِ ڪجھ
ڪوششون به ڪري ٿو پر جنهن جو دماغ دل جي رستي ۾
اچي وڃي ٿو. هن کي هڪ قسم جو روحاني عقيدو آهي پر
سندس دانش انهي سان مطابقت اختيار ڪرڻ کان انڪار
ڪري ٿي ۽ هو ورهايل شخصيت (Split
Personality) جو
هڪ مثال ٿي پوي ٿو جيڪو خود پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ
خطرو هوندو آهي. هو ڪجھ ٻُسو ۽ بي رنگ ڪردار آهي
اهو ئي سبب آهي جو دوستو فسڪي کيس ٻن جاين تي
موضوع کان تمام هٽي ويندڙ ڳالهين سان ڳنڍيو آهي
اهي جيتوڻيڪ پنهنجي سر بهترين ڳالهيون آهن پر انهن
جو پلاٽ سان ڪو تعلق نه آهي.
انهن مان پهرئين Grand
Inquisitor جي
ڪهاڻي آهي. اها علامتي انداز ۾ نثراڻي نظم ۾ لکيل
آهي. انهي ۾ اهڙي ڳالهه بيان ٿيل آهي جيڪا اسان جي
لاءِ موجوده دور ۾ معنيٰ سان ڀريل آهي. سورهين صدي
۾ Inquisition (عدالت
انصاف) جي دور ۾ جنهن ڏينهن هڪ سودين کان ڦريل
ماڻهن کي زندهه ساڙيو ويو هو انهي کان ٻئي صبح جو
يسوع مسيح سيوائل (Seville) جي
شهر ۾ اچي ٿو. ڪليسائي عدالت جو وڏو عهديدار کيس
گرفتار ڪرائي جيل ۾ وجھرائي ڇڏي ٿو ۽ کيس اها
ڳالهه سمجهائي ٿو ته کيس سڀاڻي زندهه ساڙائڻ ڇو
ضروري هو. هو چوي ٿو ته يسوع مسيح جي اچڻ جو مقصد
انسانن کي آزادي ڏيارڻ، انسانن جا ذهن سندس پنهنجي
مرضي سان خدا ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ معجزن جي مدد کان
سواءِ انهن جي وفاداري حاصل ڪرڻ هو. ڇاڪاڻ ته يسوع
مسيح کي معجزن کي مدد سان دنيا جون سموريون
بادشاهتون ملي وڃن ها. پر ڪليسائي عدالت جي
عهديدار مطابق انسان آزادي جي انهي تحفي جو بار نه
ٿا کڻي سگهن. اهي پنهنجي مرضي سان چونڊ جو اختيار
نه ٿا چاهين. چونڊ ڏهه هزار ماڻهن لاءِ چونڊ جو
اختيار شايد صحيح هجي پر عام رواجي، ڪمزور ۽ ڊڄڻن
انسانن لاءِ اهو زهر آهي. يسوع مسيح کي جيڪڏهن
انسانن سان وڌيڪ محبت هجي ها ته هو انهن کي اهو
ناقابل برداشت تحفو نه ڏئي ها پر انهن لاءِ پٿرن
کي ماني ۾ تبديل ڪري ها جيئن انهن لاءِ اطاعت ۽
وفاداري ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه هجي ها. هاڻي
ڪليسائي عدالت جو عهديدار دعويٰ ڪري ٿو ته هن ۽
سندس ساٿين يسوع مسيح جي ڪم ۾ اصلاح ڪري ڇڏي آهي.
انهن پنهنجي اختياري قائم ڪري ڇڏي هئي ۽ انهن انهي
تي روحاني ادب ۽ احترام جو پوش چاڙهي ڇڏيو آهي ۽
انسانن کي اها تعليم ڏين ٿا ته اهي مذهبي عدالت
انصاف (Inquisition) جي
قانونن ۽ فيصلن جي مڪمل اطمينان سان بجا آوري ڪن.
انهن جو مقصد اهو آهي ته اهي انساني فطرت کي حقيقت
پسندي واري رخ ۾ ڏسن، انهن کي هڪ مقصد ڏين، انهن
جي ڪم ۽ راند روند جي نگراني ڪن ۽ انهن کي چون ته
اسان جي پيروي ڪريو هر شي سادي ۽ سولي ٿي ويندي.
توهان کي زندگي ۾ وڌيڪ ڪنهن شي جي ضرورت نه پوندي.
”حقيقت اها آهي ته خوشي جي انهي مشيني انداز مان
لطف اندوز ٿيندڙ مخلوق کي اڳتي هلي مرڻ کان سواءِ
ٻي ڪنهن ڳالهه جي اميد نه آهي پر ڪليسائي عدالت جو
عهديدار ته اها ڳالهه کليو کلايو تسليم ڪري ٿو ته
هو خدا نه پر شيطان جي تعليم تي پيو هلي. درحقيقت
هن کي ته خدا ۾ ايمان ئي نه آهي...
هتي تمثيل جي آخر ۾ اسان کي اصلي دوستو فسڪي جي هڪ
جهلڪ نظر اچي ٿي. هو پنهنجي انهي سوچ جو اظهار
ڪندي نظر اچي ٿو ته اهڙي پڌري برائي به ڪنهن نه
ڪنهن نموني ۾ وڏي مقصد (Grand
Design) ۾
ڪو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪليسائي عدالت جو عهديدار
ڳالهائڻ بند ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته يسوع مسيح جواب
ڏيندو. پر انهي جي بجاء ”هو اوچتو ماٺ ميٺ ۾ پوڙهي
شخص جي ويجھو آيو ۽ سندس پوڙهن رت کان خالي چپن تي
مٺي ڏنائين“. پوڙهي ماڻهو دُرڙي ڀري. سندس چپ لُڏڻ
لڳا. هو دروازي وٽ ويو اهو کوليائين ۽ هن کي
چيائين: وڃ هليو، وري نه اچجانءِ، ڪڏهن به نه
اچجانءِ، ڪڏهن به نه، ڪڏهن به نه!“ هن پوءِ کيس
ڇڏي ڏنو ۽ هو شهر جي اونداهين گهٽين ۾ گم ٿي ويو.
اهو ڳنڀير وقفو ڪتاب جي شروعات ۾ ئي اچي ٿو. اڳتي
هلي جڏهن ايوان کي اهو خيال چريو ڪري ڇڏي ٿو ته هن
پنهنجي پيءُ جي قتل ۾ سهڪار ڪيو هو تڏهن ايوان جي
خواب ۾ شيطان سان ملاقات ذريعي اسان جي آڏو هڪ
مختلف رخ پيش ڪيو وڃي ٿو. شيطان سندس ذهن جي تحت
الشعوري حصي جي پيداوار هڪ گندي پوشاڪ ۾ دنياوي
شخص جي روپ ۾ هن جي سامهون اچي ٿو. هو اوچتو کيس
سندس صوفي تي ويٺل ڏسي ٿو. شيطان هڪ اهڙي دنيا جي
حمايت ۾ ڳالهائي ٿو جنهن ۾ انسان آخرڪار خدا جي
تصور کان دستبردار ٿي ويندا. اهي انهي نظريي کي
پنهنجي فائدي ۾ ڪم آڻيندي ڏاڍا خوش ٿيندا جنهن جو
ايوان پنهنجي سموري زندگي پرچار ڪندو رهيو هو ته ”
هر ڳالهه قانون مطابق آهي“. پر شيطان به- هتي
ايوان جو ٻيو حصو ڳالهائي ٿو- هڪ اهڙي متشڪڪ جو
واقعو بيان ڪري ٿو جنهن کي مرڻ کان پوءِ هڪ ٻيو
آئيندو (Future) پنهنجي
سامهون نظر آيو هو. انهي ماڻهو کي چيو ويو هو ته
کيس بهشت ۾ پهچڻ لاءِ لکين ميل پنڌ ڪرڻو پوندو. هو
هڪ هزار ورهيه روڊ تي پلٿي هنيو ويٺو رهيو ۽ چُرڻ
پرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين آخرڪار هن هلڻ شروع ڪيو
۽ ڪي دور گذرڻ کان پوءِ بهشت ۾ پهتو ۽ بهشت ۾ فقط
ٻه سيڪنڊ رهڻ کان پوءِ ئي اهو اعلان ڪري ڇڏيائين
ته انهي مختصر دور مان لطف ٿيڻ لاءِ لکين ميل پنڌ
ڪا وڏي ڳالهه نه هئي.
ايوان ۽ دمتري جيتوڻيڪ ڪجھ سادڙا آهن پر انهن ۾
نيڪي ۽ سچائي جي تڙپ پيدا ٿيندي رهي ٿي. سڀ کان
ننڍي ڀاءُ اليوشا جي حالت وري اها آهي جو هن لاءِ
مذهب سندس ذهن جي هڪ لاڳيتي تبديل ٿيندڙ موسم آهي.
اليوشا هڪ خانقاه ۾ رهي ٿو ۽ فادر زوسيما جي مريد
طور پنهنجي باقي سموري زندگي اتي گذارڻ چاهي ٿو پر
سندس اندر ۾ اها تمنا آهي ته هو ٻاهرئين دنيا ۾
وڃي، شادي ڪري ۽ عام رواجي ماڻهو واري زندگي
گذاري. هو فادر زوسيما جي موت کان پوءِ اهو ڪم ڪري
ٿو. دوستو فسڪي سندس زندگي جي آخري ورهين جو هڪ
ٻئي ڪتاب ۾ بيان ڏيڻ چاهيو ٿي پر هو اهو نه لکي
سگهيو. اليوشا هتي هڪ جسماني طور مضبوط نوجوان جي
روپ ۾ سامهون اچي ٿو جنهن کي تمام گهڻي سهپ ۽
بردباري ۽ انسان ذات سان محبت آهي. هو وڏي ذهانت
وارو ۽ روحاني طور به پڪو پختو آهي. هن کي روح جي
لافاني هئڻ تي يقين آهي ۽ هو آئيندي جي زندگي کي
ذهن ۾ رکندي هيءَ زندگي گذارڻ جو عهد ڪري ٿو. هن
جو مک پلاٽ ۾ ڪو سرگرم ڪردار نه آهي هن جو ڪردار
فقط ايترو آهي جو هو پنهنجن ڀائرن جي سندن شخصيتن
جا بهتر رخ سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. پر دوستو فسڪي جا
ڪجھ گهرا ويساهه هُن ۽ فادر زوسيما جي ذريعي ئي
پڙهندڙ تائين پهچن ٿا ۽ هن مختصر جائزي جي پڄاڻي
هنن ٻن مختصر اقتباسن کان وڌيڪ سٺي انداز ۾ نه ٿي
سگهندي. درويش ايلڊر موت جي بستري تي پنهنجن راهبن
کي صلاحون ڏيندي چوي ٿو:
”ڀائرو، انسانن جي گناهه کان نه ڊڄو. گناه گار
انسان سان به محبت ڪريو ڇاڪاڻ ته اها به خدائي
محبت جي مشابه آهي ۽ زمين تي تمام وڏي محبت جو
درجو رکي ٿي. خدا جي مخلوق جي هر ذري سان محبت
ڪريو. هر پن ۽ خدا جي روشني جي هر ڪرڻي سان محبت
ڪريو. جانورن ۽ ٻوٽن سان محبت ڪريو. توهان جيڪڏهن
هر شي سان محبت ڪنداؤ ته توهان کي هر شي ۾ خدائي
اسرار نظر ايندو. اهو توهان کي جڏهن نظر اچي ويو
ته توهان انهي کي هر روز بهتر کان بهتر انداز ۾
سمجهي سگهنداؤ ۽ توهان آخرڪار هڪ اهڙي منزل تي
پهچنداؤ جو توهان سموري دنيا سان اڻ کٽ انداز ۾
محبت ڪنداؤ.“
ڪتاب جي بلڪل آخر ۾ چوڏهن ورهين جي من موهڻي ڪوليا
جنهن پنهنجي هڪ اسڪولي ساٿي جي ٽي بي ۾ مرڻ کان
پوءِ تدفين جو منظر ڏٺو آهي اها روئندي آليوشا کي
چوي ٿي. ”ڪرامازوف ڇا اسان کي مذهب ۾ جيڪا ڳالهه
پڙهائي ويندي آهي اها صحيح ٿي سگهي ٿي ته اسين مرڻ
کان پوءِ ٻيهر جيئرا ٿينداسين ۽ هڪ ٻئي کي
ڏسنداسين- سڀئي آليوشا پڻ؟ آليوشا ۽ انهي سان گڏ
دوستو فسڪي به ڏکن سان ڀريل زندگي جي پڄاڻي تي
اسان سان سندس آخري لفظن ۾ مخاطب ٿئي ٿو: ”بلاشڪ
اسين سڀ وري زنده ٿينداسين، بلاشڪ اسين سڀ هڪ ٻئي
کي ڏسنداسين ۽ جيڪو ڪجھ ٿي گذريو هوندو انهي بابت
هڪ ٻئي کي خوشيء سان ٻڌائينداسين.“
66. پيئر ايٽ جين
-- گاء ڊي موپاسان--
گاء ڊي موپاسان پلاٽن جي تنوع ۽ دلچسپي، بهترين
ڪردار نگاريءَ بيان جي تيزي ۽ چٽي اسلوب سبب چيخوف
سان گڏ دنيا جي بهترين افسانا نويسن جي صف ۾ بيهي
ٿو. پر سندس ڪهاڻين ۾ انهن خصوصيتن کان سواءِ ڪا
اڃا وڌيڪ قيمتي شي پڻ موجود آهي. انهن جي هيئت جي
پورڻتا سونهن جو هڪ اهڙو احساس ڏئي ٿي جيڪو ڪنهن
لافاني شي سان جُڙيل آهي، جيڪو سموري زندگي جي
وحدت جو عڪس پيش ڪري ٿو ۽ خود انساني مقدر جي مٿان
پيل غلاف جي هڪ ننڍڙي ڪنڊ مٿي ڪري ٿو. انهن جو
تاثر ماڻهن تي مختلف نمونن ۾ اثر انداز ٿي سگهي ٿو
انهن وٽ انهيءَ جون مختلف وصفون ٿي سگهن ٿيون پر
اهو پنهنجي جوهر ۾ اهو ساڳيو ئي آهي جيڪو آرٽ جي
ڪنهن به عظيم فن پاري مان حاصل ڪري سگهجي ٿو.
موپا سان بلاشڪ هڪ عظيم آرٽسٽ هو ۽ هو پنهنجي ڪم
بابت تمام مضبوط رايا رکندو هو. جديد ليکڪن جي
برخلاف جيڪي شخصيت جون اونهايون ماپڻ چاهيندا آهن
هن جو انهي ڳالهه ۾ ويساهه هو ته ليکڪ کي پاڻ کي
اهڙن تاثرن (Impressions) جي
عڪاسي تائين محدود ڪرڻ گهرجي جن کي حِس جي عضون (Organs
of Sense) جي
ذريعي محسوس ڪري سگهجي. ٻين لفظن ۾، هو فقط اهي
ڳالهيون بيان ڪندو آهي جيڪي سندس ڪردار چوندا يا
ڪندا آهن يا ڪيئن نظر ايندا آهن يا جتي تمام ضروري
هجي هو اهو به ٻڌائيندو آهي ته هو ڇا سوچين يا
محسوس ڪن ٿا. هو نفسياتي وڍ ٽُڪ جو ڪم ڪڏهن به نه
ڪندو آهي. اها ٽيڪنيڪ جنهن ۾ ليکڪ سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ
خدا نه پر زندگي جو مشاهدو ڪندڙ هوندو آهي انهي کي
معروضي حقيقت نگاري (Objective
Realism) چئبو
آهي. موپا سان جو انهي سان مطابقت رکندي اهو رايو
هو ته ليکڪ کي لازماً مخلص هئڻ گهرجي ۽ هن کي
زندگي ۽ انسانن بابت اهو ئي سچ ٻڌائڻ گهرجي جهڙي
طرح هو انهن کي ڏسي ٿو. هن کي اهڙي رومانوي ادب
کان بُڇان ايندي هئي جنهن ۾ پڙهندڙ کي سڪون، آٿت
يا تفريح ڏيڻ لاءِ مشاهدي ۾ اچي سگهڻ جهڙي سچ کي
غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو هجي. وري فلابرٽ وانگر-
اهو سندس گهاٽو دوست هوندو هو ۽ کيس پيءُ جي حيثيت
۾ ڏسندو هو- هو به تمام ڌيان سان چونڊ جي عمل ۾
يقين رکندو هو ۽ اهڙي طرح سندس تمام بهترين ڪهاڻين
۾ فقط اهي شيون ئي نظر اچن ٿيون جيڪي ڪردارن ۽
ايڪشن کي سمجهڻ لاءِ بنہ ضروري آهن. هاڻي جيڪڏهن
سندس تڪميل تي پهتل ڪم مان ڪا به شي خارج ڪبي ته
سموري ڪم جي هم آهنگي برباد ٿي ويندي. فطري ڏات
ذريعي عمل ۾ آندل اهي اصول سندس ڪم جي بي انتها
ڪشش کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
موپا سان جي ڪم جو سڀ کان بهترين حصو ڪنهن جواهر
وانگر ڪنهن به نقص کان آجو ۽ مڪمل آهي پر سندس
زندگي ڏاڍي منتشر رهي. هو ڏاڍي سهوليت سان لکندو
هو ۽ وڏا وڏا شاهڪار اهڙي فطري سادگي سان منظر تي
آڻيندو ويندو هو جيئن صوف وڻ مان ڪرندا ويندا آهن.
پر انهي گول مٿي ۽ ويڪرن ڪلهن واري نوجوان- جيڪو
ليکڪ کان وڌيڪ ڪو سپاهي لڳندو هو انهي- ڏاڍي بي
آرام زندگي گذاري. سندس هڪ پير تمام گندگيءَ واري
علائقي ۾ ته ٻيو تمام اعليٰ سماج ۾ هوندو هو. انهي
سان هن کان وڌيڪ سگهه ۽ توانائي وارا ماڻهو به
جيڪر ٿڪي ۽ ساڻا ٿي پون ها.
هو عام ماءُ پي جي گهر ۾ 1850ع ۾ ڄائو. هو بي
ترتيب شروعاتي تعليم کان پوءِ پيرس ۾ نيول منسٽري
۾ ڪلارڪ ٿيو. هو اتي ٽيهن ورهين جي ڄمار تائين
رهيو. هن جيتوڻيڪ پنهنجي پهرئين ڪهاڻي 1875ع ۾ لکي
پر انهن ورهين دوران هو پنهنجو گهڻو فارغ وقت سين (Seine)درياء
۾ ٻيڙي هلائيندي ۽ مزدورن ۽ رنڊين سان کل ڀوڳ ۾
گذاريندو هو. انهن جا انهي درياء جي ڪناري تي ميڙا
لڳا پيا هوندا هئا. هو پيرس ۾ اڪيلو رهندو هو.
سندس ننڍو ڀاءُ جيڪو آخرڪار چريو ٿي ويو اهو ڳوٺ ۾
پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو هو. سندس ماءُ ڏاڍي
هوشيار پر هسٽريائي طبيعت واري عورت هئي. جنهن کي
پنهنجي مڙس موپا سان جي ننڍپڻ ۾ ڇڏي ڏنو هو. هن کي
به پنهنجي وڏي پٽ سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. جيئن
ڪڏهن ڪڏهن اهڙين حالتن ۾ ٿيندو آهي سندس پٽ کي به
گهٽ درجي وارين عورتن جي ٻانهن ۾ جنسي آسودگي
ملندي هئي.
هن پيرس ۾ پاڻ جهڙن غريب مزدورن ۽ شاگردن ۾
ڪيترائي دوست ٺاهيا پر 1880ع کان جڏهن هن پنهنجي
ڪلارڪي تان استعفا ڏئي لکڻ کي هڪ ڌنڌي طور اختيار
ڪيو ته سندس پئسي ڏوڪڙ ۾ جلدي واڌارو اچي ويو. هن
ايندڙ ڪجھ ورهين دوران روزاني اخبارن لاءِ ڌڙا ڌڙ
ليک لکڻ سان گڏوگڏ هڪ بدنام رسالي Gil
Blas لاءِ
اگهاڙيون ڪهاڻيون پڻ لکيون. سندس Enfamille ۽La
Maison Tellier جهڙيون
ڪجھ مشهور ڪهاڻيون به انهي دور ۾ ڇپيون. هو پنهنجي
ادبي ڪاميابي سبب 1884ع ۾ نارمنڊي لڏي وڃڻ جي قابل
ٿي ويو. اتي هن هڪ گهر ٺاهيو ۽ انهيءَ ۾ هڪ بهترين
باغيچو به ٺاهيائين. اتي هن هڪ طوطو به پاليو-
موپا سان جو مخصوص رنگ- هن کيس اهڙو سيکاري ڇڏيو
هو جو اهو عورت ملاقاتين کي ڏسي ڏاڍن بڇڙن لفظن
سان هنن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو. سن 1889ع ۾ سندس
تحريري صلاحيت ۾ گهٽتائي اچڻ تائين هو تقريباً 250
افسانا ۽ ڇهه ناول لکي چڪو هو. انهي جو هڪ سبب
آتشڪ جو مرض هو جنهن جو انهن ڏينهن ۾ ڪو موثر علاج
موجود نه هو.
هو جولاءِ 1893ع ۾ فوت ٿيو. سندس موت تي سندس
دوستن سان گڏوگڏ عام ماڻهن کي به ڏاڍو ڏک ٿيو.
پيرس ۾ سندس قبر جي ڀرسان ايملي زولا سندس دوستن
جي جذبن جي ترجماني هنن لفظن ۾ ڪئي: ”کيس فقط منظر
تي اچي پنهنجيون ڪهاڻيون بيان ڪرڻيون هيون. هر
ماڻهو فوراً هن سان پيار ڪرڻ لڳو. هو راتو رات هڪ
مشهور شخصيت ٿي ويو. هو جيڪا به ڳالهه لکندو هو
پڙهندڙ اها قبول ڪري وٺندا هئا. اهڙيون ڳالهيون
جيڪر ٻيا ڪن ها ته انهن کي صدمو پهچي ها پر هن جي
واتان ٻڌي هو مرڪي ڏيندا هئا. هو هر قسم جي ذهانت
کي مطمئن ڪندو هو، هو هر ڪنهن جي احساس کي متاثر
ڪندو هو ۽ اسان کي هڪ اهڙو سگهارو ۽ بي تڪلف
صلاحيت وارو ماڻهو نظر اچي ٿو جيڪو ذري برابر به
رعايت نه ٿو ڪري ته به هو بنا دير پڙهندڙ ماڻهن جي
ساراه ۽ پڻ پيار حاصل ڪري وٺي ٿو.“
جنهن ماڻهو جي شهرت جو دارومدار ڪهاڻين تي هجي
انهن ڪهاڻين تي هڪ مختصر ليک ۾ موثر نموني بحث ڪرڻ
ڏکيو آهي پر هن ناول پڻ لکيا هئا ۽ اها ڏاڍي عجيب
ڳالهه آهي ته سندس زندگي ۾ هڪ ناول نگار طور سندس
شهرت اڃا وڌيڪ هئي. هن يارهن ورهين جي ادبي زندگي
۾ جيڪي ڇهه ناول لکيا انهن ۾ (انهن مان چوٿين کي
سولائي سان سڀ کان بهترين قرار ڏئي سگهجي ٿو) سندس
اها مسلسل ڪامياب ٿيندڙ ڪوشش ڏسي سگهجي ٿي جيڪا هو
افساني کي وڌيڪ ڊگهي هيئت (form) سان
مطابقت ڏيارڻ لاءِ ڪري رهيو هو جيئن اڳتي هلي ناول
هڪ ٻئي سان جڙيل منظرن جي سلسلي جي انداز ۾ شروع
ٿين. اها ڪوشش 1888ع ۾ لکيل Pierre
et Jean جي
صورت ۾ عروج تي پهتي. انهي ۾ ڪيترن ئي ڪردارن تي
اثرانداز ٿيندڙ هڪ واحد صورتحال ۽ هڪ ئي مسئلو
سموري ننڍي ڪتاب تي حاوي آهي.
پيئرايٽ جين کي پنهنجي مربوط ايڪشن جي سبب ڪنهن
ننڍي ناول بجاءِ هڪ ڊگهي آکاڻي چئي سگهجي ٿو ۽ اها
موپا سان جي هر هڪ خوبي ڏيکاري ٿي: انهي ۾ لفظ گهٽ
ڪم آندا ويا آهن، سندس ڪردار نگاري جي مهارت به
عروج تي نظر اچي ٿي، پلاٽ جي واڌويجھ تڪڙي ٿئي ٿي
۽ جڏهن هر شي مڪمل هوندي آهي ته انهي مان جيڪو
سونهن جو احساس پيدا ٿيندو آهي اهو به انهي ۾
موجود آهي. اها هڪ ڏاڍي ڳنڀير ڪهاڻي آهي، ڪهاڻي ۾ Le
Havre بندر
جي آسپاس جا منظر آهن. اها هڪ اهڙي نوجوان بابت
آهي جنهن کي اهو شڪ ڪرڻ جا مضبوط سبب آهن ته سندس
ننڍو ڀاءُ سندس پيءُ جو پٽ نه آهي. اسان جي انهي
ڪٽنب سان ملاقات انهي وقت ٿئي ٿي جڏهن اهي مڇي
ماري رهيا آهن: مونشيئر رولينڊ هڪ رٽائرڊ جوئيلر(Jeweller) ۽
ڪجھ احمق ماڻهو آهي. کيس ننڍڙين ٻيڙين جو ڏاڍو
شوق آهي. سندس زال سهڻي ۽ جذباتي آهي. انهن جو وڏو
پٽ پيئر (Pierre) بي
آرام ۽ تصوراتي ذهن جو مالڪ آهي. هن ويجهڙائي ۾
ڊاڪٽر جي سند ورتي آهي. ننڍو پٽ جين وڪيل طور ڪم
جي شروعات ڪرڻ وارو آهي. آخر ۾ سندن پاڙيسري مادام
روز ميلي اچي ٿي. اها نوجوان ۽ پُر ڪشش بيواهه
آهي. سندس موجودگي ۾ ٻنهي ڀائرن ۾ موجود لڪل ساڙ ۽
حسد جا جذبا اڀري اچن ٿا.
شام جو هڪ ڇرڪائيندڙ خبر اچي ٿي: پيرس جو مونشيئر
ماريڪل نالي ڪو ماڻهو رولينڊ ڪٽنب جو اڳوڻو دوست
مري ويو آهي ۽ پنهنجو سمورو پئسو- اها چڱي خاصي
دولت ٿيندي- جين جي نالي ڪري ويو آهي. مونشيئر
رولينڊ سادگي سان خوش ٿئي ٿو. سندس زال به فقط
ايترو چئي ٿي: ”انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته کيس اسان
سان ڏاڍو چاهه هو ۽ پيئر سڀاويڪ طور اهو سوال پڇي
ٿو: ”ته پوءِ توهان انهي ماريڪل کان ڪنهن وقت گهڻو
واقف هئا؟ ”هائو تمام گهڻو“ رولينڊ خوشي مان ٽڙندي
ورندي ڏئي ٿو. اهو ٻنهي ڇوڪرن تي ننڍي لا ڏاڍو
مهربان هوندو هو. جين جي ڄمڻ وقت ته هو گهر ۾ هو ۽
ڊاڪٽر کي وٺي اچڻ لاءِ به ڊوڙي ويو هو. بلاشڪ سندس
سوچ اها هئي ته: ”مون انهي ڇوڪري جي ڄمڻ وقت مدد
ڪئي هئي تنهن ڪري آءٌ پنهنجي ملڪيت هن جي نالي
ڪريان“. انهي وضاحت مان لڳي ٿو ته سڀ ڪو مطمئن ٿي
ويو. پر جڏهن ٻئي پٽ ٻاهر وڃن ٿا هليا ۽ مونشيئر
رولينڊ به بستري ۾ وڃي پيو آهي ته سندس زال هيٺين
منزل تي ئي رهي ٿي هوءَ سندس ميز جي ڀرسان رکيل
بتي ۾ اکيون وجھي ويٺي آهي...
اهڙي طرح پهريون باب پڄاڻي تي پهچي ٿو. انهي کان
پوءِ پيئر بي آراميءَ جي احساس سان ڀرجي وڃي ٿو.
هو بندرگاهه تي گهمندي پهريان انهي جو سبب پنهنجي
ڀاءُ سان ساڙ سمجهي ٿو. پر پوءِ هڪ دوست سان
ملاقات- هڪ پولينڊي پناهگير فارماسسٽ- اڃا وڌيڪ بي
آراميءَ جو ٻج وجھي ٿي.
”اها ڳالهه ڪا سٺو تاثر نه ڇڏيندي“، اهو پوڙهو شخص
جين کي ورثو ملڻ جو ٻڌي چوي ٿو ۽ وڌيڪ زور ڀرڻ تي
به ساڳئي ڳالهه ورجائي ٿو ۽ وڌيڪ فقط ايترو چوي ٿو
ته اهڙين حالتن ۾ ٻنهي ڀائرن کي برابر فائدو ملڻ
گهرجي. ٻئي ڏينهن پيئر ڪلينڪ شروع ڪرڻ لاءِ ڪمرا
ڳولهڻ ۾ ڏاڍو مصروف هو. تنهن ڪري سوچ ويچار ڪرڻ جو
وقت نه مليس. پر هڪ ڪيفي ۾ هڪ عورت ويٽر جي ڳالهه
کيس ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏي ٿي. هو جين جي ڀلي ڀاڳ جو
ٻڌي پُراسرار نموني کلي ٿي ۽ چوي ٿي: ”واهه،
تنهنجو ڀاءُ ته ڀاڳن وارو آهي جو اهڙا دوست مليا
اٿس. هو جيڪڏهن توکان مختلف آهي ته انهي ۾ ڪا حيرت
جهڙي ڳالهه نه آهي!“ پيئر ڪجھ وقت لاءِ ته انهي
لڪيل اشاري تي يقين ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو. سندس
ذهن ۾ فقط اهو خيال آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ کي
خبردار ڪري ته هو پنهنجي ماءُ جي شهرت جي صدقي
ورثو قبول نه ڪري. هن کي انهي شام جو جين سان
ڳالهائڻ جو موقعو نه ٿو ملي ڇاڪاڻ ته انهي دولت جو
جشن ملهائڻ لاءِ گهر ۾ ڏاڍي هل هنگامي واري پارٽي
ٿي رهي هئي.
ٻئي ڏينهن هو پاڻ کي ڏاڍيون سمجهاڻيون ڏيڻ کان
پوءِ اهو احساس ٿوري دير لاءِ ذهن مان ڪڍي وٺي ٿو
پر جڏهن ڏسي ٿو ته هن جيڪا جاءِ ڪلينڪ کولڻ لاءِ
مسواڙ تي وٺڻ جو ارادو ڪيو هو پر گهڻن پئسن سبب نه
وٺي سگهيو هو اها ئي جاءِ سندس ڀاءُ نئين مليل
دولت سان مسواڙ تي ورتي آهي ته اندرئين ڪاوڙ ٻاهر
نڪري اچي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏ اها خواهش به ڪر کڻي
ٿي ته هو پنهنجي ماءُ پيءُ جي مونشيئر ماريڪل سان
دوستي بابت وڌيڪ ڳولها ڦولها ڪري. هو انهي کان
ڪڏهن ۽ ڪيئن واقف ٿيا؟ هو پڇي ٿو؟ سندس ويڙهاڪ
پيءُ پاران ڏنل جواب ڏاڍو تباهه ڪُن آهي. هن کي
ماريڪل کي سڀ کان پهريان سٺي نموني سمجهڻ جو موقعو
تڏهن مليو هو جڏهن پيئر ٽن ورهين جو هو ۽ جين اڃا
ڄائو ئي نه هو ۽ انهن جي ويجھڙائپ جو سبب اهو ٿيو
هو جو ماريڪل ٻار تي لال بخار جي حملي وقت ڏاڍي
مدد ڪئي هئي. جڏهن ٻارڙو چاق ٿيو هو ته اهو ڀلو
ماڻهو ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ ٻار جو ڏاڍو خيال رکندو
هو! انهي جي باوجود به ماريڪل پنهنجي دولت جين جي
نالي ڪئي. ڇو؟
پيئر ذهن ۾ اهو ئي سوال کڻي بندر ڏانهن هليو وڃي
ٿو. سندس ذهن ۾ جهڙو ڪوهيڙو آهي ٻاهر به اهڙو
ڪوهيڙو لڳو پيو آهي. هو انهي ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو. هو
تڪليف ڏيندڙ شدت سان انهي سوال جو جواب ڪڍڻ جي
ڪوشش ڪري ٿو ته ڇا جين ماريڪل جو پٽ هو؟ هو انهي
ماڻهو جي ٺاهه ٺوهه ۽ نفاست ذهن ۾ آڻي ٿو ۽ کيس
احساس ٿئي ٿو ته اهڙو ماڻهو مونشئير رولينڊ سان
دوستي نه رکي ها. هن کي ياد اچي ٿو ته هو سندس
ماءُ کي گلاب جا گل ڏيندو هو ۽ هن جا به جين وانگر
سونهري وار هوندا هئا ۽ گهر ۾ سندس هڪ ننڍڙي تصوير
هوندي هئي. اها هاڻي ڪٿي آهي؟ ڇا پيئر جي ماءُ اها
لڪائي ڇڏي آهي؟ انهي سوچ سبب هو تڪليف مان چنگهڻ
لڳي ٿو.
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن سندس ڀاءُ اڃا سمهيو پيو هو
ته هو ته ان جي ڪمري ۾ گهڙي ويو ۽ سندس منهن جو
جائزو وٺڻ لڳو. کيس ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن ۾ ۽
مونشيئر رولينڊ ۾ ڪا به مشابهت نه آهي. هو پنهنجي
ماءُ کان ننڍڙي تصوير بابت پڇي ٿو. هوءَ ٿوري دير
هٻڪي ٿي پوءِ چوي ٿي ته سندس خيال ۾ اها سندس ڊيسڪ
۾ هوندي. انهي شام جو هُوءَ اها تصوير ڪڍي اچي ٿي
۽ پيئر کي فوراً جين ۽ ماريڪل ۾ هلڪي مشابهت نظر
اچي وڃي ٿي. هو تصوير کي ايترو دير تائين ڏسندو
رهي ٿو جو سندس ماءُ بي آرام ٿي پوي ٿي ۽ تڏهن کان
انهن ٻنهي ۾ هڪ خاموش ڇڪتاڻ شروع ٿي وڃي ٿي. ٻئي
هڪ ٻئي تي اک رکڻ لڳن ٿا. هر هڪ ٻئي جو ذهن پڙهڻ
جي ڪوشش ڪري ٿو.
ايندڙ هفتن دوران به ڇڪتاڻ برقرار رهي ٿي. مادام
رولينڊ پيڙا سبب بيمار ٿي پوي ٿي جڏهن ته پيئر به
کيس ڪنهن لفظ ذريعي يا اڇا تري نظر وجھي کيس
ايذائڻ کان باز نه ٿو رهي سگهي. انهي ڇڪتاڻ واري
حالت ۾ ئي اهو ڪٽنب هڪ ڏينهن لاءِ سمنڊ ڪناري وڃي
ٿو جتي جين جي مادام روز ميلي سان شادي جي ڳالهه
طي ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ جين جي نئين جاءِ ۾ رٿيل
پارٽي کان پوءِ هو ۽ پيئر اتفاق سان ديوان خاني ۾
گڏجي ويهن ٿا. انهن ٻنهي ۾ تڪرار شروع ٿي وڃي ٿو
جنهن جو انت انهي تي ٿئي ٿو جو پيئر جين کي طعنو
ٿو ڏئي ته هن ڪنهن ٻئي ماڻهو جي دولت قبول ڪئي
آهي. ماڻهو ته کيس پنهنجي پيءُ جو پٽ ئي نه ٿا
سمجهن. جين ڏڪي وڃي ٿو پر پيئر جي ذهن ۾ موجود
ڳوڙهو هاڻي ڦاٽي پوي ٿو ۽ هو پنهنجي اندر ۾ موجود
سموري ڪاوڙ ۽ مايوسي ڪڍڻ کان پوءِ گهر مان نڪري
وڃي ٿو. گهر ۾ سندس ماءُ بچي ٿي. انهي ڀر واري
ڪمري مان سڀ ڪجھ ٻڌو هو. هوءَ اچي پنهنجي ناجائز
پٽ کي ٻڌائي ٿي ته الزام سچو آهي. هوءَ وٽجي ڪرڻ
تي هئي ته جين کي هن تي ڪهل ۽ تمام گهڻو پيار اچي
وڃي ٿو ۽ سندس دل ۾ جيتوڻيڪ اهو خيال اچي ٿو ته
هوءَ گهر مان وڃي هلي پر هو کيس پاڻ سان گڏ رهڻ تي
قائل ڪري وٺي ٿو پر هو اهو به سوچي ٿو ته پيئر
بابت ڪجھ ڪرڻو پوندو جو هاڻي ظاهر هو ته هو گهر ۾
نه رهي سگهندو.
انهي نقطي کان پوءِ، مونشيئر رولينڊ کان سواءِ گهر
۾ موجود هر فرد تي ناقابل برداشت دٻاءُ ختم ٿيندو
وڃي ٿو جو مسئلي جو حل نڪري آيو آهي. پيئر سامونڊي
جهاز جي ڊاڪٽر طور ٻاهر ويندو هليو. اهڙي نوڪري هٿ
ڪئي وئي آهي، روانگي جون تياريون ٿي رهيون آهن ۽
هو ڏکايل دل سان شهر ۾ موجود پنهنجن دوستن کان
موڪلائي ٿو. هن کي آخر تائين اها خبر نه ٿي پوي ته
هن جين تي جيڪو الزام مڙهيو هو سندس ماءُ اهو قبول
ڪيو يا انهي کان انڪار ڪيو. هن کي خود جيتوڻيڪ چڱي
خاصي پر مڪمل طور پڪ نه آهي. هن ۽ سندس ماءُ جي وچ
۾ تعلق جي صورت اها آهي جو هڪ پاسي پڇتاءُ آهي ۽
ٻئي پاسي ڏوهه ڀريل غمگيني آهي. ماءُ کي پٽ سان
پيار آهي پر کيس خبر آهي ته هو رهي نه ٿو سگهي.
اهڙي طرح جنهن صبح جو سندس جهاز روانو ٿيڻو هو
تڏهن سندس ڪٽنب جا ڀاتي هن کان موڪلائڻ لاءِ سندس
ڪيبن ۾ گڏ ٿيا آهن. سندس ماءُ کي ڪارو لباس پهريل
آهي سندس وار جيڪي ڪجھ مهينا اڳ تائين اڇا ڪارا
هئا هاڻي مڪمل طور اڇا ٿي ويا آهن. هو ڏکوئيندڙ
ماٺ کي ختم ڪرڻ لاءِ سندس ڪٻٽ ۾ موجود دوائن جي
خاصيتن بابت ڳالهائڻ لڳي ٿو. پوءِ مونشيئر رولينڊ
تجويز ڏئي ٿو- هن کي انهي دکدائڪ ڳالهه بابت اڃا
به ڪا خبر نه آهي- کين هڪ ٻيڙي تي چڙهي سمنڊ ۾ ڪجھ
اڳڀرو وڃي کيس الوداع ڪرڻ گهرجي. آخري منظر ۾ پيئر
پنهنجي جهاز جي پاڇيل تي اڪيلو بيٺو آهي. سندس
جهاز جي پٺيان ايندڙ هڪ ننڍڙي ونجهن واري ٻيڙي ۾
سندس ڪٽنب ويٺو آهي. هو هٿ لوڏي انهن کي الوداع
ڪري ٿو. اتان جواب ۾ سندس ماءُ هن ڏانهن سندس
ٻانهون پکيڙي ٿي. پوءِ ڪناري تي واپس اچي هوءَ
پاڻي ڏانهن نهاري ٿي پر جهاز هليو ويو آهي ۽ ٿورڙي
اڇي رنگ جي دونهين کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نظر نه ٿو
اچي. اهو به ايترو پري ۽ ايترو هلڪو آهي جو اهو
ڪوهيڙي وانگر لڳي ٿو. اهڙي طرح هن سان گڏ سندس
پيڙا ۽ ڏوهه رهجي وڃن ٿا. جين کي ورثي ۾ مليل دولت
ملي ٿي. بابا رولينڊ وٽ پنهنجيون خام خياليون رهن
ٿيون ۽ ويچاري بي گناهه پيئر کي ٻين جي ڪري گهر
ڇڏڻو پيو.
هينري جيمس انهي ڪهاڻي کي هر نقص کان آجو قرار ڏنو
۽ موپا سان جي سڀ کان تازي سوانح نگار انهي کي
فڪشن ۾ اهڙو سڀ کان ڊگهو ليک ڪوٺيو آهي جنهن ۾ هو
هر جاءِ تي بهترين انداز ۾ آهي. مشهور نقاد جوليس
ليميٽر هن ڏانهن لکيو هو: ”تنهن جي ڪيل ڪم کان
ڪنهن جو به ڪم وڌيڪ تکو ۽ تيز، وڌيڪ سٺي نموني
رٿيل، وڌيڪ سٺي نموني لکيل ۽ وڌيڪ مهارت وارو نه
آهي“. هتي ليميٽر انهي ڳالهه جي واکاڻ ڪئي آهي
جنهن کي ليٽن اسٽريچي ڪيترا ورهيه پوءِ اهڙو اعليٰ
اصول ڪوٺيو جنهن فرانس جي ليکڪن جي زمانن کان ڪنهن
ستاري وانگر رهنمائي پئي ڪئي آهي: ”سوچ ويچار،
مقصد ۽ باترتيب حسن جي شعوري ڳولها جو اصول“. پر
موپا سان پاڻ پنهنجي ماءُ کي فقط ايترو چيو هو:
”مون کي پڪ آهي ته ڪتاب سٺو آهي“.
67. دي گولڊن بف
-- سر جي.جِي. فريزر (1941-1854)--
روم جي ڏکڻ ۾ آلبان هلز ۾ گهڻو اندر ليڪ آف نيمي (Lake
of Nemi) واقع
آهي. پراڻي زماني جا ماڻهو انهي کي Diana’s
Mirror ڪوٺيندا
هئا ۽ اها ڳالهه سولائي سان تصور ڪري سگهجي ٿي ته
اها ديوي انهي جي اڪيلي ڪناري تي اڃا تائين لامارا
ڏيندي رهي ٿي. اڳئين زماني ۾ انهي جي ڪنارن تي
ڊيانا نيمورينسز يا Diana
of the woods سان
منسوب مندر هوندو هو ۽ مندر جي ويجھو وڻن جو هڪ
جهڳٽو هوندو هو. انهي کي پاڪ پوتر سمجهيو ويندو
هو. سڀ کان ويجھو شهر آريشيا (Aricia) ٽي
ميل پري هو ۽ ڍنڍ ۽ جهگٽي ٻنهي کي ڪڏهن ڪڏهن اهو
نالو ڏنو ويندو آهي.
منظر تمام سهڻو آهي ۽ ٽرنر جي مشهور پينٽنگ انهي
سان انصاف ئي ڪيو آهي. پر پراڻي دور ۾ انهيءَ سهڻي
ديهي منظر تي ڏاڍو دکدائڪ ۽ بار بار ورجائجندڙ
واقعو ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته ”وڻن جي انهي پاڪ پوتر
جهڳٽي ۾ هڪ اهڙو وڻ ڦٽو هو جنهن جي چوڌاري ڏينهن
جو ڪنهن به وقت ۽ شايد رات جو به دير تائين هڪ شڪل
ڦيرا ڏيندي ڏسي سگهبي هئي. هن جي هٿ ۾ هڪ اُڀي
تلوار هوندي هئي ۽ هو ڏاڍي چوڪسي سان پنهنجي
اردگرد ائين پيو ڏسندو هو ڄڻ ته هن تي ڪنهن به وقت
ڪو دشمن اچي ڪڙڪندو. هو هڪ پروهت ۽ خوني هو ۽ هو
جنهن ماڻهو کان چوڪس رهندو هو اهو دير سوير اچي
کيس قتل ڪري ها ۽ انهي جي جاءِ تي پاڻ پروهت ٿئي
ها. خانقاهه جو اهو ئي قاعدو هو. پروهت ٿيڻ جو
اميدوار موجوده پروهت کي قتل ڪري ئي اهو عهدو ماڻي
سگهيو ٿي ۽ هو خود تيستائين پروهت رهندو هو
جيستائين هن کان وڌيڪ مضبوط ۽ هوشيار اميدوار کيس
خون نه ڪري“.
اهو ٽڪرو گذريل صدي ۾ ڇپيل تمام اهم ڪتابن مان هڪ
ڪتاب مان کنيو ويو آهي انهي جو نالو آهي The
Golden Bough ۽
انهي جي ليکڪ جو نالو آهي سر جيمس جارج فريزر.
ريفرينس جي ڪتابن ۾ فريزر کي سوشل اينٿراپالاجسٽ
ڄاڻايو ويندو آهي ۽ اها ڳالهه غلط به نه آهي. پر
هو گهڻو ڪجھ وڌيڪ به هو. هن جي تحرير ۾ ڏاڍي دلڪشي
هوندي هئي. هو پنهنجي ملڪ ۽ دور جي تمام عظيم
ڪلاسيڪي عالمن مان هڪ هو. اڃا وڏي ڳالهه اها ته هو
تمام ڳوڙهي ذهانت ۽ تمام همدرداڻي ادراڪ جو مالڪ
هو جنهن سبب هو انساني ثقافت ۽ مذهبي وارتائن جي
تمام اونداهن ۽ تمام منجهائيندڙ ميدانن تي به
روشني وجھي سگهندو هو.
هو 1854ع ۾ گلاسگو ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ اتي
ڪيمسٽن جي هڪ فرم ۾ سينئر پارٽنر هو. هو سن 1841ع
۾ فوت ٿيو. هو گلاسگو يونيورسٽي مان ٽرنٽي ڪاليج
ڪئمبرج ويو جتي کيس 1879ع ۾ فيلو چونڊيو ويو. هو
زندگي جي پڇاڙيءَ تائين انهي حيثيت ۾ رهيو. دي
گولڊن بف جو پهريون حصو 1890ع ۾ منظر تي آيو ۽
پوءِ ٻيا حصا به ڇپبا رهيا تان جو 1915ع ۾ ٻارهون
جلد ڇپجڻ سان ڪتاب پورو ٿيو. ڊگهن نوٽن کان سواءِ
ڪتاب جو هڪ جلد ۾ اختصار 1922ع ۾ آيو ۽ اڪثر
پڙهندڙن لاءِ اهو ئي سندس مقصد لاءِ ڪافي ٿيندو.
هاڻي Golden
Bough (سونهري
ٽاري) ڪهڙي هئي؟ سولن لفظن ۾ ڳالهه ڪجي ته اها
نيمي ڍنڍ جي ڪناري تي وڻن جي جهڳٽي مان وڻ مان ٽٽل
ٽاري هئي. مندر جي زمانن کان هلندڙ ريت موجب جيڪو
ماڻهو جهڳٽي ۾ گهري وڃڻ ۽ انهي وڻ مان ٽاري پٽڻ ۾
ڪامياب ٿيو ٿي اهو پروهت سان دوبدو مقابلي جي حق
جي دعويٰ ڪري سگهيو ٿي. هو جيڪڏهن کٽي ويو ٿي ته
هن پاران قتل ٿيل ماڻهو جي جاءِ تي هو پروهت ۽
ٻيلي جو بادشاهه (King
of the wood) ٿي
ويو ٿي ۽ تيستائين ڏهڪاءَ سان راڄ ٿي ڪيو جيستائين
هو پنهنجي واري اچڻ تي شڪست کائي ۽ قتل ٿي وڃي.
جانشيني جي انهي عجيب قاعدي جون پاڙون ماضي جي
ڌُنڌ ۾ هيون پر اهو تاريخي دور ۾ به جاري رهيو
ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر پوي ٿي ته شهنشاهه ڪاليگلا
(پهرئين صدي عيسوي)- اهو سوچي ته ”ٻيلي جو
بادشاهه“ ڪافي ڊگهو عرصو راڄ ڪري چڪو هو- هن جي
تاڙ ۾ ويهڻ ۽ هن کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ وڌيڪ سگهارو
بدمعاش ڀاڙي تي ڪيو هو.
جنهن مڙهيءَ ۾ پروهت پنهنجيون ذميواريون سرانجام
ڏيندو هو اهو ڊيانا ڏانهن منسوب هو جنهن جي ٻيلن ۽
جهنگلي جيوت جي ديويءَ طور عزت ڪئي ويندي هئي.
انهي بابت اهو به ويساهه رکيو ويندو هو ته هوءَ
مردن ۽ عورتن کي اولاد عطا ڪري ٿي ۽ ويم دوران
مائرن جي مدد ڪري ٿي. هن جو جيئن ته جنسي معاملن
سان ايترو ويجھو تعلق هوندو هو تنهن ڪري فرض ڪيو
ويو هو ته هن کي ڪونر ساٿي به هئڻ گهرجي ۽ ڪلاسيڪي
ڏند ڪٿا موجب انهيءَ ديوتا جو نالو وربياس هو.
تاريخي دور ۾ لڳي ٿو ته نيميءَ ۾ پروهتن جو هڪ
سلسلو وربياس ٻيلن جي بادشاهن جي نمائندگي ڪندو هو
جن کي انهن جا جانشين باقاعدگي سان تلوار سان ختم
ڪندا رهندا هئا ۽ انهن جون زندگيون هڪ لحاظ کان
انهي جهڳٽي جي انهيءَ خاص وڻ سان ٻڌل هيون جنهن
مان ڪنهن دلير نئين ايندڙ کي سوني ٽاري پٽڻي هئي
ڇاڪاڻ ته جيستائين اهو وڻ محفوظ هوندو هو تيستائين
پروهت حملي کان محفوظ هوندو هو.
فريزر کي اها قديم ريت ڏاڍي دلچسپ لڳي ۽ انهيءَ جي
وضاحت ۾ درپيش مسئلا هڪ چيلينج پئي ڏسڻ ۾ آيا. هن
پاڻ کان پهريون سوال اهو پڇيو ته نيميءَ جي پروهت
کي ٻيلن جو بادشاهه ڇو ٿي سڏيو ويو؟ انهيءَ عهدي
کي بادشاهت ڇو ٿي ڪوٺيو ويو؟ کيس اها ضرور خبر هئي
ته قديم دنيا ۾ ڪيترائي بادشاهه عام طور پروهت به
هوندا هئا ۽ انهن جي خدا ۽ انسان جي وچ ۾ سفارشي
جي ڪردار سبب اڪثر حالتن ۾ انهن جي خود خدا طور
پوڄا ڪئي ويندي هئي. انسان- ديوتا (Man-
god) جي
نظريي تي پهچڻ جو هڪ رستو اهو هو. پر هڪ ٻيو رستو
به هو. شروعاتي سماج ۾ بادشاهه گهڻو ڪري پروهت هئڻ
سان گڏوگڏ هڪ جادوگر به هوندو هو ۽ اڪثر حالتن ۾
ائين لڳندو هو ته هن ڪاري علم ۾ پنهنجي مهارت سبب
طاقت ۽ اختيار حاصل ڪيو هو.
فريزر ”جادو جي اصول“ جو ٻن حصن ۾ تجزيو ڪري ٿو.
پهريون مشابهت جو قانون (Law
of Similarity) آهي
يعني ڪا به شي پاڻ جهڙي ئي ڪا شي پيدا ڪندي آهي يا
اهو ته نتيجو پنهنجي اثر جي مشابه هوندو آهي. ٻيو
حصو لاڳاپي جو قانون (Law
of contact or Contagion)آهي
انهي جو مطلب اهو آهي ته جيڪي شيون ڪنهن وقت ۾ هڪ
ٻئي سان لاڳاپي ۾ رهيون هيون اهي طبعي يا جسماني
تعلق نه رهڻ کان پوءِ به فاصلي تان هڪ ٻئي تي عمل
ڪنديون رهنديون. هن مطابق جادو. ”فطري قانون جو هڪ
جعلي نظام هئڻ سان گڏوگڏ هلت چلت جو هڪ مغالطي تي
ٻڌل رهنما آهي. اهو هڪ ڪوڙي سائنس هئڻ سان گڏوگڏ
هڪ ناڪام آرٽ پڻ آهي“. هو انهن ٻنهي قانونن جي
مثالن ۾ ڪيترائي صفحا ڀري ٿو ڇڏي اهي مثال ڪيترن
ئي ملڪن ۽ قومن ۽ خاص طور وحشي قومن مان ورتل آهن
۽ هتي اها ڳالهه به ٻڌائي ڇڏجي ته فريزر ڪڏهن به
ڪو وحشي زنده نه ڏٺو هو نه ئي هو ڪنهن اهڙي ملڪ
ويو هو جتي ڪو وحشي ڏسڻ جو ڪو امڪان هجي ها. هن کي
وحشين جي زندگي بابت جيڪا به معلومات هئي اها هن
ڪتابن مان حاصل ڪئي هئي يا ٻين ماڻهن کيس ٻڌائي
هئي. انهي جو نتيجو اهو نڪتو جو هن ۾ وحشين ڏانهن
همدردي جو لاڙو پيدا ٿي ويو. انهي جي باوجود به هو
اها ڳالهه مڃي ٿو ته اهي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي کي
ماريندا ۽ انهن مئلن جو گوشت به کائيندا آهن.
هتي اهو خيال به پيدا ٿئي ٿو ته فريزر جيڪڏهن ڪنهن
افريقي حڪيم سان ملي ها ته هو جادوگر بابت اهڙن
سٺن لفظن جو اظهار نه ڪري ها. جادوگري (هو لکي ٿو)
به انهن رستن مان هڪ هو جنهن تي هلندي تمام قابل
انسانن طاقت ۽ اختيار حاصل ڪيو. انهيءَ انسان ذات
جي ڪا گهٽ خدمت نه ڪئي آهي. ”ڪاري علم جيڪڏهن گهڻو
نقصان ڪيو آهي ته ڪيترين ئي چڱاين جو سرچشمو به
رهيو آهي. انهيءَ کان جيڪڏهن غلطيون ٿيون آهن ته
اهو آزادي ۽ سچ جو سرچشمو به رهيو آهي“. انساني
تاريخ ۾ جادو مذهب کان وڌيڪ قديم آهي ۽ انهي جي
موثر هئڻ تي ويساهه ”هڪ عالمگير عقيدو آهي ۽ اهو
ڪيٿولڪ مسلڪ جي عين مطابق آهي“.
فريزر مطابق جادو مذهب بجاءِ سائنس جي وڌيڪ ويجھو
آهي ۽ هو مذهب جي وصف هنن لفظن ۾ ڪري ٿو: ”انسان
کان برتر ڪجھ اهڙين طاقتن جو راضپو ۽ مصالحت جن
بابت سمجهيو وڃي ٿو ته اهي فطرت ۽ انساني زندگيءَ
کي هلائين چلائين ٿيون“. پروهت ڀيٽائون ڏئي،
مناجاتون پڙهي ۽ ٻيون ريتون رسمون ڪري انهن طاقتن
کي قائل ڪرڻ جا جتن ڪن ٿا ۽ اهي ڪڏهن ڪڏهن ته انهي
خالص ۽ پاڪ مذهب جو مظاهرو به ڪن ٿا جنهن بابت
سينٽ جيمس ڳالهيون ٻڌايون آهن. ٻئي طرف وري
جادوگرن کي اها مڪمل پڪ هوندي آهي ته اهي مافوق
الفطري طاقتن کي مجبور ڪرائي انهن کان پنهنجا ڪم
ڪرائي سگهن ٿا بشرطيڪ اهي درست منتر ڪم آڻين ۽
مناسب ريتون رسمون ادا ڪن.
زرخيزي کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن ميدان ۾ اها پابندي
ايتري ضروري نه سمجهي ويندي آهي. فريزر جي سڀ کان
وڌيڪ پُر مغز بابن مان هڪ The
Influence of Sexes on Vegetation آهي.
هو چوي ٿو ته يورپ جا بهار ۽ اونهاري جي مند جا
جشن اسان جي جهنگلي ابن ڏاڏن پاران پراڻي جادو جي
اصولن مطابق وڻن ۽ ٻوٽن جي ڦوٽهڙي ۾ تيزي آڻڻ جون
ڪوششون هيون. اهي ڳالهيون فقط ڪي علامتي ڊراما يا
دهقاني کيل نه هئا جن جو مقصد ڳوٺاڻن حاضرين کي
تفريح يا تعليم ڏيڻ هو. پر اهي اهڙا منڊ هئا جيڪي
انهي ڪري ڪيا ويندا هئا جيئن ٻيلا ساوا ٿين، سائو
گاهه ڦٽي ۽ سنگن ۾ ان ٿئي ۽ گل ٽڙن. ”اهو فرض ڪرڻ
بلڪل فطري ڳالهه هئي ته پنن ۽ گلن سان ڍڪيل ناٽڪين
جي نقلي شادي جهنگ جي پرين جي اصلي شادي جي جيترو
سٺي نموني نقالي ڪندي منڊ اوترو ئي وڌيڪ موثر ۽
ڪارگر ٿيندو.“
فريزر انهي مان هن نتيجي تي پهچي ٿو ته اسان جا
مَي ڊي (May
Day):
وهائيٽ سن(Whitson) ۽
مِڊ سمر جا جشن قبل تاريخي دور جي رسمن جي باقيات
آهن جن ۾ ايڪٽر شعوري طور ديوتائن ۽ ديوين جا پارٽ
ادا ڪندا هئا.
مثال طور ڊائنا کي وٺون ٿا. جيئن اسين ڪجھ دير اڳ
۾ ئي پڙهي آيا آهيون اها فقط وڻن جي ديوي نه اهي
پر نيمي جي پاڪ جهگٽي ۾ زرخيزي جي ديوي طور سندس
پوڄا ٿيندي هئي. هاڻي انهي اصول مطابق ته زرخيزي
جي ديوي پاڻ به زرخيز هئڻ گهرجي. اهو فرض ڪيو ويو
ته هن پنهنجي نر ساٿي وربياس سان جنسي ميلاپ ڪيو
هو. انهن جي شاديءَ ذريعي، ڌرتي، جانورن، ۽ انسان
ذات جي پيداوارين کي هٿي ملندي ۽ اهو به شايد فطري
طور سمجهيو ويو ته انهي پاڪ شادي جو جشن جيڪڏهن هر
سال ملهايو ويو ته اهو مقصد اڃا وڌيڪ پڪي نموني
حاصل ٿي ويندو خدائي گهوٽ ڪنوار جا پارٽ انهن جي
شبيهن يا زنده ماڻهن پاران ادا ڪيا ويندا هئا“.
اهڙن سمورن عملن ۾ لڳي ٿو ته هر شي جو دارومدار
ديوي جي نر ساٿي جي مردانگي تي هوندو هو ۽ هو وقت
گذرڻ سان پوڙهو ۽ ڪمزور به ٿيندو هو. پوءِ جڏهن
”بادشاهه“ جي طاقت جواب ڏئي ويندي هئي ته کيس قتل
ڪيو ويندو هو ۽ سندس جاءِ تي ٻيو مقرر ڪيو ويندو
هو. اسين نيمي جي وحشياڻي رسم جو انهي طريقي سان
شايد ڪو سبب ۽ جواز ٻڌائي سگهون ٿا جڏهن ڪو وڌيڪ
سگهارو ۽ وڌيڪ وحشي ماڻهو پروهت کي قتل ڪري ڇڏيندو
هو ۽ ديوي کي جنسي طور وڌيڪ سگهارو مڙس مهيا ڪري
ڏيندو هو.
جيڪڏهن وڻن ٽڻن ۽ جانورن جي زندگي ۾ واڌويجھ ۽
زوال جو دارومدار نيمي جي ٻيلي جي بادشاهه خدائي
بادشاهن جي طاقت ۾ اچڻ ۽ ڪمزور ٿيڻ تي وٺجي ته
موسمن جي تبديلي جي تشريح به ڄمندڙ ۽ مرندڙ ديوين
۽ ديوتائن کي سامهون رکندي ڪبي. انهي عقيدي کي
اٽيس ۽ سندس زال سائبيل ۽ آئيسس ۽ ايجيپٽ سان
لاڳاپيل مندن جي ڊرامن ۾ اظهار مليو آهي.
فريزر جي ڪجھ بهترين تحريرن جا مثال قديم دنيا جي
انهن زرخيزي جي مسلڪن جي بيان وارن بابن ۾ ملن ٿا.
هو انهي راءِ تي پهتو آهي ته اهي سڀئي ماتا ديوي (Mother
Goddess) جا
پوڄاري هئا جيڪا فطرت جي پيداواري صلاحيتن جي
تجسيم هئي ۽ انهي سان هڪ عاشق يا عاشقن جي هڪ قطار
لاڳاپيل هوندي هئي جيڪي اُلوهي هئڻ سان گڏوگڏ فاني
پڻ هوندا هئا. جن سان هوءَ هر سال ميلاپ ڪندي هئي
۽ انهن جي جنسي ميلاپ کي ٻوٽن ۽ جانورن جي واڌ
ويجھ لاءِ ضروري سمجهيو ويندو هو. وري انهي
ديوتائي جوڙي جي خيالي ميلاپ جو ديوي جي آستانن تي
جيتوڻيڪ عارضي طور پر حقيقي نموني انساني جنسن جي
ميلاپ جي صورت ۾ ويس ڌاريو ويندو هو ۽ اهڙي طرح
ڌرتي جي پيداواريت ۽ انسانن ۽ جانورن ۾ واڌاري جي
پڪ ڪئي ويندي هئي. فريزر قديم ڌرمي پوڄائن جي هڪ
خصوصيت ڌرمي جنسي اختلاط جي اها توجيهه پيش ڪئي
آهي.
فريزر ڪلاسيڪي تهذيبن جي طور طريقن جي انهي جائزي
کان پوءِ اتر يورپ ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ اهڙين
ريتن رسمن خاص طور اناج ماتا (Corn
Mother) ۽
اناج ناري (Corn
Maiden)بابت
عقيدن جي تحقيق ڏانهن رخ ڪري ٿو. هڪ باب اناج روح (Corn-
Spirit) هڪ
جانور جي حيثيت ۾ ۽ هڪ باب ساوڪ جي اهڙن خدائن
بابت جيڪي جانورن جي شڪل اختيار ڪري سگهيا ٿي بابت
آهي. انهي کان پوءِ قرباني جي ٻڪرن (Scape
goats)
جي اڀياس ڏانهن وڌي وڃي ٿو. انهي ۾ قديم روم ۾ Saturnalia جي
بيان سان گڏوگڏ قديم ميڪسيڪو جي ازٽيڪ قوم ۾
انساني قربانين جو ذڪر پڻ اچي وڃي ٿو. انهي کان
پوءِ ڪيترائي باب يورپ جي باهه جي جشنن (Fire-
Festivals) ۽
انهن جي اصل سببن جي سمجهاڻي بابت آهن. ڪڏهن ڪڏهن
اهڙن ڪجھ موضوعن ۽ سندس اصلي موضوع ۾ تعلق واضح
طور سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ۽ انهي الزام ۾ ڪجھ وزن
آهي ته هر اها ڳالهه جنهن فريزر جي توجه پاڻ ڏانهن
ڇڪائي آهي هو اها پنهنجي ضخيم ڪتاب ۾ شامل ڪندو
ويو آهي.
اسين آخرڪار نيميءَ جي وڻن جي پاڪ جهگٽي تي پهچون
ٿا. (فريزر چواڻي) اهو يقين ڪرڻ جا سبب آهن ته
آريشيائي جهگٽي جو پروهت- ٻيلي جو بادشاهه- انهي
وڻ جي شڪل اختيار ڪري ويو هو جنهن تي سوني ٽاري
ڦٽي هئي. تنهن ڪري اهو وڻ جيڪڏهن شاهه بلوط جو
هوندو ته ٻيلي جو بادشاهه لازماً شاهه بلوط جي روح
جي جسماني شڪل هوندي. هن حالت ۾ اها ڳالهه سمجهڻ
سولي آهي ته هن پاران مارجڻ کان اڳ سوني ٽاري پٽڻ
ڇو ضروري هئي. شاهه بلوط جي روح طور سندس زندگي يا
موت جو دارومدار شاهه بلوط جي وڻ تي چڙهيل آڪاس
بيل تي هو ۽ جيستائين آڪاس بيل صحيح سلامت هئي هو
نه ٿي مري سگهيو. تنهن ڪري کيس قتل ڪرڻ لاءِ آڪاس
بيل کي ڀڃڻ ضروري هو ۽ شايد ته اها هن جي مٿان
اڇلائڻ به ضروري هئي.
پر آڪاس بيل کي سوني ٽاري ڇو سڏيو ويو آهي جڏهن ته
انهي ۾ ڦٽندڙ ٻيرڙا سونهري نه پر اڇاڻ مائل زردي
رنگ جا هوندا آهن؟ فريزر وٽ پنهنجو جواب تيار آهي.
پهرئين ڳالهه ته آڪاس بيل جي ٽاري ڪٽجڻ ۽ ڪجھ
مهينا رکجڻ کان پوءِ تيز سونهري زردي رنگ جي ٿي
ويندي آهي ۽ ٻيو ته اهو به هڪ پراڻو عقيدو آهي ته
آڪاس بيل زمين ۾ لڪيل خزانن خاص طور سون جو ڏس
ڏيندي آهي.
۽ اهڙي طرح ”اسان جو ڊگهو دريافت جو سفر پورو ٿيو
۽ اسان جي جهاز پنهنجا ٿڪل سڙهه لاٿا آهن ۽ آخرڪار
بندر ۾ اچي پهتو آهي.
سن 1954ع ۾ فريزر جي جنم جي سوين سالگرهه جي موقعي
تي ”دي ٽائيمز“ ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هڪ خاص ليک ڇاپيو
هو: انهي جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي: هڪ صدي
اڳ پيدا ٿيل سر جيمس جارج فريزر جي تحريرن ۾ Totemism
and Exogamy کي
شايد سندس سڀ کان وڏو ڪتاب قرار ڏئي سگهجي ٿو پر Folklore
in old Testament جا
ٽي جلد انهي جي اڪثر پهرئين پڙهندڙن کي لازماً ڪي
انقلابي ڪتاب لڳا هوندا. پر انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي
ته عام پڙهندڙ لاءِ سندس شهرت جو دارومدار The
Golden Bough تي
رهندو ۽ سائنس جي حيثيت ۾ انهي بابت حتمي فيصلو
ڪهڙو به هجي پر سندس سوين سالگرهه جي موقعي تي اهو
چئي سگهجي ٿو ته هڪ ادبي فن پاري طور انهي جي
اهميت برقرار آهي.
|