سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:27 

جڏهن انهن جي واقفيت پختي ٿي ته نڪ کي گيٽس باءِ بابت ڪجھ سچيون ڳالهيون معلوم ٿيون. سندس اصل نالو جيمس گيٽز هو ۽ هن جڏهن ليڪ سپيريئر تي هڪ شاهوڪار ٻيڙي واري ڊين ڪوڊي سان ڪا چڱائي ڪئي ته پنهنجو نالو بدلائي ڇڏيو هئائين. تڏهن هو هڪ سُڃو سکڻو نوجوان هو. ڪوڊي کيس پاڻ سان گڏ کنيو. کيس هڪ ٻئي پٺيان ڪيتريون ئي ذميواريءَ واريون نوڪريون ڏنائين ۽ مرڻ وقت هن لاءِ پنجويهن هزارن ڊالرن جي وصيت ڪري ويو. هن کي اهي پئسا نه مليا. سندس مرحوم سرپرست جي دلپسند محبوبا اها رقم هن کان تڳائي وئي. پر هن انهيءَ لکا پتيءَ سان لاڳاپن ذريعي گهڻو ڪجھ سکي ورتو هو. هن شراب کان پري رهڻ سکي ورتو هو. هن اهو به سکي ورتو هو ته عورتن کي پنهنجن مقصدن لاءِ ڪيئن ڪم آڻجي. هن مشڪوڪ ماڻهن سان دوستيون ڪري ورتيون جن کيس دولت گڏ ڪرڻ جو دڳ ڏيکاريو. ”انهي جو مطلب اهو ٿيو ته هو لڪ چوري شراب جو ڪاروبار ڪندو هو“. نِڪ ڳالهه ٻڌندي سوچيو، پر هو سمورو جعلي ماڻهو به نه هو. هن برابر جنگ ۾ حصو ورتو هو، هو برابر آرگون واري معرڪي ۾ شامل هو ۽ واقعي تمغا مليا هئس.

نِڪ آخرڪار وڏا راز فاش ڪندڙ ڳالهه ٻڌي. گيٽس باءِ جنگ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ ڊيزي (نِڪ جي سوٽ) جو عاشق رهيو هو ۽ کيس بجا طور اها اميد هئي ته هو جڏهن موٽي ايندو ته انهن ٻنهي جي شادي ٿيندي. پر هو جڏهن موٽيو ته ڊيزي جي شادي ٿي وئي هئي جيتوڻيڪ هن اها ڳالهه تسليم ڪئي ته هن کي اڃا به هن سان محبت هئي ۽ هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به محبت نه هئس پر گيٽس باءِ غريب هو. ڪا نوڪري به نه هئس ۽ ٽام بچانن وٽ ڊالرن جا ڍير هئا ۽ هن جهڙي ڇوڪري لاءِ پئسو ئي سڀ ڪجھ هو. هن پاران ويسٽ ايگ اچڻ جو سبب ئي اهو هو جيئن هو بوچانن جو محل ڏسي سگهي.

گيٽس باءِ ۽ ڊيزي نِڪ جي ذريعي ٻيهر هڪ ٻئي سان ملي سگهيا ۽ سهڻي نوجوان عورت ۽ تمام سگهارو گيٽس باءِ فوراً هڪ اهڙي شديد جذبي جي گرفت ۾ اچي ويا جنهن کي انهن لڪائڻ جي به ڪا ڪوشش نه ڪئي ۽ نه ئي انهي کي ڪنٽرول هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي عاشق ٿي ويا ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته جيڪڏهن ٽام بوچانن کي پنهنجي زال کي طلاق ڏيڻ تي راضي ڪري وٺجي ته هو جيڪر شادي ڪري ڇڏين. بوچانن به ڪو مثالي مڙس نه هو. هو گذريل ڪجھ وقت کان مارٽل وسلن نالي هڪ سريت وٽ باقاعدگي سان ويندو رهيو هو. اها وڏي قد بت واري تمام شهوت انگيز ۽ تمام متحرڪ عورت جارج ولسن جي زال هئي. هن کي نيويارڪ ويندڙ روڊ تي ڇار جي ڍڳ ڀرسان هڪ گيراج هوندي هئي. پر بوچانن کي پنهنجي زال سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. هوءَ سندس دولت جي نمائش جو مک ذريعو هئي ۽ هن کي ڪڏهن به انهي تان دستبردار ٿيڻ جو ارادو نه هو. جيڪو ڪجھ ٿي رهيو هو انهي جي کيس ڪنهن نموني خبر پئجي وئي ۽ آخرڪار معاملو کلي ظاهر ٿي پيو.

اهو اونهاري جي آخر ۾ هڪ تمام گرم ڏينهن هو ۽ ڊيزي زور ڀري رهي هئي ته انهن کي نيويارڪ ۾ ڪا پارٽي ڪرڻ گهرجي. پوءِ ڊيزي ۽ سندس مڙس، گيٽس باءِ، جارڊن بيڪر ۽ نِڪ ڪيراوي روانا ٿي ويا. اهي رستي تي ڪجھ گئس لاءِ ولسن جي گيراج تي بيٺا ۽ هن سان ڳالهين دوران بوچانن کي خبر پئي ته اهو ماڻهو شڪ ڪرڻ لڳو هو ته سندس زال ڪنهن نامعلوم شخص سان لاڳاپو رکي ويٺي هئي. تنهن ڪري هن انهي معاملي کان جان ڇڏائڻ ۽ کيس ڪنهن ڳوٺاڻي علائقي ۾ وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اتي بوچانن محسوس ڪيو ته هاڻي نه فقط سندس زال پر سندس سريت به سندس هٿان وڃڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو هو.

پارٽي نيويارڪ ۾ پهچڻ کان پوءِ هوٽل  ۾ هڪ ڪمرو ورتو ۽ ڊرنڪس جو آرڊر ڏنو. پوءِ بوچانن گيٽس باءِ کي چيڙائڻ شروع ڪيو. هن کيس ياد ڏياريو ته هن هڪ دفعو چيو هو ته هو آڪسفورڊ ويو هو. هن اها ڳالهه ائين چئي هئي ڄڻ ته کيس انهي ڳالهه تي اعتبار نه هجي. گيٽس باءِ اهو ڌڪ پچائي ويو. هو 1919ع ۾ پنجن مهينن لاءِ آڪسفورڊ ويو هو. تڏهن هڪ اسڪيم هلي هئي جنهن تحت چونڊ نوجوان آفيسرن کي شارٽ ڪورسز لاءِ آڪسفورڊ موڪليو ويندو هو. انهي تي به بوچانن جو مزاج درست نه ٿيو ۽ هاڻي هو بوچانن جي طرز زندگي بابت ڳالهائڻ لڳو. ”منهنجي خيال ۾ ته تو کي جيڪڏهن جديد دنيا ۾ ڪي دوست ٺاهڻا آهن ته توکي ڪنهن گند جي ڍير تي گهر ٺاهڻو پوندو. هاڻي گيٽس باءِ جي واري هئي. ”مون کي توکي هڪ ڳالهه ٻڌائڻي آهي.“ ڊيزي سمجهي وئي ته هو ڇا چوندو تنهن ڪري کيس منٿ ڪيائين ته هو اها ڳالهه نه چوي. پر گيٽس باءِ ڳالهه نه روڪي، ”تنهنجي زال کي تو سان پيار نه آهي.“ هن بوچانن کي چيو، ”هن کي توسان ڪڏهن به محبت نه رهي آهي. هي مون سان پيار ڪري ٿي“.

”تون لازماً چريو آهين“. بوچانن رڙ ڪئي، ”ڊيزي توکي ڇڏي رهي آهي. گيٽس باءِ چيو“، مون کان اهي ڳالهيون برداشت نه ٿيون ٿين. ”ڊيزي رڙ ڪئي، ”پليز انهن ڳالهين کي ڇڏيو“.

گيٽس باءِ ڪوشش ڪئي ته هو ڊيزي کان اها ڳالهه باسرائي وڃي ته هن کي ڪڏهن به پنهنجي مڙس سان محبت نه رهي آهي. پر هن ايترو اڳتي وڌڻ نه ٿي گهريو. ڊيزي کي ڪنهن وقت هن سان محبت هئي پر هاڻي هوءَ گيٽس باءِ کي چاهيندي هئي. ”ڇا ايترو ڪافي نه آهي؟“ هُن هن کان پڇيو، ”جيڪو ڪجھ گذري ويو انهي تي منهنجو وس نه آهي“. پوءِ بوچانن گيٽس باءِ جي ڪاروباري سفر ۾ هڪ اڻ وڻندڙ واقعي جو ذڪر ڪڍي ويٺو ته گيٽس باءِ جي گروپ هڪ چوري شراب وڪرو ڪندڙ کي پاڻ وٽ نوڪري تي بيهاريو هو پوءِ انهي کي نيو جرسي جي جيل ۾ بي يارو مددگار ڇڏيو ويو هو. ”هو اسان وٽ بلڪل ڏيواليو ڪڍي آيو هو“. گيٽس باءِ جواب ڏنو، ”هو جيڪو ٿورو گهڻو پئسو هٿ ڪري سگهيو ٿي انهي تي هو ڏاڍو خوش هو“.

انهي کان پوءِ پارٽي ختم ٿي وئي ۽ اهي گهر ويا هليا. بوچانن کي انهي بابت ايتري ته پڪ هئي ته ڊيزي کيس ڇڏڻ جو سوچي به نه ٿي سگهي جو هن مٿس زور ڀريو ته هو گيٽس باءِ جي ڪار ۾ وڃي. هن به ائين ئي ڪيو. ۽ انهي ٽرڙائپ مان هڪ دکدائڪ واقعي جنم ورتو. گيٽس باءِ جي ڪار (ڊيزي هلائي رهي هئي) نيويارڪ کان ٻاهر روڊ تي نڪتي. ڪار ڏاڍي تيز هلي رهي هئي ۽ پنجاهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار تائين پهچي ٿي وئي. هاڻي اهي گيراج جي ويجهو پهچي رهيا هئا ۽ اتي ولسن پنهنجي زال کي انهي ڊپ کان قيد ڪيو ويٺو هو ته متان هوءَ ڀڄي پنهنجي عاشق ڏانهن نه هلي وڃي. گيٽس باءِ جي ڪار جيئن ئي گيراج جي ويجھو آئي ته اوچتو مارٽيل ولسن روڊ تي اچي وئي. ڪار هن سان ٽڪرائي ۽ سندس جسم کي اکيليندي ڪنهن ردي شي وانگر روڊ جي پاسي تي اڇلائيندي اڳتي هلي وئي. ڪجھ منٽ پوءِ ٻي ڪار جنهن ۾ نڪ ۽ باقي ماڻهو سوار هئا اها گيراج جي ٻاهران اچي بيٺي. بوچانن جي اکين جي سامهون سندس محبوبا جو لاش پيو هو.

ولسن ڏک ۾ وٺجي انهن ماڻهن جي ڳولها ۾ نڪري ويو. جن سندس زال جو ”خون ڪيو هو“، هو پڇائون ڪندو بچانن وارن وٽ اچي پهتو. اتي ٽام کيس ٻڌايو ته سندس زال کي ٽڪر گيٽس باءِ جي ڪار هنيو هو. هاڻي ولسن اهو سمجهيو ته سندس زال جي قتل جو ذميوار گيٽس باءِ آهي تنهن ڪري هو سندس عاليشان محلات ڏانهن ويو. هو اتي باٿنگ پول ۾ هوا ڀريل گدي تي ويٺو هو هن اتي کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو. پوءِ هن ڪجھ پنڌ اڳتي هلي پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي.

نڪ ڪيراوي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو. ڇاڪاڻ ته افسوس ڪندڙ به هو اڪيلو ئي هو. هو گيٽس باءِ جي ڪنهن به دوست کي شريڪ نه ڪري سگهيو ڇاڪاڻ ته انهن کي خطرو هو ته متان انهن جي ڪردار تي ڪا آڱر نه کڄي. نِڪ کي اهو وقت ياد اچي ويو جڏهن هن گيٽس باءِ کي آخري دفعو ڏٺو هو. اها هاءِ وي تي دکدائڪ واقعي کان پوءِ واري صبح جي ڳالهه آهي. تڏهن ئي گيٽس باءِ کيس هن جي ڊيزي لاءِ شروعاتي محبت کان آگاهه ڪيو هو. انهن جڏهن هٿ ملايا هئا ۽ نِڪ وڃڻ لاءِ پٺي ڏني هئي ته هن پٺتي ڪنڌ ورائي لان مان رڙ ڪئي هئي: ”اهي گندن ماڻهن جو ٽولو آهن. تون انهن سڀني مان ڀلو آهين“. گيٽس باءِ ڪنڌ لوڏيو هو ۽ سندس منهن تي سندس مخصوص ۽ ڪا ڳالهه سمجهڻ واري مُرڪ پکڙجي وئي هئي. ”آءٌ شروع کان آخر تائين کيس پسند نه ڪندو هوس“. نِڪ جي وات مان اهي لفظ نڪتا، پر ”مون کي سدائين انهي ڳالهه تي خوشي رهي آهي ته مون ائين چيو هو“.

نِڪ سال جي آخر ڌاران ويسٽ ايگ ۾ پنهنجو گهر ڇڏڻ ۽ نيويارڪ موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هو انهي جاءِ تي وڌيڪ نه ٿي رهي سگهيو. اها جاءِ ڄڻ ته سندس اعصاب تي سوار ٿي وئي هئي. گهر هاڻي خالي هو. پر هن کي اهي شاندار پارٽيون نظر اينديون رهيون جيڪي گيٽس باءِ اتي ڏيندو هو. کيس موسيقي ۽ ٽهڪن جا آواز ۽ رستي جي بجري تي ڪارن جي ويلن جا چرڙاٽ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. هو اتي پنهنجي آخري رات تي اوڏانهن ويو هو ۽ ”انهيءَ وڏي بي ربط ۽ ناڪام گهر تي هڪ دفعو وري هڪ نظر وڌي هئائين. ڪنهن ڇوڪري سفيد رنگ جي ڏاڪن تي سر جي هڪ ٽڪر سان ڪو فحش لفظ لکي ڇڏيو هو. نِڪ پنهنجي بوٽ جي سرڙي سان اهو ڊاهي ڇڏيو. پوءِ هو هلندو هلندو باغ ۾ ويو هليو ۽ اتي ويهي سوچڻ لڳو ته گيٽس باءِ کي اتان پهريون دفعو جڏهن ڊيزي جي گهر جي سائي رنگ جي روشي نظر آئي هوندي ته هن کي ڪيتري نه حيرت ٿي هوندي.

گيٽس باءِ انهي جاءِ تي پهچڻ لاءِ وڏو سفر ڪيو هو ۽ کيس ضرور اها ڳالهه محسوس ٿي هوندي ته سندس خواب ايترو ويجھو پهچي ويو هو جو هو کيس پنهنجن هٿن ۾ وٺي سگهيو ٿي. هن کي انهي سائي رنگ جي روشين ۾ انهي ”خر مستي واري مستقبل“ ۾ ويساهه هو جيڪو انهي مان ملڻو هو. اهو هن جي هٿن مان کسڪي ويو پر (ڪيراوي سوچيو ته) اهو اسان جي هٿن مان به کسڪي ويو هو. اهو ويجھو نه پئي آيو پر سال بسال ويو پئي پٺتي هٽندو. ”پر ڪا ئي ڳالهه نه آهي. سڀاڻي اسين وڌيڪ تيز ڊوڙنداسين پنهنجيون ٻانهون وڌيڪ پکيڙينداسين- ۽ هڪ سٺي صبح جو“- پر اها سٺي صبح جيئن گريٽ گيٽس باءِ لاءِ نه آئي تيئن اسڪاٽ فٽز جيرالڊ ۽ سندس نسل لاءِ به ڪڏهن به نه آئي.

82. اين اميريڪين ٽرئجدي

-- ٿيوڊور ڊريزير --

(Theodore Dreiser)

 

جان پال ڊريزر نالي هڪ نوجوان جرمن 1844ع ۾ آمريڪا لڏي ويو. اتي هن هڪ آبادگار جي ڌيءُ سان شادي ڪئي ۽ ترقي ڪندي ڪندي هڪ مِل جو مالڪ ٿي ويو. خوشحالي جي ورهين ۾ سندس زال کيس يارنهن ٻار ڄڻي ڏنا پر پوءِ سندس مل باهه ۾ سڙي ختم ٿي وئي انهيء جي انشورنس به ٿيل نه هئي. ۽ سندس دولت ۾ جيترو جلدي اضافو ٿيو هو انهي جو ايترو جلدي خاتمو به ٿي ويو ۽ جڏهن 27- آگسٽ 1871ع تي انڊيانا ۾ سندس پٽ ٿيو ڊور ڄائو ته هُو بلڪل هٿين خالي هو ۽ انهي وقت سندس عمر پنجاهه ورهيه هئي. ڊورش ڇهن ورهين جي ٿي ته انهي ڪٽنب جون حالتون ايتريون خراب ٿي ويون جو انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻو پئجي ويو. وڏا ٻار پنهنجي منهن نڪري ويا. مڙس پاڻ روزگار جي ڳولها ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندو رهيو جڏهن ته سڀ کان ننڍا ٽي ٻار پنهنجي ماءُ سان چنبڙيل رهيا. جيڪا ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪم ڪرڻ لڳي.

ٿيوڊور لاءِ اهي سندس زندگي جا سڀ کان خوشگوار ورهيه هئا. ڇاڪاڻ ته سندس زنده دل، باهمٿ ۽ پُرجوش ماءُ (هن اڳتي هلي کيس Jennie Gerhardt ۾ امرتا ڏئي ڇڏي) سڀ کان غريباڻي گهر کي به خوشين سان ڀري ڇڏيو. هن جيڪا ٿوري ٿڪي تعليم حاصل ڪئي انهي لاءِ به هن ئي ڪوششون ڪيون هيون. هو تيرهن ورهين جو ٿيو جو کيس هڪ سرڪاري اسڪول ۾ موڪليائين.

هاڻي ڊورش لاءِ هڪ نئين دنيا جا دروازا کلي پيا ڇاڪاڻ ته هيستائين سندس ڪٽر پيءُ کيس هڪ کان پوءِ ٻئي ڪنهن نه ڪم جي ڪيٿولڪ اسڪول پيو موڪليندو هو جتان هن ڪجھ به نه پرايو. کيس ڪتابن سان تمام گهڻو لڳاءُ ٿي ويو ۽ هن ايتري ته سٺي ذهانت ڏيکاري جو سندس هڪ استاد جنهن کي يقين ٿي ويو هو ته هو گهڻو اڳتي وڌندو مٿس زور ڀريو ته هو پنهنجي تعليم جاري رکي. پر هن پاران همٿائڻ جي باوجود به ٿيوڊور پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ زندگي جي رنگا رنگين ڏانهن ايترو ته ڇڪجي ويو جو هڪ ڏينهن اعلان ڪيائين ته: ”امان، آءٌ شڪاگو پيو وڃان“.

شڪاگو ٿيوڊور تي جادو ڪري ڇڏيو. هو اتان جي گهما گهميءَ واري زندگي ۾ محو ٿي ويو. سندس پهرئين نوڪري هڪ گندي يوناني ريسٽوران ۾ ڊش واشر جي هئي. پوءِ هو پنج ڊالر هفتي وار پگهار تي ڪلارڪ ٿيو. هو جڏهن سترهن ورهين جو هو ته اوچتو سندس اڳوڻي استاد مس فيلڊنگ هن وٽ آئي. هن پاڻ سان گڏ اهي پئسا به آندا هئا جيڪي هن کيس يونيورسٽي آف انڊيانا موڪلڻ لاءِ بچايا هئا. ٿيوڊور جيئن ته پڙهڻ لاءِ تيار نه هو ۽ جڏهن پهرئين سال جي پڇاڙي تي ڏٺائين ته هن تعليم مان ڪو گهڻو ڪجھ حاصل نه ڪيو هو تنهن ڪري مس فيلڊنگ جي ٻئين ٽرم لاءِ آڇ قبول نه ڪيائين ۽ شڪاگو ويو هليو ۽ وري ٻي ڪلارڪي جي نوڪري ورتائين. انهي کان جلد ئي پوءِ سندس پياري ماءُ جنهن جي ڪجھ وقت کان صحت صحيح نه هئي اها وڌيڪ بيمار ٿي پئي ۽ سندس هٿن ۾ فوت ٿي وئي. سندس ماءُ جي وفات هن جي زندگي جو ”سڀ کان وڏو نفسياتي لوڏو“ هئي.

ڪلارڪي جي نوڪري ختم ٿي وئي ۽ ٿيوڊور هڪ لانڊري ٽرڪ جو ڊرائيور ٿيو ۽ پوءِ قسطن تي سامان ڏيندڙ هڪ فرم پاران اوڳاڙي تي رکيو ويو. هن شڪاگو جا تصويري خاڪا تڏهن ئي لکڻ شروع ڪيا ۽ هو جيئن ته پاڻ کي هڪ ليکڪ نه ٿي سمجهي سگهيو تنهن ڪري هن سوچيو ته کيس ڪنهن اخبار ۾ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. سن 1892ع ۾ جڏهن ڊيموڪريٽڪ نيشنل ڪنوينشن لاءِ وڌيڪ رپورٽرن جي ضرورت پئي ته هڪ اخبار کيس عارضي طور ڪم ڏنو پر سندس حقيقي صحافتي ڪيريئر تڏهن شروع ٿيو جڏهن سندس لکيل هڪ ليک جي آڌار تي کيس Globe ۾ نوڪري ملي. کيس انساني دلچسپيءَ وارين اسٽورين جو خاص ڏانءُ هوندو هو ۽ ايڊيٽر جان ميڪ اينس سندس صلاحيتن کان متاثر ٿي کيس اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ کيس سينٽ لوئيس موڪليو جيئن هو اڃا وڏي اخبار گلوب- ڊيموڪريٽ ۾ ڪم ڪري.

ٿيوڊور جو مکيه ڪم فيچر اسٽوريون ۽ انٽرويو هئا. کيس ڊرامن جو نقاد ٿيڻ جو وڏو شوق هو. انهي ئي سندس زوال آندو.

ڊريزر گلوب ڊيموڪريٽ ڇڏڻ کان پوءِ ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪم ڪيو ۽ آخرڪار پنهنجي وڏي ڀاءُ پال جي چوڻ تي نيويارڪ ويو هليو.

پال ڪيترن ئي عام مقبول گانن جو مشهور ڪمپوزر هو. سندس پبلشر هڪ رسالو ڪڍي رهيا هئا. هن انهي جي ايڊيٽري ڊورش کي وٺرائي ڏني. ٿيوڊور انهي کي ٻه سال ڪاميابي سان هلائڻ کان پوءِ استعفا ڏئي ڇڏي ۽ فري لانس صحافي طور ڪم ڪرڻ لڳو. هن ايترو پئسو گڏ ڪري ورتو هو جو شيلي وهائيٽ سان شادي ڪري سگهي. هن انهي سان سينٽ لوئيس ۾ مڱڻو ڪيو هو. پر هو پنهنجي ڪم مان مطمئن نه هو ۽ آرٿر هينري نالي سندس گهاٽي دوست- اِهو به هن وانگر صحافي هو- کيس صلاح ڏني ته هو پنهنجين صلاحيتن کي افساني جي ميدان ۾ آزمائي ڏسي. سندس پهرئين ڪوشش کي اينسليز مئگزين پنجهتر ڊالرن عيوض خريد ڪيو ۽ پوءِ سندس دوست هينري کيس چيو ته هو ڪو ناول لکي ڏيکاري. ڊريزر کي ڪا خبر ئي نه هئي ته ڪم ڪيئن شروع ڪبو. بهرحال هن Sister Carrie نالي هڪ عنوان ڪاغذ تي لکيو پوءِ ته خود کيس حيرت ٿيڻ لڳي ته ڪيئن لفظ پاڻهي نڪرندا ويا.

سسٽر ڪيري سندس هڪ ڀيڻ تي آڌاريل هو. انهي کي ڊبل ڊي اشاعت گهر وارن مسٽر ڊبل ڊي جي غير موجودگي ۾ قبول ڪري ڇڏيو انهي جڏهن مسودو پڙهيو ته اهو کيس بلڪل غير اخلاقي ڏسڻ ۾ آيو ڇاڪاڻ ته ڪيري پاران ”ڪرڻ“ تي ليکڪ نه ئي کيس ڇينڀيو هيو نه ئي ڪا سزا ڏني هئي. هو جيئن ته هائو ڪري ويٺو هو تنهن ڪري ڪتاب جون فقط هڪ هزار ڪاپيون ڇاپيائين پر ڪتاب جي ڪا به مشهوري نه ڪيائين. ڪتاب تي ڪجھ چڱا تبصرا آيا پر ڪتاب جون فقط 650 ڪاپيون وڪرو ٿيون.

سسٽر ڪيري کي عام وڪري کان روڪڻ سبب ڊريزر لاءِ تباهي اچي وئي. هاڻي ڪو به پبلشر سندس انهن ٻن ڪتابن تي ڪو غور ئي نه پيو ڪري جن تي هو ڪم ڪري رهيو هو ۽ جيئن ته پئسو اچڻ بند ٿي ويو تنهن ڪري هن مجبوراً پنهنجي زال کي واپس سندس پيءُ ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رهڻ لڳو. پر سندس ذهني حالت اها وڃي ٿي هئي جو هو نه ڪم پئي ڪري سگهيو نه ننڊ ٿي ڪري سگهيو. هو وهمن وسوسن جو شڪار ٿي ويو ۽ آخرڪار ذهني طور مڪمل طور مفلوج ٿي ويو. سندس دوست آرٿر هينري کيس بچائي ورتو ۽ کيس علاج لاءِ هڪ سينيٽوريم موڪليو. هو جيئن ئي تندرست ٿيو ته صحافت ڏانهن موٽي آيو.

ايندڙ ڪجھ ورهين دوران سندس ڪيريئر شاندار رهيو. هو هفتي وار 35 ڊالرن کان ترقي ڪري بٽرڪ جي ٽن فيشن ميگزينز جي مئنيجنگ ايڊيٽر طور ساليانو ڏهه هزار ڊالر ڪمائڻ لڳو. انهي وقت هو خود پنهنجي ڪم کان ايترو لاتعلق ٿي ويو هو جو رسالي لاءِ هڪ ليک لکندڙ ڏانهن لکي موڪليائين ته: ”اسين غير اخلاقي لاڳاپن يا شراب جي نشي ۾ بدمست ٿيڻ جهڙن گندن موضوعن بابت ڪهاڻيون قبول نه ٿا ڪري سگهون“. ستم ظريفي اها ٿي جو ڊريزر کي بٽرڪ وارن اسٽاف جي هڪ ڇوڪريءَ سان چڪر هلائڻ تي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو. انهي چڪر سندس شادي به ٽوڙي ڇڏي.

اها ڏاڍي حيرت جي ڳالهه آهي ته سندس صحافتي ڪم جي اهڙي بدنامي سان پڄاڻي مان اصلي ڊريزر منظر تي آيو. هن انهن ٻن ڪتابن مان هڪ تي ڪم شروع ڪري ڏنو جيڪي هن ڊبل ڊي وارن سان گهوٽالي کان اڳ شروع ڪيا هئا. هن ڪتاب جو عنوان دي ٽرانسگريسر مان مٽائي جيني گيرهارڊٽ رکي ڇڏيو.

جيني گيرهارڊٽ سن 1911ع ۾ ڇپيو. انهي ناول جو موضوع ساڳيو سسٽر ڪيري جهڙو ئي هو پر هاڻي وقت بدلجي ويو هو ۽ انهي فوراً ڪاميابي ماڻي ورتي. ڊريزر لاءِ جيئن ته هاڻي سڻائو واء وريو هو تنهن ڪري هن انهي کان پوءِ The Financier، The Titan ۽ The Genius آندا ۽ ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي جي شروعات ۾ پنهنجي ڇهين ناول تي ڪم شروع ڪيو. انهي جو ڪجھ حصو حقيقت تي ٻڌل هو. ڇاڪاڻ ته سندس تحرير جو بنياد 1906ع ۾ ٿيل هڪ خون هو جو چيسٽر جليٽ، گريس برائون کي موس ليڪ ڍنڍ ۾ ٻوڙيو هو. اين اميريڪن ٽرئجڊي 1923ع ۾ ڇپيو ۽ انهي جي فوراً هڪ شاهڪار جي حيثيت ۾ آجيان ڪئي وئي.

ٻارهن ورهين جي ڪلائيڊ گرفٿس جا ماءُ پيءُ ڪينساس سٽي ۾ اسٽريٽ سروس ڪرائين ٿا. هو انهن ۾ حصو وٺندي لڄ محسوس ڪري ٿو. هن کي اهو بي مزي ڪم پسند نه آهي ۽ مذهب ۾ ايمان به نه هئڻ جهڙو اٿس ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ جيتوڻيڪ سدائين اهو پئي چوندي آهي ته ”الله ڏيندو“ پر انهن جي غربت ته وڃي ئي نه ٿي. هن جو خيال سدائين انهي امير چاچي ڊينيئل گرفٿس ڏانهن اٽڪيل هوندو آهي جنهن کي لائڪرگس (Lycurgus) ۾ ڪالر ٺاهڻ جو ڪارخانو آهي.

ڪلائيڊ پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ ڏاڍو رک رکاءُ وارو ۽ سهڻو ڇوڪرو ٿي پوي ٿو. هو ڪمزور ۽ سطحي سوچ رکندڙ آهي. هن جي دل ۽ دماغ تي سدائين مادي خوشحالي جو خيال حاوي رهي ٿو. هو اهڙي ذهنيت جو مالڪ آهي جنهن ۾ ڪڏهن به پختگي نه ايندي آهي.

هوگرين- ڊيوڊسن هوٽل ۾ بيرو وڃي ٿيو ۽ آسودگي جو پهريون ذائقو چکيائين. هو پگهار ۽ ٽپ مان جيڪي پئسا ڪمائي ٿو اهي پنهنجي ماءُ کي نه ٿو ڏيکاري. بيرا هونئن ئي اڻ گهڙيا ڪاٺ هوندا آهن. اهي کيس آواره گردي واري واٽ ڏيکارين ٿا ۽ هڪ چڪلي ۾ وٺي وڃن ٿا. هو اتي پنهنجي پهرئين جنسي تجربي مان گذري ٿو. هو اتي ئي هارٽينس برگز (Hortense Briggs)سان ملي ٿو. هوءَ ڏاڍو ڏيک ويک رکندڙ ۽ لالچي دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري آهي. هو انهي تي موهت ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ماءُ جي مدد ڪرڻ بجاءِ هن کي سوکڙين پاکڙين جا ڍير آڻي ڏئي ٿو. اسپارسر نالي هڪ نوجوان پنهنجي مالڪ کان ڪار اڌاري وٺي اچي ٿو ۽ ٻين بيرن ۽ انهن جي گرل فرينڊز سان گڏ ڪلائيڊ ۽ هارٽينس کي به چڪر ڏيارڻ وٺي وڃي ٿو. هو واپسي ۾ بي ڌياني سان گاڏي هلائيندي هڪ ٻار کي ڌڪ هڻي وجھي ٿو ۽ گاڏي بيهارڻ بجاءِ تيزي سان هڪ خالي گهٽي ۾ ڪاهي وڃي ٿو. اتي گاڏي ڪلٽي ٿي پوي ٿي. اسپارسر ۽ هڪ ڇوڪري کان سواءِ ٻيا سڀ ٿڙي ٿاٻڙي ڪار مان ٻاهر نڪري اچن ٿا. پوليس جي گاڏين جا سائرن ويجھو ايندي ٻڌجن ٿا ۽ ڪلائيڊ هارٽينس کي ڇڏي ريل جي بند جو رخ ڪري ٿو ۽ اتان هڪ مال گاڏي ۾ چڙهي شهر مان نڪري وڃي ٿو. هو ٻئي ڏينهن صبح جو اخبار ۾ ٻار جي مري وڃڻ بابت پڙهي ٿو. اسپارسر قتل جي الزام ۾ گرفتار ٿئي ٿو ۽ پنهنجن ساٿين جا نالا ٻڌائي ٿو.

ڪلائيڊ شڪاگو هليو وڃي ٿو ۽ هڪ فرضي نالي سان رهڻ لڳي ٿو. پوءِ هو جڏهن خطرو ٽريل سمجهي ٿو ته پنهنجو اصل نالو ظاهر ڪري ٿو. هن کي ويهن ورهين جي ڄمار ۾ يونين ليگ ڪلب فار جينٽلمين نالي هڪ اعليٰ طبقي جي هوٽل ۾ بيري جي نوڪري ملي ٿي. هو اتي ئي آخرڪار پنهنجي چاچي سان مليو. هن جو چاچو هن جي سندس پٽ گلبرٽ سان مشابهت ڏسي حيران ٿي ويو ۽ هو هن جي وچٿري روش مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس پاڻ سان گڏ ڪالر فيڪٽري وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيائين.

ڪلائيڊ وڏيون اميدون ۽ آسرا کڻي لائيڪرگس پهچي ٿو ۽ فيڪٽري ۾ حاضر ٿئي ٿو. اتي سندس مغرور ۽ رکو سوٽ سندس انٽرويو وٺي ٿو ۽ کيس وڏي حقارت سان تمام گهٽ درجي واري ڪم تي ۽ سڀ کان گهٽ پگهار تي رکي ٿو. ڪلائيڊ کي پنهنجي چاچي جي محل جهڙي گهر به ڪيترن هفتن کان پوءِ اچڻ جي دعوت ملي ٿي. هو اتي ئي هو ته سونڊرا فنچلي نالي هڪ ڏاڍي نفيس ۽ سهڻي ڇوڪري پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ اتي اچي ٿي. هن جا ماءُ پيءُ به سندس چاچي جهڙا ئي امير هئا. ڪلائيڊ کيس ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو ۽ هوءَ سندس خيالن ۾ گهر ڪري وڃي ٿي.

خود پسند گرفٿس ڪٽنب کيس وري ڪڏهن گهر اچڻ جي دعوت نه ٿو ڏئي. البت مسٽر گرفٿس اهو محسوس ڪري ٿو ته گرفٿس ڪٽنب جي ڪنهن ماڻهو لاءِ اها ڳالهه ڪڏهن به مناسب نه آهي ته هو ايتري پگهار تي ڪم ڪري جنهن مان هو ڍنگ جا ڪپڙا به نه پهري سگهي. پوءِ هو کيس اسٽيمپنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڇوڪرين جو انچارج مقرر ڪري ٿو. گڏوگڏ گلبرٽ کيس اهو چتاءُ به ڏئي ٿو ته هن جيڪڏهن ڇوڪرين سان ڪا ويجھڙائپ رکي ته کيس نوڪري مان ڪڍيو ويندو.

امير ڪٽنب اونهارو هڪ ڍنڍ ڪناري ٺهيل هڪ فيشني تفريحي مقام تي گذاري ٿو. ڪلائيڊ هر وقت سونڊرا بابت خواب ڏسندو رهي ٿو ۽ اخبارن جي سوسائٽي ڪالمن ۾ هن بابت خبرون وڏي شوق سان پڙهي ٿو. کيس اڃا به اميد آهي ته کيس ڪنهن ڏينهن هن جي جاءِ تي حاضر ٿيڻ جي موڪل ملندي. انهي اميد ۾ هو ٻيڙي هلائڻ سکي ٿو ۽ ڏاڍو سٺو تارو (Swimmer) ٿئي ٿو.

ڪلائيڊ هاڻي هڪ ٻي ڇوڪري رابرٽا آلڊين سان تعلق رکيو آهي. هوءَ هڪ غريب هاري جي ڌيءُ آهي ۽ پنهنجين حالتن ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ لائيڪرگس آئي آهي. ڪلائيڊ سندس ڪومل سونهن ۽ رک رکاءُ سبب هن ڏانهن ڏاڍو ڇڪجي آيو آهي ۽ رابرٽا به جيڪا هن وانگر اڪيلي آهي اها پنهنجي نوجوان ۽ ٺاهوڪي باس (Boss) بابت سهڻا خواب ڏسڻ لڳي ٿي. رابرٽا سان هڪ اوچتي ملاقات سبب ڪلائيڊ جا جذبا جاڳي پون ٿا ۽ هو قانون جي خلاف ورزي ڪندي کيس هن سان لڪ ڇپ ۾ ملاقات ڪرڻ تي راضي ڪري وٺي ٿو. اهي نيٺ هڪ ٻئي جا عاشق ٿي وڃن ٿا پر رابرٽا جڏهن هن جي ٿي وڃي ٿي ته ڪلائيڊ جا احساس تبديل ٿي وڃن ٿا هو سوچي ٿو ته هوءَ ته فيڪٽري ۾ هڪ پورهيت ڇوڪري آهي، ڪنهن گرفٿس جي زال ٿيڻ جي لائق نه آهي....

هڪ ڏينهن سونڊرا فنچلي جي ڪلائيڊ تي نظر پئجي وڃي ٿي. هو ڏاڍي حسرت سان پنهنجي چاچي جي گهر ڏانهن نهاري رهيو هو. سونڊرا کيس غلطي وچان گلبرٽ سمجهيو هو پر پنهنجي غلطي جو احساس ٿيڻ کان پوءِ به مٿس زور ڀري ٿي ته هوءَ کيس گاڏي ۾ سندس هاسٽل ڇڏي اچي. ڪلائيڊ جڏهن کيس ٻڌائي ٿو ته هو سدائين هن بابت سوچيندو رهندو آهي ته اها ڳالهه سندس دل تي ڏاڍو اثر وجھي ٿي. هو کيس چڱو پرڪشش ۽ سهڻو لڳي ٿو تنهن ڪري هن سان تعلق رکڻ جو فيصلو ڪري ٿي. ڪلائيڊ آخرڪار انهي جڳ مڳ ڪندڙ دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو جنهن جو مرڪز سندس من موهڻي سونڊرا آهي. هو به جلد ئي سندس جذبن جي موٽ ڏيڻ شروع ڪري ٿي.

هاڻي رابرٽا کيس ٻڌائي ٿي ته هوءَ پيٽ سان آهي. ڪلائيڊ انهي تي پريشان ٿي کيس گوريون وٺي ڏئي ٿو جيڪي ڪم نه ٿيون ڪن. پوءِ هو کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃي ٿو. هو به آپريشن ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو. رابرٽا کيس چوي ٿي ته هو هن سان شادي ڪري. هن وٽ ڪجھ به نه آهي ۽ سڀ ڪجھ گهري رهي آهي جڏهن ته سونڊرا وٽ سڀ ڪجھ آهي ۽ سڀ ڪجھ آڇي رهي آهي. ڪلائيڊ ڪجھ وقت سڪون سان گذارڻ لاءِ رابرٽا کي ريهي ريبي واپس فارم تي وڃڻ لاءِ راضي ڪري وٺي ٿو.

ڪلائيڊ رابرٽا کي وٺڻ لاءِ اچڻ جو واعدو پورو نه ٿو ڪري ۽ رابرٽا ٻي ڪا واٽ نه ڏسي کيس خط لکي ٿي ته هو لائيڪرگس اچي سندس حالت سڀني جي آڏو ظاهر ڪري ڇڏيندي. هن کي هڪ ويران ۽ اڪيلي ڍنڍ Great Bitterns ياد اچي ٿي. هو سونڊرا سان گڏ اوڏانهن ويو هو ۽ کيس قتل ڪرڻ جي رٿ رٿي ٿو. هو جلدي فارم تي وڃي ٿو ۽ رابرٽا کي ٻڌائي ٿو ته اهي گڏجي موڪل ملهائيندا ۽ پوءِ شادي ڪندا.

ڪلائيڊ تمام بي سمجهي سان ڪم ڪري ٿو، هو گريٽ بٽرنس تي رابرٽا سان گڏ رات هڪ ننڍڙي هٽ (Hut) ۾ گذاري ٿو ۽ رجسٽر ۾ ”ڪلفورڊ گولڊن ۽ سندس زال“ لکي ٿو. هو ٻئي ڏينهن صبح جو رابرٽا کي ڍنڍ ۾ ٿوري دير ٻيڙي تي چڪر ڏيڻ جي صلاح هڻي ٿو ۽ اهو بهانو ڪري پنهنجو ٿيلهو به گڏ کڻي ٿو ته هو انهي ۾ پنهنجي ڪيميرا جو ٽرائيپاڊ رکندو. هو ڍنڍ تي پهچي اهو ٿيلهو ڪناري تي رکي ٿو. وچ ڍنڍ ۾ پهچڻ کان پوءِ اتان جو دهشتناڪ ماحول هن تي حاوي ٿي وڃي ٿو ۽ سندس همٿ جواب ڏئي وڃي ٿي ۽ کيس محسوس ٿئي ٿو ته هو رابرٽا کي قتل نه ڪري سگهندو. هو ايترو عجيب ڏسڻ ۾ اچي ٿو جو هوءَ سمجهي ٿي ته هو بيمار آهي ۽ هن ڏانهن وڌي اچي ٿي. ڪلائيڊ سندس ڇهاءُ کان ٽهندي پنهنجي ڪيميرا سان هن جي منهن تي ڌڪو ڏئي ٿو هوءَ ٿاٻڙجي پٺتي ڪِري ٿي ۽ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سان ٻئي پاڻيء ۾ ڪِري پون ٿا. ڪلائيڊ تري ڪناري تي اچي ٿو ۽ کيس ڇڏي ڏئي ٿو ته ڀلي ٻڏي مري وڃي. هو پنهنجو ٽوپلو ڍنڍ ۾ اڇلائي ٿو ڇڏي جيئن ماڻهو ائين سمجهن ته هو به ٻڏي ويو آهي. هو پنهنجي ٿيلهي ۾ آندل خشڪ ڪپڙا پهري ٿو پنهنجا آلا ڪپڙا انهي ۾ وجھي ٿو ۽ جهنگ مان ٿيندو سونڊرا جي تفريحي مقام تي وڃي ٿو هليو. هوءَ اتي ترسيل هئي.

هو جڏهن واپس نه ٿا موٽن ته هٽ وارو واويلا مچائي ٿو. ڍنڍ تي اونڌي ٻيڙي ۽ ٽوپلو نظر اچن ٿا ۽ رابرٽا جو لاش هٿ ڪيو وڃي ٿو. رابرٽا جي کيسي مان سندس ماءُ ڏانهن لکيل خط هٿ اچڻ سان سندس شناخت ظاهر ٿي وڃي ٿي. سندس زخمي ٿيل منهن کي قتل جو ثبوت سمجهيو وڃي ٿو. ڪلائيڊ پاڻ ڏانهن اشارو ڪندڙ ڪيتريون ئي نشانيون ڇڏيون آهن جن جي آڌار تي هو جلدئي گرفتار ٿي وڃي ٿو ۽ مٿس فرد جرم عائد ڪئي وڃي ٿي. استغاثي کي ڪلائيڊ خلاف تباهه ڪندڙ ڪيس پيش ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي پيش نه ٿي اچي هو قانوني طور جيتوڻيڪ بي گناهه آهي پر کيس موت جي سزا اچي وڃي ٿي.

موت گهر ۾ ڪلائيڊ جي ماءُ پاران موڪليل پادري سندس روح کي نجات ڏيارڻ جي دل سان ڪوشش ڪري ٿو. ڪلائيڊ خوف ۾ نجات جي آخري اميد کي مضبوطي سان پڪڙي ٿو ۽ پنهنجي پڇتاءَ ۽ دين ڏانهن موٽڻ جو اظهار ڪري ٿو. انهي هوندي به کيس اها ڳالهه قطعي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته کيس سندس انساني اشتهائن جي سبب سزا ڇو ٿي ڏني وڃي. هن کي جڏهن اليڪٽرڪ چيئر ڏانهن ڌڪيو ٿي ويو ته کيس خبر نه هئي ته هن کي خدا ۾ ايمان هو يا نه.

انهي تمام وڏي ڪتاب جي ڪيترن ئي اندروني وهڪرن کي نظر انداز ڪندي ڪتاب جو سرسري اڀياس ڪري سگهجي ٿو. ڊريزر تمام قطعيت سان ۽ آهستگي سان پنهنجي گران بار نثر مان وڌ مان وڌ اثر پيدا ڪندي هڪ تمام وڏي جگسا (Jigsaw) جا بيشمار ٽڪرا جوڙيا آهن ۽ انهن کي هڪ اڻٽر دکدائڪ نموني (pattern) ۾ بند ڪيو آهي. ڪلائيڊ پاڻ جيتوڻيڪ شطرنج جي راند ۾ فقط هڪ پيادو آهي پر ڊريزر جي حاصلات جو هڪ پيمانو اهو به آهي جو هڪ اهڙي سماج جي شڪار جي حيثيت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو جنهن جي قدرن کي دولت جي تارازي ۾ توريو وڃي ٿو. آئن اسٽائين مطابق: اين اميريڪن ٽرئجدي ڪائناتي صداقت ۽ معروضيت رکندڙ ڪتاب آهي.... اهو ايترو وسيع آهي جيترو هڊسن ۽ ايترو گهرو جيتري خود زندگي“.

83. اِف اِٽ ڊاءِ

-- آندري گائيڊ --

 

آندري پال گِلام گائيڊ 22- ڊسمبر 1869ع تي پيرس ۾ ڄائو. سندس پيءُ پال گائيڊ هڪ وڏو نالي وارو وڪيل هو ۽ سندس ماءُ جوليٽ رونڊو (Juliette Rondeaux) نارمنڊي جي هڪ شاهوڪار صنعت ڪار جي ڌيءُ هئي.

آندري گائيڊ يارنهن ورهين جو ئي مس ٿيو جو سندس پيءُ گذاري ويو ۽ سندس پالنا سندس ماءُ ڪئي. هو وڏن گڻن واري عورت هئي. هوءَ پنهنجي مڙس وانگر پروٽيسٽنٽ هئي. تنگ نطري وارا پيوريٽن (Purritan) خيال رکندي هئي ۽ هر معاملي تي پڪي پختي سوچ رکندي هئي. هن جيتوڻيڪ پنهنجي پٽ لاءِ جيڪو ڪجھ ڪيو اهو تمام سٺي ارادي سان ڪيو پر انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جيڪڏهن هن جي مضبوط شخصيت نه هجي ها ته هن پنهنجي پٽ لاءِ جنهن زندگي جي رٿ رٿي هئي اها جديد فرانسي ادب جي وڻ کي بار آور ٿيڻ جو ڪڏهن به موقعو نه ڏئي ها.

پال گائيڊ پنهنجي زال لاءِ ايترو ڇڏيو هو جنهن مان هو پنهنجو وقت چڱي آرام سان گذاري سگهي ها جڏهن ته کيس پنهنجن پيڪن مان به گهڻو ڪجھ مليو هو. گائيڊ کي روزي روٽي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھ به ڪرڻ جي ضرورت نه هئي ۽ انهي ڳالهه ماءُ ۽ پٽ ٻنهي تي اثر وڌو. هو اڃا اوائل جواني ۾ ئي هو جو ليکڪ ٿيڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيائين پر مادام گائيڊ کي ڏيڻ لاءِ جيتوڻيڪ ڪو متبادل نه هو ته به هن انهي ڳالهه جي سخت مخالفت ڪئي.

خوش قسمتي سان هن به ادب ۾ ڪا سطحي ڄاڻ حاصل ڪرڻ نه ٿي گهري ۽ جيئن ته ڪنهن پيدائشي ليکڪ جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ وجھي کيس پنهنجي مقصد جي حاصلات کان نه ٿو روڪي سگهجي تنهن ڪري سندس ماءُ جي مخالفت اڳي پوءِ ختم ٿيڻي هئي. حقيقت اها آهي ته هن کي جيتوڻيڪ پنهنجي ماءُ لاءِ تمام گهڻي عزت هئي پر هو ذهني طور تيار هو ته هن معاملي ۾ هو پنهنجي ماءُ جي خواهشن کي ڪا به اهميت نه ڏيندو.

هن کي انهي شوق ۾ پنهنجي اسڪولي ڏينهن واري هڪ دوست پيري لوئس کان همٿ افزائي ملي. لوئيس کيس پيرس جي ادبي زندگي ۽ خاص طور ميلارم (Mallarme) سان متعارف ڪرايو. سندس پهريون ڪتاب Les cahiers d’ Andre Walter عوام آڏو پيش ڪري کيس سندس ادبي سفر تي روان دوان ڪيو.

سندس ماءُ 1895ع ۾ گذاري وئي. تڏهن سندس عمر پنجويهه ورهيه هئي. هن پنهنجي پٽ لاءِ ايترو پٺيان ڇڏيو هو جو هو پنهنجي زندگي آرام سان گذاري سگهيو پئي. هن پنهنجي سوٽِ ميڊيلين سان مضبوط تعلق قائم ڪري ورتو هو ۽ مادام گائيڊ جي وفات کان ٻه ٽي مهينا پوءِ انهن شادي ڪري ڇڏي.

بدقمستي سان ٻنهي پاسن ڏانهن جيتوڻيڪ محبت هئي، پسنديدگي هئي ۽ ڪوملتا هئي پر ٻنهي زال مڙسن ۾ هڪ اهڙو ويڇو هو- انهي جو بيان اڳتي هلي ڏنو ويندو- جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهيو. سندس منفرد ادبي ڏات جي ڦلڻ ڦولڻ (اپريل 1938ع ۾ ميڊيلين جي وفات تائين) جي ڪهاڻي کي به انهي نجي ٽرئجڊي جي پس منظر ۾ رکي ڏٺو وڃي.

جيڪڏهن في الوقت اسين لکڻ جي معيار کي نظرانداز ڪريون ته هن جنهن ڪتاب سان پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ڪئي اهو ٻين ماڻهن جي نوجواني واري پيداوار کان مختلف نه آهي ڇاڪاڻ ته انهي جو مواد عام رواجي آهي ۽ اسلوب ۾ ڪا به پختگي نه آهي. انهي جي باوجود به انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته Les cahiers d’ Andre Walter هڪ ڏات جو ڪارنامو آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهي ۾ اها فني مهارت نظر نه اچي جيڪا پختگي تي پهتل گائيڊ جي ٻين وڏن ڪتابن ۾ نظر اچي ٿي پر Andre Walter ۾ اهڙو ڪو به موضوع نه آهي، جنهن کي ٻين ڪتابن ۾ نه کنيو ويو هجي.

آندري والٽر کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب آيا جن لاءِ گائيڊ خود treatises جو لفظ ڪتب آڻيندو هو. اهي هلڪا ڦلڪا ڪم هئا پر انهن مان ليکڪ جي فن ۽ هنر تي تيزي سان وڌندڙ مهارت جو اظهار ٿيندو هو. هن 1895ع ۾ وڃي اهڙو ڪتاب ڇپرايو جنهن کي هڪ شاهڪار ڪوٺي سگهجي پيو. پيليوڊس (Paludes) هڪ طنز آهي ته ادب کي جڏهن زندگي کان جدا ڪيو وڃي ٿو ته اهو سنڍ ٿي پوي ٿو.

انهي دوران گائيڊ اتر آفريڪا ڏانهن هڪ سفر ڪيو ۽ اتي پاڻ بابت ڪجھ ڳالهين کان واقف ٿي انهن کي پاڻ تي حاوي ڪري ڇڏيائين. هن انهي سفر کان واپسي تي Nourritures terrestres Les لکيو جنهن بابت پاڻ ئي چيائين ته انهي مان انهي وقت غلط مطلب ڪڍيو ويو ۽ ويهن ورهين تائين انهي کي صحيح نموني نه سمجهيو ويو. حقيقت ۾ لڳي ٿو ته اهو ڪتاب بي لغام شهوت پرستي جي دعوت آهي پر آندري والٽر وانگر گائيڊ اڃا خدا جي ڳولها ۾ آهي. فرق اهو آهي ته آندري والٽر ۾ ڳولها ۽ روزاني زندگي جي حقيقت نه فقط وڏي ۽ ارادي جي لڳاتار ڪوشش پر ڄاڻي واڻي عام رواجي ڳالهين ۽ روزاني زندگيء کان حقيقتن کان دور رهڻ جي طلب ڪري ٿي جڏهن ته Les Nourristures terrestres ۾ ابتڙ ڳالهه لاڳو ٿئي ٿي. اها ڳالهه تسليم ڪرڻ ڪافي آهي ته جيئن ته خدا هر هنڌ آهي تنهن ڪري ڳولها ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.

ليس نوريچرس ٽيريسٽريس جو سلسلو اڳتي وڌائيندڙ ڪتاب باترتيب ستن ۽ چوڏهن ورهين جي عرصي کان پوءِ آيا. انهن مان پهريون L’ Immoraliste ۽ ٻيو La Porte etroite هو. وچ وارن ورهين ۾ ڪيترائي ڪتابن ڇپيا. انهن سڀني گائيڊ جي فن جي مهارت ۾ واڌ ويجھ ڪئي ۽ هن جي فرانس جي انهي دور واري هڪ تمام اهم ليکڪ واري شهرت قائم ڪئي. پوءِ ايندڙ ڪتابن سندس شهرت ۾ اڃا واڌارو ڪيو.

گائيڊ پهرئين جنگ عظيم شروع ٿيڻ وقت دل و جان سان هڪ اهڙي تنظيم لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو جنهن جو مقصد بيلجيم جي انهن پناهگيرن جي سار سنڀال لهڻ هو جيڪي انهن جي ملڪ تي جرمني پاران ڪاهه ڪرڻ تي فرانس جي اترئين علائقن ۾ ڀڄي آيا هئا. انهي ڪم گائيڊ جي جذبن ۽ اعصاب تي وڏو اثر وڌو ۽ هن آخرڪار جسماني ساڻائي سبب اهو ڪم ڇڏي ڏنو. انهي ڪم ۾ رڌل هوندي ئي هو انهي مذهبي بحران مان گذريو جنهن ۾ هو لڳي پيو ته ترڪ ڪيل عيسائي عقيدن ڏانهن واپس ٿي رهيو هو. پر 1922ع ۾ ڇپيل Numquid et tu? مان ظاهر ٿيو ته هو عيسائيت نه پر دوستو وسڪيائي mystical evangelism ڏانهن وڌي رهيو هو.

هن 1924ع ۾ اهو ڪتاب منظر تي آندو جنهن کي هو پنهنجي وفات تائين پنهنجو سڀ کان اهم ڪتاب سمجهندو هو. انهي جو نالو Corydon هو. اهو هم جنس پرستي تي هڪ معذرت آهي. پر انهي جي حيثيت معذرت کان گهڻي وڌيڪ هئي. اهو سندس پنهنجن جنسي لاڙن جو سرعام اظهار ۽ وڏي همٿ جو ڪم هو. انهي کان سواءِ اهو هڪ عظيم آرٽسٽ پاران عقيدي جو اظهار ۽ بذات خود هڪ فن پارو هو. انهي جو عوام تي اهو اثر پيو جو فقط انهيءَ ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ويو ته اهڙين صلاحيتن ۽ اهڙي ناماچاري واري ماڻهو کي پنهنجي هڪ غير رواجي ڳالهه ظاهر ڪندي خوشي پئي ملي ۽ غير رواجي ڳالهه به اهڙي جنهن کي صحيح دماغ رکندڙ سڀ ماڻهو سخت ناپسند ڪن ٿا.

اها هم جنس پرستي ئي اهو ويڇو هئي جيڪو گائيڊ ۽ سندس زال جي وچ ۾ پئجي ويو هو. ميڊيلين کي جيتوڻيڪ طلاق وٺڻ جا سٺا سبب هئا پر انهي جي باوجود به ٻنهي مان ڪنهن به فوراً عليحدگي نه ٿي چاهي. انهي مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته هو ٻئي جنهن تڪليف مان گذري رهيا هئا انهي جي باوجود انهي ميلاپ ۾ ضرور ڪا ڳالهه هئي جيڪا اڃا تائين اطمينان بخش طريقي سان ظاهر نه ٿي سگهي آهي جيتوڻيڪ گائيڊ تي ڪم ڪندڙ اسڪالر انهيءَ جو پتو لڳائڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن.

جيئن ته ڪوريڊان ۾ گائيڊ پاڻ کي اهڙي طرح ظاهر ڪري رهيو هو جيئن هيستائين ڪنهن جديد ليکڪ پاڻ کي ظاهر نه ڪيو هو ۽ جيئن ته ڪوريڊان ڪنهن سڌي سنئين بيان نه پر ٻن فرضي ڪردارن جي وچ ۾ دليل بازي واري انداز ۾ پيش ڪيل آهي تنهن ڪري انهي ۾ اهڙي شخصي وضاحت نه اچي سگهي ته گائيڊ جي پنهنجي هم جنسي پرستي جي اوسر ڪيئن ٿي؟ اهو ئي سبب هو جو گائيڊ ڪوريڊان جي ساٿي ڪتاب طور Si le grain ne meurt نالي هڪ آتم ڪهاڻڪ ٽڪرو ڇپرايو. اهو ڪتاب ڪوريڊان کان تمام گهڻو وڌيڪ وڪرو ٿيو. انهي جا سبب ٿوري دير ۾ ظاهر ٿيندا.

اهو ڪتاب (جنهن جو انگريزي ۾ نالو If It Die ٿيندو) ڪيترن ئي لحاظن کان دنيا جي عظيم ڪتابن جي هن مجموعي ۾ شامل ٿيڻ جي لائق آهي. پهرئين ڳالهه اها ته انهي ۾ هڪ فن پاري جي حيثيت ۾ گائيڊ جي هڪ ليکڪ طور پختگي اُڀري منظر تي اچي ٿي. ٻي ڳالهه ته واقعا جنهن نزاڪت سان بيان ٿيل آهن، ٻولي به اهڙي ئي نفيس ڪتب آندي وئي آهي ٽئين ۽ شايد سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ليکڪ جو مقصد انهي ڪتاب کي انهي صنف جي ٻين بين الاقوامي طور عظيم ڪتابن کان جدا ڪري بيهاري ٿو ڇاڪاڻ ته سندس مقصد آهي ته پنهنجي بابت ڪجھ به لڪائڻ کان سواءِ ٻڌائي ڇڏڻ.

ڪتاب جو عنوان، جيڪو ليکڪ پاران اهو ڪم ڪرڻ پٺيان اصل محرڪ ظاهر ڪري ٿو، اهو سينٽ جان جي انجيل جي ٻارهين باب جي چوويهين آيت مان ورتل آهي:

Except a corn of wheat fall into the ground and die, it abideth alone: but if it die, it bringeth forth much fruit.

اصل مقصد روسو جي مقصد جي مشابه آهي جنهن پنهنجي ڪتاب Confessions جي شروعات ۾ لکيو هو: ”آءٌ هڪ اهڙو ڪم هٿ ۾ کڻي رهيو آهيان جنهن جو اڳ ۾ ڪو نظير نه ٿو ملي ۽ اهو ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻيو ڪير انهي جي نقالي نه ڪري سگهندو. منهنجو مقصد اهو آهي ته پاڻ جهڙن ماڻهن کي فطرت جي سموري سچائي سان هڪ انسان ڏيکارڻ چاهيان ٿو ۽ اهو انسان آءٌ پاڻ هوندس.

روسو ۽ گائيڊ جي وچ ۾ مشابهت به تمام گهڻي آهي. ٻئي سچائي جي دعويٰ ڪن ٿا. ٻئي اٿندي سان ئي ڄڻ ته انهي سچائي جي ثبوت طور تمام شرم ناڪ ڳالهيون ٻڌائين ٿا. ٻنهي کي پنهنجو بار هلڪو ڪرڻ جي تڪڙ آهي. هنن کي انهي جو به خيال نه ٿو رهي ته انهي دوران انهن جي ڪيتري بي عزتي ٿي سگهي ٿي. ٻئي ساڳئي اندروني غرور جو اظهار ڪن ٿا.

”مون کي چڱي طرح احساس آهي“، گائيڊ ڪتاب جي پنجين پيراگراف ۾ لکي ٿو؛ هو انهي کان اڳ ئي اها ڳالهه بيان ڪري چڪو آهي ته هو ۽ هڪ ننڍڙو دوست ڊائننگ ٽيبل جي هيٺان هڪ ئي وقت مُٺ هڻندا هئا. ”مون کي چڱي طرح احساس آهي... آءٌ هي ۽ اڳتي ايندڙ ڳالهيون بيان ڪري پاڻ کي نقصان پهچائي رهيو آهيان. مون کي اڳواٽ احساس آهي ته انهن کي منهنجي خلاف ڪيئن ڪتب آندو ويندو. پر منهنجي ڪهاڻي جو واحد مقصد آهي سچ بيان ڪرڻ. مون کي چوڻ ڏيو ته آءٌ هي ڳالهيون توبهه ۽ ڪفاري طور لکي رهيو آهيان“.

پر ڪتاب اڳتي وڌڻ سان اها ڳالهه واضح ٿيندي وڃي ٿي ته جيتوڻيڪ فقط سچ ئي بيان ٿي رهيو آهي پر اهو چونڊيل سچ آهي. جڏهن ماڻهو گائيڊ جي ڪم مان واقف ٿئي ٿو ته اهو احساس ٿئي ٿو ته اهو جيئن آهي تيئن ئي ٿي سگهيو آهي اهو ٻي طرح نه ٿي سگهي ها. ڇاڪاڻ ته هو جيتوڻيڪ پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي لکي رهيو آهي پر سندس فن اها تقاضا ٿو ڪري ته سندس ڪهاڻي کي ڪا هيئت (form) هجي. اهڙي هيئت جيڪا نمونن (Patterns)، توازن، تناسب ۽ چٽائي ۾ نظر به اچي. اهي ڳالهيون حقيقي معنيٰ ۾ گذاريل چند زندگين ۾ ئي هونديون آهن.

هو پنهنجي ٻاروتڻ جي يادگيرين کان شروعات ڪري ٿو. انهن ۾ جيتوڻيڪ ڪو ربط ڪونهي پر اهي پڙهندڙ کي هڪ اهڙي ماحول ۾ ويڙهي وٺن ٿيون جيڪو اهو سمورو ڪتاب پڙهندي هن تي طاري رهندو. هو پيرس ۾ روڊي ميڊيسي ۾ هڪ فليٽ ۾ ڄائو هو. هو فقط هڪ يا ٻن ورهين جو هو ته سندس ماءُ پيءُ اهو فليٽ ڇڏي 2، روڊي ٽورنان تي هڪ سيڪنڊ فلور واري فليٽ ۾ اچي ويٺا هئا.

سندس پيءُ فيڪلٽي آف لا ۾ ليڪچرار هوندو هو. هن وٽ پنهنجي پٽ لاءِ تمام ٿورو وقت هوندو هو پر هن ٻار تي تمام نرمي جو احساس ڇڏيو. اندري پنهنجي پيءُ جي اسٽڊي روم ۾ فقط خاص طور سڏ ٿيڻ تي ئي ويندو هو ۽ اتي سندس پيءُ کيس ڪتابن مان ڪي ٽڪرا آواز سان پڙهي ٻڌائيندو هو. ”منهنجي پيءُ وٽ انهي بابت به ڪي خاص نظريا هوندا هئا ته هن کي مون کي ڇا پڙهي ٻڌائڻ گهرجي. منهنجي ماءُ وري انهن نظرين سان متفق نه هوندي هئي ۽ آءٌ اڪثر انهن کي هن موضوع تي بحث ڪندي ٻڌندو هوس ته ٻار جي ذهن لاءِ ڪهڙي غذا مناسب هئي“. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن روشن چٽي شام جو جڏهن پال گائيڊ گهڻو مصروف نه هوندو هو ته چوندو هو، ننڍڙو دوست واڪ (Walk) تي هلندو؟ هو پنهنجي پٽ کي ”منهنجو ننڍڙو دوست“ کان سواءِ ڪنهن نالي سان نه سڏيندو هو. هو جيئن ته ٿورو وقت ئي پاڻ ۾ گڏ گذاري سگهندا هئا تنهن ڪري هو جيڪي ٿورا گهڻا ڪم گڏجي ڪري سگهندا هئا انهن مان ”مون کي هڪ غير مانوس، ڳنڀير ۽ ڪجھ پراسرار احساس ٿيندو هو. انهي مان مون کي خوشي ملندي هئي.“ پر هن پنهنجي پٽ جي مستقبل ۾ سڀ کان بهترين ڪردار اهو ادا ڪيو جو هن پنهنجو سٺي ادب سان چاهه ننڍي عمر ۾ ئي هن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.

گائيڊ پنجن ورهين جي ڄمار ۾ اهڙو تعليمي سفر شروع ڪيو جيڪو تمام بي قاعدي، غير منظم ۽ نامڪمل رهيو. هن کي اڳ ۾ مادام فلوئير ۽ پوءِ مادام ليڪ بار طرفان هلندڙ ڪلاسن ۾ موڪليو ويو. ٻه ورهيه پوءِ انهن ڪلاسن ۾ مادام ڊي گيڪلن جي پيانو جي ڪلاسن جو اضافو ٿيو.

”آءٌ چاهيان ٿو ته“ گائيڊ لکي ٿو، ”آءٌ پنهنجي يادگيرين کي ڪنهن به ترتيب ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان سواءِ جيئن ذهن ۾ اينديون وڃن تيئن لکندو وڃان. آءٌ وڌ ۾ وڌ ايترو ڪري سگهان ٿو جو انهن کي جاين يا شخصيتن جي چوڌاري رکندو وڃان. منهنجو حافظو جاين بابت ورلي ڪا غلطي ڪندو آهي پر اهو تاريخون گهڻو ڪري منجهائي ڇڏيندو آهي“.

هو اهو ڪم ڪري ٿو پر اهڙي مهارت سان ٿو ڪري جو هڪ فن پارو تخليق ڪري ڇڏي ٿو. انهي جي باوجود انهي طريقي مان سندس ٻاروتڻ جو ڪو سنئون سڌو سوانحي خاڪو ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جاين، ماڻهن ۽ خاص طور مٽن مائٽن جون يادگيريون ايتريون ته ڪثرت سان اچن ٿيون جو انهن مان ڪو رسمي سلسلو ٺاهڻ ۾ ڪا مدد نه ٿي ملي. البت اهي سموريون يادگيريون انهي ڇوڪري جي پورٽريٽ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون جنهن مان اڳتي هلي مرد پروان چڙهندو.

سندس ماءُ پيءُ کان سواءِ هڪ ٻئي فرد سندس زندگي تي تمام گهڻو اثر وڌو. اها مادام گائيڊ جي عمر جي هڪ نوجوان اسڪاٽش عورت اناشيڪلٽن هئي. اها جوليٽ رونڊو (مادام گائيڊ) جي گورنيس طور رونڊو ڪٽنب ۾ داخل ٿي هئي. اها سندس ساٿي ٿي رهي هئي ۽ سندس شادي کان پوءِ سندس تمام گهاٽي سهيلي ٿي رهي هئي.

انا هر وقت برٿُ پئي ڀريندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پينٽنگ به ڪندي هئي. پر کيس نباتات(Botany) جو اڀياس تمام گهڻو وڻندو هو. هوءَ گلن ڦلن جي ڳولها ڦولها ۾ ٻاهر نڪري ويندي هئي ۽ مادام گائيڊ جيئن ته انهي کي پنهنجي پٽ جي ٿوري گهڻي ورزش جو سٺو موقعو سمجهندي هئي تنهن ڪري هو انا سان گڏجي ويندو هو. اهڙي طرح انا وارو شوق هن ۾ به سمائجي ويو ۽ هن ۾ نيچرل سائنسز جو اهڙو شوق پيدا ٿيو جنهن سندس سوچ ۽ فن ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

جلدئي اهو وقت اچي ويو جڏهن کيس ليڪ بار جي سبقن کان وڏو سمجهي ايڪول السيشين(Ecole Alsacienne) موڪليو ويو. بدقسمتي سان کيس اتي اڃا گهڻو وقت ئي نه گذريو هو جو هڪ ڏينهن کيس هڪ استاد ڪلاس هلندي مٺ هڻندي ڏسي ورتو ۽ کيس ٽن مهينن لاءِ نيڪالي ڏني وئي. پال گائيڊ انهي واقعي تي ايترو حيران نه ٿيو جيترو سندس پٽ کي ڏنل سخت سزا تي حيران ٿيو. جڏهن ته سندس زال ته هراسجي پنهنجي پٽ کي سموري فرانس ۾ ڊاڪٽرن وٽ گهليندي پئي وتي ته من ڪو ”علاج“ ملي پوي.

پوءِ هن وٽ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترائي خانگي استاد آيا ڇاڪاڻ ته هو اهڙن ڪيترن ئي نفسياتي ۽ اعصابي مسئلن جو شڪار ٿي ويو هو جن سبب هو ايڪول السيشن واپس نه ٿي وڃي سگهيو ۽ هو ٻين اسڪولن ۾ به ٿوري ٿوري وقت کان وڌيڪ نه رهي سگهيو. انهن استادن ۾ به هر قسم جا ماڻهو شامل هئا ۽ ڇوڪري کي عملي طور ڪجھ به نه پڙهايائون. ايستائين جو مونشيئر رچرڊ نالي هڪ استاد هٿ آيو. هو ٻين کان ڪجھ بهتر هو ۽ کيس ايترو اڻ پڙهيل رهجي وڃڻ کان بچائي ورتائين جيترو هو جيڪر ٻي صورت ۾ رهي ها. اهو به چڱو ٿيو جو هن جي پيءُ پاران ادب ۽ انا شيڪلٽن پاران باٽني سان تعارف سبب کيس ٻه جذباتي لڳاءُ واريون دلچسپيون ملي ويون. جيڪڏهن اهي به ڳالهيون نه هجن ها ته عالمي ادب پاران پنهنجي هڪ ڏات ڌڻي کان محروم ٿي وڃڻ تي ڪا حيرت نه ٿئي ها.

هو پنهنجي ننڍپڻ جا واقعا بيان ڪري ٿو: سندس عجيب تعليم، کيس بار بار ٿيندڙ بيماريون، سندس دوستيون، سندس مائٽ (سندس سوٽ ايمانيوئيل- ميڊيلين- خاص طور) هو جن جاين تي ويو هو، جن ٻاراڻين مهم جوئين ۾ حصو ورتو هئائين پر هو واقعن جي چونڊ ۾ عجيب پسند ڏيکاري ٿو جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ته بلڪل معمولي ٿا لڳن پر انهي هوندي به ماڻهو پاڻ کي انهي عجيب طلب ۾ جڪڙيل محسوس ڪري ٿو ته ننڍي کان ننڍي شي بابت وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي. پر اهو ڪم جنهن مهارت سان ڪيو وڃي ٿو انهي جو ادراڪ اوچتو انهي وقت ٿئي ٿو جڏهن هڪ دلڪش شخصيت جو پورٽريٽ اسان جي سامهون ظاهر ٿئي ٿو. هاڻي ئي ماڻهو کي اها خبر پوي ٿي ته گائيڊ کي پاڻ بابت فقط ۽ فقط سچ ٻڌائڻ واري پنهنجي مقصد ۾ ڪيتري نه ڪاميابي حاصل ٿي آهي ڇاڪاڻ ته فقط سچ جي اظهار سان ئي اهڙو پورٽريٽ منظر تي اچي سگهي ٿو.

هيستائين سندس زندگي ۾ سڀ کان وڏو اثر سندس ماءُ جو رهيو هو ۽ هن جي پورٽريٽ کان پوءِ جيڪو سڀ کان اهم پورٽريٽ سامهون اچي ٿو اهو به اڻٽر طور سندس ماءُ جو ئي آهي. اها ڳالهه ظاهر آهي ته گائيڊ کي سدائين پنهنجي ماءُ لاءِ تمام وڏي عزت هوندي هئي ۽ هو کيس ڏاڍو پسند ڪندو هو. ساڳئي وقت اها ڳالهه به ساڳئي طرح ظاهر آهي ته انهن جي تعلق ۾ ڪا گرم جوشي نه هوندي هئي. انهي جو واحد سبب هن پاران پنهنجي لاءِ ٺاهيل سخت معيارن تي سختي سان ڄمي بيهڻ هو. انهن، جيئن اسين پاڻ ڏسي سگهون ٿا، گائيڊ ۾ چڙ جو اهڙو احساس پيدا ڪيو جيڪو هو ڪڏهن ڪڏهن ته لڪائڻ جي ڪوشش به نه ٿو ڪري.

ڪتاب جو لڳ ڀڳ منو حصو نوجوان جي پنجويهن ورهين جي ڄمار تائين پهچڻ تي ٻڌل آهي. انهي کان پوءِ اسين ڏاڍي اهميت واري آفريقي سفر تي پهچون ٿا.

هڪ نوجوان آرٽسٽ دوست پال لارينس کي 1893ع ۾ هڪ سفري اسڪالرشپ ملي جنهن تحت کيس هڪ سال لاءِ ٻاهر وڃي ڪم ڪرڻو هو. گائيڊ به فرانس کان ٻاهر سفر ڪرڻ جو سوچي رهيو هو ۽ هڪ سوٽ پاران هڪ سائنسي مهم تي هن سان آئس لينڊ گڏجي وڃڻ جي دعوت قبول ڪرڻ تي هو جو لارينس پنهنجي سفري ساٿي طور منهنجي چونڊ ڪئي.

اهي آڪٽوبر 1893ع ۾ مارسيلز مان تيونس روانا ٿيا، گائيڊ کي مارسيلز ۾ ٿڌ لڳي وئي هئي پر پنهنجي بيماري بابت ڪجھ به نه ٻڌايائين. پر آفريقا پهچندي پهچندي هو واقعي بيمار ٿي پيو ۽ تمام معمولي چرپر به کيس ساڻو ڪري وجهندي هئي. پوءِ هن جي صحت ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي ۽ هو لارينس سان وڃي مليو جتي هو پينٽنگ ڪري رهيو هو. هاڻي سندس نوجوان عرب رهبر(guide) کيس انهي جاءِ ڏانهن وٺيو ٿي ويو جتي لارينس پنٽنگ ۾ مصروف هو جو هن عرب کيس واضح ٻڌائي ڇڏيو ته گائيڊ جيڪڏهن هن سان جنسي لاڳاپا نه رکيا ته کيس ڏک ٿيندو.

انهي اوچتي ٽاڪري تي کيس احساس ٿيو ته هو به مڪمل طور هم جنسي لاڙا رکي ٿو. سندس زندگي جي انهي نقطي تائين هن کي ذري برابر به خبر نه هئي ته ڪو ائين به ٿي سگهي ٿو ۽ انهي احساس ۽ انهي وقت ۽ انهي جاءِ تي اها آڇ قبول ڪرڻ سان کيس تمام گهڻو آرام مليو.

پر انهي جو ردعمل به پيدا ٿيو ۽ سندس سموري پرورش ۽ پالنا کيس غير محسوس طور جنهن ڳالهه کي غلط سمجهايو هو هن انهي کان انڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو ٿوري وقت لاءِ انهي ۾ ڪامياب به ٿيو پر سندس ماءُ جو سندس ٽهل ٽڪور ڪرڻ آئي ۽ کيس جو نوجوان جي سرگرمين جي خبر پئي ته هڪ گهوٽالو پيدا ٿي ويو ۽ هن انهي ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو جنهن کي پنهنجي قسمت سمجهيائين ٿي.

”مون ائين ٻڌو، ائين ڏٺو ۽ ائين ساهه کنيو جيئن اهي ڪم اڳ ۾ نه ڪيا هئا... مون کي وٺ، منهنجي جسم ۽ روح کي وٺ، مون رڙيون ڪيون آءٌ ڪنهن نامعلوم اپالو جي آڏو سڏڪن ۾ پنهنجي دعا جا لفظ چئي رهيو هوس. آءٌ تنهنجو آهيان، فرمانبردار، اطاعت گذار، منهنجي اندر کي روشن ڪري ڇڏ! روشن ۽ هوادار! منهنجي تنهنجي خلاف جدوجهد بيسود ثابت ٿي آهي. پر هاڻي مون توکي سڃاتو آهي. تنهنجي ئي رضا هلندي! آءٌ اڳتي ڪا به مزاحمت نه ڪندس. آءٌ تنهنجي هٿن ۾ آهيان. مون کي سنڀال!“.

اهڙي طرح منهنجو منهن ڳوڙهن ۾ آلو لڳو پيو هو جو آءٌ هڪ اهڙي سحر انگيز دنيا ۾ داخل ٿيس جيڪا کِل خوشي ۽ اجنبيت سان ڀريل هئي.

سندس بيماري ختم ٿي وئي.

ڪتاب سندس ماءُ جي وفات ۽ هن جي ميڊيلين سان مڱڻي تي ختم ٿئي ٿو. پر آخري کان پهرئين سيڪشن ۾ لارڊ الفريڊ ڊوگلس ۽ آسڪروائيلڊ سان هڪ دلچسپ ملاقات جو ذڪر آهي.

پنهنجي هم جنسي پرستيءَ کان واقف ٿيڻ کان پوءِ به هن پاران ميڊيلين سان شادي ڪرڻ عجيب ٿو لڳي ۽ لڳي ٿو ته هن کي انهي شادي مان ڪو ”علاج“ ملڻ جي اميد هوندي. هن ۽ ميديلين کي ڪو ٻار نه ٿيو پر 1923ع ۾ ايلزبيٿ وان ريسل برگ سندس ڌيءُ ڪيٿرائين کي جنم ڏنو.

هو 1925ع ڪانگو ويو ۽ اتي حڪومت پاران خاص اجازت تحت ڪم ڪندڙ ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ سلوڪ تي ڪَنبي ويو. هن پوءِ Voyage au congo لکيو جنهن جي نتيجي ۾ انڪوائري ڪميشن ٺهي ۽ ڪجھ سڌارا عمل ۾ آيا.

لڳ ڀڳ اسپيني گهرو لڙائي واري وقت دوران هن کي ٿوري وقت لاءِ ڪميونزم سان وابستگي ٿي وئي پر 1936ع ۾ روس جو دورو ڪرڻ کان پوءِ هو مايوس ٿي ويو. هن ٻي جنگ عظيم اتر آفريڪا ۾ گذاري. هو 1946ع ۾ پيرس موٽيو ۽ زندگي جا باقي ورهيه اتي گذاريائين.

هن کي 1947ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو ۽ 19- فيبروري 1951ع تي پيرس ۾ فوت ٿي ويو. کيس عالمي طور جديد فرانس جو هڪ حقيقي معنيٰ ۾ عظيم ڏات ڌڻي مڃيو ويو. 
 

84. ٽو دي لائيٽ هائوس

-- ورجينيا وولف --

 

ورجينيا اسٽيفن ”دي ڊڪشنري آف نيشنل بايوگرافي“ جي مولف سرليسلي اسٽيفن جي ڌيءُ هئي. هو 1882ع ۾ ڄائي. هن 1912ع ۾ ليونارڊ وولف سان شادي ڪئي جيڪو هڪ ليکڪ ۽ سوشيالاجسٽ هو. انهن گڏجي هوگارٿ پريس جو بنياد وڌو. ”دي وائيج آؤٽ“ ۽ ”نائيٽ ائنڊ ڊي“ کان سواءِ سندس سڀ ڪتاب انهي ۾ ڇپيا. سندس پهرئين ٽن ناولن کي پوري ساري ڪاميابي ملي ۽ 1925ع ۾ Mrs. Dalloway ڇپجڻ سان سندس شهرت ۾ اڃا واڌارو ٿيو. انهي ۾ هن انهي اسلوب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو اڳتي هلي Stream of consciousnessٽيڪنيڪ جي نالي سان مشهور ٿيو. ناول نگار اِي.ايم.فارسٽر جيڪو سندس همعصر ۽ دوست هو هن انهي بابت هي لفظ چيا آهن: ”اهو هڪ احساس سان مشابهت رکي ٿو. اهو ڪنهن شي متعلق نه هو. اهو خود ڪا شي هو. هن خود پنهنجي طريقي بابت هڪ مضمون ۾ لکيو آهي جيڪو سندس وفات کان پوءِ The Moment ۾ 1947ع ۾ ڇپيو هو:

”فرض ڪريو ته توهان لنڊن ۾ گهمندي ڦرندي هڪ مصروف ڏينهن گذاريو ٿا. توهان واپس اچڻ تي ٻڌائي سگهندا ته توهان ڇا ڇا ڏٺو ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا؟ ڇا سڀ شيون منجهيل ۽ غير واضح نه هونديون آهن؟ پر ڪجھ آرام ڪرڻ کان پوءِ، ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ مصروف ٿي وڃڻ کان پوءِ اهي ڳالهيون، آواز ۽ منظرجن ۾ توهان کي سڀ کان وڌيڪ دلچسپي هوندي آهي اهي پنهنجو پاڻ سطح تي تري ايندا آهن ۽ ياد رهجي ويندا آهن ۽ جيڪي شيون غير اهم هونديون آهن اهي ويسر ۾ ٻڏي وينديون آهن. ليکڪ جو به اهو ئي حال ٿيندو آهي. سڄي ڏينهن دوران سخت مصروف هوندي، هيڏانهن هوڏانهن گهلجندي هو جيڪو ڪجھ ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهي انهن بابت پنهنجي ذهن جي ڪتاب ۾ بيشمار نوٽ وٺندي ليکڪ شعوري طور باخبر نه رهندو آهي. پر حقيقت ۾ سندس تحت شعور وڏي رفتار سان ڪم ڪندو رهندو آهي. جڏهن ته سندس ذهن جو مٿيون حصو ننڊ جي گهيرٽن ۾ هوندو آهي. پوءِ ڪجھ ساهي کان پوءِ پردو کڄي ويندو آهي ۽ اها شي ظاهر ٿي بيهندي آهي. اها شي جنهن بابت هو لکڻ چاهيندو آهي“.

ورجينيا وولف ڪو سادو بيان نه لکندي هئي جنهن ۾ فقط ڪا ڳالهه ٻڌايل هجي، هن کي جنهن ڳالهه ۾ دلچسپي هوندي هئي ۽ جيڪا ڳالهه هو سدائين نئين سر تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندي هئي اها هئي انساني ذهن ۾ سوچن ۽ احساسن جو هڪ ٻئي تي عمل. هو انهي انداز کي نئين سر پيدا ڪري پنهنجن ڪردارن جي شخصيت کي اجاگر ڪندي هئي. اڪثر ليکڪ ماڻهن جي ٻاهرئين حصي کي تصور ۾ آڻيندا ۽ بيان ڪندا آهن. ورجينيا وولف تقريباً مڪمل طور انهن جي اندروني احساسن ۽ سوچن بابت لکيو ۽ اهڙي طرح انهن کي وڌيڪ گهرائي ۽ هڪ نئون رخ(Dimension) ڏنو.

ٽو دي لائيٽ هائوس لکڻ- اهو 1927ع ۾ ڇپيو- هن لاءِ تمام وڏي شخصي معنيٰ پيو رکي. هن انهي بابت ڪيترا ورهيه پوءِ چيو هو: ”آءٌ پنهنجي ماءُ پيءُ بابت روزانو سوچيندي هئس پر ٽو دي لائيٽ هائوس لکڻ سان اهي منهنجي دماغ ۾ محفوظ ٿي ويا. مون کي انهن ٻنهي بابت خبط ٿي ويو هو. اهو غير صحتمنداڻو عمل هو ۽ انهن بابت لکڻ هڪ ضروري ڪم ٿي پيو هو“.

هن جڏهن اهو شروع ڪيو تڏهن سندس عمر 43 ورهيه هئي. سندس ماءُ 30 ورهيه اڳ ۽ پيءُ 20 ورهيه اڳ فوت ٿي ويا هئا. انهي جي متن تي اڳواٽ ڪم ڪندي هن لکيو هو: ”اهو ڪافي مختصر ٿيندو، انهي ۾ بابا جو مڪمل ڪردار هوندو ۽ امان جو، سينٽ آئيوس، ننڍپڻ، ۽ زندگي، موت جهڙيون دستوري ڳالهيون به آءٌ انهي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪنديس“. هو جڏهن ننڍي هوندي هئي ته ٻئي سموري ڪٽنب سان گڏ پنهنجي سينٽ آئيوس واري اونهاري واري گهر ۾ ويندا هئا. اتي گذاريل وقت سندس ذهن ۾ محفوظ ٿي ويو هو. سندس موت کان پوءِ سندس ڊائري ڇپي ته انهي تي سندس مڙس پنهنجي نوٽ ۾ لکيو آهي ته: ”اهي اونهاري جا ڏينهن بي مثال خوشي جا هوندا هئا ۽ ٽو دي لائيٽ هائوس انهي خوشي سان ٽمٽار آهي“. هو سيٽنگ سينٽ آئيوس کان تبديل ڪري Isle of Skye کڻي وئي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي جاءِ تي مسٽر ۽ مسز رامسي جا نالا ڏنائين. اهي مرڪزي ڪردار آهن، هن اهو ئي چاهيو ٿي، ۽ گهر جا ٻيا ماڻهو انهن جا اٺ ٻار ۽ ڇهه مهمان اپگرهن وانگر انهن جي چوگرد ڦرن ٿا.

ڪتاب شروع ٿيڻ وقت سيپٽمبر مهيني جي هڪ روشن شام آهي. مسز رامسي ٽيريس تي هڪ دريءَ جي ڀرسان ويٺي ڪو جوراب اُڻي رهي آهي. سندس ڀرسان سڀ کان ننڍو پٽ ڇهن ورهين جو جيمس ويٺو آهي. هو آرمي اينڊ نيوي اسٽورز ڪيٽلاگ مان تصويرون ڪٽي رهيو آهي. هن ٿوري دير اڳ کيس ٻڌايو آهي ته سڀاڻي جيڪڏهن ڏينهن سٺو هوندو ته اهي ٻيڙي جي سفر تي ويندا ۽ خليج پار ڪري لائيٽ هائوس تائين ويندا ۽ سندس لفظن تمام گهڻي خوشي پهچائي. ائين پئي لڳو ته ڄڻ اها ڳالهه طي ٿي وئي هئي ته سير تي ضرور هلبو ۽ هو جنهن خوشي جي انتظار ۾ هو- لڳو ائين ٿي ته انتظار ۾ ڪي ورهيه گذري ويا آهن- اها جيتوڻيڪ رات کان پوءِ صبح ٿيڻ تي ٻيڙي ۾ هڪ ڏينهن جيتري سفر جي برابر ته هئي پر اکين آڏو ڏسڻ ۾ پئي آئي. انهي هڪڙي جملي ۾- اهو ڪتاب ۾ ٽيون جملو آهي- ڪم جو سمورو دائرو بيان ڪيو ويو آهي: ڏينهن جو باقي حصو، هڪ رات ۽ ٻئي ڏينهن جو حصو.

پر مسز رامسي جيڪو ڪجھ چوي ٿي اهو سندس مڙس ٻڌي ٿو وٺي. هو هڪ مهمان چارلس ٽينسلي سان گڏ ٽيريس تي واڪ ڪري رهيو هو. هو سندس ڳالهه ۾ درستگي ڪندي چوي ٿو ته: امڪان اهو آهي ته سڀاڻي ڏينهن سٺو نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته هوا غلط رخ کان پئي هلي. هو وري چهل قدمي شروع ٿو ڪري. هو انهي ڳالهه کان بلڪل واقف نه آهي ته سندس ننڍڙي پٽ سندس تباهه ڪن منطق تي ڪيترو نه شديد نفرت وارو ردعمل ڏيکاريو آهي. پر مسز رامسي انهي کان واقف آهي. ”ڇڪتاڻ، ويڇا، راء جو اختلاف، تعصبي سوچون سڀ وجود جي ريشن ۾ وڪوڙجي ويا آهن، جيڪر اهي جلدي شروعات ڪن“. هوءَ پنهنجي منهن ڳالهائي ٿي.

جيئن ڪنهن فلم ۾ ڪيميرا جلدي جلدي ۾ هڪ منظر تان ٻئي منظر تي ايندي ويندي آهي تيئن ورجينيا وولف به پنهنجي تحرير ۾ بغير ڪنهن تمهيد جي هڪ ڪردار کان ٻئي ڪردار ڏانهن اچي ويندي آهي. پيرسن شاعر آگسٽس ڪارميڪائيل لان ۾ ڊيڪ چيئر تي ويٺو اس وٺي رهيو آهي. سندس شهپر سفيد ۽ ڏاڙهي ۾ زردي رنگ جون ڌاريون آهن. هن کان ڪجهه پرڀرو ٽيٽيهن ورهين جي مس للي برسڪو پنهنجي ايزل ۽ ڪينواس جي سامهون بيٺي آهي. اها گهر ۽ ٽيريس تي مسز رامسي ۽ جيمس جي تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي- انهي وقت اوچتو کيس محسوس ٿئي ٿو ته کيس انهي جاءِ ۽ انهي ۾ موجود سڀني ماڻهن سان محبت ٿي وئي آهي. وليم بينڪس- هورنڙ آهي ۽ عمر ۾ جيڪر سندس پيءُ لڳي- سندس ويجھو اچي ٿو ۽ سندس تصوير کي ڏسڻ بيهي رهي ٿو. اهي گڏجي واڪ تي وڃڻ جو فيصلو ڪن ٿا. هو رامسي جي هڪ ٻار ستن ورهين جي ڪيم (Cam) وٽان لنگهن ٿا جيڪو گل پٽي رهيو هو (اها شايد ورجينيا وولف جي سندس پنهنجي نئين سر تخليق هئي). وليم بينڪس ٻارن بابت سوچي ٿو. هن لاءِ اهو ياد رکڻ ڏکيو آهي ته انهن مان ڪنهن جو نالو ڪهڙو آهي يا انهن مان ڪير ڪنهن جي مٿان آهي. هو انهن کي پنهنجي منهن انگلينڊ جي بادشاهن ۽ راڻين جي نالن پٺيان Cam the Wicked, James the Ruthless، Andrew the just ۽ Prue the Fair جي نالن سان سڏيندو آهي.

جڏهن هو ۽ لِلي برسڪو ڀرسان لنگهن ٿا ته مسز رامسي سوچي ٿي ته اهي شايد ڪنهن ڏينهن شادي ڪندا ۽ هوءَ انهي کي ”هڪ ساراهه جوڳو خيال“ سمجهي ٿي. ”مسٽر رامسي ٽيريس تي واڪ ڪندي هن سان هڪ دفعو ٻيهر انهي ڳالهه تي مختصر بحث ڪري ٿو ته سڀاڻي ڏينهن سٺو ٿيندو يا نه ۽ وري واڪ ڪرڻ لڳي ٿو. انهي دوران هن جو ذهن ڏاڍي آرام سان دي ٽائيمز ۾ آيل هڪ ليک ۾ انهي فرضي صورتحال بابت سوچڻ لڳي ٿو... جيڪڏهن شيڪسپيئر جو وجود نه هجي ها ته ڇا دنيا انهي کان گهڻي مختلف هجي ها جهڙي اڄ آهي؟ ڇا تهذيب ۾ واڌاري جو دارومدار عظيم ماڻهن تي آهي؟ ڇا عام ماڻهو جي حالت انهي کان بهتر آهي جهڙي فرعون جي دور ۾ هئي؟ وري هن پاڻ کان پڇيو ته ڇا عام ماڻهو جي حالت ئي اها ڪسوٽي آهي جنهن تي اسين تهذيب جي معيار جي پرک ڪريون....“.

للي برسڪو گهٽي مان لنگهندي وليم بينڪس کي پنهنجو پينٽنگ جو Impressionisticاسٽائيل سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. مسز رامسي جيمس کي هڪ آکاڻين جو ڪتاب ڏيکاريندي ٻن نوجوان مهمانن پال ريلي ۽ منٽا ڊوئيل بابت سوچي رهي آهي جيڪي پڻ ٻاهر واڪ ڪري رهيا آهن. هوءَ سوچي ٿي ته ڇا پال کيس شادي جو ته نه چئي رهيو آهي. آهستي آهستي اوندهه ٿيندي وڃي ٿي ۽ ٽيپهري شام ۾ بدلجي وڃي ٿي ۽ اوچتو خليج جي پرئين ڀر لائيٽ هائوس جي بتي چمڪڻ لڳي ٿي. ملڊريڊ بورچي ٽيريس تي اچي ٿو ۽ جيمس کي بستري ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اهي وڃن ٿا ته مسز رامسي ڏسي ٿي ته هو سڀاڻي لائيٽ هائوس نه وڃي سگهڻ تي ڏاڍو مايوس آهي. هو سوچي ٿي ته هو شايد سموري زندگي اها ڳالهه ياد رکندو.

جڏهن سندس مڙس وري هن جي ڀرسان لنگهي ٿو ته هوءَ اٿي بيهي ٿي ۽ سندس ٻانهه ۾ هٿ وجھي ٿي. اهي گڏجي باغ جو چڪر ڏين ٿا ۽ انهي دوران پنهنجن ٻارن بابت ڳالهائين ٿا. پوءِ هو پنهنجن ٻن ٻارن پرو ۽ جيسپر کي ڏسڻ بيهي رهن ٿا جيڪي بال سان راند کيڏي رهيا آهن. اهي جڏهن موٽن ٿا ته للي برسڪو ۽ وليم بينڪس انهن کي ڏسن ٿا. للي سوچي ٿي، ”اها شادي آهي، هڪ مرد ۽ هڪ عورت هڪ ڇوڪري ڏانهن ڏسي رهيا آهن جيڪا بال اڇلائي رهي آهي.“

اتان وقت آهستگي سان پٺتي موٽي ٽيپهري ڏانهن اچي وڃي ٿو. پال ريلي ۽ مِنٽا ڊوئيل ٻن ٻين ٻارن اينڊريو ۽ نينسي سان گڏ سمنڊ ڪناري تي آهن. اهي منٽا ۽ پال کي هڪ پهڻ جي پٺيان هڪ ٻئي کي مِٺيون ڏيندي ڏسن ٿا ته ڇرڪجي وڃن ٿا. منٽا جو بروچ ڪري پوي ٿو. ايندڙ وير سبب ڳولها ڪرڻ ناممڪن ٿي پوي ٿي. پال هن سان واعدو ڪري ٿو ته هو سڀاڻي صبح جو اتي ايندو ۽ انهي جي ڳولها ڪندو. شام پڄاڻي تي پهچي ٿي ۽ اهي واپس گهر ڏانهن موٽن ٿا. ”اهي جڏهن ٽڪري تي پهتا ۽ هيٺان شهر جون روشنيون نظر آين ته هڪ ٻئي پٺيان اوچتو نظر ايندڙ روشنيون کيس ائين نظر آيون ڄڻ ته اهي هن جي زندگي ۾ ٿيندڙ ڪي واقعا هجن. سندس شادي، سندس ٻار، سندس گهر....“

پوءِ ڪتاب جو مکيه سين اچي ٿو. گهر ۾ رات جي کاڌي جي وسيع ميز ڏيکاريل آهي. انهي جي چوڌاري پندرهن ماڻهو ماني لاءِ گڏ ٿيا ويٺا آهن. ملڊريڊ پنهنجي خاص ڊش Boeufen Daubeپيش ڪري ٿي. اهو لذيذ ڳاڙهن ۽ زردي رنگ جي گوشتن جو مرڪب آهي. انهي ۾ خوشبودار پن ۽ وائين به شامل آهي. ميز تي ميڻ بتين جي روشني آهي. مک ڪرسي تي مسٽر رامسي ويٺو آهي. هو خوشي سان پنهنجي ڪٽنب ۽ مهمانن کي ڏسي رهيو آهي. للي برسڪو پنهنجي پينٽنگ ۾ ڪمپوزيشن جي هڪ مسئلي بابت پريشان آهي پر انهي کي حل ڪري وٺي ٿي ۽ ميز پوش تي لوڻ داني کي ڦيري سيري اها ڳالهه پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ٿي ته هو وڻ کي ڪيئن نئين جاءِ تي رکڻ چاهي ٿي. چارلس ٽينسلي پاسيرو ۽ چڙيو ويٺو آهي ۽ ڳالهائي ٻولهائي به گهٽ ٿو. هڪ ٻئي جي محبت ۾ گرفتار پال ريلي ۽ منٽا ڊوئيل خوشي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. مسز رامسي انهن کي ڏسي ٿي ۽ پوءِ ٽيبل جي آخر ۾ ويٺل پنهنجي سڀ کان وڏي ڌيءُ پرو(Prue) ڏانهن ڏسي ٿي ۽ اميد ڪري ٿي ته هوءَ هڪ ڏينهن انهي کان به وڌيڪ خوش هوندي جيتري هاڻي منٽا آهي.

ماني ختم ٿيڻ کان پوءِ مسز رامسي ڪمري مان نڪري وڃي ٿي. پر رستي ۾ هوءَ ڪنڌ ورائي منظر تي نظر وجھي ٿي. ”هن پاران ڏسڻ وقت ئي اهو غائب ٿيندو پئي ويو، ۽ پوءِ جيئن هوءَ ڦري ته اهو تبديل ٿي ويو. انهي پاڻ کي مختلف شڪل ۾ آڻي ڇڏيو هن کي خبر هئي ته هن جيئن ڪنڌ ورائي پٺتي نهاريو هو ته اهو اڳيئي ماضي ٿي ويو هو. هوءَ سڀ کان ننڍن ٻارن جيمس ۽ ڪِم کي ڏسڻ مٿي وڃڻ لڳي ٿي جيڪي سمهيا پيا آهن. هوءَ مٿي ويندي، سندس پٺيان ڊائننگ روم وارن ماڻهن، انهن سڀني ۾ موجود احساسن جي هڪ جهڙائي، اهي ايندڙ ورهين ۾ هڪ ٻئي کي، هن گهر کي ۽ کيس ڪيئن ياد رکندا جهڙين ڳالهين بابت سوچيندي وڃي ٿي.

هوءَ ٻارن کي شب بخير چوڻ کان پوءِ وري هيٺين منزل تي موٽي اچي ٿي. پال، منٽا، سڀئي ٻار ۽ ٻيا مهمان چنڊ جي روشني ۾ ويرون ڏسڻ سمنڊ ڪناري وڃي رهيا آهن. مسز رامسي ڊرائنگ روم ۾ وڃي ٿي جتي سندس مڙس ويٺو آهي. اهي هڪٻئي جي سامهون ويهي پڙهڻ لڳن ٿا ۽ وقت بوقت هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي مسڪرائين ٿا. اهي هڪ ٻئي جي چاهه ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيا آهن.

جلدئي ٻار ۽ مهمان موٽي اچن ٿا ۽ سڀ ڪو بستري ۾ هليو وڃي ٿو. گهر ۾ سانت لڳي پئي آهي. هر طرف اوندهه آهي سواءِ انهي ڪمري ۾ جتي آگسٽس ڪار ميڪائيل بستري ۾ جاڳيو ويٺو آهي. هو ميڻ بتي جي روشني ۾ ورجل پڙهي رهيو آهي. هو اڌ رات کان پوءِ اها وسائي ڇڏي ٿو. هر طرف ماٺ آهي. رات گذرڻ شروع ٿئي ٿي...

پر فقط اها ئي رات نه پر ڪيتريون ئي راتيون گذرن ٿيون. نه فقط چند ڪلاڪ پر ڏاڍي تصوراتي ذهن سان لکيل ڪنهن تحرير ۾ ڏهن ورهين جو عرصو به گذري وڃي ٿو. ”آخر هڪ رات ڇا آهي؟ هڪ ننڍڙو عرصو. بهرحال رات کان پوءِ رات اچي ٿي. سيارو انهن جي هڪ دستي (Pack) کي سنڀالي رکي ٿو ۽ انهن کي برابر نموني ۾ اجيت آڱرين سان ورهائي ٿو. اهي ڊگهيون ٿين ٿيون، اهي اونداهيون ٿين ٿيون... هاڻي راتيون هوا ۽ تباهي سان ڀريل آهن...“ پوءِ هڪ اوچتي جملي ۾ هڪ ڌڪ سان هڪ مرڪزي ڪردار هٽايو وڃي ٿو بلڪل ائين جيئن زندگي ۾ گهڻو ڪري موت ڪنهن کي هٽائي ڇڏيندو آهي... ”مسٽر رامسي هڪ اونداهين صبح جو هڪ رستي تي ٿاٻڙجي پنهنجون ٻانهون کوليون پر مسز رامسي هڪ رات اڳ ڪجھ اوچتو فوت ٿي وئي هئي، هن پنهنجيون ٻانهون وڌايون. اهي خالي رهجي ويون“.

۽ پرو جنهن جي لاءِ سندس ماءِ خوشي جي تمنا ڪئي هئي انهي شادي ڪئي آهي ۽ جلدئي پوءِ ويم سان لاڳاپيل ڪنهن بيماري ۾ گذاري وئي. اينڊريو رامسي 18- 1914ع واري عظيم جنگ ۾ خندقن ۾ مارجي ويو. سال گذرڻ سان گهر ۾ ماٺ ٿيندي وڃي ٿي ۽ ڪير به انهي جي سار سنڀال نه ٿو لهي. اتي فقط پوڙهي مسز ميڪ نيب ڪڏهن ڪڏهن نظرداري ۽ انهي جي ماضي کي ياد رکڻ اچي ٿي. ”ڪٻٽن ۾ ڪپڙا رکيا هئا. اهي سڀني بيڊرومن ۾ ڪپڙا ڇڏي ويا هئا. هوءَ انهن کي ڇا ڪري؟ انهن ۾ تڏون پئجي ويون هيون. مسز رامسي جون شيون. ويچاري مائي! هن کي وري ڪڏهن انهن جي ضرورت نه پوندي. ماڻهو چون ٿا هوءَ ڪيترا ورهيه اڳ لنڊن ۾ فوت ٿي وئي. هوءَ کيس هڪ ٻار جي ذريعي ڏسي سگهي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org