سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:11 

28. وڪار آف ويڪ فيلڊ

-- اوليور گولڊ سمٿ --

”هڪ صبح جو ”اهي ڊاڪٽر جانسن جا لفظ آهن“، مون کي گولڊ سمٿ جو نياپو مليو ته هو تمام وڏي مصيبت ۾ آهي ۽ مون وٽ اچي به نه ٿو سگهي تنهن ڪري گذارش ڪيائين ته جيترو جلد ٿي سگهي آءٌ هن وٽ اچان. مون هن ڏانهن هڪ گِني موڪلي ۽ واعدو ڪيو ته سڌو هن وٽ ٿو اچان. پوءِ آءٌ ڪپڙا پهري نڪتس ۽ هن وٽ ويس ۽ ڏٺم ته هو جنهن گهر ۾ مسواڙ تي رهندو هو ان جي مالڪياڻيءَ مسواڙ نه ڏيڻ سبب کيس گرفتار ڪرايو هو. انهي تي هو ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هو. مون محسوس ڪيو ته هن منهنجي گني مٽرائي هئي ۽ پنهنجي سامهون مڊيرا جي هڪ بوتل ۽ گلاس رکيو ويٺو هو. مون بوتل کي ٻُجي ڏني. هن کي ٿڌو ٿيڻ جو چيو ۽ هن سان اهڙن وسيلن بابت ڳالهائڻ لڳس جن سان سندس جان آزاد ٿي سگهي. هن پوءِ مون کي ٻڌايو ته هن وٽ هڪ ناول پريس لاءِ تيار آهي جيڪو هن مون کي ڏيکاريو. مون انهي تي نظر وڌي ۽ انهي جي خصوصيتن کي پرکي ورتو. پوءِ آءٌ گهر جي مالڪياڻي کي جلدي موٽي اچڻ جو چئي هڪ ڪُتب فروش وٽ ويس ۽ اهو 60 پائونڊن ۾ وڪرو ڪري آيس. مون پئسا آڻي گولڊسمٿ کي ڏنا جنهن مان هن پنهنجي مسواڙ ڏني پر انهي دوران هو پنهنجي گهر جي مالڪياڻي سان زور زور سان ڳالهائيندو به رهيو ته هُن هن سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي“.

جيڪو ناول اجهو اهڙي طرح دنيا ۾ آندو ويو انهيءَ جو نالو وِڪار آف ويڪفيلڊ (The Vicar Of Wakefield) هو. اهو 1766ع ۾ ڇپيو ۽ ميڪالي جيئن گولڊ سمٿ تي پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي. انهي کي جلد ئي اهڙي شهرت ملي وئي جيڪا تيستائين باقي رهندي جيستائين اسان جي ٻولي باقي آهي.

ڪهاڻي جو هيرو ڊاڪٽر پرم روز آهي. هو اسان کي اها متڪلم جي صيغي ۾ ٻڌائي ٿو، مهاڳ ۾ هن بابت چيو ويو آهي ته هي اهو ماڻهو آهي، ”جنهن جي ذات ۾ دنيا جا ٽي وڏي ۾ وڏا ڪردار جمع آهن يعني هو هڪ پادري آهي. آبادگار آهي ۽ هڪ ڪٽنب جو سربراهه ۽ وڏو آهي“. هو مزاج جي لحاظ کان ريچڪي ۽ پورالو آهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ نيڪوڪار ۽ سٺي دل رکندڙ آهي. مڪمل طور ايماندار ۽ سڌو سنئون آهي. پڪو محب وطن ۽ سٺو دوست آهي. ڪتاب جي پهرئين جملي ۾ ئي اسان کي سندس انهيءَ سوچ کان آگاهه ڪيو ويو آهي ته جيڪو ماڻهو شادي ڪري هڪ وڏو ڪٽنب وجود ۾ آڻي ٿو اهو انهيءَ ماڻهو کان وڌيڪ خدمت ڪري ٿو جيڪو اڪيلو گذاري ٿو ۽ فقط آدمشماريءَ بابت ڳالهيون ڪندو رهي ٿو. تنهن ڪري هن کي پادري ٿئي اڃا هڪ سال ئي مس ٿيو هو جو هو شاديءَ بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو هو. هن پنهنجي زال جي چونڊ به انهيءَ اصول تي ڪئي هئي جنهن اصول مطابق پنهنجو شادي جو گائون خريد ڪيو هئائين ته انهيءَ جي ٻاهرئين سطح چمڪندڙ نه هجي پر اهو گهڻو چوڙ ڏئي سگهي. سندس زال سٺي سڀاء جي مالڪياڻي هئي ۽ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هوءَ انگريزي جو ڪهڙو به ڪتاب پڙهي سگهندي هئي ۽ رڌپچاءُ ۽ آچار ٺاهڻ ۾ ته ڪو هن جو مٽ ئي نه هو.

پادريءَ جي رهڻي ڪهڻي جيتوڻيڪ سادي هوندي هئي پر انهن کي وڻندڙ ڳوٺاڻي علائقي ۽ سٺي پسگردائي ۾ سٺو گهر هوندو هو. انهن جو گهڻو وقت امير پاڙيسرين وٽ وڃي ملاقاتون ڪرڻ ۽ غريب پاڙيسرين کي تسلي ۽ آٿت ڏيڻ ۾ گذرندو هو. اهي جيئن ته روڊ جي ڀرسان رهندا هئا تنهن ڪري گهڻو ڪري ڪنهن مسافر يا اجنبي ماڻهو کي دعوت ڏئي وٺي ايندا هئا جيئن هو انهن جي انگور فرنگي واري شراب مان وَٽَ ڪري سگهي. انهن جي انهيءَ شراب جي ڏاڍي هاڪ هوندي هئي. پادري ڏاڍي خود اطميناني سان اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”آءٌ ڪنهن مؤرخ واري صداقت سان چوان ٿو ته مون کي ڪو اهڙو ماڻهو نه ٿو سُجھي جنهن انهيء مان وِڏ ڪڍي هجي“.

پرم روز ڪٽنب چئن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن تي مشتمل هو.

جارج سڀ کان وڏو هو . پوءِ اوليويا ۽ صوفيا هيون. انهن کان پوءِ ٽي وڌيڪ ڇوڪرا موسز، ڊڪ ۽ بل هئا. ”آءٌ جڏهن پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي پنهنجي آسپاس ڏسندو هوس ته مون کي جيڪا خوشي ملندي هئي انهيءَ کان انڪار ناممڪن آهي. پر منهنجي زال کي جيڪو فخر ۽ اطمينان ملندو هو اهو ته منهنجن احساسن کان گهڻو وڌيڪ هوندو هو. جڏهن اسان جا ملاقاتي چوندا هئا ته: ”مسز پرم روز آءٌ سچ ٿي چوان، تنهنجا ٻار سموري علائقي ۾ بهترين آهن“. هائو! پاڙيسرڻ، ”هوءَ جواب ڏيندي هئي“، الله جي جوڙ آهن، سهڻا تڏهن چئبا جڏهن اخلاق ڀلو هجين. ڀلو اهو جنهن جا ڪم ڀلا هجن. ”پوءِ هوءَ پنهنجين ڇوڪرين کي چوندي هئي ته اهي پنهنجا ڪنڌ مٿي ڪن. اهي بلاشڪ ته ڏاڍايون سهڻيون هيون. ڪهاڻي جي شروعات وقت اوليويا جي عمر لڳ ڀڳ ارڙهن ورهيه هئي ۽ بي انتها گهڻي حسن ۽ سونهن جي مالڪ هئي. صوفيا جو منهن مهانڊو اٿندي سان جيتوڻيڪ ايترو پُرڪشش نه لڳندو هو پر پوءِ اهو گهڻو اثر ڪندو هو. سندس سونهن ڏاڍي دل لڀائيندڙ هوندي هئي. ڪو ماڻهو هڪ ڌڪ سان زير ٿي ويندو آهي ته ڪي مسلسل ڌڪن سان مغلوب ٿيندا آهن. اوليويا کي ڪيترن ئي عاشقن جي خواهش هوندي هئي جڏهن ته صوفيا هڪ عاشق هٿ ڪرڻ گُهرندي هئي.

پرم روز ڪٽنب ڪيترن ورهين کان تمام خوش زندگي گذاري رهيو هو. ڊاڪٽر پرم روز جو مشاهرو 35 پائونڊ ساليانو هوندو هو (۽ انهيءَ مان به هو پنهنجي حلقي جي بيواهن ۽ يتيمن لاءِ رقم ڪڍندو هو.) پر هن کي آمدني جا ڪي خانگي ذريعا به هئا جيڪي انهن جي معمولي گهرجن لاءِ ڪافي هوندا هئا. پوءِ حالتن خراب رُخ اختيار ڪيو ۽ پهرئين ڌچڪي لاءِ ڊاڪٽر پرم روز ئي ذميوار هو. هو ڏاڍو چيڙاڪ ماڻهو هوندو هو ۽ سندس هڪ خاص اصول اهو هوندو هو ته ڪنهن پادريءَ لاءِ سندس پهرئين زال جي وفات کان پوءِ ۽ ٻي شادي ڪرڻ غيرقانوني ڪم هو يا سندس پنهنجن لفظن ۾ ته، آءٌ هڪ زال ڪرڻ واري اصول تي پڪو رهڻ تي پاڻ کي ڏاڍو اهم سمجهندو هوس“. هاڻي سندس پٽ جارج جيڪو آڪسفورڊ پڙهڻ ويو هو ۽ اڳتي هلي ڪو عزت وارو پيشو اختيار ڪري ها انهي مس ارابيلا ولموٽ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو. اها هڪ پاڙيسري پادريءَ جي ڌي هئي. اها ڏاڍي سهڻي ۽ شاهوڪار هئي ۽ سندس محبت جي ڀرپور موٽ ڏنائين ٿي. پر بدقسمتي سان سندس پيءُ جون اڳ ۾ ٽي زالون مري ويون هيون ۽ هاڻي هو چوٿين زال سان عشق ڪري رهيو هو. هو ۽ ڊاڪٽر پرم روز انهي معاملي تي شديد بحث مباحثي ۾ پئجي ويا. ٻئي ڌريون هوش مان نڪري ويون. وري جو اهي خبرون آيون ته ڊاڪٽر پرم روز لنڊن جي هڪ واپاري وٽ جيڪو پئسو سيڙايو هو انهيءَ جو وڏو حصو نقصان ۾ وڃائجي ويو آهي ۽ هن انهي رقم جو جيڪو حصو پنهنجي پٽ کي شاديءَ جي حصي طور ڏيڻو ڪيو هو اهو به نه ڏئي سگهندو ته اها سڱابندي جيڪا اڳ ۾ ئي خطري ۾ پئجي وئي هئي انهي جو سلسلو ختم ٿي ويو ۽ جارج کي لنڊن موڪليو ويو ته پنهنجي ڀاڳ جي پاڻ ڳولها ڪري.

هاڻي پرم روز ڪٽنب کي پنهنجو وڻندڙ گهر ڇڏي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ڏانهن وڃڻو پيو. نئين حلقي جي آمدني فقط 15 پائونڊ ساليانو هئي پر پادريءَ هڪ ننڍڙو زمين ٽڪر آباد ڪري انهي ۾ واڌارو ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ڪجھ وقت وري سڀ ڳالهيون صحيح ٿي ويون ۽ اسين ميڪالي جي انهيءَ راءِ سان متفق ٿي سگهون ٿا ته انهن شروعاتي بابن ۾ ”ڪاميڊيءَ واري تيزي ۽ چُستي سان گڏوگڏ دهقاني شاعري جو سمورو ميٺاج موجود آهي“.

هاڻي هو جنهن جاءِ تي ويا اتي ننڍڙا آبادگار رهندا هئا. جيڪي پنهنجيون زمينون پاڻ آباد ڪندا هئا ۽ گهڻي شاهوڪاري توڙي غربت ٻنهي کان اڻ واقف هئا. اُهي ڪم ڪار جي ڏينهن ۾ خوشي سان ڪم ڪندا هئا ۽ خوشي جي ڏڻن کي بي ڪاري ۽ خوشي جي وقفن طور ملهائيندا هئا. اهي ڪرسمس تي خدا جي حمد جا گيت ڳائيندا هئا. ويلنٽائين جي صبح جو محبوبن ڏانهن گل موڪليندا هئا، گناهن جي اعتراف جي ڏينهن تي ڪيڪ کائيندا هئا، پهرئين اپريل تي پنهنجي مزاح جي حس جو اظهار ڪندا هئا ۽ 29- سيپٽمبر تي حضرت ميڪائيل جي اعزاز جي دعوت ۾ مذهبي عقيدت سان خشڪ ميوا کائيندا هئا. پرم روز ڪٽنب جو سڀ کان ويجھو پاڙيسري فليم بورو هوندو هو جيڪو پنهنجين صحتمند ڇوڪرين سان اڪثر انهن وٽ ايندو هو. اتي هڪ نابين شرناء وڄائيندڙ به رهندو هو جيڪو به ڪڏهن ڪڏهن ليئو پائيندو هو. جڏهن روزانو جو ڪم ختم ٿي ويندو هو ته پادري ۽ سندس زال پنهنجي سادي رهائش جي سامهون هڪ بينچ تي ويهندا هئا ۽ ”چانهه پيئندا هئا يا ته ڇوڪريون گٽار تي ويهي ڳائينديون هيون ۽ اهي هڪ ننڍڙي ڪنسرٽ جي شڪل اختيار ڪنديون هيون  ته آءٌ ۽ منهنجي زال لهواري ٻنيءَ ۾ چهل قدمي ڪندا هئاسون جيڪا مختلف گلن سان سينگاري پئي هوندي هئي. اسين وڏي خوشي سان پنهنجي ٻارن بابت پيا ڳالهائيندا هئاسين ۽ ٿڌڙي هير مان لطف اندوز پيا ٿيندا هئاسين جيڪا پنهنجين لهرن تي خوشي ۽ صحت پئي آڻيندي هئي“.

گولڊ سمٿ اهڙين وڻندڙ ڳالهين سان تصوير ۾ مٺاج پيدا ڪئي آهي. نوجوان موسز ۽ سائي رنگ جي عينڪن واري واقعي مان ”ڪاميڊي“ جي عنصر جو مثال ملي سگهي ٿو. مسز پرم روز پنهنجي مڙس تي زور ڀريو ته آچر جي ڏينهن تي سٺو تاثر پيدا ڪرڻ چڱي ڳالهه ٿيندي ۽ دير سوير کيس انهي ڳالهه تي متفق ڪري ورتائين ته هو پنهنجو وڇيرو وڪڻي هڪ گهوڙو خريد ڪن. جنهن تي سوار ٿي عورتون چرچ وڃي سگهن. پوءِ موسز وڇيرو ڪاهي ميلي تي ويو ۽ رات جو موٽيو پر ڪو گهوڙو نه پر هڪ وڏي صندوق گهليندو آيو ۽ چيائين ته انهي ۾ ٻارنهن ڊزن سائي رنگ جون عينڪون آهن. هن ٽن پائونڊن پنجن شلنگن ۽ ٻن پينين ۾ گهوڙو وڪيو هو ۽ ڪنهن چڱي وهٽ جي ڳولها ۾ ميلي واري ميدان ۾ گهميو پئي جو شڪل صورت مان پادري لڳندڙ هڪ شخص کيس هڪ تنبو ۾ اچڻ لاءِ چيو. اتي هو هڪ ٻئي ماڻهو سان مليا جيڪو ڪجھ سائي رنگ جي عينڪن تي 20 پائونڊ اڌارا وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. عينڪن جا فريم چاندي جا هئا ۽ اهي چمڙي جي دٻين ۾ بند هئا. هن چيو پئي ته کيس پئسن جي ضرورت هئي ۽ هو عينڪن جي اصل قيمت جي ٽئين حصي تي به اهي وڪرو ڪري ڇڏيندو. ”پهريون نيڪ مرد جنهن منهنجو دوست هئڻ جي ڏيکاري پئي ڏني انهي مون کي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو ته آءٌ اهي خريد ڪريان ۽ مون کي چتاءُ ڏنائين ته اهڙي سٺي آڇ هٿن مان نه وڃايان. مون مسٽر فليم بورو کي گهرايو ۽ انهن هن سان به اهڙي سهڻي نموني ۾ ڳالهايو جيئن مون سان ڳالهايو هئائون ۽ آخرڪار اسين اهي ٻه ڊزن پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري خريد ڪرڻ تي آماده ٿي وياسين“. هاڻي فقط چاندي جا فريم ئي ٻيڻي قيمت تي وڪرو ٿيندا. نوجوان چيو. پر افسوس پادري اڳ ۾ ئي ڏسي ورتو هو ته فريم ٽامي جا هئا ۽ انهن مٿان وارنش ٿيل هئي.

ٻه ٻيا ملاقاتي به هئا جن کي پرم روز ڪٽنب جي قصي ۾ اهم جاءِ حاصل آهي. انهن مان هڪ مسٽر برچل نالي هڪ ماڻهو هو. انهيءَ جي عمر 30 ورهين جي لڳ ڀڳ هئي. هو ڏسڻ ۾ ڪجھ قدر سادو لڳندو هو پر ڏاڍو مهذب ۽ پڙهيل لکيل شخص هو. اهي پنهنجي نئين گهر ڏانهن ويندي هن سان واقف ٿيا هئا. درحقيقت هن انهن کي ڏاڍو پنهنجي زيرِبار ڪري ڇڏيو هو. هو جڏهن هڪ اونهو پاڻي جهاڳي ٽپي رهيا هئا ته هن صوفيا کي ٻڏڻ کان بچايو هو. اتي هڪ ٻي تمام گهڻي جاندار شخصيت به موجود هئي. اهو سندس نوجوان گهر مالڪ اسڪئائر ٿارن هل هو. ڊاڪٽر پرم روز کي انهي کان خاص طور خبردار ڪيو ويو هو ته ”هو جنس لطيف ڏانهن ايتري حد تائين لاڙو رکي ٿو جو چوڌاري ميلن جي علائقي ۾ ڪنهن ڪڙمي جي ڪا اهڙي ڇوڪري نه هوندي جنهن کي هو پنهنجي دام ۾ ڦاسائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هوندو ۽ هن سان بي وفائي نه ڪئي هوندائين. پر هن پاڻ کي پادريءَ آڏو ايترو ته وڻندڙ ڪري پيش ڪيو جو سادڙي پادريءَ سوچيو ته کيس هروڀرو تمام گهڻو بدنام ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مسز پرم روز هن جي شڪل ۾ اوليويا لاءِ هڪ تمام مناسب مڙس ڏسي رهي هئي. اوليويا به سندس پاران محبت جي اظهار کي خوش دلي سان قبول ڪري رهي هئي. صوفيا وري مسٽر برچل ڏانهن مائل لڳندي هئي. پر هن جڏهن اسڪئائر ٿارن هل ۽ سندس ٻن عورت واقف ڪارين سان پنهنجي شديد نفرت جو اظهار ڪيو ته کيس ڏاڍي گستاخي سان پاڻ کان پري ڪيو هو. انهي جو سبب اهو هو جو اسڪئائر ٿارن هل جي واقف ڪار عورتن ليڊي بليرني ۽ مس ڪيرولينا وائليا مينا اميليا پرم روز ڪٽنب جي ٻن ڇوڪرين کي پاڻ سان گڏ لنڊن وٺي وڃڻ ۽ کين اتي سٺيون نوڪريون وٺرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.

هاڻي برچل رستي مان نڪري ويو ته اسڪئائر ٿارن هل پنهنجا اصلي رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا. هن جو مقصد شادي نه پر دل وندرائڻ هو ۽ هڪ شام جو جڏهن پرم روز ڪٽنب باهه جي چوڌاري ويٺو هو ته ننڍڙو ڊڪ ڊوڙندو هيءَ حيرتناڪ خبر کڻي آيو ته: ”منهنجي ڀيڻ لائيوي ٻن ماڻهن سان گڏ هڪ وڏي گهوڙي گاڏي ۾ وئي هلي، انهن مان هڪ کيس مٺيون ڏنيون ۽ چيو پئي ته هو هن لاءِ جان به ڏئي ڇڏيندو. هن زور سان رڙيون پئي ڪيون ۽ واپس اچڻ پئي گهريو پر هن وري کيس مائل ڪيو ۽ گهوڙي گاڏي ۾ وڃي ويٺي ۽ چيائين! ”ابول! بابي ويچاري کي جڏهن منهنجي تباهي جي خبر پوندي ته الائي ڇا ڪندو؟“

ويچاري پيءُ اهو ڪيو جو پنهنجا پستول گهرايائين ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو ته: ”آءٌ انهي غدار جي پٺيان لڳندس. اهو جيستائين زمين جي تختي تي موجود هوندو آءٌ سندس پٺيان هوندس. اهو ڌوڪي باز بدمعاش! آخرڪار سندس هوش حواس بحال ٿيا ۽ صبح جو هو ”پنهنجي پياري“ اوليويا جي پٺيان نڪتو پر پستول نه کنيائين.

هو رستي تي بيمار ٿي پيو ۽ ڪجھ هفتا هڪ سراءِ ۾ پيو رهيو. پوءِ هن واپس گهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ رستي ۾ ڪجھ رولاڪ نوجوانن جي ٽولي سان مليو. انهن ۾ سندس پٽ جارج به هو. ”هڪ فلسفي رولاڪ جي تاريخ“ نالي وارو باب جارج پاران پنهنجي قسمت ٺاهڻ لاءِ گهر ڇڏڻ کان وٺي انهي ڏينهن تائين ڪيل مهم جوئين تي ٻڌل آهي. سمجهيو وڃي ٿو ته اهو بيان ڏيڻ لاءِ گولڊ سمٿ گهڻي ڀاڱي پنهنجن تجربن کي ڪم آندو آهي جو نوجواني ۾ هن به يورپ جي کنڊ ۾ رولاڪيون ڪيون هيون ۽ انهي دوران وٽس پنهنجي بانسري کان سواءِ ٻي ڪا شي خير ڪا هئي.

انهي دلچسپ تفريح کان پوءِ اسين وري پرم روز ڪٽنب جي قصي تي اچون ٿا ۽ اسان کي شايد ميڪالي جي انهي راءِ سان متفق ٿيڻو پوندو ته ڪهاڻي جي پڇاڙي، ڪهاڻي جي منڍ سان مناسبت نه ٿي رکي ۽ اسين جيئن پڇاڙي جي ويجها ٿيندا وڃون ٿا ته اجايون ۽ واهيات ڳالهيون وڌنديون وڃن ٿيون ۽ وڻندڙ ڳالهيون گهٽ کان گهٽ ٿينديون وڃن ٿيون.

پادري کي گهر جي ويجھو پهچڻ تي هڪ سراءِ ۾ اوليويا بيمار نظر اچي ٿي. هو کيس غمگيني واري سوڀ سان گڏ گهر وٺي وڃي ٿو. هاڻي وري نين مصيبتن جو هڪ انبوهه هن مٿان ڪڙڪي پوي ٿو. هو جيئن ته پنهنجي مسواڙ نه ٿو ڏئي سگهي تنهن ڪري سندس ظالم گهر مالڪ ٿارن هل سرڪار کان سندس جانورن جي ضبطي جو حڪم وٺي ٿو اچي ۽ پوءِ پادري کي قرضين جي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو. جارج سندس ڀيڻ کي ورغلائيندڙ کي للڪاري ٿو ۽ ٿارن هل جي هڪ دوست کي شديد زخمي ڪري ٿو ڇڏي. انهي تي کيس پيءُ سان گڏ ساڳئي جيل ۾ اڇلايو وڃي ٿو. پوءِ اهي خبرون اچن ٿيون ته صوفيا پڻ کڄي وئي آهي ۽ وري سڀ کان وڏي ڳالهه اها ٿي ٿئي ته اوليويا به تڪليفن ۽ ڏک سبب فوت ٿي وڃي ٿي. مصيبتن ۽ تڪليفن واري هن باب ۾ فقط هڪ چڱي ڳالهه اها آهي ته پادري پاڻ سان گڏ واڙيل قيدين کي آٿت ڏيڻ ۽ انهن کي براين جي رستي تان هٽائڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪري ٿو. هتي انهيءَ دور جي خوفناڪ حد تائين ظالماڻن فوجداري قانونن بابت ڪجھ سخت سوال به اٿاريا وڃن ٿا.

هاڻي ڦِرڪو ڦرڻ شروع ٿئي ٿو. اسڪئائر ٿارن هل جي چاچي سر وليم ٿارن هل ڏانهن لکيل هڪ خط سان اهو نيڪ مرد پادري جي مدد لاءِ اچي ٿو. هو رفاهي ڪمن ڪرڻ سبب ڏاڍو مشهور آهي ۽ پادريءَ کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي ته سر وليم ٻيو ڪو نه پر مسٽر برچل آهي (پڙهندڙ اها ڳالهه گهڻو اڳ محسوس ڪري ورتي هوندي) جنهن کي ڏاڍي خراب نموني سندن در تان موٽايو ويو هو. پوءِ جارج کي آزادي ملي ٿي. اوليويا حقيقت ۾ مئي نه هئي. هن جي اسڪئائر ٿارن هل سان قانوني طريقي سان شادي ٿئي ٿي (جيتوڻيڪ سندس مرضي ٻي ڪا هئي) پادري جي دولت جو وڏو حصو دوکيباز واپاري کان واپس ورتو وڃي ٿو ۽ ”مسٽر برچل“ صوفيا کي کيس ڀڄائي وٺي ويندڙن کان آزاد ڪرائي ٿو. جارج پنهنجي ارابيلا سان شادي ڪري ٿو، صوفيا ليڊي ٿارن هل بڻجي ٿي ۽ اوليويا کي پنهنجي بدنام مڙس جي دولت مان ٽيون حصو ملي ٿو. ”هوءَ کيس اڃا به افسوس سان ياد ڪري ٿي“ پادري اسان کي ٻڌائي ٿو، ”۽ هن مون کي ٻڌايو آهي ته هو جڏهن پاڻ ۾ اصلاح آڻيندو ته هن کي به مٿس ڪهل اچي ويندي“.

اهڙي طرح اهو ڪتاب جيڪو تمام خوشگوار نموني ۾ شروع ٿيو هو اهو وڻندڙ نموني پڄاڻي تي پهچي ٿو. ”جيئن ئي رات جي ماني ختم ٿي ته مون پنهنجي پراڻي روايت موجب گزارش ڪئي ته ٿانو کنيا وڃن جيئن آءٌ پنهنجي سموري ڪٽنب کي هڪ دفعو وري خوشگوار باهه جي چوگرد ڏسي سگهان. منهنجا ٻه ننڍڙا ٻار ٻنهي گوڏن تي ويٺا هئا ٻيا سڀ زال مڙس گڏ ويٺا هئا. هاڻي مون کي مرڻ کان اڳ ڪنهن به شي خواهش نه هئي. منهنجون سڀئي چنتائون ختم ٿي ويون هيون. منهنجي خوشي لفظن ۾ بيان ٿيڻ کان وڌيڪ هئي. هاڻي فقط اها ڳالهه بچي هئي ته سٺين حالتن ۾ منهنجو شڪرگذاري جو احساس ڏکين حالتن ۾ منهنجي صبر کان وڌيڪ هئڻ گهرجي.

29. ويلٿ آف نيشنز

-- آدم سمٿ (1790- 1723) --

 

اهو هڪ تمام وڏو ڪتاب آهي. اهو سنهن اکرن ۾ هڪ هزار صفحن تي پکڙيل آهي. اهو هڪ ٻئي لحاظ کان به وڏو آهي. اهو اقتصاديات جي موضوع تي اڄ تائين لکيل سڀ کان اهم ڪتاب آهي. ڪارل مارڪس جو ڪتاب ڪيپيٽل انهي جو ويجهو رقيب ٿي سگهي ٿو ۽ اهو چوڻ به وڌاء کان خالي نه هوندو ته آدم سمٿ جيڪڏهن لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ ويلٿ آف نيشنز نه لکي ها ته ڪارل مارڪس به سرمائيداري نظام تي پنهنجي تنقيد نه لکي سگهي ها.

ڪتاب جو جائزو وٺڻ کان اڳ ليکڪ سان ڪجھ وقت گذارڻ به شايد فائدي کان خالي نه هوندو. آدم سمٿ اسڪاٽلينڊي هو. هن ۾ اسڪاٽلينڊين واري روايتي هوشياري به تمام گهڻي هئي. اها ڳالهه سندس ڪتاب جي تقريباً هر صفحي مان ظاهر ٿئي ٿي. ڪجھ نقادن جو ته اهو به رايو آهي ته اهو ڪتاب فقط ڪو اسڪاٽلينڊي ئي لکي سگهيو ٿي. انهي مان هنن جي ذهن ۾ ڪو حقارت جو پهلو به نه آهي.

هو ڪرڪالڊي جي هڪ ننڍڙي سامونڊي بندرگاهه واري شهر ۾ 1723ع ۾ ڄائو. اهو شهر اسڪاٽلينڊ جي اڀرندي سامونڊي ڪناري تي آهي. هو هڪ وڪيل جي منشي جو پٽ هو. سندس پيءُ سندس ڄمڻ کان ڪجھ مهينا اڳ فوت ٿي ويو هو. سندس پالنا سندس ماءُ ڪئي هئي. لڳي ٿو ته اها واحد عورت هئي جنهن سان هن ڪڏهن محبت ڪئي هئي. هو شهر جي اسڪول ۾ پڙهيو جتي اسڪاٽلينڊ جي سٺي روايت موجب ”زميندار توڙي مهاڻن ۽ مزدورن جا ٻار هڪ ئي بينچ تي ويهي تعليم پرائيندا هئا. لڳي ٿو ته کيس ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ ئي انهي ننڍڙي شهر جي صنعتي سرگرمين ۾ گهري دلچسپي پيدا ٿي وئي هئي. هن کي پوءِ آڪسفورڊ جي بيليول ڪاليج لاءِ وظيفو مليو جتي هو ڪجھ وقت لاءِ واندو به رهيو. پوءِ کيس ايڊنبرگ ۾ انگريزي ادب تي ليڪچرن جو هڪ ڪورس ڏيڻ لاءِ چيو ويو ۽ اهي ايترا ته ڪامياب ٿيا جو کيس 1750ع ۾ گلاسگو يونيورسٽي ۾ مورل فلاسافي جي چيئر جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هو چوڏهن ورهين تائين پروفيسر ٿي رهيو ۽ پنهنجي باري ۾ نه فقط ڪلاس پر ڪاليج جي ڀر ۾ واقع مصروف شهر ۾ شاندار تاثر قائم ڪيائين.

ارڙهين صدي جي وچ ۾ گلاسگو هڪ ننڍڙو صوبائي شهر هوندو هو پر 1760ع تائين انهي تماڪ جي مکيه بندر طور برسٽول جي جاءِ والاري ورتي ۽ اتان جا تماڪ جا ڊنگ واپاري بهترين ڪاروباري شخص ليکيا ويندا هئا. آدم سمٿ انهن سان واقفيت پيدا ڪئي ۽ کيس جڏهن انهن جي هفتي وار ڊائننگ ڪلب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي ته هن انهي ۾ پنهنجي تمام عزت افزائي محسوس ڪئي. هن انهن کان ڪاروباري مسئلن بابت تمام گهڻي ڄاڻ ورتي جيڪا سندس ڪتاب لکڻ ۾ تمام ڪارائتي ثابت ٿي. تڏهن هو سمجهندو هوندو ته سندس ڪيريئر شايد پڄاڻي تي پهچي ويو آهي پر پوءِ 1764ع ۾ کيس نوجوان ڊيوڪ آف بڪلاف سان يورپ جي روايتي سفر تي گڏجي وڃڻ جي دعوت ملي. هن اها آڇ قبول ڪئي ۽ ايندڙ ٻن ورهين تائين فرانس ۾ رهيو جتي هو خاص طور پيرس ۾ ادب ۽ سياست جي سرڪردين شخصيتن سان اٿندو ويهندو رهيو. اهو شديد ذهني جوش خروش جو دور هو ۽ آدم سمٿ آسپاس ٿيندڙ بحث مباحثا غور سان ٻڌندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به انهن ۾ بهرو وٺندو هو. سندس واقف ڪارن مان فرانسس ڪئسيني سڀ کان فائدي مند ثابت ٿيو. اهو اقتصادياتي (Economists) جي نالي سان مشهور مفڪرن جي نئين مڪتب فڪر جو مڃيل سربراهه هو.

لڳي ٿو ته تڏهن پوليٽيڪل اڪانامي جي نالي سان مشهور علم تي هڪ ڪتاب لکڻ جو خيال اڳي ئي سندس دماغ ۾ اچي چڪو هو ۽ آخرڪار هو جڏهن ڪرڪالڊي واپس موٽيو ته هن پاڻ کي مڪمل طور اهو لکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. اهو مارچ 1776ع ۾ An Inquiry Into the Nature and Causes of the wealth of Nations جي نالي سان ڇپيو ۽ اهو جيتوڻيڪ شروع ۾ آهستي آهستي وڪاميو پر پوءِ هلي پيو. آدم سمٿ جي حياتي ۾ انهي جا پنج ڇاپا نڪتا ۽ انهيءَ جا يورپ جي مکيه زبانن ۾ ترجما پڻ ٿيا ۽ انهي جا 1790ع ۾ ايڊنبرگ ۾ سندس وفات کان پوءِ بيشمار ڇاپا نڪري چڪا آهن.

اها ڳالهه به بنا هٻڪ جي چئي ڇڏجي ته اهو پڙهڻ ۾ ڪو سولو ڪتاب نه آهي. انهي تي مهارت حاصل ڪرڻ ته ويتر ڏکيو ڪم آهي. اقتصاديات جي سنجيده شاگرد لاءِ ته انهي کي منڍ کان شروع ڪرڻ ۽ آهستي آهستي آخري صفحي تائين پهچڻ کان سواءِ ته ڪو چارو ئي نه آهي پر عام پڙهندڙ ته شايد فهرست تي هڪ نظر وجھڻ سان ئي ڪنبي وڃي. انهي جا پنج حصا(Books) ۽ ٻٽيهه باب آهن ۽ اڪثر باب وري ٽڪرن، ضميمن ۽ شقن ۾ ورهايل آهن. عام پڙهندڙ ته انهي ۾ آزمائشي ٽٻي به نه هڻندو جو اهو ڪم ڏاڍو خطرناڪ ثابت ٿيندو. کيس همٿائڻ لاءِ البت اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته انهي جي مواد کي ڏاڍي سهوليت سان هنن ٽن حصن ۾ ورهائي ۽ ٻيهر ترتيب ڏئي سگهجي ٿو. (1) برطانيا (۽ ننڍي پيماني تي فرانس ۽ ڪجھ ٻين ملڪن) جي اقتصادي نظام جو بيان (2) انساني فطرت جو فلسفو ۽ (3) (گهڻي حد تائين سياسي) لائحه عمل.

جيستائين پهرئين ڳالهه جو تعلق آهي ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي ته آدم سمٿ اهو ڪتاب صنعتي انقلاب کان اڳ لکيو هو. هن جنهن اقتصادي سرشتي جو بيان ڏنو آهي. اهو هوگارٿ، ڊاڪٽر جانسن ۽ ٽام جونز جي دور وارو آهي. اسان کي انهيءَ جي صفحن ۾ اصلي قديم انگلينڊ جو عڪس نظر اچي ٿو. انهيءَ دور جو مخصوص ماحول ۽ ڪم جي رفتار اسان کي ڪتاب ۾ شامل هنن لفظن مان ڏسڻ ۾ ايندي ته: ”رستي تان وڏن ڦيٿن واري گاڏي چيڪاٽ ڪندي اچي رهي آهي. انهي کي اَٺَ گهوڙا ڇڪي رهيا آهن ۽ ٻه ماڻهو اها هلائي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن سڀ ڳالهيون صحيح نموني هليون ته اها لڳ ڀڳ چار ٽن وزن کڻي لنڊن کان ايڊنبرگ تقريباً ڇهن هفتن ۾ موٽي ايندي“. انهيءَ دنيا ۾ مزور چئن کان پنجن شلنگن جي وچ ۾ هفتي ۾ ڪمائيندا هئا ۽ جيئن گولڊ سمٿ هڪ مشهور سٽ ۾ لکيو آهي ته ”نائب پادري ساليانو چاليهه پائونڊ پگهار تي شاهوڪار ٿيندا پيا وڃن. ”اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته چمڙي جا جوتا انگلينڊ ۾ ”زندگي جي ضرورت“ آهن ۽ ڪهڙي به جنس جو غريب ترين ماڻهو به انهن کان سواءِ لڄ محسوس ڪندو پر اسڪاٽلينڊ ۾ مزدور طبقي جون عورتون (مرد نه) پيرين اگهاڙين گهمنديون ڦرنديون هيون. انهي سماج ۾ اسڪاٽلينڊ جا غريب ماڻهو ته فقط جئي جو ڏارو کائي گذارو ڪندا هئا پر انگلينڊ ۾ قاصائي وارو گوشت ۽ سفيد ماني عام شيون آهن. وري آئرلينڊ ۾ عام ماڻهن جي عام خوراڪ پٽاٽو آهي.

آدم سمٿ جيڪڏهن فقط چند ورهيه پوءِ واري دور ۾ ڪتاب لکي ها ته هو پنهنجن دليلن جي حمايت ۾ فالز آف ڪلائيڊ ۾ مسٽر ڊيل پاران ٺاهيل نين ڪاٽن ملن يا ڪيرون ۾ روبڪ جي لوهه جي ڪارخاني جو ذڪر ضرور ڪري ها پر هن مثال طور ڏيڻ لاءِ ڪوڪا ٺاهڻ جي انهن ڪارخانن جي چونڊ ڪئي آهي جيڪي هن ڇوڪراڻي وهي ۾ ڪرڪالڊي ۾ ڏٺا هئا. انهي هوندي به اهي مثال کيس انهي اقتصادي عمل جي هلت چلت جو لازوال بيان ڏيڻ لاءِ ڪافي هئا جنهن کي هن محنت جي ورهاست (Division of Labour) جو نالو ڏنو (هو اهو نالو ڏيندڙ اوائلي ليکڪن مان هڪ هو.) محنت جي ورهاست کي اسين اڄڪلهه ”اسپيشلائيزيشن“ چئي سگهون ٿا.

هائو! اها محنت جي ورهاست به عجيب ڳالهه آهي پر اسان کي اهو سوچڻ جي غلطي نه ڪرڻ گهرجي ته اها انساني ڏاهپ جو ثمر آهي. اهو انساني فطرت جي هڪ خاص لاڙي جو آهستگي سان ۽ بتدريج عمل ۾ ايندڙ نتيجو آهي. اهو لاڙو هڪ شي جي بدلي ۾ ٻي شي مٽاسٽا ڪرڻ جو آهي. (ساڳئي صفحي تي ڪجھ سٽون هيٺ اهو ڏاڍو وڻندڙ ۽ مخصوص انداز جو رايو ڏنل آهي ته هيستائين ڪنهن به ماڻهو ڪنهن ڪتي کي ٻئي ڪتي سان ڪنهن هڏي جي انصاف تي ٻڌل مٽاسٽا ڪندي نه ڏٺو آهي.)

اهڙي طرح اسين آدم سمٿ جي انساني فطرت جي فلسفي سان متعارف ٿيون ٿا. اهو تمام گهڻو عملي ۽ حقيقت تي ٻڌل آهي ۽ (تنهن ڪري سندس اڪثر نقاد چون ٿا ته) تمام گهٽ درجي جو آهي. سندس خيال ۾ انسان سدائين اهڙي حالت ۾ آهي جنهن کي اسين ”زير تشڪيل“ چئي سگهون ٿا. هو اسان جي حالت ۾ بهتري آڻڻ جي خواهش کي ڏاڍي قدر جي نگاهه سان ڏسندي چوي ٿو ته اها خواهش ماءُ جي پيٽ مان اسان سان گڏ اچي ٿي ۽ قبر تائين اسان جو دامن نه ٿي ڇڏي. هن کي پنهنجي سموري زندگي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته اهو رويو ڪواڻ وڻندڙ آهي. هو انهي سوچ کي ئي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيندو هو ته انهي ۾ ڪا گهٽتائي جهڙي ڳالهه آهي. ڪو به سمجهدار ماڻهو انهي ڳالهه سان متفق ٿيندو ته اڳتي هلي ٿيو به ائين ئي هو انهن ماڻهن جي نندا ڪندو هو جيڪي چوندا هئا ته انهن جي پاران ڪاروبار ڪرڻ جو مقصد نفعي ڪمائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ آهي. ”مون کي ڪڏهن به اها خبر نه پئي آهي ته جيڪي ماڻهو ٻاهريون پنو رکندي چوندا آهن ته اهي عوامي ڀلائي لاءِ ڪاروبار ڪندا آهن انهن پاران ڪا چڱائي ٿي هجي“. سندس راءِ ۾، ”انسان کي جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن جي مدد جو تقريباً هميشه موقعو ملندو رهي ٿو پر هن کان اها اميد ڪرڻ اجائي آهي ته هو اهو ڪم فقط سندن خيرخواهي جو مقصد ذهن ۾ رکي ڪري ٿو.... اسان کي پنهنجو کاڌو پيتو؛ قاصائي، شراب ساز يا بيڪريءَ واري جي خيرخواهيءَ سبب نه پر انهن جي پنهنجي ذاتي مفاد سبب ملي ٿو“.

هاڻي ويلٿ اف نيشنز جي مکيه موضوعن مان ٽئين بابت ڪجھ لفظ ته اهو تمام گهڻي عملي اهميت ۽ دلچسپيءَ وارو آهي. انهي کي سندس پاليسي يا لائحه عمل چئي سگهجي ٿو. اهو سندس ڪتاب جي چوٿين حصي (Books) جي وڏي حصي تي نظر ايندو. انهي ۾ اسان کي تجارتي (Mercantile) نظام تي تمام ڊگهو، تفصيلي ۽ تمام تنقيدي تجزيو نظر ايندو. اهو نظام سندس دور جي مکيه حڪومتن پاران مڃيل نظريي جي حيثيت رکندو هو. انهي نظام جي حامين جو رايو هوندو ته دولت (Wealth) بنيادي طور پئسي (Money) تي ٻڌل آهي ۽ انهي نظام جون حامي حڪومتون وڏيون ڪوششون ڪنديون هيون ته گهريلو صنعتون واڌويجهه وٺن ۽ اهي شين جو وڌ ۾ وڌ مقدار برآمد ڪرڻ کي همٿائينديون هيون ۽ گهٽ ۾ گهٽ شيون درآمد ڪنديون هيون جيئن انهن جي فرق کي روڪ پئسن يا ڪچي سون سان برابر ڪري سگهجي.

آدم سمٿ تجارتي نظام جي حامين جي اثر هيٺ چيو ته

”ملڪن کي اهو سيکاريو ويو آهي ته انهن جو مفاد انهي ۾ آهي ته اهي پنهنجن پاڙيسرين کي پاڻ کان پٺتي رکن.... واپار جنهن کي فردن وانگر ملڪن جي وچ ۾ به فطري طور ٻڌي ۽ دوستي جو سبب هئڻ گهرجي اهو تڪرار ۽ دشمني جو تمام وڏو سبب ٿي پيو آهي“. ساڳئي صفحي تي ڪجھ سٽون هيٺ اسان کي هي لفظ ڏسڻ ۾ ايندا؛ ”هر ملڪ ۾ ماڻهن جي وڏي حصي جو مفاد انهي ۾ هوندو آهي ۽ لازماً هئڻ به گهرجي ته انهن کي جنهن شي جي ضرورت هجي اها انهي کان خريد ڪن جيڪو اها سڀ کان سستي اگهه تي وڪڻندو هجي“. ۽ انهي کان ڪجھ صفحا اڳ ۾ اهو بحث اچي ٿو ته: جيڪڏهن ڪو ٻاهريون ملڪ اسان کي ڪا شي انهي کان سستي ڏئي ٿو جيتري ۾ اسين اها پاڻ تيار ڪري سگهون ٿا ته بهتر اهو آهي ته اسين پنهنجي صنعتي پيداوار جو ڪجھ حصو ڏئي اها انهن کان خريد ڪريون.

هتي اسين پنهنجي دور جي سڀ کان وڏي اقتصادي مفڪر کي آزاد واپار (Free Trade) جو ڪيس پيش ڪندي ڏسون ٿا. پر اهو آدم سمٿ جي پروگرام جو فقط هڪ حصو آهي. جيڪڏهن سندس سموري پاليسي جو اختصار هڪ لفظ ۾ پيش ڪجي ته اهو هوندو آزادي. واپاري جي آزادي، هائو! پر اها آزادي هر انهي فرد لاءِ هئڻ گهرجي جنهن جي صلاحيتن ۽ توانائين ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جون اختياريون رڪاوٽ وجهنديون رهن ٿيون. ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجو ڌنڌو چونڊڻ جي آزادي هئڻ گهرجي ۽ جيئن ڪجھ ڪارپوريشنون انهي ڳالهه تي زور ڏين ٿيون ته ڪنهن به ڪم ڌنڌي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ماڻهن کي استاد جي ماتحتي ۾ ڊگهو عرصو ڪم سکڻ گهرجي اها ڳالهه ختم ٿيڻ گهرجي. کيس اهو ڏينهن به چڱي طرح ياد هو جڏهن نوجوان جيمس واٽ گلاسگو ۾ اچي ڪاليج جو دروازو کڙڪايو هو ۽ شڪايت ڪئي هئي ته هيمرمين ڪارپوريشن وارن کيس اوزار ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪرڻ کان منع ڪئي هئي. سندن چوڻ هو ته انهي ڪم جي هڪ هٽي انهن وٽ هئي. آدم سمٿ سندس شڪايت تي ڪن ڏنو هو ۽ ڪاليج جي استادن واٽ کي پنهنجي ڪاليج جي حدن ۾ هڪ ورڪشاپ ڏنو جتي وقت گذرڻ سان هن اهڙا تجربا ڪيا جن اڳتي هلي هن پاران اسٽيم انجڻ جي ايجاد جي راهه هموار ڪئي. ماڻهو کي چرپر ڪرڻ جي قابل هئڻ گهرجي ۽ فقط انهي ڪري پنهنجي جنم جي جاءِ سان ٻڌو رهڻ نه گهرجي ته انهي سان چرچ جي اختيارين کي ڪي مسئلا ٿيندا. تنهن ڪري اهڙين سمورين پابندين ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪريو! هڪ هٽي جو گندو اصول، مرده باد! فطري آزادي جي سادي اصول کي قائم ٿيڻ ڏيو جنهن ۾ جيستائين ڪو شخص انصاف جي اصولن جي ڀڃڪڙي نه ٿو ڪري تيستائين هو پنهنجي انداز ۾ پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ ۾ آزاد هجي.

آدم سمٿ جي ڪتاب ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن. مثال طور ٽيڪس هڻڻ جا اهي چار اصول (Maxims of Taxation) به جڏهن کان آدم سمٿ طي ڪيا آهن تڏهن کان سمجهيو وڃي ٿو ته هر ناڻي واري وزير جي اکين آڏو اهي هئڻ گهرجن: (1) رياست جي هر شهري کي حڪومت جي مدد ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ گهرجي ۽ اهو هر ماڻهو جي صلاحيتن جي نسبت سان هئڻ گهرجي. (2) هر فرد کي جيترو ٽيڪس ڏيڻو آهي اهو اڳواٽ مقرر هئڻ گهرجي. ائين نه هجي جو اهو اوڳاڙي جي وقت اختياريون پنهنجي مرضي سان مقرر ڪن. (3) ٽيڪس اهڙي نموني ۾ ورتو وڃي جيڪو ڏيندڙ لاءِ تمام سهوليت وارو هجي. (4) هر ٽيڪس جي شرح ائين مقرر ڪئي وڃي جئين اها عوام کان گهٽ ۾ گهٽ اوڳاڙي ڪري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪري.

آدم سمٿ لکيو ته ڪنهن به سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ شاهه خرچ حڪومت هوندي آهي تنهن ڪري انهي کي پنهنجي خرچ تي نظر رکڻ گهرجي ۽ انهن کي يقين ڪرڻ گهرجي ته عام ماڻهو پنهنجي خرچ تي پاڻ نظر رکندا“.

انهن ڪيترين ئي پُر مغز چوڻين جو ذڪر به ٿيڻ گهرجي جن کي اقتباسن جي هر ڊڪشنري ۾ جاءِ ملڻ گهرجي. مثال طور: ”باغباني جو مزيدار فن“، ”کاڌي جي خواهش کي انساني معدي جي ٿوري گنجائش محدود ڪري ڇڏيو آهي“، ڪنهن به قسم جي سامان مان انسان کي هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ پهچائڻ تمام ڏکيو آهي“. ۽ ”توهان جڏهن ٿورو پئسو حاصل ڪري وٺندا آهيو ته گهڻو ڪري وڌيڪ حاصل ڪرڻ سولو ڪم هوندو آهي: سڀ کان ڏکيو ڪم ٿورو پئسو حاصل ڪرڻ هوندو آهي“. پر اهي سڀ ڳالهيون ثانوي اهميت رکن ٿيون. آدم سمٿ بابت سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هو پهريون شخص آهي جنهن سرزمين جو نقشو ٺاهيو ۽ علم اقتصاديات اڄ جنهن منزل تي آهي انهي جي اتي پهچڻ جي راهه هموار ڪئي.

30. رومي سلطنت جو زوال ۽ خاتمو

-- ايڊورڊ گبن --

 

”مسٽر گبن، هي ڇا آهي؟ مؤرخ جڏهن پنهنجي تاريخ جي ڪتاب جو تازو ڪتاب ڊيوڪ آف گلوسيسٽر کي پيش ڪيو ته هن نڙي مان آواز ڪڍيو، ”وري ٻيو ٿُلهو ڪتاب! مسٽر گبن سدائين پيو ٿو قلم گسائين؛ پيو ٿو قلم گسائين؛ پيو ٿو قلم گسائين.“

مسٽر گبن شايد مرڪيو هوندو. نواب صاحب به ڀوڳ ڪري ورتو هوندو. شايد ته سندس منهن تي ڪي پريشاني جا آٽار به ظاهر ٿيا هوندا پر اهي سندس ننڍڙي ٿُلهي منهن تي مشڪل سان ڏسڻ ۾ اچن ها. گهڻو امڪان آهي ته هن ناس جي دٻلي ڪڍي هوندي ۽ هڪ چپٽي ڀري نڪ ۾ ڏني هوندي. پر نواب صاحب جي لفظن جي چونڊ مان هن کي پريشاني کان وڌيڪ ٻيو ڪجھ به ٿيو هوندو. ”قلم گسائڻ“ ايترن ورهين جي محنت لاءِ اهو لفظ چوڻ قطعاً مناسب نه هو. هن بيشمار ڪتابن جا پنا اٿلايا هئا، ڪنهن هڪ نقطي تي لڳاتار سوچ ويچار ڪئي هئي، مناسب لفظ يا فقري لاءِ اڻٿڪ ڳولها ڪئي هئي، پنهنجي تحرير ۾ حسن پيدا ڪرڻ لاءِ ان ۾ لڳاتار ڀڃ گهڙ ڪئي هئي ۽ مواد کي بار بار پئي لکيو هو تان جو وڃي اهو پرنٽر وٽ وڃڻ جي لائق ٿيو هو. ”پيو ٿو قلم گسائين!“ اسين کيس ناس جي ٻي چپٽي ڏيندي تصور ڪري سگهون ٿا.....

اهو ڪم شروع ڪڏهن ٿيو هو؟ ڪيترا ورهيه اڳ 1751ع جي انهي اونهاري جي مند ۾ جڏهن چوڏهن ورهين جو هڪ ڪمزور ڇوڪرو پنهنجي پيءُ سان گڏ مسٽر هور جي ڳوٺاڻي رهائش گاهه تي ويو هو. سندس پيءُ هڪ امير سيڙپ ڪار هو. انهي پنهنجي سموري دولت ڪنهن مهم جوئي ۾ وڃائي ڇڏي هئي. پر کيس ايتري ڊگهي حياتي ملي جو انهي کان به گهڻي دولت حاصل ڪري ورتي هئائين. ڇوڪر کي سموري ايراضي جو چڪر هڻايو ويو ۽ هن هر شي کي مٿاڇري دلچسپي سان ڏٺو پر هن جيئن ڪيترا ورهيه پوءِ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو: ”آءٌ سٽوئر هيڊ جي حسناڪين مان ايترو خوش نه ٿيو هوس جيترو لائبريري ۾ ايڪهارڊ جي ”رومن هسٽري“ ڏسي خوش ٿيو هوس. منهنجي نظر ۾ ڪانسٽنٽائين جي جانشينن جا دور حڪومت بلڪل نوان هئا ۽ آءٌ گوٿن پاران ڊينيوب ندي ٽپڻ واري ٽڪري ۾ ايترو ته محو لڳو پيو هوس جو جڏهن ماني لاءِ گهنٽي وڳي ته آءُ پنهنجي فڪري ضيافت تان ڏاڍي بي دليءَ سان اٿيو هوس. ”قديم رومين“ تي انهي ”سرسري نظر“ سندس تجسس کي ”ماٺو ڪرڻ بجاءِ ويتر اڀاري ڇڏيو“. هن باٿ جي علائقي ۾ ڪتاب گهرن تي چڙهايون ڪيون ۽ هڪ اهڙو ڪتاب خريد ڪري آيو جنهن کيس محمد ۽ سندس مسلمانن کان آگاهه ڪيو ۽ هو تڏهن کان هڪ کان پوءِ ٻيو ڪتاب کڻندرو رهيو تان جو هن سورهن ورهين جي ڄمار تائين عربن، ايرانين، تاتارين ۽ ترڪن بابت اهو سڀ ڪجھ پڙهي ورتو جيڪو انگريزي زبان ۾ پڙهي سگهجي پيو. آڪسفورڊ وڃڻ کان اڳ هن لاطيني ۽ فرانسي ڪتاب پڙهڻ جي شروعات ڪري ڇڏي هئي.

هو چوڏهن مهينا ميگڊالين ۾ رهيو ۽ ”اهي منهنجي زندگيءَ جا تمام بيڪار ۽ بي فائدي ڏينهن ثابت ٿيا. انهي کان پوءِ هو لوسان ۾ هڪ پادريءَ جي گهر ۾ ڪجھ وقت رهيو ۽ اتان ئي هن جي سهڻي ۽ خوش طبع سوزان ڪرچاد (Curchod) سان رومانوي لڳاءَ جي شروعات ٿي پر سندس پيءُ پاران اهڙي جوڙي تي سخت ناپسنديدگي ظاهر ڪرڻ تي اهو تعلق غير رومانوي پڄاڻي تي پهتو ۽ هن ”هڪ پٽ وانگر تابعداري ڪئي ۽ عاشق وانگر ٿڌا ساهه ڀريندو رهيو“.

هن انگلينڊ ۾ پيٽرس فيلڊ ويجهو بوريٽان ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آرام سان پير ڄمايا جتي لائبريري سندس خاص عملداري جو علائقو هوندي هئي. هو هيمپشائير مليشيا ۾ دخلڪار ٿيو ۽ اڍائي ورهين تائين جيڪڏهن جوش خروش سان نه ته به گهربل انداز ۾ ڪيپٽن طور ڪم ڪندو رهيو. اهو وقت به مڪمل طور ضايع نه ٿيو هو جو ”هڪ جديد بٽالين جي نظم ضبط ۽ ارتقائي حالت مان مون کي يوناني ۽ رومي فوجي دستن جي ترتيب سمجهه ۾ آئي. ۽ هيمپشائير گرينيڊيئرز جو ڪيپٽن (پڙهندڙ ته مسڪرائيندو) رومي سلطنت جي مؤرخ لاءِ بيڪار ثابت نه ٿيو آهي“. جڏهن فرانس سان جنگ پڄاڻي تي پهتي ته رجمينٽ کي ختم ڪيو ويو ۽ گبن چينل پار ڪري پيرس ۽ بالآخر روم هليو ويو. 17 آڪٽوبر 1764ع تي آءٌ روم ۾ ڪيپيٽال (Capitol)جي کنڊرن ۾ ويٺو هوس جو شهر جي زوال ۽ خاتمي بابت لکڻ جو خيال سڀ کان اڳ منهنجي ذهن ۾ آيو.....”هن ستن ورهين جي محنت کان پوءِ فيبروري 1776ع ۾ The Decline and Fall of the Raman Empire جو پهريون جلد ڇپرايو. انهي جو ملهه هڪ گني رکيو ويو. انهيءَ کي فوراً ڪاميابي ملي وئي“. منهنجو ڪتاب هر ٽيبل تي اچي ويو“، هو اسان کي ٻڌائي ٿو، ”۽ تقريباً هر سينگار ميز تي به اچي ويو. مؤرخ جي انهي دور جي ذوق ۽ فيشن مطابق عزت افزائي ٿيڻ لڳي“. هن سئٽزرلينڊ ۾ هڪ دوست سان اقرار ڪيو ته کيس مبارڪون ۽ واڌايون وٺندي ڏاڍي خوشي محسوس ٿئي ٿي خاص طور نوجوان ۽ سهڻين عورتن کان ملندڙ مبارڪن تي هو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو.

پوءِ جا باب جيتوڻيڪ ڪجھ ڊگها ۽ تمام تفصيلي آهن پر شروعاتي بابن بابت ڪا شڪايت نه ٿي ڪري سگهجي جن ۾ گبن تمام ماهراڻي انداز ۾ انهي اسٽيج جو بيان ڏنو آهي جنهن تي اهو عظيم ڊرامو وقوع پذير ٿيڻو هو. ”عيسوي سن جي ٻئين صديءَ ۾“ هو شروعات ڪري ٿو، ”روم جي سلطنت زمين جي تمام بهترين حصي ۽ انسان ذات جي تمام مهذب حصي تي ٻڌل هئي“. انهيءَ دور ۾ سلطنت جي ايراضي به سڀ کان وسيع هئي. اها اسڪاٽلينڊ ۾ اينٽونئس جي ديوار کان اٽلس جبل تائين ايٽلانٽڪ سمنڊ کان فرات تائين پکڙيل هئي. هڪ سادي تخميني مطابق انهي جي آدمشماري ٻارهن ڪروڙ هئي. انهي کي ”ڪنهن ساڳئي نظام حڪومت هيٺ متحد رهندڙ سڀ کان وڏو سماج چئي سگهجي پيو“. انهي جي دفاع ۽ انهي ۾ نظم ضبط قائم ڪرڻ لاءِ ساڍن چئن لکن جي لڳ ڀڳ فوج مقرر هئي.

جيئن گبن بيان ڪيو آهي. اهو وحشانيت جي ٻن دورن جي وچ ۾ هڪ قسم جو سونهري دور هو. ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي دنيا جي تاريخ ۾ ڪو اهڙو دور ٻڌائڻ لاءِ چيو وڃي“، هو لکي ٿو، ”جنهن ۾ انسان ذات تمام خوش ۽ خوشحال هئي ته هو بنان ڪنهن هٻڪ جي ڊوميشن جي وفات کان ڪموڊس (180ع- 96ع) جي تخت نشيني تائين واري دور جو نالو کڻندو. رومي سلطنت جي وسيع ايراضي تي نيڪي ۽ ڏاهپ جي روشني ۾ مطلق طاقت سان حڪمراني ٿيندي هئي. فوج هڪٻئي پٺيان ايندڙ شهنشاهن جي نرم پر سخت ۽ پڪي هٿ هيٺ هوندي هئي جن جو ڪردار ۽ اختيار اهڙو هوندو هو جو هر ڪو لازماً انهن جي عزت ڪندو هو. ”انٽونين نالي وارا ٻه شهنشاهه اينٽونينس پياس ۽ مارڪوس آريلئس خاص تعريف جا حقدار آهن. انهن جي حڪمراني جو گڏيل دور شايد تاريخ جو واحد دور آهي جنهن ۾ حڪومت جو واحد مقصد تمام گهڻن ماڻهن جي خوشي هو“.

پر اها ڳالهه آهي ته، اهي بادشاهه جن کي اهو اعزاز به حاصل هو جو انهن پنهنجي هٿان سرانجام ڏنل عام خوشي جي حالت کي ڏسي خوشي ٿي حاصل ڪئي انهن کي اڪثر موقعن تي ڪنهن هڪ ماڻهو جي ڪردار سبب خوشي ۾ آيل رخنو به ياد هوندو. اهو موتمار لمحو به شايد ويجھو اچي رهيو هو جڏهن ڪو ڇڙواڳ نوجوان يا ڪو ساڙ سڙيو حاڪم انهي مطلق اختيار کي غلط ڪم آڻيندو جيڪو اختيار انهن پنهنجي عوام جي فائدي لاءِ ڪم آندو هو. ”۽ اها ڳالهه جلدئي سچي ثابت ٿي. مارڪوس آريليئس کان پوءِ ڪموڊس تخت نشين ٿيو. هو اهڙو شخص هو“، جنهن ۾ انسانيت ۽ چڱائي جو ڪو به جذبو نه هو، هن کي پنهنجن شاهي اختيارن ۾ فقط اها ڳالهه پسند هئي ته هو بي روڪ ٽوڪ پنهنجي جسماني بکن جي پورائي ۾ لڳو رهي. ”گبن جهڙي خصوصيت سان سندس چٽ چٽيا آهن هو واقعي اهڙو نفرت جهڙو شخص هو پر تخت تي هن کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي بدنام حڪمران آيا. اسين جيئن سندس ڪتاب جا ورق اٿلائيندا وينداسين ته اسان کي سندس انهي فيصلي سان متفق ٿيڻو پوندو ته تاريخ انسان ذات جي ڏوهن، حماقتن ۽ بدنصيبين جي داستان کان سواءِ ڪجھ به نه آهي“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org