سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:26 

79. ايرئيل

-- آندري ماروئي --

(Andre Maurois)

آندري ماروئي جولاءِ 1885ع ۾ ڄائو. سندس اصل نالو هر زوگ هو. هن جو پيءُ فرانس جو هڪ امير ماڻهو هو جنهن کي ڪپڙي جو ڪارخانو هو. هن جو ڪتاب The Silence of Colonel Bramble ڇپجڻ سان هُن پنهنجي ملڪ ۾ راتو رات مقبوليت حاصل ڪري ورتي هئي. برطانوي آرمي جي هڪ پڪي روايت پرست ماڻهو جي اها لازوال تصوير پهرئين جنگ عظيم کان جلدئي پوءِ ڇپي هئي. تڏهن هو برطانوي فوجن ۾ ترجمان طور منسلڪ ٿيل هو. هو اسان کي هن ڪتاب، توڻي Discourses of Doctor O’Gardy ۽ پڻ ٻين مضمونن ۽ ڪتابن ۾ انگريزن، انهن جي ڳالهين، اٿي ويٺي جي ادب آداب، انهن جي ذهنيت، سپاهين، ليکڪن ۽ وڏ گهراڻن جو ڏاڍي خوش دلي سان مشاهدو ڪندي نظر اچي ٿو. هو انگريزن جي ڳوٺاڻن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ٺهيل وڏن گهرن جو وڏو ڄاڻو آهي. پر اها ڳالهه آهي ته ماروئي جيتوڻيڪ انگلينڊ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو پر هُو سدائين هڪ فرانسي ئي رهيو. هو انهي ملڪ سان پنهنجي محبت جي باوجود پنهنجي دل ۾ موجود ڪنهن اهڙي جذبي کان واقف هو جنهن کي انگريزي طرز زندگي سان ڪا مطابقت محسوس نه پئي ٿي ۽ هو الڳ ٿلڳ رهندي به پنهنجي ملڪ جي ويجهڙائي پيو ڳولهيندو هو. ٻين لفظن ۾ چئجي ته هو هڪ تمام سوچ سمجهه وارو مداح رهيو آهي. مداحن جو اهو قسم سڀ کان سٺو هوندو آهي.

ماروئي، ڊزرائيلي، مارشل لائيٽي، بائرن، ڊڪنس ۽ شيلي جي سوانح عمرين ۾ ساڳيو ئي غير جانبدار ۽ شائستگي وارو مشاهدو برقرار رکيو آهي. سندس شهرت جو دارومدار انهن سوانح عمرين تي پڻ آهي. هن لائيٽي جي سوانح عمري ۾ اسان کي هڪ غير پيچيدو عمل وارو ماڻهو ڏيکاريو آهي، ڊڪنس جي سوانح ۾ هڪ اهڙو تخليقي آرٽسٽ ڏيکاريو آهي جيڪو هڪ جاندار حقيقت کي نئين ۽ جذباتي طور قبوليت جوڳي شڪل ۾ ڏيکاري آرام محسوس ڪري ٿو. بائرن هڪ اهڙو ڏات ڌڻي آهي جنهن جو پاڻ سان ئي ٺاهه نه آهي. ڊزرائيلي هڪ اهڙو آدرشي آهي جيڪو پنهنجن خوابن کي حقيقت جو جامو پهرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ناڪام ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته شيلي هڪ اهڙو خواب ڏسندڙ آهي جيڪو حقيقت خلاف بغاوت ڪري ٿو ۽ هر وقت خوابن جي دنيا ۾ رهندي مادي دنيا جي سخت پٿرن تي ٿاٻڙجندو رهي ٿو.

”ايرئيل، اي شيلي رومانس“ پهريون دفعو انگريزي ترجمي جي صورت ۾ 1924ع ۾ ڇپيو. انهي ڪتاب ۽ ڪنهن روايتي سوانح عمري ۾ ايترو ئي فرق آهي جيترو کيرڻي ۽ پاون جي ٻوڙ ۾ ٿي سگهي ٿو. ماخذن جو ذڪر نالي ماتر، نه ڪي حاشيا نه ڪي بحث، سندس نظمن جو ذڪر به ٿورو ٿڪو. متن اهڙن تفصيلن کان خالي جن سبب سنجيده ڪتابن کي وقعت ملندي آهي. ڪتاب ۾ مرڪزي ڪردار لاءِ عزت بجاءِ طنزيه کل ڀوڳ نظر ايندي. وڌيڪ توجهه به شيلي ۽ سندس ويجھو رهندڙ ماڻهن کي ڏنل اهي. ڪا به تڪ تور ٿيل نه آهي ۽ نه ئي انگريزي ادب ۾ سندس مقام جو ڪو تذڪرو آهي. انگريز نقادن کي اهو انوکو انداز ۽ هلڪي انداز ۾ ڏسڻ ڏاڍو وڻيو. انهن شيلي جي واضح تصوير، ماروئي جي ڪردار کي کولي سمجهائڻ جي صلاحيت ۽ ڪتاب جي اصليت(Orginality) کي ڏاڍو ساراهيو ۽ انهي کي ڇپيل ڪتابن مان سڀ کان انصاف ڀرئي ۽ سڀ کان وڌيڪ انساني خوبيون رکندڙ تصوير ڪوٺيو. اسين جڏهن ويجھڙائي ۾ ڇپيل سوانح عمرين کي ڏسنداسين ته اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته اها راءِ هاڻي به درست آهي.

شيلي اسان کي سڀ کان پهريان ايٽن ۾ نظر اچي ٿو. هو تمام سهڻو ڇوڪر آهي. هو جيئن ته پنهنجي مٿي پنهنجي ذات جو ادراڪ رکندڙ فرد آهي. تنهن ڪري اسڪولي زندگي جي روايتن کي للڪاري ٿو. اهو رويو سندس طبقي جي ماڻهن ۾ هڪ غير معمولي ڳالهه آهي. هو هڪ دولتمند شخص سربشي شيلي جو پوٽو ۽ ٽموٿي شيلي ايم.پي. جو پٽ آهي. سندس پيءُ هڪ متڪبر، ٺٺ ٺانگر سان رهندڙ، جهيڙي جهٽي کان پري پر ڏاڍو بيزار ڪندڙ ماڻهو آهي. هو شروع کان ئي پنهنجي انهي ڇوڪرين جهڙي اولاد کي عجيب شڪ جي نگاهه سان ڏسندو هو. پيءُ ۽ پٽ ۾ ڪڏهن به نباهه نه ٿي سگهيو. اهي ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي يڪراء نه ٿي سگهيا. ٽموٿي هڪ روايتي قسم جو ماڻهو هو جڏهن ته پرسي ننڍي لاڪون ئي غير حقيقي دنيا ۾ رهندو هو. ايٽن ۾ به ڇوڪرا کيس تنگ ڪندا هئا. تڏهن هو ڏاڍي ڪاوڙ ۾ اچي پاڻ کي ايذائيندڙن سان وڙهي پري ڀڄي ويندو هو. هو سوچن ۾ ٻڏل ٽيمز ندي جي ڪناري تي چرا گاهن ۾ ڀٽڪندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اس ۾ گاهه تي ليٽي ندي کي وهندي پيو ڏسندو هو يا وري ونڊسر ۽ ايٽن جي وڏن ٽاورن ڏانهن پيو تڪيندو هو. اهي کيس اهڙي مخالف دنيا جون علامتون لڳندا هئا جيڪا ڪڏهن به تبديل نه ٿيندي.

پر موڪلن ۾ پنهنجي پر آسائش گهر ۾ هو پنهنجي اصلي رنگ ۾ اچي ويندو هو. شيلي پنهنجي ڀينرن جي نظرن ۾ ڪوسپرمين هوندو هو. هو جيئن ئي ايٽن کان پهچندو هو گهر عجيب غريب مهمانن سان ڀرجي ويندو هو. پارڪ ۾ A Mid Summer Nights dream جهڙا سرٻاٽ لڳا پيا هوندا هئا. ننڍڙيون ڇوڪريون مسلسل هڪ خوف ۾ رهنديون هيون پر اها حالت انهن لاءِ اڻ وڻندڙ نه هوندي هئي. پرسي روز مرهه جي شين کي عجيب غريب پوشاڪون پهرائي ڏاڍو خوش ٿيندو هو....“

پوءِ هو 1810ع ۾ آڪسفورڊ پهچي ويو. اتي هو ڏاڍو ڊگهو نوجوان ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ سندس منهن غير معمولي ذهانت سان روشن نظر ايندو هو. هو وڏي شوق سان فلسفي ۽ مابعدالطبعيات بابت ڪتاب پيو پڙهندو هو. فلسفياڻن نظامن جي ڪثرت کيس منجهائي ڇڏيندي هئي. ”هو ڪيتري نه غير معمولي مخلوق آهي!“ سندس دوست جيفرسن هاگ سوچيندو هو. هو انهي سان رات جو دير تائين ويٺو بحث مباحثا ڪندو هو. ”هن ۾ ڪنهن نوجوان ڇوڪريءَ جهڙي لطافت ۽ ڪنهن اهڙي ناري جهڙي پاڪيزگي آهي جنهن پنهنجي ماءُ جو پاسو ڪڏهن به نه ڇڏيو آهي. انهي جي باوجود به هو هڪ اجيت طاقت آهي. هن ۾ روح ڪنهن بينيڊ ڪٽي راهب جو ۽ خيال ڪنهن جيڪو بي جا آهن“.

شيلي آڪسفورڊ مان پنهنجي سهڻي سوٽ هيرئيٽ گرو تي پرجوش خيالن سان ڀريل محبت نامن جا مينهن وسائيندو رهيو. پر انهن خطن ۾ شادي جي ٻنڌڻن کان آزاد محبت جي وڪالت به ڪيل هوندي هئي. هن اهڙين ڳالهين کان ڊڄي هن کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ کيس ڇڏي ڏنائين ته ڀلي هو سندس نارواداري خلاف اوٻر ڪڍندو ۽ گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهي. هن هڪ مهينو پوءِ آڪسفورڊ جهڙي مذهبي اداري ۾ The Necessity of athiesim ڇپرايو. ”هن کي جيتوڻيڪ“ ماروئي لکي ٿو، ”ڪائناتي نيڪي جي روح ۾ پڪو ويساهه هوندو هو. جيڪا سڀني شين جي ٺاهيندڙ ۽ هلائيندڙ آهي ته به ناستڪ (Athiest) جو لفظ پنهنجي سگهه ۽ طاقت سبب کيس وڻندو هو. هو اهو لفظ ڪٽرپڻي جي منهن ۾ اڇلائي خوش ٿيندو هو. هن ۽ سندس حمايتي هاگ کي آڪسفورڊ مان نيڪالي ڏني وئي. هن پنهنجي پيءُ پاران گهر موٽڻ لاءِ هنيل شرطن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهي ٻئي لڳ ڀڳ هٿين خالي ڪنهن ڌنڌي ڌاڙي يا ڪنهن دوست سنگتي کان سواءِ لنڊن ۾ رهڻ لڳا.

شيلي لاءِ هاڻي غيرمعمولي طور منجهيل ۽ رولاڪي واري زندگيءَ جو دور شروع ٿي ويو. هيرئيٽ ويسٽ پروڪ نالي هڪ سهڻي سورهن ورهين جي ڇوڪري هن جي اک تي چڙهي وئي. هن جو پيءُ اڳ ۾ شراب خانو هلائيندو هو. هاڻي رٽائرڊ هو. ڇوڪري ننڍڙي سنهڙي سيپڪڙي هوندي هئي ۽ هن کي ڏسي تازگي جو احساس ٿيندو هو. کيس هن ۾ اهڙو ٿانءُ نظر ايندو هو جنهن ۾ سندس سمورا آدرشي خيال اوتجي سگهندا. اهي جلدئي هڪ دوست کان ڪجھ پائونڊ اڌارا وٺي انڊنبرگ ڀڄي ويا. اها شادي ڪامياب ٿي ۽ شيلي هيرئيٽ سان گڏجي ڪلاسيڪي ڪتاب پڙهڻ لڳو. پوءِ هن جي ذهن ۾ هڪ تمام وڏي رٿا تيار ٿيڻ لڳي: هن آئرلينڊ ڪيٿولڪ فرقي وارن جي آزادي لاءِ سوچيو. هن ڊبلن جي رهواسين تي پمفليٽن جو مينهن وسائي ڇڏيو پر موٽ ۾ فقط چٿرون ۽ مايوسي مليس. هن کي انهي مان تمام وڏيون اميدون هيون.

ماروئي شيلي جي پنهنجي زال، سندس ڀيڻ ايلزبيٿ ۽ مس هچنر سان سندس سرگردان رولاڪين جو پيرو کڻي ٿو. هو ڦري گهري لنڊن موٽي آيو. اتي وليم گاڊون سان دوستي ٿي ويس. هوPolitical Justice جو ليکڪ هو جنهن کي شيلي ڏاڍو پسند ڪندو هو. اتي نوجوان عورتن جو هڪ ٽولو به شاعر جي جوشيلي خطابت کي غور سان ٻڌڻ لڳو هو. پئسو اصل کان هڪ مسئلو رهندو ٿي آيو. شيلي ايترو پنهنجي ضرورتن لاءِ نه پر گاڊون ۽ ٻين ڪنگلن ليکڪن لاءِ اوڌر وٺندو هو. پر بهرحال هر طرف خوشي جو راڄ هوندو هو شيلي Queen Mab لکي رهيو هو ۽ هيرئيٽ- جيڪا پيٽ سان هئي- کي هوريس ۽ ورجل پڙهائي رهيو هو.

ٻار جي پيدائش کان پوءِ- اها Ianthe نالي ڇوڪري هئي- زال مڙس جي لاڳاپن تي هڪ پاڇو پئجي ويو. هيرئيٽ حقيقت ۾ ڪا دانشور نه هئي. هوريس جي تعليم هن لاءِ هڪ وڏي دٻاء جو سبب هئي. هن خوش گذارڻ ٿي چاهيو ۽ شيلي جيڪي پئسا گاڊون ۽ ٻين بي وقعت ليکڪن تي خرچ ڪندو هو انهن مان ڪپڙا ۽ ٽوپلا خريد ڪرڻ ٿي چاهيائين. اهي ڳالهيون شيلي کي پسند نه هيون ۽ هن اها ڳالهه هيرئيٽ کي به محسوس ڪرائي. بريڪنل ۾ ٿيل هڪ پارٽي کان پوءِ ته انهن جي دوري ڄڻ قطعي شڪل اختيار وئي. هو اتي ميزبان جي ڌيءُ سان اڳيئي پيٽرارڪ پڙهندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذاريندو هو. حسد جي باهه سبب هوءَ جيتري هئي انهي کان به وڌيڪ بي وقوف ڏسڻ ۾ ايندي هئي. شيلي بيزار ٿي پيو. هوءَ اڪيلي لنڊن موٽي آئي. هو هن جي پٺيان ويو پر هوءَ هوڏ تي قائم هئي. اهڙي طرح شادي ناڪام ٿي وئي ۽ شيلي جي تصوراتي دنيا عارضي طور لُڏي وئي.

پر هن جن پراسرار ۽ فيض رسان قوتن کي سموري ڪائنات ۾ ٽڙيل پکڙيل سمجهيو ٿي انهن کي پنهنجي خوشي لاءِ ڪنهن سهڻي عورت جو روپ ڏيڻ چاهيو ٿي. ”هو هاڻي نئين محبت لاءِ تيار هو. هن جي ملاقات ميري گاڊون سان ٿي. اها فلسفيءَ جي پهرئين زال ميري وولسٽون ڪرافٽ جي ڌيءُ هئي. انهي حساس، ذهين ۽ بهادر نازڪڙي نوجوان ڇوڪريءَ سندس پُرجوش پيار کي جاڳائي وڌو. هن انهي کي ڀڄائي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هيرئيٽ کي لنڊن گهرائي ۽ تمام سانتيڪي نموني ۾ ۽ وڏي شفقت سان هن کي پنهنجي ارادي کان آگاهه ڪيائين. هن کي چوٿون مهينو پيٽ هو ۽ طبيعت به اڳيئي صحيح نه هئس. هاڻي ته کيس مايوسي وڪوڙي وئي. شيلي ڏاڍي پيار سان سندس ٽهل ٽڪور ڪئي ۽ وري پنهنجو پراڻو بحث شروع ڪيائين ته“، جنسي لحاظ کان ميلاپ ايستائين پاڪ پوتر آهي جيستائين اهو زال ۽ مڙس جي خوشي ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ اهو انهي وقت پنهنجو پاڻ ختم ٿي وڃي ٿو جڏهن انهي جا نقصان فائدن کان وڌي وڃن ٿا. وفاداري بذات خود ڪا نيڪوڪاري نه آهي... اهڙي غلط ۽ بي رحماڻي دليل سان هيرئيٽ مان جان ڇڏائي وئي ۽ شيلي پاڻ تمام آنڌ مانڌ واري حالت ۾ وڏي مقدار ۾ لائوڊينم کائي ڇڏي. پر هو اڃا به پنهنجي پڪي ارادي تي بيٺل هو.

هو ڪجھ مهينا پوءِ ميري سان گڏ سئيٽرزلينڊ ڀڄي ويو. ميري جي ڀيڻ جين به انهن سان گڏ هئي. اهي ڏاڍا خوش ٿي لنڊن موٽيا. واپسي تي گاڊون ڪٽنب ڪاوڙ ۾ گهڻيون ئي اکيون ڳاڙهيون ڪيون. شيلي جن کان اوڌرون ورتيون هيون اهي به ڪاوڙيا ويٺا هئا وري جڏهن هيرئيٽ سان مليا ته انهي جي به چڙ ۽ ڪاوڙ کي منهن ڏيڻو پين. ميري هاڻي اميد سان هئي ۽ يوناني ۽ لاطيني جي تعليم تي به چڱي توجه ڏيندي هئي. اهي سر پينٽائين ۾ ڪاغذ جون ٻيڙيون هلائيندا هئا ۽ هاڻي فقط جين جي هر وقت موجودگي ئي مسئلو هوندي هئي. انهي هاڻي پنهنجو نالو مٽائي ڪليئر(Claire) رکي ڇڏيو هو ۽ ميري جي جڏهن طبيعت ٺيڪ نه هوندي هئي ته شيلي سان ڊگهيون دانشوراڻيون(؟) ڪچهريون ڪندي هئي. پوءِ ٻار ڄائو ۽ هڪ مهيني جي اندر فوت ٿي ويو. ڪليئر اڃا به گهر ۾ هئي. انهيء تي ميري ڌاڍي بيزار ٿي پئي. هن کي پڪ هئي ته ڪليئر کي شيلي سان محبت ٿي وئي هئي.

ڪليئر پوءِ لارڊ بائرن جي پٺيان انهي کي سر ڪرڻ وئي هلي. هو وري 1816ع جي بهار جي مند ۾ شيلي وارن سان سئٽرزلينڊ ۾ گڏ هئي ۽ پنهنجي عاشق جي اچڻ جي انتظار ۾ هئي. اهو به تمام اميراڻين گاڏين ۾ سوار ٿي انهن سان ملڻ اچي رهيو هو. بائرن ۽ شيلي پاڻ ۾ سٺي نموني رلمل ٿي ويا. شيلي ته هونئن ئي تمام نهٺو ماڻهو هو انهي محسوس ئي نه ڪيو ته بائرن کيس پسند ڪرڻ لڳو هو.

انگلينڊ ۾ وري شيلي وارن کي ٻن دکدائڪ واقعن نهوڙي نيو. ميري جي ويڳي ڀيڻ فيني آپگهات ڪيو ۽ جلدئي پوءِ هيرئيٽ سر پينٽائين مان ٻڏي مئل هٿ آئي. هوءَ پورن ڏينهن سان هئي. هوءَ ڏاڍي دلشڪستي ٿي پئي هئي. اڳ ۾ هڪ آرمي جي آفيسر سان رهندي هئي. انهي کي انڊيا وڃڻ جو حڪم مليو ته هو کيس ڇڏي ويو. پوءِ هڪ معمولي محافظ سان رهڻ لڳي هئي. چون پيا ته اهو گهوڙن جو سائيس هو. اهو به کيس ڇڏي ويو. هوءَ بلڪل اڪيلي ٿي وئي ۽ ايندڙ خواري کي منهن ڏيڻ بجاءِ موت جي چونڊ ڪيائين.

پندرهن ڏينهن پوءِ شيلي ۽ ميري لنڊن جي هڪ گرجا گهر ۾ شادي ڪري ڇڏي. پر انهي کان اڳ شيلي پاڻ کي اهو اطمينان ڏياريو ته انهي حادثي ۾ هن جو ڪو ڪردار نه هو. هن پوءِ هيرئيٽ جي ٻن ٻارن کي پنهنجي نگهداشت ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪورٽ آف چانسري سندس لاديني ۽ اخلاقي طور باغياڻين تحريرن جي بنياد تي کيس اهو حق نه ڏنو. اهو فيصلو کيس ڏاڍو تلخ لڳو.

پوءِ هو، ميري، انهن جا ٻار ۽ اڻٽر ڪليئر اٽلي ڀڄي ويا. بائرن پنهنجي محبوبا سان گڏ وينس ۾ رهيو هو. انهي سان ڪليئر جي هن مان ڄاول ڌيءُ اليگرا (Allegra) جي نگهداشت تي ڦڏو ٿي پيو. وري شيلي جو سڀ کان ننڍو ٻار مري ويو. هو ۽ ميري پاڻ کي ڏاڍا اٻاڻڪا ۽ اڪيلا محسوس ڪرڻ لڳا. هو Prometheus unbound تي ڏاڍي محنت سان ڪم ڪندو هو ۽ تخليق جي خوشي اداسيءَ کي ڪجھ وقت لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. ”هن کي ائين لڳندو هو ته هن جي نوجوان جلاوطنن جي ٽولي کي جيڪو ڀُتو ڀاڻ جهاز ڪنهن اجنبي آسمان هيٺ کنيو پئي هليو؛ ڏک ڏولاوا انهي جا سکاڻي ٿيا ويٺا هئا“. اهو جوڙو پنهنجي ڏک ۽ افسوس جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاءِ روم ۽ پوءِ نيپلز ويو هليو. اتي ڪٽنب جو ٻيو ٻار وليم پيچش وگهي مري ويو. اهو پنهنجي پيءُ کي ڏاڍو پيارو هو. اهي ڏکاريون دليون کڻي فلارينس ويا. ميري اتي هڪ پٽ کي جنم ڏنو.

سيارو آيو ته اهي پيسا (Pisa) ويا هليا. اتي انهن ڏاڍا سٺا دوست ٺاهيا. اتي هڪ فلارينسي معزز جي ڌي ايميليا جيڪا هڪ ڪانوينٽ ۾ واڙيل هئي. انهي کي ڏسي شيلي جا مهم جوئي وارا جذبا جاڳي پيا. هو انهي وٽ اچڻ وڃڻ لڳو ۽ محبت جي دام ۾ گرفتار ٿي ويو جڏهن ته ميري جيڪا هاڻي ماءُ هئي. گهر جي سار سنڀال لهندي هئي. اها وڌيڪ خشڪ ۽ ڪنهن ڇوڪري جو عملي روپ هئي. اها ماٺ ڪيو پئي ڏسندي هئي ۽ هو مڪمل عورت جي انهي نئين روپ ۾ مزا پيو ماڻيندو هو. بدقسمتي سان شيلي اڃا هڪ شاندار محبت جو گيت لکي رهيو هو جو ايميليا هڪ سادي شڪل واري مرد سان پرڻجي وئي ۽ ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيل شاعر هٿ مهٽيندو رهجي ويو. ”ماڻهو سدائين ڪنهن نه ڪنهن شي سان محبت پيو ڪندو آهي: غلطي اها ٿيندي آهي جو ڪنهن فاني پيڪر ۾ شايد ڪنهن لافاني شي جون خصوصيتون ڳولهبيون آهن“.

بائرن سان راويان ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. شيلي ۽ ڪليئر بابت ماڻهو ڏکويئندڙ ڳالهيون ڪندا رهيا. ڪليئر کي اليگرا جي قسمت تي ڏاڍو ڏک پيو ٿيندو هو ڇاڪاڻ ته هوءَ بائرن جي نگهداشت ۾ هوندي هئي پر هو کيس نظرانداز پيو ڪندو هو. پوءِ بائرن پيسا آيو هن وٽ پنج گاڏيون ۽ ڪيترائي جانور هئا. اها جاءِ سماجي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز ٿي وئي. بائرن کي عزت ۽ وقعت ملندي هئي جڏهن ته شيلي سان انگريز ملاقاتي ڏاڍي رکائي سان پيش ايندا هئا. پر انهي تي هو ذري برابر به پريشان نه ٿيندو هو.

هاڻي انهي حد کان وڌيڪ دانشوراڻي ۽ ڪجھ گُهٽيل ماحول ۾ اوچتو هڪ زنده دل ملاح ۽ سامونڊي ڦورو اچي منهن ڪڍيو. هن سموري دنيا ۾ مهم جوئي واري زندگي گذاري هئي. هن جو نالو ٽري لاني (Trelawny) هو. هن کي ٻنهي شاعرن سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هو. پوءِ وري هو ٻئي هن مان ڏاڍا متاثر ٿيا. هو ڪو خواب ڏسندڙ نه پر عملي ماڻهو هو. اها ڳالهه بائرن ۽ شيلي کي ڏاڍي عجيب ٿي لڳي. جلدئي شيلي آرنو جي وارياسن ڪنارن تي هن سان جهاز راني جي اصطلاحن، سڙهن ۽ سامونڊي چارٽن بابت صلاح مشورا وٺڻ لڳو.

شيلي کي جوشيلي ٽري لاني کان مرعوب ٿي ڪنهن ٻيڙي جي گهرج ٿي پئي. هن لاءِ جينوئا(Genoa) ۾ هڪ ٻيڙي ٺاهي وئي ۽ ليريسي (Lerici) ۾ هن جي حوالي ڪئي وئي. کيس ٻڌايو ويو ته انهي ڪناري تي صحيح ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ صحيح نموني سان هلي آهي. پر اها سنڀالڻ ۾ ڏاڍي ڏکي ثابت ٿي ۽ انهي کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪيترائي مڻ لوهه جو Ballast کپندو هو. انهي تي ايرئيل (Ariel) نالو رکيو ويو. ٻيڙي پاڻي ۾ هلي بيٺي ته شيلي جي خوشي جي ڪا حد نه رهي. توڙي جو هو ڪيترا دفعا ٻيڙي مان ڪرندي ڪرندي بچيو هو. هن جي خوشي هڪ ڍونڍي جي واڌاري سان اڃا وڌي وئي. اها ڍونڍي به اڪثر اونڌي ٿي ويندي هئي ۽ کيس هڪ دفعو غوطا به کارايا هئائين. پاڻي، ٿڌڙي هير ۽ نيري صاف آسمان مان هن کي ايترو اتساهه ملندو هو جيترو ٻي ڪنهن شي مان نه ملندو هوس. هو هڪ دفعو سمنڊ ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو هو ۽ ٻارڙا به ساڻ هئس جو ڪنهن اونهي سوچ ۾ ٻڏي ويو هو. انهي تي ٻارن جي ماءُ کي ته ڊپ اچي ورايو هو. هو انهي سوچ مان نڪتو ته خوشي ۾ وٺي رڙ ڪيائين: ”هاڻي اچو ته انهي عظيم اسرار کي گڏجي حل ڪريون!“

سموري اونهاري جي مند ۾ ڪنهن به ڳالهه سندس خوشي ۾ رخنو نه وڌو. هو چانڊوڪي رات ۾ ايرئيل تي نڪري ويندو هو. ميري سندس پيرن ۾ ويٺي هوندي هئي. سندس مٿو شيلي جي گوڏن وٽ هوندو هو. پوءِ جولاءِ 1882ع ۾ شيلي جي ٽيهين سالگرهه کان هڪ مهينو اڳ دکدائڪ واقعو ٿي گذريو. گرمي ۾ ساهه ٿي منجهيو. شيلي 8- جولاءِ تي ٻن دوستن سان گڏ Leghorn پهتو. ايرئيل اتي لنگر تي بيٺل هئي. هن اها ستن ڪلاڪن جي سفر تي واپس ليريسي کڻي وڃڻ ٿي گهري. انهن شام جو ماٺي سمنڊ ۾ سفر شروع ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ گاج ۽ تيز مينهن سان طوفان شروع ٿي ويو. طوفان بيهڻ کان پوءِ ڪناري تان انهن جي ٻيڙي جو ڪو نشان نظر نه ٿي آيو. ميري کي هڪ هفتو گذرڻ کان پوءِ شڪ پيو ۽ وڌيڪ ٻه ٽي ڏينهن ٻيا به گذريا جو پڪ ٿيس ته ڪهڙو ويل وهي ويو آهي. تڏهن مڇين پاران هڪ اڌ کاڌل لاش ڪناري تي لڙهي آيو. انهي جي ڪوٽ جي هڪ کيسي ۾ سوفوڪليز جو هڪ جلد ۽ ٻئي ۾ ڪيٽس جا نظم پيا هئا. ڪجھ وقفن کان پوءِ ٻن دوستن جا لاش به هٿ اچي ويا.

جيئن ته حفظان صحت جي قانونن تحت لاشن کي ڪناري تان کڻڻ جي اجازت نه هئي تنهن ڪري انهن کي اتي ئي ساڙيو ويو. شعلن تي لوبان، تيل ۽ لوڻ اڇلايو ويو ۽ ڳوٺاڻا ٻار ڊپ ۾ اکيون کوليون اهو منظر ڏسي رهيا هئا.

ميري شيلي پوءِ شادي نه ڪئي. هوءَ گهڻو وقت اٽلي ۽ پوءِ لنڊن ۾ رهي. سندس ڀيڻ ڪليئر پنهنجي زندگي جي شام فلارينس ۾ گذاري. اتي ئي سن 1878ع جي بهار جي مند ۾ هڪ نوجوان شيلي بابت ڪجھ ڄاڻ هٿ ڪرڻ آيو. هن اها ڳالهه تسليم ڪئي ته هن کي بائرن سان ڪڏهن به محبت نه هئي.

”اتي بلڪل ماٺ لڳي پئي هئي. ملاقاتي ٿورو هٻڪندي پڇيو: ڇا توهان ڪڏهن محبت نه ڪئي، مادام؟

”ڪوماڻيل ڳلن تي هلڪي لالاڻ اچي وئي. هن دفعي هن ڪو به جواب نه ڏنو. زمين کي ڏسندي رهي.

”شيلي؟“ هن ڀڻڪو ڪيو.

”پنهنجي دل ۽ روح سان“، هن اکيون مٿي کڻڻ کان سواءِ جواب ڏنو. پوءِ ڏاڍي وڻندڙ نخري واري انداز ۾ پنهنجي وڪوڙيل وڃڻي سان سندس ڳل تي ٿڦڪي ڪيائين.

ماروئي انهن لفظن تي پنهنجي ڪتاب جي پڃاڻي ڪئي. شيلي بابت ڪيترائي عالماڻا ڪتاب آيا آهن پر ڪنهن به ڪتاب ۾ ايتري ٿوري جاءِ ۾ ۽ انهي کان وڌيڪ بصيرت ۽ نزاڪت سان انهي انساني شڪل ۾ آيل عجيب روح بابت شاعراڻو سچ بيان نه ٿيل آهي.

80. دي ميجڪ مائونٽين

-- ٿامس مين --

 

ٿامس مين جرمني جي هڪ اناج جي واپاري جو پٽ هو. هو لوبيڪ ۾ ڄائو پر سندس پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس ڪٽنب ميونخ لڏي ويو. هن ادب، آرٽ، تاريخ ۽ پوليٽيڪل اڪانامي جي تعليم حاصل ڪئي. پوءِ هن کي اوڻيهين صدي جي روسي، اسڪنڊينيويائي ۽ فرانسي ناول نگارن ۾ خاص دلچسپي پيدا ٿي وئي.

هن اوڻيهين ورهين جي ڄمار ۾ اسڪول ڇڏيو ۽ هڪ انشورنس ڪمپني ۾ بنا پگهار جي نوڪري ورتي ۽ لڪ ڇپ ۾ پنهنجو پهريون ڪتاب لکيو. اها Fallen جي نالي سان هڪ محبت جي ڪهاڻي هئي.

هن پنجويهن ورهين جي ڄمار ۾ The Buddenbrooks نالي آتم ڪهاڻڪ ناول لکي شهرت حاصل ڪئي. انهي کان ٽي ورهيه پوءِ Tonio Kroger لکيائين. اهو ڪتاب کيس به ڏاڍو وڻندو هو.

هن 1912ع ۾ سئٽرزلينڊ جي هڪ سينيٽوريم ۾ پنهنجي زال سان گڌ ٽي هفتا گذاريا. انهي کي ڦڦڙن جي بيماري هئي. انهيءَ مختصر تجربي کي ٻارهن ورهيه پوءِ چڱو ڦل ڏيڻو هو پر انهي کان اڳ پهرئين جنگ عظيم اچي وئي. هن انهي دوران 1918ع ۾ Reflections of a non- political Man لکيو ۽ ڇپرايو. اهو پنهنجي اندر جو جائزو وٺندڙ ڪجھ مقالن جو مجموعو آهي.

جنگ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ هو تمام خوش خانداني زندگي گذاريندو هو. ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ کيس ميونخ، ٽولز ۽ نيڊين ۾ گهر هوندا هئا. سن 1924ع ۾ پڌرو ٿيل دي ميجڪ مائونٽين- انهي جون پاڙون سندس ڊيووس وارن تجربن ۾ آهن- سندس ادبي شهرت پڪي طرح ثابت ڇڏي ۽ کيس ادب جو نوبل انعام ڏياريو.

جڏهن ٻين جنگ عظيم جو خطرو سر تي هو انهي وقت هو پنهنجي ڪاميابي جي سفر جي عروج تي هو. حقيقت اها آهي ته نازي جنهن وقت ReichStag کي باهه ڏئي ساڙي رهيا هئا انهي وقت هو هالينڊ ۾ ليڪچر ڏئي رهيو هو، پوءِ هو جرمني واپس نه آيو پر زيورچ جو رخ ڪيائين جيئنJoseph and His Brothers تي ڪم جاري رکي سگهي. انهي لاءِ هن اڳ ۾ ئي گهڻو تحقيقي ڪم ڪري ڇڏيو هو.

اخباري ليک ۾ نازين کي نندڻ تي کيس جرمن شهريت کان محروم ڪيو ويو ۽ يونيورسٽي آف بان طرفان ڏنل ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگهي به منسوخ ڪئي وئي. سندس پنهنجي وطن ۾ سندس ڪتابن تي پابندي هنئي وئي.

مين پوءِ آمريڪا ويو هليو ۽ اتي اهو اڳوڻو ”غير سياسي ماڻهو“ سرگرمي سان اينٽي فاشسٽ ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. هن تمام گهڻين جاين تي ليڪچر ڏنا ۽ سن 1938ع ۾ The Coming victory of Democracy ڇپرايائين.

هن کي لائبريري آف ڪانگريس جو فيلو مقرر ڪيو ويو. هن اتي جرمن ادب لاءِ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪيو. هن پرنسيٽن، نيو جرسي ۾ رهندي ليڪچر ڏيڻ ۽ لکڻ جو ڪم جاري رکيو ۽ 1941ع ۾ سانتا مونيڪا، ڪيليفورنيا ۾ پنهنجو گهر پڻ ٺهرائي ورتائين. هن کي 1944ع ۾ آمريڪي شهريت ملي. هو 1949ع ۾ ”گوئٽي پرائيز“ وٺڻ جرمني ويو. کيس هڪ دفعو پوءِ به گوئٽي ايوارڊ مليو. هو 1955ع ۾ زيورچ ۾ فوت ٿيو.

هن مختصر خاڪي ۾ سندس ڪجھ ڪتابن جا نالا ئي ڳڻائي سگهجن ٿا. سندس ڪتابن ۾ ڪيترائي جوزف ناول پڻ شامل آهن. هو هڪ تمام گهڻي فڪري ۽ فني سگهه وارو ماڻهو هو ۽ کيس بين الاقوامي طور شهرت مليل آهي. سندس وفات کان پوءِ سندس ڪتابن جي معنيٰ ۽ مطلب بابت لکيل ڪتابن جو تعداد به روز بروز وڌندو پيو وڃي.

هينس ڪيسٽارپ (Hans Castorp) هڪ امير خاندان جو ٻار آهي. هو ذهانت ۽ ذوق جي لحاظ کان سراسري قسم جو ماڻهو آهي. کيس ٽن هفتن لاءِ ڊيووس (Davos) سينيٽوريم موڪليو ويو پر هو اتي ست ورهيه رهي پيو. انهيءَ ڪتاب ۾ اسان کي ٻڌايل آهي ته سندس شخصي افق ڪيئن وسيع ٿي ويو ۽ آلپس جبلن جي صاف سٿري ماحول ۾ ست ورهيه گذارڻ دوران مختلف ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۽ سندس شخصي رد عملن جي نتيجي ۾ ڪيئن هن ۾ جسماني، اخلاقي، فڪري ۽ روحاني واڌ ويجھ اچي وئي.

سوچ ۽ تجربي تي ٻڌل مختلف سلسلن کي ڏاڍي ذهانت سان هڪ ٻئي سان جوڙي ڳالهه بيان ڪئي وئي آهي. ڪيسٽارپ کي هڪ قسم جو هر فن مولا ماڻهو سمجهي سگهجي ٿو ۽ سندس آکاڻي جا تهه کلڻ سان ڪتاب جو وسيع اثر عيان ٿيندو وڃي ٿو. ڪافي ماڻهن انهي حقيقت ڏانهن به اشارو ڪيو آهي ته ڪتاب کي ڪيترين ئي سطحن کان پڙهي سگهجي ٿو: اهو يا ته پنهنجي سر ٻين کان مختلف ناول آهي؛ يا ته اهو ڪو جدلياتي ڪتاب آهي، يا ته انهي کي ڪا تمثيل به چئي سگهجي ٿو جنهن ۾ ٻين کان الڳ ٿلڳ بيٺل جابلو تفريحي جاءِ کي يورپ جو هڪ ننڍڙو نمونو سمجهي سگهجي ٿو. اها ڳالهه ايتري اهميت نه ٿي رکي. خيالن جي جهجهائي ۽ ڏاڍي بامعنيٰ انداز ۾ کنيل ڪردار پڙهندڙ کي اڳتي هلائيندا ٿا رهن.

سينيٽوريم ۾ هينس ڪيسٽارپ جو سوٽ جوچم زيم سين (Joachim Ziemssen) به زير علاج آهي. ٻين مريضن جي سامهون اچڻ سان هينس بيمارين ۽ مرضن جي تلخ حقيقت کان واقف ٿئي ٿو. مين پنهنجي هيرو توڙي پڙهندڙ کي بخش نه ٿو ڪري ۽ ٽي بي جي مرض جا سڀئي اڻ وڻندڙ جسماني تفصيل ٻڌائي ٿو. سموري ناول ۽ خصوصاً شروعاتي بابن تي انهي وقت کليل حقيقت نگاري (realism) حاوي ٿيل نظر اچي ٿي جڏهن هينس کي خبر پوي ٿي ته هن سان گڏ رهندڙ مريضن ۾ چونڊ ماڻهن جي هڪ ٽولي تي The Half Lung Club جو نالو رکيل آهي.

سموري ناول تي حاوي رهندڙ ڪردار هڪ ٻئي پٺيان ظاهر ٿيندا وڃن ٿا. انهن مان هڪ ڊاڪٽر ڪروڪو وسڪي تحليل نفسي (psycho- analysis) جو حامي آهي. انهي جو رايو آهي ته سڀ بيماريون فقط محبت جي هڪ تبديل ٿيل شڪل آهن. هڪ ڪردار ويڙهاڪ اطالوي سيٽمبريني جو آهي. هو آزاد سرمائيداري، بورجوا قومپرستي ۽ عقليت پرستي تي لڳاتار ڳالهائيندو رهي ٿو. هو پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران پيٽرارڪ، وولٽيئر، شلر، مازيني ۽ ٻين ڪيترن ئي مفڪرن جي نظرين جا حوالا ڏيندو رهي ٿو. سٽيمبريني ئي مريضن کي ڏاڍي خوش دلي سان اُفقي (Horizontellers) جو نالو ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن کي گهڻو وقت سُمهي يا آهلي گذارڻو پوي ٿو.

عورت مريضائن ۾- انهن مان به اڪثر جا ڪردار ڏاڍي سٺي نموني اڀاريل آهن- ڪلاڊيا چوچاٽ(Clavdia Chauchat) نالي هڪ روسڻ خاص طور ڏاڍي پُرڪشش آهي. هن ڪهاڻي جي بلڪل شروعات ۾ ئي ڪيسٽارپ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو آهي. هوءَ هن کي هڪ ئي رات ٻه دفعا خواب ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته کيس هن سان محبت ٿي وڃي ٿي ۽ ڪتاب جي لڳ ڀڳ اڌ حصي تي هوءَ ئي سندس سوچن تي حاوي رهي ٿي. هن ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ جو موقعو Walpargis Night نالي باب ۾ اچي ٿو پر جيئن ئي کيس پنهنجي جذبي جي اظهار جي همٿ ٿئي ٿي ته هوءَ ٻئي ڏينهن سينيٽوريم مان نڪري وڃي ٿي.

انهي کان پوءِ ڪتاب وڌ کان وڌ اهڙن نظرين ۽ خيالن جي حوالي ٿيندو وڃي ٿو جن جي هڪ ٻيو ڪردار ليونافٿا (Leo Naphta) ۽ لڊويگو سيٽمبريني پاڻ ۾ مٽا سٽا ڪندا رهن ٿا. اهي ٻئي هڪ ٻئي جي جوڙ جا آهن ۽ بيماري، صحت، زندگي، موت، جنگ، امن، تاريخ، فلسفي ۽ مذهب وغيره تي هڪ ٻئي سان ڊگها ۽ دلچسپ بحث مباحثا ڪندا رهن ٿا. انهن ۾ آزادي جي مطلب بابت تمام گهڻو تڪرار ٿئي ٿو ۽ اهي ڪنهن نتيجي تي نه ٿا پهچن. هينس ۽ ٻيا ڪڏهن ڪڏهن انهن بحثن ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر جڏهن اهي ٻئي ڳالهير مصروف هجن ته انهن کي ورلي ئي ڪو لفظ ڳالهائڻ جو موقعو ملندو آهي.

هينس ڪلاڊيا جي واپسي جي اميد تي پاڻ کي آسرو ڏئي بيٺو آهي. پر انهي ۾ ڪا حيرت جوڳي ڳالهه نه آهي ته هو مجرد موضوعن تي روز روز اهڙا بحث ٻڌي ڏاڍو ڪڪ ٿي پيو آهي ۽ ڪو وقفو چاهي ٿو. هو انهن سڀني ڳالهين کان ڀلي ٿوري وقت لاءِ ئي پري ٿيڻ گهري ٿو. جيئن کيس حالتن جو جائزو وٺڻ ۽ ڪجھ پنهنجي منهن ويهي سوچڻ جو موقعو ملي سگهي. هو برف تي هلڻ واريون خاص پٽيون (Skis) خريد ڪري ٿو ۽ جبل تي هليو وڃي ٿو. انهي سان پڙهندڙ کي به ساهي ملي ٿي ڇاڪاڻ ته هينس جڏهن اڪيلو برف سان ڍڪيل جابلو اوچائين تي پهچي ٿو ته هو آخرڪار اها آزادي محسوس ڪري ٿو جنهن جو مطلب نافٿا ۽ سيٽمبريني لفظن ۾ بيان نه ڪري سگهيا هئا. هو هوڙيائپ سان اڳتي وڌندو رهي ٿو. اها حقيقت آهي ۽ تقريباً موتمار حقيقت آهي ڇاڪاڻ ته هو اوچتو هڪ برفاني طوفان ۾ ڦاسي پوي ٿو ۽ ٻي ڪا واهه نه ڏسي هڪ بند ٿيل گهرڙي جي اوٽ ۾ پناهه وٺي ٿو. اتي انهي تي هڪ قسم جي خواب واري ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي جنهن ۾ هن جي ذهن تي ڊيووس ۾ سندس مختصر قيام دوران حاصل ڪيل تاثر اڀري اچن ٿا. انهي ڪيفيت مان نڪرڻ وقت سندس ذهن تي هن جملي جو پڙاڏو موجود هوندو آهي: ”انسان کي چڱائي ۽ محبت جي صدقي موت کي پنهنجن خيالن تي حڪمراني جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي“. پوءِ موسم به صحيح ٿي وڃي ٿي ۽ هو حفاظت سان ڊيووس موٽي اچي ٿو. سندس ذهن تان خواب جو اثر به لهي وڃي ٿو.

هاڻي هڪ سگهارو ڪردار متعارف ٿيڻ سان نئون جوش اچي وڃي ٿو. مينهير پيٽر پيپر ڪارن هڪ تمام رنگا رنگ تخليق آهي. هو ٿوري دير لاءِ اسٽيج تي حاوي ٿي وڃي ٿو. هن جي اچڻ سان سڀ ڪنهن کي ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته هو ڪلاڊيا چوچاٽ سان گڏ پهچي ٿو. انهن اسٽيشن کان گڏجي گاڏي ڪرائي هئي. اهي چانهه به گڏجي پيئن ٿا. انهن جي لاڳاپن جي گهرائپ هر ڪو محسوس ڪري ٿو.

هينس جنهن ڪلاڊيا جو ايترين اميدن سان انتظار ڪيو هو. سندس من ۾ اها ڳالهه ته نه هئي. ليکڪ پاران ڳالهه کي ابتي رخ ۾ هلائڻ سان چاهه جو هڪ مثال اهو به آهي. پر هن پاران برف ۾ اڪيلي سر مهم جوئي کان پوءِ هن ۾ شايد ايتري ڪردار جي مضبوط اچي وئي آهي جو هو انهي صدمي جي سٽ سهي ويو آهي ۽ پنهنجي سوڀاري رقيب سان هڪ قسم جي دوستي به ڪري وٺي ٿو. هو ڏاڍو زنده دل ۽ کلڻو ڳالهائڻو ماڻهو آهي. سندس ڳالهائڻ سان ذهن تي الفريڊ جِنگل تري اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو به مختصر ۽ ننڍا ننڍا جملا ڳالهائي ٿو پر هن جون ڳالهيون جِنگل کان گهٽ واضح آهن. پر کيس زندگي سان محبت آهي ۽ شراب، کاڌي ۽ عورتن سان ڏاڍو چاهه اٿس. هو ڏيک ويک جو به ڏاڍو شوقين آهي ۽ خوش طبع به ڏاڍو آهي، پر هن ۾ مستقل مزاجي نه آهي. پر جڏهن سندس سگهه جواب ڏئي وڃي ٿي ۽ زندگي ۾ ڪي وسيلا نه ٿا رهن ته هو آپگهات ڪري ڇڏي ٿو. هاڻي جيتوڻيڪ هينس لاءِ ڪلاڊيا تي نئين سر دعويٰ ڪرڻ جو رستو صاف لڳي ٿو پر هوءَ وري هلي وڃي ٿي ۽ سندس زندگي مان هميشه لاءِ نڪري وڃي ٿي.

هينس تي مايوسي طاري ٿي وڃي ٿي ۽ هو بلڪل واندو آهي. انهي ڪري ٻين مريضن سان گڏ فوٽوگرافي، ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ ڪاغذ ۽ پينسل جي راند جهڙين مشغولين ۾ شريڪ ٿي وڃي ٿو. پر اهو سڀ ڪجھ اجايو آهي. انهي کي وڌ ۾ وڌ هڪ عارضي بندوبست چئي سگهجي ٿو.

مريضن لاءِ هڪ گراموفون رکيل آهي ۽ هينس ڪجھ وقت موسيقي سان دل وندرائي ٿو. هو پنهنجي غير مستقل مزاجي واري ڪيفيت ۾ ڪهڙو به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ڊاڪٽر ڪروڪووسڪي پنهنجي ميدان کي تحليل نفسي کان هيپناٽزم، ٽيلي پيٿي ۽ روحانيت تائين وڌائي ٿو ته هو وقتي طور انهن ۾ دلچسپي وٺي ٿو. انهي تي سندس دوست سيٽمبريني کيس ڇنڊ پٽي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته هو پاڻ ۾ موجود انسانيت کي مان ڏئي. ”خدا طرفان عطا ٿيل پنهنجي صاف سوچ تي اعتماد رک“ اطالوي چوي ٿو، ”۽ انهن ذهن جي ٿڙيل ڪلن ۽ روح جي زهريلن بُخارن کان پاڻ کي پري رک!“.

هينس وري مايوسيءَ ۾ وڪوڙجي ويو ۽ سندس پراڻي بي آرامي موٽي آئي. پر هو فقط اڪيلو متاثر نه آهي. جيئن يورپ ۽ سموري دنيا دٻاءُ ۾ آهي تيئن انهي پُرفضا جابلو جاءِ تي به هر ڪو دٻاءُ ۾ آهي. پهرئين جنگ عظيم ويجھي آهي. قسمين قسمين ڳالهيون پيون ٿيون هلن ۽ ماڻهن ۾ بي آرامي پکڙي پئي آهي. اهڙي ماحول ۾ نافٿا ۽ سيٽيمبري ۾ مسلسل هلندڙ تڪرار کليل جهيڙي جي صورت اختيار ڪري وڃي ٿو.

”آءٌ تنهنجي رستي ۾ آهيان ۽ تون منهنجو رستو جهليو بيٺو آهين!“ نافٿا هڪ طوفاني ويهڪ کان پوءِ رڙ ڪري ٿو. ”اسين پنهنجي اختلافن جون جايون مٽائي انهن کي مناسب هنڌن تي رکنداسين..... آءٌ توکي صحيح نموني ٻڌائيندس“.

”سائين توهان کي به منهنجيون ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون!“ اطالوي وراڻي ڏني.

هينس انهي دوبدو مقابلي کان بچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر کيس ڪاميابي نه ٿي ملي. پستول تيار ڪيا وڃن ٿا ۽ ٻئي آمهون سامهون ٿين ٿا. سيٽيمبري پاڻ کي ماڻهو مارڻ تي آماده نه ٿو ڪري سگهي ۽ هوا ۾ فائر ڪري ٿو. نافٿا کيس ڪاوڙ ۾ چوي ٿو ته هو ٻيو فائر ڪري ۽ سيٽيمبري جڏهن پڪي طرح انڪار ٿو ڪري ڇڏي ته نافٿا پنهنجي پستول جي نالي پاڻ ڏانهن ڪري ٿو ڇڏي.

انهي دکدائڪ واقعي کان پوءِ هڪ ٻئي گولي ڇٽڻ بابت ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون جنهن جا تمام وڏا اثر پن ٿا. (سراجيوو ۾ قتل ڏانهن اشارو). جنگ يورپ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندي ٿي وڃي ۽ هينس صحت ۾ بهتري اچڻ کان پوءِ پنهنجي اباڻي ملڪ وڃي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو.

مين پنهنجن پڙهندڙن کي هينس جي هڪ مختصر جهلڪ ڏيکاري ٿو، هو الهندي محاذ تي هڪ شديد حملي ۾ ڦاٿل آهي. هو پوءِ هڪ خود ڪلامي تي ڪتاب پڄاڻي تي پهچائي ٿو. اها پڙهي ٿيڪري ياد اچي وڃي ٿو جنهن کي پڻ عبارت جي وچ ۾ اخلاقي سبقن تي ٻڌل خودڪلامي وارو اندازو ڏاڍو پسند هوندو هو.

”الوداع ايماندار هينس ڪيسٽارپ. زندگي جا ڪومل ٻچڙا! تنهنجي ڪهاڻي پوري ٿي....“

”الوداع هاڻي تون مرين يا بچين! تنهنجو آئيندو چڱو نه آهي. تنهنجو مقدر جنهن گردش ۾ آيل آهي. اها ڪيترائي ورهيه جاري رهندي. اسان کي تنهنجي زندگي تي ڪو وڏو داء نه هڻڻ گهرجي. اسين اها ڳالهه به مڃون ٿا ته اسين بغير ڪنهن وڏي ڳڻتي جي اهو سوال کليل ڇڏيون ٿا. ڪي اهڙيون به گهڙيون هيون جڏهن تون پنهنجي اندر جو جائزو وٺي رهيو هئين ته تو وٽ محبت جو خواب آيو هو....“

۽ مين شايد ته پنهنجي هيرو جي برف تي انهي عجيب خواب کان پوءِ سجاڳي وارن خيالن کي ورجائيندي پنهنجي ڳالهه ختم ڪري ٿو:

”موت جي انهي عالمي ضيافت ۽ بخار جي انهي شدت منجهان مينهن شام واري آسمان کي ڌوئي چمڪدار بڻائي ڇڏيو. شال ڪنهن ڏينهن محبت آسمان تي جلوو ڏيکاري!“

ٿامس مين کي طنز جو استاد سمجهيو وڃي ٿو ۽ جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي The Magic Mountain کيس انهي صلاحيت کي مڪمل نموني ڪم آڻڻ جو موقعو ڏنو آهي. پر انهي جي باوجود هو انهي شاهڪار کي ڪاغذ تي آڻيندي خود انهي جو شڪار ٿي ويو. هن پاڻ اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته هن جي ذهن ۾ ڪتاب بابت پهريون خاڪو اهو هو ته اهو هڪ مزاحيه ڪتاب هوندو جنهن ۾ ”موت جي موهه، نظم ضبط واري زندگي تي بي ترتيبي جي سوڀ.... ۽ خطرناڪ مهم جوئي ۽ بورجوا فرض شناسي ۾ عجيب تڪرار“ جهڙا موضوع هوندا.

پر هن جيئن لکڻ شروع ڪيو ته الائي ڪيئن تخليق، خالق جي هٿن مان نڪري وئي ۽ مسودو وڌندو زوال پذير تهذيب جي اڀياس جي شڪل اختيار ڪري ويو. هن جي ذهن ۾ هو ته هو هلڪو ڦلڪو شخصي بيان ڏيندو پر کڻي جو ڏسي ته هو همعصر عالمي منظرنامي جي هڪ جامع تصوير ڏيڻ ويهجي ويو ۽ اهو 700 کان وڌيڪ صفحن جو هڪ وڏو ڪتاب ٿي ويو.

هن عظيم تخليق ۾ انهي اندروني جائزي جو به ڪيترو ئي حصو اچي ويو جيڪو هو پنهنجن اڳ ۾ لکيل مضمونن ۽ مقالن ۾ به شامل ڪري چڪو هو. هن جن نظرين تي اڳ ۾ تجربو ڪيو هو انهن دي ميجڪ مائونٽين جي وسيع موضوعن جي صورتگري ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ساڳئي طرح هن جيڪو روسي، فرانسي ۽ اسڪنڊينيويائي ادب پڙهيو هو ۽ گوئٽي، شوپنهار، نٽشي ۽ ٻين فيلسوفن جو جيڪو اڀياس ڪيو هو انهن مان جيڪي شيون کيس ياد هيون اهي به هن ۾ ڪم آيون.

دي ميجڪ مائونٽين پڙهڻ کان پوءِ تصوير جو هڪ رخ اهو به سامهون اچي ٿو ته هو پاڻ جيتوڻيڪ هڪ سگهارو ليکڪ هو ۽ هن کي اظهار جي هڪ وڏي صلاحيت هئي پر سندس سمورين تحريرن عام طور ۽ هن شاهڪار خاص طور شارحن جي هڪ ٽولي کي جنم ڏنو آهي جن سڀني پنهنجي صلاحيت مطابق انهي ڪهاڻي جي منجهيل سٽ کي اکيلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ڪجھ نقادن ڪجھ مخصوص ٽڪرن ۾ شوپنهار جي اثر جا پيرا کنيا آهن، ڪجھ ٻين نقادن وري ڪي تعبيرون ۽ سمجهاڻيون پيش ڪيون آهن جيڪي خود انهي مواد کان وڌيڪ مبهم آهن جن جي هو سمجهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

مين پنهنجي سِرِّيت (mysticism) ڏانهن لاڙي سان ”دي ميجڪ مائونٽين ۾ پاڻ کي آزاد ڇڏيو آهي. سندس بابت اها ڳالهه به معلوم هئي ته هو انگن بابت ڪجھ وهمن جو شڪار هو ۽ ڪجهه شارحن اها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته سندس ڪهاڻي ۾ ستن جو انگ بار بار اچي ٿو. انهي جي اهميت به واضح نه ٿي آهي.

انهن ڳالهين جي ايتري اهميت نه هوندي آهي. انهي عظيم ڪتاب جو تمام وسيع دائرو عام پڙهندڙ کي ڄڻ ته پڙهڻ جي هڪ وڏي ضيافت مهيا ڪري ڏئي ٿو. پهريون ته اهو هڪ غير معمولي ۽ دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. جنهن جا ڪجھ ڪردار ياد رکڻ جهڙا اهن ۽ مڪالما به جوش ڏياريندڙ اٿس. هر پڙهندڙ ڀلي ان کي ڪهڙي به صلاحيت هجي اهو خاطري رکي سگهي ٿو ته اهو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ انساني فطرت، زندگي ۽ دنيا بابت هن جي ڄاڻ ۾ چڱو واڌارو ٿيندو. ويندي اهي ماڻهو به جيڪي انهي جا ڪجھ ٽڪرا پڙهڻ کان پوءِ شايد منجهي پون يا جيڪي ماڻهو ڪجھ ڪردارن جي وچ ۾ ٿيندڙ اڻ کٽ بحث مباحثا پڙهندي بيزار ٿي پون اهي ٽڪرا پڙهندي جوش ۾ اچڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا. حقيقت اها آهي ته جادو (Magic) ليکڪ جي سگهاري قلم ۾ به ايتري قدر ئي آهي جيترو سندس ڪهاڻي جي جبل (Mountain) ۾.

81. دي گريٽ گيٽس باء

-- ايف. اسڪاٽ فٽز جيرالڊ --

 

آمريڪا ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ ڏاڍو بيمار لڳو پيو هو. اهو تازو ئي اڃا پهرئين عظيم يورپي جنگ مان آجو ٿيو هو ۽ سوڀ جا ثمر اڳيئي کٽا ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. ماحول ۾ هڪ قسم جي مايوسي جو اثر هو. زندگي جي پراڻن طريقن ۾ رخنو پئجي ويو هو، پراڻا آدرش ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيا هئا ۽ هڪ نئون نظام وجود ۾ اچي رهيو هو ۽ ڪيترن ماڻهن کي انهي جي اثر کان ڊپ لڳي رهيو هو. ”جمهوريت“ خاطر جنگ تي ويل لکين نوجوان هاڻي پنهنجيون ورديون لاهي رهيا هئا ۽ هاڻي انهن جي آڏو کيل خوشي ۾ وقت گذارڻ کان سواءِ ڪو وڏو مقصد نه هو. روزگار حاصل ڪرڻ جي تلخ حقيقت ته انهن جي سامهون پوءِ اچڻي هئي.

جنگ جا اثر مردن کان وڌيڪ شايد عورتن تي پيا هئا. لکين نوجوان عورتون انهن روايتي پابندين مان آزاد ٿيڻ جي مسحورڪن اثر مان گذري رهيون هيون جيڪي پابنديون انهن جي مائرن کي اڃا به جڪڙي ويٺيون هيون. عورتن کي ووٽ جو حق تازو ئي مليو هو پر نون ووٽرن جي اڪثريت کي سياست کان وڌيڪ انهن جي چواڻي ”زندگي“ ۾ دلچسپي هئي. انهن جا سڪرٽ ويا سوڙها ٿيندا ۽ ويا مٿي گوڏن جي ويجها ٿيندا. جڏهن ته انهن جون چيلهيون انگريزي اکر ”V“ جو ڏيک ڏيڻ لڳيون. اهي پنهنجن منهن تي پائوڊر ٿڦڻ لڳيون ۽ اهي جڏهن سگريٽ مان سوٽو هڻي وات مان ڪڍنديون هيون انهي تي ٺهيل ارغواني رنگ جو دائرو سڀ ڪجھ پيو ٻڌائيندو هو.

شراب تي پابندي به لڳي وئي هئي ۽ تقريباً راتو رات هڪ تمام وڏي صنعت وجود ۾ اچي وئي هئي. بيڪرين ۾ جِن ٺهڻ لڳي، تقريباً هر گهٽي ۾ خفيا شراب خانا کلي ويا ۽ آمريڪي ڌنڌن جي لسٽ ۾ چوري شراب وڪرو ڪندڙ جو اضافو ٿي ويو. جن ماڻهن اڳ ۾ شراب جو هڪ ڍڪ به نه ڀريو هو اهي ”ڏوهاري“ ٿيڻ ۾ شان محسوس ڪرڻ لڳا ۽ نوجوان عورتون (ايتريون به نوجوان نه) جن به انهي وهڪري ۾ اچڻ چاهيو ٿي اهي ڊاڙ هڻي ٻڌائڻ لڳيون ته اهي هيترا يا هيترا دفعا نشي ۾ آئوٽ ٿيون آهن. جيئن ته هر ڪنهن وٽ آٽو موبائيل نه هوندي هئي تنهن ڪري ڪار ۾ سواري کي ڪا وڏي ڳالهه ليکيو ويندو هو ۽ چيپلن يا مري پڪ فورڊ جي ڪا مووي ڏسڻ کان پوءِ ڪنهن کليل ڪار (انهن ڏينهن ۾ اڪثر ڪارون کليل هونديون هيون) جي پٺئين سيٽ تي نئين بئاءِ فرينڊ سان چُم چٽ ڪرڻ کي بلڪل عام رواجي ڳالهه ليکيو ويندو هو. اهڙي موقعي تي بئاءِ فرينڊ کان اها توقع ڪئي ويندي هئي ته هو دانشمندي جو مظاهرو ڪندي پاڻ سان وهسڪي جي بوتل به آڻيندو.

انهي دور جي هڪ سڀ کان ذهين نوجوان انهي دور کي هڪ نالو به ڏنو هو. هو انهي کي Jazz Age سڏيندو هو. سندس پنهنجو نالو فرانسس اسڪاٽ فٽز جيرالڊ هو. هو ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي جي شروعات وقت ڪهاڻيون لکي رهيو هو پر اهي ڪو به پبلشر خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هو.

اسڪاٽ فٽز جيرالڊ کي خبر هئي ته هو ڇا بابت لکي رهيو هو. هو پاڻ انهن سڀني ڳالهين مان گذريو هو ۽ هو چئي سگهيو ٿي ته هو انهي سڀني ڳالهين جي اڳ پوءِ کان به واقف هو. هو سندس لفظن مطابق انهيءَ ”نئين نسل“ جو هڪ نمائندو ميمبر هو. ”اهڙو نئون نسل جيڪو وڏو ٿيو هو ته سندس نظرن ۾ سڀ خدا فنا ٿي ويل هئا، سڀ جنگيون پڄاڻي تي پهچي چڪيون هيون ۽ انسان ۾ هر قسم جو ويساهه لُڏي چڪو هو. هو آمريڪا ۾ رهائش جي لحاط کان مڊل ويسٽرنر هو. رياست منيسوٽا ۾ امير ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ڄائو هو. پر پالنا جي لحاظ کان ايسٽرنر(Easterner) ٿي ويو هو. هن پنهنجي ڪهاڻين لاءِ ڪردار ۽ منظر وري نيويارڪ ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ مان حاصل ڪيا هئا. هو سن 1917ع ۾ ايڪويهين ورهين جي ڄمار جو هو. انهي سال آمريڪا جنگ ۾ شامل ٿيو هو ۽ هن ڪجھ وقت آمريڪن آرميءَ ۾ ڪم ڪيو هو. هو فوج ۾ وڃڻ کان اڳ پرنسٽن يونيورسٽي جو شاگرد هو. سندس پهريون ناول تعليم جي انهيء ممتاز مرڪز جي چوگرد ڦري ٿو. انهي ناول جو نالو This Side of Paradise هو. اهو 1921ع ۾ آيو ۽ اهو ڇپجڻ کان پوءِ سندس تحريرن جي رد ٿيڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو. اهو ناول جنگ تي ويل نوجوان شاگردن، انهن کي جن نوجوان ڇوڪرين سان محبت هئي ۽ هو جيڪي ڪم ڪندا هئا انهن بابت آهي. انهي وقت انهي کي تمام ”Advanced“ سمجهيو ويندو هو. اسين ته ڪنهن ڇوڪريءَ پاران اهو چوڻ تي مسڪرائي ڇڏينداسين ته، ”مون درجنين مردن کي مٺيون ڏنيون آهن ۽ آئون سمجهان ٿي ته وڌيڪ درجنين مردن کي مٺيون ڏيندس“. پر اهي لفظ جڏهن آمريڪا جي نوجوان ڇوڪرين جي ماءُ پيءَ پڙهيا ته اهي ته هيڊا پِيلا ٿي ويا.

اسڪاٽ فٽز جيرالڊ پنج ورهيه پوءِ The Great Gatsby  ڇپرايو. تيستائين سندس تحريرن ۾ پختگي اچي وئي هئي. پر هو خود نوجواني واري غير ذميواري مان مٿي نه چڙهي سگهيو ۽ 1940ع ۾ فوت ٿي ويو. اهو ٻين ناولن جي ڀيٽ ۾ ته ننڍو آهي پر اهميت جي لحاظ کان ننڍو نه آهي. انهي ۾ اڪثر جاين تي زندگي جي جوت جلندي نظر اچي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن تلخ به ٿي وڃي ٿو، اڪثر جاين تي مزاحيه ۽ دلچسپ جملا به اچي ٿا وڃنس. پر هر جاءِ تي غير معمولي ڪوملتا جو احساس ملي ٿو.

آکاڻي ضمير متڪلم ۾ بيان ٿيل آهي. بيان ڪندڙ نڪ ڪيراوي (Nick Carraway) نالي هڪ نوجوان آهي. انهي کي نيويارڪ ۾ ڪا نوڪري هئي پر رهندو ويسٽ ايگ ۾ هو. اها لانگ آئلينڊ سائونڊ جي سامونڊي ڪناري تي هڪ ننڍڙي جاءِ آهي. ڪيراوي جو گهر وچولي قسم جو هو پر انهي سان لڳو لڳ هڪ تمام عاليشان محل هوندو هو جتي تقريباً هر وقت ڪي پارٽيون پيون ٿينديون هيون. سمنڊ جي خليج کان اڳتي ايسٽ ايگ جي وڌيڪ فيشني علائقي ۾ نِڪ جي سوٽ ڊيزي رهندي هئي اها هڪ وڏي ٿلهي متاري ماڻهو ٽام بوچانن سان پرڻيل هئي. ڊيزي سهڻي ۽ دلڪش هئي، ذهانت جي به کوٽ نه هئس هن پوءِ ڀلا انهي گوشت جي ڍير سان شادي ڇو ڪئي هئي؟ بوچانن وٽ پئسو هو. پئسي جا ڍير هئس.

نڪ ڪيرواي ٻڌائي ٿو ته انهي اونهاري جي مند ۾ ”منهنجي پاڙيسري جي گهر مان سموري رات موسيقي جو آواز پيو ايندو هو“. صبح جو نائين وڳي کان اڌ رات تائين مهمان پيا ايندا هئا. نيويارڪ کان آيل پنج پنج ڪارون بيٺيون هونديون هيون. باغيچي ۾ بُوفي جون ٽيبلون تيار ٿيون پيون هونديون هيون، آرڪيسٽرا هر وقت ڌنون پيو وکيريندو هو ۽ شامپين جون بوتلون پيون کلنديون هيون. هر طرف مهمان پيا نظر ايندا هئا ۽ (پوءِ جيئن خبر پئي) انهن مان اڪثر بغير دعوت جي آيل هوندا هئا ڇاڪاڻ ته مسٽر گيٽس باء جي پارٽين لاءِ دعوت جي ضرورت نه هوندي هئي.

نڪ انهن ٿورن ماڻهن مان هڪ هو جنهن کي واقعي هڪ دعوت نامو مليو ۽ هو به تجسس ۾ هليو ويو. هو پنهنجي ميزبان سان ڪڏهن به نه مليو هو. لڳي پيو ته ڪنهن کي به هن بابت ڪا گهڻي خبر چار نه هئي. ايتري سا خبر سڀ ڪنهن کي هئي ته هو وڏو امير ماڻهو هو ۽ خبر هئس ته پئسو ڪيئن خرچ ڪبو آهي. نڪ پارٽي ۾ پنهنجي هڪ گرل فرينڊ جورڊان بيڪر سان مليو. اها هڪ پروفيشنل گالفر (Golfer) هئي. هن انهي کان پڇيو ته کيس سندن ميزبان بابت ڪهڙي ڄاڻ هئي، ”مون کي ڪنهن ٻڌايو ته اهي سمجهن ٿا ته هن ڪنهن وقت ڪو ماڻهو قتل ڪيو هو“. هڪ ٻي ڇوڪريءَ رايو ڏنو ته هو جنگ دوران جرمن جاسوس هو. انهي تي هڪ ماڻهوءَ تائيد ڪندي ڪنڌ لوڏيو هو. پوءِ شام جو نڪ گيٽس باءِ سان مليو. شروع ۾ کيس خبر نه پئي ته اهو گيٽس باءِ هو. اتفاق سان اهي ساڳئي ٽيبل تي ويٺا هئا ۽ اهي جنگ جي تجربن بابت ڳالهائڻ لڳا. پوءِ سندس نئين واقف ڪار کيس ٻڌايو ته هن هڪ هائڊرو پلين خريد ڪيو هو ۽ کيس چيائين ته هو انهي کي آزمائڻ لاءِ هن سان گڏ هلي. ”مون سان گڏ هلنداؤ؟“ هن پڇيو ۽ نڪ راضي ٿي ويو. پوءِ نِڪ چيو ته هن سندن ميزبان ئي نه ڏٺو هو“. آءٌ سامهون رهندو آهيان ۽ هن شخص گيٽس باءِ مون ڏانهن پنهنجي ڊرائيور کي دعوت ڏئي موڪليو هو“.

انهي ماڻهو ٿوري دير هن ڏانهن ائين ڏٺو ڄڻ کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هجي. پوءِ ”گيٽس باءِ آءٌ آهيان“، چيائين، ”مون سمجهيو ٿي ته تون سڃاڻندو هوندين. آءٌ شايد سٺو ميزبان نه آهيان“. پوءِ ٽيهن کان هڪ ٻه ورهيه وڌيڪ عمر وارو اهو ٺاهوڪو نوجوان فسادي نڪ جي معذرتن کي نظرانداز ڪندي مرڪي پيو. ”اها اهڙي ورلي نظر ايندڙ مرڪ هئي جيڪا زندگي ۾ چار پنج دفعا نظر اچي سگهي ٿي. انهي نڪ ۾ اهڙي پسنديدگي پيدا ڪئي جيڪا وڌي اهڙي جذبي ۾ تبديل ٿي وئي جنهن کي محبت جي بلڪل قريب چئي سگهجي پيو.

اها ڳالهه نه آهي ته هو گيٽس باءِ جي ڪردار جي تهه تائين پهچي ويو هو. هو سدائين پراسرار شخص ئي رهيو هو. هن هڪ دفعو نڪ کي ٻڌايو هو ته هو مڊل ويسٽ ۾ شاهوڪار ماءُ پيءُ جي اولاد هو، آڪسفورڊ ۾ پڙهيو هو ۽ جڏهن سندس ماءُ پيءُ فوت ٿيا ته هن وٽ چڱي دولت اچي وئي هئي ۽ هو يورپ جي سمورن گاديءَ وارن شهرن- پيرس، وينس، روم- ۾ ڪنهن راجا وانگر رهيو هو. هن هيرا جواهر گڏ ڪيا هئا، وڏن جانورن جو شڪار ڪيو هو ۽ مايوس ڪندڙ معاشقا ڪيا هئائين. پوءِ هو فوج ۾ شريڪ ٿي ويو هو ۽ انفنٽري ليفٽيننٽ طور ايڪٽو سروس ۾ حصو ورتو هئائين. هن آرگون فاريسٽ (Argonne Forest) واري لڙائي ۾ پنهنجي مشين گن بٽالين جي رهيل دستن جي مدد سان جرمن فوج جي ٽن بٽالينن کي روڪي ورتو هو. انهي ڪارنامي تي کيس هر يورپي حڪومت طرفان تمغا ۽ اعزاز ڏنا ويا هئا. نڪ سندس ڳالهين تي اعتبار نه ڪندو هو پر اهو افسانو ڏاڍو سٺو لڳندو هو! پوءِ گيٽس باءِ پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ ربن ۾ ٻڌل هڪ ڌاتو جو ٽڪرو ڦلهوڙي ڪڍيو ۽ انهي کي پنهنجي تري تي جهلي بيٺو. انهي تي Monte negro Nicoas Rex ۽ ”ميجر گيٽس باءِ، غير معمولي شجاعت تي“. جا لفظ لکيل هئا.


¨ آفيم مان ٺهيل دوا جيڪا اڳ ۾ سور گهٽائڻ لاءِ ڏني ويندي هئي.(سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org