سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:32 

99. دي اليگزينڊريا ڪئارٽيٽ

-- لارينس ڊريل --

لارينس ڊريل 6- فيبروري 1912ع تي انڊيا ۾ ڄائو. هو هڪ سول انجنيئر جو پٽ هو. هو سينٽ جوزفس ڪاليج ڊارجلنگ ۽ سينٽ ايڊمنڊس اسڪول ڪينٽربري ۾ پڙهيو.

مسز ڊريل پنهنجي مڙس جي وفات کان پوءِ پنهنجن ٻارن جي پرورش ۽ پالنا يونان جي هڪ ٻيٽ تي ڪئي. سندس مڙس پٺيان ڪو گهڻو پئسو ڏوڪڙ نه ڇڏيو هو. انهن ڏينهن جي ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ آهي جيڪا لارينس جي ننڍي ڀاءُ جيرالڊ پنهنجي ڪتاب My Family and other Animals ۾ بيان ڪئي آهي.

لارينس تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ پريس آفيسر طور فارين سروس ۾ گهڙيو ۽ اٿينز ۽ قاهره ۾ نوڪري ڪيائين. پوءِ هن آزادي کان اڳ واري ڏکئي دور ۾ قبرص حڪومت لاءِ ڪم ڪيو. هن اتان جا تجربا Bitter Lemons نالي پنهنجي بهترين ڪتاب ۾ بيان ڪيا آهن.

لارينس سڀ کان اڳ هڪ غنائي صلاحيتن واري شاعر جي حيثيت ۾ توجه ڇڪرائي هئي ۽ سندس نثري تخليقون باذوق ماڻهن جي هڪ ننڍي بافهم حلقي جي ڌيان ۾ ئي آيون هيون.

هن کي 1957ع ۾ سندس چئن ناولن جي سلسلي مان پهريون ڇپجڻ تي تمام وڏي مڃتا ملي. انهن چئني ناولن کي گڏي The Alexandria Quartet جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. انهن ادبي دنيا کي جوش ۾ آڻي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته اهي ناول جي هيئت ۾ هڪ بلڪل نئون تجربو هئا ۽ انهن جيتوڻيڪ نام نهاد ماهرن ۾ ڪجھ تڪرار کي به جنم ڏنو پر عام طور انهن کي جنگ کان پوءِ واري دور جي بهترين انگريزي ادبي حاصلات قرار ڏنو ويو.

انهن ۾ اسڪندريا جو شهر ڏيکاريل آهي. اهي ڪردارن جي هڪ ننڍڙي گروپ تي ٻڌل آهن جن تي پهرئين ڪتاب جي هيروئين جسٽين حاوي آهي.

جسٽين

بيان ڪندڙ ڊارلي نالي هڪ انگريز استاد آهي جيڪو هڪ ليکڪ ٿيڻ چاهي ٿو ۽ ماستري مان جيڪا ٿوري پگهار مليس ٿي انهي تي اسڪندريا ۾ بدحالي ۾ گذارو ڪري ٿو. هن کي جارجيس پومبل جي فليٽ ۾ هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي. پومبل فرانس جي قونصل جنرل جي آفيس ۾ هڪ ننڍڙو عملدار آهي.

هڪ اونهاري جي مند ۾ جڏهن پومبل موڪل تي هو ته اهو فليٽ هڪ ڪامياب ناول نگار پرس وارڊن کي مسواڙ تي ڏئي ويو. هو اڪثر پارٽيون ڏيندو رهندو هو. اهڙي ئي هڪ پارٽي دوران پرس وارڊ ڊارلي جي ڪمري ۾ آيو ۽ اچي چيائين ته هن ٻڌو آهي ته هو هڪ ڊاڪٽر آهي تنهن ڪري هو مهرباني ڪري هلي سندس هڪ عورت مهمان کي ڏسي جنهن جي طبيعت ٺيڪ نه ٿي پئي آهي.

ڊارلي ميڊيڪل ڪيريئر اختيار ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ ڇوڪريءَ وٽ وڃي ڏٺائين ته هوءَ واقعي تمام گهڻي بيمار هئي. اها هڪ ٻئين درجي واري نائٽ ڪلب ۾ ڊانسر هئي ۽ پرس وارڊن تي زور ڀريائين ته هو بنا دير جي ڊاڪٽر گهرائي وٺي. ويجهو رهندڙ هڪ پوڙهي يوناني ڊاڪٽر ڏانهن نياپو موڪليو ويو. ڊارلي ۽ پرس وارڊن ڊاڪٽر جو انتظار ڪندي ڇوڪري مليسا کي ڊارلي جي ڪمري ۾ کڻي آيا.

ڇوڪريءَ جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر چيو ته هن کي ٽي. بي آهي. جيڪا آخرڪار کيس ماري ڇڏيندي. هو ڇوڪري جي يوناني اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو بندوبست ڪري ٿو. مليسا ڊارلي جي احسان مند ٿئي ٿي ۽ اسپتال مان موٽي اچڻ کان پوءِ هن وٽ ايندي ويندي رهي ٿي ۽ آخرڪار سندس داشته ٿي سندس ننڍڙي ڪمري ۾ رهي پوي ٿي.

ڊارلي هڪ شام هڪ ننڍڙي ادبي ڪلب ۾ ليڪچر ڏنو. انهي جا ميمبر مختلف فنن ۾ دلچسپي رکندڙ ذهين ماڻهو هئا. هو ليڪچر کان پوءِ هڪ دڪان ۾ ڪجھ زيتون (Olives) کائڻ بيٺو جو جسٽين نالي هڪ ڇوڪري هن وٽ سندس ليڪچر بابت ڪجھ سوال پڇڻ اچي بيٺي.

جسٽين هڪ عجيب پراسرار يهودڻ آهي جنهن جا نسيم نالي هڪ شاهوڪار قبطي بينڪر سان شادي ڪرڻ کان اڳ ڪيترائي عاشق رهيا هئا. هوءَ ڊارلي کي گهر وٺي وڃي ٿي ۽ انهي سان ڊارلي جي جسٽين ۽ وسيم سان دوستي جي شروعات ٿئي ٿي. آخرڪار هو ۽ جسٽين عاشق ٿي وڃن ٿا.

جسٽين اسڪندريا ۾ ڏاڍي ڄاتل سڃاتل آهي ۽ ڪيترا ئي مرد پنهنجو گهڻو وقت سندس ڪردار کي سمجهڻ ۾ گذارين ٿا. فرانسي قونصل جنرل کي هن ۾ خاص طور دلچسپي آهي ۽ هن کي پنهنجين ڳولهائن دوران جيڪب ارنوتي جو لکيل هڪ ڪتاب هٿ اچي وڃي ٿو. انهي به ڪنهن وقت جسٽين سان شادي ڪئي هئي. انهي ڪتاب ۾ اسڪندريا شهر ۽ سندس واقفيت وارن ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ هن پنهنجي زال ۽ سندن شادي بابت احوال پڻ ڏنو آهي.

ارنوتي انهي ۾ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته جسٽين سان ننڍي لا هڪ مائٽ ڏاڍائي ڪئي هئي ۽ اهو اشارو ڏنو اٿائين ته سندس هلت چلت جو بنياد اهو تجربو آهي. ڪلي (Clea) نالي هڪ آرٽسٽ جسٽين بابت ارنوتي جي انهي تجزيي سان متفق نه آهي. هوءَ ڊارلي کي ٻڌائي ٿي: سچي رنڊي مرد جي حقيقي محبوبا هوندي آهي- جسٽين وانگر- فقط انهي کي ئي ڪنهن مرد کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي صلاحيت هوندي آهي... بهرحال جسٽين کي به حق بجانب يا ڏوهه کان آجو قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. سادي ۽ سهڻي ڳالهه اها آهي، هو رنڊي آهي. اسان کي کيس اصلي گناهه(Original sin) وانگر کيس قبول ڪرڻو پوندو. پر کيس جنس پرست ڪوٺڻ يا مٿس فرائيڊ وارا نطريا لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان هن جي سموري ديومالائي حيثيت ختم ٿي ويندي. سڀني اخلاق کان وانجهيل ماڻهن وانگر هوءَ به ڄڻ ته ڪا ديوي ٿي وئي آهي.

ڊارلي جي دوستن مان هڪ بلٿا زار به آهي. هو هڪ هم جنس پرست يهودي ڊاڪٽر آهي. انهي سان کيس جسٽين انهي وقت متعارف ڪرايو هو جڏهن هو کيس ڪبال (Cabal) نالي هڪ ننڍڙي اسٽڊي سرڪل ۾ وٺي وئي هئي. ڊارلي کي بلٿازار کان خبر پئي ته جسٽين کي ارنوتي سان شادي کان اڳ هڪ عاشق مان هڪ ٻار ٿيو هو جيڪو ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ اغوا ٿي ويو هو.

ڪبال نالي انهي اسٽڊي سرڪل- جنهن ۾ ڪباله يعني زباني طور منتقل ٿيندڙ ڳجھي يهودي فلسفي جو اڀياس ٿيندو هو- جون گڏجاڻيون شهر جي ڪنهن حد تائين ويران حصي ۾ پومبال جي رهائش گاهه جي ويجھو هڪ ڪيوريٽر جي خالي پيل ڪوٺڙيءَ ۾ ٿينديون هيون. انهي ۾ تقريباً ويهه ماڻهو هوندا هئا. انهي ۾ نسيم ۽ ڪيپو دستريا نالي هڪ وياج خور به شامل هئا. انهي گروپ جو نالي ماتر اڳواڻ بلٿازار هوندو هو.

مليسا ڊارلي جي داشته ٿيڻ کان اڳ هڪ پوڙهي سمور فروش يهودي ڪوهن جي داشته هوندي هئي. ڊارلي وٽ اهي خبرون پهتيون ته ڪوهن اسپتال ۾ مرڻ ڪنڌي تي هو ۽ مليسا سان ملڻ جي خواهش هئس. ڊارلي جڏهن گهر پهتو ته مليسا ٿڪي ٽٽي سمهي پئي هئي. انهي تي هو اڪيلو اسپتال ويو هليو. پوڙهي ماڻهو کيس چيو ته هو هاڻي مليسا سان شادي ڪري اڳين ڳالهين جي تلافي ڪرڻ چاهي ٿو. پوءِ کيس هن لاءِ ڪجھ مُنڊيون پڻ ڏنائين.

ڊارلي جي واقف ڪارن ۾ هڪ ستر ورهين جو پوڙهو اسڪوبي اڳوڻو ليفٽيننٽ ڪمانڊر ۽ لونڊي باز به آهي، هن Alexandria Vice Squad  ۽ سي. آءِ. ڊي ۾ نوڪري ڪئي هئي ۽ هاڻي ٿوري پينشن تي گذارو ڪري رهيو هو. ڪلي کيس تماڪ پهچائيندي هئي ۽ ڊارلي سندس ساراهه ڪندو هو، کيس صحبت ۽ برانڊي ڏيندو هو. ڪِلي اسڪوبي جي گهاٽي سنگتياڻي آهي. هن سندس وردي ۾ هڪ بهترين پورٽريٽ ٺاهيو آهي ۽ ”پنهنجو گهڻو وقت پوڙهي سامونڊي ڦورو سان گڏ گذاري ٿي“.

جيستائين ڪِلي جو تعلق آهي ته اها ڏاڍي سهڻي آهي. ايترو پئسو اٿس جو آزاد رهي ٿي سگهي ۽ هڪ آرٽسٽ به آهي. ”هوءَ عاشقن يا ڪٽنبي لاڳاپن کان سواءِ زندگي گذاري ٿي. هن کي نه ڪنهن جي خلاف ڪو بغض يا ڪينو آهي نه ئي ڪنهن ڳالهه کان چڙ اٿس. هو يڪسوئي سان پنهنجي مصوري تي ڌيان ڏئي ٿي ۽ انهي باري ۾ ڏاڍي سنجيده آهي پر ايتري گهڻي سنجيده به نه آهي.

ڊارلي ڊيوٽي تي ويندي، دوستن سان ملندي ۽ لکندي پنهنجي زندگي پيو ٿو گذاري. هو رهي مليسا سان گڏ ٿو پر ميلاپ جسٽين سان ڪري ٿو پر هن جي ذهن تي سدائين جسٽين جو اسرار حاوي رهي ٿو.

اوچتو سندس ڪاڻو نوڪر حامد کيس هڪ پراسرار ملاقاتي بابت ٻڌائي ٿو جنهن کيس ٻڌايو هو ته سندس مالڪ کي هڪ وڏي حيثيت واري شخصيت کان وڏو خطرو هو. اهو ظاهر ظهور نسيم هو. نسيم جو هن سان رويو تبديل ٿي ويو آهي. هن پنهنجي اڳئين ڪجھ بيگانگي ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ هن سان ڳالهائيندي پيار محبت جا نامانوس لفظ ڪتب آڻي ٿو. ڊارلي ۽ جسٽين ٻنهي کي خبر آهي ته نسيم انهن جي معاشقي کان واقف آهي پر ايترن چتائن جي باوجود به انهن جون حماقتون گهٽجڻ بجاءِ وڌنديون ٿيون وڃن ۽ مليسا جي غير حاضري دوران ته هو ڪيترا دفعا ذري تان بچيا آهن تڏهن مليسا فلسطين ويل هئي.

هڪ رات هڪ مصري آفيسر ڊارلي سان ملاقات ڪري ٿو ۽ کيس اسڪوبي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جيڪو کيس ٻڌائي ٿو ته کيس سيڪريٽ سروس جو سربراهه بڻايو ويو آهي. ”اسڪوبي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته جنگ شروع ٿيڻ تي آهي“. دشمن هتي ڏينهن رات اسان جي وچ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. اسين توکي پنهنجي پاسي ڪرڻ چاهيون ٿا. انهن مان سڀ کان خطرناڪ ٽولو هتي اسڪندريا ۾ موجود آهي. اهي سڀئي تنهنجا دوست آهن. نسيم، جسٽين ۽ انهن جو اڳواڻ بلٿازار.

اسڪوبي جا ماڻهو اهو ڪوڊ نه ٿا ڀڃي سگهن جيڪو اهو ٽولو ڪتب آڻي رهيو آهي. انهي ڪري ئي اهي ڊارلي کي پاڻ سان گڏ ملائڻ چاهين ٿا. ”آءٌ ڇا ٿي چئي سگهيس؟ اهو خيال ايترو ته سٺو هو جنهن کي هٿان نه پيو ڇڏي سگهجي“. پر آخرڪار هو جڏهن انهن سان گڏجي ويو ۽ اسڪوبي جي آفيس وارن کي اهو ٻڌائي پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ڪبال هڪ بي ضرر فرقو آهي ته کيس چيو ويو ته هو انهن جي ڪور اسٽوري (Cover- Story) تي اعتبار نه ڪري ۽ هو ڪبال جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو ۽ انهن بابت رپورٽ ڏيندو رهي. هو اهو ڪم ديانتداري سان ڪندو رهيو.

انهي دوران نسيم اڃا وڌيڪ عجيب نموني ورتاءُ ڪرڻ شروع ڪيو. هو آجياڻن پٺيان آجياڻا ڏيندو ٿي رهيو. هن کي هر وقت ڪي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا رهن ٿا. باهيون تمام عجيب شڪلين ۾ ٻرڻ شروع ڪن ٿيون ۽ هڪ رات هن کي ننڍ مان جاڳ ٿي وئي ۽ پنهنجي بيڊ جي ٻانهين تي هڪ عجيب چمڙي جهڙي مخلوق ويٺل ڏٺائين جنهن جو منهن وائلن (Violin) جهڙو هو. پر جڏهن ميريوطس ڍنڍ تي سالياني شڪار جو وقت آيو ته هن ۾ وڏي تبديلي اچي وئي ۽ هن هڪ فيصلو ڪري ورتو.

ڊارلي کي پڻ شڪار جي دعوت ملي. جسٽين کيس ٻاڏايو ته هو دعوت قبول نه ڪري ڇاڪاڻ ته کيس پڪ هئي ته نسيم انهن ٻنهي کي قتل ڪرڻ چاهيو ٿي.

انهن ٻنهي کي اها خبر نه هئي ته نسيم کي انهي انتهائي قدم تي هرکائڻ واري مليسا هئي. ڊارلي جي هن سان بي وفائي تي هن کي جيڪو رنج پهتو هو انهي تي هن نسيم کي چئي ڇڏيو ته: ”تنهنجي زال توسان وفادار نه آهي“. هن جيڪو ڪجھ ڪيو آهي انهي تي کيس جيتوڻيڪ ڏاڍي دهشت وٺي وئي آهي پر هو نسيم سان گڏ هلڻ جي دعوت کي رد به نه ٿي ڪري سگهي.

هو کيس سمنڊ جي ڀرسان واريءَ جي دڙن تي وٺي وڃي ٿو ۽ پنهنجو چيڪ بوڪ ڪڍندي هن کان پڇي ٿو: ”تنهنجي خاموشي جي قيمت ڪيتري آهي؟“ هن پنهنجو ڏڪندڙ هٿ سندس ٻانهن تي رکندي چيو: ”آءٌ ڏاڍي شرمسار آهيان. مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر. مون کي خبر نه هئي ته مون ڇا پئي چيو.“

”هڪ منٽ لاءِ ائين لڳو ته انهن کي هڪ ٻئي سان محبت ٿي وئي آهي“.

شڪار جو وقت به اچي ويو ۽ هڪ شام اڳ ڊارلي سميت سڀئي مهمان گاڏين ۾ چڙهي ڍنڍ تي پهتا. ڊارلي انڪار نه ڪري سگهيو هو. پرهه ڦٽي وقت هر هڪ ماڻهو کي هڪ ننڍي ٻيڙي ۽ هڪ بندوق بردار ڏنو ويو. ڊارلي کي فراج نالي هڪ تمام تجربي ڪار ۽ ڀروسي جوڳو ماڻهو ڏنو ويو. هو ڏاڍو پرجوش ٿي واپس آيو پر اتي اچي خبر پيس ته هڪ حادثو ٿي پيو هو. ڪيپوڊسٽريا قتل ٿي ويو هو.

گهر پهچڻ تي حامد کيس ٻڌايو ته جسٽين ڀڄي وئي هئي. جسٽين جي غائب ٿيڻ کان پوءِ واري رات ڊارلي ڪِلي سان مليو ۽ کيس هن کان خبر پئي ته جنهن ماڻهو جسٽين سان ننڍپڻ ۾ زيادتي ڪئي هئي اهو ڪيپوڊسٽريا هو. ڪجھ وقت پوءِ ڪلي کيس ٻڌايو ته هن جو جسٽين سان رابطو ٿيو هو. هوءَ فلسطين ۾ هڪ زرعي فارم تي ڪم ڪري رهي هئي.

ڊارلي کي هاڻي جسٽين نه پر مليسا جو مسئلو درپيش آهي. پرس وارڊن جنهن تازو ئي آپگهات ڪيو آهي انهي هن لاءِ 500 پائونڊ ڇڏيا آهن جيڪي اڃا بينڪ ۾ آهن. هو انهن تي ٻن سالن تائين سُوتو پُوتو گذارو ڪري سگهن ٿا. پر هو ائين ڪرڻ بجاءِ بالائي مصر ۾ ماستري جي نوڪري ڪرڻ هليو وڃي ٿو.

ٻه ورهيه گذري وڃن ٿا. پوءِ هڪ ڏينهن ڪلي کيس ٽيليفون تي ٻڌايو ته مليسا ڏاڍي بيمار هئي ۽ اسپتال ۾ هئي. هو جڏهن اسڪندريا پهتو ته هوءَ مري چڪي هئي. هاڻي کيس خبر پئي ته هن کي نسيم مان هڪ ننڍي ڇوڪري هئي. جنهن کي نسيم پنهنجي پالنا ۾ وٺڻ چاهي ٿو ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته جسٽين هن وٽ ڪڏهن به واپس نه ايندي.

اونهاري جي شروعات ۾ ڊارلي کي ڪلي جو خط مليو جنهن ۾ کيس لکيو هئائين ته هوءَ ڪجھ هفتا اڳ جسٽين سان ملي هئي جنهن کيس ٻڌايو هو ته کيس شڪ هو ته ڪيپوڊسٽريا کي نسيم قتل ڪرايو هو. جسٽين ڊارلي بابت چيو ”مون کي کيس پنهنجي ذهن مان ڪڍڻو پيو“.

ڊارلي مليسا جو ٻار کڻي ڀُونوِچ سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ تي رهڻ هليو وڃي ٿو.

ٻئين ناول ۾

بلٿازار

بيان ڪندڙ ساڳيو ئي ڊارلي آهي. هو بلٿازار پاران ڏنل نوٽس ڪم آڻي ٿو.

بلٿازار جسٽين جي سلسلي جو ناول نه آهي. پهرئين ناول وارا سڀئي ڪردار هتي به اچن ٿا پر اسان کي انهن بابت وڌيڪ ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون ۽ پهرئين ڪتاب جي ڪيترن ئي واقعن جو هڪ نئين زاويي سان ورجاءُ ٿئي ٿو.

سڀ کان اڳ پوڙهي اسڪوبي جو ڪردار بيان ٿئي ٿو. جيڪو ڊارلي سان انهي ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته هو چوڏهين جي چنڊ رات عورتاڻا ڪپڙا پهرڻ کان رهي نه ٿو سگهي. هو ڪنهن مصيبت کان بچڻ لاءِ ڊارلي کي منٿ ڪري ٿو ته هو اهي ڪپڙا کڻي وڃي ۽ پاڻ وٽ رکي. ڊارلي هامي ڀري ٿو.

جسٽين ۾ اهو اشارو ڏنو ويو هو ته ڪليءَ کي جسٽين سان محبت هئي. هاڻي اها ڳالهه صحيح ثابت ٿئي ٿي. هوءَ جسٽين جون تصويرون ٺاهيندي رهي هئي جيڪا تنهن وقت ارنوتي کان طلاق کان پوءِ ڏاڍي غريب ٿي وئي هئي ۽ ماڊلنگ ڪري ڪجھ پئسا ڪمائيندي هئي. تڏهن انهن کي هڪ ٻئي سان محبت ٿي وئي هئي.

گهڻو وقت نه گذريو جو نسيم جسٽين کي چيو ته هوءَ هن سان شادي ڪري. هو کيس ٻڌائي ٿو ته کيس هن جي ضرورت هئي. هو انهي تي راضي ٿي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته کيس سندس پئسي جي ضرورت آهي جيئن هو پنهنجو اغوا ٿيل ٻار ڳولهي سگهي.

نسيم جيئن ئي هن کان رضامندي وٺي ٿو هن کي ڏاڍي لڄ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. ”هو پنهنجي ماءُ جي سامهون اچڻ کان ڏاڍو گهٻرائي ٿو“. پر هو سمجهي ٿو ته کيس اهو ڪم ڪرڻو ئي پوندو. هو گاڏي ۾ چڙهي پراڻي ڳوٺ واري گهر ڏانهن هليو وڃي ٿو جتي سندس ماءُ ليليٰ ۽ سندس ڀاءُ نوروز رهندا آهن.

نسيم وارا ذات جا حسنيني آهن. انهن کي اتان جو قديم ۽ شاهوڪار ڪٽنب ليکيو وڃي ٿو. انهن جي دولت ٻن مختلف ڌنڌن ۾ ورهايل آهي. نسيم بينڪنگ هائوس سنڀالي ٿو جڏهن ته نوروز ڪنهن قبطي رئيس وانگر زندگي گذاريندي وڏي جاگير جي معاملن کي سنڀالي ٿو.

انهن جي ماءُ کي ڪڏهن ڪڏهن ذهني ناپختگي جا دورا پوندا آهن. البت گذريل ٻن مهينن کان اها چاق چڱي ڀلي رهي آهي ۽ هاڻي خاص طور ڏاڍي خوش آهي ڇاڪاڻ ته سندس پراڻو انگريز عاشق مانونٽولِو هاءِ ڪمشنر ٿي مصر آيو آهي. اهو اڳ ۾ مصر ۾ ڪيترائي سال هڪ سفارتي عهدي تي رهيو هو ۽ سندس مرحوم مڙس جي بيماري دوران مانئونٽولِو ليليٰ تي عاشق ٿي پيو هو. هاڻي کيس سرڊيوڊ سڏيو وڃي ٿو.

نسيم ليليٰ جو دلپسند پٽ آهي. هو هن کي جسٽين سان شادي بابت پنهنجي ارادي بابت ٻڌائڻ کان لنوائيندي سياست بابت ڳالهائي ٿو: ”هاڻي مائونٽولِو به واپس آيو آهي“، هو چوي ٿو، ”اسين جيڪو ڪجھ ڪرڻ جي ڪوشس ڪري رهيا آهيون پهريون دفعو اها ڳالهه ڪنهن کي سمجهه ۾ ايندي“. هو گهر مان وڃڻ وقت به پنهنجي ڳالهه ماءُ کي نه ٿو ٻڌائي. هو اهو ڪم نوروز جي ذمي ڪيون وڃي ٿو.

هاڻي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته نسيم ڪنهن اهڙي وڏي سياسي ڪارگذاري ۾ مصروف آهي جنهن لاءِ تمام گهڻي لِڪَ گهربل آهي.

پر هتي پرس وارڊن جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ اُڀاريو ويو آهي. هو نه فقط هڪ ناول نگار آهي پر لڳي ٿو ته هو هڪ قسم جو ڳجھو ايجنٽ آهي. هو جسٽين کي پُرڪشش لڳو آهي ۽ هو هن سان گڏ سمهڻ لاءِ بلڪل تيار هئي پر هن جسٽين سان جنسي تعلق کان سختي سان انڪار ڪري ڇڏيو. هوءَ هن سان پنهنجين نجي مشڪلاتن جو ذڪر ڪري ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته هن ڪيئن ڪيپوڊسٽريا جهڙي ڏائڻ مان جان ڇڏائڻ لاءِ وري کيس هن سان سمهڻ لاءِ چيو هو پر هن انهي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس اها ڳالهه بلڪل ياد نه پئي آئي ته ڪو هُن هِن سان زيادتي ڪئي هئي. پرس وارڊن پاران آپگهات ڪرڻ کان پوءِ سندس لاش نسيم کي هٿ اچڻ جي ڳالهه به بيان ڪئي وئي آهي پر سندس موت جا سبب نه ڏنا ويا آهن.

اڳتي هلي اسان کي ڏيکاريو وڃي ٿو ته نوروز هڪ عجيب نوجوان آهي. هو دماغي طور ڪجھ ٿڙيل آهي. هو نجومين ۽ فال ڪڍندڙن سان به ملندو رهي ٿو. کيس انهن کان خبر پئي آهي ته جسٽين جو ٻار مري ويو آهي. جيڪا ڳجهي نموني ڪلي جي شديد محبت دل ۾ سنڀاليون ويٺي آهي.

پوءِ اسڪوبي جي موت جو احوال ڏنو ويو آهي. هن کي زنانو ويس پهريل هو جو نيوي جي هڪ ملاح کيس لتون ۽ ٿُڏا هڻي ماري ڇڏيو.

نوروز سال ۾ فقط هڪ دفعو جشن جي موقعي تي اسڪندريا اچي ٿو. هن سال پومبل جو هڪ نوجوان رفيق ڪار ٽوٽو ڊي برونل نقاب پوش ڊانس (Masked dance) جي موقعي تي قتل ٿي وڃي ٿو. پر ڪنهن کي به خبر نه ٿي پوي ته هو ڪيئن قتل ٿيو. هن جو لاش مليو ته انهي کي جسٽين جي منڊي پاتل هئي. جسٽين سمجهي ٿي ته کيس نسيم غلطي وچان جسٽين سمجهندي قتل ڪيو آهي. انهي واقعي تي اسڪندريا جي ڪيترن ئي حلقن ۾ ڪيترن ئي سببن جي ڪري وڏي ڳڻتي پکڙي وڃي ٿي.

آخر ۾ اسان کي اها خبر پوي ٿي ته لاش ملڻ کان پوءِ نوروز ڪلي وٽ وڃي ٿو ۽ کيس ٻڌائي ٿو ته هُن کي هن سان محبت آهي ۽ کيس اهو به ٻڌائي ٿو ته کيس پاڻ کي نسيم جي حوالي ڪرڻ گهرجي. ڪلي جڏهن هن کان انهي جو سبب پڇي ٿي ته هو انهي ڳالهه جو اعتراف ٿو ڪري ته هن جسٽين کي قتل ڪري ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته هن سندس ڀاءُ سان بي وفائي ڪئي هئي ۽ اها ڳالهه ظاهر ٿي ته هن ئي ٽوٽو کي جسٽين سمجهندي قتل ڪيو هو.

ٽئين ڪتاب

مائونٽولِو ۾ بلٿازار ۾ بيان ٿيل واقعن کي اڳتي وڌايو ويو آهي. مائونٽولِو ضمير غائب ۾ لکيل آهي ۽ انهي جي پهرئين ٽئين حصي ۾ ڊيوڊ مائونٽولِو جي ڪيريئر ۽ ليليٰ حسنيني سان سندس تعلق کي بيان ڪيو ويو آهي.

پرس وارڊن جي آپگهات کي به واضح ڪيو ويو آهي. مليسا پنهنجي لاءِ نئون ڪوٽ خريد ڪرڻ لاءِ پئسو هٿ ڪرڻ لاءِ هن سان سمهڻ جي آڇ ڪئي. پوءِ هن کيس ٻڌايو ته سندس پراڻو عاشق ڪوهن کيس کليو کلايو ٻڌايو هو ته هو حسنيني ڪٽنب پاران ڪم ڪري رهيو هو ۽ فلسطين ۾ هٿيار پهچائيندو هو جيڪي برطانيا کي ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندا هئا. انهي ڄاڻ سندس پيشرو جي نظرين جي تائيد ڪئي ٿي. هن مائونٽولِو کي خط لکي اها ڳالهه ٻڌائي ۽ مٿس اها ڳالهه به واضح ڪيائين ته جيئن ته نسيم سندس دوست هو ۽ هو جيئن ته پنهنجي دوست سان دغابازي جي نتيجن کي منهن نه ڏئي سگهندو تنهن ڪري هن آپگهات جو ارادو ڪيو آهي.

مائونٽولِو فوراً ڪجھ به نه ڪيو. اڳتي هلي حسنيني سازش جا ڪيترائي تفصيل ڏنا ويا آهن. انهن مان هڪ اها حقيقت به آهي. جسٽين انهي بابت سڀ ڪجھ ڄاڻي ٿي ۽ انهي سان گهاٽو تعلق اٿس. ڪتاب نوروز جي پراسرار موت تي ختم ٿئي ٿو.

چئن ڪتابن مان آخري آهي

ڪلي

گذريل ٽن ڪتابن  ۾ بيان ٿيل آکاڻي هن ۾ آهستي آهستي کُلي اڳتي وڌي ٿي ۽ پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي. هاڻي به بيان ڪندڙ ڊارلي آهي جيڪو مليسا جي ٻار سان گڏ ٻيٽ تان واپس آيو آهي. هاڻي جنگ جو دور لڳو پيو آهي. نسيم انهن سان ملي ٿو جيڪو جنگ کي سامهون ايندي ڏسي فلسطين ۾ پنهنجين رٿائن تان هٿ کڻي ويو آهي. جسٽين واپس اچي وئي آهي ۽ هن سان گڏ رهي ٿي. هوءَ هاڻي تمام گهڻي بدلجي وئي آهي.

ڊارلي بلٿازار سان ملي ٿو ۽ کيس خبر پوي ٿي ته ڪبال ختم ٿي وئي آهي ۽ ڪيپوڊسٽريا مئو نه آهي پر نسيم سندس ”موت“ جو بندوبست ڪيو هو جيئن هو سندس انشورنس جي رقم وٺي سگهي ڇو ته هو ڏيواليو ڪڍڻ تي هو. انهي ڪم لاءِ لاش بلٿازار ڏنو هو.

پوءِ هو ڪلي سان ملي ٿو. هوءَ کيس ٻڌائي ٿي ته اسڪوبي کي ولايت جي درجي تي پهچايو ويو آهي ۽ کيس سندس اڳوڻي فليٽ تي وٺي وئي جنهن کي خانقاهه ۾ تبديل ڪيو ويو هو. هو ڪلي سان گڏ گهر ويو ۽ هڪ هوائي حملي دوران اهي گڏ سمهي پيا ۽ ميلاپ ڪيائون. پوءِ هن کيس پرس وارڊن بابت وڌيڪ ڳالهيون ٻڌايون ته هن کي سندس نابين ڀيڻ ليزا سان محبت هئي. ليزا سندس موت کان ڪجھ وقت اڳ هن سان گڏ هئي.

ليزا جي مائونٽولِو سان شادي ٿيڻي آهي. ڪلي ڊارلي کي چوي ٿي ته هو انهن ٻنهي پاران هڪ ٻئي کي لکيل خط پڙهي وٺي. انهن مان اهو ظاهر ٿيو ته پرس وارڊن جو آپگهات ڪيو ته انهي جو اصل سبب به سندن اهو تعلق هو. ڊارلي ڪلي کي صلاح ڏني ته هوءَ اهي خط ساڙي ڇڏي. هنن گڏجي اهو ڪم ڪيو.

ڪلي مصوري ڪرڻ فرانس وئي هلي ۽ ڪتاب ڪلي پاران ڊارلي ڏانهن لکيل خط تي ختم ٿئي ٿو جنهن ۾ هو کيس ٻڌائي ٿي ته هوءَ ويجھڙائي ۾ جسٽين ۽ نسيم سان ملي هئي. اهي سئٽرزلينڊ ۾ مستقل طور رهڻ جو سوچي رهيا هئا. جتان انهن جو ارادو هو ته هو حسنيني سازش وانگر هڪ بين الاقوامي سازش هلائيندا. جسٽين چيو ته هوءَ آخرڪار خوش هئي.

ڊريل پاڻ ٻڌايو آهي ته هن انهن چئني ڪتابن ۾ ڇا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

جديد ادب اسان کي ڪي وحدتون (Unities) نه ٿو ڏئي. تنهن ڪري مون سائنس ڏانهن رخ ڪيو ۽ هڪ چار طبقو ناول مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. جنهن جي هيئت اضافيت(Relativity) تي ٻڌل آهي.

مڪان (Space) جا ٽي رخ ۽ زمان جو هڪ رخ گڏجي ڪنٽينيوم (Continuum) واري سوپ مڪس ترڪيب ٺاهين ٿا. چار ئي ناول انهي ترتيب تي هلن ٿا.

ڪتاب جو مرڪزي موضوع جديد محبت جو هڪ جائزو آهي. هو دعويٰ ڪري ٿو. هو پنهنجي دعويٰ ۾ ڪامياب ٿيو آهي يا نه بهرحال اها هڪ حقيقت آهي ته اهي چارئي ناول هڪ تمام وڏي ادبي حاصلات آهن. اهي نه فقط ادبي تجربي جي ميدان ۾ پر اسلوب جي ميدان ۾ به هڪ حاصلات آهن.

ڊريل بنيادي طور هڪ شاعر آهي. هن انهن چئني ڪتابن ۾ هڪ شاعر واري حساسيت ۽ شاعر واري تصوراتي بصيرت سان لکيو آهي ۽ لفظ تشبيهون ۽ علامتون اهڙي نموني ڪتب آندا اٿائين جيئن ڪو خالص نثر لکندڙ ڪتب نه آڻي سگهي ها. ڪيترن ماڻهن لاءِ فقط انهي ڪري ئي اهي چار ئي ناول پڙهڻ هڪ دلچسپ تجربو هوندو.

100. ڊاڪٽر زواگو

-- بورس پيسترناڪ (1960ع- 1890ع)--

ڪيترن پڙهندڙن کي ڊيوڊلين جي فلم ڊاڪٽر زواگو ياد هوندي ۽ جن اها نه ڏٺي آهي انهن کي سمجهڻ گهرجي ته انهن کان هڪ ڏاڍي اثر انگيز ۽ رومانوي ڪهاڻي ڏسڻ جو موقعو ويو هليو آهي. پر فلم بابت جيڪي به رايا هجن اظهار جي انهي ذريعي ۾ پيسترناڪ جي شاعراڻي بصيرت جي تازگي ۽ درستگي نه ئي سندس فلسفو ۽ نه ئي ناول جي اصليت ۽ طاقت پڙهندڙن تائين پهچي سگهي ٿي.

بورس پيسترناڪ 1890ع ۾ ماسڪو ۾ ڄائو. هو مهذب ماءُ پيءُ جي اولاد هو. هن ماسڪو يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ محسوس ڪري ورتو ته شاعري ئي سندس صلاحيتن جي اظهار جو ميدان آهي ۽ پوءِ پنهنجي سموري زندگي لکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. هو اندروني طور سدائين هڪ تارڪ ۽ سوويت راڄ جو مخالف ٿي رهيو. هن ڪيترن موقعن تي انهي حڪومت جي قدمن کان لاتعلقي ڏيکاريندي وڏي همٿ جو مظاهرو ڪيو ۽ 1945ع کان پوءِ سندس تحريرن تي پابندي وڌي وئي. انهي وقت هن ڊاڪٽر زواگو لکڻ شروع ڪيو ۽ اهو پهريون دفعو 1957ع ۾ اطالوي ترجمي جي صورت ۾ ۽ 1958ع ۾ انگريزي زبان ۾ ڇپيو. انهي ئي سال کيس ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو. انهي تي سوويت اختيارين نندا جو هڪ طوفان کڙو ڪيو ۽ کيس پنهنجي وطن ۾ رهڻ جي صدقي انعام کان دستبردار ٿيڻو پيو. هو 1960ع ۾ فوت ٿيو.

ناول روس ۾ انقلاب، پرووزنل گورنمينٽ ۽ گهرو لڙائي دوران اتان جي زندگي جي هڪ چٽي ۽ مڪمل تصوير پيش ڪري ٿو. جنهن ۾ آبادي جي سڀني حصن مان کنيل ڪردارن کي زندگي جي ڇڪتاڻ ۾ ڦاٿل ۽ پنهنجي وجود جي بقاء لاءِ هٿ پير هڻندي ڏيکاريو ويو آهي. پاسترناڪ انهن کي ميدان ڪار ۾ مصروف ڏيکاريو آهي. اهي پيڙائن مان گذري رهيا آهن ۽ هڪ اهڙي اٿل پٿل دوران پنهنجن لاڙن ۽ روين جي نئين تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪا خوفناڪ به آهي ۽ تخليقي سگهه رکندڙ به آهي. ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ماڻهو ڪيئن فقط وجود باقي رکيو ويٺا آهن ۽ ناول جو غير مربوط انداز خود زندگي جي سختيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن کي پاسترناڪ مطابق پنهنجي فائدي ۾ نه ٿو ڪري سگهجي پر اها فقط جيئن آهي تيئن گذاري سگهجي ٿي. زندگي پنهنجي نئين تشڪيل ۽ تجديد ڪندي رهي ٿي ۽ پنهنجي شڪل مٽائيندي رهي ٿي. انهي عمل ۾ فرد کي لازماً سهڪار ڪرڻو آهي.

ناول جي عوامي رخ ۾ زندگي طوفاني طاقت سان گهڙي اچي ٿي. پر يوري زواگو ۽ لاريشا (لارا) جي نجي دنيا ۾ به زندگي ساڳئي قوت سان داخل ٿئي ٿي. انهن جون زندگيون سياسي واقعن سان گڏوگڏ هلن ٿيون ۽ انهن تي سياسي واقعن جو اثر به پوي ٿو. ناول جي مک ڌارا به اها ئي آهي. جيئن روس جي قسمت ۾ انقلاب لکجي چڪو آهي تيئن اهي ٻئي به هڪ ٻئي جي ڀاڳ ۾ لکجي چڪا آهن.

اسين يوري سان پهريون دفعو 1901ع ۾ ملون ٿا. هو تڏهن هڪ ٻار آهي ۽ ماسڪو جي ٻاهران پنهنجي ماءُ جي آخري رسمن وقت روئي رهيو آهي. سندس پيءُ ڪنهن وقت هڪ لک پتي ماڻهو هو. پر گهڻي وقت کان پنهنجي ڪٽنب کي ڇڏي ڏنو هئائين ۽ عياشي واري زندگي گذاري رهيو هو پوءِ ڪو مارووسڪي نالي هڪ بي ضمير وڪيل جيڪو هن جي پئسن تي تڳندو رهيو هو. انهيءَ کيس آپگهات تي مجبور ڪيو. يتيم يوري ماسڪو ۾ گرو ميڪو ڪٽنب وٽ رهڻ ويو. اهو دانشورن جو هڪ مهذب ڪٽنب آهي. انهي ۾ يوري جي عمر جيتري ڇوڪري ٽونيا پڻ آهي.

اهي ڏاڍا امير ماڻهو آهن پر شهر جي هڪ غريب پاڙي ۾ هڪ ٻيو تمام غريب ڪٽنب به رهڻ آيو آهي. انهي ڪٽنب جي وڏي اماليا گشار بيلجيم جي هڪ انجنيئر جي بيواهه آهي. سندس نوجوان ڌيءُ لارا به انهي سان گڏ رهي ٿي. ڪو مارو وسڪي سندس مڙس جو هڪ گهاٽو دوست هو. اهو اماليا جو عاشق ٿي وڃي ٿو پر سندس اکيون گرم جوش ۽ سهڻي لارا تي آهن.

انهي دوران ريلوي جا ڪارڪن ڏاڍي شديد اسٽرائيڪ ڪن ٿا. انهن ۾ اينٽي پوف، ٽرئڪ اوور سيئر به آهي. انهي کي پوءِ انهي اسٽرائيڪ ۾ حصو وٺڻ سبب ڊگهي قيد جي سزا ڏني وڃي ٿي. سندس پٽ پاشا هڪ ذهين ۽ تمام صاف سٿرو ڇوڪرو آهي. اهو پوءِ هڪ ٻئي مزدور طبقي جي گهر ۾ وڃي رهي ٿو ۽ سموري ماسڪو ۾ ٿيندڙ هل هنگامي دوران هو هڪ دفعو هڪ ميڙ ۾ ڦاسي پيو انهي کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪوسڪ فوجين لٺيون وسايون ته خوش قسمتي سان سندس جان بچي وئي.

پر هاڻي هڪ ڏاڍي خوفناڪ ڳالهه ٿي پوي ٿي. اسان کي خبر پوي ٿي ته ڪو مارو وسڪي وڏين خوشامدن سان ۽ پاڻ کي ڏاڍو هيٺ ڪري لارا کي تِرڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. اهو منظر جيتوڻيڪ ناول ۾ بيان ٿيل نه آهي پر انهي جا اثر بيان ٿيل آهن. لارا جو ضمير جاڳي پيو آهي کيس پڇتاءُ ٿي رهيو آهي ۽ کيس احساس ٿي رهيو آهي ته هن جي دامن تي هڪ اهڙو داغ لڳي ويو آهي جيڪو ڪڏهن به ڌوپجي نه سگهندو.

ٽي ورهيه گذري وڃن ٿا جن دوران لارا ڪو مارو وسڪي کان پري ڀڄڻ لاءِ هڪ امير ڪٽنب ۾ گورنيس طور نوڪري ڪري ٿي. پوءِ هوءَ اتان ڇڏي ٿي جيئن ڪٿي پنهنجي سر زندگي گذاري سگهي. هن جي ذهن ۾ شايد ماستري جو ارادو آهي. هوءَ ڪو مارو وسڪي کان ضروري رقم گهري ٿي جيڪا هوءَ سمجهي ٿي ته کيس تلافي طور ڏيڻ گهرجي. هن ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته هو جيڪڏهن رقم نه ڏئي يا کيس بي عزتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته هوءَ کيس قتل ڪري ڇڏيندي. اهي 1911ع جا ڪرسمس جا ڏينهن آهن ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته ڪو مارو وسڪي ڪنهن دوست جي پارٽي ۾ هوندو تنهن ڪري هو هڪ پستول لڪايون برف سان ڍڪيل شهر ۾ کيس ڳولهيندي ٿي وتي، هو رستي ۾ پاشا اينٽي پوف سان ملي ٿي. انهي سان سندس ننڍپڻ جي دوستي آهي. پاشا هاڻي سياسي لحاظ کان آدرش پسند شاگرد آهي ۽ کيس پسند ڪري ٿو. هوءَ هن وٽ پهتي ته هو ڪنهن پارٽي ۾ وڃڻ لاءِ ڪپڙا پهري رهيو هو. هن کي ڪوپُور پئجي وڃي ٿو ۽ کيس چوي ٿي ته هو بجلي بند ڪري ميڻ بتي ٻاري، ”شعلو ڦڙ ڦڙ ڪرڻ لڳو... پوءِ دري جي شيشي تي شعلي جي ڀرسان برف ڳري وئي ۽ هڪ ننڍڙو سوراخ ٺهي ويو“. هن کيس ٻڌايو ته هوءَ ڏاڍي مصيبت ۾ آهي ۽ کيس چيائين ته هو جلد ازجلد هن سان شادي ڪري. انهي تي هو ڏاڍي خوشي سان راضي ٿي ويو.

انهي دوران يوري زواگو پنهنجي ڊاڪٽري جي تعليم مڪمل ڪري ورتي ۽ هن جو شاعراڻو تصور به ڏاڍو پروان چڙهي ويو. هن ۽ ٽونيا جي جيئن ته پرورش به گڏ ٿي هئي تنهن ڪري انهن جو مڱڻو ٿي ويو. هاڻي اهي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيا سيڙهيا ساڳئي پارٽي ۾ وڃي رهيا هئا ۽ انهي ساڳئي گهر ڀرسان گذريا جتي لارا ۽ پاشا ڳالهيون ڪري رهيا هئا. يوري مٿي نهاريو ته کيس دري مان ميڻ بتي جو شعلو ٻرندي نظر اچي ويو. لڳي پيو ته اهو ڪنهن جي انتظار ۾ هو. ”هڪ ميڻ بتي ٽيبل تي ٻرندي رهي، هڪ ميڻ بتي ٻرندي رهي“. هن پاڻ سان ڀڻڪاٽ ڪيو. اها ڪنهن نظم جي منجھيل ۽ بي هيئت شروعات هئي؛ هن سمجهيو پئي ته اهو پاڻهي شڪل وٺي ويندو پر هو ڪجهه وڌيڪ نه چئي سگهيو.

لارا پارٽي ۾ ڪو مارو وسڪي سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو پر هن تي هڪ فائر ڪيائين جيڪو گُسي ويو ۽ هوءَ گرفتار ٿي وئي. ڪو مارو وسڪي ڪنهن اسڪينڊل کان ڊڄندي پنهنجو اثر رسوخ هلائي معاملو عدالت کان ٻاهر طي ڪرائي ورتو ۽ لارا پوءِ پاشا سان شادي ڪئي ۽ هن سان گڏ يورالز (Urals) ڏانهن وئي هلي. انهن ٻنهي کي ارادو هو ته هو اتي ماستري ڪندا. انهي دوران ٽونيا يوري جي پٽ جي ماءُ بڻي ۽ هو ماسڪو جي اسپتال ۾ ڪم ڪندو رهيو. پوءِ جنگ شروع ٿيڻ کان هڪ ورهيه پوءِ کيس گيليشيائي محاذ تي ڊاڪٽر طور موڪليو ويو. پوءِ لارا کي به هڪ ڌيءُ ڄائي پر پوءِ ڪي گهرو دشواريون پيدا ٿي پيون ۽ پاشا وڃي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ ننڍڙي ڪانٽيا کي دوستن وٽ ڇڏي ويو. لارا به رضاڪار نرس ٿي محاذ تي وئي هلي. آخرڪار هوءَ انهي اسپتال ۾ آئي جتي يوري ڪم ڪري رهيو هو ۽ کيس فوراً سڃاڻي ورتائين.

پاسترناڪ ڏاڍي مهارت سان ٻڌائي ٿو ته يوري ۽ لارا ۾ تعلق جي شروعات ڪيئن ٿي. اهي ٻئي سمجهي وڃن ٿا ته ڪا ڳالهه انهن جي انتظار ۾ آهي پر هو انهي کي تسليم ڪرڻ کان هٻڪن ٿا ڇو ته ٻئي پرڻيل ۽ اولادي آهن. پر هڪ دفعو تازو شروع ٿيندڙ روسي انقلاب بابت ڏاڍي جوش جذبي سان ڳالهائيندي يوري نجي ۽ انفرادي انقلابن ڏانهن ويو هليو ۽ اوچتو سندس آواز هن جي دل جي حالت پڌري ڪرڻ لڳو، ”مون کي انهي جو ئي ڊپ هو“. لارا آهستگي سان چيو ڄڻ ته پاڻ سان ڳالهائيندي هجي ۽ پوءِ ڏاڍي شفقت سان هن کي سمجهايائين، تون ائين ئي رهه جيئن آءٌ توکي هيستائين سمجهندي رهي آهيان ۽ ائين ئي رهه جيئن آءٌ چاهيان ٿي ته تون رهين“.

لارا هڪ هفتي کان پوءِ يورالز جي شهر يوري آتين پڙهائڻ وئي هلي ۽ يوري به جلدئي ماسڪو ۾ پنهنجي گهر وارن ڏانهن موٽي ويو. اهو ڪيرينسڪي جي پرووزنل حڪومت جو دور هو ۽ گهٽي گهٽي ۾ لڙائي هلي رهي هئي. کاڌو ۽ ٻارڻ ملڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويو هو ۽ سياري جي سخت موسم ۾ زواگو جي ڪٽنب ٽونيا جي پيءُ سميت ڏاڍو مشڪل سان گذارو ڪيو. انهن بهار ۾ يوري آتين جي ٻاهران ويري ڪينو جاگير تي لڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو جيڪا ڪنهن وقت ٽونيا جي ڏاڏي جي ملڪيت هئي. انهن کي اميد هئي ته هو اتي گذارو ڪري ويندا شهرن کان ٻاهر به سمورو علائقو جنگ جي اثر هيٺ هو. اهڙين حالتن ۾ مال ڍوئڻ جي گاڏن ۾ ڏاڍي ڏکئي سفر کان پوءِ اهي هڪ خالي گهر جي هڪ حصي ۾ اچي ويهي رهيا. يوري آسپاس جي علائقي جو غير سرڪاري ڊاڪٽر ٿي ويو. اهي وڏيون محنتون ڪري پاڻ کي زندهه رکيو ويٺا هئا. پر يوري گهڻي وقت کان محسوس ڪري ورتو آهي ته سندس طبقي جي ماڻهن جو مقدر تباهي آهي ۽ انهن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. هو ڪنهن وقت شاعري ڪندو هو پر هاڻي هن تي ڪنهن به شي جو نزول نه ٿو ٿئي. زماني جو روح سندس خلاف آهي ۽ انقلاب جو ڦل به ڪوڙو ٿيندو پيو وڃي. ساڳئي وقت هو خوابن ۾ ڪنهن عورتاڻي آواز پاران پاڻ کي ٿيندڙ سڏ ٻڌي رهيو هو ۽ جڏهن بهار آيو ته ائين پئي لڳو ڄڻ ته بلبلون ”جاڳو! جاڳو!“ جون تنوارون ڪري رهيون هيون.

هڪ دفعو هو يوري آتين ۾ شهر جي لائبريري ڏسڻ ويو ۽ اتي لارا نظر اچي ويس. هُن هن سان اتي ئي نه ڳالهايو پر ان جي فليٽ تي ويو. اهي جڏهن هڪ ٻئي سان مليا ته مستقبل کي محسوس ڪندي ۽ هاڻي انهي کي قبول ڪندي ۽ هڪ ٻئي بابت خاطري محسوس ڪندي ڏاڍي سادي ۽ ڏيک ويک کان خالي ٻولي ۾ ڳالهائڻ لڳا. لارا کيس اها جاءِ ڏيکاري جتي هوءَ فليٽ جون چاٻيون لڪائي رکندي هئي ۽ چيو: ”آءٌ جڏهن ٻاهر هجان ته تون اچي سگهين ٿو. تون ڀلي در کولي آرام سان ويهجانءِ جيستائين آءٌ اچان“.

ايندڙ هفتن ۾ هو ڪيترائي دفعا لارا سان ملڻ ويو ۽ سدائين شام جو ويري ڪينو موٽي ايندو هو. انهي دوران هڪ وقت اهڙو به آيو جو هو ٽونيا کي ٻئي ڏينهن صبح جو نظر آيو ۽ جڏهن هن کان پڇيائين ته هن ٻڌايو ته هو ڪنهن ضروري ڪم سبب ٻاهر رهجي ويو هو. يوري کي ٽونيا خلاف پنهنجي ڏوهه جو شدت سان احساس آهي ۽ هو لارا لاءِ پنهنجي محبت آڏو بيوس آهي. پر هڪ ڏينهن هو يوري آتين مان موٽندي اهو پڪو ارادو ڪري ٿو ڇڏي ته هو هن سان تعلق ختم ڪري ڇڏيندو ۽ پنهنجي زال کي سڀ ڪجھ ٻڌائيندو. پر بلڪل انهي مهل جڏهن هو گهوڙي تي چڙهي واپس گهر وڃي رهيو هو ٽن گهوڙي سوارن اوچتو سندس رستي روڪ ڪئي ۽ کيس قيد ڪري سرخن (Reds) جي حمايتين جي هڪ گروپ ۾ ڊاڪٽر طور ڪم ڪرڻ وٺي ويا.

يوري ٻن ورهين تائين سائيبيريا جي جهنگن ۾ سفيد فامن (Whites) خلاف جنگ جون تڪليفون ڀوڳيندو رهيو ۽ پاسترناڪ کوکلن سياسي نعرن جي بک بدحالي، دغا بازين ۽ ڪوس سان ڀيٽ ڏاڍي چڀندڙ نموني ۾ ڪري ٿو. يوري لارا ۽ ٽونيا بابت سوچي ٿو: ”ٽونيا تون منهنجي لاءِ هڪ دائمي پڇتاءُ جو سبب آهين. پوءِ هڪ ڏينهن فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو.“

هو سموري سائيبيريا پيرين پنڌ جهاڳي جهاڳي هڪ ڏاڍي خطرناڪ سفر کان پوءِ بکن ۾ پاهه ٿي يوري آتين ۾ داخل ٿيو. اتي خبر پيس ته ويري ڪينو وارا ماڻهو- سندس ڪٽنب- ڦورن جي حملي کان ڊڄندي ڪجھ هفتا اڳ ماسڪو هليا ويا هئا. هو ڏاڍي مايوسي ۾ جيئن تيئن ڪري لارا جي فليٽ تي پهچي ٿو ۽ هن سان ملي ساڻو ٿي سمهي پوي ٿو. هن کي خواب ۾ پنهنجو پٽ نظر اچي ٿو. پوءِ هن جي اک کلي ته پنهنجي پٽ کي پنهنجي مٿان جهڪيل ڏٺائين. انهي تي هو خوشي ۾ ڄڻ ته بيهوش ٿيڻ تي هو. بهرحال هو جلدئي سامت ۾ آيو ۽ پاسترناڪ اسان کي ٻڌائي ٿو: ”انهن کي هڪ ٻئي سان ڏاڍو پيار هو انهن جي نظر ۾ اهي گهڙيون جن ۾ جذبات ابديت جي هڪ ڦوڪ وانگر انهن جي انساني وجودن تي لهندا هئا اهي انڪشاف جون گهڙيون هونديون هيون جن ۾ انهن کي زندگي ۽ خود پاڻ بابت وڏو فهم حاصل ٿيندو هو.“

لارا کيس سندس زندگي تي ڪو مارو وسڪي پاران هنيل داغ بابت ٻڌايو ۽ اسٽريلنيڪوف نالي ڪنهن ماڻهو بابت به ڳالهايائين. هو بولشيوڪن جو هڪ بي رحم اتحادي هو. يوري هڪ دفعو هن سان ويري ڪينو ويندي ٽرين جي سفر ۾ مليو هو. اسٽريلنيڪوف ٻيو ڪو نه پر سندس مڙس پاشا اينٽي پوف آهي. جيڪو جنگ کان پوءِ جرمنن جي هڪ قيدي ڪيمپ مان واپس آيو هو ۽ پاڻ کي سرخن لاءِ ڏاڍو ڪار آمد بڻايو هئائين. هوءَ سمجهي وڃي ٿي ته هو به ڏاڍي ڏکيائي ۾ زندگي گذاري رهيو آهي ۽ سندس ڏينهن به ڳڻجي ويا آهن.

يوري جو انقلاب لاءِ شروعاتي جوش ختم ٿي ويو آهي. انهي جا ڪي شخصي سبب نه آهن. پر کيس اختيار سان چنبڙي پوندڙ ماڻهن کان ڏاڍي نفرت آهي. جيڪي زندگي جا دشمن آهن. انهن جي آدرش پسندي جي جاءِ تي انتقام اچي ويو آهي ۽ هاڻي هو ۽ لارا خاص طور تي يوري آتين ۾ خطري ۾ آهن. ڇو جو انقلابي ٽريبيونل به اتي ڪم ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري اهي ويري ڪينو واپس وڃڻ جو فيصلو ڪن ٿا. پر انهن پاران روانو ٿيڻ کان اڳ اوچتو ڪو مارو وسڪي اچي ڪڙڪي ٿو ۽ انهن تي زور ڀري ٿو ته اهي هن سان گڏجي اوڀر وارن سامونڊي ڪناري وارن صوبن ڏانهن هلن جتي هڪ آزاد حڪومت قائم ٿي رهي هئي. پر انهن ٻنهي انڪار ڪري ڇڏيو.

اهڙي طرح يوري، لارا ۽ ڪاٽيا ويري ڪينو وڃن ٿا. اهي شديد سائبيريا ئي سياري ۾ پاڻ کي گهر ۾ ئي مصروف رکن ٿا. ايستائين جو ٿورو منظم گهريلو انداز پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ اهي ٿوري وقت لاءِ زندگي جي سواد کي محسوس ڪن ٿا. يوري ۾ ڪجھ لکڻ جي تڙپ پيدا ٿئي ٿي ۽ رات جو جڏهن لارا ۽ سندس ڌيءُ ننڊ پيون هيون ته هو شاعري ڪرڻ ويهي ٿو. خاص طور اهي سٽون جيڪي گهڻو وقت اڳ سندس ذهن ۾ آيون هيون. اهي پاڻهي پاڻ مڪمل ٿي وڃن ٿيون. هڪ ميڻ بتي ٽيبل تي ٻرندي رهي، هڪ ميڻ بتي ٻرندي رهي، .... ۽ هاڻي کيس احساس ٿي وڃي ٿو ته اها هن لاءِ ٻري هئي ۽ انهن جي لاءِ منتظر محبت جي علامت هئي (” ونٽر نائيٽ“ جي عنوان سان اهو ۽ ٻيا نظم ناول جي آخر ۾ ڏنل آهن).

پر ڪو مارو وسڪي پندرهن ڏينهن جي اندر ئي انهن کي ڳولهي وٺي ٿو ۽ هن دفعي هڪ لمحو به وڃائي نه ٿو سگهجي. يوري آتين اسٽيشن تي هڪ گاڏي ڏور اوڀر (Far East) لاءِ تيار بيٺي هئي ۽ هنن کان جيڪڏهن اها ڇٽي وئي ته وري شايد موقعو ڪڏهن به نه اچي. لارا ٻار جي ڪري ڪو مارو وسڪي سان گڏ وڃڻ قبول ڪري ٿي پر هو يوري کان سواءِ ڪڏهن به نه هلندي پر يوري جيئن ته اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو ماسڪو وڃي پنهنجو ڪٽنب ڳولهيندو تنهنڪري هو بهانو ٺاهي ٿو ته هو ڪجھ منٽن ۾ ٻئي گهوڙي تي انهن جي سليج جي پٺيان ايندو. اهڙي طرح هو لارا سان ڪا موڪلاڻي به نه ٿو ڪري فقط هٿ لوڏين ٿا ۽ هو لارا جي آخري جهلڪ ڏسڻ لاءِ ايستائين بيٺو رهي ٿو جيستائين سليج هڪ ڏورانهين ٽڪري تي نه ٿي چڙهي وڃي. جڏهن اها آخرڪار نظرن کان غائب ٿي وڃي ٿي ته هو گهر موٽي اچي ٿو. هو دنيا کي پٺي ڏئي اچي ٿو ۽ سندس اندر مان اهو آواز اچي رهيو آهي: ”منهنجو روشن سج لهي ويو“.

يوري جي زندگي جي اٺن ورهين جو بيان هڪ باب ۾ ڏنو ويو آهي. هو ماسڪو هن دفعي به پيرين پنڌ وڃي ٿو ۽ اتي کيس خبر پوي ٿي ته سندس ڪٽنب کي روس مان تڙي ڪڍيو ويو آهي ۽ اهي پيرس هليا ويا آهن. هو انهن ڏانهن وڃڻ جي ويزا وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر انهي ۾ ناڪام ٿئي ٿو ۽ گرو ميڪو گهراڻي جي اڳوڻي اسٽيورڊ جي ڌيءُ سان ”شادي“ ڪري ٿو. اهو سمورو وقت زندگي ۽ خود پاڻ مٿان سندس گرفت ڪمزور ٿيندي وڃي ٿي. ايستائين جو آخر ۾ هو نه لکي سگهي ٿو نه ڊاڪٽر طور ڪم ڪري سگهي ٿو. هڪ ڏينهن هڪ ماڻهن سان سٿيل هڪ ٽرام ۾ هن کي دل جو دورو پوي ٿو ۽ هو هٿ پير هڻي تازي هوا ۾ نڪري اچي ٿو ۽ گهٽي ۾ ڪري پوي ٿو ۽ مري وڃي ٿو. (فلم ۾ اهو منظر جنهن ۾ هو تصور ۾ لارا کي ڏسي ٿو اهو ناول ۾ نه آهي).

پر اتفاقي طور لارا ماسڪو ۾ اچي ٿي ۽ انهي ئي گهر ۾ اچي ٿي جنهن ۾ يوري کي رکيو ويو آهي. جيئن هو کيس الوداع چون. هوءَ سادن مانوس لفظن ۾ هن کان موڪلائي ٿي. هوءَ ائين ڳالهائي ٿي جيئن هو هميشه هن سان ڳالهائيندي هئي: ”تون وڃين پيو، اها منهنجي به پڄاڻي آهي.... زندگي جي ڳجهارت، موت جو معمو، پيار جو حسن، هائو اسان اهڙين خسيس ڳالهين بابت ڇا سوچيو هيو سي جيڪي دنيا کي نئين شڪل ۾ آڻين ٿيون. نه، مهرباني، اهي شيون اسان جي لاءِ نه آهن..... موڪلاڻي منهنجا پيارا، منهنجا پنهنجا، منهنجا غرور، موڪلاڻي منهنجا اونها تيز وهندڙ درياءَ...

هاڻي اسان کي هڪ مختصر پيراگراف ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته انهي کان جلدئي پوءِ لارا کي گهٽي ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو. جيئن انهن ڏينهن ۾ اڪثر ٿيندو هو ۽ هوءَ Concentration ڪيمپ ۾ غائب ٿي وڃي ٿي يا ڪٿي مري وڃي ٿي. ”هو ڪنهن لسٽ تي بي نام انگ وانگر وسري وڃي ٿي“. پر سندس نظم باقي رهن ٿا ۽ اسان کي خبر پوي ٿي ته انهن جو ٻار به زنده رهي ٿو. ناول جي آخر ۾ پڄاڻي وارو باب (Epilogue) به آهي. انهي ۾ ٻين جنگ عظيم دوران هڪ جنگ جي محاذ جو منظر آهي. فوجين سان هڪ ڌوٻڻ طور ڪم ڪندڙ تانيا هڪ ميجر جنرل زواگو سان ملي ٿي ۽ کيس هڪ يتيم طور پنهنجي ڏکي زندگي جو داستان ٻڌائي ٿي. هو سمجهي وڃي ٿو ته هوءَ ڪير آهي ۽ هن سان واعدو ڪري ٿو ته هو کيس ڪاليج موڪليندو ۽ سدائين اچي يوريءَ جي ڪنهن مشڪل مسئلي ۾ مدد ڪري ٿو. پر هو حقيقت ۾ صوفياڻي اهميت وارو ڪردار آهي. هن جي حيثيت حقيقي به آهي ته علامتي به. هو يوري جي موت کان پوءِ هن جو روح به آهي ۽ هن جو نگهبان فرشتو به آهي ۽ انهي ڳالهه کي سمجهندي يوري گهڻي وقت تائين سندس ڪردار (Role)بابت مونجهاري جو شڪار رهي ٿو. موت زندگي لاءِ مدد ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ پر آخر ۾ جيئن اسين لارا جي واتان ٻڌون ٿا. اهي ٻئي ڳجهارت ڀڃي وٺن ٿا ڇاڪاڻ ته انهن اها گذاري ۽ بسر ڪئي آهي. انهن ماءُ پيءُ، گهر، ڪٽنب نوڪريون، سامان، سک آرام ۽ تحفظ سڀ ڪجھ وڃائي ڇڏيو آهي ۽ هٿين خالي ۽ بي گهر ۽ اڪيلا ٿي پيا آهن. پر انهن مرڻ ڪنڌي تي پهچي پاڻ کان سواءِ سڀ ڪجھ وڃائي گهري ۽ پائدار محبت حاصل ڪئي آهي.

اسان جي نظر ۾ اهو ئي هن عظيم ناول جو جوهر ۽ تت آهي ۽ اتان اها وڏي اميد ڦٽي نڪري ٿي ته روسي ماڻهو ڪنهن ڏينهن پنهنجين پيڙائن ۽ ڏکن جي سبب ئي پنهنجين شاندار صلاحيتن کي اڳي کان وڌيڪ مڪمل نموني ڪتب آڻي سگهندا ۽ جيڪا ميڻ بتي انهن ۾ اڃا به ٻري رهي آهي اها اڃا وسيع ۽ طاقتور روشني ڏيندي.

ڊاڪٽر زواگو هڪ ٻئي خيال کي به تحرڪ ڏنو آهي. اهو ايترو اهم آهي جو اهو هتي بيان ڪري ڇڏڻ گهرجي. اسان مان ڪيترائي ماڻهو اهو سوال پڇي سگهن ٿا: ”مون کي زندگي مان ڇا ٿو گهرجي؟“ پر پاسترناڪ اسان کي ٻڌائي ٿو ته سوال ابتو ڪري پڇڻ گهرجي: زندگي مون کان ڇا ٿي گهري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org