سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:22 

68. ٽيس آف دي ڊي اربروائيلس

-- ٽامس هارڊي--

ٿامس هارڊي کي جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٻين ناول نگارن کان ممتاز ڪري ٿي ته اها سندس رحم ۽ ڪهل جو احساس آهي. سندس سڀني تحريرن جي نمايان ڳالهه اها ئي آهي. جنهن سهي جي پٺيان رت جو پياسو ڪتو لڳل آهي انهي لاءِ ڪهل، گهريلو ٻليءَ جي چنبن ۾ ڦٿڪي ساهه وڃائيندڙ پکيءَ لاءِ ڪهل، ڪوس گهر ڏانهن موڪليل گگدام جانورن لاءِ ڪهل، شڪاريء جي سڱڙي تي ڀڄندڙ جهنگلي جانورن لاءِ ڪهل، ڪيسٽر برج جي ميئر جهڙي سگهاري ماڻهو پاران پنهنجي وڏي حيثيت وڃائڻ جي ڪهل، جود (Jude) تي به ڪهل جيڪو جنهن جي مقدر ۾ اها ڳالهه لکجي وئي آهي ته هو وراثت ۽ ماحول جي ڍير تان وڌي ويجهي نه سگهندو. وري سگهاري نوجوان هاريءَ لاءِ ڪهل پنهنجي زندگي مڙئي سڙئي پيو ٿو گذاري ۽ چٽي چنڊ هيٺان لڄ لٽيل ڳوٺ جي ڪنواريءَ ڇوڪري لاءِ به ڪهل.

سندس سڀ کان مشهور ناول Tess of the D’ Urbervilles جي هيروئين هڪ اهڙي ڇوڪري آهي جنهن لاءِ ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ ”ڪنواري“ ۽ ٻئي حصي ۾ ”ڪنواري نه رهي“. جا لفظ ڪتب آندل آهن. انهيءَ بابت ڪجھ تبصري نگارن جو رايو هو ته اهو پنهنجي دور جي مڃيل اخلاقي اصولن تي اڇلايل هڪ تکو تير هو. اهو ناول 1891ع ۾ ڇپيو تڏهن وڪٽورين ازم پنهنجي عروج تي هئي. هارڊي ڪتاب جي سرورق تي سندس نالي جي هيٺان ذيلي عنوان طور ”هڪ پاڪ عورت“ جو واڌارو ڪيو هو.

ٽيس، جان ڊربي فيلڊ نالي هڪ مقامي گهورڙيي جي ڌيءُ هئي. اسين ڪتاب جي پهرئين جملي ۾ ئي هن سان متعارف ٿي وڃون ٿا. هو مئي مهيني جي هڪ ٽيپهري جو شاسٽن مان مارلاٽ ڳوٺ واپس پئي آيو. اهو ڳوٺ بلئڪ مور ماٿريءَ ۾ هو. ٿامس هارڊي جي اها ڪجھ عجيب عادت هوندي هئي جو هو پنهنجن ماڳن مڪانن جا نالا ٿورڙا لڪائي ڇڏيندو هو. هاڻي مارلاٽ کي مارن هَل سمجهيو وڃي ٿو. اهو ڊورسيٽ جي اتر ۾ هڪ ڳوٺ آهي ۽ شاسٽن شافسٽبري جو قديمي ڳوٺ آهي.

ڊربي فيلڊ وچولي عمر جو هڪ ڇُسو ۽ پياڪ ماڻهو هو ۽ هن سان تعارف واري پهرئين شام ئي جيڪڏهن علائقي جي نواد رات گڏ ڪندڙ ماڻهو پاران ڏنل ڄاڻ سبب سندس مٿو نه ڦري ها ته هن يا سندس ڌيءُ بابت ڪير ڪو اکر به نه ٻڌي ها. هو انهيءَ ماڻهو سان واٽ ويندي مليو هو. انهي کيس ٻڌايو ته ”هو ڊي اربر وائيلس جي قديم ۽ سرداري گهراڻي مان هو جن کي قديم دور ۾ ڪائونٽي ۾ جاگيرون هونديون هيون ۽ انهن کي ڪنگس بيئر جي گرجا گهر ۾ ياد ڪيو ويندو هو.

انهيءَ سادڙي ماڻهو کي اها خبر ٻڌڻ سان ۽ ڪجھ کل ڀوڳ ۽ ڪجھ حقارت وچان ”سر جان“ چئي جو مخاطب ڪيو ويو هو ته انهي ۾ جيڪو خوشي ۽ فخر جو احساس پيدا ٿيو هو اهو انهي وڌيڪ ڄاڻ ملڻ سان ڪجھ گهٽجي ويو ته انهيءَ ڪٽنب وٽ ڪي حويليون زمينون ته ٺهيو هڪ ايڪڙ به نه بچيو هو. بهرحال هن Pure Drop Inn ڏانهن هڪ ڇوڪرو موڪلڻ ۾ ڪو اهم نه سمجهيو ته ”سر جان“ کي گهر موڪلڻ لاءِ بنا دير هڪ گهوڙي گاڏي موڪلي وڃي. گڏوگڏ هن اهو به چوائي موڪليو ته ”گاڏي ۾ هڪ ننڍي بوتل ۾ رَم به رکرايو ۽ حساب منهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏيو“.

ٽيس آکاڻي ۾ ڪجھ صفحا پوءِ منظر تي اچي ٿي. هوءَ تڏهن سالياني Club Walking ۾ ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرين سان گڏ گهمي رهي هئي جو سندس توجه پنهنجي پيءُ ڏانهن ڇڪرائي وئي. هو آهستگيءَ سان هي ٻول جهونگاريندو پئي آيو: ”مون کي ڪنگس بيئر ۾ هڪ وڏو خانداني تهه خانو مليو آهي. منهنجا ابا ڏاڏا اتي شيهي جي تابوتن ۾ پيا آهن!“ انهي دوران هو پنهنجو هٿ پنهنجي مٿي جي مٿان ڦيرائيندو پئي آيو. ڇوڪريون جيڪي کيس گهڻي وقت کان سڃاڻنديون هيون اهي کلڻ لڳيون پر سندس ڌيءَ نه کلي. اها لڄ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي ۽ انهن کي رهڙون ڏنائين ته اهي ماٺ ٿي ويون. اها ڏاڍي سٺي ۽ سهڻي ڇوڪري هئي ۽ اسان کي ٻڌايل آهي ته سندس ”گل جي مکڙي جهڙو چرندڙ پرندڙ وات ۽ وڏيون معصوم اکيون سندس رنگ ۽ شڪل شباهت ۾ فصاحت ڀري ڇڏينديون هيون“. هوءَ پنهنجن ناسي وارن ۾ ڳاڙهي ربن ٻڌندي هئي ۽ اها ڪنوارين جي سٿ ۾ اڪيلي ڇوڪري هئي جنهن وٽ هار سينگار جي اهڙي ڪا شي هئي.

ڇوڪرين جو گهمڻ (Walk) هڪ کليل گاهه جي ميدان تي پورو ٿيو. ڇوڪرين اتي ڊانس ڪرڻ شروع ڪئي. پهريان ته اهي پاڻ ۾ ڊانس ڪنديون رهيون ۽ پوءِ جڏهن ٻنين ۾ ڪم پورو ٿيو ته ڳوٺ جي نوجوانن سان ڊانس ڪرڻ شروع ڪيائون. اعليٰ طبقي جي ٽن نوجوانن جو هڪ ٽولو انهن کي ڏسي رهيو هو جيڪي سندن ڪلهن تي لٽڪيل ٿيلهن ۽ پنهنجي ٿلهن ڏنڊن مان لڳو ٿي ته پنڌ گهمڻ نڪتا هئا. انهن مان هڪ کي پادرين واري اڇي رنگ جي ٽاءِ هئي ٻيو به شڪل شباهت مان ڪو پروفيشنل ٿي لڳو“. ٽئي ڀائر روڊ جي ڀرسان هڪ ڦاٽڪ تي ٽيڪ ڏنيون بيٺا هئا. انهن انهيءَ ڊانس جو سبب ۽ مطلب پڇڻ کان پوءِ ائين ظاهر ڪيو ڄڻ ته اهي پنهنجي سفر تي روانا ٿيندا پر پوءِ سڀ کان ننڍي پنهنجي انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته هو گهڙي سوا ڇوڪرين سان دل لڳي ڪرڻ گهري ٿو. سندس وڏن ڀائرن سندس غير شانائتي ڳالهه تي احتجاج ڪيو پر هو پنهنجي ڳالهه تي ڄمي بيٺو رهيو ۽ هو هن کان سواءِ ئي اڳتي ويا هليا. هو ميدان ۾ لٿو ۽ کيس پارٽنر ڳولهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي. هن جيڪا ڇوڪري چونڊي انهي جو نالو ٻڌايل نه آهي پر اها ٽيس نه هئي. هن کي مايوسي ٿي هئي ۽ آخرڪار اينجل ڪليئر جڏهن ڊانس مان ٻاهر نڪتو ۽ کيس پري بيٺل ڏٺائين ته کيس محسوس ٿيو ته هن پاران کيس نه چونڊڻ تي سندس اکين ۾ ڇينڀڻ جو هلڪو اظهار هو. هن کي به افسوس ٿيو هو پر هن جي مرضي هئي ته هو انهي ڳالهه جو الزام سندس پٺتي پيل هئڻ تي ڌري. ڪيترا ورهيه پوءِ اها پهرئين ملاقات کيس ياد اچڻي هئي.

ٽيس ستن ٻارن واري ڪٽنب ۾ سڀ کان وڏي هئي ۽ سندس خيال ڪجھ مالٿوسي نموني جا ٿي ويا هئا ڇو جو هوءَ سوچيندي هئي ته سندس ماءُ پيءُ کيس ڀائرن ڀينرن جو ايترو انگ ته مهيا ڪري ڏنو آهي پر انهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ انهن وٽ وسيلا نه آهن. هوءَ هڪ سمجهدار ڇوڪري هئي ۽ ڳوٺ جي اسڪول ۾ به سندس ڪارڪردگي سٺي هوندي هئي. هوءَ جيترو پنهنجي آسپاس تي نظر وجھندي هئي تيترو کيس انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿيندو هو ته هن جو دنيا ۾ اچڻ ائين آهي جيئن سندس باغ ۾ صوف جي وڻ ۾ ڪو صوف داغي ٿي پوندو آهي. سندس پيءُ پاران ڊرامائي انداز ۾ گهر اچڻ جي ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سندس اها سوچ ويتر پختي ٿي وئي جو کيس پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي گهوڙي گاڏي ۾ ويهڻو پيو ۽ کيس هڪ حادثو پيش اچي ويو جنهن ۾ اهو پوڙهو گهوڙو مري ويو جنهن تي سندن روزيءَ جو دارومدار هو. هن انهي حادثي جو ذميوار پاڻ کي قرار ڏنو ۽ پنهنجي سازشي ماءُ جي انهي رٿا تي به ڪو اعتراض نه واريائين ته هوءَ ٿوري پنڌ تي رهندڙ ڊي اربروائيل نالي واري هڪ ڪٽنب سان پنهنجي واقفيت جي دعويٰ ڪري. اهڙي طرح هوءَ هڪ ڏينهن پنهنجا آچر جي ڏينهن وارا ڪپڙا پهري ۽ ڏاڍا سينگار ڪري اربروائيل گهر ڏانهن وئي. اتي کيس مالڪياڻي جي ڪڪڙين جي سار سنڀال جو ڪم ملي ويو. کيس انهي ڳالهه جي خبر نه هئي ته انهي اربروائيل ڪٽنب کي اهو نالو ڪم آڻڻ جو ڪو به حق نه هو. پر انهن اهو انهي ڪري اختيار ڪيو هو جو اهو اچارڻ ۾ وڏگهراڻو ٿي لڳو.

مسز ڊي اربروائيل نابين هئي ۽ ٽيس کي فقط پنهنجي آواز جي ذريعي سڃاڻي پئي ۽ اهو آواز به ته ڏاڍو وڻندڙ هو. سندس پٽ اليڪ ڊي اربروائيل ڏاڍو سهڻو نوجوان هو. انهي کيس پهريون دفعو ڏسڻ سان ئي ڪا خراب ڇوڪري سمجهيو هو ۽ اڌ تفريح ۾ ۽ اڌ دل سان اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هئائين ته هو کيس پنهنجو بڻائيندو. ٽيس انهيءَ جي پيش قدمي کان بچڻ جي بيسود ڪوشش ڪئي ۽ حقيقت اها آهي ته هو جنسي ڪشش تي به حاوي نه پئي ٿي سگهي. اهڙي طرح اسين ٽرينٽرج چيس ۾ رات جو هڪ منظر تي اچي پهچون ٿا. چوڌاري شاهه بلوط جا وڻ آهن ۽ سها هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا آهن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، هارڊي لکي ٿو، ٽيس ڊي اربروائيل جي زره بڪتر پهريل ابن ڏاڏن ڪنهن معرڪي تان کلندي ڪڏندي موٽندي، پنهنجي دور جي سهڻين ڇوڪرين سان اهڙي ئي يا اڃا وڌيڪ بي رحميءَ واري هلت ڪئي هئي، ”پر تنهن هوندي به“، ائين ڇو هو جو انهيءَ سهڻي ريشم جهڙي نرم ۽ برف وانگر اڻ ڇهيل ڇوڪري سان اهڙو ورتاءُ ٿي رهيو هو“. هي هڪ اهڙي ڳالهه هئي ”جيڪا هزارين ورهين جو تجزياتي فلسفو اسان جي نظم ضبط جي احساس کي سمجهائڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي“.

ٽيس ڪجھ هفتا پوءِ پنهنجي پراڻي گهر موٽي آئي. ”اڙي! تنهنجو سوٽ ڀلي ڳالهه نه ٿو ڪري؟“ سندس ماءُ پڇيو. ”هو منهنجو سوٽ نه آهي ۽ هو مون سان شادي نه ڪندو“. ڇوڪريءَ وراڻيو ۽ پوءِ پنهنجو منهن ماءُ جي ڪنڌ تي رکي ڇڏيائين ۽ چيائين، ”آءٌ اڃا تائين کيس مون سان شادي ڪرڻ تي آماده نه ڪري سگهي آهيان! ڪا به عورت اهو ڪم ڪري وڃي ها!“ جواب ۾ ڏاڍي تيزي ڀريل هئي. ”شايد هر عورت مون کان توقع رکي ٿي“.

اهڙي طرح هن اليڪ ڊي اربروائيل کي پنهنجي مغروري واري البيلائي ۾ پنهنجي پٺيان لڳائي ڇڏيو ۽ هن سان جيڪو ڪجھ ٿي چڪو هو اهو کيس نه ٻڌايائين. آخرڪار ٻار ڄائو ۽ ڇوڪر- ماءُ ٻار کي کڻي ٻنين ۾ پنهنجي لاباري واري ڪم تي وئي. ٻار تمام ننڍڙو هو ۽ هڪ رات کيس محسوس ٿيو ته اهو هاڻي گهڻو وقت جيئرو نه رهندو. ۽ انهي کي اڃا بپتسمو به نه ڏنو ويو هو. کيس دوزخ جي سڀ کان هيٺاهين حصي ۾ اڇلايو ويندو ڇاڪاڻ ته انهي کي بپتسمو به ڏنل نه هو ۽ اهو جائز به نه هو. هن تڙ تڪڙ ۾ پنهنجن ننڍڙن ڀائرن ڀينرن کي ٻار کي وهنجارڻ واري دِڪيءَ جي چوڌاري بيهاريو ۽ پنهنجي ٻار تي نالو رکڻ جي عيسائي رسم پوري ڪرڻ لڳي. هوءَ پنهنجي رات جي سفيد گائون ۾ ڏاڍي وڻندڙ لڳي رهي هئي. سندس ڪارن وارن جي چوٽي سندس پٺيءَ تي لڙڪي رهي هئي. هن رسم وارا لفظ چوڻ شروع ڪيا: سارو (Sorrow)، آءٌ خداوند، سندس پٽ ۽ روح القدس جو نالو وٺي توتي نالو رکان ٿي“. پوءِ هن گينڊيءَ ۾ پنهنجو هٿ ٻوڙي ٻارڙي تي هڪ وڏي صليب ٺاهي. سڀني ٻارن ”آمين“ چيو. ڪجھ منٽ پوءِ ننڍڙي سارو (Sorrow) زندگي جي جدوجهد ڇڏي ڏني.

اهڙي طرح ٽيس جي زندگي جو اهو پهريون دکدائڪ باب پورو ٿيو ۽ ٻئي ۾ اسين کيس وڏن کير جي فارمن واري واديءَ ۾ فارمر ڪرڪ جي کير جي فارم تي نوڪري ڪندي ڏسون ٿا. هارڊي انهي وادي کي فروم جو نالو ڏنو آهي. فارم جو نالو ٽالبُو ٿي ڏنل آهي ۽ لڳي ٿو ته اهو ويدر بري (پڊل ٽائون) کان گهڻو پري نه هوندو. اهو ٽيس جي زندگيءَ جو سڀ کان خوش دور هو. هارڊي اتي ڪم ڪندڙ مردن ۽ عورتن جي بيان ۾ پنهنجي صلاحيتن جي عروج تي نظر اچي ٿو. اهي سڀ ماڻهو ڳوٺاڻي جهجهائي ۽ خوشيءَ وارين حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ انهي عدن جي باغ ۾ اينجل ڪليئر جي شڪل ۾ هڪ آدم به هو جنهن کي ٽيس اٿندي ئي سڃاڻي ورتو ته هيءَ اهو نوجوان آهي جيڪو کيس پنهنجي ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ ڳوٺ جي گاهه واري ميدان تي ڊانس ڪندي نظر آيو هو. هن کي جيتوڻيڪ اها ڳالهه ياد نه هئي پر جلدئي هن محسوس ڪري ورتو ته کيس هن سان وڌ کان وڌ محبت ٿيندي پئي وڃي. هو اتي شاگرد هو ۽ جلدئي پنهنجو فارم کولڻ جو ارادو هوس. کيس انهي سهڻي ڇوڪري کان سٺي ٻي ڪهڙي زال ملي ها جنهن جو ڳوٺاڻي زندگي سان ايترو گهرو تعلق هو ۽ جيڪا ايتري سٺي، ايتري معصوم ۽ ايتري پاڪ پوتر هئي؟ سندس ماءُ پيءُ- سندس پيءُ مسٽر ڪليئر ويسٽ ڊورسيٽ ۾ هڪ ڳوٺ ۾ پادري هو- ڪو وڏو اعتراض نه ڪيو ۽ اينجل ٽيس جي سامهون بار بار محبت جو اظهار ڪيو ۽ اها ڳالهه ڏسي هن کي حيرت ٿي ته هن هڪ دفعو نه پر بار بار کيس انڪار ڪيو. هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي پر ٽيس وٽ پنهنجا عورتاڻا سبب هئا. هن کي اينجل سان بي انتها محبت هئي هن اهڙي طرح اڳ ۾ ڪنهن کي به نه چاهيو هو پر کيس احساس هو ته سندس ماضي هڪ پڪي رڪاوٽ هو. هن صلاح مشوري لاءِ پنهنجي ماءُ کي خط لکيو ۽ سندس ماءُ کيس سختي سان چيو ته هو هڪ اکر به نه ڳالهائي. پر ٽيس جي سوچ مختلف هئي ۽ هن ڪيترن موقعن تي اها ڪوشش ڪئي ته هوءَ اينجل کي پنهنجي شروعاتي دور جون ڳالهيون ٻڌائي. اهڙو آخري موقعو سندن شادي واري صبح جو آيو هو. هن کلندي کلندي ٽيس جا اعتراف ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڄڻ ته هن وٽ اعتراف ڪرڻ جهڙي ڪا ڳالهه ئي نه هئي!

اهڙي طرح انهن جي شادي ٿي وئي ۽ انهي شام جڏهن اهي پنهنجي هني مون لاءِ چونڊيل قديم گهر ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان ويٺا هئا- عام طور سمجهيو وڃي ٿو ته اهو وول (Wool) ۾ پل جي ڀرسان وارو گهر آهي- ته هن کيس ٻڌايو ته ڪيئن هڪ نوجوان کيس ورغلايو هو ۽ انهي مان ٻار ڄائو هو ۽ هن ”پنهنجي سڀ کان پياري مڙس“ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به محبت نه ڪئي هئي. هن به پنهنجي نوجواني جي ڪجھ بي راهه روين جو اعتراف ڪيو ۽ ٽيس کيس فوراً معاف ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي دلي سادگي ۽ شديد محبت ۾ اهو سمجهي ويٺي ته هو به کيس معاف ڪري ڇڏيندو. پر اينجل ڪليئر هڪ جدا قالب ۾ ٺهيل هو. هن تي جسماني سالميت جو ايترو خبط سوار هو جو هو سندس فطرت جي پاڪائي جو احساس ئي نه ڪري سگهيو. هن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ آخرڪار کيس ڇڏي برازيل ۾ ڪو فارم شروع ڪرڻ ويو هليو.

ٽيس وٽ ٿورا پئسا وڃي بچيا هئا پر هن اهي پنهنجي فضول خرچ ڪٽنب جي مدد ۾ جلدئي خرچ ڪري ڇڏيا ۽ هڪ دفعو وري فارم تي نوڪري ڪرڻ لڳي. هن کي ٻنين ۾ تمام محنت وارو ڪم ڪرڻو پوندو هو. اتي اليڪ ڊي اربروائيل کيس ڏسي ورتو. هن ۾ هاڻي سڌارو اچي ويو هو. هو ايوانجلي تبليغي جي حيثيت ۾ ڳوٺ ڳوٺ گهمندو وتندو هو. انهيءَ ۾ اها تبديلي اينجل جي پيءُ ڪراڙي مسٽر ڪليئر کان سواءِ ڪنهن آندي هوندي؟ تبديلي جيتوڻيڪ صحيح ٿيل هئي پر اليڪ جنهن ڇوڪري کي ورغلايو هو انهي کي ڏسڻ کان پوءِ اها برقرار نه رهي سگهي.

ٽيس پنهنجي مرضي جي بلڪل برخلاف کيس بي سهارا ڊربي فيلڊس جي ڪجھ مدد ڪرڻ ڏني پر هوءَ وقت بوقت پنهنجي مڙس ڏانهن خط لکندي رهندي هئي ۽ کيس ايلاز منٿون ڪندي هئي ته هو انهي عورت وٽ موٽي اچي جيڪا کيس چاهيندي هئي ۽ کيس انهي کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به محبت نه هئي. جيتوڻيڪ خطن پهچڻ ۾ دير ٿيندي هئي پر اينجل ڪليئر آخرڪار انگلينڊ موٽي آيو. هن کي هڪ ته تڪليفون پهتيون ۽ بيماريون آيس ٻيو وري سوچ ويچار جو موقعو مليس ته پنهنجي حماقت جو احساس ٿي ويس. هن کي انهي ڇوڪري جي اصلي قدر و قيمت جي هاڻي خبر پئي جنهن جي محبت ۽ لڳاءُ کي هن رد ڪري ڇڏيو هو. هن کي ڪجھ وقت تائين ته هن جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو پر آخرڪار کيس ڳولهي لڌائين. تڏهن هوءَ سينڊبورن ۾ ڊي اربروائيل ڪٽنب جي نوڪرياڻي جي حيثيت ۾ هڪ سٺي گهر ۾ رهندي هئي. شروع ۾ هو صورتحال سمجهي نه سگهي ۽ کيس منٿ ڪيائين ته هو مٿس اعتبار ڪري ته هو بدلجي ويو آهي. هن کي ڇڏي وڃڻ تي کيس ڏاڍو افسوس ٿيو آهي. هن سندس هٿن کي پري ڪري ڇڏيو. ”هاڻي تمام گهڻي دير ٿي وئي آهي“، هن چيو، ”تمام گهڻي دير: تمام گهڻي دير، نه تون ائين نه ڪر. تون منهنجي ويجهو نه اچ. پوءِ جڏهن هو اڃا به ڳالهه نه سمجهيو ته هن کيس بغير ڪنهن رک رکاءُ جي ۽ ڏاڍي ڏک سان ٻڌايو ته: ”هن مون کي وري پاڻ ڏانهن مائل ڪري ورتو آهي“. پر کيس هن سان محبت نه هئي. انهي جي برخلاف کيس هن سان نفرت هئي ڇاڪاڻ ته هُن هِن سان ڪوڙ ڳالهايو هو. هن کي ٻڌايو هئائين ته تنهنجو مڙس وري ڪڏهن به نه ايندو. ”۽ تون اچي ويو آهين“.

اينجل ڪليئر گهر مان نڪتو ويو هليو ۽ ڪجھ دير ئي نه گذري جو گهر مالڪياڻي کي مٿان انهي ڪمري مان عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيا جنهن ۾ سندس مسواڙي ويٺا هئا. هن کي لفظ سمجهه ۾ نه آيا. پر ائين لڳو جيئن نه ڪو ڏک ۾ آواز ڪڍي رهيو هجي، ”او- او- او“ پو ءِبيڊروم مان ڪنهن مرد جو آواز آيو ۽ پوءِ وارا لفظ هن کي سمجهه ۾ اچي ويا. ”ياخدا مون کان هي برداشت نه ٿو ٿئي، نه ٿو ٿئي!“ ڪا دير نه گذري ته عورت هيٺ لٿي ۽ ٻاهر وئي هلي. گهر مالڪياڻي به وڃي پنهنجي ڪرسي تي ويهي رهي. اوچتو سندس اکيون ڇت جي وچ ۾ هڪ ڳاڙهي نشان تي اٽڪي بيهي رهيون. هن پنهنجو هٿ مٿي ڪري انهي کي ڇهيو: اهو آڊو ڪڙو هو ۽ هن جي دل ۾ خيال آيو ته اها رت هئي.

انهي دوران ٽيس جو پنهنجي مڙس سان مکا ميلو ٿي ويو ۽ کيس ڏاڍي عام رواجي نموني ٻڌائي ڇڏيائين ته هن کيس ماري ڇڏيو هو. هن سمجهيو ته اها چري ٿي پئي آهي يا ته اليڪ جو خون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين. پر جيڪو ڪجھ به هو ڀڄي وڃڻ تمام ضروري هو تنهن ڪري اهو جوڙو لڪ ڇپ ۾ هيمپشائر جي ٻيلن ڏانهن ويو هليو. جڏهن رات ٿي ته اهي هڪ وڏي گهر وٽ اچي پهتا. انهي ۾ سامان سڙو پيو هو پر ڪو به رهواسي نه هو. انهن اتي پراڻي فيشن جي هڪ تمام وڏي پلنگ تي پنهنجي شادي کان پوءِ واري پهرئين رات گذاري. اهي پنج ڏينهن پنهنجي انهي پناهگاهه ۾ ويٺا رهيا ۽ پوءِ جڏهن اهو شڪ ٿين ته ماڻهن کين ڏسي ورتو آهي ته هنن پنهنجي رولاڪي شروع ڪئي. ڪليئر کي اميد هئي ته اهي اتر انگلينڊ ۾ پهچي ويندا جتان شايد سمنڊ ٽپي فرار ٿيڻ جو ڪو رستو کلي وڃي پر تيستائين انهن جي هر هنڌ ڳولها شروع ٿي چڪي هوندي. رات پوڻ تي اهي Temple of the Winds وٽ اچي پهتا. اتي تمام وڏا ٺُلهه لڳل هئا ۽ وچ ۾ قربان گاهه وانگر هڪ پٿر هو. ٽيس انهي تي آهلي پئي ۽ ڪنهن ٻار وانگر معصوم ننڊ وٺي ويس. ڪليئر صبح ٿيڻ سان پيرن جو آواز ٻڌو. هو اٿي کڙو ٿيو. سندس چوڌاري ماڻهو هئا.

”انهي مان ڪجھ نه ورندو سائين“، انهن مان هڪ ماڻهوءَ چيو. ميدان تي اسين ڪُل سورنهن ماڻهو آهيون“. هن انهن کي ايلاز ڪيا ته هو کيس پنهنجي ننڊ پوري ڪرڻ ڏين. اهي اسٽون هينج جي ٺُلهن ۾ هن جي ڀرسان بيهي رهيا. هوءَ آخرڪار سجاڳ ٿي. ”هي ڇا آهي اينجل؟“ هن پڇيو، ”ڇا اهي منهنجي پٺيان آيا آهن؟“ هن وراڻيو، ”هائو پياري، اهي اچي ويا آهن“. هن ماٺ ميٺ ۾ چيو، ”آءٌ تيار آهيان“.

اهڙي طرح اها دکدائڪ ڪهاڻي ۽ دل ڏاريندڙ داستان پنهنجي تلخ انجام ڏانهن وڌي ٿو. پڄاڻيءَ وارن صفحن ۾ اينجل ڪليئر ۽ ليزالو، سندس زال جي نوجوان ڀيڻ- ٽيس ڪليئر کي منٿ ڪئي هئي ته هو سندس وڃڻ کان پوءِ انهي سان پرڻجي- ونچيسٽر مٿان ٽڪري تي بيٺيون جيل جي ٽاور ڏانهن تڪي رهيون هيون. ٽاور جي ڪناري تي هڪ لڪڙو کُتل آهي ۽ اٺ وڄڻ کان پوءِ ڪا شي آهستي آهستي لڪڙي تي مٿي چڙهي ٿي ۽ هلڪي هوا تي پکڙجي وڃي ٿي. اهو هڪ ڪارو جهنڊو آهي. ”انصاف“ ٿي ويو هو ۽ هڪ ايسڪيلائي فقري مطابق لافانين جي صدر(President of the Immortals) ٽيس سان پنهنجو کيل پورو ڪيو ۽ اربروائيل ڪٽنب جا سردار ۽ عورتون انهي کان بي خبر پنهنجن مقبرن ۾ ستل رهيا. ٻه چپ چاپ نهاريندڙ ائين زمين ڏانهن جهڪي ويا جيئن پوڄا پاٽ ڪندا هجن ۽ بغير چُرپر جي گهڻو وقت ائين ئي رهيا: جهنڊو ماٺ ميٺ ۾ ڦڙڪندو رهيو. انهن ٻنهي ۾ جيئن ئي سگهه پيدا ٿي اهي اٿي بيٺا وري هڪ ٻئي جي هٿن ۾ هٿ ڏنائون ۽ اڳتي روانا ٿي ويا.

69. دي انٽر پريٽيشن آف ڊريمز

-- سگمنڊ فرائيڊ--

 

سگمنڊ فرائيڊ، جيڪب فرائيڊ جي ٻين شاديءَ مان سڀ کان وڏو ٻار هو. هو فرائيبرگ جي ننڍڙي آسٽريائي شهر ۾ ڪپڙي جي هڪ ننڍڙي مل جو مالڪ هو ۽ مذهب جي لحاظ کان يهودي هو. سگمنڊ فرائيڊ 6- مئي 1856ع تي ڄائو. صنعتي انقلاب سبب ڪپڙو ٺاهڻ جي ڪم ۾ آيل تبديلين سبب جيڪب فرائيڊ 1860ع ۾ ويانا لڏي ويو ۽ اتي ڪپڙي جي واپاريءَ طور ڪم شروع ڪيائين.

سگمنڊ کي اٺن ورهين جي ڄمار تائين پنهنجي پيءُ گهر ۾ پڙهايو. هو ذهانت جي لحاظ کان سراسري کان وڏو ٻار هو تنهن ڪري هو جڏهن اسپرل هاءِ اسڪول ۾ پهرئين سيمسٽر جي پڄاڻي تي پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو ته سندس ڪٽنب کي ڪا حيرت نه ٿي. هو ايندڙ اٺن ورهين تائين ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو رهيو.

هن چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي ڪانٽ فلسفيءَ کي ڳولهي لڌو ۽ انهيء کان پوءِ هو هيگل، فشٽي ۽ شوپنهار جهڙن وڏن جرمن فلسفين ڏانهن ويو هليو. هو ڪجھ وقت ته پاڻ فلسفي ٿيڻ بابت سوچيندو رهيو پر هن محسوس ڪري ورتو ته سندس پيءُ جي مالي حالتن سبب هن لاءِ ضروري آهي ته هو ڪو اهڙو ڌنڌو اختيار ڪري جنهن سان هو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي. هن ڪجھ سوچ ويچار کان پوءِ طب جي ڌنڌي بابت فيصلو ڪيو.

هو 1873ع ۾ يونيورسٽي آف ويانا جي ميڊيڪل فيڪلٽي ۾ داخل ٿيو. البت پهرين ٻن سالن ۾ کيس چڱي دشواري کي منهن ڏيڻو پيو جو هو اهو فيصلو نه پئي ڪري سگهيو ته نيچرل سائنس جي ڪهڙي شاخ ۾ سندس مڪمل دلچسپي پيدا ٿيندي. هو هڪ ڊپارٽمينٽ کان ٻي ڊپارٽمينٽ ڀٽڪندو رهيو ۽ جيڪڏهن هڪ دفعو پنهنجي وڏي ويڳي ڀاءُ وٽ نه وڃي ها ته شايد ائين ئي ڀٽڪندو رهي ها. سندس ڀاءُ مانچيسٽر لڏي ويو هو. انهي سان ملڻ سان الائي ڪيئن هن ۾ نئين زندگي اچي وئي. هن کي ويانا واپس آئي گهڻو وقت نه ٿيو هو جو هن ارنيسٽ بروڪ کي ڳولهي لڌو.

بروڪ (Brucke) هڪ پيرسن ماڻهو هو (۽ مشهور ماهر طبعيات ميئر جو شاگرد هو. انهي جي توانائي جي بقا بابت دريافتن سائنسي حلقن ۾ وڏي هلچل پيدا ڪري ڇڏي هئي. هو پنهنجي دور جو هڪ عظيم ترين فزيالاجيڪل محقق هو.) فرائيڊ سمجهڻ لڳو ته کيس بروڪ جي ليبارٽري ۾ اها شي هٿ اچي وئي آهي جنهن جي هو ڳولها ۾ هو. هو ايندڙ ڇهن ورهين تائين پنهنجي استاد جي رهنمائي هيٺ تحقيق ڪندو رهيو. هو انهي ڪم ۾ ايترو ته محو ٿي ويو جو پنهنجي باقي رهيل طِبي تعليم کي به پاسي تي ڪري ڇڏيائين ۽ معمول وارن پنجن ورهين بجاءِ اٺن ورهين ۾ ڊگري ورتائين. هو تڏهن به ائين نه ڪري ها جيڪڏهن بروڪ کيس بغير ڪنهن رک رکاء جي اهو نه چئي ڇڏي ها ته هو کيس پنهنجو اسسٽنٽ بنائڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي.

هو طب جي تعليم مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ويانا جنرل هاسپيٽل ۾ انٽرن (Intern) ٿي ويو ۽ ٿوري وقت ۾ ئي جونيئر ريزيڊنٽ فزيشن ٿي ويو. اتي اسپتال ۾ هو پنهنجي دور جي هڪ سرڪردي نفسياتي علاج جي ماهر ٿيو ڊورمينرٽ جي زير اثر اچي ويو. هن بروڪ جي ماتحتي ۾ تنتي سرشتي جو اڀياس ڪيو هو ۽ مينرٽ جي ماتحتي ۾ انسان جي مرڪزي تنتي سرشتي جو اڀياس ڪيائين.

قسمت هن جو ساٿ ڏنو ۽ هن کي سفري اسڪالر شپ ڏني وئي جنهن سندس رٿا کي ممڪن بڻائي ڇڏيو. هو 1885ع جي سرء کان 1886ع جي بهار جي مند تائين چارڪوٽ (Chorcot) جي ماتحتي ۾ اڀياس ڪندو رهيو پوءِ هو ويانا موٽي آيو، شادي ڪيائين ۽ اعصابي بيمارين جي ماهر طور ڪم شروع ڪري ڇڏيائين.

فرائيڊ کي جلدئي انهي ڌنڌي ۾ موجود پراڻن خيالن جي ماڻهن سبب ڏکيائي پيش اچڻ لڳي. هن چارڪوٽ جي رهنمائي هيٺ جيڪي نوان نظريا ترتيب ڏنا هئا ويانا ميڊيڪل سوسائٽي انهن کي ڌڪاري ڇڏيو ۽ مينرٽ کيس پنهنجي انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اناٽامي ۾ اچڻ کان روڪي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته کيس فرائيڊ پاران پنهنجي علاج ۾ Hypnosis جي استعمال تي اعتراض هو. تنهن ڪري هن وٽ انهي کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو ته هو هر قسم جي تعليمي سرگرمي کان پاسيرو ٿي وڃي ۽ پاڻ کي مڪمل طور پنهنجي ڌنڌي لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

اها ڳالهه اڻ سڌي طرح هڪ چڱائي ثابت ٿي ڇاڪاڻ ته سندس پروفيشنل رفيق ڀلي کيس پنهنجين صفن مان خارج ڪري ڇڏين ها پر سندس مريض سندس ايتري ته واکاڻ ڪرڻ لڳا جو ٿوري عرصي ۾ ئي سندس ڪلينڪ اعصابي مريضن سان ڀرجي وئي. اهي اتاولا لڳا پيا هوندا هئا ته انهن کي مرض مان ڇوٽڪارو ملي، علاج ڪامياب ٿئي پوءِ ڀلي ڪهڙي به طريقي سان ٿئي. فرائيڊ اها ئي ڳالهه ثابت ڪري رهيو هو. انهن مريضن جو علاج ڪندي ئي هن اهڙا تجربا ڪيا جيڪي سندس پوءِ جي انقلابي دريافتن ۽ نظرين جو بنياد ٿيڻا هئا.

هن پهرين ڏهن ورهين دوران پنهنجي توجه هسٽريا تي مرڪوز رکي ۽ پنهنجي ڪم جا نتيجا 1895ع ۾ Studies in Hysteria نالي ڪتاب ۾ ڇپرايائين. اهو طبي نفسيات جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته انهي ڪتاب ۾ اها ڳالهه منظر تي آندي وئي هئي ته هڪ لاشعوري ذهن (UnConscious mind) جو به وجود آهي جتي عصبي بيماريءَ جي پاڙ هوندي آهي. انهي دريافت تي ٻڌل علاج تحليل نفسي (psycho- analysis) جي هڪ نئين طبي شاخ متعارف ڪرائي.

اهڙا نوان تصور لازماً چڱي خاصي تڪرار کي جنم ڏين ها. پر فرائيڊ کي پنهنجي صحيح هئڻ جي ايتري ته پڪ هئي جو هن ذهن جي ماهيت دريافت ڪرڻ لاءِ پنهنجا اڀياس جاري رکيا. جلدئي هو اهڙا نظريا پيش ڪرڻ لڳو جيڪي سندس پهرين نظرين کان به وڌيڪ ڇرڪائيندڙ هئا.

خوابن بابت نظريا به اهڙن تازن نظرين ۾ شامل هئا. هن جڏهن سن 1900ع ۾ The Interpretation of Dreams ڇپرايو ته هن بابت ويانا ۾ هلندڙ تڪرار سموري دنيا ۾ پکڙجي ويو ۽ کيس بين الاقوامي طور شهرت ملڻ يقيني ٿي وئي.

هن جو چوڻ هو ته اهو دور جنهن کي قبل سائنسي چئي سگهجي ٿو انهيءَ ۾ ماڻهن کي پنهنجن خوابن جو مطلب ڳولهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي هئي. انهن کي سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن ڪو خواب ياد ايندو هو ته انهي کي مافوق الفطري طاقتن جو فائدي مند يا غير فائدي مند اظهار سمجهندا هئا. پر نيچرل سائنس جي واڌويجھ سان اهي شروعاتي ڏند ڪٿائون نفسيات ۾ تبديل ٿي ويون ۽ پوءِ پڙهيل لکيل ماڻهن جي فقط تمام ٿوري تعداد کي خوابن جي خواب لهندڙ جي ذهن جي پيداوار هئڻ بابت ڪو شڪ شبهو رهيو.

پر جڏهن کان وٺي ڏند ڪٿائي مفروضي کي رد ڪيو ويو هو تڏهن کان خوابن بابت ڪا نئين سمجهاڻي پيش نه ڪئي وئي هئي. ”انهن جي پيدا ٿيڻ واريون حالتون، انهن جو سجاڳي واري ذهني زندگي مان تعلق، انهن جو اُنهن محرڪن تي دارومدار جيڪي انهن کي ننڊ واري حالت واري ادراڪ ڏانهن موڪلين ٿا“. انهن سڀني ۽ ٻين ڪيترن ئي سوالن جو جواب گهربل هو وري انهن مان سڀ کان اهم سوال خوابن جي اهميت هو.

خوابن جي اهميت بابت تحقيق ۾ ڪيترين ئي ڳالهين جو جائزو ورتو وڃي ٿو. پهرين خواب ڏسڻ جي طبعي اهميت، خوابن جي ذهني ڪارگذاريءَ سان تعلق ۽ خوابن جو جيڪڏهن ڪو حياتياتي عمل آهي ته انهي جو جائزو ورتو وڃي ٿو. وري انهي ۾ اهو ڏسڻ جي به ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ڇا خوابن جو ڪو تعبير ڪڍي سگهجي ٿو ۽ ڇا جدا جدا خوابن جو اهڙو ڪو مطلب ۽ معنيٰ آهي جيڪا ٻين نفسي ساختن (Psychical Structures) ۾ ڳولهي سگهجي.

فرائيڊ اهڙي طرح پنهنجي مسئلي جي چٽائي ڪرڻ ۽ سائنسدانن ۽ ڊاڪٽرن جي خوابن جي ماهيت بابت تازين ڳالهين جو حوالو ڏيڻ کان پوءِ انهي ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته عام راءِ انهي ميدان ۾ سائنسي فيصلن تي ڪو ڪن ئي نه ڏنو آهي ۽ انهي جو اڃا به انهي ڳالهه ۾ ويساهه آهي ته خوابن جي اهڙي ڪا معنيٰ آهي جيڪا آئيندي جي اڳڪٿي سان واسطو رکي ٿي ۽ اها تعبير جي ڪنهن طريقي سان معلوم ڪري سگهجي ٿي. خوابن جي تعبير جي هڪ طريقي ۾ اهو جيئن ياد هوندو آهي انهي کي تيئن ٽڪرا ٽڪرا ڪري تعبير جي هڪ مقرر سمجهاڻي (Key) تي رکيو ويندو آهي يا انهي کي مجموعي طور علامتن جي هڪ سلسلي مطابق پرکيو ويندو آهي.

سنجيده ذهن وارا ماڻهو ته انهي سموري ڳالهه تي مرڪي ڏين ها پر هڪ ڏينهن هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته خوابن بابت اهو نظريو جيڪو صداقت جي تمام گهڻو ويجھو آهي اهو طبي يعني اهو ته خوابن جو واحد سبب حواسي ۽ جسماني محرڪ آهن نه پر عام راءِ وارو آهي. هو انهي دريافت تي نفسياتي تحقيق جو هڪ نئون طريقو لاڳو ڪري پهتو هو. تحليل نفسي جو اهو طريقو خوفن (Phobias) خبطن (Obsessions) ۽ واهمن (delusions) جي حل ۾ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو هو. سائڪوٿيراپي (Psychotherapy) انهي طريقه ڪار جو شروعاتي نقطو هو جيڪو هن خوابن جي معنيٰ ڪڍڻ لاءِ ڪم آندو.

فرائيڊ انهي طريقي جي سمجهاڻي لاءِ پنهنجو هڪ خواب بيان ڪري تحليل نفسيءَ ذريعي انهي جو تجزيو ڪري ٿو. انهي ۾ کيس هڪ اصطلاحي نظام (terminology) پڻ متعارف ڪرائڻو پوي ٿو. اهڙين اصطلاحن مان هڪ Manifest dream content آهي: انهي جو مطلب آهي خواب سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ جيئن يادگيريءَ ۾ محفوظ رهيو. ٻيو اصطلاح آهي latent dream content اهو خواب جي تجزيي کان پوءِ دريافت ٿيل لاڳاپيل مواد لاءِ ڪم ايندو آهي. هو پوءِ انهي مان پيدا ٿيندڙ ٻن مسئلن جي حل ڏانهن وڌي ٿو. (1) اهو طبعي طريقه ڪار (Process) ڪهڙو آهي جنهن سڀ کان تازي خواب کي Manifest dream content ۾ تبديل ڪيو. (2) اهي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ محرڪ ڪهڙا هئا جن انهي تبديليءَ جي راهه هموار ڪئي؟ ليٽينٽ ڊريم ڪنٽينٽ جنهن عمل تحت مينيفيسٽ ڊريم ڪنٽينٽ ۾ تبديل ٿئي ٿو هو انهي کي ڊريم ورڪ (Dream- Work) سڏي ٿو. اها ڳالهه طي ڪرڻ کان پوءِ هو ڪم جي باقي حصي ۾ مينيفيسٽ ڊريم ڪنٽينٽ جي بنياد بجاءِ تازو دريافت ٿيل ليٽينٽ ڊريم ڪنٽينٽ جي بنياد تي بحث ڪري ٿو.

خوابن کي ليٽينٽ ۽ مينيفيسٽ ڪنٽينٽ ۾ تعلق جي لحاظ کان ٽن طبقن (Categories) ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريان اهي خواب جن مان ڪو مطلب نڪرندو آهي ۽ اهڙي طرح انهن کي ڪنهن دشواريءَ کان سواءِ اسان جي ذهني زندگي جي ڪنٽينٽ (Content) ۾ فِٽ ڪري سگهبو آهي. ٻَيان اهي خواب جيڪي پنهنجي سر ته ڪو مطلب رکندا آهن پر خواب لهندڙ کي بتال ڪري ڇڏيندا آهن جو هو انهن کي پنهنجي ذهني زندگي (Mental life) ۾ فِٽ نه ڪري سگهندو آهي. ٽيان اهي خواب جن مان نه ته ڪو مطلب نڪرندو آهي نه ئي انهن ۾ ڪا معقوليت هوندي آهي. اهي بي ربط، منجهيل ۽ بي معنيٰ لڳندا آهن. ٽنهي طبقن مان اهو سڀ کان وڏو طبقو آهي. پهرئين طبقي وارا خواب تجزيو ڪندڙ لاءِ ڪو به مسئلو پيدا نه ڪندا آهن. ٻئين ۽ خاص طور ٽئين طبقي وارا خواب مينيفيسٽ ۽ ليٽينٽ ڊريم ڪنٽينٽ ۾ فرق کي واضح ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته هتي تجزيو ڪندڙ جي سامهون اهڙيون ڳجهارتون اچي وينديون آهن جيڪي تڏهن ئي حل ٿينديون آهن جڏهن مينيفيسٽ خواب جي جاءِ تي ليٽينٽ خيال رکيا ويندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org