سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:9 

محقق جيڪو، سائنسي خارجيت جي نالي ۾، عضوي دار شيءِ کي لوٿڙي ۾، ’جيڪو ٿي رهيو آهي،‘ اُن کي ’جيڪي آهي‘ ۾، زندگيءَ کي موت ۾ بدلائي، پنهنجي آڏو ٿو رکي، اُهو در اصل تبديلي کان ڊڄي ٿو. هو تبديليءَ ۾ زندگيءَ جي علامت نه ٿو ڏسي (اُن جو به انڪار به ڪو نه ٿو ڪري، پر اُن کي چاهي به نٿو- پر  موت جي، ابتريءَ جي، علامت ٿو  ڏسي. هو تبدليءَ جو مطالعو ڪرڻ چاهي ٿو- پر اُن کي بند ڪرڻ لاءِ، اُن ۾ گهرائي يا سرگرمي آڻڻ لاءِ نه، بهر حال، تبديليءَ کي موت جي علامت طور ڏسندي ۽ ماڻهن کي ائين سمجهندي ته اُهي هن جي تحقيق لاءِ محض ڪي خاموش ’شيون‘ئي آهن-  ته جيئن اُنهن سان کيس پنهنجا ڪي دلپسند چپ چاپ ۽ بي عمل نمونا ملي سگهن- هو پاڻ کي زندگيءَ جي دشمن، اُن جي ناس ڪندڙ، هڪ ڪردار طور پيش ڪري ٿو.

آءُ هِن ڳالهه کي وري دهرايان ٿو: مامرن جي تحقيق اصل ۾ ماڻهن جي سوچ جي تحقيق آهي-اُها سوچ، جيڪا اُنهن ماڻهن ۾ ۽ انهن ماڻهن جي درميان ڏسجي ٿي، جيڪي گڏجي حقيقت جي تلاش ڪن ٿا. آءُ ٻين پاران يا ٻين کانسواءِ سوچي نٿو سگهان، نه ئي ٻيا منهنجي پاران سوچي سگهن ٿا. جيڪڏهن ماڻهن جي سوچ ڀرمي يا ڀولي ڀاوَ واري به آهي، ته به جڏهن هو پنهنجين  مفروضن تي عمل  دوران ٻيهر سوچيندا، تڏهن ئي هو پاڻ کي بدلائي سگهندا: ۽ تبديليءَ جو اِهو سلسلو ائين جاري رهندو. جو هو پنهنجا خيال پاڻ پيدا ڪن، ۽  انهن تي عمل ڪن- نه ائين جو هو اکيون پوري ٻين جا  پنهنجا خيال  جهٽيندا وتن.

ماڻهو ،’ حال ۾ رهندڙ ‘ هستين طور، پاڻ کي دنيوي ميعادي حالتن ۾ ڦاٿل ڏسن ٿا، جيڪي کين  اک ۾ رکن ٿيون ۽ جن کي هو اک ۾ رکن ٿا، هِن صورت  ۾ هو پنهنجي ’حالت‘ تي ويچار ڪرڻ تي مجبور آهن- ڪم از ڪم اُن حد تائين جو  حالتون کين مقابله آرائيءِ لاءِ للڪارين ٿيون: ماڻهو آهن ڇاڪاڻ ته هو حال ۾ آهن. ۽ اُهي  وڌندا ۽ بهتر ٿيندا، اوتري قدر ئي جيتري قدر هو پنهنجي وجود تي نه رڳو تنقيدي طور ويچار ڪندا، پر ان تي تنقيدي عمل سان اثر آزما ٿيندا.

حالتن تي ويچارُخود وجود جي ئي حالت تي ۽ وجود جي شرط تي ئي ويچارُ آهي: در اصل ماڻهوءَ جي اِها تنقيدي سوچ آهي، ۽ اُن وسيلي ئي هو هڪ ٻئي کي ’حل‘ ۾ دريافت ڪن ٿا. فط تڏهن ئي جڏهن هيءُ سندن حال کين ائين نه لڳندو ڄڻ اُهو کين گهُگهه اوندهه وانگر ويڙهيو  بيٺو آهي يا ائين ڄڻ هو ڪنهن بند ڳليءَ ۾  ڦٿل آهي ۽ ٻي ڪا کين واهه ڪانهي، ۽ فقط تڏهن ئي جڏهن هو پنهنجي حال کي پاڻ لاءِ خارجي طور هڪ اهو مسئلو سمجهندا جيڪو کين للڪاري رهيو آهي- فقط تڏهن ئي هُنن جي من ۾ جيوت جي پِريرڻا سان سِر سيتائي جاڳندي ۽ قائم رهندي. ماڻهو پنهنجي غرقابيءَ مان اُڀرن ٿا ۽ حقيقت سان نبرڻ جي منجهن صلاحيت پيدا ٿئي ٿي. فقط تڏهن جڏهن حقيقت سندن آڏو ظاهر ٿئي ٿي. حقيقت سان نبرڻ جو ارادو- خود تاريخي شعور- ائين غرقابيءَ مان اڀرڻ کان پوءِ هڪ اڳڀرو قدم آهي ۽ حال جي سلسلي ۾ ماڻهوءَ جي ضمير جي جاڳڻجو نتيجو آهي.

ائين هر مامرائي تحقيق، جيڪا تاريخي شعور کي تيز ڪري ٿي، اونهو ڪري ٿي، سچ پچ هڪ تعليمي عمل آهي. ساڳيءَ طرح هر سچي تعليم انساني سوچ جي تحقيق جو ئي هڪ عمل آهي. تعليم ڪار ۽ ماڻهو جيترو وڌيڪ انساني سوچ ويچار جي تحقيق ڪندا، ۽ ائين گڏجي پنهنجي ڄاڻ وڌائيندا، اوترو ئي وڌيڪ هو پنهنجي مشترڪ تحقيق کي جاري رکي سگهندا،  اڳتي نيئي سگهندا ۽ اُن مان لاڀ پرائي سگهندا. مسئلن کي آڏو رکندڙ تعليمي نظريي ۾، تعليم ۽ مامرائي تحقيق ساڳئي ئي هڪ سلسلي جا ساڳيا ٻه قدم  آهن جيڪي هڪ ٻئي جي پوئتان کڄن ٿا.

ڳالهه ٻولهه دشمن ۽ ٻُڌڻ  ٻڌائڻ جي مخالف بئنڪاري طريقي تعليم جي ’ڌراوتن‘ جي ابتڙ، ’مسئلن جي آڏو رکندڙ‘ طريقي جو پروگرامي مواد (نصاب) –جيڪو پوريءَ طرح ڳالهه ٻولهه جو مواد آهي- دنيا بابت شاگردن جي خيال يا راِيي سان مرتب ۽ منظم ٿئي ٿو، جنهن دنيا ۾ ئي اُنهن جا پنهنجا سرگرم مامرا موجود هجن ٿا. هيءُ مواد، انهيءَ طرح سدائين وڌندو ۽ نيئن کان نئون بڻبو رهي ٿو. ڳالهه ٻولهه جي طريقي سان ڪم ڪندڙ استادُ، جيڪو باهمي ضابطي سان ڪم ڪندڙ تحقيق جي ٽيم (ٻاريءَ سان گڏ هجي ٿو، تنهن جو  ڪم آهي ته مشترڪ تحقيق جي روشنيءَ ۾ پڌر پوندڙ مامرائي دنيا اُنهن جي ماڻهن آڏو ’ورائي پيش ڪري‘ جن کان اُها هُن کي پهريائين دريافت ٿئي ٿي- اُنهن جي آڏو ’ورائي پيش ڪري‘ نه هڪ تقرير يا وعظ طور، پر هڪ مسئلي طور

مثال طور، تعليم ڪارن جي هڪ ٽيم کي ٿا وٺون، جنهن تي اڻ پڙهيل  هارين جي هڪ ايراضيءَ ۾ بالغن جي تعليم جي هڪ رٿا کي ائين باهمي اشتراڪ سان عمل ۾ آڻڻ جي ذميواري رکيل آهي. رٿا ۾ ’پڙهڻ لکڻ‘ جو ڪم ۽ پڻ اُن کان ’اڳتي جي تعيلم‘ جو ڪم شامل آهن. پهرئين مرحلي تي، مسئلن کي آڏو رکندڙ تعيلم ’سرگرم لفظ‘ يا ’سرگرم اظهار‘ جي تلاش ۽ کوجنا ڪري ٿي؛ ٻئي مرحلي تي اُها ’سرگرم مامري‘يا ’سرگرم مامرن ‘جي تلاش ۽ کوجنا ڪري ٿي.

بهر حال، هتي اچو ته رڳو سرگرم، موجود، بامقصد مامرن جي دنيا جي تحقيق بابت ويچار ڪريون. جيئن ئي محقق پنهنجي تحقيق لاءِ هڪ دائري يا ايراضيءَ جو  فيصلو ڪن ٿا، جتي کين ڪم ڪرڻو آهي، ۽ پنهنجن موجود وسيلن معرفت اُن ايراضيءَ سان پاڻ کي ابتدائي طور واقف ڪن ٿا، تيئن ئي هو پنهنجي تحقيق جو پهروين مرحلو شروع ڪن ٿا. هيءَ شروعات (انساني ڪار گذاريءَ جي هر شروعات وانگر) مشڪلاتن ۽ خطرن کان خالي نه آهي، جيڪي هڪ حد تائين بلڪل معمول جي ڳالهه آهي-جيتوڻيڪ دائري يا ايراضيءَ جي ماڻهن سان پهرينءَ ملاقات وقت اڪثر اُهي مسئلا ۽ خطرا ظاهر ئي نه هوندا آهن. هن پهرينءَ ملاقات ۾، محققن کي ماڻهن جي هڪ چڱي موچاري تعداد کي مڃائڻو آهي ته هڪ دستوري قسم جي گڏجاڻي ڪئي وڃي، جيئن هو اُتي علائقي ۾ پنهنجي اچڻ جي مقصدن بابت ساڻن ڳالهائي ٻولهائي سگهن، اُن گڏجاڻيءَ ۾، پوءِ، هو علائقي جي تحقيق جو، پنهنجي کوجنا جو، سبب سمجهائيندا، ۽ اُها ڪيئن هلائي ويندي ۽ اُن مان ڪهڙو ڪارج سِڌ ٿيندو- اِن بابت ٻڌائيندا. وڌيڪ هو ائين به واضع ڪندا ته هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي تي ڀروسي جي تعلق کان سواءِ سندن سڀ تحقيق بيڪار ثابت ٿيندي. پوءِ جيڪڏهن تحقيق جي ۾ سڀ شريڪ ٿيندڙ، تحقيق ۽ اُن جي ڪم جي سلسلي (30) سان متفق ٿين ٿا، ته محققن کي کپندو ته هو گڏجاڻي  ۾ شريڪ ٿيلن مان رضاڪارن جي گهر ڪن، جيڪي سندن مددگار ٿي ڪم ڪندا. هي رضاڪار اُن ايراضيءَ جي زندگيءَ بابت جدا جدا نمونن جون ضروري حقيقتون گڏ ڪندا. پر سڀ کان وڌيڪ ضروري ائين ٿيندو ته اُهي رضاڪار تحقيق جي ڪم ۾ پوري شوق ۽ اتساهه سان شامل هجن.

اِن وچ ۾ محقق اُن ايراضيءَ ۾ پنهنجي مُنهن به هِت هُت اچڻ وڃڻ شروع ڪندا؛ ڪڏهن به زوريءَ هو ڪٿي ڪو نه ويندا، پر سدائين هڏ- ڏوکين ۽ همدرد ڏسندڙن وانگر هو جو ڪجهه ڏسندا اُن بابت هنن جي روش پرُ جهه ۽ پروڙ واري هوندي. محققن لاءِ هو نئن ته پنهنجا خيال ۽ قدر کڻي ايراضيءَ ۾ اچڻ وڃڻ معمول جي ڳالهه آهي جن خيالن ۽ قدرن جي روشنيءَ ۾ هو پنهنجي سُوجهين ۽ تاثرن جي تورتڪ ڪري سگهندا، پر اِن جي معنيٰ هر گز اِها نه آهي ته پنهنجي مامرائي تحقيق کي هو ايراضيءَ ۾ پنهنجن انهن خيالن ۽ قدرن کي مڙهڻ لاءِ وسيلو ڪري استعمال ڪن. سندن انهن خيالن ۽ قدرن جي فقط هڪڙي خاصيت (۽ اميد ڪري سگهجي ٿي ته اُها منجهن ضرور هوندي) جنهن ۾ ماڻهو، جن جي مامرائي دنيا تحقيق هيٺ آهي، ڀائيوار بڻجي سگهن ٿا، اُها آهي دنيا جي تنقيدي تورتڪ جيڪا حقيقت جي سڃاڻپ جي هڪ صحيح راهه آهي، ۽ اُن راهه سان ئي حقيقت کلي سگهي ٿي. ۽ هن تنقيدي تورتڪ جي عادت يا اهليت ڪنهن تي مڙهي به نٿي سگهجي. اهڙيءَ طرح، شروع کان ئي، مامرن جي تحقيق جو ڪم هڪ تعليمي يا تهذيبي مشغلي ۽ فرض جي حيثيت سان ئي اڳتي وڌي ٿو.

زير تحقيق ايراضيءَ ۾ اچڻ وڃڻ وقت ۽ اُتي ڪم جي دوران، محققن کي پنهنجي تحقيقي مقصد کي اُها اهميت ڏيڻي آهي ۽ ائين سمجهڻو آهي، ڄڻ اُهوهنن لاءِ هڪ وڏو ۽ بيحد نرالو، جيئرو جاڳندو  ’راز‘ آهي، جيڪو کين کولڻو آهي، هو اُن ايراضيءَ کي هڪ يڪي ڳالهه ڪري وٺن ٿا، ۽ گهمري گهمري سان هو اُن جو هڪ نه ٻيو حصو، جيڪو کين متاثر ڪري ٿو، اُن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪن ٿا. انهيءَ طريقي سان هو اُتان جي متعلق پنهنجي ڄاڻ وڌائيندا رهن ٿا ۽ ڏسن ٿا ته اُن جا مختلف پاسا هڪ ٻئي سان ڪيئن ڳنڍيل آهن ۽ ڪيئن گڏجي ڪم ڪن ٿا، ۽ ائين هو سڄيءَ ان ڳالهه جي پردي- کول ڪن ٿا ۽ اُن جي تهه ۾ وڃن ٿا.

هِن پردي- کول جي پهرئين مرحلي ۾،محقق، ايراضيءَ جي زندگيءَ جي ڪن خصوصيتن جو مشاهدو ڪن ٿا- سڌيءَ طرح به، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اُتان جي رهواسن سان غير رسمي ڳالهين ٻولهين ذريعي به، هو هر شيءِ، اهم توڙي ڏسڻ ۾ غير اهم، پنهجن نوٽ بڪن ۾ درج ڪن ٿا: ماڻهن جي ڳالهائڻ جيِ مام، اُنهن جي زندگيءَ جو رنگ ڍنگ، عبادتگاهن ۾ ۽ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هئڻ وقت سندن هلت چلت وغيره. هو ماڻهن جي ٻولي رڪارڊ ڪن ٿا: سندن ڳالهيون ۽ خيال، لفظ ۽ اصطلاح، ۽ سندن  ترڪيبون (سندن اچار يا غلط سلط آواز نه، پر جنهن طرح هو پنهنجا خيال مرتب ڪن ٿا.)

محقق لاءِ اهو به تمام ضروري آهي ته هو مختلف  حالتن ۾ ايراضيءَ جي  تحقيق ڪن: کيتن ۾ ماڻهن جي ڪم ڪار وقت، مڪاني، جماعتن جي ميٽنگن (راڄ جي ميڙن)۾ (شرڪت ڪندڙن جي هلت چلت، سندن ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ نيڪ مرد، عهديدارن ۽ ميمبرن جا پاڻ ۾ تعلقات)، عورتن جو ۽ مردن جو درجو ۽ ٻنهي جو سماجي ڪردر ۽ عمومي طور باهم سٻنڌ، ماڻهن جون واندڪائيءَ جي وقت جون مشغوليون،سندس رانديون ۽ کيل سندن پنهنجي ويڙهن ۽ گهرن ۾ هلت چلت ۽ ڳالهه ٻولهه جا رَسَ واسَ (زال- مڙس ۽ مائٽن ۽ اولاد جا سٻنڌ). ايراضيءَ جي شروعاتي تحقيق ۾، ماڻهن جِي ڪا به هيجَ واري مصروفيت ۽ دلچسپي محقق جي ڌيان تان لهي يا گُسي وڃڻ نه کپي. ايراضيءَ جي هر مشاهدائي ياترا  کان پوءِ، محقق پنهنجي مختصر رپورٽ تيار ڪري پنهنجن ساٿين (تحقيقي ٽيم) جي آڏو رکندا، جتي اُها بحث هيٺ ايندي، اُن جي تورتڪ ٿيندي، ۽ محقق توڙي مڪاني سهڪاري اُن بابت پنهنجا پنهنجا ابتدائي رايا سوچ ويچار لاءِ پيش ڪندا، مڪاني سهڪاري گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿي سگهن. اُن لاءِ اِهي رپورٽن جي جائزي وٺڻ واريون گڏجاڻيون اُتي ايراضيءَ ۾ ئي سڏڻ گهرجن.

هي پنهنجائپ جي جائزي جون گڏجاڻيون ايراضيءَ جي  مخصوص دستور زندگيءَ کي سمجهڻ جي ابتدائي ڪم جو ٻيو مرحلو آهي، جيڪو پهرئين مرحلي سان گڏوگڏ اڳتي هلندو رهندو. جيئن جيئن هر هڪ ماڻهو جائزي جي گڏجاڻيءَ ۾ ٻڌائي ٿو ته ڪنهن حقيقت يا واقعي کي هُنن ڪيئن سمجهيو، ته هن جو ِهو بيان ٻين ساٿين لاءِ موقعو فراهم ڪري ٿو ته اُن واقعي يا حقيقت بابت پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڄاڻ جي تورتڪ ڪن، ۽ ائين هو سڀ ٻين جي نظر جي روشنيءَ ۾ پنهنجي مشاهدي تي نظر ثاني ڪن ٿا.ائين هر محقق حقيقت جي پنهنجي انفرادي ڄاڻ جي تورتڪ ڪري، پوءِ هو اُن کي گڏجي، ڳالهه ٻولهه جي ذريعي، وري سمجهن ٿا ۽ پر کين ٿا.اُن کان پوءِ هو ٻيهر هڪ وڌيڪ پختي، جامع ۽ اونهي تنقيدي اڀياس لاءِ پاڻ ۾ سڀ (ضابطي جي تحقيقاتي ٽيم طور)  گڏ ٿيندا. هنن سڀني گڏجاڻين ۾ ايراضيءَ جي رهواسين جا عيوضي تحقيقي ٽيم جي ميمبرن طور شرڪت ڪندا ۽ اُنهن ۾ سرگرم حصو وٺندا.

جيترو وڌيڪ هيءَ تحقيقي ٽيم ايراضيءَ ۾ ٽڙي پکڙي ۽ وري وري گڏبي، اوترو وڌيڪ ايراضيءَ جي رهواسين جي مکيه ۽ ثانوي تضادن جي اصل جڙُن تائين پهچڻ جو کين موقعو ملندو. تضادن جي هن جڙن کي ائين ڳولڻ ۽ هٿ ڪرڻ کانپوءِ، محقق پنهنجي تعليمي عمل جي موادي پروگرام (نصاب) کي مرتب ڪرڻ جي مرحلي تي رسن ٿا، ۽ واقعي جيڪڏهن سندن اُهو تعليمي مواد انهن تضادن جو سچو عڪس هوندو ته پڪ ئي پڪ اُن ۾ ايراضيءَ جي بامقصد مامرن جي موجودگي ڏسي سگهبي. ۽ پوءِ خاطريءَ سان چئي سگهبو ته رڳو ’مٿان کان ۽ پري کان ڪيل فيصلن‘ جي ڀيٽ ۾، حقيقتن ۽ سچن مشاهدن تي ٻڌل  اهڙي تعليمي عمل جي ڪاميابيءَ جا امڪان يقيني ٿي سگهن ٿا. پر تعيلمي مشاهدي نگارن ۽ محققن کي پوءِ به امڪانن تي ڀنڀلجي ويهڻ  نه کپي. ڇو ته تضادن جي هِنن اصل جڙن جي ابتدائي ڄاڻ سان شروع ڪندي (جن تضادن ۾) سماج جو مکيه تضاد- دؤر جي هڪ وڏيءَ مامرائي اِڪائيءَطور، اچي وڃي ٿو) اهم شيءَ وري به اِها آهي ته اُنهن تضادن بابت خود رهواسين جي شعوري سطح جو مطالعو ڪيو وڃي.

سچ پچ ته هي تضاد ئي حدودي حالتون آهن. هنن تضادن ۾ ئي مامرا موجود آهن، ۽ هي تضاد ئي انساني ذميداريون ۽ فرض عائد ڪن ٿا. جيڪڏهن فرد هنن حدودي حالتن ۾ ڦاسي پون ٿا ۽ انهن مان پاڻ نٿا ڇڏائي سگهن، ته هِنن حالتن جي حوالي سان هُنن جو مامرو ٿيو تقدير پرستي ۽ اُن مامري جي حل لاءِ سندن ذميداريون يا ڪم ٿيو. ڪو به ڪم نه، ڪا به ذميداري نه! اهڙيءَ ريت، ۽ جيتوڻيڪ  حدودي حالتون اُهي حقيقتون آهن، جيڪي فردن ۾ سندن مسئلن ۽ ضرورتن کي اُٿارين ٿيون، جيڪي کانئن ئي ڪجهه ڪرڻ جي تقاضا  ڪن ٿيون: پر اُن لاءِ لازمي ڳالهه آهي ته هنن حالتن جي سلسلي ۾ فردن جي شعور جي سطح جي تحقيق ڪئي وڃي.

حدودي حالت، هڪ  ڏٺيءَ وائٺيءَ حقيقت طور، مختلف ايراضين ۾ (۽ ساڳيءَ ايراضيءَ جي الڳ الڳ ننڍين ايراضين ۾) ماڻهن لاءِ متضاد مامرا ۽ متضاد ذميواريون اڀاري سگهي ٿي. انهيءَ ڪري، محققن جو اصل ڪم آهي ته، جنهن کي گولڊ مئن (Gold mann)’موجود شعور‘ سڏي ٿو، اُن ۽ ’مڪاني شعور‘ ٻنهي کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪن: ’موجود شعور‘ سڏي ٿو، اُن ۽ ’مڪاني ئي ورن وڪڙن ۽ رڪاوٽن جو، جيڪي ڏٺي وائٺيءَ  حقيقت جا مختلف جزا ’امڪاني شعور‘ جي آڏو آڻي بيهارين ٿا ته انهن رڪاوٽن ۽ ورن وڪڙن کي سمجهيو وڃي ۽ انهن کي هٽايو وڃي.

’موجود شعور‘ لاءِ ’اڻ آزمايل امڪان‘ کي سڏڻ ناممڪن آهي، جيڪو حدودي- حالتن جي ٻئي پار موجود آهي. پر توڻي جو آزمايل امڪان‘ ’موجود شعور‘ جي سطح تي ڏسجي نٿو سگهجي، ’آزمائشي عمل‘ وسيلي، جيڪو نامعلوم امڪانيت کي پڌرو ڪري ٿو، اڻ آزمايل امڪان ڏسجي به سگهجي ٿو. جيئن اڻ آزمايل امڪان ۽ موجود شعور پاڻ ۾ منفي طور لاڳاپيل آهن، تيئن آزمائشي عمل ۽ امڪاني شعور پاڻ ۾ مثبت طور لاڳايپل  آهن، گولڊ مئن جي ’امڪاني شعور‘ جو تصور  اُهو  ئي نڪولائيءَ (Nicolai) جي اصطلاح ۾ ’اَڄاتل عملي حل‘ (اسان جو ’اڻ آزمايل امڪان‘) سڏجي ٿوۡ: اُن جي  برعڪس ’ڄاتل عملي حل‘ يا ’حال جو عملي حل‘ آهي، جيڪو گولڊ مئن جي ’موجود شعور‘ سان لاڳاپيل ۽ متوازي بيٺل هجي ٿو. انهيءَ ڪري، جيڪڏهن محقق تحقيق جي پهرئين مرحلي تي تضادن جي مانڊاڻ کي قريب قريب سمجهي وڃن ٿا، ته رڳو اُن مان ئي انهن کي  اِهو حق ۽ اختيار ڪو نه ٿو ملي ته هو اتان ئي تعليمي عمل جو موادي پروگرام مرتب ڪرڻ شروع ڪري ڏين، ڇو ته حقيقت جو هيءُ شعور اڃا به رڳو سندن پنهنجو شعور آهي ۽ نه خود ايراضيءَ جو ماڻهن جو.

حقيقت جي هن پردي- کول جي ڪم ۾، يعني اُن جي پوريءَ شعور (امڪاني شعور‘ ) حاصل ڪرڻ واري ڪم ۾ حصي وٺندڙ پهريائين پنهنجا مامرا هڪ هڪُ ڪري سڃاڻن ٿا، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا، ائين پنهنجيءَ دنيا بابت پنهنجو’موجود شعور‘ ظاهر ڪن ٿا. هو ڏسڻ لڳن ٿا ته جنهن صورتحال جي هو هاڻي ڇنڊڇاڻ ڪري رهيا آهن. ان ۾ سچ پچ ايتري تائين جڪڙيل رهندي، هو ڪيئن ٿي هليا چليا! ۽ ائين هو پنهنجي ’اڳئين شعور جو شعور‘ حاصل ڪن ٿا ۽ اِهو شعور حاصل ڪندي، هو حقيقت کي ٻيءَ طرح ڄاڻڻ  لڳن ٿا. پنهنجي شعور جي اُفق کي ائين وسيع ڪندي، حقيقت  جي اُنهن ٻن روپن  جي جدلياتي لاڳاپن کي هو آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا.

ائين ’اڳئين شعور جو شعور‘ (اڳئينءَ ڄاڻ جي ڄاڻ) جاڳائيندي، حقيقت جي پردي- کول جو ڪم در اصل هڪ نئين شعور جي اظهار، هڪ نئينءَ ڄاڻ جي حاصلات، کي ممڪن بنائي ٿو، هيءُ نئون شعور، هيءَ نئين ڄاڻ، ائين ’مامرن کي کولي آڏو رکندڙ‘ تعليمي رٿا جي شروع ٿيڻ سان ئي اُڀري ٿي ۽ سلسليوار وڌندي رهي ٿي، ۽ ان جي وڌڻ سان جيئن ئي امڪاني شعور موجود شعور تي جاري ٿئي ٿو تيئن ئي اڻ آزمايل امڪان به ڦري آزمائشي عمل جي صورت وٺي ٿو ويهي.

حقيقت جي صورتحال جي مطالعي ۽ اُن جي تحرير جي صورت ۾ آڻڻ (درج ڪرڻ) جي وڌيڪ تقاضا هيءَ آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي اوترو تحقيق هيٺ آيل ايراضيءَ جي تضادن ۾ اُهي سڀ- ننڍا وڏا، پڌرا- تضاد شامل ڪيا وڃن، جيڪي اُن ايراضيءَ جي سڄي تضادن جي سرشتي(دؤر جي وڏيءَ مامرائي اڪائيءَ) جو پورو عڪس ٿي سگهن. ائين ڪرڻ سان ڏسڻ ۾ ايندو ته هڪڙن تضادن جو مطالعو ٻين تضادن جي پردي- کول جو وسيلو بڻجي ٿو. سماجي تضادن جو ڪاڪ محل ايترو پنهنجي اندروني ڳنڍ پيچ ۾ ڳتيل ۽  ڳنڍيل هجي ٿو.

 هن سلسلي ۾، تدريس جي ان طريقي لاءِ چليءَ جي هڪ نوجوان سول ملازم، گئبريل بوڊي(Gabriel Bod) هڪ تمام قيمتي خدمت سر انجام ڏني آهي، لکڻ پڙهڻ جي سکيائي مرحلي کان پوءِ هن تدريسي طريقي تي عمل جي دوران، بوڊي ڏٺو ته هارين بحث ۾ دلچسپي فقط تڏهن ٿي ورتي. جڏهن تحقيقي مطالعي ۽ اُن جي اندراج (داخلا) جي ڪم جو تعلق سڌيءَ طرح سندن پنهنجي محسوس ٿيندڙ گُهرن سان  هو. اِن ڪم جي رخ ۾ ڪنهن به اهڙي ڦيري سان، ۽ تعليم ڪار جي اهڙيءَ ڪنهن ڪوشش سان ته پردي- کول جو بحث ڪن ٻين دائرن ڏانهن به نيو وڃي، حاضرين مجلس ۾ خاموشي ۽ بددلي ڇانئجي ٿي ويئي، نه رڳو ايترو، پر هُن ڏٺو ته جڏهن اندراج جو ڪم خود سندن محسوس ڪيل گهرجن تي ئي مرڪوز هو، تڏهن به هاري  بحث مباحثي ۾ ترتيب ۽  سلسلي سان پنهنجو ڌيان کپائي نه سگهيا، ۽ بحث اڪثر ائين وڌي ۽ بتال ٿي  ويو، جو فيصلي يا نبيري جي ڪنهن نقطي تي پهچڻ مشڪل ٿي ٿي ويو. هو اڪثر پنهنجي محسوس ٿيندڙ گهرجن جو تعلق سڌيءَ طرح يا اڻ  سڌيءَ طرح  انهن گهرجن جي بنيادي سبب سان به ڳنڍي نه پئي سگهيا. ايتري قدر، جو ماڻهو ائين چئي  ٿي سگهيو ته اُهي حدودي حالتون، اُهي جبري حالتون، جيڪي سندن گهرجن جي آڏو رڪاوٽ بڻيل هيون، تن جي ٻئي پار، هو ڪنهن اڻ آزمايل امڪان کي ڏسي ئي نٿي سگهيا.

بوڊي پوءِ فيصلو ڪيو ته  مجلس ۾ هڪ ئي وقت مختلف حالتن کي بحث ۽ مطالعي لاءِ آڏو  آندو وڃي:   ۽ انهيءَ ’ترڪيب‘ ۾ ئي هُن جي خاص خدمت جي وٿ لڪل آهي. شروع ۾، هو  موجود حالت جي تمام هڪ ساديءَ، صاف ۽ سڌيءَ ڄاڻ کي هٿ ۾ کڻي ٿو، ۽ اُن ابتدائي ڳالهه جي مطالعي کي هو ’لازمي‘ سڏي ٿو، اُهو مطالعو هڪ بنيادي نقطي جو بنهه هڪ ٻيجاري جو  ڪم ڏئي ٿو.  ۽ پوءِ اُن کي هو هڪ بند وجڻيءَ وانگر کولي وڪرو ڪري، يا ٻج مان ڦٽندڙ گؤنچن. ٽارين، پتن، گلن وغيره وانگر گهڻ طرفو ڪري، مجلس لاءِ مطالعي ۾ شرڪت ۽ دلچسپيءَ جا سامان پيدا ڪري ٿو، ۽ انهن لاڳاپيل وڌيڪ ڳالهين جي مطالعي کي هو ’سهڪاري‘ مطالعا سڏي ٿو. لازمي مطالعي جي ابتدا کانپوءِ، تعليم ڪار ان جي پکڙيل سهڪاري ڳالهين کي هٿ ۾ کڻي ٿو، ۽ انهن جي آڌار تي هو مجلس ۾ شريڪ ساٿين جي سرگرم دلچسپي قائم رکي ٿو، ۽ ائين انهن کي لازمي مطالعي جي چؤڌاري سهڪاري مطالعن کي ڦيرائيندي گهيرائيندي، مجلس کي اصل ڳالهه جي نبيري جي نقطي تي پهچڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

هن باري ۾ گئبريل بوڊي جي وڏي حاصلات هيءَ آهي جو ان لازمي ۽ سهڪاري مطالعن جي وچ ۾ جدلياتي تعلقات جي حوالن سان ڳالهه ٻولهه ۽ بحث مباحثي وسيلي، هو مجلس ۾ شريڪ ساٿين تائين جامع (ڪُل) حقيقت جو احساس پهچائي سگهيو. فرد جيڪي هو نئين موجود اَگهور حقيقت ۾  غرقاب هئا ۽ رڳو پنهنجين پنهنجين گهرجن جو احساس کين گهُٽيو بيٺو هو، اُهي حقيقت جي اُن تار مان اُپڙي ٻاهر اچن ٿا ۽ پنهنجي گهرجن جي احساسن کان پاڻ ڇڏائي، انهن جي بنيادي سببن کي  ڏسن ٿا. ۽ طريقي سان هو تيزيءَ سان ’موجود شعور‘ جي سطح کان مٿي چڙهي، ’امڪاني شعور‘  جي سطح تائين پهچي سگهن ٿا.ايراضيءَ جي حالتن جي ان دريافت ۽ اندراج ۽ اُن کان پوءِ باهم ضابطي جي تحقيقاتي ٽيم طرفان اُن جي سڀني ممڪن مامرائي پهلوئن جي جامع سوچ ويچار کانپوءِ، محقق پنهنجي مطالعي جو ٽيون مرحلو سروع ڪن ٿا، ۽ اُن لاءِ هو وري ايراضيءَ ۾ موٽي وڃن ٿا، ۽ ’مامرن جي تحقيقاتي ٽولين‘(31) ۾ مامرن جي وضاحتي ڳالهين ٻولهين ۽ بحثن مباحثن جي ابتدا ڪن ٿا. هي ڳالهيون ٻولهيون، جن ۾ گذريل ٻن مرحلن تي گڏ ڪيل مواد جي هاڻي تفصيلي تورتڪ ۽ پردي- کول ٿئي ٿي، ٽيپ تي رڪارڊ ڪجن ته بهتر ٿيندو. انهيءَ لاءِ ته ’باهم ضابطي جي تحقيقاتي ٽيم‘ (32) ٻئي موقعي تي، پوءِ ، جي چاهي ته، تصديق لاءِ يا ٻئي ڪنهن سبب کان، انهن جي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي. محقق، مٿين تحقيقاتي ٽولين جي آڏو ٿيندڙ  وضاحتي ڳالهين ٻوليهن ۾ ’اڳواڻ‘ جي حيثيت ُ ويهي ٿو، ۽ هُن کانسواءِ ٻه ٻيا ماهر- هڪ من وديا جو عالم ۽ ٻيو سماجيات جو عالم- به هن ٽئين مرحلي جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ هجن ته بهتر، جن جو ڪم هوندو ته هو ڳاليهن ٻولهين هلندي، بحث مباحثي ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن جا اهم (۽ پڻ ظاهر ۾ غير اهم) رد عمل پنهنجي خيال ۾ آڻين ۽ رڪارڊ ڪن.

هن تفصيلي پردي- کول جي ڪم هلندي، ’اڳواڻ‘ کي نه رڳو فردن کي ٻڌڻو آهي، پر انهن جي آڏو درج ڪيل وجودي صورتحال ۽ سندن پنهنجا جواب، مسئلن جي صورت ۾ آڻي، وڌيڪ سوچڻ لاءِ کين للڪارڻو آهي. دل کولي، ڳالهه ٻولهه ڪرڻ واريءَ هِن فضا ۾،’مامرن جي تحقياتي ٽولين‘ جا سڀ حصي وٺندڙ ساٿي پاڻ بابت ۽ ٻين بابت پنهنجي من جا سڀ  جذبا ۽ رايا وڏي اُتساهي انداز ۾ ظاهر ڪن ٿا، جيڪي ٻين حالتن ۾ شايد ئي ڪڏهن هو زبان تي آڻي سگهن ٿا.

اهڙيءَ هڪ مامرائيءَ تحقياتي گڏجاڻيءَ ۾، جيڪا سئنٽيا گو شهر ۾ گڏ ٿي هئي، فلئٽن ۾ رهندڙ ماڻهن جي هڪ ميڙ اهڙيءَ هڪ صورتحال تي بحث ڪيو، جنهن ۾ هڪڙو نشي ۾ ورتل گهڻو گهٽيءَ مان ويندي ۽ گهٽيءَ جي ڪنڊ تي بيٺل  ٽي ماڻهو پاڻ ۾ گفتگو ڪندي ڏيکاريل هئا، ميڙ ۾ شريڪ ماڻهن  جو هن صورتحال لاءِ رايو ته ’فط هو  هيڪل گهٽيءَ مان ويندڙ ئي ڪمائو (اپتڪار) ماڻهو هو ۽ ملڪ لاءِ ڪارگر هو، جيڪو سڄو ڏينهن معمولي اجرت تي مزوري ڪرڻ کانپوءَ گهر ڏانهن  موٽيو پئي ويو، ۽ جنهن جي دل پنهنجي ڪٽنب لاءِ بيحد پريشان هئي. ڇاڪاڻ ته هو انهن جي ضروتن جي پورت ئي نٿي ڪري سگهيو. هو ئي هڪ پورهيت آهي، هو ئي هڪ آبائتو مزدور آهي، ۽ اسان ئي جهڙو غريب آهي، ۽ اشراف ماڻهو آهي.‘

هن بحث ۾ محقق جو ارادو هو ته شراب نوشيءَ جي مختلف اثرن جو مطالعو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ۾ ڀائيوار ماڻهن جي آڏو اُهو سوالنامو رکي ها، جيڪو ُهن شراب نوشيءَ بابت ٺاهيو هو، ته شايد ماڻهن کان اِهي مٿيان جواب کيس ملي نه سگهن ٿا! بلڪ جيڪڏهن هو سڌا اِهي سوال هنن کان پڇي ها، ته هو مرڳو ئي انڪاري ٿي بيهن ٿا ته هنن پاڻ ڪڏهن ڪا شراب نوشي ڪئي به هئي! پر هڪ رڪارڊ ٿيل وجودي صورتحال تي پنهنجن راين  ۾، هو اُن صورتحال کي ڏسي ۽ سڃاڻي سگهيا ۽ اُن ۾ هنن ”پاڻ“ کي ئي ڏٺو ۽ سڃاتو- ۽ جو ڪجهه هننن واقعي محسوس ڪيو سو ئي چيو.

هنن جي انهن بيانن جا ٻه مکيه پهلو آهن: هڪ پاسي هُنن گهٽ اجرت ملڻ، پنهنجي ڦرجڻ لٽجڻ جي احساس ۽ شراب پيئڻ جي وچ ۾ لاڳاپي کي ظاهر ڪو. شراب نوشيءَ کي حقيقت کان فرار ۽ نراسائيءَ ۽ بيوسيءَ تي غلبي پائڻ جي ڪوشش، ۽ آخر ۾ خود تباهيءَ کان بچڻ جو هڪ حل بيان ڪيو. ٻئي پاسي هُنن شرابيءَ کي برتر سمجهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هو ’هڪ ئي ملڪ لاءِ ڪارگر‘ آهن، ڇاڪاڻ ته هو ’ڪم ٿو ڪري‘، جڏهن ته ٻيا رڳو ’ڦرين ٿا‘. شرابيءَ کي ساراهڻ کان پوءِ، هنن پاڻ کي ’هن جي جاءِ تي رکيو- پورهيتن جي حيثيت ۾- جن پاڻ به شراب پيتو- ’غريب ۽ اشراف مزدور.“

ان جي ابتڙ، هڪ اخلاقياتي واعظ ڪندڙ تعليمڪار جي ناڪاميءَ  کي خيال ۾ آڻيو، جيڪو  شراب نوشيءَ جي خلاف ڊگهي تقرير ڪري ٿو ۽ تقويٰ جو هو اهڙو  ڪو مثال پيش ڪري ٿو، جيڪو هِنن ماڻهن لاءِ ڪنهن به صورت  ۾ تقويٰ جو مثال نٿو ٿي سگهي. مطلب ته هن ۽ اهڙين ٻين حالتن ۾، صحيح ۽ ڪارگر رستو هيءُ آهي ته صورتحال کي شعور جي اُڀارڻ جو وسيلو بڻايو وڃي. موجود شعور جي سطح کان امڪاني شعور جي  سطح تائين- ۽ اِها ڪوشش مامرائي تحقيق جي ابتدا کان ئي ڪئي وڃي. (ظاهر آهي ته شعور جو هيءُ اُڀار ڪنهن صورتحال جي محض داخلي سوجهيءَ  يا احساس جي سطح تائين ئي رڪجي، بيهي نٿو رهي، پر عمل جي وسيلي انسانن کي سندن بهتر انسان بنجڻ جي آڏو جيڪي رڪاوٽون آهن، تن جي خلاف جدوجهد لاءِ تيار ڪري ٿو.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org