هڪ بنيادي ڳالهه، جيڪا تعليم جي سلسلي ۾ ياد رکڻي آهي، سا
هيءَ آهي ته بي طرفدار تعليم جهڙي ڪا به شيءَ
ڪانهي. تعليم يا ته اهڙي هڪ هٿيار طور عمل پيرا
هجي ٿي، جيڪو ماڻهن کي، ماڻهن جي نئين نسل کي،
موجود سماجي نظام جي منطق سان ملائي هڪ ڪري ٿو
بيهاري ۽ اُن سان اُنهن جي موافقت ٿو پيدا ڪري، يا
اُها ’آزاديءَ جو عمل‘ ثابت ٿئي ٿي، يعني اهڙو هڪ
هٿيار يا ذريعو جنهن سان عورتون ۽ مرد، انهن جو
نئون نسل، حقيقت سان تنقيدي ۽ تخليقي طور نبرن ٿا
۽ اِن طرح دريافت ڪري وٺن ٿا ته ڪيئن هو پنهنجي
دنيا جي تبديليءَ جي عمل ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. تعليم
جي اُها طريقت يا اُن جو اُهو سرشتو، جيڪو تبديل
جي اِن عمل کي آسان بنائي، اُن سان اسان جي سماج ۾
ظاهر آهي ته تصادم ۽ ڇڪتاڻ لازمي طور پيدا ٿيندي.
پر اُها تعليم هڪ نئين انسان جي جنم جو سبب يا
وسيلو به لازمي طور بڻجي سگهي ٿو ۽ ائين اُن سان
انساني تاريخ ۾ هميشه نئين دؤر ابتدا ٿيندي آئي
آهي ۽ آئنده به ائين ٿيڻو آهي. اُهي جيڪي انساني
مستقبل جي نئينءَ منزل جا مشتاق آهن ۽ اُن سان هنن
جي سِر سيتائي آهي، ۽ اُن لاءِ تجربي، حڪمت عمليءَ
۽ وسيلن جا متلاشي آهن. پائلو فريري جو هيءُ
تعليمي فڪر انهن لاءِ ايندڙ سالن جي دوران تمام هڪ
اهم سونهون ۽ مددگار ثابت ٿي سگهندو.
-
رچرڊ شال
مصنف جو مهاڳ
’علم
تدريس، مظلومن لاءِ‘ جو هيءُ تعارفي مضمون منهنجن
گذريل ڇهن سالن جي سياسي جلا وطنيءَ ۾ منهنجن ڪيل
مشاهدن جو نتيجو آهي- مشاهدا، جن برازيل ۾ منهنجي
تعليمي ڪار گذارين دوران حاصل ٿيل مشاهدن کي وڌيڪ
با معنيٰ ۽ وزندار بنايو آهي.
مون
کي تدريس جي تربيتي ڪورس هلندي، جتي ’شعورجڻ‘ جي
ڪم جي تور تڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪئي ٿي ويئي، ۽ پڻ سچيءَ
آزادگيءَ جي تعليم جي عملي تجربن دوران، ’آزاديءَ
جي خوف‘ سان منهِن پوڻ جو اتفاق پئي ٿيو آهي- اُن
بابت هِن ڪتاب جي پهرئين باب ۾ مون ڪافي ڪجهه بحث
به ڪيو آهي، ڪيئي ڀيرا تربيتي ڪورسن ۾ حصي وٺندڙ
دوست ’شعورجڻ جي ”خطري“‘ ڏانهن منهنجو ڌيان
ڇڪائيندا رهيا- اصل ائين، جو اُن مان هنن جو
پنهنجو ’آزاديءَ جو خوف‘ ئي ظاهر پئي ٿيو. هنن چيو
ٿي ته ’تنقيدي شعور نراجي آهي، نراج پسند آهي‘؛
ٻين چيو ٿي ته ’تنقيدي شعور سان بي نظمي ۽ بدامني
پيدا ٿي سگهي ٿي،‘ پر ڪي، ائين چئي، قبولدار به
ٿيا ٿي:’مان انڪار ڇو ڪريان؟ مون کي آزاديءَ کان
سچ پچ خوف ٿي ٿيو. پر هاڻي مون کي خوف ڪونهي!‘
انهن
بحثن مباحثن ۾ هڪ ڀيري هيءَ ڳالهه زير بحث آئي
هئي ته ’ڇا، ماڻهن جو ظلم يا بي انصافيءَ جي ڪنهن
خاص مثال يا واقعي بابت شعورجڻ ”ڪٽر پڻي جي حد
تائين هُنن ۾ تخريبي ادارو يا جولان“ ته پيدا ڪو
نه ڪري وجهندو! يا اُن مان هو ”پنهنجي دنيا جي
ڪامل بيسُوديءَ يا ڪُلي ناڪاميءَ جي احساس“ هيٺ ته
ڪو نه وٺجي ويندا!‘ دليلن جي ڏي وٺ هلندي، هڪڙي
ماڻهوءِ، جيڪو اڳي ڪافي سال هڪ ڪارخاني ۾ مزدور
رهي چڪو هو، چيو: ’شايد مان ئي هڪڙو هتي اصل ۾
مزدور طبقي منجهان آهيان. مان نٿو چئي سگهان ته
اوهان جو ڪجهه هيئنر چيو سو سڀ مون سمجهيو آهي، پر
مان هڪ ڳالهه چئي سگهان ٿو- ”جڏهن مون هيءُ ڪورس
شروع ڪيو هو تڏهن مان ٻالو ڀولو هوس؛ ۽ جڏهن مون
ڄاڻي ورتو ته مان ڪيڏو نه ٻالو ڀولو هوس، ته مان
ڦري نڪته چين ٿيس ۽ عيب ثواب جانچڻ لڳس، پر هِن
منهنجي ڄاڻ ۽ دريافت مون کي ڪٽر ڪو نه بنايو آهي،
۽ نه مان ناڪامي محسوس ڪريان ٿو يا پنهنجيءَ دنيا
کان مايوس ئي ٿيو آهيان!“‘
شعورجڻ جي ممڪن اثرن بابت هي ڊپ ڊاءُ ۽ شڪ شبها
هڪ اهڙي سوچ جي بنياد تي بيٺل هجن ٿا، جنهن جو
اظهار عموماً نٿو ڪيو وڃي: اُها سوچ هيءَ آهي ته
’بي انصافيءَ يا ظلم جي شڪار شخصن لاءِ بهتر آهي
ته هو پاڻ لاءِ ائين محسوس ئي نه ڪن!- جا ڳالهه
ته، ظاهر آهي ته، انساني امڪان جي دائري کان خارج
آهي. حقيقت ۾، شعورجڻ جو عمل ’تخريبي ڪٽر پڻو‘ هر
گز پيدا ڪو نه ٿو ڪري، اُن جي ابتڙ، ماڻهن لاءِ
ذميدار عملڪارن طور وڌي تاريخ جي اڳتي ويندڙ سلسلي
۾ داخل ٿيڻ کي ممڪن بنائڻ سان، هيءُ شعورجڻ جو عمل
اُنهن کي خود اثباتيءَ جي تلاش ۾ ضرور رنڀائي ٿو
۽ مصروف رکي ٿو، پر ائين هُنن مان ڪٽر پڻو يا
حيواني جولان پاڻ گهٽ ٿو ٿئي بلڪ ختم ٿو
ٿئي.’تنقيدي شعور جي جاڳڻ سان سماجي ناراضگيون ۽
غصا اظهارجن ٿا، انهيءَ ڪري جو اُهي ظلمي صورتحال
جا ئي سڌا پاڌا نتيجا بلڪ اُن جا جزائي آهن.‘
(فرانسيسڪو ويفرٽ
Francisco Weffert)
آزاديءَ جو خوف، جنهن خوف جو احساس ضروري نه آهي
ته پاڻ خوف رکندڙ کي هجي به، پر اُهو هن کي ڪنبائي
ضرور ٿو، اُهو شخص سچ پچ ته ’سلامتي ‘ جي موجود
صورتحال ۾ پناهه وٺي ٿو، جنهن کي هو آزاديءَ جي
قيمت ادا ڪرڻ کان وڌيڪ چاهي ٿو. جيئن هيگل پنهنجي
ڪتاب ”من جي مظاهرن جو علم“ (The
Phenomenology of Mind)
۾ ٻڌائي ٿو: ’فقط زندگي کي خطري ۾ وجهڻ سان ئي
آزادي حاصل ٿئي ٿي.... جيڪو شخص پنهنجي زندگي داءُ
تي نٿو رکي، اُهو ڀلي هڪ شخص طور سڃاپي سگهي، پر
هن اُنهيءَ سڃاڻپ جو سچ پڪ، با اختيار خود شعوريت
طور، اڃا حاصل نه ڪيو آهي.
ماڻهو آزادي جو هيءُ خوف کليءَ طرح مشڪل سان قبول
ڪندا آهن، بلڪ اُن کي هوليپو ڏيئي ڍڪڻ جي ڪوشش
ڪندا آهن- ڪڏهن ڪڏهن غير شعوري طور، ۽ پڻ اِها
دعويٰ ڪندي ته هو آزاديءَ جا تَليدار آهن، هو
آزاديءَ لاءِ پنهنجن شڪن ۽ انديشن کي ڌيرج ۽
ڳنڀيرتا جو گهاٽو رنگ ڏيندا آهن- اصل ائين، جو هو
ڄڻ آزاديءَ جا وڏا رکوال آهن! پر، اصل ۾، اِن سان
هو آزادي کي منجهائي ”موجود سدا موجود“ ۽ تصور سان
ملائي هڪ ڪري بيهارين ٿا- اهڙيءَ طرح، هو جيڪڏهن
شعور جي جاڳڻ (شعورجڻ) سان ’موجود – سدا موجود‘ جي
صورتحال خطري هيٺ اچي ٿي، ته اُهو هنن جي طرفان
خود آزاديءَ لاءِ خطرو سمجهيو ٿو وڃي!
رڳو
فڪر ۽ مطالعي سان ئي هيءُ ’علم تدريس، مظلومن
لاءِ‘ مرتب نه ٿيو آهي؛ اُن جا بنياد سچ پچ جي
حالات تي بيٺل آهن ۽ اُن ۾ پورهيتن (ٻهراڙيءَ جي
هارين ۽ شهر جي مزدورن، ۽ وچين طبقي جي ماڻهن) جا
رد عمل بنان ٿيل آهن، جن جو مون سڌيءَ طرح پنهنجي
تعليمي ڪم جي دوران مشاهدو ڪيو آهي. اڳتي جي
مشاهدي مان پڻ، مون کي موقعو ملندو ته، ان جي پوءِ
جي اشاعتن ۾ آءُ ان کي سڌاري سگهندس. ۽ جيڪي نقطا
ان جي هِن تعارفي صورت ۾ آيل آهن. اُنهن جي تصديق
توڙي وضاحت طور اُن کي وڌائي به سگهندس.
هيءُ
منهنجو ڪتاب شايد ڪيترن پڙهندڙن ۾ منفي رد عمل
پيدا ڪري انهن مان ڪي انساني آزادگيءَ جي مسئلي تي
منهنجي موقف کي خالص مثالي يا خيالي سمجهن، يا
’ڪائناتي منصب‘،’انسانيت‘، ’محبت‘،
’ڳالهه-ٻولهه‘،’اميد‘، ’نهٺائي‘، ’همدردي‘، وغيره
تي منهنجي ڪيل بحث کي هو هڪ رجعتي ’بڪ‘ سمجهن. ٻيا
وري ظلميءَ صورتحال جي جيڪا مون نندا ڪئي آهي،
اُها قبول نه ڪن يا قبول ڪرڻ نه چاهين- ڇو ته ظلمي
صورتحال ظالمن جي ته بهر حال دلپسند صورتحال ئي
هجي ٿي. انهيءَ ڪري، آءُ ائين ٿو چوان ته هيءُ
منهنجو ڪتاب جيڪو هر طرح هڪ آزمائشي ڪتاب آهي، سو
’اصليت پسندن‘ (Radicals)
لاءِ آهي. مون کي پڪ آهي ته مسيحي يا مارڪسي،
جيتوڻيڪ هو مون سان ٿوري يا گهڻي قدر اختلاف به
رکندا، پر ان کي آخر تائين ضرور پڙهندا. پر اُهو
اِن جو پڙهندڙ جيڪو ڪٽر پڻي ۾ چؤکنڀو ٻڌل هجڻ سبب
’غير معقول‘ مؤقف وٺي بيهي ٿو. اهو ان جي سڄيءَ
ڳالهه ٻولهه کي اِن جي سڄي بحث مباحثي کي، رد ڪري
ڇڏيندو، جيڪو بحث مباحثو آءُ اميد ٿو ڪريان ته
هيءُ ڪتاب ٻيءَ حالت ۾ سڀني حلقن ۾ ضرور شروع ڪندو
۽ ڪافي وقت سرگرم رکندو.
گروهه پسندي (Sectarianism)،
ڪنهن به حلقي جي انسان ذات جي آزادگيءَ آڏو هڪ
بندُ آهي. افسوس جي ڳالهه آهي، جو ساڄيءَ ڌر جي
گروهه پسندي ڪڏهن به انقلابي اصليت پسنديءَ کي
اُڀاري نٿي سگهي، پر خود اُهي جي انقلابي آهن، سي
به ساڄيءَ ڌر جي اُن گروهه پسنديءَ جي موٽ ۾،
گروهه پسنديءَ جي تنگدليءَ ۾ ڦاسي، رجعت پرست بنجي
وڃن ٿا. بهر حال، ائين هرگز ٿيڻ نه گهرجي، جو اهڙو
ڪو امڪان اصليت پسندن کي ڇڪي بالادست عالي مقامين
جي سياست جو مُهرو بنائي ڇڏي- ڇو ته هو سڌيءَ طرح
آزادگيءَ جي جدوجهد ۾ شامل هجڻ سبب ظالم جي تشدد
يا حيلي جي آڏو ڪڏهن به خاموش ۽ نستا ٿي ويهي نٿا
سگهن.
هونئن به، اصليت پسند ڪڏهن به داخلييت پرست نٿو ٿي
سگهي، هُن لاءِ داخلي پاسو فقط خارجي پاسي جي نسبت
سان ئي موجود هجي ٿو- خارجي پاسو جيڪو حقيقت جي
ٺيٺ صورت ۾ ئي هجي ٿو، جيڪا ئي هُن جي تور تڪ جو
نشانو هوندي آهي. داخليت ۽ خارجيت ائين جدلياتي
وحدت ۾ يڪجا هجن ٿيون.اُنهيءَ ئي طرح عمل سان
يڪجهتيءَ طور علم اڀري ٿو ۽ علم سان عمل.
گروهه پسند، پوءِ هو ڪهڙي به خيال يا لاڙي جو هجي،
پنهنجي عدم معقوليت سبب انڌو هجي ٿو، ۽ انهيءَ ڪري
هو حقيقت جي محرڪات کي نه ڏسي ٿو ۽ نه ڏسي سگهي
ٿو- وڌ ۾ وڌ ته هو اُن جي غلط تشريح ئي ڪري ٿو
سگهي. جيڪڏهن هو جدلياتي طور سوچي به ٿو، ته اُها
هن جي ’گهريلو جدليت‘ يعني ’ذاتي‘ جدليت ئي هجي
ٿي. ساڄيءَ ڌر وارو گروهه پسند، جنهن کي مون
پنهنجي ٻي ڪتاب ’انسان آزادي لاءِ عملي تعليم‘ ۾
’ڄائي ڄم جو گروهه پسند‘ سڏيو آهي، تاريخ جي سلسلي
کي روڪڻ يا ڍرو ڪرڻ گهري ٿو- وقت کي پنهنجي هٿ وس
سان، ۽ ائين ماڻهن کي پنهنجا گروهي يا پالتو جانور
يا هٿ جا اوزار بنائڻ سان. کاٻيءَ ڌر وارو، جيڪو
گروهه پسند بنجي ٿو، سو به حقيقت کي ۽ تاريخ کي
جدلياتي طور سمجهڻ جي ڪوشش ته ڪري ٿو، پر رستو
ڀلجي، لازمي طور سوچ جي تقدير پسند مؤقفن ۾ وڃي ٿو
ڦاسي.
ساڄيءَ ڌر جو گروهه پسند کاٻي ڌر جي گروهه پسند
کان مختلف رڳوِ ان ۾ هجي ٿو ته هو حال کي پنهنجي
حڪم ۾ رکڻ گهري ٿو، انهيءَ اميد ۾ ته مستقبل هُن
لاءِ اُهو ئي سندس حال وري وري پيو ڄڻيندو ۽ پيدا
ڪندو، ۽ کاٻيءَ ڌر وارو گروهه پسند وري مستقبل
پهرين تيار يا اڳ قائم ٿيل سمجهي ٿو- جيئن ڪو اٽل
ڀاڳ، ڪا امٽ تقدير يا قسمت. ساڄيءَ ڌر واري گروهه
پسند لاءِ ’اڄ‘ ماضيءَ سان جڪڙيل، هڪ اٽل ۽ سدا
قائم شيءَ آهي؛ کاٻيءَ ڌر جي گروهه پسند لاءِ وري
’سڀاڻي‘ هڪ اڳ مقرر، يقيني ۽ اجهل شيءَ آهي، هو
ساڄيءَ ڌر وارو ۽ هي کاٻيءَ ڌر وارو ٻيئي رجعتي
آهن؛ ڇا ڪاڻ ته هو تاريخ جي پنهنجي پنهنجي غلط
نظريي کان ابتدا ڪريو، ٻيئي عمل جا اُهي نمونا
اختيار ڪن ٿا، جيڪي آزاديءَ جي نفي ڪن ٿا. هڪڙو
اُنهن مان ’چئيوان‘ حال جو ۽ ٻيو ’موجود‘ مستقبل
جو تصور رکي ٿو. اُن جي معنيٰ اها به ڪانهي ته هو
ڪو هٿ تي هٿ رکي ۽ محض ’تماشبين‘ ٿي ويهي ٿا رهن-
پهريون اِها اميد رکي ته حال قائم رهندو، ٻيو ترسي
ويهندي ته ’اڳ معلوم‘ مستقبل پاڻيهي ايندو. بلڪ
’يقين جي دائرن‘ ۾ پاڻ کي بند ڪري، جن کان هو نڪري
نٿا سگهن، هو پنهنجو سچ بڻائين ٿا.“
اُهو
سندن سچ انهن ماڻهن جو سچ نه آهي، جيڪي مستقبل جي
تعبير لاءِ جدوجهد ڪن ٿا ۽ ان تعمير ۾ جيڪي خطرا
آهن اهي سر تي کڻن ٿا، ۽ نه اُهو سچ اُنهن ماڻهن
جو سچ آهي، جيڪي ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي وڙهن ٿا ۽ گڏجي
سکن ٿا ته مستقبل ڪيئن اڏجي- اُهو مستقبل جيڪو
اهڙي ڪا شيءَ ڪانهي جيڪا ڏني ويئي آهي ۽ ماڻهن کي
رڳي وٺڻي آهي، پر در اصل اُها اهڙي هڪ شيءِ آهي
جيڪا کين ئي ٺاهڻي آهي، کين ئي تخليق ڪرڻي آهي.
ٻيئي قسم گروهه پسنديءَ جا، تاريخ کي هڪ ئي طرح
پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهندي، پنهنجي ساٿ ۽ سنگ مان
ماڻهو وڃائي ويهن ٿا- جنهن جي معنيٰ اِها ئي هجي
ٿي ته هو ماڻهن جي سمت کان مخالف سمت ڏانهن منهن
ڪري بيهي رهن ٿا.
جتي
ساڄيءَ ڌر وارو گروهه پسند پاڻ کي پنهنجي سچ ۾ بند
ڪندي، فقط پنهنجو فطري ڪردار ادا ڪري ٿو، اُتي،
افسوس جو کاٻيءَ ڌر وارو به جڏهن گروهه پسند ۽
’ڪٽو‘ بڻجي بيهي ٿو، ته هو خود پنهنجي فطرت جي نفي
ڪري ٿو. ٻنهي مان هر هڪ بهر حال، جيئن ته ’پنهنجي‘
سچ جي چوڌاري ڦري ٿو، جيئن ئي هن جي سچ تي ڪو
اعتراض اٿي ٿو ته هڪدم ڇرڪي وڃي ٿو ۽ پاڻ لاءِ اُن
۾ خطرو محسوس ڪري ٿو. ائين انهن مان هر هڪ اُن
ڳالهه کي ڪوڙ ٿو سمجهي..
جيڪا’ سندس ‘ سچ نه آهي. جيئن صحافيءَ ’مارشيو
موريرا آويز‘ هڪ ڀيري مون ٻڌايو: ’هو ٻيئي شڪ جي
غير موجودگيءَ جا شڪار هجن ٿا.!‘
اصليت پسند، ڇاڪاڻ ته انساني آزادگيءَ سان واڳيل
آهي، ’يقين جي هڪ دائري‘ جو قيدي نٿو ٿئي، جنهن جي
اندر حقيقت کي به هو بند ڪري ويهي رهي، اُن جي
ابتڙ، جيتري قدر هو وڌيڪ اصليت پسند هوندو، اوترو
وڌيڪ پوريءِ طرح هو حقيقت جي دنيا ۾ قدم رکندو، ته
جيئن اُن کي بهتر طور ڄاڻندي. بهتر طور تي تبديل
ڪري سگهي. هو دنيا کي ’منهن ڏيڻ، ڪن ڏيئي ٻڌڻ ۽
کلئي منهن ڏسڻ کان نٿو ڊڄي. هو ماڻهن سان ملڻ ۽
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان نٿو ڊڄي، هو پاڻ کي تاريخ جو
يا ماڻهن جو مالڪ نٿو سمجهي، ۽ نه پاڻ کي مظلومن
جو نجات ڏياريندڙ ٿو ڀانئي؛ پر هو تاريخ سان موجود
رهندي، پاڻ کي ماڻهن جي پاسي ۽ انهن سان گڏجي وڙهڻ
لاءِ وقف ٿيل ضرور سمجهي ٿو.
’علم
تدريس، مظلومن لاءِ‘ جنهن جو ابتدائي خاڪو ايندڙ
صفحن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اصليت پسندن جي کڻڻ جو
ذمو ۽ اُنهن جي ڪرڻ جو ڪم آهي، اِهو گروهه پسند
پورو ڪري نه سگهندا.
جيڪڏهن هِن ڪتاب جي پڙهندڙن ۾ اهڙا ڪي هوندا جيڪي
اُن جون اوڻايون درست ڪِندا، غلط فهميون دور ڪندا،
اُن جا نقطا واضح ڪندا ۽ جيڪي اُن جا پاسا مون
کان رهجي ويا آهن اُهي آڏو آڻيندا، ته آءُ بيشڪ
خوش ٿيندس. ائين ممڪن آهي ته هن انقلابي تهذيبي
عمل بابت منهنجي خيال آرائيءَ جي حق کي ڪو نه مڃي
۽ چوي ته هيءُ جنهن کي ان دائري ۾ ڪو خاص تجربو
ڪونهي، اهو ڪيئن ٿو ان بابت ڪا ڳالهه ٻولهه ڪري!
بهر حال، اها حقيقت ته آءُ ذاتي طور انقلابي عمل ۾
ڪڏهن شريڪ نه ٿيو آهيان، ان بابت سوچڻ کان يقيناً
مون کي روڪي نٿي سگهي. ان کان سواءِ مون ماڻهن ۾
تعليمڪار جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي، ۽ اُن ڪم ۾ مون
ڳالهه ٻولهه ۽ مسئلن کي کولي آڏو رکڻ جي تعليمي
طريقي جو تجربو ڪيو آهي، ۽ اُن سلسلي ۾ ڪافي گهڻو
مواد منهنجي ذهن ۾ گڏيل هو، جنهن مون کي اِهو
حوصلو ڏنو ته هن ڪتاب ۾ پنهنجي طرفان ڪي اصول ۽
ڪجهه خيال پيش ڪريان.
هنن
صفحن مان، بهر حال، مون کي اميد آهي ته ڪم از ڪم
هي ٻه ڳالهيون ضرور باقي رهنديون:انساني برادريءَ
۾ منهنجو ڀروسو ۽ ويساهه، ۽ ماڻهن ۾ ۽ اهڙيءَ هڪ
دنيا جي ٺهڻ ۾ منهنجو ايمان۽ يقين، جنهن ۾ وڌيڪ
آسانيءَ سان محبت انساني ممڪن ٿي سگهي.
باب پهريون
انسان کي انسانَ بنائڻ جو مسئلو- اخلاقي، جمالياتي
۽ مذهبي خيال کان- انسان لاءِ سدائين مرڪزي اهميت
جو مسئلو رهيو آهي، ۽ اڄ اُهو هُن لاءِ هڪ اٽل
ذميداريءَ جو سوال (1) آهي. انسان کي انسان بنائڻ
جي ذميداريءِ جي احساس سان گڏ انساني زوال (يا
انسان جي حيوان بنجڻ) جي صورت کي هڪدم قبولڻو پوي
ٿو- رڳو ڪنهن ڪائناتي يا قدرتي امڪان طور نه، پر
هڪ تاريخي حقيقت طور. جيئن ئي انسان انساني زوال
جي حد ڏسي ٿو ۽ خيال ۾ آڻي ٿو، تيئن پاڻ کان پڇي
ٿو:’ڇا، انسان جو انسان‘ بنجڻ عملا ممڪن آهي؟‘ ۽
انسان، جيڪو اڻپورو وجود آهي ۽ جنهن کي پنهنجي
اڻپورائيءَ جو شعور آهي، تنهن لاءِ، عملا ۽ خارجي
حقيقت طور، انسان بنجڻ ۽ حيوان ٿين (انساني عروج ۽
انساني زوال) ٻيئي امڪان موجود آهن.
پر،
جيتوڻيڪ انسان لاءِ انسان بنجڻ ۽ حيوان ٿيڻ جا
ٻيئي رستا موجود آهن، ’هن لاءِ ’قدرت جو سڏ‘، ’هن
جو ڪم يا منصب، فقط ۽ فقط پهرئين رستي سان هلڻ جو
آهي. اُن منصب جو هو وري وري انڪار ڪري ٿو. پر هر
اهڙي انڪار سان ئي هو اُن سان ’هائو‘ پڻ ڪري ٿو ۽
اُن کي قبولي ٿو. انسان جو اُهو منصب بي انصافيءَ،
ڦرمار، ظلم ۽ ظالمن جي ڏاڍ هيٺ رنڊجي ٿو ۽ بتال
ٿئي ٿو؛ اُهو مظلومن ۽ محرومن جي دلين ۾ آزاديءَ ۽
انصاف جا جيڪي اُڌما اٿن ٿا، اُنهن سان، ۽ پنهنجي
وڃايل انساني رتبي کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ هو جيڪا
جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪن ٿا، اُن سان وري اڀري ٿو ۽ اڳتي
وڌي ٿو.
انساني زوال وڌيڪ ڪامل انسان بنجڻ جي انساني منصب
جو بد روپ آهي، ۽ اُهو پنهنجا نشان نه رڳو اُنهن
تي ڇڏي ٿو، جن کان سندن انساني رتبو کسجي ٿو، پر
اُنهن تي به ڇڏي ٿو(جيتوڻيڪ هڪ ٻئي انداز سان جيڪي
ٻين کان اُهو رتبو کسين ٿا. انساني منصب جو هيءُ
بدروپ تاريخ ۾ ظاهر ٿئي ٿو، پر اُن جو واقع ٿيڻ
تاريخي خصلت نه آهي.سچ پچ ته جي انساني زوال کي هڪ
تاريخي خصلت مڃيو وڃي ته انسان جي نيڪيءَ مان بنهه
نا اُميد ۽ پوريءَ طرح نراس ئي ٿيڻو پوندو ۽ پوءِ
انساني اصلاحَ، پورهيتن جي ڇوٽڪاري، ۽ انسانن جي
ويڇي ۽ دوريءَ جي خاتمي جو هر جدوجهد بيڪار ۽
فرداً فرداً انسانن جي شخصي وقار جي تسليميءَ لاءِ
هر ڪوشش بي معنيٰ سمجهي ويندي. هيءُ جدوجهد ۽ ان
جو سڄو امنگ ممڪن ئي انهيءَ ڪري آهي، جو انساني
زوال جيتوڻيڪ تاريخي حقيقت ته آهي، پر اُهو انسان
جي تقدير نه آهي-اُهو در اصل نتيجو آهي فقط هڪ بي
انصاف سرشتي جو، هڪ ظالم نظام جو، جيڪو ظالمن ۾
ڏاڍ جو مرون جاڳائي ٿو ۽ ڇتو ڪري ٿو، جنهن سان
مظلوم پنهنجي انسان پڻي کان محروم ٿين ٿا ۽ انساني
زوال جا شڪار ٿين ٿا.
۽ ڇا
ڪاڻ ته انساني زوال يا حيوانپڻو انساني عروج يا
بهتر انسان پڻي جو بدروپ آهي. انهيءَ ڪري،جلد يا
دير سان، مظلومن کي سندن ڪمتر انسان پني جو احساس
پٽي ۽ اٿاريءَ، اُنهن جي خلاف جدوجهد تي آماده ڪري
ٿو، جن کين ائين حيوان بنجڻ تي مجبور ڪيو هو، ۽
هيءَ جدوجهد، پنهنجي منصبي نتيجي ۾، معنيٰ واري ۽
سڦل بنجي، اُن لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي انسانپڻي
کي وري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ (جيڪا ڪوشش ئي انسانپڻي
جي تخليق جو هڪ رستو آهي) مظلوم پاڻ ڦري ظالمن جا
ظالم نه بڻجن، پر پنهنجي ۽ اُنهن جي، يعني ٻنهي
جي، انسانپڻي جا ورائيندڙ ۽ سنواريندڙ ٿين.
اِهو
ئي مظلومن جي اعليٰ انساني ۽ تاريخي ڪردار آهي:
يعني، پاڻ کي آزاد ڪرڻ، ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجن ظالمن
کي به آزاد ڪرڻ، ظالم، جيڪي پنهنجي طاقت جي زور تي
ظلم ڪن ٿا، ڦر مار ڪن ٿا، ۽ عزتون لٽين ٿا، اُنهن
جي طاقت ۾ اُهو زور ڪونهي جنهن سان هو پاڻ کي، ۽
پاڻ سان گڏ، مظلومن کي آزاد ڪري سگهن. فقط اُها
طاقت جيڪا مظلومن جي هيڻائيءَ مان اُڀري ٿي، اُن ۾
ئي اُهو زور آهي ۽ پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هو
ٻنهي کي آزاد ڪري سگهن. مظلوم جي هيڻائيءَ کي خيال
۾ رکي، ظالم جي ڏاڍ کي ’نرم ڪرڻ‘ جي هر ڪوشش، گهڻي
قدر سدائين، رڳو ڪوڙيءَ سخا يا ڪوڙيءَ فيض
بخشيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي؛ سچ پچ ته اهڙي
ڪا به ڪوشش انهيءَ پري کان ڏسجندڙ فيض ۽ سخا جي
سطح کان مٿي چڙهندي ئي نه آهي، ظالمن کي سندن ’فيض
۽ سخا‘ جي اظهار جو سدائين موقعو مهيا هجي، اُن
لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي ظالم ۽ بي انصافيءَ
کي به سدائين موجود رکن. هڪُ بي انصاف سماجي نظام
هِن ’فيض ۽ سخا‘ جي دائمي سرچشمو اهي، جيڪو سدائين
موت، نراشا ۽ غريبيءَ جي طفيل ئي ڀريل رهي ٿو.
اهوئي سبب آهي، جو اُن جا هلائيندڙ ۽ حمايتي ڪوڙي
فيض ۽ سخا جي اُن سر چشمي يا مُهڳ لاءِ ٿورڙو به
ڪٿان ڪو خطرو ڏسن ٿا ته مڇرجي بيهن ٿا ۽ پنهنجي
آپي ۾ نٿا رهن.
سچي
سخاوت ۽ فياضي انهيءَ ۾ آهي ته اُنهن مُول سبب کي
ختم ڪيو وڃي ۽ اُنهن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪئي
وڃي، جيڪي ڪوڙي دان يا خيرات جي ڏيک کي قائم رکن
ٿا، ڪوڙو دانُ يا خيرات ڊنل، هيسيل ۽ ’زندگيءَ جي
ڌڪاڻل‘ انسانن کي مجبور ڪري ٿو ته ’ان داتائن‘ جي
اڳيان پنهنجا ڏڪندڙ هٿ ٽنگين، سچي سخاوت انهيءَ ۾
آهي ته اهڙيءَ صورتحال جي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
وڃي، جنهن ۾ اهڙا هٿ- شخصن جا يا قومن جا- ڪنهن’
خيرات‘ لاءِ اُڀا نه ٿين؛ بلڪ اُهي، جيئن پوءِ
تيئن وڌيڪ اهڙا انساني هٿ بڻجن، جيڪي ڪم ڪن، ۽، ڪم
ڪندي، دنيا کي تبديل ڪن.
هيءُ
سبق ۽ هيءَ تعليم، بهر حال، خود مظلومن منجهان اٿڻ
گهرجي، ۽ پڻ اُنهن مان اٿن گهرجي، جيڪا سچا پچا
اُنهن جا ساٿي آهن. فردن توڙي قومن جي حيثيت ۾،
پنهنجي انسانپڻي کي واپس هٿ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي،
هو سچي احسان۽ سچيءَ نيڪيءَ جي نئين سر قائم ڪرڻ
جو جس ’کٽندا. مظلومن کان وڌيڪ ٻيا ڪير آهن، جيڪي
ظالم ۽ جابر سماج جي هولناڪ وزن يا مطلب کي سمجهي
سگهن؟ ظلم جا گهاءُ مظلوم کان وڌ ٻيا ڪير آهن، جي
بهتر محسوس ڪري سگهن؟ هيءَ ڪا اتفاق جي يا خالص ڪا
علمي تاثر يا عقل جي ڳالهه ڪانهي، هُنن لاءِ ته
اِها سندن بک ۽ اڃ ۽ ان جي اُجهائڻ لاءِ سندن عملي
تڙپ ۽ تلاش جي ڳالهه آهي، ۽ اُها سندن تلاش ۽ اُن
لاءِ سندن جاکوڙ- ڇا ڪاڻ ته اُن جو مقصد ئي هُنن
لاءِ پنهنجي سڪ ۽ محروميءَ کي پورو ڪرڻ جو آهي-
خالص پيار جو هڪ عمل آهي، جيڪو ظالمن جي پيار کان
خالي دل مان کهراڻ، ڏاڍ ۽ ڪٺورتا کي ختم ڪرڻ چاهي
ٿو- جن کي اُهي پنهنجي ڪوڙيءَ سخا ۽ فيض بخشيءَ جي
غلاف ۾ ڍڪيو ۽ لڪايو ويٺا هوندا آهن.
پر
گهڻو ڪري سدائين، جدوجهد جي بنهه شروعاتي ڏاڪي تي،
مطلوم آزاديءَ لاءِ اُدم ۽ جاکوڙ ڪرڻ بدران پاڻ ئي
ظالم يا ’ننڍا ظالم‘ ٿيڻ جي چاهنا ڏيکاريندا آهن.
سماج جي موجود حالت ۾، يعني پنهنجي وجودي صورتحال
۾ هنن جي سوچ جو ڍنگ ئي تضاد جو شڪار هجي ٿو- هو
ذهني طور ظالم سان وابستگيءَ جي ڪيفيت ۾ هجن ٿا، ۽
مظلوم هوندي به ظالم جهڙا يا ظالم وانگر ٿيڻ گهرن
ٿا، جو، سندن تجربي ۾، پاڻ ته باندي آهن پر مٿن
ظلم ڪرڻ وارا سندن ’آقا‘ (يا مالڪ) آزاد آهن، ۽
اُهي سندن آڏو ’مردانگي‘ جا ’آزاد انسان‘ جا،
ظاهري مثال آهن! جدوجهد جي هن ابتدائي سطح تي پاڻ
کي هڪ ڇيڙي تي ۽ ظالم کي ٻئي ڇيڙي تي هجڻ جو سندن
شعور کين اُن تضاد (2) جي خاتمي جي ويڙهه ۾ شامل
ڪو نه ٿو ڪري؛ هن سطح تي هو فقط پاڻ کي پنهنجي
مخالف جهڙو بنائڻ گهرن ٿا ۽ اُن سان پنهنجي هڪ
جهڙائي ۽ همسري قائم ڪرڻ چاهين ٿا.
هِن
حالت ۾ مظلوم اُهو ’نئون انسان‘ پنهنجي سامهون ڏسي
ئي نه سگهندا اهن، جيڪو هِن تضاد جي خاتمي سان، ۽
غلاميءَ جي جاءِ تي آزاديءَ جي اچڻ سان، ڄمڻو ۽
اُڀرڻو هوندو آهي، هُنن لاءِ اُهو نئون انسان-
پنهنجي ظالمن جي جاءِ تي ۽ انهن جهڙو- هو پاڻ
هوندا آهن، نئين انسان جو سندن تصور مظلوم طبقي جي
شخصن يا فردن هجڻ جو نه هوندو آهي. هو مثلا زرعي
صورتحال جي تبديلي انهيءَ لاءِ نه چاهيندا آهن ته
پاڻ زميندار ٿين، ’وڏيرا ‘ٿين - ۽ اُن کان به وڌ،
ته ٻين هارين مٿان ’وڏيرپ‘ ڪن. پر اهڙو ڪو هاري
اتفاق سان ڏسڻ ۾ ايندو. جيڪو جيڪڏهن ’مٿي چڙهي‘
رڳو ڪارائو يا ڪمدار ٿيو هوندو ته خود زميندار يا
وڏيري کان وڌيڪ پنهنجن اڳواڻن همراهن تي آڪرو ۽
ڳرو نه ٿيو هوندو. ۽ ائين انهيءَ ڪري ٿئي ٿو، جو
اُن ’هاري‘ – ڪمدار جي وجودي صورتحال، يعني ظلم جي
سماجي صورتحال، هن جي هاري نه رهڻ سان بدلجي ڪا نه
ٿي، بلڪ ساڳي ٿي رهي. هن مثال ۾، ڪمدار کي جيڪڏهن
پنهنجي ’ڪمداري‘ قائم رکڻي آهي، ته هن کي زميندار
جهڙو ئي، بلڪ اُن کان به وڌيڪ سخت ٿي هلڻو آهي. ان
مان اسان جي مٿي آندل ڳالهه جي صداقت ثابت ٿئي ٿي
ته جدوجهد جي بنهه شروعاتي ڏاڪي يا سطح تي مظلوم،
پنهنجي لاءِ ’مردانگي‘ جو يا ’آزاد‘ هجڻ جو، نمونو
يا مثال خود پنهنجي ظالم کي ئي سمجهن ٿا ۽ پاڻ اُن
جهڙا بنجڻ چاهين ٿا.
خود
انقلاب کي به، جيڪو آزاديءَ جو هڪڙو رستو قائم
ڪري، ظلم جي سڄيءَ حالت کي تبديل ڪري ٿو، هن
ابتدائي ڪچائيءَ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. مظلومن مان
ڪيترائي، جيڪي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح انقلاب ۾ حصو
وٺن ٿا، پراڻي نظام جي ڪٺور ورتاءَ کان متاثر هئڻ
سبب، انقلاب کي پنهنجو ذاتي انقلاب بنائڻ گهرن ٿا.
سندن اڳواڻن ظالمن جو پاڇو به اُنهن تي سوار رهي
ٿو، ۽ انقلاب وسيلي هو فقط پاڻ اُهڙا بنجڻ گهرن
ٿا.
’آزاديءِ جو خوف‘ جيڪو ائين مظلومن کي(3) کي به
ستائي ٿو، جنهن سبب هو پنهنجي لاءِ ظالم جو ئي
ڪردار چاهين ٿا، يا مظلوم جي ڪردار ۾ ئي مطمئن رهڻ
پسند ڪن ٿا، هڪ اهڙو مسئلو آهي، جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ
ضروي آهي، ظالم ۽ مظلوم جي تعلق جي هڪ بنيادي
ڳالهه آهي ’حڪم‘ يا ’فرمان‘ هر حڪم يا فرمان سان
هڪ ماڻهوءَ جي مرضي ٻئي ماڻهوءَ تي مڙهجي ٿي، جنهن
سان اُن ماڻهوءَ جو شعور، جنهن تي فرمان لاڳو ٿو
ٿئي، بدلجي فرمان جاري ڪندڙ ماڻهو جي شعور سان عين
مطابقت ۾ وڃي ٿو بيهي. اهڙيءَ طرح، مظلوم جي هلت
چلت هڪ ’فرماني هلت چلت‘ ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته اُها
ظالم جي ڪڍيل ليڪي تي ئي بيٺل ٿئي ٿي ۽ اُن تي ئي
هلي ٿي.
مظلوم آزاديءَ کان خائف آهن- ڇاڪاڻ ته هُنن ظالم
جو هڪ نقش، ’مردانگيءَ‘ ۽ ’آزاد انسان‘ وارو،
پنهنجي من ۾ چٽي ۽ هُن کان مليل ليڪي تي هلڻ لاءِ
پاڻ کي هيرائي رکيو آهي. آزادي کانئن تقاضا ٿي ڪري
ته اُهو نقش جنهن کان هو ذهني طور مرعوب به آهن ۽
’آسودا‘ به آهن، من مان ڪڍي ڦٽي ڪن ۽ اُن جي جاءِ
تي هو خود اختياريءَ ۽ ذميداريءَ جي بار کي
قبولين. آزادي تحفي ۾ نه پر فتح جي نتيجي ۾ حاصل
ٿئي ٿي. آزاديءَ لاءِ نه رڳو دائمي، پر ڳريءَ
ذميداريءَ واري، اون رکڻي آهي. آزاديءَ ماڻهوءَ جي
ذات کان ٻاهر جو ڪو آدرش ڪونهي، ۽ نه اُهو ڪو اهڙو
تصور آهي، جو رڳو هڪ وهم يا خيال هجي. آزادي در
اصل انسانپڻي جي پورائيءَ جي تلاش لاءِ هڪ سچي
پچي، لازمي ۽ اڻ سرندڙ سماجي صورت آهي.
ظلم
جي صورتحال تي قابض ٿيڻ لاءِ، انسانن کي پهريائين
ان جي سببن کي پوريءِ هوشمنديءَ سان سڃاڻڻو پوي
ٿو، ته جيئن هو پنهنجي ڪايا پلٽيندڙ عمل سان اهڙي
هڪ نئين صورتحال پيدا ڪري سگهن. جنهن ۾ هُنن لاءِ
پنهنجي انسانپڻي جي پورائيءَ جي تلاش ممڪن بنجي
سگهي. در اصل ظلم جي صورتحال کي بدلائڻ جو سچي
جدوجهد جي ابتدا سان ئي انسانپڻي جي پورائيءَ جي
جدوجهد شروع ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ظلم جي صورتحال
سڄي جي سڄي انساني زوال يعني انسانن کي حيوان
بنائڻ واري صورتحال آهي. جيڪا ظالمن تي ۽ پڻ اُنهن
تي جن تي سندن ظلم ٿئي ٿو، اثر انداز ٿئي ٿي، پر
مظلومن جي ڌر ئي هوندي آهي، جنهن لاءِ پنهنجي
ٻوساٽيل انسانپڻي جي آجائيءَ خاطر، اُن صورتحال کي
بدلائڻ جو جدوجهد ضروري هوندو آهي، البت، پنهنجي
نتيجي ۽ اثر ۾، مظلومن جو اُهو جدوجهد سندن توڙي
سندن ظالمن ٻنهي جي انسانپڻي جي بحال ڪرڻ ۽ وڌائڻ
جو جدوجهد ئي هوندو آهي: هن جدوجهد جي اڳواڻي ظالم
ڌر نه ڪري سگهندي آهي، ڇو ته اُها ٻين جي انسان
پڻي جي دشمن هئڻ سبب پاڻ ئي حيوانيت ۾ ورتل ۽
انساني زوال جو شڪار هوندي آهي، ۽ انهيءَ ڪري اُن
جدوجهد جي اڳواڻيءَ ۾ هر گز اُها لائق نه هوندي
آهي.
بهر
حال، مظلوم، جيڪي ڏاڍ ۽ دٻاءَ جي نظام تي هري ويل
هوندا آهن، جهن ۾ هو سڄا جڪڙيا پيا هوندا آهن ۽
اُن تي خاموش ۽ بي حس بنيا ويٺا هوندا آهن،
اُنهيءَ نظام کان ڇوٽڪاري جي جدوجهد کان تيسين هو
رُڪيل هوندا آهن، بلڪ ان کان بچندا رهندا آهن،
جيسين اهڙي جدوجهد ۾ کين جيڪي خطرا ڏسڻ ۾ ايندا
آهن، اُنهن کي سهڻ يا منهن ڏيڻ جي پاڻ ۾ سگهه نه
ساري سگهندا آهن. تنهن کان سواءِ آزاديءَ جي اُن
جدوجهد ۾ نه رڳو ظالم پنهنجي لاءِ خطرو ڏسندو آهي،
پر مظلوم ۽ سندن پنهنجا ساٿي به اُن کان ڊڄندا
آهن. ڇو ته کين اُن جي نتيجي طور اڳي کان وڌيڪ ڏاڍ
۽ دٻاءَ جي اُڀرڻ جو خوف هوندو آهي. جڏهن مظلوم
پنهنجي اندر ۾ آزاديءَ جي سڪ اٿندي محسوس ڪندا
آهن، تڏهن اِهو به سمجهندا آهن ته اُها سندن سڪ
حقيقت جي شڪل ۾ تڏهن ايندي. جڏهن ساڳئي سڪ سندن
ٻين ساٿين جي دل ۾ جاڳندي ۽ اوڀڙ کائيندي. پر
جيستئاين ’آزاديءَ جو خوف‘ مٿن حاوي هوندو آهي
تستائين هو نه ٻين پنهنجن ساٿين کي دعوت ڏيندا آهن
۽ نه پاڻ انهن جي دعوت ٻڌندا آهن- هو پنهنجي اندر
جو آواز به پوءِ ڪو نه ٻڌندا آهن، اُن حالت ۾ پوءِ
هو وڳو ولَر ڪيو پيا هلندا آهن، ۽ منجهن ڪا به سچي
رفاقت يا وڳرپائي ڪا نه رهندي آهي. هو پوءِ، چپ
چاپ، حڪم جي بندگيءَ ۾ پنهنجي سلامتي ڏسندا آهن، ۽
آزاديءَ يا آزاديءَ جي اُدم ۽ اُن جي تڙپ مان جيڪو
روح کي گرمائيندڙ آٿت ملندو آهي، اُن جي به هنن کي
ڪالوڙ محسوس ڪا نه ٿيندي آهي.
مظلوم ٻِچَتائيءَ جو شڪار ٿين ٿا، جيڪا هنن جي
پوري وجود ۾ کُپ کوڙي ويهي ٿي رهي، هو ڄاڻي وٺن ٿا
ته آزاديءَ کان سواءِ هو بااختيار يا سچا پچا جي
نٿا سگهن، اُن هوندي به، جيتوڻيڪ هو سچا پچا ۽ با
اختيار جيئڻ چاهين ٿا، پر اُن رستي تي هلي ۽ اڳتي
وڌي ائين جيئڻ کان هو ڊڄن ٿا. هڪ ئي وقت هو پاڻ به
آهن ۽ اُهو ’ظالم‘ به آهي جنهن جو پاڇو به هُنن
پاڻ تي ڇانئي رکيو آهي. هو ’مرضيءِ (راءِ) جي ڏڪر‘
۾ ورتل آهن: پوريءَ طرح پنهنجا ٿي جيئنِ يا
’ورهايل‘ رهن: پنهنجي اندر مان ’ظالم‘ کي ڪڍي ڦٽي
ڪن يا نه ڪڍي ڦٽي ڪن؛ انساني سٻنڌ ۾ يا هيڪلائپ ۾
رهن: مرضيءَ جا مختيار يا فرمانن جا پائبند ٿين؛
زندگيءَ ۾ پاڻ ڪردار ادا ڪن يا تماشبين ٿي رهن؛
عمل ڪن يا ظالمن جي عمل کي پنهنجي عمل سمجهڻ جي
وهم ۾ رهن؛ چئي ڏين يا چپ رهن؛ تخليق ۽ نت نئين
تخليق جي پنهنجي قوت، دنيا کي بدلائڻ ۽ اُن جي
ڪايا پلٽ ڪرڻ جي سڄيءَ پنهنجي قوت، کي پنهنجو ڪن
يا اُن کان سدا وانجهيل ۽ محروم ئي رهن. مظلومن
جي دردناڪ مشڪلات، اُنهن جي زندگيءَ جو المناڪ
مونجهارو ۽ ٻه واٽائون وسوسو اهو آهي، ۽ سندن
تدريس ۽ تعليم جي رخ ۽ سلسلي کي ان جو ضرور خيال
رکڻو آهي.
هن
ڪتاب ۾ راقم، جنهن علم جي ڳالهه ڪئي آهي، ۽ جنهن
کي ’علم تدريس- مظلومن لاءِ‘ سڏيو آهي، اُن جي جدا
جدا پاسن تي روشني وڌي ويندي. مظلومن جي تعليم ۽
تدريس کي مظلومن لاءِ نه پر مظلومن جي ساٿ سان
مرتب ڪرڻو، رٿڻو ۽ هلائڻو آهي- جيڪي پنهنجي وڃايل
انسانپڻي کي ورائي هٿ ڪرڻ جي لڳاتار جدوجهد ۾ رُڌل
آهن (پوءِ اُهي فرد هجن يا سڄيون قومون).هيءَ
تدريس ظلم ۽ اُن جي سبب کي مظلومن جي سوچ ۽ ويچار
جا موضوع بڻائي ٿي، ۽ اُن پنهنجي سوچ ويچار ۽ فڪر
مان ئي هو پنهنجي آزاديءَ لاءِ گهربل جدوجهد ۾
پنهنجي شموليت پاڻ تي لازم سمجهندا، ۽ اُن ئي سندن
جدوجهد ۾ هيءَ سندن تعليم ۽ تدريس، هيءُ سندن
تعليمي نصاب ۽ اُن جي پڙهائيءَ جو پروگرام ۽ عمل
به ٺهندو ۽ هلندو ۽ وري وري ٺهندو ۽ وڌندو.
مرڪزي مسئلو هيءُ آهي: مظلوم جيڪي الڳ الڳ ۽
پريشان، بي اختيار ۽ پَرَ وس وجود آهن، پنهنجي
آزاديءَ جي تعليم ۽ تدريس جي تربيت ۽ عمل ۾ ڪيئن
شريڪ ٿي سگهندا؟ فقط ۽ فقط انهيءَ طرح ۽ تڏهن، جو
هو محسوس ڪن ۽ ڄاڻن ته پنهنجي ظالم جي وجود لاءِ
هو پاڻ ذميوار آهن ۽ جيسين هو پاڻ اُن کي پاڻ سان
گڏ ويهاري، پنهنجي ٿالهيءَ مان کارائيندا رهندا،
تيسين ۽ فقط تيسين ظالم کي جيئندان آهي، سندن
انهيءَ جاڳيل ۽ وڌندڙ شعور مان ئي سندن آزاديءَ جي
تعليم جنم وٺندي. جيستائين هو پنهنجي من جي
ٻِچَتائيءَ ۾ ورتل آهي، جنهن ۾ ٿيڻ معنيٰ ڪنهن
جهڙو ٿيڻ ۽ ڪنهن جهڙو ٿيڻ معنيٰ ظالم جهڙو يا ظالم
وانگر ٿيڻ، تيسين هُنن لاءِ اُن تعليم جي جنم ۾
حصيدار ٿيڻ ناممڪن آهي.”تدريس- مظلومن لاءِ“ هڪ
تعليم آهي، هڪ وسيلو آهي، سندن انهيءَ هوشمند
دريافت جو ته هو پاڻ ۽ پڻ سندن ظالم ٻيئي انساني
زوال جا مظهر آهن. |