تهذيبي اڳرائيءَ، جيڪا غلبي ۽ جيت جا ۽ ظلم جي
قائم رهڻ جا مقصد پورا ڪري ٿي، حقيقت متعلق هميشه
هڪ گروهي يا فرقيوار سوچ رکي ٿي، يعني دنيا بابت
هڪ ٻَڌل ۽ مقرر سوچ ۽ اها پنهنجي سوچ هوءَ ٻين
تي مڙهڻ گهري ٿي؛ هوءَ اڳري ۽ ڏاڍي جي ’برتري‘ ۽
جيڪي اُن جي هلان جا شڪار آهن- اُنهن جي ’ڪمتريءَ‘
کي ناقابل ترديد سچ سمجهي ٿي ۽ اُنهن تي پنهنجن
قدرن ۽ گڻن جو زوريءَ مڙهڻ اڳرن جو حق سمجهي-، ڇو
ته ’ڪمتر‘ عوام’برتر‘ خواصن جي مِلڪ آهن ۽ آقا
پنهنجن غلامن کي هٿان وڃائڻ نه چاهيندا آهن.
تهذيبي اڳرائي وڌيڪ اِها معنيٰ رکي ٿي ته جيڪي
اڳرائيءَ جا شڪار آهن، مغلوب آهن، اُنهن جي عمل
بابت فيصلي جو آخري اختيار اُنهن جو نه پر مٿن
جيڪي اڳرا آهن، غالب اُنهن جو آهي، ۽ جڏهن فيصلي
جي طاقت يا اختيار اُتي نه آهي، جتي هجڻ کپي،
اُنهن جو نه آهي. جن جو هئڻ کپي، پر ڪٿي ٻئي هنڌ،
ڪن ٻين وٽ آهي، ته پهرين ڌر رڳو اِن وهم ۾ رهي
سگهي ٿي ته فيصلو اُها پاڻ ٿي ڪري، فيصلي جي مالڪِ
پاڻ آهي؛ ۽ ٻيءَ ڌر جو مقصد ۽ پوري پوري ڪوشش به
اها ئي هجي ٿي ته پهرين ڌر ان وهم ۾ خوش ۽ آسوده
خيال رهي. اِهو ئي سبب آهي، جو حملي جي شڪار، ته
چتي، محض هڪ ’عڪسي‘، مغلوب سماج جي سماجي اقتصادي
ترقي ممڪن ئي نٿي رهي. ترقي عمل ۾ اچي سگهي، اُن
لاءِ ضروري آهي ته پهريائين ته تفتيش (ڳولا) ۽
تخليق جي تحريڪ جو مرڪز خود تفتيش ڪار ۽ تخليقيار
پاڻ هجي؛ ۽ ٻيو ته هيءَ تحريڪ نه رڳو ٺلهي ’مڪان‘
جي وسعت ۾ موجود ۽ عمل پيررا هجي، پر باشعور تفتيش
ڪارَ ۽ تخليقڪارُ جي پنهنجي وجودي ’زمان‘ جي وسعت
۾ پڻ موجود ۽ ڪارفرما هجي.
اهڙيءَ طرح، توڻي جو هر ترقي تبديلي آهي، هر
تبديلي ترقي نه آهي. ٻج جي داڻي ۾ واقع ٿيندڙ
تبديلي، جيڪو مناسب حالت م ڦنڊي ٿو ۽ ڦٽي ٿو، ترقي
نه آهي. ساڳيءَ طرح هڪ حيوان ۾ واقع ٿيندڙ تبديلي
به ترقي نه آهي.ٻج جي داڻن ۽ حيوانن ۾ واقع ٿيندڙ
تبديليون اُنهن جي نوعي دٻاءَ جا نتيجا آهن؛ ۽ اهي
جنهن ’زمان‘ جي وسعت ۾ واقع ٿين ٿيون، سا اُنهن جي
پنهنجي نه آهي، ڇاڪاڻ ته زمان، موڙءَ جي صورت ۾،
فقط انسانن جي ئي حصي ۾ آيل گنج آهي.
انسان، اڻپورين هستين مان، هڪڙائي جيو آهن، جڪي
اسرن ٿا، ترقي ڪن ٿا، تاريخي، آتم ڪٿائي، ’پاڻ
پنهنجي لاءِ وجود رکندڙ هستين طور‘هُنن جي تبديلي
(ترقي، اؤسِر)، سندن پنهنجي وجودي زمان ۾ واقع
ٿئي ٿي، ڪڏهن به اُن کان ٻاهر نه. انسان، جيڪي ظلم
جي بجنسي حالتن ۾ جيتيل ۽ دٻيل رهن ٿا، جن ۾ هو
پاڻ کان پري ٿي، ’ٻن لاءِ وجوديل هستيون‘ بڻجي،
ڪنهن ڪوڙيءَ ’پاڻ ۾ پوريءَ هستيءَ‘ جي ملِڪ ٿي
وڃن ٿا ۽ اُن جا ڪانيارا ۽ اَڌين ٿي رهن ٿا، اُنهن
جي سچي پچي ڪا ترقي ٿي ئي نٿي سگهي.پاڻ پنهنجي
فيصلي جي اختيار کان محروم هجڻ سبب، جنهن اختيار
جو مرڪز ظالم وٽ موجود هجي، هو اُن ظالم جي فرمانن
۽ اشارن تي ئي هلن ٿا. مظلوم اُسرڻ ۽ ترقي ڪرڻ
فقط اُن حالت ۾ شروع ڪن ٿا، جڏهن هو اوڻ ’پاڻ
آهن، پاڻ لاءِ نه آهن’ جي تضاد مان نڪري، جنهن ۾
هو ڦاٿل آهن، ’پاڻ پنهنجي لاءِ وجود رکندڙ هستيون
‘بڻجن ٿا.
اسين
جيڪڏهن سماج کي هڪ وجود تسليم ڪريون ٿا، ته اِهو
ظاهر آهي ته فقط اهو ئي سماج جيڪو ’پاڻ پنهنجي
لاءِ وجود‘ رکي ٿو، ترقي ڪري سگهي ٿو.اُهي سماج
جيڪا ٻه چَتا آهن ۽ ڪنهن تخت گاهي سماج جا ’عڪسي‘،
جيتيل ۽ ڪاڻيارا آهن، ترقي نٿا ڪري سگهن، ڇاڪان ته
اُهي پَروس ۽ ويڳاڻا سماج آهن؛ ۽ سندن سياسي،
اقتصادي ۽ تهذيبي فيصلن جو اختيار سندن هٿن ۾ نه
پر کانئن ٻاهر اون تخت گاهي حملي آور سماج جي هٿ ۾
آهي: ۽ اُهو تخت گاهي سماج ئي، انهيءَ ڪري، سندن
تقدير جو مالڪ آهي-يعني ٺلهيءَ سندن تبديليءَ جو،
ڇاڪاڻ ته تحقيق اُها سندن ٺلهي تبديلي ئي آهي، نه
سندن ترقي يا اؤسر- سندن تبديلي در اصل اُن تخت
گاهي سماج جي ئي مفاد ۾ آيل، بلڪ آندل، هڪ تبديلي
آهي.
اها
ڳالهه نهايت ضروري آهي ته نئين پڻ کي، جديديت کي،
غلطيءَ وچان ترقي نه سمجهيو وڃي. جديديت، توڻي جو
اُها ’پوئلڳ سماج‘ جي ڪن گروهن کي پنهنجي اثر ۾
آڻي، ڪافي ڪجهه مکائي سگهي ٿي، گهڻي قدر هميشہ
هٿراڌي ۽ خصوصيل هوندي آهي- ڇو ته اُن مان اصل ۽
خاص نفعو رڳو تختگاهي سماج ئي وٺي ٿو. جيڪو سماج
فقط جديدجي ٿو، پر اُسري نٿو، وڌي نٿو، ترقي نٿو
ڪري، اُهو تخت گاهي يا ٻاهرئين ڪنهن سامراجي سماج
جو ئي محتاج رهندو- توڻي جو ڪن معمولي دائرن ۾
غالب سامراج جي عنايت هيٺ ڪجهه ڪجهه فيصلي مختيار
هجڻ جي ڏِک ئي ڇو نه ڏيندو هجي. هر تابعدار ۽
ڪاڻياري سماج جي اِها ئي تقدير هجي ٿي- اوسين
تائين جيسين تائين اُهو ڪاڻيارو ۽ تابعدار رهي ٿو.
انهيءَ ڏسڻ لاءِ ته سماج ترقي ڪري رهيو آهي يا نه،
’في ڪس‘ آمدنيءَ يا‘ جملي‘ آمدنيءَ جي انگن اکرن
کي اٿلائڻو پٿلائڻو ۽ چڪاسڻو نه آهي- ڇو ٿه اِن
مان ڪيترائي گمراهه ڪن نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. اِن
فيصلي لاءِ بنيادي ۽ بنهه اوائلي ڪسوٽي هيءَ آهي
ته ڏسجي ته سماج پنهنجي وس آهي، پاڻ وهيڻو آهي، يا
نه..... جيڪڏهن نه آهي، ته ٻيون جيڪي به ڪسوٽيون
اِن سلسلي ۾ ڪم اچن ٿيون، اُهي سڀ رڳيون سماج جي
جديدائپ ثابت ڪنديون ۽ نه اُن جي ترقي يا اؤسر.
دوهرن يا دو طرفانئن سماجن جو مکيه تضاد سندن ۽
تخت گاهي سماج جي وچ ۾ تابعداريءَ ۽ زيردستيءَ جو
لاڳاپو آهي. جڏهن هيءُ تضاد حل ٿو ٿئي ۽ باقي نٿو
رهي. تڏهن ايستائين جا ’امداد‘ هيٺ ٺلهي تبديلي
هئي، جيڪا در اصل تخت گاهي سماج جي ئي مفاد ۾ عمل
۾ اينديِ ٿي رهي، سا سچيءَ پچيءَ ترقي جي صورت
اختيار ڪري ٿي، جيڪا سماج جي ’پنهنجي وجود لاءِ‘
هجي ٿي.
اِنهن ئي سببن جي ڪري، خالص اصلاحي حل جيڪي هي
سماج عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا(جيتوڻيڪ بالادست
امير گروهن جا ڪيئي فرد اِن تي به خوف ۾ ڀرجي،
آپي کان نڪري سگهن ٿا). سي اُنهن جي داخلي توڙي
خارجي تضادن کي ختم نٿا ڪري سگهن. تقريبا هميشه،
تخت گاهي سماج هي اصلاحي پروگرام تاريخي سلسلي جي
تقاضائن جي جواب ۾ عمل ۾ آڻين ٿا- يعني پنهنجي
بالادستيءَ جي بچاءَ لاءِ فوري وسيلن طور. ۽ اُهو
ائين هوندو آهي. ڄڻ هو ائين سوچين ۽ چون:”اچو ته
اصلاح آڻيون، اِن کان اڳ جو ماڻهو انقلاب آڻين!“ ۽
اُن مقصد لاءِ هڪ تخت گاهي سماج جي آڏو ٻيو ڪو
رستو نه هوندو آهي سواءِ زيردست سماج کي جيتڻ ۽
زير بار رکڻ جي، اُن جي خلاف (58) حرفت هلائڻ ۽
اُن کي ريبڻ جي، ۽ اُن تي اقتصادي ۽ تهذيبي (۽
ڪڏهن ڪڏهن فوجي) اڳرائيءَ ۽ يلغار ڪرڻ جي-جن سڀني
صورتن ۾ جيتيل، زيردست سماج جا امير ماڻهو ۽
عملڪار گهڻي قدر رڳو تخت گاهي سماج جي وچ وارن ۽
ڀلاوڻن جو ئي رول ادا ڪندا آهن.
ڳالهه ٻولهه دشمن عمل جي هِن اصولي تور تڪ کي هِتي
بند ڪندي، آءُ فقط هيءُ چوڻ چاهيان ٿو ته انقلابي
اڳواڻن کي هر گز اُهي رستا ۽ ڍنگ استعمال نه ڪرڻ
کپن. جيڪي ظالم استعمال ڪن ٿا: اِن جي ابتڙ،
انقلابي اڳواڻن کي ڳالهه ٻولهه جو، ٻُڌڻ ٻڌائڻ جو،
رستو ئي اختيار ڪرڻ گهرجي.
ڳالهه ٻولهه جي عمل جي اصلي اڀياس کي هٿ ۾ کڻڻ
کان اڳ ضروري آهي ته ٻن ڳالهين کي سمجهيو وڃي:
پهرينءَ هيءَ ته انقلابي اڳواڻپ جو سنگ ڪيئن ٿو
وجود ۾ اچي، ۽ ٻي ڳالهه ته انقلابي عمل جي سلسلي
جا اهم تاريخي ۽ سماجياتي شرط ڪهڙا آهن. اڪثر هيءُ
اڳواڻپ جو سنگ، ڪنهن نه ڪهن طرح، اُنهن ماڻهن جو
سنگ ٿئي ٿو، جيڪي سماج جي بالادست تهه ( سطح) جا
هجن ٿا. پنهنجي وجودي تجربي جي هڪ نقطي تي، ڪن
تاريخي حالتن سبب، هيءَ ماڻهو جنهن طبقي جا هجن
ٿا، اُن کي ڦِٽو ڪري، عدولي، مظلومن ۾ شامل ٿين
ٿا- هڪ مضبوط اتحاد يا سنگٺن جي قدم طور(ڪم از ڪم
سندن اُن قدم مان اميد اِها ئي رکجي ٿي.) هيءَ
سندن شموليت حقيقت جي علمي پروڙ ۽ تورتڪ جو نتيجو
هجي ٿي يا نه، پر اُها (جيڪڏهن سچي شموليت آهي
ته )هُنن جي طرفان محبت ۽ سچيءَ وابستگيءَ
(ڳانڍاپي) جي عمل جي نشاندهي ضرور ڪري ٿي.(59)
مظلومن شان شموليت جو مطلب آهي ته اُنهن ڏانهن
وڌي وڃجي ۽ اُنهن سان دلي طور حالي احوالي ٿجي:
ماڻهو ائين اڳي وڌي آيل اڳواڻن کي پنهنجو سمجهن ۽
اڳواڻ ماڻهن کي پنهنجو سمجهن.
اڳواڻ، جيڪي ائين اڳتي وڌي اچن ٿا، لازمي طور،
بالادست امير ماڻهن جي تضاد جو عڪس هوندا آهن،
جنهن جو احساس مظلوم کين ڏياريندا آهن، جيڪي پاڻ ۾
به، بهر حال، پنهنجي مظلوميت جي اصلي صورتحال کان
پورا واقف نه هوندا آهن، ۽ نه ئي اُهي ظالمن سان
پنهنجن متصادم تعلقات کي تنقيدي طور سڃاڻي سگهندا
آهن. مطلب ته اهي ممڪن هجي ٿو ته ظلم سان اڃا اُن
ئي وابستگيءَ جي ذهني ڪيفيت ۾ هجن، جنهن جو ذڪر
مٿي ٿي آيو آهي(ڏسو باب پهريون).ٻئي پاسي، ائين به
ممڪن آهي ته تاريخ جي ڪن خارجي حالتن سبب هو اڳي
ئي پنهنجي مظلوميت جي حالت کان نسبتن وڌيڪ باخبر
ٿي چڪا هجن.
پهرينءَ حالت ۾ ماڻهن جي ظالم سان هيءَ وابستگيءَ-
يا اڌوگابري وابستگي- هُنن لاٰءِ ظالم کي پاڻ کان
ٻاهر ڏسن يا دريافت ڪرڻ ناممڪن بڻائي ٿي ڇڏي. ٻيءَ
حالت ۾ هو ظالم کي اِئين سڏي سگهن ٿا، دريافت ڪري
سگهن ٿا، ۽ هُن سان پنهنجي متصادم تعلقات کي به
تنقيدي طور سڃاڻي سگهن ٿا.
پهرين حالت ۾ ظالم خود ماڻهن جي اندر رهي ٿو، ۽
اُن جو نتيجو سندن مبهم ۽ متشڪي ڪيفيت هجي ٿي،
جيڪا کين آزاديءَ کان خوفزده رکي ٿي. هو (ظالم جي
اٺسٺائڻ تي) جادو ئي سمجهاڻين ۽ خدا جي هڪ غلط
تصور تي ڀاڙين ٿا ۽ تقديري طور تي پنهنجي مظلوم
صورتحال جي ذميداري لاهي اُن تي رکن ٿا. (60)
اهڙا خود ۾ اعتبار کان عاري، پيرن ۾ پيل ۾ پيل
نراس ماڻهو پنهنجي آزادگيءَ جي تڙپ رکن ۽ ان لاءِ
جاکوڙ ڪن، اِها ڳالهه ازحد مشڪل هجي ٿي- اهڙيءَ
ڪنهن خيال کي ئي، ۽ پڻ ڪنهن ڪوشش کي، هو بغاوت جو
ڪم ۽ انهي ڪري خدا جي مرضيءَ جي نافر مان خلاف
ورزي ۽ تقدير سان بيجا مقابلي بازي سمجهن
ٿا.(انهيءَ ڪري ئي ظالمن هٿان ماڻهن جي مٿي ۾ وڌل
ڏند ڪٿائن کي مسئلن طور کولي آڏو رکڻ جي ضرورت تي
وري وري زور ڏنو ويو آهي.) ٻيءَ حالت ۾، جڏهن
ماڻهن جي اڳيان ظلم بابت هڪ نسبتن واضع تصور هجي
ٿو، جنهن جي مدد سان هو ظالم کي پاڻ کان ٻاهر
سڃاڻي وٺن ٿا، ته هو جنهن تضاد ۾ پاڻ کي ڦاٿل ڏسن
ٿا اُن کان نجات لاءِ ڪوشش شروع ڪري ڏين ٿا. هن
نقطي تي هو ’طبقاتي تقاضا‘ ۽ ’طبقاتي شعور‘ جي وچ
وارو فاصلو پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.
پهرينءَ حالت ۾، انقلابي اڳواڻ، بدقسمتيءَ سان پر
غير شعوري طور، ماڻهن (عوام) جو تضاد هجن ٿا. ٻيءَ
حالت ۾، اڳتي وڌي آيل اڳواڻن کي ماڻهن وٽان
پنهنجائپ ۽ هڪ طرح جو ڏڍ ۽ ٽيڪو ملي ٿو، جيڪو
انقلابي عمل جي دوران وڌندو ئي رهي ٿو، هي اڳواڻ
ماڻهن وٽ بلڪل پنهنجائپ سان ۽ پوري ڀروسي سان حالي
احوالي ٿيڻ لاءِ وڃن ٿا. ماڻهن ۽ انقلابي اڳواڻن
جي وچ ۾ گرمجوشي، همدمي ۽ رفاقت موجود هجي ٿي: ۽
فوران هنن جا پاڻ ۾ معاهدا ۽ قول اقوال طيءَ ٿي
وڃن ٿا- اڳواڻ ۽ ماڻهو ٻيئ، مضبوط ساٿ ۾، بالادست
عالي مقام شخصن سان هڪ جهڙي تضاد ۾ هجن ٿا. هن
نقطي کان اڳتي، ماڻهن ۽ اڳواڻن جي وچ ۾ قائم
ڳالهه ٻولهه جو عمل تقريبن اڏول رهي ٿو. اُهو
ڳالهه ٻولهه جو عمل جاري رهندو-اقتدار جي حاصلات
تائين؛ ۽ ماڻهو ڄاڻندا ۽ محسوس ڪندا ته هو پاڻ
اقتدار جا مالڪ بڻيا آهن.
اقتدار ۾ هِن ڀائيواريءَ سان انقلابي اڳواڻن ۾
گهربل محبت جي گرمجوشيءَ ۽ سندن جدوجهد جي جذبي،
همت ۽ دليريءَ ۾ ڪنهن طرح ڪا ڪمي واقع ڪا نه ٿي
ٿئي.فائڊل ڪاسٽرو(Fidel
Castro)
۽ هُن جا ساٿي (جن کي گهڻن ماڻهن، اُن وقت، ’غير
ذميدار مُهم جُو“ سڏيو ٿي)، جيڪي نمايان طور
اڳواڻن جو هڪ ڳالهه ٻولهه وارو ئي سنگُ هو، ماڻهن
سان ملي بنهه هڪ ٿي ويا هئا، جيڪي باتستا (Batista)
آبپيشاهيءَ جي حيواني ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا
هئا؛ ۽ اِها اُنهن عوامي اڳواڻن جي بي مثل همت ۽
نڊرتا هئي، جو ماڻهن کي اُنهن ايترو پنهنجو ٿي
ڀانيو، جو اُنهن لاءِ هو هر دم پنهنجون جانيون
قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا. ۽ جدوجهد هلندي هر مصيبت
کان پوءِ تحقيق ٻئي تنهان ئي وڏي ڪنهن دليريءَ جي
مثال جي ضرورت هئي، جو آئنده جي فتح جي اميد ۾
اُنهن جو اڳتي وڌڻ ممڪن ٿي سگهي، جيڪا فتح (ڇاڪاڻ
ته اُها ماڻهن جي ساٿ ۾ ئي نصيب ٿيڻي هئي) نه رڳو
اڳواڻن جِي، پر اڳواڻن ۽ ماڻهن جِي- يا ماڻهن بمع
اڳواڻن جي- ئي فتح بڻجڻي هئي.
ڪن
تاريخي حالتن ۾، انقلابي اڳواڻن جي نسبت ماڻهن سان
سنئين سڌي (اُفقي طرزجِي) ٿئي ٿي- جنهن ۾ اڳواڻ ۽
ماڻهو، ظالم جي مُنهان مُنهن مقابلي ۾، يڪمشت ۽
هڪ جسم طور بيٺل هوندا آهن- يا اُها ٽڪنڊائين
ٿئي ٿي، جنهن ۾ انقلابي اڳواڻ ٽڪنڊي جي عمودي
چوٽيءَ تي ۽ اُن جي پايي جي ٻن ڪُنڊن تي موجود
ماڻهن ۽ ظالمن ٻنهي جي مقابل بيٺل هوندا آهن.
جيئن اسين مٿي ڏسي آيا آهيون، هِن پوئين صورتحال ۾
اڳواڻ تڏهن پاڻ کي بيٺل ڏسندا آهن، جڏهن ماڻهن کي
ظلم جي حقيقت جي تنقيدي ٻُوجهه اڃا حاصل ٿيل نه
هوندي آهي.
انقلابي اڳواڻپ، بهر حال، گهڻو ڪري ڪڏهن به ماڻهن
جي تضاد ۾ پاڻ کي بيٺل تسليم نه ڪندي آهي. ۽ سچ پچ
ته اِها ڳالهه ڏکوئيندڙ به ٿئي ٿي، ۽ اُن کان هرو
ڀرو انڪار يا نٽ نٽاءُ ممڪن آهي ته اڳواڻپ طرفان
هڪ قسم جي دفاعي روش ئي هجي: ڇو ته اڳواڻن لاءِ
نيٺ به ائين مڃڻ آسان نه آهي ته هو ڪنهن صورت ۾
ماڻهن جا ضد به ٿي سگهن ٿا- اُنهن ماڻهن جا، جن
سان پاڻ کي ايترو وابستگيءَ ۾ سمجهي ۽ وسهي، هو
ايترو اڳتي وڌي آيل ۽ ائين پاڻ کي اڳواڻپ جي سٿ ۾
بيٺل ڏسن ٿا. بهر حال، اِن حقيقت کي مڃڻ کان سندن
اِن طرح جي ڪيٻائڻ يا نٽ نٽاءَ کي ضرور خيال ۾ رکڻ
گهرجي- جڏهن سندن اهڙن ڪن اقدامن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي
پوي، جن ۾ هنن جو مؤقف، بي ارادي ئي سهي، ماڻهن
جي تضاد ۾ (پر، وري به، بغاوت يا مخالفت ۾ نه) ڏٺو
وڃي.
انقلاب کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ انقلابي اڳواڻن کي بيشڪ
ماڻهن جي وابستگيءَ جي ضرورت آهي. پر اُهڙا اڳواڻ
جيڪي ماڻهن جا تضاد هجن ٿا، جڏهن ماڻهن کان هيءَ
وابستگيءَ گهرن ٿا ۽ موٽ ۾ هڪ قسم جي ڏورانهپ ۽ بي
اعتباري ملندي ڏسن ٿا، تڏهن اِن رد عمل کي هو
ماڻهن جي ڪنهن بنيادي اڻ پورائيءَ يا ضعف سان
تعبير ڪن ٿا. ماڻهن جي شعور جي اهڙيءَ ڪنهن
تاريخي ڪيفيت کي اِئين هو اُنهن جي اصلي ۽ بنيادي
نقص جو ثبوت سمجهن ٿا، جيئن ته اڳواڻن کي ماڻهن جي
وابستگيءَ جي ضرورت آهي، انهيءَ لاءِ ته هو انقلاب
آڻي سگهن (پر ساڳئي وقت هو بي اعتباريل ماڻهن ۾
بي اعتباري رکن ٿا)، هو ڇڪجي اُهي طريقا استعمال
ڪرڻ لڳن ٿا، جيڪي بالادست وڏا ماڻهو ظلم ڪرڻ ۾
استعمال ڪندا آهن. ماڻهن ۾ پنهنجي عدم اعتماد جي
بچاءَ ۾ هو پوءِ چون ٿا ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۾
ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه جو عمل ناممڪن آهي- ۽ ائين
هو عمل جي ڳالهه ٻولهه وروڌي اصول جي راهه وٺن
ٿا. اُن کانپوءِ –بالادست اميرن وانگر- ماڻهن کي
هو جيتڻ جا اقدام ڪن ٿا؛ ’مسيحائپ‘ جا دعويدار
بنجن ٿا؛ حرفتڪاريءَ کان ڪم وٺن ٿا ۽ تهذيبي
اڳرائيءَ ۽ ڄمت جي ڪوشش ڪن ٿا، ظاهر آهي ته هِنن
رستن تي هلندي، جيڪي ڏاڍائي جا رستا آهن، هو هرگز
انقلاب حاصل نه ڪري سگهندا؛ يا، جيڪڏهن ڪندا، ته
هر گز اُهو انقلاب سچو انقلاب نٿو ٿي سگهي.
انقلابي اڳواڻپ جو ڪردار (هر قسم جي حالات ۾، ۽
خاص طرح اُنهن حالات ۾ جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا)
هيءُ آهي ته، پنهنجي هر سوچ توڙي عمل ۾، ماڻهن جي
شڪي ۽ بي اعتباريل رخ جي سببن کي هو خيال ۾ رکن، ۽
اُنهن سان دلي ڳانڍاپي جي صحيح راهن جي تلاش ۾ رهن
۽ اُنهن سان اهڙن طريقن سان واهرو ٿين، جو اُهي
حقيقت کي تنقيدي طور ڏسي سگهن ۽ پروڙي سگهن، جيڪا
کين چيڀاٽي ۽ پيڙي رهي آهي.
ماتحت ۽ مغلوب شعور ٻه- چَتو ٿئي ٿو، مونجهه ۾
ورتل، خوفزده ۽ بي اعتباريءَ جو شڪار، ماتحت شعور
جي هِن ڪيفيت لاءِ ظاهر جو اُهو غالب ۽ ڇايائي
تصور ئي ذميدار هجي ٿو، جنهن کي مظلوم داخلي طور
پنهنجي اندر ۾ سانڍيل رکي ٿو. مظلومن جو هيءُ رد
عمل ۽ ورتاءَ ئي ظالمن کي تيئن ئي زياده تهذيبي
آڪرائيءَ ۽ ڏاڍ تي آماده ڪري ٿو: پر مظلومن جي ان
ورتاءُ ۽ رد عمل تي انقلابين جي عمل جو اصول ٻيو
هجڻ گهرجي. انقلابي اڳواڻ بالادست امير طبقي جي
ماڻهن کان مختلف هجن ٿا- نه فقط پنهنجن مقصدن ۾ پر
پنهنجي عمل جي طريقن ۽ دستورن ۾ به، جيڪڏهن هو به
ساڳئي اُهڙي ئي دستور ۾ طريقي سان عمل ڪندا، ته
سندن مقصد به هڪ جهڙا ۽ ساڳيا وڃي بيهندا ،
بالادست اميرن لاءِ انساني دنيوي تعلقات کي کولي،
مسئلن طور آڻي، ماڻهن جي آڏو رکڻ ۽ اُنهن بابت
ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪرڻ اُهڙي ئي هڪ ناشدني بلڪ خود
تضادي ڳالهه آهي. جهڙي انقلابي اڳواڻن لاءِ ائين
نه ڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي.
هاڻ
اچو ته ڳالهه ٻولهه واري تهذيبي عمل جي اصولي تي
تورتڪ ڪريون ۽ اُن جي ترڪيبي جزن ۽ خاصيتن کي
سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
سهڪارُ:
عمل
جي ڳالهه ٻولهه وروڌي نظريي ۾ جيتڻُ يا غالب پوڻُ
عمل جي پهرين خاصيت هجي ٿي، ۽ اُن ۾ عملڪارُ (يا
عامل) ٻئي ماڻهو کي جيتي ٿو ۽ اُن کي بدلائي هڪ
’شيءِ‘ بنائي ڇڏي ٿو. عمل جي ڳالهه- ٻولهه واري
نظريي ۾ عملڪار ( يا عاملَ پاڻ ۾ هٿُ هٿَ ۾ ڏيئي،
سهڪار جي حالت ۾، گڏجن ٿا، حالتن کي بدلائڻ لاءِ،
دنيا کي بدلائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه وروڌي ’آُءُ‘
جيڪو جيتي ٿو، غالب پوي ٿو، سو جيتيل يا مغلوب
’تون‘ کي محض هڪَ ’هُن‘ ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. ڳالهه
ٻولهه پسند ’آءُ‘ بهر حال، ڄاڻي ٿو ته’تون‘ (يعني
نه ’آءُ‘، ’هو‘)ئي آهي، جيڪو سندس وجود لاءِ ٽيڪو
آهي، سهارو آهي، هو اِهو به ڄاڻي ٿو ته ’تون‘ جيڪو
سندس وجود لاءِ ائين سهارو آهي، پنهنجي جاءِ تي
هڪُ ’آءُ‘ به آهي، جنهن وٽ پنهنجي اُن ’آءُ‘ لاءِ
هڪُ ’تون‘ سهارو به آهي. ائين ’آءٌ‘ ۽ ’تون‘ اِنهن
دارو مداري( باهمي سهاري جي) لاڳاپن ۾ ٻه ’تون‘ ٿي
پون ٿا، جيڪي اول اول ۽ اصول ۾ ٻه ’آءُ ‘ ئي آهن.
اِئين، عمل جي ڳالهه ٻولهه واري نظريي ۾ هڪ
عملڪارُ يا عاملُ جيڪو جيت يا غلبي سبب زيردست
هجي، ۽ ٻيو معمول جيڪو مغلوب هجڻ سبب بالادست
هجي،ته هوندا آهن. اُن جي بدران ٻه عملڪارَ (عامل)
هجن ٿا، جيڪي گڏجي دنيا کي سڃاڻن ٿا ۽ اُن ڏانهن
متوجهه ٿين ٿا، اِنهيءَ لاءِ ته هو اُن کي تبديل
ڪن. جيڪڏهن تاريخ جي ڪنهن مرحلي تي مظلوم،مٿي
ڄاڻايل سببن مان ڪن سبب ڪري، پنهنجي عملڪاري ساٿ
جو اُهو منصب يا ڪردار ادا نٿا ڪري سگهن، ته اُها
سندن مظلوميت ۽ مجبوري ئي سندن آڏو هڪ مسئلي طور
پيش ڪرڻ سان (۽ ائين ڪرڻ ۾ سدائين عمل جي ڪا صورت
ئي درپيش هجڻ گهرجي)، هو اُن منصب جي ماڻڻ لاءِ
تيار ٿي سگهن ٿا ۽ اُن جا اهل بنجن ٿا.
اِن
جي معنيٰ اِها به نه آهي ته ڳالهه ٻولهه واري عمل
۾ انقلابي اڳواڻپ جي ڪردار جي ڪا جاءِ ڪانهي.اِن
جي معنيٰ فقط اها آهي ته اڳواڻ- پنهنجو اهم،
بنيادي ۽ لازمي ڪردار رکندي به- ماڻهن جا مالڪ يا
ڌنار نه آهن ۽ نه کين اِهو حق آهي ته ماڻهن کي
انڌن طور هٿ من جهلي نجات جي منزل ڏانهن وٺي وڃن.
اهڙي نجات ته اڳواڻن طرفان ماڻهن لاءِ هڪ سوغات ئي
هوندي- ۽ سندن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو، دلي حال
احوال جو، باهمي اعتماد ۽ سهڪار جو، ناتو ئي ٽٽي
پوندو، ۽ ماڻهو اُن نجات جي عمل ۾ همڪار ۽ ساٿي
هجڻ بدران اُن عمل جا ٺلها بيجان ۽ نيم مرده
’معمول‘ ئي بڻيل رهندا.
سهڪارُ، ڳالهه ٻولهه واري عمل جي هڪ خصوصيت طور-
جيڪو فقط عملڪارن. عاملن، جي وچ ۾ ممڪن هجي ٿو(جن
جي ڪرداريت جي جدا جدا سطح ۽ اُن ڪري پنهنجي
پنهنجي ذميداري به رهي سگهي ٿي)- فقط حال احوال
ڪرڻ يا ڏيڻ وٺڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو.ڳالهه
ٻولهه، حال احوال ڏيڻ وٺڻ ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ
سمجهائڻ جي هڪ لازمي صورت طور، هر طرح جي سهڪاري
صورتحال جو لازمي بنياد هئڻ گهرجي. ڳالهه ٻولهه
واري عمل جي نظريي ۾، انقلابي مقصد خاطر ماڻهن کي
جيتڻ يا فتح ڪرڻ جي نه پر اُنهن جي فقط همدميءَ ۽
شراڪت حاصل ڪرڻ جي گنجائش هجي ٿي، ڳالهه ٻولهه
ڪنهن تي حڪم نٿي هلائي، ڪا حرفت بازي يا ڪا نعري
بازي ڪا نه ٿي ڪري ۽ ڪنهن کي ڌتاري، ريهي ربيي يا
کارائي پياري، پنهنجو هٿ هيراڪ يا پالتو ڪو نه ٿو
بنائي، اِن جي معنيٰ اها به ڪانهي ته عمل جو ڳالهه
ٻولهه وارو نظريو ڪيڏانهن نئي ئي ڪونه ٿو، ۽ نه
اها اُن جي معنيٰ آهي ته اِن نظريي واري ماڻهوءَ
کي اِها سُڌ ئي ڪانهي ته هو ڇا ٿو چاهي يا ڪهڙا
سندس مقصد آهن جن سان سندس دلي چاهت ۽ يا لڳاءُ
آهي.
انقلابي اڳواڻن جو مظلومن سان دلي لڳاءُ ساڳئي وقت
آزاديءَ سان سندن لڳاءُ هجي ٿو. ۽ انهيءَ لڳاءَ جي
ڪري هو مظلومن کي جيتڻ يا فتح ڪرڻ جي ڪوشش نٿا
ڪري سگهن، پر لازمي طور فقط آزادگيءَ جي عمل لاءِ
هو اُنهن جو ساٿ هٿ ڪرڻ چاهين ٿا، جيتيل ساٿُ، فتح
ڪيل ساٿُ، ساٿُ نٿو ٿي سگهي؛ اُهو رڳو مفتوحن جو
فاتح سان’واسطو‘ هجي ٿو، جنهن ۾ فاتح ئي مقتوحن جي
آڏو چُرڻ پرُڻ جو ڳِٿو مقرر ڪندو آهي. سچو ساٿُ
مرضين جي آزاد همدميءَ ۽ اتفاق جو نالو آهي: اُهو
حقيقت جي آڌار تي ۽ حقيقت جي حوالي سان ماڻهن جي
هڪ ٻئي سان دلي حوالي احوالي سان ٿيڻ هڪ ٻئي ۾
خبرچار ڪرڻ، جي ناتي کان سواءِ هر گز حاصل ٿي نٿو
سگهي.
اهڙيءَ طرح، سهڪارُ ڳالهه ٻولهه ڪندڙ عملڪارن،
عاملن جو ڌيان نيئي حقيقت تي مرڪوز ڪري ٿو، جيڪا
حقيقت سندن وچ ڳانڍاپي جو ڪم به ڏئي ٿي.
اُها-مسئلي طور سند آڏو اچي بيهڻ سان- اُنهن کي
چئلينج به ڪري ٿي. اُن چئلينج يا للڪار جي جواب
طور ڳالهه ٻولهه ڪندڙ عامل حقيقت کي پنهنجي عمل جو
نشانو بنائين ٿا، انهيءَ لاءِ ته هو اُن کي تبديل
ڪن. در اصل حقيقت کي هڪ مسئلي طور آڏو رکڻ جي
معنيٰ هر گز نعري بازي نه آهي: اِن جي معنيٰ آهي
ته هڪ مسئلي جي مرڪز طور حقيقت کي تنقيدي ڇنڊڇاڻ
جو موضوع بنايو وڃي.
بالادست عالمي مقامين جي ڏند ڪٿائي بازين بدران،
ڳالهه- ٻولهه جو نظريو گهري ٿو ته دنيا جي مُنهن
تان، آسپاس جي ڳالهين تان، پردو هٽايو وڃي، پر سڀ
ڪنهن کي اِهو پردو پاڻ پري ڪرڻو آهي، ڪو به ڪنهن
ٻئي لاءِ اُن کي هٽائي نٿو سگهي. جتوڻيڪ هڪڙو
عملڪار، ٻين جي جاءِ تي وڌي، هن پردي کول جي
ابتدا ڪري سگهي ٿو، پر ٻين کي پڻ، اِن ڪم ۾ خود
عملڪار بنجڻو آهي. ماڻهن جو سچو ساٿ ممڪن ئي دنيا
جي هِن پردي کول سان ٿئي ٿو- ۽ اُهو تڏهن ئي جڏهن
ماڻهو پاڻ پنهنجن هٿن سان ان ۾ حصيدار هجن.
هيءُ
ساٿ ماڻهن جي اعتماد سان لڳو لڳ وڌي ٿو ۽ پختو
ٿئي ٿو، جيڪو هو پاڻ ۾ ۽ انقلابي اڳواڻن ۾ پيدا
ڪن ٿا ۽ وڌائين ٿا- ۽ ائين تڏهن ٿئي ٿو جڏهن هو
اڳواڻن ۾ سچائي ۽ سِر گهور ڏسن ٿا. اڳواڻن ۾
ماڻهن جو ايمان عڪس هجي ٿو، ماڻهن ۾ اڳواڻن جي
ايمان ۽ اعتماد جو.
هيءُ
ايمان ۽ اعتماد، بهر حال، سطحي ۽ هلڪو هجڻ نه
کپي. اڳواڻن کي ماڻهن جي ممڪنات ۾، انهن جي سگهه،
سرت ۽ سر- سيتائيءَ ۾ اعتبار هجڻ کپي: هنن کي اِهو
يقين هجڻ کپي ته ماڻهو آزادي جي عمل ۾ حصيدار بنجڻ
جي صلاحيت رکن ٿا، پر مظلوم ماڻهن جي ابهامي
صورتحال کان سدائين هنن کي چوڪس به رهڻ کپي-
مظلومن جي اندر ۾ سندن ظالم جيڪو ’ويٺو رهي ٿو‘
تنهن کان. انهيءَ طرح، چي گويرا جڏهن هڪ
انقلابيءَ کي سدائين’ بي اعتباريءَ جي ڪيفيت‘ ۾
رهڻ لاءِ چيو ٿي، (61) تڏهن هو ڳالهه ٻولهه واري
نظريي جي بنيادي شرط کان غافل ڪو نه هو: هُن فقط
حقيقت شناس هجڻ جي صلاح ٿي ڏني.
جيتوڻيڪ اعتماد ’ڳالهه ٻولهه جو بنياد آهي، اِهو
اُن جو ڪو پيشگي شرط نه آهي: اِهو هڪ نتيجو آهي،
جيڪو پيدا ٿئي ٿو، اُن حالت ۾ جڏهن ماڻهو دنيا کي
بدلائڻ لاءِ گڏجي اُن تي تنقيد ڪن ٿا، ۽ اُن جي
پردي کول ۾ ساٿي عملڪار ٿي سوچين ٿا ۽ تفتيش ڪن
ٿا، پر جيستائين مظلومن جي ’اندر ۾‘ سندن ظالم،
کانئن وڌيڪ سگهارو ٿيو، ويٺو رهي ٿو، تيسين
آزاديءَ کان سندن خوف کين خود انقلابي اڳواڻن جي
نندا ڪرڻ تي ۽ اُنهن جي آڏو رڪاوٽ بڻجي بيهڻ تي
به آماده ڪري سگهي ٿو! اڳواڻَ ويساهه وسوڙل ۽ ٻالا
ڀولا ته نٿا ٿي سگهن، پر کين هِنن امڪانن جي سلسلي
۾ ضرور چوڪس رهڻ کپي. چي گويرا جا لکيل ’واقعا‘
انقلابي عمل جي راهه ۾ اِن قسم جي خطرن جي تصديق
ڪن ٿا- نه رڳو اِن خطري جي ته ڪو ساٿي ميدان ڇڏي
ڀڄي وڃي ٿو، پر خود مقصد سان ويساهه گهاتيءَ جي
خطري جي به اهڙن وقعن جو ذڪر ڪندي، هو ڀاڄوڪڙ
ساٿيءَ کي جوڳي سزا ڏيڻ جي ضرورت تسليم ته ڪري ٿو
ته جيئن ساٿ ۾ نظم ۽ ضبط قائم رهي، پر اهڙن واقعن
جي اسبابن جي سمجهڻ تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو، ۽ اُن
سلسلي جو هڪڙو سبب- شايد سڀ کان اهم سبب- هُن
ڀاڄوڪڙ ساٿيءَ جي اندر ۾ مقصد ڏانهن ٻه چتائيءَ جو
رخ ٻڌايو آهي.
چي
گويرا جي ”دستاويز“ جي هڪ حصي ۾، جنهن ۾ ’سيئر
ايسترا‘ علائقي جي هارين سان (نه فقط گريلي طور پر
هڪ ڊاڪٽر طور) هن جي قيام ۽ ساٿ جو ذڪر ڪيل آهي،
هُن اسان جي هن زير بحث ’سهڪار‘ جي موضوع بابت
ڏاڍي هڪڙي اهم ڳالهه ڪئي آهي- ۽ اُها هيءِ آهي:
’هنن
ماڻهن ۽ سندن مسئلن سان روزمره جي واسطي ۾ رهڻ سان
اسان کي پختو يقين ٿي ويو ته اسان جي ماڻهن کي
زندگيءَ ۾ هڪ مڪمل تبديليءَ جي ضرورت هئي،
انقلابي زرعي سڌاري جو پورو تصور اسان جي آڏو
واضع ٿيو. ماڻهن سان ملي رهڻ رڳو هڪ خيال ئي نه
رهيو، پر اسان جي زندگيءَ جو هڪڙو لازمي حصو بڻجي
ويو.
’گوريلا ۽ هاري پاڻ ۾ هڪ مضبوط ڳتيل سنگُ بڻجي ڪم
ڪرڻ لڳا. اسان کي اِهو محسوس ئي نه ٿيو ته ڪهڙيءَ
منزل تي اسان جا خيال بدلجي حقيقت بڻيا ۽ اسين
ائين هاري برادريءَ جو اڏول حصو بڻجي ويا سين،
جيسين منهنجو پنهنجو تعلق آهي، ته سئيرا جي پنهنجن
مريضن سان منهنجو لاڳاپو هڪ پاڻ هُر تي ۽ شاعرانه
قسم جي فيصلي مان ڦري هڪ ڳنڀير ۽ پوريءَ طرح هڪ
جدا اهميت جي قوت جي صورت وٺي بيٺو، سِئيرا جا
بيوفا، مسڪين ۽ دکيارا ماڻهو اِهو سوچي به نٿي
سگهيا ته اسان جي انقلابي نظريي جي وڌي راس ٿيڻ ۽
اڏول بنجڻ ۾ هنن جو پنهنجو ڪيڏو وڏو حصو ادا ڪيل
هو.“(62) |