ٻئي
تجربي ۾- ۽ هن ڀيري هارين سان گڏجاڻي ٿي. مون ڏٺو
ته کيتن ۾ ڪم جي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ هڪ سچي ۽
ڏاڍي هڪ سنجيده ۽ گرم بحث مباحثي جي دوران هڪ ئي
خيال وري وري سامهون ايندو رهيو ته اُجرت ۾ واڌ
ڪيئن حاصل ڪئي وڃي، ۽ اُن لاءِ اِهو ئي هڪ ارادو
وري وري، ۽ هڪ طرف کان ظاهر ٿيندو رهيو ته هارين
جي هڪ يونين قائم ڪئي وڃي، گڏجاڻيءَ ۾ ٽي الڳ الڳ
صورتحال بحث هيٺ آيا، پر ارادو ۽ مقصد اُنهن ٽنهي
جي ڇنڊڇاڻ ۾ متفقه طور اِهو ساڳيو هڪ ئي ظاهر
ٿيندو رهيو.
هاڻي
اوهين اهڙي هڪ تعليمڪار کي خيال ۾ آڻيو، جيڪو هنن
ماڻهن لاءِ پنهنجو تعليمي پروگرام مرتب ڪري ٿو،
جنهن ۾ ’خاصا‘ مضمون پڙهڻ لاءِ هو موجود رکي ٿو،
مثلا هِن جهڙا ته ’آبپاشي لاءِ پاڻي ڪٿان ٿو اچي!‘
وغيره وغيره. ۽ اسان جي تعليم ۾، ۽ پڻ سياست ۾،
سڄو وقت بلڪل انهيءَ ئي طرح جون اوچيون اوچيون ۽
پري پري جون ڳالهيون ٿين ٿيون. ڇا ڪاڻ ته هيءُ
نقطو اڃا سمجهيو ئي نه ويو آهي ته ’ڳالهه ٻولهه
نوع جي تعيلم‘، ’ٻڌڻ ٻڌائڻ جي تعليم‘ شروع ئي
موجود، بامقصد مامرن جي تحقيق سان ٿئي ٿي.
بهر
حال، جڏهن هنن تحقيقاتي ٽولين ۾ (ايراضيءَ جي)
صورتحال جي پردي- کول ۽ پروڙ جو اِهو مرحلو پورو
ٿئي ٿو، ته اِن ڪم جو آخري مرحلو شروع ٿئي ٿو-جنهن
۾ محقق پنهنجن مشاهدن ۽ اُنهن مان اخذ ڪيل نتيجن
جو سلسليوار ۽ باهم ضابطي وارو مطالعو شروع ڪن ٿا.
تحقيقاتي ٽولين جي گڏجاڻي ۾ ٽيپ رڪارڊ ٿيل ڳالهه
ٻولهه هو وري ٻڌن ٿا. من وديا ۽ سماجيات جي
صلاحڪارن جا لکيل نوٽ هو وري پڙهڻ ٿا، ۽ ائين هو،
سڄي ڪم جي دوران، جيڪي به مامرا، پڌري پٽ يا رومال
۾ ويڙهيل، بيان ٿيا هئا، اُنهن جي هڪ فهرست ٺاهين
ٿا. هي مامرا، پوءِ هڪُ هڪُ ٿي، مختلف سماجي علمن
جي بابن ۾ ورهائجن ٿا. پر ائين انهن جي درجي
بنديءَ جي معنيٰ هيءَ به ٿيڻي نه آهي ته جڏهن
پروگرام اڳتي وڌي ۽ تفصلين ۾ وڃي، ته مامرا اُنهن
پنهنجن الڳ الڳ درجن ۽ خانن ۾ ئي جڪڙي وڃن، پر اِن
جي معنيٰ فقط هيءَ آهي ته هڪ مامرو اُن سماجي علم
جي روشنيءَ ۾ جنهن سان اُن جو تعلق آهي،هڪ خاص
ضابطي يا توجهه سان ڏٺو ٿو وڃي-بس مثلا، ترقيءَ جو
مامرو خاص طور اقتصاديات جي ميدان سان لاڳاپيل
آهي، ۽ اُن ضابطي ۽ توجهه سان ڏٺو ويندو، پر حقيقت
رڳو ائين به نه آهي. هن مامري کي سماجيات،علم
الانسان ۽ سماجي نفسيات جا عالم به پنهنجي پنهنجي
ضابطي ۽ توجهه جو مرڪز بنائي سگهن ٿا (علم، جيڪي
تهذيبي تبديليءَ سان ۽ ذهني رخن ۽ قدرن سان
واسطو رکن ٿا- ۽ اهي ڳالهيون ترقيءَ جي فلسفي سان
به اُهڙيون ئي ٺهڪندڙ ۽ لاڳاپيل آهن.) هن مامري کي
علم سياست توڙي علم تعليم به پنهنجي توجهه جو
مرڪز بنائي سگهجن ٿا(جن علمنن جا فيصلا ته سڌيءَ
طرح ترقيءَ تي اٿر انداز ٿين ٿا)، ۽ ائين ٻيا علم
به.انهيءَ ريت، مامرن سان، جيڪي ڪُليت يا جملگيءَ
جي خاصيت رکندڙ هن، ڪڏهن به هڪ علم جي محدود نقطي
نگاهه سان مُنهن ڏئي ۽ نبهي نه سگهبو. اِها واقعي
هڪ افسوسناڪ ڳالهه ئي ٿيندي، جيڪڏهن مامرن تي مفصل
وضاحت حقيقت جي انيڪ پاسن کان ڪئي وڃي، ۽ پوءِ
اُنهن جي حل جي سلسلي ۾ تنگ نظريءَ کان ڪم وٺندي،
اُنهن کي فقط هِن يا هُن خاص علم جي ماهر جي
حوالي ڪري ڇڏجي!
بهر
حال، انهيءَ طرح مامرن جي ’علمي‘ درجي بنديءَ کان
پوءِ هر هڪ ماهر پنهنجي پنهنجي تعلق جي مامري بابت
’باهم ضابطي جي ٽيم‘ کي ڪم جي تفصيلي رٿا (Syllabus)
پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ هو مامري کي اُن جي بنيادي
جزن ۾ ورهائي ٿو، جيڪي اڳتي هلي، تدريس جي اِڪائين
(
Lesson Units)
جو ڪم ڏيندا. پر هنن اِڪائين جو باهم رابطو مامري
جي هڪ هجڻ ۽ اُن جي پورنتا جو وري به ضامن رهندو.
پوءِ جيئن جيئن مامري جا مخصوص پاسا يعني اُهي اُن
جون ’اِڪائيون‘ زير بحث اينديون، ٻيا ماهر بحث ۾
حصو وٺندا ۽ سڀني جون صلاحون پنهنجي پنهنجي وس آهر
مان لُهنديون، ۽ ائين مامري متعلق ننڍا ننڍا مضمون
تيار ٿيندا، جن ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ لاڳاپيل ڪتابن ۽
تحريرن جا حوالا به ڏنل هوندا. اهي مضمون پوءِ
استاد شاگردن جي تربيت لاءِ املهه امدادي وسيلن
جو ڪن ڏيندا، جيڪي اڳتي هلي ايراضيءَ ۾ تدريسي ڪم
لاءِ قائم ڪيل ’تهذيبي حلقن‘ ۾ (ڪلاسن ۾) ڪم ڪندا.
بامقصد مامرن ۾ ائين دريافت ڪرڻ کانپوءِ، باهم
ضابطي جي تحقيقاتي ٽيم اُنهن جي فهرست ۾ جيڪي ٻِيا
رهجي ويل بنيادي مامرا به شامل ڪندي، جيڪي اُها
مناسب سمجهندي. اهڙن بنيادي مامرن جي شموليت
ضروري ثابت ٿيندي آهي، ۽ تعليم جي ’ڳالهه- ٻولهه
واريءَ نوعيت‘ جي پڻ عين مطابق آهي، جيڪڏهن
تعليمي پروگرام ڳالهه- ٻولهه جي اصول تي مرتب ٿيل
آهي، ته استاد شاگردن جو پڻ حق آهي ته هو رهجي ويل
مامرا پنهنجي طرفان پروگرام ۾ شامل ڪري، اُن ۾
پنهنجي شرڪت ڪن. هِنن رهجي ويل مامرن کي آءُ
’ڳنڍيندڙ (يا متصل) مامرا‘ سڏيان ٿو- ڇو ته اُهي
پروگرام جي ٻن مامرن جي وچ ۾ ڪنهن وٿيءَ جو پورائو
ڪري اُنهن کي ڳنڍين ٿا، يا سڄي پروگرام جي مواد ۽
دنيا بابت ماڻهن جي عام راين ۾ جو تعلق آهي، اُن
کي سَچتر ڪن ٿا، واضع ڪن ٿا.
تهذيب جو علم الانساني تصور اُهڙو هڪ ڳنڍيندڙ
مامرو آهي. اُهو دنيا ۾۽ دنيا سان انسانن جي روش
کي ۽ سندن ڪردار کي، سَچتر ڪري ٿو، اُن تي روشني
وجهي ٿو، ته هو ڀيت تي هلندڙ پر ڀيت هلائيندڙ،
دنيا سان پاڻ ٺهڪائيندڙ نه پر دنيا کي پنهنجي
مرضيءَ پٺيان تبديل ڪندڙ هستيون آهن.
مامرن جي دريافت ۽ اندراج ۽ اُن جي بنياد تي
تعليمي مواد (نصاب) جي هن تفصيلي تربيت (’سليبس‘)
کانپوءِ هر مامري جي پيشڪش ۽ سمجهڻ سمجهائڻ جي
بهترين مدد گاري وسيلن (Aids)
جو انتخاب ڪرڻ آهي. اُهي مددگار وسيلا سليس، سادا،
مفرد ٿي سگهن ٿا ۽ مرڪب به، مفرد وسيلن ۾ ڏسڻ جا
(تصويري يا اکري)، ڇُهڻ جا، يا ٻُڌڻ جا ڌار ڌار
وسيلا ۽ مرڪب وسيلن ۾ ڏسڻ، ڇهڻ، ۽ ٻڌڻ جي گڏ
استعمال جا وسيلا اچن ٿا، تصويري ۽ اکري وسيلن جو
انتخاب نه فقط تدريسي مواد تي، پر ان تي به منحصر
آهي ته اُهي جن سان اُن مواد بابت ڳالهه ٻولهه
ڪرڻي آهي، اُهي پڙهي لکي ڄاڻندڙ آهن يا نه.
ائين
هر مامري ۽ اُن جي تدريسي اِڪائين بابت افادي
نگاهه کان، تدريسي وسيلن جي فيصلي ڪرڻ کانپوءِ،
اُنهن وسيلن جي تياريءَ جو ۽ گڏ ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾
کڻڻو آهي-اُنهن وسيلن ۾ ڪيئي شيون ۽ سامان اچي وڃن
ٿا، مثلا فوٽا، سلائيڊون، فلمون، پوسٽر، پڙهڻ جو
مواد وغيره، وغيره.ڪن مامرن يا اُنهن جي ڪن خاص،
اِڪائين (ڳاليهن، موضوعن) جي تدريس لاءِ،ٻاهرين
ماهرن جا انٽرويو به ٽيپ رڪارڊ ڪرڻا پوندا، ۽
اُهو انتظام تدريسي ٽيم کي اڳواٽ ڪرڻو پوندو.
سمجهو ته ترقيءَ جي مامري جو موضوع اسان جي آڏو
آهي. اُن لاءِ ٽيم کي ٻن يا وڌيڪ جدا جدا خيالن جي
اقتصادي ماهرن سان ملاقات ڪرڻي پوندي. اُنهن کي
پنهنجي پروگرام کان واقف ڪرڻو پوندو، ۽ کين سليس
ٻوليءَ ۾ جيڪا ماڻهن کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي
سگهي، موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ گذارش ڪرڻي پوندي..
هُنن جي قبول ڪرڻ تي، کانئن 15 کان 20 منٽن جا
انٽرويو ٽيپ رڪارڊ ڪري وٺبا. هر ماهر جو فوٽو،
جيئن هو ڳالهائيندو پيو هجي، حاصل ڪرڻ گهرجي.
جڏهن
ٽيپ رڪارڊ انٽرويو تهذيبي حلقي جي آڏو پيش ٿئي،
تڏهن پهريائين تعارف طور ٻڌائڻو پوندو ته ڪير
ڳالهائي رهيو هو، هن جي تحقيق جو ۽ تصنيف جو ڪم
ڪهڙو ۽ ڪيترو ٿيل هو ۽ اُن وقت هو ڇا پيش ڪري رهيو
هو، وغيره. ساڳئي وقت اُن ماهر جو فوٽو به سامهون
پردي تي ڏيکاريو وڃي، ته بهتر ٿئي. جيڪڏهن ماهر
يونيورسٽيءَ جو ڪو پروفيسر آهي ته تعارفي ڳالهه جي
سلسلي ۾ مختصر بحث به ڪري سگهجي ٿو ته حلقي ۾ ويٺل
يونيورسٽين بابت ڇا ٿا سوچين ۽ انهن کان ڇا ته
طلبين. حلقي ۾ ائين به پهرين ٻڌائي ڇڏجي ته رڪارڊ
ڪيل انٽرويو ٻڌڻ کانپوءِ اُن جي ڳاليهن تي گڏجي
بحث به ڪيو ويندو( جيڪي گويا اُن حالت ۾ ”ٻڌڻ
ٻڌائڻ“ جي هڪ تدريسي وسيلي جو ڪم ڏينديون). اُن
بحث ۾ حلقي جي ماڻهن جو انٽرويو جي سلسلي ۾ ڪهڙو
ردعمل هو، اُن کان ماهر کي پوءِ واقف ڪرڻ به ضروري
آهي. هِن طريقي سان عالمن ۽ دانشورن کي، جيڪي
عمومي طور نيت بخير هجن ٿا. پر اڪثر ماڻهن جي
حقيقي صورتحال کان بيخبر بلڪ ڪٽيل رهندا آهن، اُن
حقيقت کان واقف ٿيڻ ۽ ان سان واڳيل رهڻ جو موقعو
ملي ٿو. اِن طرح ماڻهن کي به عالمن ۽ دانشورن کي
ٻڌڻ ۽ مٿن تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.
ڪي
مامرا ۽ اُنهن جون بنيادي ڳالهيون ننڍن ننڍن ناٽڪن
جي صورت ۾ پيش ٿي سگهن ٿيون- پر هر ناٽڪ ۾ اِن طرح
فقط مامرو ئي پيش ٿيڻ گهرجي- اُن جو حل نه! ائين
ناٽڪ(ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي )تدريسي وسيلن جو ڪم ڏيندا، جن
سان ڳالهه- ٻولهه ۽ بحث مباحثي لاءِ مسئلن کي کولي
ماڻهن جي آڏو رکيو ويندو.
ٻيو
هڪ تدريسي وسيلو هيءُ به ٿي سگهي ٿو- بشر طيڪ ان
کي تعيلم ۾ بئنڪاري طريقي طور نه پر مسئلن کي آڏو
رکندڙ طريقي طور ڪم آندو وڃي- ته اخبارن ۽ رسالن
مان مضمون ۽ ڪتابن جا باب (شروع ۾ اُنهن جا ٽڪرا)
پڙهيا وڃن ۽ انهن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. هِن
صورت ۾ به، جيئن رڪارڊ ٿيل انٽرويوئن جي صورت ۾،
ليکڪ جو تعارف حلقي ۾ پهريائين ۽ سندس ليک يا
مضمون تي بحث آخر ۾ ڪيو ويندو.
انهيءَ ئي نموني تي، ڪنهن واقعي جي سلسلي ۾ اخبارن
جي ادارتي ليکن جي، حلقي ۾ گڏجي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري
آهي: ’ائين ڇوآهي، جو اخبارون هڪ ئي حقيقت جا الڳ
الڳ تعبير ۽ تفسير ڪن ٿيون‘؟ هن اختلاف جي تهه ۾
وڃڻ ۽ اُن جي منطق کي سمجهڻ جي ڪوشش سان تنقيدي
سوچ وڌي ٿي، جنهن سان ماڻهو اخبارن جي لکيتن ۽
خبرن جي ٻئي چؤڏس ڦهلاءُ کي رڳو خاموش ٻڌڻ
بدران-ڄڻ اُهي ’اعليٰ فرمان‘ کين رڳو مڃڻا آهن-
اُنهن جي تورتڪ ڪن ٿا ۽ ائين پنهنجي پائبند شعور
کي آزاد رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
ائين
گهربل سڄي تدريسي مواد جي موجودگيءَ کان پوءِ،
جنهن ۾ ننڍا ننڍا تعارفي هدايت ناما به اچي وڃن
ٿا، تعليم ڪارن جي ٽيم ماڻهن سان ويهي انهن جا
مامرا تفصيل سان ۽ سلسليوار نموني ويچار هيٺ آڻڻ
لاءِ تيار آهي: گويا ماڻهن جا مامرا، جيڪي هنن پاڻ
دريافت ڪيا، کوليا ۽ پڌرا ڪيا،هاڻي اُهي موٽي هُنن
جي سامهون اچن ٿا- ائين نه، جو اُهي سندن مغز ۾
اوتي، ڌراوتن طور ڳڻي ٺاهي، اتي محفوظ رکي ڇڏڻا
آهن، پر بلڪلِ ان لاءِ ته اُهي مسئلا آهن جيڪي حل
ڪرڻا آهن.
هِن
مرحلي تي هِن بنيادي تعليم جي استادن جو پهريون
فرض آهي ته پنهنجي تعليمي مهم جو مجمل پروگرام
حلقي جي آڏو پيش ڪن. اُن پروگرام کي حلقي جا ماڻهو
سڃاڻندا ۽ پنهنجو پروگرام سمجهندا، اُهو کين
اوپرو يا ڌاريو محسوس نه ٿيندو، ڇو ته اُهو اُٿيو
ئي وٽانئن هو. اِن سلسلي ۾ تعليمڪارن کي (تعليم جي
ڳالهه ٻولهه جي خاصيت مطابق) پروگرام ۾ موجود’متصل
(ڳائيندڙ) مامرا‘ ۽ اُنهن جي اهميت به سمجهائڻ ۽
واضع ڪرڻ ضروري آهي.
جيڪڏهن تعليم ڪار ڪافي مالي وسيلن کان محروم آهن ۽
ان ڪري هو ابتدائي مامرائي تحقيقات ائين سر انجام
ڏيئي نه سگهيا آهن، جيئن اُن جو تفصيلي بيان مٿي
ڪيو ويو آهي، ته هو ايراضيءَ جي صورتحال متعلق
پنهنجي گهٽ ۾ گهٽ ڄاڻ جي بنياد تي به ڪن بنيادن
مامرن جو انتخاب ڪري سگهن ٿا، جيڪي تهذيبي حلقي ۾
سندن تعليمي مهم کي اڳتي وڌڻ لاءِ گهربل تحقيقي
مواد( تدريسي پروگرام جي مواد) جو ڪم ڏيئي سگهن
ٿا. ان نموني، هو تعارفي مامرن سان شروعات ڪري
سگهن ٿا ۽ لڳو لڳ وڌيڪ مامرائي تحقيق جو ڪم به
پنهنجي حلقي جي شراڪت سان، هٿ ۾ کڻي، اڳتي وڌائي
سگهن ٿا.
جيئن
مٿي به هڪ هنڌ مون چيو آهي، هنن بنيادي مامرن مان
هڪڙو بنيادي مامرو (جنهن کي آءُ اٽل ۽ مرڪزي اهميت
جو سمجهان ٿو) تهذيب جو اُهو تصور آهي، جيڪو علم
الانسان اسان جي آڏو آڻي ٿو، يعني انساني تهذيب
پنهنجي انساني تاريخي اصل ۽ اؤسر جي مظهرطور.
ماڻهو هاري هجن يا شهري مزدور هجن. پڙهڻ لکڻ
شروع ڪن ٿا يا پڙهڻ لکڻ سکيل آهن ۽ اڳتي جي
تعليمي پروگرام ۾ شريڪ آهن، اُنهن جي وڌيڪ ڄاڻ جي
تلاش جو ابتدائي نقطو انهيءَ تصور بابت سندن ڳالهه
ٻولهه سان ئي تعلق رکي ٿي: جيڪا ’تهذيب جي دنيا‘
بابت هو ڳالهه ٻولهه ڪندا، اُها حقيقت بابت سندن
پنهنجي ڄاڻ جي سطح جو اظهار هوندو، ۽ سندن وجودي
حقيقت جا مختلف مامرا سندن اُن ڄاڻ سان ئي ڳنڍيل
آهن. هُنن جو هِن مامري بابت بحث مباحثو حقيقت جا
ٻيا ٻيا پاسا آڻي سامهون بيهاري ٿو، ۽ اُنهن کي
جيئن پوءِ تيئن واضع تنقيدي نگاهن سان ڏسڻ جي
ضرورت اڀري سندن سامهون اچي ٿي تهذيب جي انهن
پاسن ۾ وري انيڪ ٻيا مامرا موجود هجن ٿا ۽
پنهنجي پنهنجي واري سان اُهي ظاهر ٿين ٿا۽ سوچ
ويچار گهرن ٿا.
هيلتائين جيڪو منهنجو تجربو آهي، اُهو مون ئي
ائين ئي ٻڌائي ٿو ته تهذيب جي هِن تصور کي اُن جو
سڀني يا اڪثر پاسن کان جانچيندي ۽ اُنهن بابت
ڳالهه ٻولهه ڪندي، تعليمي پروگرام جا انيڪ نقطا ۽
رستا کلي سامهون اچن ٿا. ان سان گڏ تهذيبي حلقي
۾، ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ، تعليمڪار
سڌيءَ طرح شرڪت ڪندڙن کان پڇي سگهن ٿا:’هِنن
ڳالهين کان سواءِ ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون آهن جن تي
پاڻ ويچار ڪري سگهون ٿا؟‘ جيئن جيئن هر ماڻهو جواب
ئي، اُهو نوٽ ڪجي ۽ حلقي جي آڏو اُتي ئي اُها
ڳالهه هڪ مسئلي طور سامهون رکجي، جنهن کي حل ڪرڻ
حلقي جو ڪم آهي.
حلقي
جو هڪ ميمبر، مثلاً چوي ٿو ته ’آءُ قوم يا قومي
محبت بابت ڳالهائڻ گهرندس.‘ ’ٺيڪ آهي.‘ تعليمڪار
چوي ٿو، ۽ هن جي اِها ڳالهه نوٽ ڪري ٿو ۽ پوءِ پڇي
ٿو؛ ’قوم جو (قومي محبت جو) ڇا مطلب آهي؟ هن ڳالهه
بابت بحث اسان لاءِ ڪهڙي ڪم جو آهي؟‘ منهنجو تجربو
آهي ته جڏهن ڪا به تجويز ڪيل ڳالهه يا ڪا صلاح
حلقي جي سامهون مسئلي طور رکجي ٿي، ته نيون
ڳالهيون ۽ نون مامرا کلي آڏو اچن ٿا، جيڪڏهن هڪ
ايراضيءَ ۾ جتي، (مثلا ) ٽيهه تهذيبي حلقا ساڳئيءَ
رات گڏجن ٿا، ۽ سندن تعليمڪار (تربيت ڪار) اِنهيءَ
نموني ڪم ڪن ٿا، ته صحيح فيصلي ۽ منصفانه حل بابت
انيڪ قسم جو معلوماتي مواد گڏ ٿي ويندو.
آزادگي ڏيندڙ تعليم جي خيال کان اهم شيءَ هيءَ
آهي ته ماڻهو جڏهن دنيا بابت پنهنجن ۽ پنهنجن
ساٿين جي راين ۾ پڌرن توڙن لڪل خيالن يا ويچارن تي
بحث مباحثو ڪن، ته هو پاڻ کي پنهنجي سوچ جا،
پنهنجي فڪر جا، مالڪ محسوس ڪن: ڇا ڪاڻ ته تعليم جو
هيءَ نظريو شروع ئي هِن عقيدي سان ٿئي ٿو ته اُهو
پنهنجي طرفان پنهنجو ڪو پروگرام پيش نٿو ڪري
سگهي، پر اُن لاءِ ضروري سمجهي ٿو ته اُهو ماڻهن
سان ڳالهه ٻولهه ۽ صلاح مصلحت ذريعي دريافت ڪيو
وڃي، ته ان صوت ۾ ظاهر آهي ته هيءُ نظريو مظلومن
لاءِ تعيلم ۽ تدريس جو پروگرام اُهو ئي پيش ڪري
سگهي ٿو، جنهن جي تعمير ۽ تريبت ۾ لازمي طور مظلوم
خود شريڪ ڪار هجن ۽ اُن سڄيءَ ڪوشش ۾ هنن خود حصو
ورتو هجي.
باب چوٿون
هن
باب ۾ تدريسي عمل جي ڳالهه ٻولهه پسند ۽ ڳالهه
ٻولهه وروڌي نظرين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي: اِن ڪري
گذريل بابن ۾ اِن سلسلي جا جيڪي نُڪتا پيش ڪيا ويا
آهن، تن ۾ اضافي خاطريا اُنهن جي حمايت ۾ نون
خيالن جي وضاحت طور، اونهن نُڪتن کي وري وري هتي
هن بابت ۾ بحث هيٺ آندو ويندو.
آءُ
وري به ائين چئي هِتي ڳالهه شروع ڪندس ته انسان
تدبير جي صلاحيت رکن ٿا ۽ حيوان خالي مصروفيت جي.
حيوان دنيا تي نٿا ويچارين، هو اُن ۾ ٻُڏل رهن ٿا.
اِن جي ابتڙ، انسان دنيان مان اُپڙي مٿي اچن ٿا،
اُن کي پاڻ کان الڳ هڪ شيءِ ڀانئين ٿا، ۽ ائين
اُن کي سمجهي سگهن ٿا ۽ پنهنجي محنت سان بدلائي
سگهن ٿا.
حيوانَ، جيڪي ’محنت‘ نٿا ڪن، هڪ ئي صورتحال ۾ رهن
ٿا، جنهن تي غالب نٿا پئجي سگهن، ائين حيوانن جي
هر صنف پنهنجي خاص حال ۾ رهي ٿي، ۽ اِهي سندن حال
جون دنيائون انسانن کان ته پري نه آهن، پر پنهنجي
پاڻ ۾ انهن جي ڪا ڏي وٺ ڪانهي، ۽ اُهي هڪ ٻئي کان
غير واقف ۽ بي خبر رهن ٿيون.
انسانن جي مصروفيت عمل ۽ فڪر تي مشتمل هجي ٿي، ۽
اِها ئي انسانن جي تدبير آهي، ۽ دنيا جي تبديليءَ
لاءِ انسانن جي اِها واحد ترڪيب آهي. تدبير هجڻ
ڪري، اُن کي سڦل ٿيڻ لاءِ اندازي ۽ ’قياس‘ جي،
علم جي، اصول جي، درڪار آهي، اِن طرح انسانن جي
سڄي مصروفيت قياس ۽ مشق تي، فڪر ۽ عمل تي مخصوص
آهي. ۽ جيئن مون مٿي، ٻئي باب ۾ چيو، اُن کي رڳيءَ
گهڻ اکرائيءَ ۾ ۽ محض عمليت ( مصروفيت) تائين
محدود ڪري نٿو سگهجي.
لينن
جي مشهور قول-’انقلابي نظريي کانسواءِ انقلابي
تحريڪ ممڪن ڪانهي‘- جي معنيٰ به اها ئي آهي ته
انقلاب نه لفاظيءَ سان ۽ نه رڳو عمليت سان، پر فقط
تدبير سان، سڄڻ عمل سان، حاصل ڪري ٿو سگهجي: يعني
ان فڪر ۽ عمل سان جيڪي نظامن کي تبديل ڪرڻ جي سِٽا
سامهون رکن ٿا. هِنن نظامن کي تبديل ڪندڙ انقلابي
جدوجهد هرگز پنهنجن اڳواڻن کي ئي پنهنجا مفڪر ۽
فقط مظلومن کي ئي ان فڪر جا عامل يا ڪارندو سڏي
نٿو سگهجي.
جيڪڏهن عوام سان ڪامل وفاداري، جنهن ۾ اُن ’حقيقت‘
جي تبديليءَ جي ڪوشش لازم ٿئي ٿي، جنهن هيٺ هو
مظلوم جي رهيا آهن، اِئين گهري ٿي ته تبديليءَ جي
عمل جو هڪ نظريو، هڪ اصول، موجود هجي، ته هيءُ
اصول، هيءُ نظريو، عوام کي اُن تبديل ڪندڙ عمل جي
سلسلي ۾ پنهنجي پوري ڪردر ادا ڪرڻ کان هرگز محروم
رکي نٿو سگهي، اڳواڻ مظلومن کي محض ڪارندن طور
هلائي نٿا سگهن، جن کي فڪر جي موقعي کان وانجهيو
وڃي ۽ رڳو عمل جي خمار ۽ وهم ۾ مست رکيو وڃي- جڏهن
حقيقت ۾ هو ساڳيءَ اڳينءَ صورت وانگر ئي استعمال
ٿي رهيا هجن. رڳو هِن فرق سان ته هِن ڀيري کين
استعمال ڪرڻ وارا پنهنجي پاڻ کي اهڙيءَ ظالمانه
روش جا حامي نٿا سمجهن!
اڳواڻن تي برابر تنظيم ۽ تياريءَ جي ذميداري آهي،
۽ ڪن وقتن تي خود حڪمن ڏيڻ جي به- پر اُهي اڳواڻ
جيڪي مظلومن کي تبدير کان محروم رکن ٿا، اُهي
انهيءَ طرح خود پنهنجي تدبير کي به غلط ۽ ناڪام
بنائي ٿا ڇڏين. پنهنجو لفظ ٻين تي مڙهڻ سان، هو
اُن لفظ کي ڪوڙو ڪن ٿا ۽ پنهنجن مقصدن ۽ طريقن جي
وچ ۾ تضاد پيدا ٿا ڪن. جيڪڏهن هو آزادگيءَجي
جدوجهد سان سچ پچ واڳيل آهن، ته اُن ڏِس ۾ هنن جو
عمل ۽ فڪر پنهنجن ٻين ساٿين جي عمل ۽ فڪر سان گڏ
هجڻ کانسواءِ اڳتي وڌي ئي نٿو سگهي.
انقلابي تدبير کي بالادست اعليٰ مقام فردن يا
گروهن جي تدبير کان مختلف ئي هئڻ گهرجي. ڇا ڪاڻ ته
هي الڳ الڳ تدبيرون پنهنجي اصل نوع ۾ ئي متضاد
هجن ٿيون. انقلابي تدبير ڪا غير معقول دوئي يا فرق
برداشت ڪري ئي نٿي سگهي، جنهن ۾ عوام جي طرفان
جيڪا تدبير ٿئي، فقط اڳواڻن جي فيصلن جي پيروي ئي
هجي! اهڙي دوئي بالادست اعليٰ مقامين جي حڪما حڪمي
يا فرماني طريقن جو ئي عڪس هجي ٿي.انقلابي تدبير
وحدت آهي، اتحاد آهي؛ انقلابي اڳواڻ مظلومن کي
پنهنجي ملڪيت ۾ ورتل شين طور هلائي نٿا سگهن.
استعماليت، نعريبازي، ڌراوتڪاري، قوائدبزايازي ۽
نسخن جو اجراءُ-اِهي انقلابي تدبير جا ترڪيبي عنصر
نٿا ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته اِهي آهن ئي بالادستيءَ ۽
حاڪميت جا عنصر، بالادست لاءِ، انهيءَ لاءِ ته هو
بالادستي هلائي سگهي، ٻيو ڪو رستو ئي ڪونهي، سواءِ
اِن جي ته هو عوام لاءِ پنهنجيءَ تدبير هلائڻ جو
ڳِٿو نه ڇڏي، ۽ کين پنهنجي ڪنهن لفظ ڪڇڻ جو،
پنهنجن ڪن خيالن جي خيال ڪرڻ جو، حق ئي نه ڏئي، هو
ڳالهه ٻولهه جو رستو وٺي ئي نٿو سگهي؛ هُن لاءِ
ائين ڪرڻ جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته يا ته هو پنهنجي
بالادستيءَ جي طاقت تان هٿ کڻي چڪو آهي ۽ مظلومن
سان وڃي مليو آهي، يا ته هو پنهنجي اُها طاقت،
بالادست هجڻ جِي ’غلط‘ ڪنهن ڳالهه سبب،وڃائي چڪو
آهي.
اِن
جي ٻيءَ طرح، انقلابي اڳواڻ جيڪي عوام سان پنهنجن
لاڳاپن ۾ ڳالهه ٻولهه جي طريقي سان نٿا هلن، تن
يا ته پنهنجو بالادستيءَ جوون عادتون قائم رکيون
آهن ۽ هو سچا انقلابي نه آهن؛ يا ته پنهنجي ڪردار
جي تصور بابت ڪلي طور ڪنهن غلطي فهميءَ ۾ آهن، ۽-
پنهنجي ڪنهن گروهه پسنديءَ جي پائبنديءَ هيٺ- هو
اُهڙائي غيرانقلابي آهن. هو پوءِ اقتدار تائين به
ممڪن آهي ته پهچي وڃن، پر ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل
جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل انقلاب جو جائز- پڻو ۽ پختائي
پوءِ به پوريءَ طرح شڪ ۾ رهي ٿي.
اِها
تمام ضروري ڳالهه آهي ته انقلابي عمل جي سڄي سلسلي
۾ مظلوم انقلاب جي آڻڻ ۾ پنهنجي ڪردار ۽ اُن جي
سماجي منطق کان وڌ ۾ وڌ تنقيدي طور با خبر رهن.
جيڪڏهن هو انقلابي عمل ۾ مُنجهيل ۽ دو طرفي ذهن
سان ڇڪجي اچي شامل ٿيندا- هڪ حصو اُنهن جو هو پاڻ
۽ ٻيو حصو اُنهن جو اُهي ظالم جيڪي اُنهن جي اندر
ويٺل آهن-۽ جيڪڏهن هو اُن دو طرفائيءَ ۽ مونجهاري
سان، جيڪا ڪيفيت ظلم جي صورتحال جي مٿن مڙهيل آهي،
اقتدار ۾ ايندا- ته منهنجو پختو عقيدو (33) آهي
ته هو ٺلهي اِنهي تصور ۾ رهندا ته هو ’نيٺ اقتدار
تي رسي ويا،‘ سندن اِها وجودي دو طرفائي ۽ دوئي
ممڪن آهي ته گروهه بنديءَ جي اُڀرڻ جھو سبب بنجي،
جنهن ۾ عملدار شاهي اچي براجمان ٿئي، جيڪا انقلاب
کي ئي پاڙون اُکيڙي ڇڏي، جيڪڏهن مظلوم انقلابي
عمل جي پوري سلسلي دوران پنهنجي اِن مونجهاري کان
باخبر نٿا ٿين، ته اُهي انقلابي عمل ۾ انقلابي
روح سان گهٽ ۽ انتقامي روح سان وڌيڪ حصو وٺندا(34)
هو انقلاب لاءِ برابر تانگهيندا، پر اُن کي
آزادگيءَ جي راهه سمجهندي نه، رڳو بالادستيءَ جي
حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ذريعي طور. |