سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:7 

اڪثر تعليمڪار ۽ سياستدان ڳالهائيندا آهن، ۽ انهن کي ڪو سمجهي نه سگهندوآهي. ڇاڪاڻ ته هُنن جي ٻوليءَ جي تارَ ماڻهن جي سچيءَ پچيءَ صورتحال جي تارَ سان مليل نه هوندي آهي، جن سان هو مخاطب هوندا هن ۽ اُن ڪري هنن جي سڄي طول طويل تقرير خود به دل اُٽاڻيل ۽ ٻڌندڙن لاءِ به دل  اٽاڻيندڙ هوندي آهي. تعليمڪار يا سياستدان جي ٻولي( ۽ سچ پچ جيئن پوءِ تيئن ائين ظاهر ٿيندو وڃي ته هڪ سياستدان کي به تعيلم جي وسيع معنيٰ ۾ هڪ تعليمڪار ئي ٿيڻ کپي)، ماڻهن جي ئي ٻوليءَ هئڻ سبب، خيال کان وانجهيل  ته ٿي ئي نٿي سگهي؛ ۽ نه ٻولي ۽ نه خيال ڪنهن سماجي نظام يا اُن جي ڪنهن سٽاءَ کان علحده رهي ٿا سگهن، جنهن سان انهن جو ترت يا پرانهون حوالو ڳنڍيل هجي ٿو. انهيءَ ڪري، پنهنجي ڳالهه اثرائتي نموني ٻين تائين رسائڻ لاءِ، تعليمڪارن ۽ سياستدانن کي سماجي نظام  يا اُن جي سٽائن جون ڳالهيون ۽ مامرا سمجهڻ کپن، جن ۾ ماڻهن جي ٻولي ۽ خيال جذباتي طور فريم ٿيل يا جڙيل هوندا آهن.

حقيقت جي ڪَٿ جيڪا تعليمڪارن ۽ ماڻهن جي ذهن ۾ موجود آهي، اُن حقيقت ۽ حقيقت جي ڪَٿ منجهان ئي اسان کي تعليم جي پروگرام جو مواد کڻڻو آهي. جنهن کي آءُ ماڻهن جي ’مامرن جي دنيا‘ سڏيان ٿو، جنهن کي ئي سندن سڀني ’سرگرم ڳالهين‘ جي منجهيل سُٽ جو ڦورو چئي سگهجي ٿو، اُن جي ئي کوجنا ۽ تحقيق سان آزادگيءَ جي هڪ عمل طور تعليم جي ڳالهه ٻولهه جي ابتدا ٿئي ٿي، اُن تحقيق ۽ کوجنا جي طريقي جو سلسلو به ساڳيءَ ريت ڳالهه- ٻولهه وارو هجڻ کپي، جنهن سان ڳالهين مان ڳالهين نڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ انهن ڳالهين بابت ماڻهن جو حِس ۽ ڄاڻ به جاڳي ٿي ۽ تيز ٿئي ٿي. ڳالهه – ٻولهه جي تعليم جي آزادگي پسند مقصد مطابق، هن تحقيقات جو نشان ماڻهو نه آهن( ماڻهو ڪي انگ-وديائي بيجان ذرا ته نه آهن، جو انهن جي ائين تحقيقات ٿئي!)، پر انهن جي خيال جي سطح، سوچ جو اُڀار آهي، جتان هو حقيقت کي پروڙين ٿا، ۽ پڻ انهن جي خيال جي زبان، ۽ سوچ جي ٻولي آهي. جنهن سان هو حيقت جو بيان ڪن ٿا، ۽ اُن سان گڏ دنيا بابت خود سندن خيال، سوچ يا نظريو آهي، جيڪو ئي سندن سڀني سرگرم ڳالهين جو مُنڍ هجي ٿو.

ڪنهن ’سرگرم ڳالهه‘، ’ڳالهه مان اٿندڙ ڳالهه‘، جي پوري پوري بيان ڪرڻ کان اڳ(جنهن مان اِهاپڻ خبر پوندي ته ’گهٽ ۾ گهٽ  مامرن جي دنيا‘ جو مطلب ڇا آهي)، ٿورن ڪن لاڳاپيل ابتدائي ويچارن جو هتي پيش ضروري آهي. جيتوڻيڪ فڪري  دنيا ۾ تنقيدي شڪ جو رويو هڪ طرح جائز به آهي، پر ’سرگرم ڳالهه‘ جي حقيقت جو ثبوت ته اسان کي پنهنجي وجودي تجربي مان به ملي سگهي ٿو- نه رڳو پنهنجي وجودي تجربي مان، پر  ماڻهن ۽ دنيا جي لاڳاپن ۽ اُنهن لاڳاپن جي لازمي حصي طور خود ماڻهن جي پنهنجي باطني لاڳاپن تي تنقيدي طور ويچارڻ سان به ملي ٿو.

اِن سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه ياد رکي سگهجي ٿي- جيتوڻيڪ اِها هڪ رواجي ڳالهه ئي آهي- ته سڀني اڻپورين هستين مان ماڻهو ئي آهي جيڪو نه رڳو پنهنجي ڪمن کي پر خود پنهنجي پاڻ کي به پنهنجي سوچ ويچار جو موضوع بنائي ٿو؛ هيءَ صلاحيت کيس حيوانن کان الڳ ۽ مخصوص ڪري ٿي، جيڪي پاڻ کي پنهنجي مصروفيت کان جدا نٿا ڪري سگهن ۽ انهيءَ ڪري اُن تي ويچاري نٿا سگهن. هِن ظاهري طور مٿاڇرائي قسم جي فرق ۾ اُهي حدون موجود  آهن، جيڪي ماڻهن ۽ حيوانن جي زندگين ۾ سندن عمل جا سَنڌا مقرر ڪن ٿيون- اُنهن جي عمل جي حدبندي ڪن ٿيون. ڇا ڪاڻ ته حيوانن جي مصروفيت اُنهن جي خود جو وستار آهي، اُنهن جي پنهنجي پکيڙي يا وڌاءُ آهي، انهيءَ ڪري ئي اُن مصروفيت جا نتيجا پڻ انهن جي خود کان، اُنهن جي پاڻ کان، اٽوٽ آهن. حيوانَ نه ئي مقصد مقرر ڪري سگهن ٿا، ۽ نه ئي پنهنجي فطرت جي ڪنهن تبديليءَ ۾- اُن کان جدا- ڪا اهميت موجود ڏسي سگهن ٿا. تنهن کان سواءِ ِان مصروفيت جو ’فيصلو‘ به سندن نه آهي پر سندن نوع جو، ذات جو آهي، انهيءَ ڪري حيوانَ، بنيادي طور، ’پاڻ ۾ گم‘ ۽ ’پاڻ تائين محدود هستيون‘ آهن.

پاڻ لاءِ ڪنهن فيصلي نه ڪري سگهڻ ڪري، پاڻ کي يا پنهنجي مصروفيت کي پاڻ کان الڳ’ڪجهه‘سمجهي نه سگهڻ ڪري، دنيا۾ ’ٻڏل‘ رهندي، اُن کي ڪا به معنيٰ نه ڏيئي سگهڻ ڪري، ’حال‘ کان مغلوب رهندي، ’اڄ‘۽ ’سڀاڻي‘ جو ڪو به شعور نه رکي سگهڻ ڪري، حيوان اڻ تاريخي جيو آهن. هنن جي اڻ تاريخي جيوت ’دنيا‘ ۾ ڪا نه ٿي گذري.’دنيا‘ جي جيڪا اصل معنيٰ آهي اُها وٺجي ٿي ته: هڪ حيوان لاءِ دنيا ’نه آءُ‘ جهڙي يا ’آءُ کان الڳ‘ ڪا شيءِ ڪانهي، جنهن ۾ اُهو مخصوص يا نرالو هڪ ’آءُ‘ هجي سگهي. انساني دنيا، جيڪا تاريخي آهي، اُها به، حيوان جي ’پاڻ ۾ گم‘ هستيءَ لاءِ، باقيات وانگر ئي، رڳو هڪ ’ڀَر‘ آهي. حيوان لاءِ، جا ڪجهه هيءَ سڄي ڪائناتي يا دنيائي’بناوت‘ سامهون آهي، ڪنهن ’سڏ‘ جو، ڪنهن ’للڪار‘ جو ڪم نٿي ڏئي، هو رڳو اُن ۾ چُرن پُرن ٿا. هنن جي جيوت جوکم کڻندڙ جيوت نه آهي. ڇو ته جوکم کڻڻ جو هنن کي شعور ڪونهي. هنن لاءِ  جوکم ڪا ’سڏيندڙ‘ هڪل يا للڪار نه آهي، جيڪا ڪنهن سوچ کانپوءِ قبولجي. خطري کي يا جوکم کي رڳو هو اُن جي نشانين تي سڃاڻن ٿا؛ انهيءَ ڪري هُنن کي اُن لاءِ ڪنهن ’فيصلي‘  تي مبني جواب يا رد عمل جي ضرورت نه هوندي آهي.

نتيجي طور حيوان ڪڏهن به پاڻ سونپي يا سُپرد ڪري نه سگهندا آهن. هنن جي اڻ- تاريخي حالت کين زندگيءَ سان لنؤن لائڻ نٿي ڏئي. ڇاڪاڻ ته هو اُنسان لنئون لائي نٿا سگهن، ان کي هو ٺاهي به نٿا سگهن؛ ۽ جيڪڏهن هو اُن کي ٺاهي نٿا سگهن، ته اُن جي بناوت ۾ يا حالات ۾ ڪا به تبديلي به نٿا آڻي سگهن ۽ نه ئي هو ايترو ڄاڻي سگهن ٿا ته زندگيءَ هٿان برباد به ٿيڻو آهي، ۽ نه ائين برباد ٿيڻ هو محسوس به ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته هو دنيا کي، پنهنجي رڳي ’ڀر‘ کي، وڌائي، هڪ بامعنيٰ ۽ علامتي دنيا شماري نٿا سگهن. جنهن ۾ تهذيب ۽ تاريخ به اچي وڃن ٿيون. نتيجي طور، حيوانَ پاڻ کي وڌيڪ حيوان، بهتر حيوان، بنائڻ لاءِ پنهنجي بناوت کي، پنهنجي دنيا کي، وڌيڪ حيوان نٿا بنائين- ۽ نه  ئي هو پاڻ کي ’حيوان کان گهٽ ئي ڪن ٿا.‘ جهنگل ۾ به هو اُهڙا ئي‘ پاڻ تائين محدود هستيون‘،’پنهنجي پاڻ ۾ گم‘ رهن ٿا- اُتي به اُهڙا ئي حيوان جهڙا، جيئن چڙيا گهر ۾.

اِن جي ابتڙ، ماڻهو پنهنجي مصروفيت کان، ڪار ڪرت کان، ۽ دنيا جنهن ۾ هو موجود آهن، اُن کان با خبر آهن، هو جيڪي مقصد رٿين ٿا، انهن جي پوئواريءَ ۾ ڪم ڪن ٿا، سندن فيصلن جو مرڪز هو پاڻ آهن ۽ دنيا سان ۽ ٻين سان سندن تعلقات سندن فيصلن جا ميدان آهن؛ ۽ هو دنيا کي پنهنجي تخليقي وجود سان- ۽ ان تبديليءَ جي وسيلي جيڪا هو اُن ۾ آڻين ٿا- سدا سرگرم۽ اُتساهيل رکن ٿا. حيوانن جي ابتڙ، هو رڳو جيئن نٿا، پر پنهنجو وجود رکن ٿا؛ (26) ۽ سندن وجود تاريخي آهي. حيوان پنهنجيون زندگيون هڪ غير دنيائي، بي سواد، هڪ ئي طرح جي ’ڀر‘ تي گذارين ٿا؛ انسان جنهن دنيا ۾ وجود رکن ٿا، اُن کي دائمي طور نئين سِر ٺاهيندا ۽ بدلائيندا رهن ٿا. حيوانن لاءِ ’هتي‘ فقط رهڻ جو هنڌ يا جُوءِ آهي، جنهن سان هو واسطي ۾ اچن ٿا: انسان لاءِ  ’هِتي‘ نه رڳو هڪ طبعي هنڌ پر هڪ تاريخي وسعت به آهي.

سچ پچ ته ’هتي‘، ’هاڻي‘، ’هتي‘، ’سڀاڻي‘،  ۽ ’ڪالهه‘ حيوان لاءِ ڪا معنيٰ  نٿا رکن، بلڪ هُن جو ڪو وجود ڪونهي. ڇو ته حيوان جي زندگي خود شعور کان وانجهيل هئڻ سبب، ڪُلي طور هڪ مِڻي ۽ اڳ مقرر يا پائبند آهي، حيوان اُهي حدون لتاڙي نٿان سگهن، جن ۾ ’هِتي‘، ’هاڻِي‘، يا ’هتي‘ کين جڪڙي رکيو آهي.

ماڻهو، بهر حال، ڇاڪاڻ ته پاڻ کان ۽ انهيءَ ڪري، دنيا کان باخبر آهن- ڇاڪاڻ ته هو باشعور وجودآهن- حدن جي پائبندين ۽ خود پنهنجي آزاديءَ جي وچ ۾ هو هڪ قسم جي جدلياتي نسبت يا تعلق ۾ رهن ٿا. جيئن هو، دنيا کي هڪ ٻي شيءِ سمجهي، پاڻ کي اُن کان اُلڳ ڪن ٿا؛ جيئن هو پاڻ کي پنهنجي مصروفيت يا ڪم کان الڳ ڪن ٿا؛ جيئن هو پنهنجن فيصلن جو مرڪز پاڻ ۾ ۽ دنيا سان ۽ ٻين ماڻهن سان پنهنجن لاڳاپن جي ميدانن ۾ موجود ڏسن ٿا؛ تيئن ئي هو اُنهن پنهنجين ’حدودي حالتن‘ (27) تي غالب پون ٿا، جيڪي کين حدن اندر جڪڙي رکن ٿيون.هڪ ڀيرو  جڏهن ماڻهو ڏسن ٿا ته هي حالتون هُنن لاءِ زنجير آهن، سندن آزادگيءَ جي آڏو روڪ آهن، ته اُهي حالتون سڄي پس منظر کان ڌار ٿي، موجود حقيقت جي سچين پچين تاريخي صورتن طور، پنهنجي سچي پچي روپ ۾، هنن جي سامهون پڌريون ٿي اچي بيهن ٿيون. ماڻهو پوءِ، رد عمل طور، آهن جي للڪار جو، پنهنجي عمل يا عملن سان، جواب ڏين ٿا، جن عملن کي ويرا پنٽو (Vieira pinto) ’حدودي-عملَ‘ سڏي ٿو: يعني اُهي عمل، جيڪي ’موجود‘  کي چپ چاپ قبولڻ بدران اُن کان بغاوت، اُن جي نفيءَ ۽ اُن تي غالب پوڻ لاءِ ڪيا وڃن ٿا.

اِن طرح، حدودي حالتون جيئن اُهي آهن، خود بخود، نراسائيءَ جي فضا پيدا نٿيون ڪن، پر جيئن ماڻهو اُنهن کي، ڪنهن خاص تاريخي گهڙيءَ ۾، ڏسن ٿا يا سمجهن ٿا، اُن مطابقي اُهي پنهنجو اثر پيدا ڪن ٿيون- يعني ڇا، اُهي پيرن جي ٻِيڙين ۽ جسم جي زنجيرن سامان سمجهيون وڃن ٿيون، جيڪي لاهڻا آهن، ٽوڙڻا آهن، يا اهڙن ڪن اڏول بندن ۽ اجيت ڪوٽن وانگر سمجهيون وڃن ٿيون، جن کي ٽپي اڳتي ٿيڻ ۽ پار ڪرڻ ناممڪن آهي! ۽ ڇا ڪاڻ ته عمل ۾ تنقيدي سوچ ۽ شعور موجود هجي ٿو، انهيءَ  ڪري عمل دوران اميد ۽ ڀروسي جي هوا گهلي ٿي، جيڪا ماڻهن کي اڳتي نِئي ٿي ۽ هو وڌي حدودي- حالتن تي غالب پوڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اِهو عمل جو مقصد، عمل جي جاري رکڻ جو مقصد، خود به فقط سچيءَ پچيءَ تاريخي حقيقت سان مُنهن- مقابل ٿيڻ ۽ هٿ اٽڪائڻ سان حاصل ٿي سگهي ٿو، جنهن ئي حقيقت تبديل ٿئي ٿي ۽ اُن سان وابسته حالتون رد ٿين ٿيون، ريٽجن ٿيون، تيئن نيون حالتون پڌريون ٿين ٿيون.جيڪي پاڻ پنهنجي واري تي وري نئين حدودي عمل، نون حدودي عملن، لاءِ للڪار جو ڪم ڏين ٿيون.

حيوانن جي ’ڀَرَ‘واريءَ دنيا ۾، اُن جي اڻ- تاريخي خصلت سبب، حدودي- حالتون موجود ئي ڪين ٿين. ساڳيءَ طرح، حيوان حدودي- عمل اختيار ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم هجن ٿا. ڇو ته اُن لاءِ ضروري آهي ته اول دنيا ڏانهن هڪ فيصله ڪُن رويو هجي: يعني دنياکي پاڻ کان الڳ هڪ شيءَ سمجهيو وڃي، ته جيئن اُن سان هٿ اَٽڪايو وڃي ۽ اُن کي بدلايو وڃي، پنهنجي ’ڀَرَ‘ سان پوريءَ طرح چنبڙيل هجڻ سبب، حيوان پنهنجي پاڻ ۽ دنيا ۾ ڪو فرق ڪو نه ٿا ڏسن. انهيءَ ڪري، حيوان حدودي حالتن کان، جيڪي تاريخي نوع جون هجن ٿيون، پاڻ تي ڪا روڪ يا پائبندي ڪو نه ٿا ڏسن. هُنن تي جيڪا ڪجهه روڪ يا حدبندي آهي، سا سڄي سندن ’ڀَرَ‘ جي آهي. ان طرح حيوانن لاءِ جوڳو ردعمل پنهنجي ’ڀَر‘ سان ڪنهن لاڳاپي پيدا ڪرڻ جو نه (ڇو ته اُن حالت ۾ سندن ’ڀَرَ‘ ڦري کانئن جدا هڪ دنيا ٿي پوندو) پر اُن سان پاڻ کي ٺهڪائڻ جو ٿئي ٿو.ائين جڏهن حيوان ڪو آکيرو، ڪو مانارو، يا ڪو ڏوڙ بنائين ٿا، ته هو اُهي ڪي شيون ڪو نه ٿا جوڙين يا اُپائين، جيڪي سندن حدودي عملن جو نتيجو هجن، يعني اُهي جيڪي سندن ڪن تبديل ڪندڙ جوابي رد عمل جو نتيجو هجن. هنن جو اُپتڪاري (پيداواري) عمل سندن هڪ طبعي ضرورت جي پورائيءَ جي ماتحت آهي، جيڪا ضرورت کين رڳو چوري ٿي، ’گرمائي ٿي‘- ميڪانيڪي طور-اُها کين هو ڪاري يا للڪاري ڪا نه ٿي، جنهن ۾ هو ڪنهن ’فيصلي‘ تي اچي کين اُهو ڪجهه ڪن، جو هو ڪن ٿا. ’حيوان جي اُپت سڌي اُن جي طبعي جسم سان واسطيدار آهي، پر ماڻهو پنهنجي اُپت سان آزادانه واسطي ۾ رهي ٿو.‘*

*مارڪس، 1844ع جا مخطوطات. ڊرڪ اسٽروڪ جي ايڊيشن
فقط اُها اُپت جا ڪنهن جيوَ جي ڪم جو نتيجوآهي، پر سڌيءَ طرح رڳي سندس طبعي جسم لاءِ يا اُن سان ئي واسطيدار نه آهي (جيتوڻيڪ اُن ۾ اُن جي خاصيت ته موجود هجي سگهي ٿي)، اُها ئي اُپت، اُن جي پاڻ کان الڳ، سڄِي ٻاهر لاءِ ڪا معنيٰ رکي سگهي ٿي، جيڪا ائين دنيا جو پوءِ حصو بنجي ٿي. ڪو جيوُ جيڪو اهڙيءَ اُپت جي صلاحيت رکي ٿو، (جو انهيءَ ڪري لازمي طور پنهنجي پاڻ کان باخبرآهي، ۽ پاڻ پنهنجي سِر هڪ هستي آهي)، اُهو اُن کانپوءِ هُجِي ئي نٿو سگهي، جيڪڏهن دنيا سان، جنهن سان لاڳاپو رکي ٿو، پنهنجي هجڻ جي سلسلي ۾ هو مصروف نه آهي؛ بلڪل ائين جيئن اُها ’دنيا‘ به پوءِ هُجي نٿي سگهي، جيڪڏهن هِن جيوَ جو اُن ۾ وجود نٿو رهي.

حيوان، جيڪي پنهنجي پاڻ کان پري ٿي، ڪا شيءِ پيدا نٿا ڪري سگهن، ۽ انسان، جيڪي ئي ائين ڪن ٿا ۽ دنيا کي پنهنجي عمل جو نشانو بڻائي، تهذيب ۽ تاريخ ٺاهين ٿا- تن جي وچ ۾ فرق هيءُ آهي ته فقط انسان ئي سچي عمل جا، هوشمند عمل جا، تدبير جا مالڪ آهن. اِن جي معنيٰ ته فقط انسان ئي تدبير آهن- اُها تدبير جيڪا سوچ ۽ عمل جو مرڪب ٿي ڪري، حقيقت کي واقعي تبديل ڪري ٿي، جيڪا ئي، انهيءَ ڪري، علم ۽ تخليق جو سرچشمو آهي. حيواني مصروفيت، جيڪا تدبير نه آهي، ڇو ته اُها وچ کان خالي هجي ٿي ۽ تبديل ڪندڙَ نه آهي، تخليقي نه آهي؛ انسان جي مصروفيت جيئن ته تبديل ڪندڙ آهي، تخليقي آهي.

تبديل ڪندڙ ۽ تخليقي هستين طور، انسان حقيقت سان دائمي لاڳاپيل رهندي، نه رڳي مادي سامانَ بجنسي شيون- جوڙين ٿا، پر سماجي ادارا، خيال ۽ تصور به تخليق ڪن ٿا. پنهنجي لڳاتار تدبير سان، انسان ساڳئي وقت تاريخ به جوڙين ٿا، ۽ پاڻ به وڌيڪ سالم ۽ ڪامل تاريخي- سماجي، هستيون بنجندا رهن ٿا. ڇا ڪاڻ ته حيوانن جي ابتڙ، انسان وقت کي ٽن ماپن- ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ورهائي سگهن ٿا، سندن تاريخ سندن خود جي تخيلقات جي عملي مظهرن سان تبديليءَ جي هڪ دائمي سلسلي طور، وڌي ٿي ۽ اُن ۾ اُن جي دورن جون، جڳن جون، اڪائيون وجود وٺن ٿيون. هي دورن جون اِڪيائيون، بهر حال، مدتن جا، وقت  جا، ڪي وڍيل گهڙيل گٽڪا نه آهن- بند ڪمرن وانگر، جن ۾ ماڻهو پوريل هجن. جي ائين هجي، ته سانده رفتار، جيڪا تاريخ جي بنيادي خصوصيت آهي، سا هوند ختم ٿي وڃي. هي دورن جون اِڪائيون تاريخ جي ان ساندهه رفتار جي زنجير ۾ هڪ ٻئ سان پاڻ وڌيڪ پختيون ڪڙيل رهن ٿيون.

هڪ دؤر مخصوص هجي ٿو انساني خيالن، تصورن، اميدن، شڪن، قدرن ۽ مسئلن جي هڪ پوري مانڊاڻ تي، ڪشمڪش ۾ مصروف هجن ٿا، ۽ پنهنجي تڪميل جي طلب ڪن ٿا. هِنن مان اڪثر خيالن، قدرن، تصورن ۽ اميدن جون عملي صورتون، ۽ پڻ اُهي عناصر  يا قوتون جيڪي انسان جي بهتر انسان بنجڻ جي آڏو روڪ بنجي بيهن ٿيون- اِهي اُن ’دؤر جا مامرا‘ آهن.انهن مامرن سان انهن جا ابتڙ يا متضاد ٻيا مامرا به موجود هجن ٿا، جيڪي پڻ ڪنهن جاکوڙ، ڪنهن ڪوشش، ڪنهن ڪم جي تقاضا ڪن ٿا.انهيءَ طرح تاريخي مامرا ڪڏهن به هيڪلا، ڌار ڌار، بي تعلق يا بيٺل ۽ جامد نه هوندا آهن؛ اهي هميشه پنهنجن مخالف مامرن سان جدلياتي هڻ وٺ يا اثر اندازيءَ جي عمل ۾ ورتل هوندا آهن. ۽نه ئي هي مامرا، وري انسان ۽ دنيا جي لاڳاپيل دائري کان ٻاهر ٻئي ڪنهن هنڌ ملي ٿا سگهن. هڪ دؤر جي هڪٻين تي اثر انداز ٿيندڙ هنن مامرن کي اُن دؤر جي ’مامرن جي دنيا‘ سڏجي ٿو.

هِن جدلياتي تضادن ۾ ورتل ’مامرن جي دنيا‘ سان مقابل رهندي، ماڻهو پاڻ به اهڙيون متضاد جايون(متضاد مؤقف) وٺي بيهن ٿا: ڪي ڪوشش ڪن ٿاته سٽاءَ (يا نظام) قائم رهن، ٻيا انهن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هي مامرا، جيڪي حقيقت جا اظهار آهن، تن جي وچ ۾، جيئن مخالفتون يا تضاد اونها ۽ شديد ٿين ٿا، تيئن مامرا ۽ پڻ حقيقت پاڻ کي ديوَمالائي، يعني ڪوڙا، خيالي، روپ ڏيڻ جو رخ اختيار ڪن ٿا، ۽ ائين عدم مقبوليت ۽ گروهه پسنديءَ جي فضا قائم ٿئي ٿي. هن فضا ۾ مامرا پنهنجي سچي ۽ اصلي اهميت ۽ مخصوص جاندار نوعيت وڃائي بيهن ٿا ۽ اُن حالت ۾ اُها ديوَ مالائي،  اُٺاءُ ۽ غبار پيدا ڪندڙ عدم معقوليت خود ئي هڪ بنيادي مامرو بنجي پوي ٿوي. اُن جو مخالف مامرو، يعني دنيا جو تنقيدي، معقول، باعمل نظريو، حقيقت ۽ اُن جو ديوَ مالائي چڪمي جي پردي- کول ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ائين انساني منصب جي پوري تڪميل حاصل ڪرڻ گهري ٿو- يعني حقيقت جي دائمي تبديلي، جيڪا انسانن جي آزادگي لاءِ سدا ڪار ساز ۽ مفيد رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org