هِن
تحريڪ جو ابتدائي نقطو انسان پاڻ آهن. پر جيئن ته
انسانن جو دنيا کان الڳ ٿلڳ، حقيقت کان جدا، وجود
نه آهي، تحريڪ جي ابتدا انسانن ۽ دنيا جو جيڪو پاڻ
۾ تعلق آهي، اُتان ٿيڻي آهي. اِن اصول مطابق تحرڪ
جو لازمي طور ابتدائي نقطو انسانن کان، جيڪي ’اڄ
۽ هتي‘ آهن، ٿيڻو آهي، جيڪو نقطو در اصل اُها
صورتحال آهي، جنهن ۾ هو ورتل آهن، گهيريل آهن.
جتان کين نڪرڻو آهي، ۽ جنهن سان کين هٿ ڳنڍڻا
آهن، ان صورتحال کان ئي فقط ابتدا ڪرڻ سان-جنهن جي
ڄاڻ ئي هنن لاءِ موجود حقيقت جي شعور جو شعور آهي-
هو چُري سگهن ٿا، اڳتي وڌي سگهن ٿا. پوريءَ
سچائيءَ ۽ ثابت صورتحال کي ازلي ۽ ناقابل تبديل نه
سمجهن، پر ائين سمجهن ته اُها سندن آڏو رڳي هڪ
رڪاوٽ آهي، جيڪا کين للڪاري رهي آهي ته اُها کين
هٽائڻي آهي.
بئنڪاري طريقو، سڌيءَ يا اڻ سڌي طرح، موجود
صورتحال متعقل ماڻهن جي تقديري سمجهه کي پختو ۽
مضبوط ڪري ٿو.’مسئلا کوليندڙ تعليم‘ اُن ئي
صورتحال کي سندن آڏو سندن پنهنجي هڪ مسئلي جي صورت
۾ آڻي پيش ڪري ٿي، جيئن ئي صورتحال ائين سندن
پنهنجي ڄاڻڻ جي هڪ شيءَ، هڪ موضوع بڻجي، سندن
سامهون اچي بيهي ٿي، ته اُها ٻالائيءَ ڀولائيءَ
واري جادو ئي ڳالهه جنهن منجهن تقديري سوچ کي
اُڀاريو هو، اُها جيئن توائي هئي، تيئن هڪ ئي
نگاهه سان گم ٿي وڃي ٿي، ۽ اُن جي جاءِ تي سندن
پنهنجي سوچ، سندن پنهنجو شعور، جيڪو خود پاڻ کي به
ائين سوجهي ٿو سمجهي ٿو جيئن ڪنهن خارجي حقيقت کي،
اُهو جاڳي ٿو ۽ نه رڳو صورتحال تي تنقيدي طور
ويچاري آچاري ٿو، پر خود اُن پنهنجي آچار ويچار جي
عمل تي به ناقدانه نگاهه قائم رکي ٿو.
پنهنجي صورتحال جو اونهو شعور ماڻهن کي اُن
صورتحال کي هڪ تاريخي حقيقت طور ڏسڻ تي آماده ڪري
ٿو، جيڪا تبديل ٿي سگهي ٿي، تسليميءَ ۽ توڪل جي
جاءِ تي هُنن ۾ ڄاڻڻ ۽ بدلائڻ جي تڙپ ۽ ارادو پيدا
ٿين ٿا، جيڪي هو محسوس ڪن ٿا ته سندن پنهنجا آهن ۽
سندن پنهنجي قبضي ۾ آهن، جيڪڏهن انسان، تاريخي
هستين طور، جن کي هڪ ٻين جي ساٿ ۽ سنگ ۾، ڄاڻ ۽
شعور جي تحريڪ ۾ لازمي طرح مصروف رهڻو آهي، اِن
تحريڪ تي قبضو نٿا رکن ته اها انسانن جي انسانيت
جي توهين آهي (۽ٿيندي) ڪا به صورتحال، جنهن ۾ ڪي
ماڻهو ٻين ماڻهن کي، ڄاڻ ۽ شعور جي هن تحريڪ ۾
حصيدار هجڻ کان روڪين ٿا ته اُها ڏاڍ ۽ زور جي
صورتحال چئبي، ۽ اُن لاءِ هو ڪهڙا ذريعا ڪم آڻين
ٿا، اِها اهم ڳالهه نه آهي؛ ماڻهن کي پنهنجي
اراديت يعني فيصلي ڪرڻ جي اختيار کان محروم ڪرڻ
معنيٰ اُنهن کي بيجان شين ۾، جيتن ۾، بدلائڻ.
هِن
ڄاڻ ۽ شعور جي تحرڪ کي، انسانن کي انسان بنائڻ،
ڪامل کان ڪامل تر انسان بنائڻ، جي مقصد ڏانهن رجوع
رکڻ کپي، جيڪو ئي انسان جو تاريخي منصب اهي، ڪامل
انسانيت جي تلاش يا حاصلات هيڪلائپ يا انفراديت جي
ڳالهه نه، پر ساٿ جي ۽ سنگ جي، همراهيءَ ۽ اتحاد
جي، ڳالهه آهي؛ انهيءَ ڪري اُها ظالمن ۽ مظلومن
جي وروڌي لاڳاپن ۾ ڪا نه وڌندي ويجهندي، ڪو به سچو
انسان نٿو ٿي سگهي.نٿو بنجي سگهي، جيڪو ٻين کي سچي
انسان ٿيڻ يا بنجڻ کان روڪي ٿو، انفرادي طرح،
وڌيڪ بهتر انسان ٿيڻ جي ڪوشش ماڻهوءَ کي، خود
غرضانه طور، وڌيڪ ڪجهه حاصل ڪرڻ ڏانهن نِئي ٿي:
اِهو انسان جي ڪرِڻ جو هڪ نمونو آهي. ائين نه آهي
ته انسان بنجڻ لاءِ اِها ڳالهه ڪانئين بنيادي طور
ضروري نه آهي ته ڪجهه هجي. بلڪ انهيءَ ئي ڪري، جو
اِهو ضروري آهي، ڪن ماڻهن وٽ ڪجهه (بلڪ وڌيڪ ڪجهه)
هجڻ کي هر گز ڇوٽ نه ڇڏي ڏيڻ کپي ته ٻين لاءِ ڪجهه
هجڻ جي آڏو رڪاوٽ ٿي بيهي رهي- ڇو ته ائين ڪرڻ
ٿيندو جن وٽ آهي، تن جي طاقت کي ايترو وڌائڻ يا
وڌڻ ڏيڻ، جو جن وٽ ڪونهي، اُنهن کي اُهي پيڙيندا ۽
ڪچليندا رهن.
’مسئلن کي کولي آڏو رکندڙ،‘ تعليم، هڪ انسان
پسند ۽ آزادگي بخش راهه عمل طور پنهنجو هڪ بنيادي
اصول رکي ٿي. اُهو ئي اُن جو سچو سڏ ۽ اصل فلسفو
آهي: جيڪي محڪوم آهن، مظلوم آهن، اُنهن کي پنهنجي
نجات لاءِ پاڻ وڙهڻو آهي- اِهو اُنهن جو حق آهي، ۽
فرض به ۽ اُن لاءِ هيءَ تعليم، پنهنجي تربيت جي
سلسلي هيٺ، استادن ۽ شاگردن کي سڀ کان پهرين هيءُ
موقعو ڏئي ٿي ۽ اِن لائق بنائي ٿي ته هو اختيار
شاهيءَ ۽ ’علميت‘ جي دٻاءَ ۾ نه اچن، ۽ حقيقت جي
غلط شعور جا ڪڏهن شڪار نه ٿين. هن تعليم ۾، انسانن
لاءِ دنيا اُها ڪانهي، جيئن عام طور اُها
منجهائيندڙ ۽ ٺڳڻن لفظن ۾ بيان ٿيندي آهي، بلڪ
اُها هڪ شيءَ هجي ٿي، جيڪا سندن انقلابي عمل هيٺ
بدلجي ٿي، ۽ اُهو ئي عمل خود اُنهن لاءِ پاڻ کي
بهتر ۽ ڪامل تر انسان بنائڻ جو عمل آهي.
’مسئلن کي آڏو رکندڙ‘ تعليم هر گز ظالم جي مفادن
لاءِ ڪارگر ڪانهي ۽ نه ٿي سگهي ٿي. ڪو به ظالم
نظام مظلومن کي اجازت نٿو ڏيئي سگهي ته هو سوال
ڪرڻ شروع ڪن ته ڇو؟ انهيءَ طرح، جيتوڻيڪ اِها
حقيقت آهي ته هو تعليم تي پورو ۽ سلسلي وار عمل
فقط هڪ انقلابي سماج ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، تنهن
هوندي به انقلابي اڳواڻن کي هِن طريقي تي عمل ڪرڻ
يا اُن کي ڪم آڻڻ لاءِ تيسين ترسي ويهڻو نه آهي.
انقلابي راهه ۾ به کين ظالماڻي سماج جو ظالماڻو
بئنڪاري طريقو، هڪ عارضي وسيلي طور ئي سهي، هر گز
استعمال ڪرڻ نه جڳائي- انهيءَ نيت سان ته اڳتي
هلي، هو سچي ۽ خالص انقلابي طريقي تي عمل ڪندا.
هنن کي شروع کان ئي انقلابي هجڻو آهي- يعني مسئلن
تي، ساٿين سان، خيالن جي ڏي- وٺ ۽ ڳالهه ٻولهه-
ڪرڻي آهي، استادُ – شاگرد ۽ شاگردُ- استاد بنجي.
باب ٽيون
جيئن
اسين ’ڳالهه- ٻولهه‘ تي، بطور هڪ انساني ورتاءَ
جي، غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ته اُن ۾ اسان کي
هڪ عجيب شيءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن کي اسين اُن جو
جوهر چئي سگهون ٿا: ۽ اُها عجيب شيءِ آهي ’لفظ‘،
رڳو هڪ وسيلو ئي ڪونهي، جيڪو ڳالهه- ٻولهه کي ممڪن
بنائي ٿو؛ اُن جي ڪرشمي کي سمجهڻ لاءِ اسان کي اُن
جي ترڪيبي جزن کي ڏسڻ کپي، لفطن جي اندر اسان کي
ٻه وسعتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون- فڪر جي ۽ عمل جي وسعت-
۽ اُهي اهڙي بنيادي عمل ۽ رد عمل جي سلسلي ۾
مصروف، جو جيڪڏهن هڪ گم ٿي وڃي- ذري برابر به- ته
ٻي فوراً اُن قدر نِست بنجي وڃي ٿي. ڪو به جيئرو
جاڳندو لفظ، سچو لفظ، موجود ڪونهي، جيڪو ساڳئي وقت
جيئرو جاڳندو عمل، سچو عمل نه آهي(18): ائين، هڪ
به سچو لفظ ڳالهائڻ معنيٰ دنيا کي چورڻ، تبديل
ڪرڻ.
هڪ
اڻ-سچو لفظ، اُهو جيڪو حقيقت کي تبديل ڪرڻ لائق نه
آهي، اُهو اوتري قدر اڻ-سچو ۽ نِست انهيءَ ڪري
آهي، جو اُن جي ترڪيبي جزن جي وچ ۾ دوئي يا اختلاف
روا رکيل هجي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن لفظ کي اُن جي عمل
جي وسعت کان محروم ٿو رکجي، ته ان جو فڪر به
خودبخود کوکلو بنجي وڃي ٿو؛ ۽ لفظ بدلجي هڪ توائي
آواز، رڳو هڪ چرڙاٽ، ٿي پوي ٿو،۽ اُن سان رڳو
لفاظيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنهن دل کي اُٽاڻيل يا دل
اُٽاڻيندڙ بَڪ بَڪ ئي سڏي ٿو سگهجي. اُهو هڪ ٺلهو
لفظ هجي ٿو، جيڪو حقيقيءَ کي، دنيا کي، نندي يا
بڇڙو چئي سگهي ئي نٿو. ڇا ڪاڻ ته دنيا کي بڇڙو
چوڻ يا اُن جي نندا ڪرڻ، دنيا کي بدلائڻ جي اَجهل
ارادي کانسواءِ ممڪن ئي ڪونهي، ۽ تبديلي عمل کان
سواءِ اڻ ٿيندڙ ڳالهه آهي.
ٻئي
پاسي، جيڪڏهن رڳو عمل تي زور ڏبو، ايتري قدر، جو
فڪر کي مرڳو ئي ٻُٽي ڇڏجي، ته لفظ لفظ نه رهندو،
ڦريِ ٺلهيءَ عمليت بلڪ عمل پرستيءَ ۾ بدلجي ويندو.
عمل پرستي-عملُ عملَ خاطر- سچي عمل جي نفي ڪري ٿي،
۽ جهن کي ڳالهه- ٻولهه ٿو چئجي، اُن کي ناممڪن
بنائي ٿي ڇڏي، ٻنهي طرحن سان، هيءَ دوئي، وجود
زندگيءَ جا، اڻ سچا ۽ کوٽا روپ قائم ڪري، فڪر جا
پڻ اهڙائي اڻ سچا ۽ کوٽا روپ اُڀاري، آڏو آڻي ٿي،
۽ ائين لفظ جي ٻن ترڪيبي جزن-فڪر ۽ عمل- جي وچ ۾
اختلافُ يا اڻ ميلُ- تيئن وڌيڪ اُگرو روپ وٺي بيهي
ٿو، ۽ لفظ جي اهڙي استعمال سان ماڻهن ۾ نرِيءَ
وائڙئپ کان سواءِ باقي ڪجهه نٿو رهي.
انساني وجود خاموش نٿو هجي سگهي، ۽ نه ڪوڙن لفظن
سان اُن جي ڪا خوراڪ ممڪن ٿي سگهي ٿي. انساني وجود
پنهنجو صحتمند تحرڪ يا زندگي فقط سچن لفظن جي
خوراڪ سان بحال ڪري سگهي ٿو، جن سان ماڻهو پنهنجي
دنيا بدلائين ٿا.انساني طور جيئڻ معنيٰ دنيا کي
ڄاڻڻ، دنيا کي سڃاڻڻ- اُن جو نالو وٺڻ- اُن کي
بدلائڻ. دنيا جي هڪ دفعي ائين ’نالي وٺڻ‘ سان،
دنيا هڪ مسئلو بنجي، پنهنجي نالي وٺندڙن جي آڏو
اچي بيهي ٿي، ۽ فورا اُنهن کان پنهنجي هڪ نئين
نالي جي گهر ڪري ٿي. ماڻهو ماٺ سان ڪو نه ٿا
جڙن(19)، پر لفظ سان، عمل سان، عمل- فڪر سان جڙن
ٿا.
پر
جڏهن هڪ سچو لفظ چوڻ- جيڪو عمل به آهي، ۽ سچو عمل
آهي- معنيٰ دنيا کي تبديلِ ڪرڻ، تڏهن اُن لفظ جو
چوڻ ڪن ٿورن ماڻهن، ڪن خاص ماڻهن، جي ئي سنديا
پروانو ڪونهي پر اُهو هر ماڻهوءَ جو، سڀني ماڻهن
جو، گڏيل حق آهي. انهيءَ ڪري، ڪو به ماڻهو اڪيلي
سر يا هيڪلو سچو لفظ چئي نٿو سگهي- نه ئي هو ڪنهن
ٻئي لاءِ اُهو چئي ٿو سگهي، فرماني نموني سان جيئن
ٻين جي مُنهن مان سندن لفظ کسجي وڃن.
ڳالهه- ٻولهه، دنيا جي تعقل سان، ماڻهن جي وچ ۾
ميلَ جو وسيلو آهي، ته جيئن اُهي گڏجي دنيا کي
ڄاڻن، اُن جو ’نالو وٺن’انهيءَ ڪري ڳالهه- ٻولهه
انهن ماڻهن جي وچ ۾ ٿي ئي نٿي سگهي، جن مان هڪڙا
دنيا جو ’نالو وٺڻ‘ چاهين ٿا ۽ ٻيا نٿا چاهين ته
اُن جو ائين نالو ورتو وڃي- انهن ماڻهن جي وچ ۾ ،
جن مان هڪڙا ٻين کان لفظ جي اظهار جو حق کسين ٿا ۽
ٻيا جن کان اُهو حق کسيو ويو هجي. انهيءَ ڪري،
اُهي، جن کان لفظ جي اظهار جو ابتدائي انساني حق
کسيو ويو آهي، انهن کي پهريائين اُن حق لاءِ وڙهڻو
آهي، ۽ کين، جو ائين انساني درجي تان ڪيرائي،
حيواني سطح تي آندو ويو آهي، اُن اڳرائيءَ ۽ ڏاڍ
کان پاڻ ڇڏائڻو آهي.
جيڪڏهن پنهنجي لفظ جو، پنهنجيءَ ڳالهه جو، اظهار
ڪندي، ماڻهو دنيا جو نالو وٺن ٿا ۽ اُن کي تبديل
ڪن ٿا، ته ڳالهه –ٻولهه ئي اُن سڄي اظهار جو ۽
دنيا جي ائين نالي وٺڻ جو، اُن کي بيان ڪرڻ جو،
واحد رستو آهي، جنهن سان ماڻهو، ماڻهو جي حيثيت ۾،
پنهنجو موُل قدر ۽ اهميت حاصل ڪن ٿا، انهيءَ طرح
هڪ ڳالهه ٻولهه انسان جي هڪ وجودي ضرورت آهي ۽
ڇاڪاڻ ته ڳالهه ٻولهه وسيلو آهي، جنهن ۾ ڳالهه-
ٻولهه ڪندڙن جي گڏيل فڪر ۽ عمل جو رخ دنيا ڏانهن
لڙيل هوندو آهي، جنهن کي تبديل ڪرڻو ۽ بهتر ماڻهپي
۾ آڻڻو آهي، انهيءَ ڪري ڳالهه- ٻولهه کي پنهنجيءَ
سطح تان هيٺ آڻي هڪ ئي ماڻهوءَ جي عمل جي صورت
نٿي ڏيئي سگهجي، جنهن ۾ اُهو پنهنجي ذهن جي
’ڌراوت‘ ٻئي جي ذهن ۾ جمع [ڊپازٽ (Deposit)]
ڪندو رهي. ۽ نه ئي وري ان ڳالهه-ٻولهه کي محض هڪ
ساديءَ ڏي- وٺ جي صورت ڏيئي سگهجي ٿي، جنهن ۾ بحث
مباحثي ۾ شامل ماڻهن کي رڳو هڪ ٻين جا خيال’ڏيڻا
وٺڻا‘۽ ’کپائڻا‘يا ’خرچ ڪرڻا‘آهن. ۽ نه ئي هيءَ
ڳالهه- ٻولهه ماڻهن جي وچ ۾ عداوتي يا مقابلائيءَ
دليل بازي ئي ٿي سگهي ٿي، جيڪي نه دنياجي نالي وٺڻ
جي نيت رکن ٿا ۽ نه انهن جو سچ سان ئي ڪو واسطو
آهي-سندن واحد دلچسپي فط ڪنهن ريت ٻين تي پنهنجي
’سچ‘ مڙهڻ ۾ آهي. ڇا ڪاڻ ته ڳالهه- ٻولهه ماڻهن جي
وچ ۾ هڪ وسيلوآهي، جيڪي دنيا جو نالو وٺڻ چاهين
ٿا، اُن کي سڃاڻڻ ۽ بيان ڪرڻ چاهين ٿا، اِها هڪ
اهڙي به صورتحال هجڻ نه کپي، جتي هڪڙا ماڻهو ٻين
ماڻهن پاران اِهو’دنيا جي نالي وٺڻ جو ڪم‘ پاڻ
بيهي ڪن ۽ ڪندا رهن. اصل ۾ هيءُ هڪ تخليقي عمل
آهي؛ ان کي هڪڙي ماڻهو تي ٻئي جي غلبي لاءِ
چالاڪي جي هڪ اوزار طور هر گز استعمال ٿيڻ نه
گهرجي. غلبي جي صورت، جيڪا ڳالهه ٻولهه ۾ واقعي
موجود آهي، اُها دنيا تي غلبي جي صورت آهي ۽ انهن
سڀني لاءِ آهي، جيڪي ڳالهه- ٻولهه ۾ شرڪي ٿين ٿا-
دنيا تي اُها سندن سوڀ انسانيت جي سوڀ آهي انسانن
جي آزادگيءَ لاءِ ڳالهه- ٻولهه بهر حال، دنيا لاءِ
۽ ماڻهن لاءِ انهي پيار جي موجودگيءَ ۾، ممڪن نٿي
ٿي سگهي، دنيا جي نالي وٺڻ، اُن کي بيان ڪرڻ جو
ڪم، جيڪو تخليقي ۽ نت نئون تخليقي ڪم آهي، جيڪڏهن
پيار سان ڀريل نه آهي، ته ممڪن ئي ڪونهي(20) پيار’
ڳالهه- ٻولهه جو بنياد به آهي ۽ ساڳئي وقت خود
ڳالهه- ٻولهه به آهي. انهيءَ ڪري، لازمي
طور،ڳالهه- ٻولهه ذميندار ماڻهن جو ڪم آهي، دٻاءَ
۽ غلبي جي صورت ۾ اُها موجود نٿي ٿي سگهي. دٻاءُ
يا غلبو پيار جي بيماري آهي: غالب ڌر ۾ اُها اذيت
ڏيڻ ۽ مغلوب ڌر وٽ اذيت سهڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي
ٿي. ڇا ڪاڻ ته پيارُ سورهيائيءَ ۽ همت جو عمل آهي
۽ نه خوف جو، اُن جي ڳالهه ٻين ماڻهن سان پنهنجي
سِر- سيتائيءَ جي، انهن لاءِ پنهنجي جان جي بازيءَ
جي ڳالهه آهي. مظلوم ڪٿي به هجن، پيار جو عمل
اُنهن جي مقصد سان سِر جي سَٽ جو واعدو آهي-اُنهن
جي آزادگيءَ جي مقصد سان. ۽ هيءُ واعدو، ڇاڪاڻ ته
اُهو پيار جو واعدو آهي، انهن سان حال ڀائي ٿيڻ
جو، ڳالهه- ٻولهه ڪرڻ جو واعدو آهي، سورهيائيءَ
جي عمل طور پيار زود-حس ۽ نِرو جذباتي نٿو ٿي
سگهي. آزاديءَ جو عمل ٿي ڪري ۽ اُن کي حرفت جي
ڪنهن بهاني طِور ڪم ڪرڻو ڪونهي. اُن کي آزاديءَ
لاءِ وڌيڪ ڪجهه ۽ ڪيئي ڪارناما سَر ڪرڻا آهن: نه
ته اُهو پيار نه آهي. فقط ۽ فقط ظلم جي صورتحال کي
ختم ڪرڻ سان ئي پيار بحال ٿي سگهي ٿو، جنهن کي اُن
صورتحال ناممڪن ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن آءُ دنيا کي
پيار نٿو ڪريان، زندگيءَ کي پيار نٿو ڪريان، ماڻهن
کي پيار نٿو ڪريان- ته آءُ حال ڀائي به نٿو ٿي
سگهان، ڳالهه ٻولهه ۾ به شرڪت نٿو ڪري سگهان.
ساڳئي وقت، ڳالهه- ٻولهه نهٺائيءَ کان سواءِ به
ممڪن ٿي نٿي سگهي. دنيا جو نالو وٺڻ، اُن جي تورتڪ
ڪرڻ، جنهن سان ماڻهوءَ اُن جي نت نئين طرح تخليق
پيا ڪن، هٺ ۽ هوڏ جو ڪو عمل نٿو ٿي سگهي. ڳالهه-
ٻولهه جيڪا سکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي مشترڪ عمل خاطر ماڻهن
جو ميلُ آهي، ٽٽي پوندي، جيڪڏهن ڌرين ۾ (يا
منجهانئن هڪ ۾) نهٺائي نه هوندي. ڪنهن ڳالهه-
ٻولهه ۾ ٻين سان آءُ ڪيئن ٿو شريڪ ٿي سگهان.
جيڪڏهن سدائين آءُ انهن جي آڏو سندن جهالت جون
ڳالهيون آڻيندس ۽ پنهنجي جهالت ڏانهن پاڻ ڪڏهن به
نه ڏسندس؟ ڳالهه- ٻولهه ۾ آءُ ڪيئن ٿو شريڪ ٿي
سگهان، جيڪڏهن پاڻ کي آءُ ٻين کان الڳ ئي ڪا شيءِ
پيو سمجهندس- رڳو ’آءُ پاڻ‘، جنهن ۾ ’ٻيا آءُ‘،
’ٻياپاڻ‘، ڪٿي موجود ئي نه هجن؟ ڳالهه- ٻولهه ۾
آءُ ڪيئن ٿو شريڪ ٿي سگهان، جيڪڏهن آءُ پاڻ کي
’ڌڻيل‘ماڻهن جي ڪنهن مخصوص گروهه مان پيو سمجهندس-
سچ ۽ ڄاڻ جا مالڪ، جن لاءِ گروهه کان ٻاهر سڀيئي
’ٻيا‘ هجن.’اڻڄاڻ‘ ۽ ’عام‘ هجن؟ جيڪڏهن آءُ ڳالهه
ئي ڪرڻ شروع ڪريان ٿو انهيءَ چوڻ سان ته’دنيا جي
نالي وٺڻ، اُن کي سمجهڻ ۽ هلائڻ جو ڪم اوچن ۽ خاص
ماڻهن جو آهي ۽ جڏهن به تاريخ ۾ ننڍا ۽ گهٽ قسم جا
ماڻهو اڳتي آيا آهن ته تاريخ جو زوال شروع
ٿيوآهي-جنهن کان اسان کي بچڻو آهي، ‘ته انهيءَ چوڻ
کانپوءَ آءُ ڳالهه- ٻولهه کي اڳتي ڪيئن ٿو هلائي
سگهان؟ جيڪڏهن آءُ ٻين جي ڪمن ۽ ڪاميابين جو قدر
نٿو ڪريان، بلڪ انهن تي ڪاوڙ ٿي وٺيم. جيڪڏهن آءُ
پريشان ٿيان ٿو ۽ ڊپ اٿم ته ٻيو ڪو منهنجي جاءِ نه
اچي والاري، ته جنهن کي ڳالهه- ٻولهه ٿو چئجي سا
ڪيئن ٿيندي پاڻ کي ئي ڪاٽي سمجهڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ۾
به ڀائيوار ٿيڻ، انهن ٻن ڳالهين جو گڏ هجڻ ناممڪن
آهي. جن ماڻهن ۾ نهٺائي ڪانهي(يا جن نهٺائي ڇڏي
ڏني آهي)، جي ماڻهن جي ويجهو وڃي نٿا سگهن، اُنهن
سان ويهي نٿا سگهن، اُهي ماڻهن سان دنيا جي نالي
وٺڻ، اُن بابت ڳالهائڻ ۽ اُن کي بدلائڻ جي ڪم ۾
حصيدار ٿي ئي نٿا سگهن. جيڪو پاڻ کي ٻين جهڙو فاني
انسان ئي نٿو سمجهي، اُن کي ٻين سان ميل واري هنڌ
تي پهچڻ ۾ گهڻو سفر گهرجي. ميلَ ۾ شريڪ ماڻهن ۾ نه
ڪو نِرو جاهل آهي، نه پورو ڪو داناءُ؛ هو سڀ اُتي
ماڻهو آهن جيڪي گڏجي ڪوشش ڪن ٿا ته جو ڪجهه هو
ڄاڻن ٿا، اُن کان وڌيڪ هو ڄاڻن ۽ معلوم ڪن.
ان
کان وڌيڪ، ڳالهه- ٻولهه ماڻهوءَ ۾، انسان ۾، پڪي
ايمان جي تقاضا ڪري ٿي- هُن جي سَت ۽ سگهه ۾ ايمان
جي- ته هو ٺاهي سگهي ٿو ۽ وري ٺاهي سگهي ٿو، جوڙي
سگهي ٿو ۽ وري جوڙي سگهي ٿو، هن جي بهتر ۽ ڪامل تر
ماڻهوءَ بنجڻ جي منصب ۾ ايمان جي تقاضا (جيڪو منصب
اوچن ۽ خاص ماڻهن جو پروانو ڪونهي، پر سڀني ماڻهن
جو جنمي حق آهي.) ماڻهوءَ ۾ ايمان- ڳالهه ٻولهه
لاءِ اِهو پهريون شرط آهي، ’ڳالهه ٻولهه چاهيندڙ
ماڻهو‘ ٻين ماڻهن سان مُنهان مُنهن ملڻ کان اڳ ۾
اُنهن ۾ ايمان رکي ٿو. هن جي ايمان، بهر حال، ڀولي
ڀاوَ وارو، سادو، ايمان ڪونهي.’ڳالهه ٻولهه
چاهيندڙُ ماڻهو‘ چڱي لڱي جو خيال رکندڙ ماڻهو آهي.
۽ ڄاڻي ٿو ته جيتوڻيڪ ٺاهڻ ۽ وري ٺاهڻ جي، تبديل
ڪرڻ جي، طاقت ماڻهن ۾ آهي، پر ’ دل کڄي ويل‘ يا
’دل اُٽاڻيل‘ بجنسي حالتن ۾ ماڻهو اُن پنهنجي طاقت
جي استعمال ۾ پاڻ کي بيوس ڏسن ٿا. هيءَ صورت ماڻهن
۾ هُن جي ايمان کي لوڏڻ يا ختم ڪرڻ بدران هُن لاءِ
هڪ قسم جي للڪار آهي، جنهن جو هن کي تدارڪ ڪرڻو
آهي. هُن جو اِهو ويساهه آهي ته ٺاهڻ، وري ٺاهڻ ۽
تبديل ڪرڻ جي طاقت، وروڌي حالتن هيٺ رڪجي ۽ دٻجي
وڃي ٿي، پر اُن ۾ وري اٿڻ ۽ اکين کولڻ جي خصلت
آهي. ۽ هيءُ اُن جو وري اٿڻ خود بخود يا بي سبب نه
ٿو ٿئي، پر آزادگيءَ جي جدوجهد وسيلي ۽ ان جي
هلندي ٿئي ٿو- جنهن ۾ ماڻهن جو غلام پورهيو آزاد
پورهئي جي صورت وٺي ٿو ۽ اُن سان ماڻهن کي
زندگيءَ جي امنگ ۽ زندگيءَ جو لطف موٽي ملن ٿا.
ماڻهن ۾ اِن ايمان ۽ اعتماد کانسواءِ، ڳالهه ٻولهه
کل جهڙو هڪ سانگُ ٿي پوي ٿي ۽ بگڙي هڪ قسم جو ان
داتائي ويا کياڻ بنجي پوي ٿي.
ڳالهه ٻولهه، جڏهن پيار، نهٺائيءَ ۽ اعتماد جي
بنياد تي بيٺل هجي ٿي، تڏهن اُها ماڻهن ۾ هڪ
جهڙائيءَ جو ميلُ قائم ڪري ٿي، ۽ اُن ۾ شريڪ ماڻهن
جو هڪ ٻين ۾ ڀروسو ۽ اعتبارُ اُن جو منطقي نتيجو
هجي ٿو. اِها هڪ لفظي تضاد جي ڳالهه ٿيندي، جو
ڳالهه- ٻولهه پيار ڀري، نهٺائيءَ واري ۽ هڪ ٻئي تي
ايمان ڀري به هجي، پر پوءِ به باهمي اعتماد ۽
ڀروسي واري فضا قائم نه ڪري سگهي.جنهن ۾ حصيدار
ماڻهو دنيا جي سمجهڻ ۽ اُن جي نئين سر جوڙڻ بابت
جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ هڪ ٻئي سان سهمت نه ٿين ۽ هڪ
ٻئي جي قريب نه اچن.ان جي ابتڙ، تعليم جي بئنڪاري
طريقي ۾، جيڪو ڳالهه ٻولهه جو وروڌي طريقو آهي،
ماڻهن جي هِن باهمي اعتماد ۽ ڀروسي جو موجود هجڻ
ممڪن ڪونهي. ڳالهه ٻولهه جي پهرئين شرط طور
ماڻهوءَ ۾ ايمان موجود آهي، ته ڳالهه ٻولهه وسيلي
ماڻهن جي باهمي اعتماد جو پيدا ٿيڻ ۽ قائم رهڻ
لازمي شيءِ آهي. نٿو پيدا ٿئي يا پيدا ٿي گهٽجي
وڃي ٿو يا ناڪام ٿو ٿئي، ته ائين چئبو ته ڳالهه
ٻولهه جو پهريون شرط موجود نه هو يا ناڪام ٿو ٿئي،
ته ائين چئبو ته ڳالهه ٻولهه جو پهريون شرط
موجودنه هو يا وچ ۾ اُهو هيڻو يا بنهه گم ٿي چڪو
آهي. ڪوڙي پيار، ڪوڙيءَ نهٺائپ ۽ ماڻهوءَ ۾ ڪمزور
ايمان سان، هڪ ٻين ۾ ڀروسو پيدا نٿو ٿي سگهي.
ڀروسو مدار رکي ٿو، اُن ثبوت تي جيڪو هڪ ڌر ٻين کي
پنهنجن صاف ۽ سچن ارادن جو ڏئي ٿو؛ ۽ اُهو موجود
نٿو رهي سگهي. جيڪڏهن اُن ڌر جا لفظ يا قول ان جي
ڪمن يا عملن سان ٺهڪندڙ نه آهن. چئجي هڪ ڳالهه ۽
ڪجي ٻي ڳالهه- پنهنجي ئي لفظن کي وزن نه ڏيڻ-
اعتماد ائين نٿو ڄمي سگهي. جمهوريت جي ثنا ڪرڻ ۽
ماڻهن کي خاموش رکڻ، هڪ سانگ آهي؛ انساني دوستيءَ
تي ليڪچر ڏيڻ ۽ انسانَ جو انڪار ڪرڻ، هڪ ڪوڙ آهي،
ڌوڪو آهي.
۽ نه
ئي ڳالهه ٻولهه اميد کان سواءِ به ممڪن هجي
ٿي.اميد جي پاڙ ماڻهن جي اڻ پورائيءَ ۾ لڳل ٿئي
ٿي، جتان هو پنهنجي پورنتا جي تلاش ۾ اڳتي وڌن ٿا
۽ اُهو تلاش جو عمل هو فقط ٻين ماڻهن جي رفاقت ۽
حال ڀائپ ۾ ئي جاري رکي سگهن ٿا. نااميدي چُپ
چُپات جي هڪ صورت آهي، ۽ دنيا کان نفيءَ جِي، ۽
اُن کان فرار جِي. انساني زوال، جيڪو بي انصاف
سماجي نظام جي نتيجي ۾ صورت پذير ٿئي ٿو، اُهو
نااميديءَ جو نه پراميد جو سڏ آهي، جيڪو انهيءَ
ظالم ۽ بي انصافيءَ هٿن ڪچليل انسانيت جي بحاليءَ
۽ اُن جي سڦلتاجي راهه ۾ ماڻهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ
اُتساهي ٿو. اميد، بهرحال، اُها ناهي ته هٿ هٿ تي
رکي ويهجي ۽ انتظار ڪجي. جيستائين ماڻهو وڙهي ٿو،
اميد هُن کي اُتساهي ٿي: ۽ جيڪڏهن اهو دل ۾ اميد
رکي وڙهي ٿو، ته هو ترسي سگهي ٿو، انتظار به ڪري
سگهي ٿو. وڌيڪ چڱي ۽ پوري انسان بنجڻ جي راهه سان
ويندڙ انسانن لاءِ ڳالهه ٻولهه صلاح مصحلت، دل جي
ڏاڍ ۽ حال ڀائپ جو وسيلو آهي، ۽ هيءُ سندن ميل يا
وسيلو نااميديءَ جي فضا ۾ قائم رهي نٿو سگهي.
جيڪڏهن راهه سان اڳتي ويندڙ پنهنجي ڪوشش جي نتيجن
کان نااميد آهن، ته سندن ساٿ به خالي، بي ثمر،
عملدار شاهيءَ وارو ۽ ٺلهي زور بار وارو ساٿ ئي
ثابت ٿيندو.
آخر
۾، سچي ڳالهه ٻولهه تنقيدي سوچ کان سواءِ عمل ۾
اچي نٿي سگهي. سوچ، جيڪا دنيا ۽ ماڻهن جي وچ ۾
اٽوٽ سنگ کي تسليم ڪري ٿي ۽ منجهن ڪا به ’دوئي‘
موجود ڪا نه ٿي ڏسي-سوچ، جيڪا حقيقت کي هڪ سلسلي ۽
تبديليءَ طور سڃاڻي ٿي ۽ نه هڪ جامد يا بيٺل شيءَ
طور- سوچ، جيڪا پاڻ کي عمل کان الڳ ڪا نه ٿي ڪري،
۽، ڪنهن به جوکم جي ڊپ بنان، سدائين پاڻ کي دنيوي
پدارٿن سان واڳيل رکي ٿي. تنقيدي سوچ اُن سادي
سوديءَ ۽ ڀولي ڀاوَ واريءَ سوچ کان مختلف ٿئي ٿي.
جيڪا تاريخ جي سڄي وقت کي ائين ڏسي ٿي، ڄڻ اُهو
’ماضيءَ جي تجربن ۽ حاصلاتن جو هڪ وزني ڍڳ آهي،
وڏو ڪو تهن مٿان تهه ٿيل دڙو آهي‘(21)، جنهن مان
حال’صاف سٺو‘ ۽ ’ٺيڪ ٺاڪ‘ پيدا ٿي، ازخود ٻاهر اچڻ
کپي. ساديءَ سوديءَ سوچ واري ماڻهوءَ لاءِ جيڪا
اهم ڳالهه آهي، سا اِها آهي ته هن ’ٺيڪ ٺاڪ‘ واري
’اڄ‘ سان سمجهوتي ۾ رهجي- هاءِ هاءِ سُک وهاِءِ!
تنقيدي سوچ واري ماڻهوءَ لاءَ اهم ڳالهه هيءَ آهي
ته ماڻهن جي ماڻهپي جي لڳاتار واڌاري ۽ بهتريءَ
لاءَ اِن ’اڄ‘ جي حقيقت جي لڳاتار تبديلي عمل ۾
ايندي رهي. پيئر فوٽر(Pairre
Furter)
جي لفظن ۾،”منزل هيءَ نه آهي ته جا وک زمين جي
پيرن هيٺان آيل آهي يا آسمان هيٺ جا وٿي مليل آهي،
اُن سان چهٽي، دنيا جي ٻئي جوکم کان پاڻ بچايو
وڃي، پر سڄي وشال اوڪاش (Space)
کي پنهنجيءَ دنيا جي حدن ۾ آندو وڃي. ڪائنات مون
تي ائين عيان ڪانه ٿي ٿئي ته اُها هڪ بي انت
موجودگي آهي، جنهن سان مون کي رڳو پاڻُ ڪوئي
ڪسوئي ۽ ٺهڪائي هلڻو آهي، پر هيءُ مون لاءِ پهچ جو
هڪ ميدان آهي، منهنجي دنيا آهي، جيڪا بس ايتري قدر
ئي منهنجو علائقو يا منهنجي جاءِ يا جوءِ بنجي ٿي،
جيتري قدر آءُ اُن کي پنهنجي عمل جي اثر هيٺ آڻيان
ٿو.“ ساديءَ سوديءَ سوچ لاءِ، برابر، منزل بس اُها
ئي آهي ته اُن پڪيءَ پختيءَ، پيرن هيٺ آيل وک زمين
کي چنبڙي پئجي، ۽ بس، اُڻ سان نباهه ڪجي: انهيءَ
طرح هيءَ سوچ دنيويت جي سچي سڏ ۽ للڪار کان انڪار
ڪري، خود پنهنجي پاڻ جو به انڪار ڪري ٿي.
فقط
۽ فقط تنقيدي سوچ گهرندڙ ڳالهه ٻولهه ئي تنقيدي
سوچ کي پيدا ڪري ٿي ۽ اُڀاري ٿي.ڳالهه ٻولهه
کانسواءِ ڄاڻ جي ڏي وٺ ڪا نه ٿي ٿئي ۽ ڄاڻ جي ڏي
وٺ کانسواءِ سچي تعليم، سچي سکيا، ممڪن ڪانهي.
استاد ۽ شاگرد جي تضاد کي اُها تعليم ئي حل ڪري
سگهي ٿي. جيڪا اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪم ڪري ٿي، جتي هو
ٻيئي گڏجي پنهنجي ڄاڻڻ جو عمل يعني پنهنجي سُوجهي
۽ سوچ انهيءَ شيءِ تي مرڪوز ڪن ٿا، جنهن ۾ سندن
گڏيل دلچسپي آهي ۽ جنهن کي هو ٻيئي واقعي ڄاڻڻ
گهرن ٿا، اهڙيءَ طرح تعليم جو ڳالهه ٻولهه وارو
روپ يا اُن جي اِها خصلت ائين ئي جڏهن استادُ
شاگردُ ۽ شاگرد استادَ تدريسي طور گڏجن ٿا، ڪم ڪرڻ
شروع ڪا نه ٿي ڪري ڏئي، پر اُها تڏهن ئي ڪم شروع
ٿي ڪري. جڏهن استادُ شاگردُ پهريائين پاڻ کان پڇي
ٿو ته شاگردن استادن سان سندس ڳالهه ٻولهه ڇا بابت
هوندي. انهيءَ طرح ڳالهه ٻولهه جي مواد بابت ويچار
سچ پچ ته تعليمي پروگرام جي مواد بابت ويچارُ آهي،
جنهن کي بئنڪاري تعليم جي سرشتي ۾ ’نصاب‘ چئجي
ٿو.
ڳالهه ٻولهه ور وڌي بئنڪاري تعليمڪار لاءِ مواد جو
سوال فقط اهڙي هڪ پروگرام جو سوال آهي، جنهن بابت
هو شاگردن سان پاڻ ڳالهائيندو يعني جنهن بابت هو
کين رڳو ٻڌائيندو؛ ۽ هو ان مسئلي کي ائين ٿو حل
ڪري، جو هو پاڻ پنهنجو پروگرام مرتب ڪري ٿو ۽
پنهنجن شاگردن کي ٻڌائي ٿو، ڳالهه ٻولهه ڪندڙ،
مسئلن کي آڏو رکندڙ، استادَ شاگرد لاءِ تعليمي
پروگرام جي مواد جو سوال ائين نه آهي. هن جي نظر ۾
اِهو مواد نه ڪو ئي تحفو آهي، جيڪو شاگردن کي
بخشڻو آهي، ۽ نه ڪائي چٽي آهي، جيڪا اُنهن تي
مڙهڻي آهي- خبر يا ڄاڻ جي ذرن پرزن وانگر جيڪي
شاگردن کي ’ڏيڻا‘ هجن يا سندن مٿن جي ٽجوڙين ۾
’ڊپازٽ ڪرڻا هجن. اُن جي ابتڙ، اُهو شين جو،
ڳالهين جو، هڪ پورو رٿيل، سلسليوار ۽ سلجهيل
’نقشو‘ آهي. جن بابت هُن جا شاگردَ استادَ ۽ خود
هو پاڻ به (استاد شاگردَ طور) وڌيڪ ڄاڻڻ چاهين
ٿا.((22)
سچيءَ تعليم کي نه الفُ ب بابت، پر فقط الفُ ب
سميت، ترتيب ڏيئي سگهي ٿو، جن ٻنهي جي وچ ۾ دنيا
هڪ سُٻنڌ يا ڳانڍاپو آهي، جنهن کي هو ٻيئي ڄاڻڻ
چاهين ٿا ۽ جيڪا هُنن ٻنهي کي متاثر ڪري ٿي ۽
للڪاري ٿي، ۽ اُن بابت هو ٻيئي ڪي ويچار يا رايا
رکن ٿا. هي اُنهن جا ويچار ڪافي ڪن انديشن، شڪن،
اميدن يا نااميدين سان ڀريل هجن ٿا، جيڪي سڀن ڪن
اهم ڳالهين جا، ڪن اهم موضوعن جا بناد بنجي سگهن
ٿا- جن تي تعليم جي پروگرام جو مواد بيهاري سگهجي
ٿو. ڀولي ڀاوَ وارو انسان- دوستيءَ جو خيال يا
رايو، انهيءَ خواهش جي اثر هيٺ ته ’چڱي ماڻهوءَ‘
جو ڪو آدرشي نمونو تخليق ڪيو وڃي. اڪثر اِن
پنهنجيءَ ڪوشش ۾ سچن پچن چرندڙ پرندڙ، جيئرن
جاڳندن ماڻهن جي سچين پچين، وجودي ۽ ڏسجندڙ،
پسجندڙن حالتن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي. سچي ۽
اصلي انسان- دوستي، پيئري فرٽر جي لفظن ۾، اِها
آهي ته اُن لاءِ ’اسين پنهنجي پوري انسانپڻي جي
ساڃاهه کي اُسرڻ ڏيون- هڪ شرط طور، هڪ ذميداريءَ
طور، هڪ صورتحال طور ۽ هڪ رٿا طور‘ اسين پورهيتن
ڏانهن- شهر جي توڙي ٻهراڙين جي پورهيتن ڏانهن(23)-
بس ائين ئي اٿي هليا وڃون، بئنڪاري طريقيڪار مطابق
ته انهن کي اسين’ڄاڻ‘ ٿا ڏيون يا انهن جي ذهن ۾
’چڱي ماڻهوءَ‘ جو هڪ نمونو ٿا ويهاريون جيڪو
اسان پنهنجي ئي سوچيل پروگرام ۾ سامهون رکيو آهي-
ته ائين اسين هر گز نٿا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته اُها
اسان جي سوچ هنن جي سوچ ڪا نه ٿيندي، ۽ اهو ’چڱي
ماڻهو‘جو تصور به هُنن لاءِ اوپرو ۽ ڌاريو ئي
هوندو. ڪيتريون ئي سياسي ۽ تعليمي رٿائون ناڪام
ٿيون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي مصنفن انهن کي حقيقت
بابت رڳو پنهنجن شخصي ويچارن ۽ راين مطابق ئي
ٺاهيو ۽ تيار ڪيو هو- ۽ اُن ۾ هنن، هڪ ڀيرو به،
انهن ماڻهن جي اصلي حالتن کي خيال ۾ نه رکيو هو،
جن لاءِ هُنن اُهي پروگرام تيار ڪيا هئا- سڄي اُن
سندن ڪم ۾ اُهي اصلي ماڻهو هن لاءِ فقط ڪي بيجان
شيون يا گگدام جانور هئا، جيڪي سندن اُن مشق يا
عمل جا نشان بنجڻا هئا.
سچي
انسان دوست تعليمڪار ۽ سچي انقلابيءَ لاءِ عمل جو
نشان اُها حقيقت آهي، جيڪا کين، ٻين ماڻهن سان
گڏجي ۽ انهن جي ساٿ سان، بدلائڻي آهي- سندن عمل جو
نشان’پاڻ‘ اُهي ٻيا ماڻهو نه آهن. ظالم ئي هوندا
آهن، جيڪي ماڻهن کي پنهنجي عمل جو نشان بنائيندا
آهن- اُنهن جي مغز ۾ پنهنجا رايا ۽ عقيدا ڀريندا
آهن ۽ اُنهن کي موڙي مروڙي، اهڙيءَ هڪ حقيقت سان
ٺهڪائي بيهارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن ڏانهن هو
چاهيندا آهن ته ڪو اک به کڻي نه ڏسي ۽ جنهن کي ڪو
هٿ به نه لائي.بد قسمتيءَ سان، انقلابي اڳواڻ به
اڪثر انهيءَ شوق ۾ ته انقلابي عمل ۾ ترت ماڻهن جي
حمايت حاصل ڪئي وڃي، انهيءَ ئي طرح پنهنجي تعيلمي
پروگرام جي مواد جي رٿڻ ۾ مٿان کان هيٺ دٻاءَ واري
بئنڪاري طريقي ڪار ڏانهن گهلجي ويندا آهن. هو
هارين ۽ شهري پورهيت عوام وٽ اهڙيون رٿائون کڻي
ويندا آهن، جيڪي دنيا بابت سندن پنهنجي ويچارن سان
مطابقت ۾ ته شايد هجن، پر عوام جي ويچارن سان هر
گز ٺهڪندڙ نه هونديون آهن.(24) هو اِها ڳالهه
وساري ڇڏيندا آهن ته سندن بنيادي مقصد اِهو نه آهي
ته ماڻهن کي ڪنهن طرح ريهي ريبي پنهنجي پاسي ڪجي،
پر ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي ظالمن سان وڙهڻ آهي، ته
جيئن ماڻهن جو کسجي ويل ماڻهپو، انسانن کان ڦرجي
ويل انسانيت، کين موٽي ملي.’ ماڻهن کي ريهي ريبي
پنهنجي پاسي ڪرڻ‘ جو اصطلاح انقلابين جو لغت جو نه
پر ظالمن جي لغت جو اصطلاح آهي، انقلابيءَ جو
ڪردار آزادي ڏيارڻ آهي ۽ ماڻهن سان گڏ پاڻ به آزاد
ٿيڻ آهي- ۽ نه انهن کي ڌتاري پنهنجي پاسي ڪرڻ.
پنهنجي سياسي عمل ۾، بالادست خواض بئنڪاري سوچ کي
ڪم آڻين ٿا، انهيءَ لاءِ ته مظلومن ۾ بي عمليءَ يا
سهل پسنديءَ جي همت افزائي ٿئي، جيڪا مظلومن جي
ننڊ اکيل شعور جي عين مطابق هجي ٿي؛ ظالم هُنن جي
اُن بي عمليءَ جو فائدو وٺندي، سندن شعور ۾ اهڙا
نعرا ڀرين ٿا، جيڪي منهنجن آزاديءَ جو وڌيڪ خوف
پيدا ڪن ٿا. سچو آزادگي بخش عملُ اِن خواصي
طريقيڪار کان بلڪل ابتڙ هجي ٿو. آزادگي بخش عملِ
ظالمن جا خود اِهي نعرا مسئلن جي صورت ۾ آڏو آڻي،
مظلومن کي سندن من مان انهن جي ڪڍي ڦٽي ڪرڻ ۾
مددگار ٿئي ٿو. انسان دوستن لاءِ، ڪم از ڪم ائين
ته مناسب نٿو ٿي سگهي ته ظالمن جي نعرن جي جوڙ ۾
پنهنجا نعرا به مظلومن جي من ۾ اُن ئي بئنڪاري طرز
سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ڏسن ته ڪيئن ٿا اتي ٻيئي
ماپي سگهن! انسان دوستن جو ته هيءُ ڏسڻ فرض آهي ته
مظلومن کي خبر پوي ته ظالمن جي سلسلي ۾ جيڪا سندن
ٻه چتائي آهي، (ڏسجي مٿي بابت پهريون) جنهن ڪري
سندن من ۾ ظالمن جون ڪيئي ڳالهيون گهر ڪري ويٺيون
آهن، جيسين اُن ٻه چتائيءَ ۽ انهن ڳالهين کان هو
آجائي حاصل نه ڪندا، تيسين هو صحيح طرح جا انسان
ٿي ئي نه سگهندا.
اِن
فرض جو مطلب آهي ته انقلابي اڳواڻَ ماڻهن وٽ وڃن
ته ائين نه، جو هُنن لاءِ ڄڻ’نجات‘ جو ڪو پيغام
کڻي آيا هجن! پر اُنهن سان ڳالهه ٻولهه وسيلي
معلوم ڪن ته هنن جو سچو پچو حال ڪهڙو آهي، ۽ اُن
پنهنجي حال متعلق خود اُنهن جي پنهنجي ڄاڻ ڪهڙي
آهي- پنهنجي متعلق تهه ۽ دنيا متعلق جنهن ۾ ۽ جنهن
سان هو وجوديل آهن، سندن اُن ڄاڻ جا مختلف ۽
مختلف پاسا ڪهڙا آهن، ڪنهن به اهڙي تعليمي يا
سياسي عملي پروگرام مان مثبت نتيجن جي اميد نٿي
سگهجي. جيڪو پنهنجيءَ دنيا بابت ماڻهن جي مخصوصن
خيالن ۽ ڄاڻ کي ڌيان ۾ نٿو رکي. اُن خودساخته ۽
ماڻهن کان لا تعلق پروگرام جي پٺيان نيت ڪهڙي به
چڱيءَ هجي، پر اُن کي پوءِ فقط هڪ تهذيبي چڙهت يا
حملو (25) چئي سگهبو.
آزادگي بخش تعليمي يا سياسي عمل جي ڪنهن پروگرام
جي مواد کي مرتب ڪرڻ لاءِ ابتدائي نقطو سدائين
ماڻهن جي وجودي، بجنسي (Concrete)
۽ هلندڙ ڪالَ جي صورتحال هجڻ گهرجي، جنهن ۾ ماڻهن
جا اڌما، تمنائون ۽ اوسيئڙا عڪس ٿيل ڏسجن، ڪن
موجود بنيادي ٽڪرائن جي روشنيءَ ۾ اسان کي ماڻهن
جي هن وجودي، بجنسي ۽ موجود صورتحال کي هُنن کي
آڏو هڪ مسئلي طور، هڪ مامري طور، آڻڻ کپي، جيڪو
کين وڪوڙي بيٺل آهي، للڪاري ٿو ۽ کانئن ڪنهن جواب
جي تقاضا ڪري ٿو- رڳو علمي يا ذهني سطح تي نه، پر
عمل جي ڪنهن سطح تي.
اسان
کي ماڻهن وٽ ڪڏهن به سندن موجود صورتحال تي وڏيون
تقريرون ڪرڻ نه گهرجن، ۽ نه اُن سندن صورتحال جي
علاج طور اهڙا پروگرام اُنهن جي آڏو رکڻ کپن، جن
جو سندن پنهنجين موجود اميدن، ڊپ ڊاءَ، شڪن
شبهن، ڪار ڪرت ۽ تعلقدارين سان ڪو واسطو ئي نه
هجي يا هجي ته به ڪو پرانهون يا اَڻ سڌو ۽ ضعيف.
اهڙا پروگرام سچ پچ ته اڪثر مظلوم شعور لاءِ پاڻ
وڌيڪ پريشانيءَ، خوف ۽ مونجهاري جا سبب ثابت ٿيندا
آهن. اسان جو اِهو ڪم نه آهي ته ماڻهن سان اسين
دنيا پنهنجي نظريي جي ويهي تشريح ڪريون يا مٿن اهو
نظريو مڙهڻ جي ڪوشش بيهي ڪريون. اسان جو ڪم ته
دراصل هيءُ آهي ته ماڻهن سان سندن نظريي ۽ پنهنجي
نظريي بابت ڳالهه- ٻولهه ڪريون. اسان کي معلوم هجڻ
کپي ته دنيا بابت سندن نظريو، جيڪو سندن هلت چلت،
ڪم ڪار ۽ رهت سهت ۾ مختلف طريقن سان ظاهر ٿئي ٿو،
دنيا ۾ سندن سڄي حال جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو
تعليمي يا سياسي عمل ماڻهن جي اِن حالت جي هيٺ-
مٿانهين کان، چڱائي لڱائيءَ کان، يعني تنقيدي طور
اُن سندن حال کان با خبر نه آهي، اُهو يا بئنڪاري
طريقي ۾ وڃي پاڻ اُلجهائيندو يا ڀتين آڏو بي اثر
واعظڪاريءَ ۾. |