سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:17

مٿئين اقتباس ۾ گويرا جو ماڻهن سان ملي رهڻ تي زور خاص ڌيان لهڻي- ته اُن جو ’هڪ پاڻ هُرتي ۽ شاعرانه قسم جي فيصلي جي ڦري هڪ ڳنڀير ۽ پوريءَ طرح هڪ جدا اهميت جي قوت جي صورت وٺڻ‘ ۾ ڪيڏو نه فيصله ڪن حصو هو، اُن کانپوءِ، اِهو هارين سان ڳالهه ٻولهه جي عمل جو  ئي نتيجو هو، جو گويرا جي انقلابي فَڪَر وڌي ۽ رسجي هڪ محڪم ۽ پختيءَ تدبير جي صورت ورتي. اِن ۾ گويرا جيڪا وڌيڪ هڪڙي ڳالهه نه چئي آهي- شايد پنهنجي ڪسرنفسيءَ ۽ تواضع پسنديءَ سبب- سا اِها آهي ته اُن سڀ ۾ هن جي پنهنجي شخصي نماڻپ ۽ نياز مندي ۽ محبت ڀريل دل ڪيڏي نه مفيد ثابت ٿي سگهي هئي، سِئيرا جي هاري برادريءَ سان سندس ايتري قدر رُلي ملي رهڻ لاءِ اِها ئي رهت، جيڪا بيشڪ  ڳالهه ٻولهه جي عمل جو هڪ مثالي نمونو هئي، سا انقلابي عمل لاءِ مظلومن ۽ انقلابي اڳواڻن جي گهربل سهڪار (جنهن جو اسين هتي ذڪر ڪري رهيا آهين) جي ڪامل صورت هئي، اِن ۾ هيءَ ڳالهه به خاص ڌيان لهڻي ٿي، جيڪا گويرا ڪئي آهي ته، ’ماڻهن سان ملي رهڻ جو هڪ خيال‘ ڦري حقيقتن، ’انسان جي (انقلابي اڳواڻن جي) زندگيءَ جو لازمي حصو‘ بڻجي پيو هو، گويرا اِن تي به خاص زور ڏئي ٿو ته ڪيئن  هارين سان اِئين ملي هڪ ٿي رهڻ جي گهڙيءَ کان وٺي، هاري ڦري  گوريلن جي انقلابي نظريي جا خود وڌائيندڙ ۽ راس ڪندڙ ٿي پيا هئا.

انقلابي نظريي ۾، ڪنهن به منزل تي، انقلابي عمل کي ماڻهن سان رُلي ملي هڪ ٿي رهڻ کي هٿان ڇڏڻو نه آهي ۽ ائين هڪ ٿي رهڻ سهڪارُ طلبي ٿو: سهڪارُ ئي اڳواڻن ۽ ماڻهن کي اُن مضبوط ڳتيل سنگَ ۾ آڻي ٿو، جنهن جي گويرا ڳالهه ڪئي آهي. ۽ ڳتيل مضبوط سنگُ فقط تڏهن قائم رهي سگهي ٿو، جڏهن انقلابي عملڪاري سچ پچ انساني نوع جي، وڳرائين، پيار ۽ سٻنڌ جي،دلي حالن احوالن تي بيٺل ۽، خاص طرح اڳواڻن جي پار کان، نهٺائيءَ واري هوندي- ۽ پوءِ اُها آزادگي بخش به ثابت ٿي سگهندي.

اتحاد، آزادگيءَ لاءِ:

عمل جي ڳالهه  ٻولهه وروڌي نظريي ۾ بالادست پنهنجي ضرورت کان مجبور آهن ته مظلومن ۾ تفرقا پيدا ڪن- ته جيئن ظلم جي صورتحال کي، پنهنجي عالي مقام صورتحال کي، وڌيڪ سولائيءَ سان قائم رکي سگهن: اِن جي ابتڙ، ڳالهه ٻولهه واري نظريي ۾ اڳواڻ مجبور آهن ته مظلومن جي اتحاد لاءِ- ۽ پڻ اڳواڻن ۽ مظلومن جي اتحاد لاءِ – حد کان وڌ ڪوشش ڪن، بلڪ اُن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏين. اِن لاءِ ته هو آزادگي حاصل ڪري سگهن.

مشڪلات، وري به، هيءَ آهي ته ڳالهه ٻولهه جي عمل جي هيءَ ڪوشش (اُن جي ٻين ڪوششن وانگر) سواءِ سوچيل ويچاريل عمل جي، جنهن کي تدبير چئجي ٿو، ممڪن ناهي، ظلم جي تدبير بالادست عالي مقامين لاءِ سولي آهي ‎(ڏکي ڪم از ڪم نه آهي)؛ انقلابي اڳواڻن لاءِ، بهر حال، آزادگيءَ جي تدبير سولي ڪانهي. پهرين ڌر، پنهنجيءَ تدبير ۾، طاقت جا هٿيار استعمال ڪري ٿي؛  ۽ هيءَ طاقت ٻيءَ ڌر جي خلاف استعمال ٿئي ٿي،پهرين ڌر پاڻ کي آزاديءَ سان منظم به ڪري سگهي ٿي،  ۽ جيتوڻيڪ  وقتي ۽ اتفاقي  ويڇا اُن ۾ پئجي به سگهن ٿا، پر پنهنجن بنيادي مفادن جي ڪنهن ڳنڀير دٻاءَ هيٺ ايندي ئي اها فوران گڏجي هڪُ ٿي وڃي ٿي. ٻي ڌر ماڻهن کان سواءِ، جي ئي نٿي سگهي، ۽ اِها ئي اُن جي وجودي تقاضا اُن جي تنظيمي ڪوششن جي آڏو پهرين رڪاوٽ هجي ٿي.

واقعي، جيڪڏهن بالادست عالي مقام ماڻهو انقلابي اڳواڻن کي ڇڏي ڏين ته هو مظلومن کي متحد ۽ منظم ڪن، ته اِها اُنهن بالادست عالي مقامين جي پنهنجي وجودي  منطق جي ابتڙ ڳالهه  ٿيندي.بالادست عالي مقام برادريءَ جو پنهنجو اتحاد، جنهن سان اُن جي طاقت وڌي ٿي ۽ منظم ٿئي ٿي تنهن جي اِها ضرورت آهي ته ماڻهو ڦٽل هجن، وڙهيل هجن؛ انقلابي اڳواڻپ جو اتحاد ماڻهن جي پنهنجي اتحاد ۾  ۽ اُن اتحاد سان گڏ قائم هجي ٿو، عالي مقامين جو اتحاد ماڻهن سان سندن اختلاف مان اُڀري ٿو؛ انقلاب اڳواڻپ جو اتحاد ‎(هڪ مڙهي بيٺل ) ماڻهن سان سندن اتفاق مان اڀري ٿو، طلم جي سچي پچي، به جنسي، صورتحال- جيڪا مظلم  ماڻهوءَ جي ”آءُ“ کي ٻن اڌن ۾ ورهائي به چِٽو ڪري ڇڏي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اُهو مبهم، جذباتي طور هِلڙو ۽ گهڻ متيو ۽ آزاديءَ کان خائف ٿي پوي ٿو- اُها صورتحال(ماڻهن کي) آزادگيءَ لاءِ ملائي هڪ ڪندڙ عمل ۾ روڪ وجهي، بالادستن جي تفرقائي ڪم کي آسان بنائي ڇڏي آهي.

اِن کان وڌيڪ، بالادستي، بذات خود، خارجي طور به تفرقيباز آهي. اُها مظلوم ’آءُ‘کي هڪ اهڙيءَ حقيقت سان’واسطي‘ جي حالت ۾ رکي ٿي، جيڪا ڪُلي طاقتور  ۽ اَجيت ڏسجي ٿي، ۽ پوءِ اُن حالت کي  سمجهائڻ لاءِ اُها، غيبي قوتن کي وچ ۾ آڻي، اُن اَت هراسيل ۽ بيوس ’آءُ‘ کي ڇني، پاڻ کان، اُن پنهنجي ’پاڻ‘ کان، پري ڪري ڇڏي ٿي. مظلوم ’آءُ‘ جو هڪ ڀاڱو پوءِ اُن حقيقت سان اٽڪيل رهي ٿو، جنهن سان هو ’واسطي‘ ۾ آهي ۽ ٻيو اُن جو ڀاڱو پاڻ کان ٻاهر اُنهن غيبي قوتن وٽ ٽنگيل هجي ٿو، جن کي اُن حقيقت جو هو ذميوار سمجهي ٿو۽ جنهن لاءِ هو پاڻ ڪجهه نٿو ڪري سگهي. ائين هو ورهايل رهي ٿو- ساڳئي هڪ ئي جهڙي هڪ ماضي ۽ حال، ۽ اميد کان خالي هڪ مستقبل جي وچ ۾. هو اُهو هڪ شخص آهي، جيڪو پاڻ کي ٿيڻ جي حالت ۾ ڏسي ئي نٿو سگهي؛ ۽ انهيءَ ڪري هن جو ڪو مستقبل ڪونهي، جيڪو هو ٻين سان اتحاد جي ساٿ ۾ اچي پاڻ لاءِ تعمير ڪري سگهي. پر جيئن ئي اُن حقيقت سان پنهنجو ’واسطو‘ ٽوڙي ٿو ۽ اُن تي خارجي  طور نگاهه وجهندي، اُڻ مان ٻاهر نڪرڻ لڳي ٿو، تيئن ئي ٻاهرين هڪ ’معمول‘ (اِن حقيقت) سان ٽڪرڻ لاءِ هو پاڻ کي هڪ ’عامل‘ (عملڪارَ) (هڪ ’آءُ‘)طور پورنتا ۽ اصليت ڏيڻ شروع ڪري ٿو.اُن ئي گهڙيءَ پنهنجي ’ورهايل پاڻ‘ جي ڪوڙيءَ اڪائيءَ کي ٽوڙي هو  هڪ ’سڄو ۽ ثابت پاڻ،‘ هڪ سچو ۽ اصل فرد بڻجي پوي ٿو.

مظلومن کي ڦٽائڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ، ظلم جو هڪ نظريو ضروري آهي. اُن جي ابتڙ اُنهنِ جي اتحاد لاءِ هڪ قسم جو تهذيبي عمل، هڪ  طرح جي نظريائي اُکيل(De-Ideologising) ضروري آهي،  جنهن مان کين معلوم ٿي سگهي ته حقيقت سان سندن ’واسطو‘ ڇو آهي ۽ ڪيئن آهي. انهيءَ ڪري مظلومن جي اتحاد جي ڪوشش هيٺ ٺلهي نظريائي ’نعريبازي‘ هر گز ڪافي نه آهي- ٺلهي نعريبازي عامل(عملڪار) ۽ ٻاهرينءَ حقيقت (معمول) جي وچ ۾ موجود سچ پچ جي تعلق کي بگيڙي ۽ سڃاڻپ کان پري ڪري، اڻ جي (عامل جي) اٽوٽ شخصيت جي خبري، حسي ۽ عملي اُٿاڻن کي پڻ هڪ ٻئي کان ڇني، الڳ الڳ ڪري، ڇڏي ٿي.

ڳالهه ٻولهه جي آزادي بخش عمل جو مقصد مظلومن کي هڪ ڏندڪٿائي حقصيقت مان ’ڇڏائڻ‘ ۽ ٻيءَ هڪ حقيقت سان ’ٻڌڻ‘ نه آهي. در اصل ڳالهه ٻولهه جي عمل جو مقصد مظلومن لاءِ، اهو ممڪن بنائڻ آهي ته هو پنهنجا ’ٻنڌڻ‘ ڏسي ۽ سڃاڻي، هڪ بي انصاف حقيقت کي بدلائڻ جو فيصلو ڪن.

مظلومن جي اتحاد جو مطلب  آهي، منجهن ڪنهن به ننڍ وڏائي جي خيال بغير، سندن اندروني مضبوطي ۽ محڪمتا: انهيءَ ڪري مظلومن جو هيءُ اتحاد لازمي طور منجهن طبقاتي شعر جي موجودگي گهري ٿو. بهر حال، حقيقت جي چؤڪور ڪٺورتا ۾ سندن  غرقابي، جيڪا لاطيني آمريڪائي هارين جي مروج صورتحال(هر مظلوم انبوهه جي مروج صورتحال) جي خصوصيت آهي، اُن جي معنيٰ هيءَ آهي ته مظلوم طبقي جي هجڻ جو سندن شعور هر لحاظ کان اِن ڳالهه تي منحصر آهي ته هو پهريائين يا گڏوگڏ، اِهو شعور رکندا هجن ته هو مظلوم فرد آهن.(63)

ڪنهن يورپي هاريءَ جي آڏو، هڪ مسئلي طورِ اها ڳالهه اٿارڻ ته هو هڪ فرد آهي، شايد هُن کي ڏاڍي هڪ عجيب ڳالهه لڳي. پر لاطيني آمريڪي هارين جي حالت  ۾ (غربت، جهالت ۽ بيچارگيءَ ۾ ورتل هر جڳهه جي هاريءَ جي حالت ۾) ائين نه آهي، جن جي دنيا اڪثر پنهنجي ديِهه جي حدن تائين (يا پنهنجي دهه خدا (ڀؤتار) جي رعبدار شخصيت  تائين) ختم ٿيو وڃي. هُنن جو ته اٿڻ ويهڻ، هلڻ چلڻ، منهن مهانڊو ۽ هٿن ٻانهن جو کڻن ڪرڻ سڀ، هڪ حد تائين جانورن بلڪ بيٺل وڻن وانگر پيو لڳندو آهي، بلڪ اڪثر هو پاڻ کي ڀائيندا ئي اُنهن جهڙو آهن.

ماڻهو، جيڪي انهيءَ طرح فطرت آڏو، ۽ ظالمن آڏو، هٿين پيرين ٻڌل آهن، اُنهن کي اِئين پاڻ کي دريافت ڪرڻو ئي پوندو ته هو فرد آهن، ۽ کين ٿيڻ کان، بنجڻ کان، روڪيو ويو آهي. هنن جو ائين پاڻ کِي دريافت ڪرڻ معنيٰ ته پهرين ته هو پاڻ کي پيڊرو، ائنٽونيو يا جوزيفو (پِريو) انٿوني ۽ يوسف) سمجهن- يعني ائين، ته هو پنهنجي سِر  پاڻ آهن، شخص آهن، فرد آهن. اِها سندن پنهنجي دريافت کين سڃاڻپ جا بلڪل نوان ڏس ۽ نوان ماپا ڏئي ٿي:

لفظ’دنيا‘“ ’ماڻهو‘،  ’ساڃهه‘، ’وڻ،‘ ’ڪم‘، ’جانور‘، وغيره هن لاءِ بلڪل نئين هڪ اهميت وٺي بيهن ٿا. هاري پاڻ کي هاڻي ائين ڏسن ٿا ته هو، پنهنجي تخليقي ڪم وسيلي، حقيقت جا بدلائيندڙ آهن، جيڪا اڳي هُنن لاءِ رڳي  هڪڙي غائب  ۽ غيبائتي شيءِ هئي. هُنن کي اِها ڄاڻ ٿئي ٿي ته، ماڻهن جي حيثيت ۾، هو وڌيڪ هاڻي ’شيون‘ نٿا رهي سگهن، جيڪي ٻين جي مِلڪ  هجن: ۽ ائين هو  مظلوم فردن هجڻ جي  پنهنجي شعور کان وڌي هڪ مظلوم طبقي هجڻ جي شعور تائين پهچي سگهن ٿا.

هارين کي متحد ڪرڻ جي ڪا به فرماني قسم جي طريقن تي مبني ڪوشش- جيڪي طريقا رڳو’نعرن‘ تي مدار رکن ٿا ۽ مسئلي جي هِنن بنيادي پاسن کي خيال ۾ نٿا آڻين-اُها فردن جو هڪڙو کوڙ يا جهمگٽو ئي پيدا ڪري  سگهي ٿي، ۽  اُنهن جي عمل کي خالص هڪ ميڪانيڪ نوع جو رخ ۽ روپ ئي ڏيئي سگهي ٿي. مظلومن جو اتحاد ’شين‘ جي سطح تي نه پر ’انسانن‘ جي سطح تي قائم ٿئ  ٿو.۽ اُهو هڪ اهڙيءَ حقيقت جي سلسلي ۾ قائم  ٿئي ٿو، جنهن کي پوريءَ طرح سمجهيو ويو  هجي، يعني جنهن جي ٻاهرئين ڍانچي ۽ اصلي مقصد ۽ عمل پيرائيءَ کي ڄاتو ويو هجي، ۽ جنهن ڏانهن رويي جو اتفاق قائم ٿي سگهيو هجي.

مظلوم متحده ٿي سگهن، ان لاءِ هُنن کي جادوءَ، ڀرم ۽ ڏند ڪٿا سان پنهنجا ڄم جا ناتا ٽوڙڻا پوندا، جيڪي کين ظلم جي دنيا سان ٻڌل رکن ٿا؛ اتحاد جا ڌاڳا جيڪي کين پاڻ ۾ ٻڌي هڪ ڪن ٿا، اُهي لازمي طور ٻيءَ طرح جا هئڻ کپن. هِن قسم جي اڻ سرندڙ ۽ پيڙهائتي اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ جنهن انقلابي سلسلي جي گهرج ٿئي ٿي، اُهو شروع کان ئي تهذيبي عمل جو سلسلو هجڻ کپي اُهي سماجي نظام اندر مظلومن جي پنهنجي تاريخي ۽ وجودي تجربي تي ئي مدار رکندڙ هوندا.

هاري هڪ ”بند“ حقيقت اندر رهن ٿا. جنهن ۾ ظالمانه فيصلي جو هڪ  ئي مضبوط مرڪز هجي ٿو. شهري مظلوم هڪ کِنڊندڙ ۽ وڌندڙ دائري ۾ رهن ٿا، جنهن ۾ ظالماڻي فرمان جو مرڪز گهڻ هنڌائون ۽ مُنجهيل هجي ٿو، هاري  هڪ بالادست ويس ڌاريءَ جي ضابطي ۾ رهن ٿا، جيڪو ظالماڻي سرشتي جي مُجسم علامت آهي. شهري  ايراضين ۾ وري، مظلوم هڪ ’ظالمانه عدم شخصيت جا‘ غلام ۽ محڪوم آهن، ٻنهي حالتن ۾  ظالمانه اقتدر يا طاقت، هڪ حد تائين الوپ آهي، غائب آهي: ٻهراڙيءَ جي علائقي ۾ مظلومن جي بنهه قريب هجڻ سبب، ۽ شهرن ۾ انهيءَ ڪري، جو اُها وٽڙيل ۽ پکڙيل آهي.

تهذيبي عمل جي صورتن جا مقصد، بهر حال، ههڙين جدا جدا حالتن ۾ ساڳيا هجن ٿا: يعني، مظلومن جي آڏو خارجي صورتحال کي کولي پڌرو ڪرڻ، جيڪا کين ظالمن جو باندي ۽ محتاج بڻائي ٿي- اُهي ظالم پوءِ الوپ هجن يا پڌرا. انهيءَ ڪري، عمل جون فقط اُهي صورتون، جيڪي هڪ طرف ٺلهن تقرير بازين ۽  بي اثر بڙ بڙ کان ۽ ٻئي طرف ٺلهيءَ پٽ کوهه ۽ ميڪانيڪي عمل پرستيءَ کان پاسو ڪن ٿيون، سي ئي بالادست عالي مقام ڌرين جي تفرقائي عمل کي منهن ڏيئي سگهن ٿيون ۽ مظلومن جي اتحاد جي قريب وڃي سگهن ٿين ۽ وڌ ۾ وڌ اُن کي ممڪن بنائي سگهن ٿيون.

تنظيم

ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل جي نظريي ۾، جيت ۽ بالادستيءَ لاءِ حرفت بازي ۽ هٿ ناٽ اڻ اُسرندڙ ۽ لازمي ضرورت آهي، ڳالهه ٻولهه پسند عمل جي نظريي ۾، ماڻهن جي تنظيم هِن حرفتبازيءَ ۽ هٿ ناٽ جو مقابل ضدُ آهي. تنظيم نه رڳو سڌيءَ طرح اتحاد سان لاڳاپيل آهي، پر اُن اتحاد جي فطري زور ۽ واڌاري جي هڪ صورت آهي. انهيءَ ڪري، اتحاد جي حاصلات لاءِ اڳواڻن جي ڪوشش لازمي طور ماڻهن(عوام) کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش پڻ آهي، جيڪا گواهه هجي ٿي اِن سچ جي ته آزادگيءَ جي جدوجهد سڀني مظلومن جو گڏيل ڪم آهي. هيءَ لاڳيتي، اڻ لکائيندڙ بي خوف  گواهي، يعني  تنطيم، جيڪا گڏيل مفيد ڪم- آزادگيءَ جي ڪم- ۽  سهڪار جي ثابتي آهي، ڳالهه ٻولهه ور وڌي گهٽ ۽ دٻاءَ کان بچاءُ جو ڪم ڏئي ٿي. تنظيم جي صورت يا نمونو  جدا جدا ٿي سگهي ٿو- جيڪو منحصر هجي ٿو سماج جي تاريخي حالتن تي: پر خود تنظيم آزادگيءَ جي ڪم ۾ سهڪار جي هيءَ ثابتي، انقلابي عمل جو هڪ اڻ سِرندڙ ۽ لازمي حصو آهي.

تنظيم جي”ڇا ۽ ڪيئن“ بابت فيصلي لاءِ، انهيءَ ڪري ضروري آهي ته موجود ۽ مروج تاريخي حوالي جي  وڌ کان وڌ تنقيدي ڄاڻ حاصل هجڻ گهرجي- ماڻهو دنيا بابت جيڪو خيال رکن ٿا، اُن جي ڄاڻ، سماج جي مکيه تضاد جي ڄاڻ ۽اُن تضاد جي اهم ۽ مکيه صورتن جي ڄاڻ ۽ ڇاڪاڻ ته تنظيم جا هي پاسا ۽ فڪري وسعتون تاريخي آهن، ڳالهه ٻولهه جي عمل سان واسطو رکن ٿيون ۽ انهيءَ ڪري جدلياتي آهن. تنظيم اُنهن کي ٻين حوالن مان کڻي، جيئن جو تيئن، ۽ خود پنهنجن وجودي پاسن ۽ وسعتن جي اڳواٽ ڇنڊڇاڻ کان سواءِ ئي، پنهنجو نٿي ڪري سگهي.ٻيءَ صورت ۾ نسبتي ڳالهيون ڦري پنهنجي مٿان مطلق ڳالهين طور، ۽ ڏند ڪٿائي ڳالهين طور، مڙهجي وينديون. تنظيم-آزاديءَ جي جدوجهد ۾ مظلومن جي باهمي سهڪار جي ثابتي- انهيءَ طرح عمل جي ڳالهه ٻولهه پسند نظريي ۾، انقلاب جي تعليمي ۽ تهذيبي خصوصيت جي اظهارن مان هڪ مکيه ۽ اهم اظهار مڃيو ويو آهي.

تنظيم جا اصولي ۽ لازمي جزا، جيڪي تاريخي طور نٿا بدلجن، اُنهن مان ڪي هي آهن: قول ۽ فعل جي موافقت: همت، بي باڪي، جنهن سان ماڻهن جي تنظيم کي اُتساهيو وڃي ته هو زندگيءَ کي هڪُ دائمي جوکم سمجهي مُنهن ڏين: ڳالهين جي بنيادي اُکيل (فرقه پسنديءَ لاءِ نه) جيڪا تنظيم کي ۽ اُنهن کي جيڪي اُن ۾ اچن، وڌ کان وڌ تحرڪ ۽ عملڪاريءَ تي آماده ڪري؛ پيار جو وارُ، محبت جو سدا اڳتي قدم(جيڪو انيائي  دنيا سان سمجهوتو نه آهي، پر وڌي اُن جو نالو وٺڻو ۽ اُن کي ٻانهن کان جهلڻو آهي ته جيئن اُن کي ماڻهن جي وڌ کان وڌ آزاديءَ خاطر تبديل ڪري سگهجي)؛ ۽ ماڻهن ۾ ايمان، ڇاڪاڻ ته اُنهن جي ئي تنظيم آهي، جيڪا قائم ڪرڻي آهي، ۽ ڇاڪاڻ ته اُهي بالادست عالي مقامين سان جدلياتي تعلق ۾ آهن، انهيءَ ڪري اُنهن ۾ ايمان جو اثر اُنهن ٻين جي تُز ۽ صحيح سڃاڻپ جو به سبب ثابت ٿئي ٿو، (۽ اُن جي نتيجي ۾ اُهي پاڻ ٻيا به ماڻهن جي تنظيم ڏانهن پنهنجو اصلي ۽ عادتي رد عمل ڏيکارڻ تي مجبور ٿي پون ٿا.

هر سچي تنظيم(ڇا ڪاڻ ته اُها تنقيدي نوع جي به هجي ٿي) ڪنهن قدر جوکم کڻڻ جي همت به رکي ٿي ۽ اِن امڪان جي جوکم جي به ته اڳواڻ سدائين ماڻهن جو فوري ساٿ حاصل نه به ڪري سگهن: تنظيم، جنهن ڪنهن خاص وقت تي ۽ ڪن خاص حالتن هيٺ پنهنجو ڦل نه ڏنو آهي، اُها انهيءَ سبب سڀاڻي پنهنجي ڦل ڏيڻ کان جڏي يا اسمرٿ ٿي ويل ڪا نه ٿي سمجهي سگهبي. تنظيم جو ڪو خيالي منڊل ڪونهي: تنظيم خود هڪ عمل آهي- دنيا سان ۽ ماڻهن سان ٽڪراءَ جو، مقابلي آرائيءِ جو، هڪ مظهر: اُها ڪا ساڪت يا جامد، بيٺل يا نشچل شيءِ نه آهي. اُها هڪ متحرڪ ۽ فعال ماجرا آهي، جيڪا اُن سماجي نسبت يا حوالي جو حصو هجي ٿي: جنهن ۾ اُها واقعي ٿئي ٿي؛ ۽ اُها پنهنجي وجودجڻ جي اُن پهرئينءَ گهڙيءَ کان وٺي، ان سماجي نسبت يا حوالي تي اثر انداز ٿيڻ لڳي ٿي ۽ ائين ڪرڻ کانسواءِ رهي ئي نٿي سگهي.(64)

ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل  ۾، حرفتبازي ماڻهن کي سُن ڪري ڇڏي ٿي ۽ مٿن بالادستيءَ جي راهه هموار ڪري ٿي ؛ ڳالهه ٻولهه پسند عمل ۾ حرفتبازي سچيءَ ۽ سُرت واري تنظيم هيٺ لٽجي وڃي ٿي. ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل ۾ حرفتبازي جيت ۽ قبضي جا مقصد حاصل ڪري ٿي: ڳالهه ٻولهه پسند عمل ۾ باخبر، باهمت ۽ محبت مائل تنظيم بچاءُ سلامتيءَ ۽ آزادگيءَ جي مقصدن جي پوئواري ڪري ٿي.

بالادست عالي مقامين لاءِ، تنظيم جي معنيٰ آهي سندن پنهنجي تنظيم. انقلابي اڳواڻن لاءِ، تنظيم جي معنيٰ آهي ماڻهن سان سندن تنظيم. پهرينءَ صورت ۾، بالادست عالي مقام ڌر پنهنجي طاقت جي نظام کي وڌ ۾ وڌ مضبوط ڪري ٿي. ته جيئن اُها وڌيڪ مهارت سان غالب پئجي سگهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي ماڻهپي کان محروم ڪري، محض  استعمال جي شين طور ڪم آڻي سگهي؛ ٻيءِ صورت ۾، تنظيم پنهنجي اصلي خاصيت ۽ مقصد  سان مطابقت ۾ رهندي، خالص آزادگيءَ جي عمل ۾ ئي مصروف ۽ اُن تائين ئي محدود رهي سگهندي.  انهيءَ ڪري، ڪنهن به ماڻهن جي تنظيم لاءِ گهربل ضابطي کي ڳالهه ۾ ٻڌل ڏاندن جي پرڪرمائي (طوافائي)عمليت جي برابر سمجهي نه سگهبو. ائين برابر آهي ته اڳواڻپ، ضابطي،  ارادي جي محڪمتا ۽ مقصدن جي لڳاءَ کان سواءِ فرضن جي پوري ڪرڻ ۽ ذميدارين جي حساب ڪتاب ڏيڻ کان سواءِ ڪا به تنظيم بچي نٿي سگهي، ۽ ائين انقلابي عمل  مهمل بلڪ ناپيد ٿي وڃي ٿو. اِها حقيقت،بهر حال، ماڻهن کي شين طور استعمال ڪرڻ جو ڪڏهن به جواز نٿي بڻجي سگهي. ماڻهو اڳي ئي ظلم هٿان پيسيا ۽ ڪچليا، بيجا بوتا بڻيا ٿا رهن- جيڪڏهن انقلابي اڳواڻن اُنهن ۾ ساهه ڦوڪڻ ۽ سُرت  جاڳائڻ جي سعيي ڪرڻ بردران اُنهن کي پنهنجو دست نِگر ڪندا ۽ انهن سان حرفتبازي ۽ هٿ ناٽ جو ورتاءُ ڪندا، ته ائين ڪندي هو تنظيم جو سڄو مقصد (يعني آزادگيءَ جو مقصد) ئي ختم ڪري ڇڏيندا.

ماڻهن کي منظم ڪرڻ هڪ سلسلو آهي، جنهن ۾ انقلابي اڳواڻ، جيڪي پاڻ به پنهنجي لفظ آوازڻ کان روڪيا ويا آهن، اُن سکيا جي تجربي جو آغاز ڪن ٿا ته دنيا جو ڪيئن نالو کڻجي، اُن کي ڪيئن نالو ڏجي. هيءَ تجربي جي سچي سکيا آهي، ۽ انهيءَ ڪري ڳالهه ٻولهه پسند سکيا آهي. انهيءَ ڪري، اڳواڻ اڪيلا  اڪيلا پنهنجو لفظ آوازي نٿا سگهن: لازمي طور کين اُهو ماڻهن سان گڏ آوازڻو آهي. اڳواڻ، جيڪي اِئين ڳالهه ٻولهه پسند، ڳالهه ٻولهه مائل عمل نٿا ڪن، پر پنهنجا فيصلا مڙهڻ گهرن ٿا، اُهي ماڻهن کي منظم نٿا ڪن، پر هڪلين ۽ ڪاهين ٿا. هو آزاد نٿا ڪن، ۽ نه ئي پاڻ آزاد ٿيل آهن: هو ڄمت ۽ دٻاءَ کان ڪم وٺن ٿا.

اِها حقيقت ته اڳواڻ جيڪي ماڻهن کي منظم ڪن ٿا، تن کي خود اختيار نموني پنهجي لفظ مڙهڻ جو حق ڪونهي، اِن جي معنيٰ اِها آهي ته اُنهن کي ’آزاد مزاج‘ موقف اختيار ڪرڻ کپي، ته ماڻهو جيڪي ظلم ۽ زور جي صورتحال سان ئي مانوس آهن، سي عوض ۾ ڀل ته بي ضابطگيءَ جو پروانو وٺي ويهي رهن، عمل جو ڳالهه ٻولهه پسند نظريو خود اختيار فرماني روش جي مخالف آهي، ته اُهو ڇڙواڳيءَ ۽ غير ذميداري جو پروانو به ڏيڻ نٿو گهري، ۽ انهيءَ ڪري اُهو اختيار ۽ آزاديءَ ٻنهي کي تسليم ڪري ٿو. اختيار کانسواءِ آزادي جي معنيٰ ڪانهي، ۽ انهيءَ طرح آزاديءَ کان سواءِ اختيار جي معنيٰ به ڪانهي. هر آزاديءَ هيٺ اِهو ممڪن آهي ته مخصوص حالات ۾ (۽ مختلف وجودي سطحن تي) اُها ڦري اختيار جي صورت وٺي سگهي، آزادي ۽ اختيار (اختياري) هڪ ٻئي کان جدا نٿيون ٿي سگهن. اُهي لازم ملزوم آهن ۽ هڪ ٻئي جي تعلق ۽ انحصار(آڌار) سان ئي اُهي ويچار هيٺ آڻي ٿيون سگهجن ۽ پڻ ماڻي ٿيون سگهجن. (64)

سچو ۽ اصلي اختيار رڳو تبادلي سان استعمال نٿو ٿئي  ۽ نه اُن جو حق  ائين ادا ٿئي ٿو، ائين فقط يڪدليءَ ۽ همدميءَ جي ساٿ جي صورت ۾ ٿئي ٿو،  يا جڏهن اُهو سونپيو وڃي. ڏنو وڃي- آزادي سان، رضا خوشيءَ سان، جيڪڏهن اختيار هڪ گروهه کان ٻئي گروهه ڏانهن ٺلهو تبديل ٿئي يا اڪثريت تي مڙهيو  وڃي، ته اُهو بدلجي ۽ بدشڪل بڻجي، دٻاءُ ۽ غلبو بڻجي وڃي ٿو. اختيار آزاديءَ جي ٽڪر يا مقابلي کان فقط تڏهن بچي ٿو سگهي. جڏهن اُهو ’آزادي بصورت‘ رهي. هڪ جي سُڪڻ يا سوس کائڻ سان ٻئي جو ساهه گهُٽجي ٿو. جيئن اختيار آزاديءَ کان سواءَ. ۽ آزادي اختيار کان سواءِ، موجود نٿا هجن، تيئن دٻاءُ يا غلبو به آزادي جي انڪار کانسواءِ ۽ ڇڙواڳي به اختيار جي انڪار کانسواءِ موجود رهجي نٿا سگهن.

عمل جي ڳالهه ٻولهه پسند نظريي ۾، تنظيم کي اختيار جي ضرورت هجي ٿي. انهيءَ ڪري اُها دٻاءَ جي صورت نٿي وٺي سگهي؛ اُن کي آزاديءَ جي ضرورت هجي ٿي، انهيءَ ڪري اُها ڇڙ واڳيءَ جي صورت ۾ به نٿي ٿي سگهي. تنظيم اصل ۾، هڪ اعليٰ تعليمي سلسلي جو سوال آهي، جنهن ۾ اڳواڻ ۽ ماڻهو گڏجي سچي اختيار ۽ آزاديءَ جو تجربو ماڻين ٿا، جيڪي ئي صورتحال هو، پنهنجي مُنهان مُنهن بيٺل حقيقت کي بدلائي، سماج ۾ آڻڻ ۽ قائم ڪرڻ گهرن ٿا.

تهذيبي نبيرو:

تهذيبي عمل هميشه هڪ با تربيت ۽ ڳڻيل پَهيل عمل جو نمونو هجي ٿو،. جيڪو سماجي نظام تي اثر انداز رهي ٿو- اُن  کي قائم رکڻ لاءِ يا بدلائڻ لاءِ، ڳڻيل  پهيل ۽ باترتريب عمل جي هڪ نموني طور، هر تهذيبي عمل جو مت يا اصول هجي ٿو، جيڪو اُن جا مقصد مقرر ڪري ٿو، ۽ اُنهن پٽاندر اُن جا طريقا واضع ڪري ٿو. تهذيبي عمل يا بالادست صورتحال جي ڪم اچي ٿو(شعوري  يا غير شعوري طرح) يا ماڻهن جي آزادگيءِ  جي ڪم اچي ٿو. جيئن جيئن تهذيبي عمل جون هي جدلياتي مقابل صورتون  سماجي نطام ۾ ۽ اُن تي اثر انداز ٿين ٿيون. اُهي پنهنجي دائري اثر ۾ دائميت ۽ تبديليءَ جا جدلياتي حالات پيدا ڪن ٿيون.

سماجي نطام جو هئڻ اُن جي ٿيڻ تي موقوف آهي- ٻين لفظن ۾ ٿيندو رهڻ سماجي نظام لاءِ اُن جي قائم رهڻ جو طريقو آهي، اُن جي ’معياد‘ جي ضمانت آهي.(65)

ڳالهه ٻولهه وارو تهذيبي عمل اِهو مقصد سامهون رکي نٿو سگهي ته سماجي نظامن مان دائميت تبديليءَ جو جدلياتي تعلق غائب ٿي يا ختم ٿي وڃي.(اُهو ته هڪ ناممڪن مقصد ٿيندو، ڇو ته جدليات جي غائب ٿيڻ جو لازمي شرط خود سماجي نظام جو، بلڪ ماڻهن جو، ئي غائب ٿي وڃڻ آهي.) ڳالهه  ٻولهه  واري تهذيب عمل جو فقط مقصد هيءُ آهي ته سماجي نظام جي  دوبدو تضادن کي حل ڪيو وڃي. جنهن سان ماڻهن جي آزادگيءَ حاصل  ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org