سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:5 

استادُ حقيقت بابت ائين ٿو ڳالهائي ڄڻ اُها مئل، جامد، خانن ۾ رکيل ۽ سڄي جي سڄي اڳ ڄاتل شيءَ هجي. يا اهڙي ڪنهن موضوع تي هو بيهي واعظ ڪري ٿو، جيڪو شاگردن جي وجودي تجربي جي ڪڏهن به ويجهو ڪونهي. ڄڻ هن جو ڪم رڳو شاگردن جي مغز ۾ پنهنجي ڳالهه جا احوال ڀرڻا آهن-احوال جيڪي حقيقت کان دور، سڄيءَ ڳالهه جي پورنتا کان ڪٽيل، خالي، سڄا کوکلا، محض هڪ لا تعلق لفاظي، جا ماڻهوءَ کي پنهنجي ماحول کان ئي بيگانو ڪري ڇڏي.

انهيءَ طرح، هن بياني تعليم جي نمايان خصوصيت لفظن جي ڪايا پلٽيندڙ سگهه نه پر رڳو انهن جو ترنم ۽ وزندار واڄٽ هجي ٿو.’چار چونڪ‘سورهن‘، ’پاڙا جي گادي بيلا‘-شاگرد هي اکر ٻڌي ٿو، ياد ٿو ڪري ۽ وري وري چوي ٿو، ۽ هن کي اها خبر  به ڪا نه ٿي پوي ته ’چار چونڪ‘ جي معنيٰ ڇا آهي يا ’پاڙا جي گادي بيلا‘ جي  اصطلاح ۾ ’گاديءَ‘ جي اهميت ڪهڙي، يعني ’پاڙا لاءِ ’بيلا‘ جو ۽ ”برازيل“ لاءِ ”پاڙا“ جو ڇا مطلب آهي.(15)

بيانُ، ڪٿا يا ڳالهه (جنهن ۾ استاد ڳالهائيندڙ آهي) شاگردن کي رڳو ٻڌايل ڳالهه کي طوطي وانگر ياد ڪرن تي آماده ڪري ٿي. اُن سان، هو ڦِري بي ساها ٿانءَ ٿي پون ٿا، جن کي استاد ڀريندا ٿا رهن. جيترو ڪو استاد وڌيڪ زور سان ٿانءَ ڀريندو، اوترو اُهو بهتر استاد سمجهبو، جيترو ڪي ٿانءَ وڌيڪ نهٺائيءَ سان پاڻ ڀرجڻ ڏيندا، اوترا اوهي بهتر شاگرد سمجهبا.

انهيءَ طرح، تعليم محض ڪو مال يا ڌراوت ميڙي رکڻ جو عمل وڃي ٿِي رهي- ڌراوت جو مالڪ استاد، ۽ اُها وٺي يا ميڙي رکڻ وارا شاگرد. استاد ڪجهه سيکاري، اُن جي بجاءِ، ڪي ڇڊا، گهاٽا ’دونهان‘ اٿندا رهن، ۽ شاگرد چپ چاپ اهي جُهٽيندا ۽ مغز پنهنجا اُنهن سان ڀريندا رهندا. هيءُ تعليم جو ’بئنڪاري‘ تصور آهي، جنهن ۾ شاگردن کي جنهن عمل جي اجازت هجي ٿي، سو رڳو وٺڻ، گڏ ڪرڻ ۽ ڌاراوتون جمع ڪري رکڻ جي. هنن کي برابرِ اِهو موقعو ملي ٿو ته جيڪي شيون هو ميڙين ٿا تن کي هو سنڀالي اسٽور ڪن ۽ اُنهن جون خانن وار داخلائون پڻ رکن. پر ان ڪار گذاريءَ سان، هن سرشتي ۾، جو بهترين قسم جو هڪ گمراهه سرشتو آهي، خود انسان پاڻ به اسٽور ٿي وڃن ٿا ۽ سندن مجرائيءَ يا ڪارپت جي خاني ۾ رڳو انگن جي واڌ جون داخلائون ئي وڃي رهن ٿيون- ڇو ته ان سان ڪٿي به تخليق جو،  ڪنهن تبديليءَ جو ، ۽ علم جو ڪو به اضافو ڪو نه ٿو ٿئي. ڇا ڪاڻ ته کوجنا ۽ ولوڙ کان سواءِ، سجاڳ ۽ هوشمند عمل کان سواءِ، انسان سچا پچا انسان ٿي نٿا سگهن. در اصل، علم فقط ايجاد ۽ بهتر ايجاد سان اُڀري ٿو، ۽ انسان جيڪا بي آرام، اورچ ۽ لاڳيتي کوجنا (تحقيق) دنيا ۾، دنيا جي ساٿ سان ۽ هڪ ٻئي جي ساٿ سان ڪن ٿا، اُن کوجنا سان اُڀري ٿو.

تعليم جي بئنڪاري تصور ۾، علم هڪ تحفو آهي، جيڪو پاڻ کي علم جا صاحب چوائيندڙ، علم جا تَونَگَر، شخص انهن کي عطا ڪن ٿا جن کي علم کان خالي ۽ جاهل سمجهن ٿا. ٻين کي ائين بلڪل جاهل اڻ جاهل سمجهڻ، جيڪا  ظلم جي نظر جي ئي هڪڙي ادا آهي، ائين آهي، جو اِن کان ئي انڪار  ڪيو وڃي ته تعليم ۽ علم تلاش ۽ تحقيق جو ئي ڪو سلسلو يا رستو آهي. تعليم جي هِن سرشتي ۾ استادُ شاگردن جي آڏو پاڻ کي ائين آڻي بيهاري ٿو، ڄڻ هو اُنهن جو لازمي ضد آهي؛ هنن جي اڻڄاڻائي ۽ جهالت کي ڪُلي طور ائين سمجهڻ ۾ هو پنهنجي وجود جو جواز ڄاڻي ٿو. هُن جا شاگرد به، پنهنجيءَ جاءِ تي، پاڻ کي بلڪل ئي جاهل سمجهي، استاد جي وجود جو جواز تسليم ڪن ٿا، ۽ پوءِ ڪڏهن به هو ائين محسوس نٿا ڪن ته خود استاد به کانئن ڪجهه سکي سگهي ٿو. ۽ ائين ڳالهه ٻولهه ۽ ذهني  ڏي وٺ جو دروازو استاد ۽ شاگدن جي وچ ۾ ٻوٽجي وڃي ٿو ۽ سدا بند رهي ٿو.

بر خلاف ان جي، استاد ۽ شاگردن جي سرچاءَ ۽ پنهنجائپ ۾ ئي آزادگي بخش تعليم جو جوازي منطق رکيل آهي. تعليمي عمل جي ابتدا استاد –شاگرد جي تضاد جي انهيءَ حل سان ئي ٿيڻي آهي-يعني، تضاد جي هنن ٻن آمهون  سامهون  بيٺل نقطن جي سرچاءَ سان، ته جيئن هي ٻيئي نقطا هڪ ئي وقت هڪ ٻين جا استاد ۽ شاگرد ٿي ڪم ڪن.

هيءُ حل بئنڪاري سرشتي ۾ موجود نه آهي ۽ نه اُن ۾ موجود ٿي سگهي ٿو. ان جي ابتڙ، بئنڪاري تعليم هيءُ ضد قائم رکي ٿي ۽ اُن کي وڌ کان وڌ سخت ڪري ٿي ۽ تيز ڪري ٿي- هيٺين صورتن ۽ ڳالهين سان، جن ۾ مجموعي طور  ظالم سماج جو عڪس ئي ڏسي ٿو سگهجي:

1-                 استاد سيکاري ٿو ۽ شاگردن کي سيکاريو وڃي ٿو.

2-                استاد سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ شاگرد ڪجهه نٿا ڄاڻن.

3-                استاد ئي سوچي ٿو ۽ شاگردن بابت رڳو سوچيو وڃي ٿو.

4-                استاد ڳالهائي ٿو ۽ شاگرد ٻڌن ٿا - نهٺائيءَ سان.

5-                 استاد ضابطو رکي ٿو ۽ شاگرد ضابطي ۾ رهن ٿا.

6-                استاد جي ئي مرضي آهي، جا هو عمل ۾ آڻي ٿو، ۽ شاگرد اُها مڃين ٿا ۽ اُن موجب هلن ٿا.

7-                استادُ ئي عمل ڪري ٿو ۽ شاگرد انهيءَ خيال ۾ رهن ٿا ڄڻ استاد سان ۽ استاد جي پاڇي ۾ هو پاڻ اُهو عمل ڪن ٿا.

8-                استاد ڪرداري نقشا يا خاڪا پنهنجي پسند تي بنائي ٿو ۽ شاگردن کي (جن سان ڪا صلاح ڪا نه ٿي ڪئي وڃي) رڳو انهن نقشن تي يا خاڪن  تي پاڻ کي ڇاپڻو  يا ڇپائڻو آهي.

9-                استاد علم جي سَند کي پنهنجي ماهرانه سَند سان ملائي، شاگردن جي آزاد راءِ ۽ عمل جي آڏو آڻي ان کي بيهاري ٿو.

10-            استادُ سکيا جي سلسلي جو زنده عنصر آهي، ۽ شاگرد اُن جا مرده عنصر آهن.

 انهي طرح، اِها ڪا عجيب ڳالهه ڪانهي ته تعليم جو بئنڪاري تصور ماڻهن کي مٽيءَ جي پنوڙڻ وانگر ڪوُنئرا ۽ ’ماپجي ويندڙ‘ جِي وئي سمجهي ٿو. جيترو وڌيڪ پاڻ وٽ علم جي ڌراوتن ميڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو ڪم شاگردن ڪن ٿا، جيڪي کين سنڀالي رکڻ لاءِ ڏجن ٿيون، اوترو گهٽ سندن تنقيدي شعور جاڳي ٿو ۽ وڌي ٿو- ڇو ته اُهو ته فقط تڏهن ئي جاڳي سگهي ٿو ۽ وڌي سگهي ٿو، جڏهن هو دنيا کي بدلائڻ لاءِ پاڻ اُن سان واسطي ۾ اچن ۽ اُن ۾ دخل انداز ٿين. جيترو وڌيڪ صحيح ۽ پورو هو پنهنجو چپ چپاتي ڪردار قبوليندا، جيترو مٿن مڙهيو وڃي ٿو، اوترو وڌيڪ هو پنهنجي دنيا سان، جيئن اُها آهي تيئن، ٺهڪي ويهندا ۽ اُن جي حقيقت جي ڀڳل ٽٽل خيالن کي، جيئن کين ڏنو  ويو آهي تيئن، تسليم ڪري ويهندا.

شاگردن جي تخليقي قوت کي گهٽائڻ يا نيست ڪرڻ جي، ۽ انهن جي ٻالائي ڀولائيءَ کي آڀارڻ جي صلاحيت، جيڪا هن بئنڪاري تعليم وٽ آهي، اُن سان ظالمن جا مفاد ئي سِڌ ٿين ٿا، جيڪي نه دنياجي حقيقت کي پڌري ڪرڻ ۾ ۽ نه  اُن جي ڪنهن طرح بدلجڻ ۽ نئين ٿيڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. ظالم پنهنجي ’خدمت خلق‘ کي رڳو پنهنجي مفادي صورتحال کي بچائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ ڪم آڻين ٿا ۽ انهيءَ ڪري تعليم جي هر اهڙي تجربي يا طريقي کان هو خائف رهن ٿا ۽ اُن جي خلاف هڪ دم ڪاوڙ ۾ ڀرجي اٿن ٿا، جنهن ذريعي تنقيدي قوتن کي فروغ ملي سگهي يا جنهن سان حقيقت سڄي جي سڄي کُلي پوي  ۽ ڪڙي ڪڙيءَ سان ۽ مسئلو مسئلي سان ملائيندي ماڻهو وڃي ڳالهه جي تهه تائين پهچي- ڇو ته ائين سماج ۾ هنن جو پنهنجو ظالماڻو وجود ۽ اُن جو سڄو منطق پڌرو ٿي پوي ٿو.

در اصل، ظالمن جي دلچسپي ’مظلومن جي شعور کي بدلائڻ ۾ هوندي آهي- ۽ نه انهيءَ صورتحال جي بدلائڻ ۾ جيڪا هُنن تي ظلم روا رکي  ٿي.‘ڇو ته جيترو وڌيڪ مظلومن کي اُن صورتحال سان ٺاهي ۽ ٺهڪائي بيهاربو. اوترو آسانيءَ سان انهن کي دٻائي سگهبو ۽ مٿن ڄمت قائم رکي سگهبي. ۽ اُن مقصد لاءِ ظالم  پنهنجي سماجي عمل  جي ٻئي سڄي پتاپڻي ۽ دان پڃ، عمل خير ۽ فيض  بخشيءَ سان گڏ تعليم جو بئنڪاري نظريو به استعمال ڪن ٿا، جنهن جي  اِحاطي ۾ مظلومن کي ’خير جا حقدار ‘ سڏيو يا فقط ’محققين‘ جي عزت بخش ۽ نرم گو لقب سان نوازيو ويندو آهي، هُنن جي سڄيءَ صورتحال کي انفرادي معاملن جي خاني ۾ رکيو ويندو آهي. هو ’ٻني تي ويٺل’ ماڻهو شماربا آهن، جيڪي ٻيءَ طرح ’خوش، منظم ۽ عادلانه‘ سماج جي دائري کان ڪنهن طرح ٻاهر نڪري بيٺا آهن! ائين مظلومن کي صحتمند سماج جا بيمار فرد  سمجهيو ويندو آهي، جن ’نالائقن ۽ ڪاهلن‘ جي ذهنيت کي بدلائي، سماج جي پنهنجي مهڪم ۽ حَسين نقشي ۽ صورت سان ٺهڪائي بيهارڻو آهي: هي ٻاهر بيٺل ماڻهو صحتمند سماج کان، ڌڻ کان، ’نَسِي‘ ويل آهن. انهن کي ’ورائڻ‘ ۽ ’واڙڻ‘ جي ضرورت آهي.

پر حقيقت هيءَ آهي ته مظلوم نه ’ٻني تي ويٺل ‘، نه ’نَسي ويل‘۽ نه سماج  کان ’ٻاهر‘ بيٺل آهن. هو هردم ۽ سدائين ’اندر‘ آهن. اُن سماجي تنظيم ۽ دائري جي اندر، جنهن هنن کي ’بيگانو، ڌاريو‘ ۽ پاڻ لاءِ نه پر رڳو ’ٻين لاءِ جيئندڙ جيو‘بنائي رکيو آهي. اُن جو حلِ اهو نه آهي ته انهن کي ظلم جي دائري ۾ ’واڙيو‘ وڃي،  پر اهو آهي ته دائري کي بدلايو وڃي ته جيئن اُهي ٻين لاءِ جيئندڙن بدران ’پاڻ لاءِ جيئندڙ جيو‘ بنجي سگهن. پر هيءَ تبديلي واقعي ظالمن جي مقصدن ۽ مفادن لاءِ هاڃيڪار ٿيندي؛ ۽ انهيءَ ڪري هو تعليم جو بئنڪاري نظريو استعمال ڪن ٿا، ته جيئن شاگردن جو شعور سجاڳ نه ٿي پوي. شاگردن جي شعور جي بيداري هنن لاءِ وڏو خطرو آهي، ۽ اُن جي خوف کان هنن جو ساهه سدائين مُٺ ۾ رهي ٿو.

مثال طور، بالغن جي تعليم ڏانهن بئنڪاري روش، ’شاگردن‘ کي ڪڏهن به حقيقت کي تنقيدي نگاهه سان ڏسڻ جي صلاح ڪا نه ڏيندي. اُن جي بدران اُها هنن لاءِ ههڙا ’وڏا  مسئلا‘ نبيريندي رهندي ته ’الف سائو گاهه ٻڪريءَ کي نه ڏنو. پر خوگرش کي ڏنو- ڇو ته خرگوش ويچارو هونئن بک ۾ مري وڃي ها!‘ بئنڪاريءَ جي هي سستي ’شيواڌاري‘ روش ماڻهن کي ۽ اُنهن جي ذهنن کي ڦيرائي خودڪار اوزارن بنائڻ جي عمل تي پردو وجهي ٿي جنهن ۾ هو سندن بهتر انسان بڻجڻ جي قدرتي منصب تان هٽي، اهڙن ’ٻڪري بمقابله خرگوش‘ جهڙن اٺسٺائي تضادن ۾ ڦاسي پون ٿا.

تعليم ۾ جيڪي هيءَ بئنڪاري روش استعمال ڪن ٿا، ۽ اُهي شعري يا غير شعوري طور [ڇا ڪاڻ  ته اُنهن مان گهڻا بئنڪاري استاد ته نيڪ نيت ئي آهن ۽ نٿا محسوس ڪن ته ائين هو انسانن کي حيوان بنائي رهيا آهن] اِهو به نٿا ڏسي سگهن ته سندن اِهي ’ڌراوتون‘ خود به حقيقت بابت تضادن سان ڀريل ٿين ٿيون. پر جلد يا دير سان، اِهي تضاد به برابر سندن گگدام شاگردن تي ڪڏهن ائين  پنهنجي صدقي جي ٻڪري بنجڻ تي هيرجڻ ۽ ٻڌجي بيهڻ کان باغي بنائي سگهن ٿا. ۽ پوءِ هو وجودي تجربي مان اِهو ڏسي سگهن ٿا ته سندن زندگيءَ جي موجود حالت سندن رڳو انسان بڻجي رهڻ جي اُمند سان به ٺهڪيل نه آهي، هو حقيقت سان پنهنجي ان تعلق منجهان اِهو ڏسي سگهن ٿا ته حقيقت ته واقعي هڪ سلسلو آهي، جيڪو سدائين تبديليءَ ۾ آهي. جيڪڏهن انسان ڳولائو آهن ۽ سندن قدرتي منصب بهتر انسان بنجڻ آهي، ته جلد يا دير سان هو اُن تضاد کي محسوس ڪري سگهندا، جنهن ۾ بئنڪاري تعليم هنن کي ڦاسائي رکڻ گهري ٿي، ۽ پوءِ اُن پر- وهيڻائپ جي حيواني صورتحال مان آزاديءَ جي جدوجهد ۾ هنن جو مصروف ٿي وڃڻ لازمي بلڪه اٽل آهي.

پرانسان دوست، انقلابي معلم هن امڪان جي عمل ۾ اچڻ جو انتظار نٿو ڪري سگهي. شروع ئي کان، هن جون ڪوششون، تنقيدي فڪر جي دائري ۾ ۽ باهمي انساني اؤسر جي عمل ۾، شاگردن جي ڪوشش سان شامل رهڻ ضروري آهن. هنن جي ڪوشش کي انسانن ۾ پختي ايمان ۽ سندن تخليقي صلاحيت ۾ محڪم اعتماد تي مبني رهڻو آهي. ۽ ائين ٿي سگهي، اُن لاءِ هن کي شاگردن سان پنهنجي لاڳاپن ۾ انهن جو ساٿي ۽ رفيق بنجي رهڻو آهي.

بئنڪاري تصور هن قسم جي ساٿ ۽  رفاقت کي تسليم نٿو ڪري- ۽ اُن لاءِ اُن وٽ لازمي سبب آهن. استاد- شاگرد جي تضاد کي ختم ڪرڻ ۽ ڌراوتون ڏيندڙ، فرمان جاري ڪندڙ ۽ لغام وجهي هلائيندڙ جو ڪردار ڇڏي، شاگردن ۾ شاگرد جو ڪردار قبول ۽ اختيار ڪرڻ معنيٰ ظلم جي طاقت کي پاڙان پٽڻ ۽ آزادگيءَ جي جدوجهد کي هٿن سان هٿ ملائي ۽ ڪلهن سان ڪلُهو ڏيئي اڳرو ڪرڻ.

بئنڪاريءَ جي تصور ۾ انسان ۽ دنياجي وچ ۾ فرق، عليحدگيءَ يا دوئيءَ جو مفروضو بنيادي طور موجود آهي: انسان فقط دنيا ۾ آهي، دنيا ساڻ يا ٻين ساڻ نه آهي. انسان تماشبين آهي، تماشائي رچيندڙ يا تخليقڪار نه آهي. هن خيال مطابق، انسان شعوري وجود ڪونهي؛ هو رڳو شعور جو رکندڙ، مالڪ يا آمين آهي؛ هڪ خيالي ’ذهن‘ جيڪو ٻاهرينءَ دنيا  جي حقيقت جا ’سڪا‘ ساڪت يا بيجان ٽجوڙيءَ وانگر وٺڻ يا رکڻ لاءِ موجود، مثلا منهنجي ميز، منهنجا ڪتاب، منهنجو پاڻيءَ پيئڻ جو گلاس، منهنجي آڏو سڀ شيون- منهنجي چؤگرد موجود دنيا جي ٽڪرن يا ڀاڱن جيان- منهنجي اندر آهن، بلڪل ائين جيئن آءُ هن مهل پنهنجي ڪمري جي اندر آهيان. هيءُ خيال شعور  جي دخول يا حاصلات ۽ شعور جي وجودي وحدت يا هڪ هڪاڻ جي وچ ۾ فرق تسليم ٿو ڪري. هيءُ فرق سڃاڻڻ، بهرحال ضروري آهي. حقيقت ۾، جيڪي شيون منهنجي چوڌاري موجود آهن، اُهي منهنجي شعور سان هيڪاند آهن، اُهي ُن ۾ مقيم نه آهن. آءُ انهن کان باخبر آهيان، پر اُهي منهنجي اندر نه آهن.

شعور جي بئنڪاري نظريي جو منطقي نتجو هيءُ آهي ته معلم جو ڪردارهيءُ ٿو رهي ته شاگرد جي اندر ۾ دنيا جي شعور جي ’داخلا‘  جي طريقي تي هو ضابطورکي هُن جو ڪم آهي ته شاگردن جي ذهن کي  ’ڀرڻ‘ جو سلسلو، جيڪو اڳي ئي خود بخود جاري آهي، اُن کي منظم ڪري ته جيئن خبر جا رڳو اُهي سڪا هُن کي رکڻ لاءِ ملن، جيڪي معلم جي نظر ۾ سچي ڄاڻ يا سچو علم آهن.(16) ۽ جيئن ته ماڻهو دنيا جو شعور حاصل ڪن ٿا فقط ساڪت يا بيجان وجود جيان انهيءَ ڪري تعليم جو ڪم آهي ته اُنهن کي ساڪت يا بيجان وجود جيان-انهيءَ ڪري تعليم جو ڪم آهي ته اُنهن کي ساڪت، ’مسڪين‘ ۽ گگدام بنايو وڃي ۽ ٺپي ٺاهي دنيا سان اُنهن کي بنهه  هڪ ڪيو وڃي. تعليم يافته ماڻهو ’ٺپيل  ٺهيل’ ماڻهو آهي، ۽ ائين هو دنيا لاءِ وڌيڪ ’تيار ٿيل يا لائق بڻايل‘ آهي. پنهنجي عملي صورت ۾، هيءُ نظريو ظالمن جي مقصدن جي عين مناسب آهي، جن جي من جو سڄو سڪون انهيءَ ڳالهه تي مدار رکي ٿو ته ماڻهو ماٺيڻا (مسڪين) ڳوڀ هجن ۽ جيڪا دنيا ظالمن بنائي آهي، اُن سان  اُهي ٺهڪل هجن ۽ اُن جي ڳالهين تي گهٽ ۾ گهٽ اعتراض ڪن.

اڪثريت غالب اقليت جي نافذ ڪيل مقصدن سان جيترو وڌيڪ مطابقت ۾ رهندي (۽ ائين پاڻ کي پنهنجي مقصدن جي حصي کان محروم رکندي)، اوترو وڌيڪ آسانيءَ سان اقليت پنهنجن مقصدن جو نفاذ جاري رکندي، سان بئنڪاري تعليم جي نظريي ۽ استعمال سان هيءُ مقصد پوريءَ قابليت ۽ مهارت سان سِڌ ٿئي ٿو. گهڻ اکرائي سبق، پڙهڻ جون مشقون (17) ’علم‘ جي ملهه ڪٿڻ جا طريقا، سيکاريندڙ ۽ سکندڙ جي وچ  ۾ فرق، درجي ٽپڻ جا ماپا ۽ معيار: تعليم جي هن ’اڳ ئي تيار‘ روش جي هر ڳالهه، ماڻهوءَ جي سوچ ويچار يا عقل جي عمل آڏو بند ٻڌي ڇڏي ٿي.

بئنڪاري معلم اِهو سمجهي ئي نٿو سگهي ته سندس هن حد- چؤڪس ۽ خوفائتي عمل ۾ ڪا به سچي سالميت يا سلامتي ڪانهي، ۽ ماڻهوءَ کي سچ پچ ته ٻين ساڻ، قربت ۽  شراڪت جي مضبوطيءَ ۾، گذارڻ جي اون ڪرن گهرجي. ماڻهو ڪنهن تي پاڻ مڙهي نٿو سگهي، ۽ نه وري شاگردن سان رڳو يا ٺلهو گڏ گذارو ئي ممڪن آهي. مضبوطي ۽ ايڪو دلين جي ڏي وٺ گهري ٿو، ۽ بئنڪاريءَ جو نظريو جيڪو اهڙي معلم جو رهبر نظريو آهي، دلين جي هن ڏي وٺ کان ڊڄي ٿو ۽ اُن تي روڪ وجهي ڇڏي ٿو.

پر حقيقت هيءَ آهي ته خيالن جي ڏي-وٺ ۽ دلي ڳالهه ٻولهه سان ئي انساني زندگيءَ ۾ معنيٰ پيدا ٿئي ٿي. استاد جي سوچ جي سچائي شاگردن جي سوچ جي سچائيءَ مان ئي ثابتي ۽ سند حاصل ڪري ٿي، استاد پنهنجن شاگردن جي عيوض يا انهن جي بدران سوچي نٿو سگهي، ۽ نه هو اُنهن تي پنهنجي سوچ مڙهي ئي سگهي ٿو. سچي سوچ، اُها سوچ جنهن کي حقيقت جي اون آهي، مٿي ڪنهن ’عاج جي برج‘ واريءَ علحدگيءَ ۾ نه پر فقط ذهنن جي ڏي- وٺ، ڳالهه ٻولهه يا واءَ سواءَ ۾ ئي اُپجي ٿي. جيڪڏهن اِهو سچ آهي ته خيال کي وٿ يا معنيٰ فقط تڏهن آهي جڏهن اُهو دنيا تي عمل جي صورت مان اُسري، ته پوءِ شاگردن لاءِ استادن جي زبردستي يا غلامي غير ضروري بلڪ ناممڪن بنجي وڃي ٿي.

۽ ڇا ڪاڻ ته بئنڪاري تعليم شروع ئي ماڻهن کي غلط سمجهڻ سان ٿئي ٿي ته اُهي رڳيون شيون يا جنسون آهن، انهيءَ ڪري اُها، فرام(Fromm) جي لفظن، ۾ ’زندگي پسند اُمنگ‘ ۽ ’موت پسند اُمنگ‘ ئي اڀاري سگهي ٿي.

’جئين ته مفيد تعميري انداز سان اُسرڻ ۽ وڌڻ زندگيءَ جي خاصيت آهي، انهيءَ ڪري موت پسند شخص هر اُها شيءِ چاهيندو آهي، جنهن ۾ اُها خاصيت نه هجي، پر اُها محض بيجان ڪَل يا مشين وانگر هجي، هن جي اها خواهش هوندي آهي ته جاندار  شيءَ کي بيجان ۽ متحرڪ شيءِ  کي ساڪت بڻائي ڇڏي. هو زندگيءَ کي ائين ڏسي ڄڻ اُها به هڪ ڪَل آهي، ڄڻ سڀ جيئرا جاڳندا ماڻهو محض شيون اهن... سک سُور جي تجربي جا سهندڙ ساهه نه پر رڳو حافظي جا ڀنڊار؛ وجود کان وڌيڪ هوندَ هُن لاءِ اهم هوندي آهي. موت پسند ماڻهو ڪنهن شيءَ سان- پوءِ اُها ڪو گل هجي يا ڪو ماڻهو- واسطو فقط تڏهن رکندو آهي، جڏهن اُها هن جي ملڪيت ۾ هوندي آهي. انهيءَ ڪري هن جي ملڪيت واريءَ ڪنهن شيءَ کي خطرو هو پنهنجي سِر جو خطرو ڀائيندو آهي؛ هن جي مالڪي ويئي ته ڄڻ دنيا سان هُن جو واسطو ويو.... قبضي سان هُن جو موهه هوندو آهي، ۽ قبضو رکندي، قبضي ۾ آيل شيءَ جو هو ساهه پي ڇڏيندو آهي.‘Fromm, The Heart of Man.

ظلمُ-ساهه پيئندڙ قبصو- موت پسند عمل آهي؛ هن عمل کي موت جو پيار تاتي ٿو، زندگيءَ جو پيار نه.  تعليم جو بئنڪاري نظريو پڻ، جنهن سان ظلم جا مفاد سِڌ ٿين ٿا، موت پسند  نظريو آهي. ڇاڪاڻ ته اُهو شعور جي مشيني، ساڪت، حيواني، معلماتي تصور تي بيٺل آهي، اُن سان شاگرد ڦري  گهرندڙ هٿ يا پنندڙ ڪِشتا ٿي پون ٿا، اُهو فڪر ۽ عمل تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ماڻهن کي دنيا سان دنيا جهڙو ٿي هلڻ تي آماده ڪري ٿو، ۽ اُنهن جي تخليقي فرض کي گهُٽي ڇڏي ٿو.

جڏهن ماڻهو ذميداريءَ سان هلڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿين ٿا، جڏهن ڏسن ٿا ته پنهنجي صلاحيتن کي هو ڪم ۾ آڻي نٿا سگهن. تڏهن ماڻهو ڏکوئجن ٿا ۽ دکي محسوس ڪن ٿا، فرام چوي ٿو ته ’هيءُ پنهنجي بيوسيءَ جو، بي زورائيءَ جو ، دک انهيءَ حقيقت مان اُڀري ٿو ته ماڻهوءَ جو توازن ڊهي پيو آهي.‘ پر ڪجهه به نه ڪري سگهڻ جو احساس، جيڪو ماڻهن کي ڏکوئي ٿو. بلڪ سندن روح کي پيڙي ٿو، کين پوءِ به پنهنجي بيوسيءَ جي مڃڻ کان روڪي ٿو ۽ اُن کان انڪار ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، ۽ هو-

’ اُٿي پنهنجي ڪجهه ڪرڻ جي سگهه هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر ڇا، ائين ڪري به سگهن ٿا، ۽ ڪيئن؟ هڪڙو رستو اُن جو هيءُ اهي ته هو ڪنهن طاقتور شخص يا گروهه يا وڃي تابع ٿين ۽ اُنهن سان ملي هڪ ٿي بيهن. ٻئي ماڻهوءَ يا گروهه جي زندگيءَ ۾ اهڙي علامتي ساٿ سان، ماڻهن کي ڪجهه ڪرڻ يا ڪري سگهڻ جو وهم ٿئي ٿو. جڏهن سچ پچ هو رڳو اُنهن جا تابع ۽ اُنهن جو حصو هجن ٿا، جيڪي ئي ڪجهه ڪن ٿا.

عام پسند ۽ عوامي عمل جا مظاهرا مظلومن جي هِن قسم جي ڪردار جا بهترين مثال چئي سگهجن ٿا، جيڪي پنهنجن پر جوش ۽ اتساهيندڙ اڳواڻن سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿا ۽ محسوس ڪن ٿا ته ائين هو پاڻ متحرڪ آهن ۽ وڏو ڪم ڪري رهيا آهن؛ ۽ جڏهن تاريخي عمل ۾ اڳتي وڌي، هو ڪنهن بغاوت جا مظهر بنجن ٿا، تڏهن هنن جو عمل سندن اُن ڪجهه ڪرڻ ۾ گهڻي ڪجهه ڪرڻ جي خواهش جو ئي ترجمان هجي ٿو. قابض وڏا ماڻهو اُن جو علاج زياده دٻاءَ ۽ سختيءَ ۾ ڏسن ٿا-آزاديءَ، ضابطي  ۽ سماجي امن (يعني قابض وڏن ماڻهن جي امن) جي نالي ۾. ائين هو- پنهنجي نقطي نگاهه کان، پور منطقي انداز سان-’مزدورن جي اسٽرائيڪ جي تشدد کان نندي سگهن ٿا ۽ اُنهيءَ ئي ساهيءَ ۾ رياست کي اسٽرائيڪ کي دٻائڻ لاءِ تشدد جي استعمال لاءِ اُڪسائي سگهن ٿا.(” Niebuhr in “Moral Man and Immoral Society)

غالب اقتدار جي عمل جي هڪ صورت طور تعليم شاگردن جي وسوڙائيءَ کي متاثر ڪري ٿي- هن نظرياتي اداري سان (اڪثر معلم اهو ڏسي ئي نه سگهندا آهن) ته انهن جي من ۾ ظلم جي دنيا سان شرڪت ۽ مطابقت جا عقيدا ويهاريا وڃن. هيءُ الزام انهيءَ معصوم اميد سان لڳايو ڪو نه ٿو وڃي ته قابض وڏا ماڻهو اِهو ٻڌي پنهنجي اُن عمل کان باز ايندا. هِن ڳالهه جي بيان ڪرڻ جو مقصد هيءُ آهي ته سچن انسان دوست عالمن ۽ ڪارڪنن جو ڌيان انهيءَ حقيقت ڏانهن ڇڪايو وڃي  ته هو بئنڪاري تعليم جا طريقا آزادگيءَ جي تلاش ۾ ۽ اُن جي حاصلات لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهن- ڇو ته ائين ڪرڻ سان هو خود ان تلاش ۽ حاصلات جي ئي نفي ڪندا؛ ۽ ٻيو ته تعليم جا اِهي طريقا ڪو انقلابي سماج ڪنهن ظالم سماج کان ڀلجي به ورثي ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهي. ڪو انقلابي سماج، جيڪو بئنڪاري تعليم کي استعمال ڪري ٿو، اُهو يا گمراهه آهي يا ماڻهن تي اُن جو ايمان ڪونهي- ٻنهي حالتن ۾ اُهو رد عمل جي خوف جو شڪار آهي.

بد قسمتي سان، جيڪي آزادگيءَ جي مقصد جا حامي آهن، اُهي پاڻ به اهڙيءَ فضا ۾ گهيريل  ۽ اُن کان متاثر رهن ٿا، جيڪا بئنڪاري تصور کي آڀاري ٿي، ۽ اُهي اڪثر هن تصور جي اصليت ۽ اُن جي حيواني اثر کان بي خبر رهن ٿا، ۽ لا شعوري طور تضاد جو شڪار بنجي، بالادستيءَ ۽ علحدگيءَ جي ئي هن اوزار کي اُهي پنهنجي ان ڪوشش جي ڪاميابيءَ لاءِ استعمال ڪن ٿا، جنهن کي هو آزادگيءَ، لاءِ پنهنجي ڪوشش چون ٿا، ڪي ’انقلابي‘ ته واقعي اُنهن کي اُلٽو ساده ذهن، خواب لهندڙ يا مرڳو رجعت پسند به سڏين ٿا، جيڪي هن بالادست تعليمي عمل تي اعتراض ڪن ٿا. پر ڪو به ماڻهن کي علحدگيءَ ۽ ڌاريائپ جو احساس ڏيئي ۽ زبردستيءَ آزاد نٿو ڪرائي سگهي. سچي آزادگي- بهتر انسان ٿيڻ جي راهه- اهڙي ڪا کڻڻ ڪرڻ جي هڪ ’ڌراوت’ ڪانهي، جيڪا ماڻهن کي سنڀالي رکڻ لاءِ هٿئون هٿ ڏيئي سگهجي ٿي. آزادگي هڪ سچو عمل آهي: ماڻهن جو پنهنجو عمل ۽ فڪر- پنهنجي دنيا بابت ۽ ان کي بدلائڻ لاءِ، جيڪي آزادگيءَ جي مقصد سان سچائيءَ سان وابسته آهن، اُهي شعور جي بيجان يا  مشيني تصور کي قبول ڪري نٿا سگهن، جنهن هيٺ شعور فقط هڪ خالي جهول آهي جنهن کي ڀرڻو آهي؛ ۽ نه ئي اُهي، آزادگيءَ جي نالي ۾، بالادستيءَ جي بئنڪاري طريقن (يعني ’پروپيگنڊا‘،  ’نعرن‘، ’ڌراوتن‘ جي استعمال کي قبولي ٿا سگهن.

آزادگيءَ جا جيڪي سچا خواهشمند ۽ اُن سان پورا لاڳاپيل آهن، انهن کي هيءُ بئنڪاري طريقو سڄي جو سڄو رد ڪرڻو آهي،۽ اُن جي عوض انهن کي ماڻهن جي باشعور وجود جو تصور ۽ خود شعور جو اُهو تصور قبولڻو آهي، جنهن ۾ شعور جو رخ ٻاهرينءَ دنيا تي مرڪوز هجي. هنن کي تعليم جو اُهو مقصد قبولڻو آهي ۽ هٿ ۾ کڻڻو آهي، جنهن ۾ دنيا جي سلسلي ۾ ماڻهن جا مسئلا کولي آڏو رکڻا آهن. هيءُ ’مسئلن کي کولي آڏو رکڻ‘ واري تعليم، جيڪا شعور جي اک روشن ڪري ٿي ۽ اراديت کي جنم ڏئي ٿي، سا ڄاڻ جي دنيا ۽ اُن جي پڌرنامن کي رد ڪري، اُنهن جي جاءِ تي ڄاڻ جي گڏيل تلاش ۽ ڏي- وٺ کي پنهنجو ذريعو ۽ پهنجي مراد بنائي ٿي. اها سڄيءَ پنهنجيءَ ڪوشش ۾ شعورجي اصليت کي، اُن جي جاڳرتا ۽ تربيت کي، پنهنجي آڏو رکي ٿي- يعني شعور نه رڳو شين جو جيئن اُهي آهن، پر شين جي اُن شعور جو شعور.

آزادگي بخش تعليم ڄاڻ جو  تبادلو نه پر شناس جو عمل آهي. اها سکڻ جي هڪ صورتحال آهي، جنهن ۾ سکڻ لائق شيءَ (سکڻ جي عمل جي خاتمي بدران) ٻن سکندڙ۽ عملڪارن (استادن ۽ شاگردن) جي وچ ۾ سٻنڌ جي، اُنهن جي سکڻ لاءِ اڌمي ۽ اُدم جي اُڀار جي، هڪ ڪڙي آهي، انهي ڪري، ’مسئلن کي کولي آڏو رکڻ واريءَ تعليم‘ جو عمل، سڀ کان اول، ’استاد- شاگرد جي تضاد‘ جي حل جي گهر ڪري ٿو.’ڳالهه- ٻولهه جو اُهو تعلق، جيڪو ساڳيءَ سکڻ لائق شيءِ جي سڃاڻپ لاءِ، سکندڙ عملدارن (استاد ۽ شاگردن) جي صلاحيتن جي سهڪار لاءِ لازمي آهي، اُن جو ٻيءَ ڪنهن طرح قائم ٿيڻ ناممڪن آهي.

سڇ پچ ته ’مسئلن کي کولي آڏو رکڻ واري تعليم‘ بئنڪاري تعليم جي مخصوص عمودي رستي کي ڇڏي، آزاديءَ جي عمل طور پنهنجو ڪارج ادا ڪري سگهي ٿي،پر فقط اُن صورت ۾ جو اُها پهريائين انهيءَ (استاد- شاگرد جي) تضاد تي غالب پئجي سگهي.’ڳالهه- ٻولهه جي تعلق ۽ سلسلي جي قائم ٿيڻ سان’ شاگردن جو استاد ‘ ۽ ’استاد جا شاگرد‘- اهي اصطلاح ختم ٿي وڃن ٿا ۽ هڪ نئون اصطلاح اُڀري سامهون اچي ٿو: ’استاد- شاگرد، شاگردن- استادن سان گڏ، استاد هاڻي فقط ’اُهو ناهي جيڪو سيکاري ٿو‘، پر هو پاڻ به شاگرد آهي، جيڪو شاگردن سان ’ڳالهه ٻولهه‘ وسيلي سکي ٿو؛ جيڪي پنهنجي واري سان، سکندي يا سيکارجندي، پاڻ به سيکارين ٿا. هو گڏجي، عمل جي هڪ سلسلي لاءِ ذميدار بنجن ٿا. جنهن ۾ سڀئي اُسرن ٿا.انهيءَ سڀني جي گڏيل اؤسر واري سلسلي ۾،’اختيار‘ تي بيٺل دليل سالم دليل نه آهن؛ ڪار آمد رهڻ لاءِ اختيارکي لازمي طور آزاديءَ جي پاسي  هجڻ گهرجي، ۽ نه اُن جي مخالف هتي، ڪو به ٻئي ڪنهن کي نٿو سيکاري، نه وري ڪو پنهنجو پاڻ ئي سکي ٿو. ماڻهن هڪ ٻين کي سيکارين ٿا- دنيا ۽ اُن جون سکڻ جهڙيون شيون، اِن ڪم ۾ کين هڪ ٻئي سان شريڪ ڪن ٿيون، جيڪي بئنڪاري تعليم ۾ سڀ رڳو استاد جي ’مالڪيءِ‘ ۾ هونديون آهن.

بئنڪاري تصور(جيڪو هو نئن ئي هر شيءَ کي ٻن مختلف اڌن ۾ ورهائڻ جو خواهان رهي ٿو،) استاد(تعليمڪار) جي عمل جون ٻه منزلون مقرر ڪري ٿو. پهرينءَ منزل تي جڏهن هو تجربيگاهه ۾، پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ ويهي،  پنهنجا سبق تيار ڪري ٿو. هو سکڻ جهڙيءَ ڳالهه کي پاڻ ڄاڻڻ جي ڪوشش ٿو ڪري؛ ٻيءَ منزل تي هو اُن شيءَ بابت پنهنجي اُها ڄاڻ شاگردن کي ڏئي ٿو. شاگردن کان ڄاڻڻ جي گهر ڪا نه ٿي ڪئي وڃي. پر رڳو اُهو ڪجهه، جو استاد ٻڌايو، اُن جي يادڪرڻ لاءِ کين چيو ٿو وڃي. شاگرد ڪا سڃاڻپ جي ڪوشش يا عمل به پاڻ ڪو نه ٿا ڪن. ڇو ته اُها شيءِ جنهن کي ڄاڻڻو آهي سا استاد جي ’ملڪيت‘ آهي- ٻنهي استاد ۽ شاگردن جون تنقيدي سوچون اُن جي ڄاڻڻ جي عمل ۾ شريڪ نه آهن، اهڙيءَ طرح ’علم ۽ تهذيب‘ جي بچاءَ جي نالي ۾ اسين تعليم جي اهڙي هڪ سرشتي کي چنبڙيا ويٺا آهيون، جنهن ۾ نه سچو علم ۽ نه ئي سچي تهذيب اسان کي حاصل ٿي سگهي ٿي.

’مسئلن  کي آڏو رکڻ وارو طريقو‘ استاد- شاگرد جي ڪم کي ورهائي ٻه اڌ ڪو نه ٿو ڪري. استاد – شاگرد، يعني استاد جيڪو ساڳئي وقت شاگرد به آهي، هڪ نقطي تي ’ڄاڻندڙ ۽ ٻئي نقطي تي ’ٻڌائيندڙ‘ نه آهي. هو هميشه ’ڄاڻندڙ‘ آهي- رٿا تيار ڪرڻ وقت ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ۾ رڌل هجڻ وقت به، هو ڄاڻڻ وارن شين کي پنهنجي ملڪيت يا ذاتي مصروفيت نٿو سمجهي. هو انهن  کي پنهنجي ۽ پنهنجن شاگردن ٻنهي جي سوچ ويچار  جون شيون سمجهي ٿو. هن صورت ۾، شاگرد- جيڪي رڳو ڳوڀ ٻڌندڙ نه آهن- استاد سان’ ڳالهه –ٻولهه‘ ۾ ڀائيوار، اُنهن شين جي تنقيدي جانچنا (تحقيق) ۾ هُن سان هم شريڪ آهن. استاد شاگردن جي سوچ ويچار لاءِ سندن آڏو مواد رکي ٿو، ۽ جيئن شاگرد پنهنجا ويچار ظاهر ڪن ٿا، تيئن هو اُنهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجا اڳيان ويچار اُٿلائي پٿلائي ٿو ۽ اُنهن جي نئين سر تورتڪ ڪري ٿو.’مسئلن کي آڏو رکندڙ‘تعليمڪار جو ڪارج هيءُ آهي ته شاگردن جي ساٿ سان اهڙيون حالتون پيدا ڪري، جن هيٺ ڄاڻ، جا موجود آهي پر اَڄاتل آهي، اُها لفظن جي ويس ۾ سچيءَ ڄاڻ طور ذهنن ۾ پڌري ٿئي.

بئنڪاري تعليم تخليقي قوت کي سمهاري ٿي، بيهوش ڪري  ٿي، ۽ ڪم مان ڪڍي ڇڏي ٿي.’ مسئلن کي آڏو رکندڙ‘ تعليم ۾، ڇاڪاڻ ته حقيقت تان هر وقت پردا هٽندا رهن ٿا، انهيءَ ڪري اُن ۾ مصروف استاد- شاگرد ۽ شاگردن- استادن جي تخليقي قوت سدا سجاڳ ۽ تازه دم رهي ٿي. بئنڪاري تعليم ڪوشش ڪري ٿي ته شعور سدائين  ٻڏو رهي. ’مسئلن کي کوليندڙ تعليم‘ ڪوشش ڪري ٿي ته شعور سدائين سالم ۽ سچيت رهي ۽ انهيءَ ئي سچيتائيءَ سان اُهو حقيقت سان پنهنجو  ليکو  چُڪائيندو  رهي.

شاگردَ، جيئن جيئن، پنهنجي ذاتي سلسلي ۾، دنيا سان ۽ دنيا ۾، وڌندڙ مسئلن سان مُکاميل ٿين ٿا، ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اُنهن جي للڪار جو پاڻ کي نشان ڏسن ٿا، تيئن تيئن اُن للڪار جي موٽ ڏيڻ لاءِ پاڻ کي هو مجبور ۽ ٻڌل سمجهن ٿا. مسئلن کي کوليندڙ تعليم ۾ هيءَ للڪار کين، انيڪ خارجي مسئلن جي موجودگيءَ ۾ ۽ انهن جي باهمي تعلق ۽ ڳنڍ پيچ جي حوالي سان، سماجي حقيقت جي اصلي روپ کان واقف ڪري ٿي، جيڪا سندن واقفيت هر گز ٺلهي نظري نه آهي: سندن اُن واقفيت ۾ سندن تنقيدي فڪر جي روشن نگاهه شامل آهي، جنهن ڪري هو انفراديت ۽ علحدگيءَ جا، آءُ- پڻي ۽ ويڳاڻپ جا، شڪار نٿا رهن. ان صورت ۾ پوءِ جڏهن هو هڪ للڪار کي موٽ ڏين ٿا، ته اُن جي نتيجي ۾ ٻي نئين للڪار هنن جي آڏو اچي ٿي، جنهن سان هنن جي تجربي ۽ ڄاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ۽ وسعت پيدا ٿئي ٿي، ۽ ائين شاگرد، قدم بقدم وڌندي، پاڻ کي پنهنجي مقصدن جا پختا ۽ ثابت قدم محافظ ۽ عملڪار سمجهن ٿا.

تعليم آزاديءَ جي عمل طور- بمقابل تعليم بالادستيءَ جي عمل طور- اِن ڳالهه کان انڪاري آهي ته ماڻهو ڪا خيالي شيءَ آهي، هيڪلو آهي، بي ڪاڻيو ۽ بي ميار آهي، ۽ دنيا سان ٻڌل نه آهي. اِن کان انڪاري آهي ته ماڻهن بنا دنيا جو ڪو سچو وجود آهي. سچي سوچ نه ماڻهوءَ کي الڳ ٿلڳ ۽ خيالي سمجهي ٿي، نه ماڻهن کان الڳ ٿلڳ دنيا کي تسليم ڪري ٿي. سچي سوچ ماڻهوءَ کي، ماڻهن کي، دنيا ۾ ۽ دنيا سان لاڳاپيل جيو سمجهي ٿي. هنن  لاڳاپن جي ڳنڍ پيچ ۾ شعور ۽ دنيا گڏ آهن، تَتڪال (يعني هڪ ئي وقت) آهن: شعور جي ڳالهه دنيا کان نه اڳ جي نه پوءِ جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. هڪ ڀيري چليءَ ۾ حلقي جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ويٺا هئاسين ۽ تهذيب جي علم الانساني تصور (ڏسو باب ٽيون) تي  بحث مباحثو ڪري رهيا هئا سين. بحث مباحثي هلندي، هڪڙي هاريءَ جيڪو بئنڪاري  تعليمي معيارن مطابق بلڪل ئي ڄاڻ هو، چيو:’ هاڻي مون کي خبر پئي ته ماڻهن کان سواءِ دنيا ڪانهي.‘

جڏهن ويٺل تعليم ڪار ورندي ڏني:’دليل طور سمجهو ته ڌرتيءَ تي سڀ ماڻهو مري ٿا وڃن، ۽ پوءِ به خود ڌرتي رهي ٿي، پنهنجن وڻن، پکين، جانورنن، ندين سمنڊن، تارن وغيره سميت....ڇا، اِها سڀ دنيا نه هوندي’نه ، نه !‘ هاريءَ زوردار جواب ڏنو:’ڪو چوڻ وارو ئي ڪو نه هو ته ”هيءَ دنيا آهي!‘“

بئنڪاري تعليم جي معيار موجب اڻ پڙهيل هاريءَ در اصل هيءُ خيال پيش ڪرڻ ٿي چاهيو ته دنيا جو شعور عدم موجود هوندو، ۽ اُهو ئي ’شعور جي دنيا‘ جي وجود جي شاهدي ڏيندڙ آهي. ’نه آءُ‘جي وجود کان سواءِ ’آءُ ‘موجود نٿو هجي سگهي، ۽ ساڳيءَ طرح ’نه آءُ‘ جي شعور جو دارومدار ’آءُ‘ جي وجود تي آهي.

دنيا سان ۽ دنيا ۾ جتي ماڻهو پاڻ کي موجود ڏسن ٿا، اُتي هنن جي جياپي جو ڪهڙو طريقو آهي، اُن طريقي کي تنقيدي طور ماڻهن جي سمجهڻ جي صلاحيت  ’مئسلن کي کولي آڏو رکندڙ تعليم‘ هيٺ وڌي ٿي. هو ڏسن ٿا ته دنيا  ڪا هڪ هنڌ  بيٺل (جامد) حقيقت ڪانهي، پر هڪ متحرڪ ۽ تبديل ۾ مصروف حقيقت آهي، جيتوڻيڪ ماڻهن جا دنيا سان جدلياتي لاڳاپا انهيءَ ڳالهه تي مدار نٿا رکن ته اُنهن لاڳاپن کي ڪيئن ٿو ڏٺو وڃي (يا اُنهن کي ڪنهن طرح ڏٺو وڃي به ٿو يا نه) پر اِها حقيقت آهي ته عمل جو جيڪو نمونو ماڻهو اختيار ڪن ٿا، اُهو گهڻي قدر انهيءَ ڳالهه جو نتيجو ضرور آهي ته هو دنيا ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿا ڏسن. انهيءَ ڪري استادُ- شاگردُ  ۽ شاگرد- استاد ساڳئي وقت هڪٻين تي ۽ دنيا تي اثر انداز ٿين ٿا- پنهنجي پنهنجي اثر ۽ عمل کي ورهائي اڌو اڌ ڪرڻ کان سواءِ اهڙي ريت پنهنجي گٽيل فڪر ۽ عمل جو هڪ سچو ۽ بامقصد نمونو قائم ڪن ٿا.

انهيءَ طرح، هتي به تعليم جا هي ٻه تصور ۽ عمل، جن جي اسين ڇنڊڇاڻ ڪري رهيا آهيون، هڪ ٻئي ضد ۾ اچي بيهن ٿا. بئنڪاري تعليم (اُن جي معلوم سببن ڪري) حقيقت کي ڏندڪٿائي روپ ڏيئي، سچين ڳالهين کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جن مان معلوم ٿي سگهي ته دنيا ۾ ماڻهو ڪيئن ٿا جيئن:’ مئسلن کي آڏو رکندڙ تعليم‘ هن ڏند  ڪٿائي لبيس جي پردي- کول جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿي. بئنڪاري تعليم ڳالهه –ٻولهه ۽ خيالن جي ڏي- وٺ سان ڪروڌ ۾ آهي، بلڪ اُن جي مخالفت ڪري ٿي؛ ’مسئلن کي آڏو رکندڙ تعليم‘ ڳالهه – ٻولهه کي ڄاڻ جي عمل لاءِ، جيڪو حقيقت کي کولي پڌرو ڪري ٿو، لازمي ۽ اٽل سمجهي ٿي. بئنڪاري تعليم شاگردن کي پنگلو سمجهي ٿي جن کي ٽيڪ جي، سهائتا جي، ضرورت آهي. ’مئسلن کي آڏو رکندڙ تعليم‘ اُنهن کي سوچ ويچار ڪندڙ، تنقيدي مفڪر بنائي ٿي. بئنڪاري تعليم تخليق کي روڪي ٿي، ۽ شعور جي باقي دنيا کان الڳ ڪري، شعور جي اراديت کي هيرائي، هٿيلو ۽ تابعدار بنائي ٿي (اُن کي  بنيادي طور ختم ، جو نٿي ڪري سگهي!)- ۽ ائين اُها انسانن کي سندن بهتر انسان بنجڻ جي ڪائناتي ۽ تاريخي منصب کان محروم ڪري ٿي؛’ مئسلن کي کولي آڏو  رکندڙ تعليم‘ پنهنجو بنياد تخليق ڪاريءَ تي رکي ٿي ۽ حقيقت جي سلسلي ۾ تز ۽ سچي فڪر ۽ عمل جي همت افزائي ڪري ٿي، ۽ ائين انسانن جي اصلي ڪارج کي ممڪن بنائي ٿي. جن جو پنهنجي وجود سان سچائيءَ  جو دليل ئي فقط اهو هوندو آهي ته هو تلاش ۽  تحقيق ۾ ۽ تخليقي انقلاب ۾ مصروف رهن. مختصر ڳالهه هيءَ ته بئنڪاري نظريو ۽ عمل ٻيئي  جامد ۽ باندي بنائيندڙ قوتن هئڻ سبب، انسانن کي تاريخي وجود طور تسليم ڪرڻ کان قاصر آهن، ’مسئلن کي آڏو رکندڙ نظريو‘ ۽ عمل انساني وجود ۽ ڪردار جي تاريخيت کي پنهنجي هر ڳالهه جو ابتدائي نقطو شمار ڪن ٿا.

’مسئلن کي آڏو رکندڙ تعليم‘ انسانن کي ٿيڻ جي عمل ۾ رڌل هستين طور تسليم ڪري ٿي- نا تمام ۽ اڻپوريءَ حقيقت در ميان ۽ اُن حقيقت سان گڏ نا تمام ۽ اڻپوريون هستيون ٻين حيوانن جي ابتڙ، جيڪي به اڻپورا آهن، پر تاريخي  نه آهن، انسان پاڻ کي نا تمام سمجهن ٿا، ۽ پنهنجي اڻپورائيءَ کان با خبر آهن، هن اڻپورائيءَ ۽ اُن جي اِن خبر ۾ ئي، خاص هڪ انساني مظهر طور تعليم جون پاڙون کتل آهن. انسانن جي ناتمام ڪردار ۽ حقيقت جي مائل تبديل ڪردار جي پس منظر ۾ ئي اِها ڳالهه لازمي ۽ اٽل شمار ٿئي ٿي ته تعليم انسان جو هڪ سدا جاري رهندڙ ۽ سدا اڳتي وڌندڙ مشغلو ۽ عمل آهي.

انهيءَ طرح  تعليم پنهنجي سچي عمل ۾ سدائين نئين  آهي ۽ نئين صورت وٺندي رهي ٿي. تعليم انهيءَ لاءِ ته اُها هجي، اُن جو ٿيندي رهڻ لازم آهي، اُن جي ’مدت‘ (برگسانBergson جي چوڻ مطابق- جيڪا اِن لفظ جي معنيٰ ڏني آهي، اُن معنيٰ ۾ ) ٻن مخالف لفظن- دائميت ۽ تبديل- جي باهمي ٽڪراءِ ۾ موجود آهي. بئنڪاري  طريقو دائميت تي زور ڏئي ٿو ۽ اِن ڪري رجعت پرست ٿي پوي ٿو؛ ’مسئلن کي آڏو رکندڙ‘ تعليم- نه ’ موچاريءِ چال‘وارو حال ۽ نه خاص قسم جو اڳ مقرر مستقبل تسليم ڪري ٿي- بلڪ پنهنجون پاڙون متحرڪ ۽ فعال حال ۾ کپائي، اڳتي وڌي ٿي، ۽ اِن ڪري انقلابي آهي.

’مسئلن  کي آڏو رکندڙ‘ تعليم انقلابي استقباليت آهي، انهيءَ ڪري اوهان  کي آئيندي جي خوشخبري ڏئي ٿي ۽ پر اميد آهي ۽ انسان جي تاريخي فطرت سان عين موافقت ۾ آهي. اُها انسانن بابتِ اِهو يقين رکي ٿي ته هو پاڻ کان اوچا اُڀري سگهن ٿا، اڳتي وڌن ٿا، اڳتي ڏسن ٿا، جن لاءِ نسچلتا، هڪ هنڌ بيهي رهڻ، هڪ گهاتڪ خطرو آهي؛ جن لاءِ ماضيءَ تي نظر وجهڻ رڳو هڪ ذريعو ٿي سگهي ٿو ته ڏسن ته هو ڇا آهن ۽ ڪير آهن، ته جئين وڌيڪ ڏاهپ سان پنهنجو مستقبل ٺاهي سگهن. انهيءَ طرح هيءَ تعليم پنهنجي شموليت اُن تحريڪ سان قائم ڪري ٿي، جنهن ۾ انسان پنهنجي اڻپورائيءَ جي ڄاڻ رکندي، مصروف رهن ٿا-جيڪا هڪ تاريخي آهي، جنهن کي پنهنجو ابتدائي نقطو آهي، پنهنجا واضع مسئلا  آهن ۽ جنهن  جي آڏو پنهنجو هڪ مقصد ۽ آدرش موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org