سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:12 

ظالمن جِي، بصورت هڪ طبقي جي، مظلومن سان هر ويجهڙائپ، جيئن پهرئين باب ۾ چيو ويو، ڪوڙيءَ سخا ۽ ڪوڙيءَ فيض بخشيءَ جو ويس پاتل  هجي ٿي. پر انقلاب اڳواڻ ڏيکائو سخي ۽ ڪوڙا مهربان ٿي ئي نٿا سگهن. ۽  نه ئي هو اهڙو ڪو هٿرادو ناٽڪ رچي ٿا سگهن.ظالم وڏا ماڻهو  ماڻهن کي پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙڻ سان اڳتي وڌن ٿا، انقلاب اڳواڻ ماڻهن جي فقط ساٿ ۾ ئي اڳتي هلن ٿا. انهيءَ طرح ظالمن جو ڪم انسان دوستيءَ جو ڪم ٿي ئي نٿو سگهي. ۽ ٻئي پاسي انقلابين جو ڪم لازمي طور اُئين هجي ٿو.

ظالمن جي عدم انسانيت ۽ انقلابين جي انسان دوستي ٻيئي علم جو، ڄاڻ جو، استعمال ڪن ٿيون، پهر پهرئينءَ صورت ۾ علم ۽ ڪاريگريءَ يا حرفت کي ماڻهن جي رتبي ۽ شان کي گهٽائي رڳو ’شين ‘ جي درجي ۽ رتبي تي آڻڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو؛ ٻيءَ صورت ۾ حرفت  ۽ علم جيڪڏهن انقلابين جي هٿ وس آهن ته اُهي انسانن کي بهتر انسانيت جي رتبي ڏيڻ ۽ مٿڀري ماڻهپي جي مقام تي پهچائڻ لاءِ ئي ڪم اچن ٿيون. خود مظلومن کي، ان صورت ۾ به، بهر حال، سرگرم ۽ فعال رهڻو آهي، ته جيئن هو رڳو علم ۽ حرفت جي دلچسپيءَ’شين‘ جو ئي ڏيکاءُ نه ڏيندا رهن.

عالمانه انقلابي انسان دوستي،انقلاب جي نالي ۾، مظلومن سان اهڙي روش اختيار نٿي ڪري سگهي، ڄڻ اُهي ڪي ’شيون‘ هجن، جن جي ڀڃ  گهڙ ۽ ماپ تور ڪرڻي هجي، ۽ پوءِ اُنهن مٿان ڪي نسخا ۽ فارمولا آزمايا وڃن يا مڙهيا وڃن جن تي اُنهن کي اکيون پوري عمل ڪرڻو پوي. ائين ڪرڻ معنيٰ ظالمن جي نظرياتي ڏند ڪٿائن مان هڪڙيءَ ڏند ڪٿا جي ڄار ۾ ڦاسڻ- جهالت  جي ڪُليت جي ڄار ۾، جنهن جي نتيجي طور منجهانئس هڪڙو ڪو شخص، ويٺي ويٺي، ٻئي ڪنهن جهالت جي فتويٰ مڙهي ٿو، اُهو پاڻ  کي ۽ پنهنجي طقبي جي ماڻهنکي ائين ٿو ڀانئي ۽ ظاهر ڪري ته هو ئي ڄاڻن ٿا، ۽ ڄاڻڻ لاءِ جي ڄاوا آهن ته به هو ئي ؛ ۽ ائين هو ’ٻين‘ کي پاڻ کان الڳ ڪر ڇڏي ٿو؛ هو پنهنجي طبقي وارن جا لفظ ۽ قول تي ’صحيح‘ سمجهي ٿو، جيڪي هو ٻين تي مڙهي ٿو يا مڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو-مظلومن تي جن کان سندن لفظ چورايا وڃن ٿا، کسيا وڃن ٿا.  جيڪي ٻين ان ائين لفظ  کسي وٺن ٿا، اُهي اُنهن جي ٻين صلاحيتن کي بنهه هيچ سمجهن ٿا، ۽ ائين ڀانئين ٿا ته اُهي بلڪل ئي اُن لائق آهن. هر ڀيري جڏهن هو پاڻ ڪو لفظ ڪُڇن ٿا، ۽ ٻين جو ڪو لفظ ڪو نه ٿا ٻڌن، جن کي ڳالهائڻ کان پاڻ ئي منع ڪري ڇڏي اٿن.ته هو پنهنجي  وڏائيءَ ۽ زور تي وڌيڪ ناز ڪن ٿا ۽ پنهنجي فرمان روائيءَ ۽ هدايتڪاريءَ جي بانور ۾ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ مست ٿين ٿا. ۽ پوءِ وٽن جيسين اهڙو ڪو ڪونهي، جنهن تي حڪم هلائين، تيسين هو اٻاڻڪا ٿي پون ٿا ۽ ڄڻ جي ئي نٿا سگهن. اِنهن حالتن ۾ پوءِ انسان جي، انسان سان، انسانن وانگر، ڳالهه ٻولهه جي هر صورت ناممڪن بڻجيو وڃي.

ٻئي پاسي عالم ۽ انسان دوست انقلابي اڳواڻ هجن ٿا، جي ماڻهن جي جهالت واريءَ ڏند ڪٿا ۾ ڪڏهن به ويساهه نٿا رکن. هنن کي  هڪ گهڙيءَ لاءِ به شڪ ڪونهي ته ظالمن جي اِها ڏندڪٿا نسورو ڪوڙ آهي. هو پاڻ ائين هر گز مڃي نٿا سگهن ته فقط هو پاڻ ئي ڪنهن ڳالهه جا ڄاڻو آهن- ڇو ته اُن مان ثابت ٿيندو ته هو ماڻهن کي گهٽ سمجهن ٿا ۽ ماڻهن تي شڪ ڪن ٿا. جيتوڻيڪ پنهنجي انقلابي شعور سببان هو بلڪل جائز طور سمجهي سگهن ٿا ته سندن انقلابي ڄاڻ جي سطح ماڻهن جي تجرباتي ڄاڻ جي سطح کان مختلف آهي پر ان هوندي به هو پاڻ کي ۽ پنهنجي ڄاڻ کي ماڻهن تي مڙهي نٿا سگهن. هو ماڻهن کي ٺلها نعرا ته ڏيئي نٿا سگهن، انهيءَ ڪري مٿن لازم آهي ته هو انهن  سان ڳالهه ٻولهه ڪن، ته جيئن  ماڻهن جي تجرباتي ڄاڻ “. اڳواڻن جي تنقيدي ڄاڻ جي آڌار تي، وسعت ۽ پختگي اچي سگهي، ۽ ٻنهي جي ڄاڻ آهستي آهستي بدلجي حقيقت جي سببن جي سگهاري  ڄاڻ بڻجي وڃي.

اِها بلڪل هڪ سادگيءَ جي ڳالهه ٿيندي، جو ظالمن مان اِها اميد رکجي ته هو عوام جي جهالت واريءَ  پنهنجيءَ ڏند ڪٿا کي ڪوڙو سمجهن؛ ۽ انهيءَ طرح اِهو به هڪ لفظن جو سڌو تضاد ٿيندو، جو انقلابي اڳواڻ اُن کي ائين نه سمجهن، ۽ اِن کان به وڌيڪ تضاد جي ڳالهه ٿيندي، جو هو اُٿي اِن ڏند ڪٿا تي عمل به ڪن. انقلابي اڳواڻن جو ڪم ئي اِهو آهي ته نه رڳو اِها ڏند ڪٿا، پر ٻيون سڀ اهڙيون ڏند ڪٿائون جيڪي ظالم مٿيون طبقو پنهنجي ظلم کي جاري رکڻ لاءِ ڪم آڻي ٿو، تن سڀني کي مسئلن طور کولي  ۽ پڌرو  ڪري، ماڻهن جي آڏو رکڻ. ائين ڪرڻ بدران، جيڪڏهن انقلابي اڳواڻ پاڻ ئي ظالمن جا بالادستيءَ وارا طريقا ڪم آڻيندا، ته ماڻهن جو  رد عمل ٻن نمونن مان ڪنهن به هڪ نموني جو ٿي سگهي  ٿو: ڪن  تاريخي حالتن ۾ اڳواڻن جي ڳالهين تي لڳي، جيڪي هو سندن مغز ۾ ويهارين ٿا،  ماڻهو ويسهه ۾ اچي، هنن جا پوئلڳ بنجي ويندا؛ ٻين حالتن ۾، ڪنهن ’ڳالهه‘ تي هر مرڳو ئي ڊڄي، پري ٿي بيهي سگهن ٿا، ڇو ته اُها ڳالهه سندن اندر ۾ جيڪو ’ظالم‘ (38) ويٺو آهي اُن کي ائين ڇر ڪائي يا ڪاوڙائي سگهي ٿي. ٻنهي حالتن ۾ بهر حال، هو انقلابي نٿا رهن. پهرينءَ حالت ۾ انقلاب هُنن لاءِ هڪ وهم، ۽ ٻيءَ حالت ۾ هڪ ناممڪن ڳالهه بنجي پوي ٿي.

ڪي نيڪ نيت پر اَڄاڻ ماڻهو چون ٿا ته ڇا ڪاڻ ته ڳالهه ٻولهه وارو سلسلو ڊگهو ۽ دير وارو سلسلو آهي (39) (جيڪا بهر حال حقيقت ڪانهي) کين ان رستي کي ڇڏي، پڌرائين ۽ پڌرنامن وسيلي ئي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ۽ هڪ ڀيرو انقلاب اچي وڃي، ته پوءِ هو پوري جو پورو نئون’تعليمي سرشتو‘ شروع ڪندا ۽ اُن کي عمل ۾ آڻيندا هو، اِن سلسلي ۾، وڌيڪ پنهنجي ڳالهه جي ائين چئي پٺڀرائي ڪن ٿا ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، نئين  تعليم- آزادگيءَ جي تعيلم- هلائڻ ممڪن به ڪانهي.

مٿين ڳالهين جي ڪن بنيادي نُڪتن جي تورتڪ ڪرڻ ضروري آهي. هي ماڻهو (يا منجهانئن گهڻا) عوام سان ڳالهه ٻولهه جي ضرورت کي مڃين ٿا، پر اِن کي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عمل جوڳي ڳالهه نٿا مڃين. در اصل، هو جڏهن اَهو ممڪن نٿا سمجهن ته اقتدار حاصل ڪرڻ کان اڳ هو ڪو تنقيدي طرز وارو  انقلابي تعليم جو ڪم شروع ڪري ۽ هلائي سگهن ٿا، ته گويا انقلاب جي تعليمي خصلت کان هو انڪار ڪن ٿا-انقلاب بحثيت اهڙي هڪ تهذيبي عمل جي جيڪو تهذيبي انقلاب جي صورت ۾ بدلجڻ جي تياريءَ ۾ هجي. ۽ ٻيو ته هو تهذيبي عمل کي نئين تعليم سمجهڻ جي مونجهاري ۾ رهن ٿا، جيڪا نئين تعليم واقعي  اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي شروع ٿئي ٿي.

هِن سلسلي ۾، مون اڳي ئي چيو آهي ته اِها هڪ چريائيءَ جي ڳالهه آهي، جو ظالم عالي مقام ماڻهن کان اِها اميد رکجي ته هو آزادگيءَ جي تعليم رائج ڪندا يا هلائيندا يا رائج ڪرڻ ۽ هلائڻ ڏيندا. پر اِن کان ته انڪار نٿو ڪري  سگهجي ته انقلاب جي پنهنجي هڪ تنظيمي فطرت آهي، اِن معنيٰ ۾ ته جيستائين انقلاب آزادگي نٿو ڏئي تيستائين اُهو انقلاب ئي ناهي: ۽ ٻيو ته اقتدار جو حاصل ڪرڻ انقلابي عمل جي سڄي سلسلي جي فقط هڪ گهڙي ئي آهي-پوءِ اُها ڪيتري  ئي اهم ۽ فيصله ڪن گهڙي ڇو نه هجي. ائين، هڪ سلسلي طور انقلاب  جو ’اڳ‘ ظالم سماج ۾ ئي موجود هجي ٿو ۽ اهو فقط انقلابي شعور تي ئي ائين عيان هوندو آهي.

اِنهي طرح، انقلاب هڪ سماجي مظهر طور، ظالم سماج جي  اندر ئي سرِجي ٿو: ۽ جنهن حد تائين اُهو پنهنجي تياريءَ جي مرحلن ۾ هڪ تهذيبي عمل آهي، ان حد تئاين ان ۾ سماج کي تبديل ڪرڻ جا ممڪنات وڌندا ۽ پختا ٿيندا رهن ٿا: انقلاب  جا اُهي تهذيبي ممڪنات موجود خارجي حالات جي تقاضا پٽاندر حقيقت جي صورت وٺڻ لاءِ اُپجندا ۽ وڌندا رهندا آهن. انهيءَ طرح انقلاب پنهنجي فعال ۽ متحرڪ مفهوم ۾، هڪ لڳاتار تهذيبي عمل به آهي، جنهن جي اُن لاڳيتي عمل ۾ ڪا وٿي يا ڪو ويڇو، اُن جي ’اڳ‘ يا اُن جي ’پوءِ‘ جو، ائين ٿي ئي نٿو سگهي، جو چئجي ته اقتدار اُنهن ٻنهي جي تفريق جو هڪ خاص  ليڪو يا نشان آهي.

خارجي حالات جي اُسرندي، انقلاب ماڻهن جي هڪ اهڙي سماج جي ابتدا ڪرڻ گهري ٿو، جيڪي لڳاتار آزادگيءَ جي جدوجهد ۾ مصروف رهن ۽ ائين ظلم جي صورتحال تي پوري فتح پائي سگهن.اِن لاءِ ضروري آهي ته انقلاب جي تعليمي ڳالهه ٻولهه واري خصوصيت، جنهن سان ئي اُهو تهذيبي انقلاب جي هيءُ خصوصيت انقلاب جو هڪ تمام وڏو ۽ اثرائتو هٿيو آهي، جنهن سان انقلاب پنهنجي نرملتا ۽ اصليت بچائي سگهي ٿو،  ۽ رد انقلابي عملدار شاهيءَ جي هٿن ۾ وڃي، ٺلهو هڪ دستور  ۽ بي روح سرشتو، بنجي نٿو وڃي- ڇا ڪاڻ ته انقلابين مان ڦري رجعت پسند عملدار شاهيءَ جي هٿن ۾ اچڻ سان ئي انقلاب پنهنجي اوچي مقام تان  ڪِري رد  انقلابيت جي کڏ ۾ وڃي ڪرندو آهي.

جيڪڏهن اقتدار جي هٿ اچڻ کان اڳ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ئي نٿي سگهي،  ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي ڳالهه ٻولهه جو تجربو نه آهي، ته ماڻهن لاءِ اقتدار هٿ ڪرڻ  به اوترو ئي ناممڪن ٿيندو- ڇو ته هو ته اقتدار ۽ اقتدار جي استعمال  جي تجربي کان به اوترائي اڻواقف هوندا آهن! پر انقلاب هڪ فعال ۽ متحرڪ سلسلو آهي، ۽ اِهو ماڻهن جي لاڳيتي ساٿ سان ئي، جيڪو ماڻهن ۽ انقلابي اڳواڻن جي وچ ۾ پنهنجي انقلابي عمل جي سلسلي ۾ موجود هجي ٿو، عين ممڪن آهي، بلڪ اٽل آهي، ته ماڻهو ۽ اڳواڻ ٻيئي گڏجي ڳالهه ٻولهه جو ڏانءُ ۽ اقتدار جو استعمال  به سکي سگهن. (هيءَ ڳالهه اهڙي ئي پڌري آهي، جيئن چئبو آهي ته ماڻهو ترڻ پاڻيءَ ۾ ئي سکندا آهن، نه ڪتبخاني ۾!)

ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه اُنهن تي  ڪا مهرباني يا احسان ڪونهي، ۽ نه ئي اُهو مٿن ڪنهن بالادستيءَ جي قائم ڪرڻ جو ڪو رستو يا اٽڪل آهي. دنيا کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ، اُن جي بيان ڪرڻ ۽ اُن کي سڃاڻڻ لاءِ، ماڻهن جي وچ ۾ ڳالهه، ٻولهه جو ٿيڻ هڪ بنيادي شرط آهي، ۽ اُن سان ئي ماڻهن ۾ ماڻهپو  اچي ٿو ۽ انسانَ بهتر انسان بنجن ٿا. گاجو پيٽرووڪ (Gajo Petrovic) جي لفظن ۾:

”آزاد عمل فقط  اُهو ٿي سگهي ٿو جنهن سان ماڻهو پاڻ کي ۽ پنهنجي دنيا کي تبديل ڪري سگهي..... آزاديءَ جو هڪ مثبت شرط آهي ته ماڻهوءَ کي ضرورت جي حدن جي ڄاڻ هجي، يعني انسان جي حيثيت ۾ پنهنجي تخليقي ممڪنات جي ڄاڻ.... آزاد سماج لاءِ جدجهدُ آزاد سماج لاءِ جدوجهدُ ٿي ئي نٿو سگهي، جيستائين هڪ  اُن وسيلي ماڻهوءَ جي آزاديءَ جي درجي يا حد ۾ واڌارو نٿو اچي سگهي.“

اِن راِءِ مطابق عمل جو سلسلو نمايان طور پنهنجي نوعيت ۾ هڪ تعليمي (ڄاڻڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ  جو) عمل آهي. ائين انقلابي تعلق جي  معنيٰ ماڻهن سان پنهنجائپ  جو تعلق، نه پر انهن جو؛ اُن ۾ ماڻهن سان اعتبار ۾ رهڻو پوي ٿو ۽ نه شڪ ۽ بي اعتباريءَ ۾. ۽ جيئن لينن پڻ چيو آهي: جيتري قدر وڌيڪ علم ۽ ڄاڻ جي، ۽ اصول جي گنجائش انقلاب ۾ موجود هجي ٿي. اوتري وڌيڪ ضرورت آهي ته انقلابي اڳواڻپ ماڻهن سان ساٿ ۾ رهي- ته جيئن هو ظلم جي تاريڪ طاقت آڏو گڏجي مضبوطيءَ سان بيهي سگهن.

هِنن عمومي ڳالهين جي بنياد تي، هاڻي اسين ڳالهه ٻولهه پسند عمل ۽ ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل جي نظرين تي وڌيڪ تفصيل  سان ويچاري سگهنديسن.

جيت (فتح، غلبو)

ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل جي پهرين خصوصيت آهي، جيت جي ضرورت، غلبي جي ضرورت. ڳالهه ٻولهه وروڌي ماڻهو ٻين ماڻهن سان پنهنجن لاڳاپن ۾ مٿن جيت  پائڻ جو مقصد رکي ٿو- جيئن پوءِ تيئن وڌ ۽ هر طريقي سان، سخت کان سخت طريقي کان وٺي نرم کان نرم طريقي سان بيحد ظلمي طريقي کان وٺي بيحد گهڻگهرائيءَ (پِترتائيءَ جي طريقي سان.

جيت جي هر عمل جي معنيٰ آهي ته هڪڙو جيتيندڙ هجي ۽ هڪڙو ڪو ماڻهو يا هڪڙي شيءِ هجي جنهن کي جيتيو وڃي. جيتيندڙ پنهنجا مقصد جيتيلن تي مڙهي ٿو، ۽ اُنهن کي پنهنجيءَ مالڪيءَ ۾ آڻي ٿو. هو جيتيلن تي پنهنجون خواهشون ۽ پنهنجا طريقا مڙهي ٿو، جن کي هو ڪنهن طرح قبولي پنهنجو ڪن ٿا ۽ ائين هو مبهم جيو ٿي پون ٿا. جن جي اندر ۾ ’ويٺل‘ يا ”براجمان“ ٻيو ڪو هجي ٿو. پنهنجي شروع کان ئي، جيت پائڻ جو عمل، جيڪو ٻين(پاڻ جهڙن) ماڻهن کي هيٺ ڪيرائي، ’شين‘ جي درجي تي آڻي ڇڏجي ٿو، موت پسند عمل آهي.

جيئن ڳالهه  ٻولهه وروڌي عمل جو ظلم جي ڪنهن نه ڪنهن بجنسي صورتحال سان گڏ هجڻ اڻٽر آهي، تيئن ظلم جي صورتحال تي انقلابي غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه وروڌي يا ڳالهه ٻولهه پسند، دنيا ۾ هجي ٿو، نه ڪنهن خيالي حالت ۾.هو ڳالهه ٻولهه وروڌي پهرين ۽ ظالم پوءِ نه اهي، هو هڪ ئي وقت اُئين آهي.  ظلم جي خارجي صورتحال ۾، ظالم کي قائم رکڻ ۽ وڌائڻ لاءِ- اقتصادي ظلم هجي يا تهذيبي- ظالم لاءِ ڳالهه ٻولهه ور وڌي فضا قائم رکڻ ضروري آهي: ماريل ۽ مغلوب ماڻهن کي لفظن کان، اظهار جي قوت کان تهذيب کان، لازمي طور محروم رکيو ويندو آهي. جيئن ئي ڪٿي ظلم جي صورتحال جي ابتدا ٿئي ٿي، ڳالهه ٻولهه وروڌ به اُن جي قائم رکڻ لاءِ اُتي اُن سان گڏ، هڪ اڻٽر ضرورت طور موجود رهي ٿو.

ڇاڪاڻ ته آزادگي بخش عمل فطري طور ڳالهه ٻولهه پسند هجي ٿو، ڳالهه ٻولهه اُن عمل کان پوءِ جي شيءَ نه، پر اُن سان گڏوگڏ شيءِ آهي. ۽ ڇا ڪاڻ ته آزادگيءَ کي هڪ دائمي ۽ سدا موجود  حالت ئي هجڻ گهرجي، انهيءِ ڪري ڳالهه ٻولهه پڻ آزادگيءَ جي عمل جي هڪ لڳاتار ۽ سدا موجود صفت يا صورت آهي.(40)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org