(2) هندو- سنڌي اسڪولن جي پوئتي پيل حالت ۽ اُستادن جي
پاڙهڻ جو عجيب طريقو ڏسي، اهو محسوس ڪيو ويو آهي
ته مسلمانن جي مقابلي ۾ هندن جو توجهه علم جي
تحصيل ڏانهن گهڻو گهٽ آهي.
(3) جيڪڏهن سنڌي زبان لاءِ خداوادي خط اختيار ڪيو ويو ته مسلمان ٻار پنهنجا
اسلامي نالا درست لکي نه سگهندا. اهڙي قسم جي رسم
الخط کي هو هرگز قبول نه ڪندا.
(4) پارسي زبان جنهن خط ۾ لکي وڃي ٿي، سو هوبهو عربي- سنڌي خط جهڙو آهي.
پارسي جيئن ته سرڪاري دفتري زبان رهي آهي، تنهنڪري
ڪوبه سنڌي عملدار، هندو خواهه مسلمان، عربي- سنڌي
خط سکڻ ۾ گهڻا ڏينهن نه لڳائيندو.
(5) سنڌيءَ جا اهڙا ڪيترائي ڪتاب آهن، جيڪي عربي- سنڌي خط ۾ لکيل آهن.
انهيءَ خط ۾ ڪن آوازن جي صورتن لاءِ عربي رسم الخط
جي صورتن کي نقطا ڏيئي، سنڌي آوازن لاءِ نيون نيون
صورتون قائم ڪيون ويئون آهن.
(6) سنڌي ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، چئن مسلمانن جي
مقابلي ۾ هڪ هندو آهي. انهن سببن ڪري، عربي- سنڌي
رسم الخط، جنهن لاءِ مسلمانن شروع کان گهُر ڪئي
آهي، سو سنڌيءَ لاءِ سرڪاري طور قبول ڪيو وڃي.
1853ع ۾، سر بارٽل فريئر جي سفارش تي، ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن فيصلو ڪيو ته عربي- سنڌي رسم
الخط کي آزمائش طور اختيار ڪيو وڃي.
8- ايلس جي ٺاهيل صورتخطيءَ جون خصوصيتون
ايلس صاحب گهڻيءَ محنت ۽ جفاڪشيءَ سان، سنڌي ماهرن
تي مشتمل ڪميٽيءَ جي مدد سان، سنڌي زبان لاءِ
صورتخطي مقرر ڪئي. مٿي بيان ڪيل نج سنڌي آواز، جن
جون صورتون عربي ۽ پارسي رسم الخطن مان مخدوم
ابوالحسن ورتيون هيون، سي قائم رکيائين
؛ باقي رهيل نج سنڌي آوازن لاءِ عربي حرفن ۾ ڦير
گهير ڪري، يا انهن کي زائد نقطا ڏيئي يا ڪي نوان
نشان بنائي، سنڌيءَ لاءِ موزون صورتخطي مقرر
ڪيائين. مخدوم ابوالحسن واري اڳوڻي صورتخطي، جيڪا
سنڌ ۾ عام طور ڪم ٿي آندي ويئي، ايلس اُن کي
بنيادي صورتخطيءَ طور ڪم آڻي، انهيءَ رسم الخط جي
آڌار تي ئي، هن پنهنجي صورتخطي ٺاهي
هن عربيءَ جا 28 ئي حرف، ۽
پارسيءَ جا 3 حرف ان ۾ شامل ڪيا، جيئن مخدوم
ابوالحسن ڪيو هو. پارسيءَ جي ٽنهي حرفن وارا آواز
سنڌيءَ ۾ موجود هئا، صرف صورتون پارسي خط جون
اختيار ڪيون ويئون، ڇاڪاڻ جو اهي صورتون عربي رسم
الخط ۾ موجود نه هيون. عربيءَ جي 28 صورتن مان ڪن
جا آواز ته سنڌي زبان جا پنهنجا آواز هئا، باقي
جيڪي نج عربي صورتون سنڌي رسم الخط ۾ شامل ڪيون
ويئون هيون، تن جو اڳئين صفحي ۾ ۽ 102 صفحي تي هيٺ
حاشيءَ ۾ تفصيل ڏنل آهي. اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته
عربي ۽ پارسي صورتن ۾ نج سنڌي آوازن مان ڪن جون
صورتون اچي ويئون هيون، ڇاڪاڻ ته اُهي آواز عربي
يا پارسيءَ ۾ موجود هئا. باقي اُهي آواز جيڪي عربي
يا پارسيءَ ۾ موجود نه هئا، اُهي ڪل ويهه (چند
وسرگن کان سواءِ) هئا، جن لاءِ مخدوم ابوالحسن
وارن سنڌي حرفن ۾ تبديليون ڪري، نوان حرف يا هڪ
حرف مقرر ڪيائين، جي هن ريت آهن:
ابوالحسن |
ايلس |
ب |
ٻ |
ڀ، بهه |
ڀ |
ٿ، تهه |
ٿ |
ت، تر |
ٽ |
ٽ، ٿهه |
ٺ |
ف، پهه |
ڦ |
ج |
ڄ |
ج |
جهه |
نج |
ڃ |
چهه |
ڇ |
د، دهه |
ڌ |
ذ |
ڏ |
د، در |
ڊ |
ڊ |
ڍ |
ر |
ڙ |
ک، کهه |
ک |
گ |
ڳ |
گ |
گهه |
نگ |
ڱ |
ن |
ڻ |
حاصل مطلب ته ايلس، سنڌي صورتخطيءَ کي جيڪو نئون روپ ڏنو، سو
اڄ ڏينهن تائين ڪم اچي رهيو آهي. هيءَ صورتخطي 52
حرفن تي مشتمل آهي.
عربي وارو ء به جيتوڻيڪ سنڌي صورتخطيءَ ۾ وينجن
(Consonant)
طور شامل ڪيو ويو، پر اهو دراصل سنڌي توڙي اردوءَ
جي صوتيات ۾ وينجن طور ڪم نٿو اچي
.
ايلس واريءَ مذڪوره صورتخطيءَ جي پٽيءَ جي موجوده صورت هيءَ
آهي:
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ پ ڦ
ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ
ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و ه ء ي.
8- ايلس واري صورتخطيءَ ۾ وڌيڪ خصوصيتون هي آهن:
وينجن
(Consonants)
1- هيءَ صورتخطي، روزمره واري سنڌيءَ(Spoken
Sindhi) جي قريباً سڀني آوازن جي صورتن تي مشتمل آهي.
2- پارسي
۽ اردوءَ
وانگر، سڀني حرفن جا ڌار ڌار چار روپ
(shapes)-
ابتدائي يا مُنڍ وارو
(initial)،
وچيون
(medial)،
آخري
(final)
۽ سالم
(independent)-
آهن، جن جو مدار لفظ ۾ ڀر واري حرف سان ڳنڍجڻ يا
نه ڳنڍجڻ تي آهي، مثلاً:
سالم |
مُنڍ وارو |
وچيون |
آخري |
ا |
ا |
---- |
ــــا |
ب |
بـ |
ـبـ |
ــب |
ٻ |
ٻــ |
ــٻـ |
ــٻ |
ڀ |
ڀــ |
ــڀـ |
ــڀ |
ت |
تــ |
ــتـ |
ــت |
ٿ |
ٿــ |
ــٿــ |
ــٿ |
ٽ |
ٽـ |
ــٽـ |
ــٽ |
پ |
پــ |
ــپـ |
ـپ |
ڦ |
ڦـ |
ـڦـ |
ــڦ |
ج |
جـ |
ــجـ |
ــج |
جهه |
جـهه |
ــجهـ |
ــجهه |
د |
د |
--- |
ــد |
ر |
ر |
--- |
ــر |
س |
سـ |
ـــسـ |
ــس |
ص |
صــ |
ــصـ |
ـص |
ط |
ط |
ــطـ |
ــط |
ع |
عـ |
ــعــ |
ــعــ |
غ |
غـ |
ــغــ
|
ــغ |
ف |
فــ |
ــفــ |
ــف |
سالم |
مُنڍ وارو |
وچيون |
آخري |
ڪ |
ڪ |
ــڪــ |
ـڪ |
ک |
کــ |
ــکـ |
ــک |
گ |
گــ |
ــگــ |
ــگ |
ل |
لــ |
ــلــ |
ـــل |
م |
م |
ـــمــ |
ــم |
ن |
نــ |
ــنــ |
ــن |
ڻ |
ڻــ |
ــڻــ |
ــڻ |
هه |
هـ |
ــهـ |
ـهه |
ي |
يـ |
ــيـ |
ــي |
3- ا، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، ۽ و، ڪنهن به
لفظ ۾ پوئين حرف سان ملايا نه ويندا آهن. اهي حرف،
اڳئين حرف سان ڳنڍجي سگهن ٿا، بشرطيڪ اڳيون حرف به
ڳنڍيندڙ هجي. مثال طور:
اُڀِ الف پوئين حرف سان مليل نه آهي.
اُس الف پوئين حرف سان مليل نه آهي.
پاسو ايضاً
رات ر ۽ ا پهرئين يا پوئين حرف سان مليل نه
آهن.
رَسَڻ ر پوئين حرف سان مليل نه آهي.
ڪرڻ ر ايضاً
دري د ۽ ر اڳئين ۽ پوئين حرف سان مليل نه آهن.
رُڌَلَ ر ۽ ڌ ايضاً
ٻُڌ ڌ پهرئين حرف سان مليل آهي.
چوڻ و پوئين حرف سان مليل نه آهي.
هيٺ ڏنل لفظن ۾ حرف، ڪنهن به روپ ۾، هڪٻئي سان به
ڳنڍجي نٿا سگهن. مثلاً:
واڍو ڍور
دوا رِڍ
ڌار اَڌ
واڙ زور
(4) ڪن حرفن جي بنيادي صورت هڪ آهي. ڌار ڌار آوازن
جي سڃاڻپ لاءِ، ڪنهن هڪ ئي صورت ۾ نقطن جي گهٽ وڌ
ترتيب سان، ڌار ڌار صورتون ٺاهيون ويئيون آهن.
مثلاً:
ب |
|
هيٺان هڪ نقطو |
(.) |
|
(ڳرو اوسرگ ٻن چپن وارو ڌوڪڻو آواز) |
ٻ |
|
هيٺان ٻه نقطا |
(:) |
|
(ڳرو ٻن چپن وارو چوسڻو آواز) |
ڀ |
|
هيٺان چار نقطا |
|
|
(ڳرو وسرگ ٻن چپن وارو ڌوڪڻو آواز) |
ت |
|
مٿان ٻه نقطا |
(..) |
|
(هلڪو اوسرگ ڏندن وارو ڌوڪڻو آواز) |
ٿ
|
|
مٿان چار نقطا |
|
|
(هلڪو وسرگ ڏندن وارو ڌوڪڻو آواز |
ٽ |
|
مٿان ٽي نقطا |
(\) |
|
(هلڪو اوسرگ مورڌني
ڌوڪڻو آواز) |
ٺ |
|
مٿان ٻه نقطا |
(:) |
|
هلڪو وسرگ مورڌني
ڌوڪڻو آواز) |
پ |
|
هيٺان ٽي نقطا |
|
|
(هلڪو اوسگر ٻن چپن وارو ڌوڪڻو آواز) |
ج |
(ح) |
وچ ۾ هڪ نقطو |
(.) |
|
ڳرو اوسرگ سخت تارونءَ وارو ڌوڪڻو آواز) |
ڄ |
(ح) |
وچ ۾ ٻه نقطا |
(:) |
|
(ڳرو سخت تارونءَ وارو چوسڻو آواز) |
ڃ |
(ح) |
وچ ۾ ٻه نقطا |
(..) |
|
(ڳرو سخت تارونءَ وارو
چوسڻو آواز) |
ڇ |
(ح) |
وچ ۾ چار نقطا |
(::) |
|
(هلڪو وسرگ سخت تارون وارو ڌوڪڻو آواز) |
د |
(د) |
نقطن کان سواءِ |
(--) |
|
(ڳرو اَوسرگ ڏندن وارو ڌوڪڻو آواز) |
ڌ |
(د) |
مٿان ٻه نقطا |
(..) |
|
(ڳرو وسرگ ڏندن وارو ڌوڪڻو آواز) |
ڏ |
(د) |
مٿان ٽ نقطا |
|
|
(ڳرو مورڌني چوسڻ آواز) |
ڊ |
(د) |
هيٺان هڪ نقطو |
(.) |
|
(ڳرو اوسرگ مورڌني ڌوڪڻو آواز) |
ڍ |
(د) |
هيٺان ٻه نقطا |
(..) |
|
(ڳرو وسرڳ مورڌني ڌوڪڻو آواز) |
ڳ |
(گ) |
هيٺان ٻه نقطا |
(:) |
|
(ڳرو نرم تارونءَ وارو چوسڻو آواز) |
ڱ |
(گ) |
مٿان ٻه نقطا |
(..) |
|
(ڳرو نرم تارونءَ وارو گهڻو آواز) |
10- سر
(Vowels)
ابوالحسن جي سنڌيءَ وانگر، ايلس واري صورتخطيءَ ۾
به
سُر آهن. اُهي آهن:
اَ اَ اِ اِي اُ اوُ اي ايَ او اوَ
انهن سرن يعني حرف علتن جا ڌار ڌار روپ- يعني
ابتدائي (مُنڍ وارو)، وچيان، آخري ۽ سالم- هيٺ ڏجن
ٿا:
سالم |
مُنڍ وارو |
وچيان |
آخري |
اَ |
اَ (اٺ) |
ـــَــ (ڪَپُ) |
ـــَــ (انگ) |
اَ |
اَ (آري) |
ــــ (بارِي) |
ـــا (بابا) |
اِ |
اِ (اِڪي) |
ـــِـ (تِکَ) |
ــِــ (ڪُکِ) |
اِي |
ايـِ (ايمان( |
ــيـِ (پِيرُ) |
ــِيِ (ڪَتِي) |
اُ |
اُ (اُٺ) |
ــُــ (گُت) |
ــُــ (سُر) |
اوُ |
اُ (اوُرِي) |
ا-وُ (بوُلي) |
اــوُ (چَنو) |
ايٖ |
اڍ (اڍڪو) |
ـيـ (جيڪو |
ـي (جي) |
ايَ |
ايـَ (ايڪو( |
ـيـ (سيَرُ) |
يَ (شي) |
اوُ |
او (اوتَ) |
(موٽ) |
ــو (وٽو) |
او |
اوَ (اوکو) |
(سوکو |
ـــَـو (ڀو) |
2. سنڌي صورتخطيءَ ۾ ٻن ڊگهن سُرن
]او [
۽
]اوُ
[
جي صورت و مدد سان لکجي ٿي،
ليڪن صوتيات جي سکيا کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته اهي
سُر توڙي ڇوٽا سُر جڏهن ڪنهن لفظ جي ابتدا ۾ اچن
ٿا، تڏهن انهن جي
صورت او يا
اوُ سان ظاهر ڪبي، مثلاً: اوٺو، اوُرِي. مٿين
لفظن ۾ او ۽ اوُ ڊگهن سُرن جون صورتون آهن، پر
ٻين حالتن ۾ ڪنهن به آواز جي پٺيان صرف و گڏي،
ڊگهي حرف علت
]او[
جي لکيل صورت ظاهر ڪبي آهي:
جيئن
]ٺو [
۾
]ٺ
[
آواز جي پٺيان او،]او
[
سر جي لکيل صورت آهي، پر ووڙ لفظ ۾ پهريون و]و [
وينجن جي لکيل صورت آهي، ۽ ٻيو و ڊگهي سر
]او
[
جي لکيل صورت آهي.
عربي آواز جيڪي سنڌي صوتيات جي صورت وٺي چڪا
آهن، انهن جون صورتون ساڳيون رکيائين، انهن
آوازن واريون صورتون آهن: خ، غ، ف، ز ۽ ق (ڏسو
ص 92). ث، ح، ع، ذ، ص، ض، ط ۽ ظ صورتن وارا
آواز ڪوبه سنڌي، پڙهيل خواهه اڻپڙهيل، اُچاري
نٿو سگهي، اهي صرف لکت ۾ ڪم اچن ٿا.
هن ڪتاب ۾ حرف علت جي بدران سُر لفظ ڪم آندو
ويو آهي جو وڌيڪ درست ۽ موزون آهي. سنسڪرت ۾
سُرَ کي سۡورَ ڪوٺيندا آهن.
سنڌي
گرامرن ۾ سنڌيءَ جا صرف ٽي سُرَ (حرف علت)
ڄاڻايا ويا آهن: 1، و ۽ ي. دراصل
]و [۽
]ي [
سُر نه آهن، خود ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به
(ا، و ۽ ي) کي حرف علت ڪري ٿو سمجهي، ڏسو:
سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ص ص 22 ۽ 23.
حقيقت ۾ سنڌي صوتيات موجب
]و
[ جو آواز ٻن
گروهن ۽ قسمن وارو آهي. هڪڙو
]و
[v ڳرو هيٺئين چپ ۽ ڏندن گاڏئون گسڻو آواز
(Voiced Labio-dental fricaltive)
آهي ۽ ٻيو
]و [w
نيم- سر(semi-vowel) آهي.
]ي [ ڳرو سخت تارونءَ وارو نيم- سُر(Voiced
palatal semi-vowel) آهي، انهن کي سُرَ ڪوٺڻ بدران نيم- سر
(semi-vowel)
سمجهڻ گهرجي. البت سنڌيءَ جا
]او، اوُ، اي ۽ اِي
[ سر و ۽ ي
(اڳئين صفحي تي جاري آهي)
حرفن جي مدد سان لکت جي صورت ۾ نمايان ڪجن ٿا،
پر ان مان ائين ڪونه سمجهبو ته ڪو
]و۽ي
[ آواز، سر آهن. اها ڀُل اکرن کي ڏسي ڪئي ويئي
آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي سُرن (حرف علتن) جي باري
۾ لکي ٿو ته: اڃا 711ع تائين، يعني عربن جي
سنڌ ۾ فتح کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ جي سٽاء اڪثر
مفرد لفظن تي بيٺل هئي، حرفن توڙي زمانن موجب
فعل اڃا جملي جي ربط ۽ ترڪيب جا لازم ملزوم
بنيا هئا. اڳتي فرمائي ٿو ته: اسان جي
هاڻوڪيءَ زبان جي لفظن جي اڀياس مان معلوم ٿو
ٿئي ته جيئن اڳ تيئن الفاظ حروف صحيح سان
بيٺل هئا، يعني منجهن حروف علت بلڪل ڪم هئا،
يا مورڳو نه هئا؛ هاڻوڪا بنا حروف علت (ا، و،
ي کان سواءِ الفاظ جهڙوڪ: به، ته، نه مک، نٿ،
ڪڪڙ، مڪڙ، گدڙ- انهيءَ تاريخي اصليت ڏانهن
اشارو ڪن ٿا. ممڪن آهي ته ڊاڪٽر صاحب انهن
لفظن جي تحريري صورت تي سوچيو هجي ڇاڪاڻ ته
انهن لفظن جي تحريري صورت ۾ ڇوٽن سرن جو ظاهر
ظهور استعمال نٿو ٿئي، يعني ته ڇوٽا سُر ڪيترن
ئي لفظن جي لکيل صورتن ۾ استعمال نٿا ڪجن،
ليڪن ان ڪري ائين ڪونه چئبو ته ڪو لفظن ۾ سر
آهن ئي ڪونه، يعني ته اهي لفظن وينجن جا ميڙ
آهن.
ڪوبه لفظ سواءِ سر جي ٺهي نٿو سگهي. لفظ جي
سٽاءَ ۾ سر جو هجڻ نهايت ضروري آهي؛ ڇاڪاڻ ته
سر ئي وينجن کي حرڪت ۾ آڻي ٿو. ڊاڪٽر صاحب
پاڻ، جويي صاحب سان گڏ، جيڪو ڪتاب (سنڌي
پرائمر) ايڊٽ ڪيو آهي، اُن ۾ به هنن لفظن
جهڙوڪ: مک (سنڌي پرائمر ص 4)، ڪُڪِڙَ (سنڌي
پرائمر ص 24)، ته (سنڌي پرائمري ص 5)، نَه
(سنڌي پرائمر ص 10)، تي زيرون، زبرون ۽ پيش
ڏنا ويا آهن، تڏهن اهي ڇا آهن؟ اُهي ڇوٽن سُرن
جون لکيل صورتون ۽ نشانيون نه آهن ڇا؟
خود چچنامي (ڊاڪٽر صاحب چچنامي جو مصحح آهي) ۾
ڏنل ديسي لفظن ۾ اٺ سنڌي حرف علت ته ملن ٿا،
جي ڊاڪٽر صاحب جن جي ڪتاب ۾ موجود آهن، ڏسو:
سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ص 21، مثلاً:
]اَ
[ سُر ٺَڪرِ، جَتَ، سَمه (سما) ۽ سَهته
(سَهتا) لفظن ۾
]آ
[ لاکا، ڀاٽيه (ڀاٽيا) ۽ ڏاهر لفظن ۾
]اِ
[ وِڪيو، چَنڊِ ۽ جهم لفظَن ۾
]اِي
[ سَاوَندي ۽ جَلَوالَي لفظن ۾
]اُ
[ ٺَڪرَ، چنڊُ ۽ ڪنب لفظن ۾
]اُو
[ لوُهانه (لوهاڻو) لفظ ۾
]اي
[ ٻيٽ، لفظ ۾
]اَو
[ وِڪيو، موڪو ۽ ڪاڪو لفظن ۾
|