سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطي

باب: --

صفحو :3

”اهي اکر جيڪي رواجي ڪاريءَ مس سان لکيل آهن، سي ثابت ٿا ڪن ته مٽيءَ جي برتنن جون اهي ٺڪريون ٻاهران هرگز گهرايون نه ويون هونديون، يعني ته اهي ديسي ئي هونديون (1)“ .

 

آثار قديمه جي محڪمي طرفان ڀنڀور جي باري ۾ شايع ڪيل ’خبرنامي‘ ۾ ٽن ٺڪرين جون تصويرون ڏنل آهن. اُنهن مان صفحي 33 تي ڏنل تصويرن، نمبر 9، 10 ۽ 11 مان، 9 ۽ 11 نمبر وارين تصويرن وارين ٺڪرين تي هڪجهڙو رسم الخط يعني ارڌناگري خط لکيل آهي. وچينءَ تصوير، يعني ڏهين نمبر تصوير ۾ لکيل اکر ’لوهاڻڪي‘ يا ’لاڙي‘ رسم الخط جا آهن. رسم الخط جا اِهي ٻئي نمونا عرب سياحن جي بيانن کي صحيح ثابت ٿا ڪن، ۽ آثار قديمه جي ڊائريڪٽر جي راءِ کي سچو ثابت ٿا ڪن، ته اهي رسم الخط، اسلام جي آمد کان اڳ واريءَ سنڌي ٻوليءَ جا اهڃاڻ ڏين ٿا. سامهون ڏنل تصويرن ۾ انهن لکيتن جي جاچ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي اسلام جي آمد کان به اڳ لکي ويندي هئي، جنهن لاءِ هڪ کان وڌيڪ لکيتون ڪم آڻڻ جو رواج هو.

هن بيان مان هي نتيجو ٿو نڪري ته جيئن سنڌي ٻولي قديم آهي، تيئن موجوده سنڌي ٻوليءَ جي لکت به قديم آهي، جنهن جا ڪي آڳاٽي ۾ آڳاٽا مثال ۽ اهڃاڻ ڀنڀور جي ٺڪرين مان ملن ٿا . ڀنڀور واريءَ لکت مان هڪ، يعني تصير نمبر 10 واري لکت پڙهي ويئي آهي. ماهوار نئين زندگيءَ جي سيپٽمبر 1968ع واري پرچي ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته انهيءَ لکت جي پڙهڻي آهي: ’بُجر هَيدۡرَ‘ . پهرينءَ سٽ ۾ لکيل آهي ’بُجر‘ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ لکيل آهي ’هَيۡدَر‘.(2)(1)

 

Text Box:

 

 

 


 

تصوير نمبر: 9

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڀنڀور مان لڌل اُنهن ٺڪرين جون تصويرون، جن تي سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ واري سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي لکت جا نمونا ڏنل آهن.

انهيءَ ٺڪريءَ توڙي ٻين ٻن ٺڪرين کان سواءِ، برهمڻ آباد (المنصوره) جي کنڊرن مان هٿ آيل ٺڪرين تي لکيل لفظ، سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جي زماني جي سنڌي ٻوليءَ جي لکيل صورت جي املهه نشاني آهن.

هن راءِ مان ثابت ٿو ٿئي ته اسلام جي آمد کان اڳ سنڌي ٻولي ديسي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي، جنهن جا هڪ کان وڌيڪ رسم الخط هئا، يعني هر قوم کي پنهنجو پنهنجو رسم الخط هو؛ ٻولي اها ئي ساڳي يعني سنڌي هئي، پر لوهاڻا ان کي پنهنجي نموني پيا لکندا هئا، ته ڀاٽيا پنهنجو رسم الخط پيا ڪم آڻيندا هئا. انهن کان سواءِ ٺٽائي ڀاٽين ۽ سيوهاڻي ڀاٽين جو رسم الخط الڳ الڳ هوندو هو. اهڙيءَ طرح ’راجائي‘ ۽ ’ونگائي‘ به رسم الخطن جا نالا هئا، جيئن البيرونيءَ ’مالواڙي‘ ۽ ’سَئندۡوَ‘ رسم الخطن جا نالا ڏنا آهن.

هن راءِ مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي- وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي هئي، جا ان وقت به شاهوڪار، معياري ۽ وسيع ٻولي هئي. اُن ۾ نجوم، هيئت، طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت، روزانه استعمال جي شين، مختلف قسمن جي ڪپڙن، دوائن وغيره لاءِ لغتي خزانو هو. البيرونيءَ ان وقت جي ٻوليءَ جا جيڪي لفظ ڏنا آهن سي ايندڙ صفحن ۾ ڏنا ويا آهن.

ٽيون ته ”بجر هيدر“ لفظ وياڪرڻ جي لحاظ کان توڙي صرفي- نحوي نقطه نگاهه کان نهايت ئي دلچسپيءَ سان ڀريل آهي. هن لفظ جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته اڄ کان تيرهن چوڏهن سؤ ورهه اڳ به سنڌي ٻوليءَ جي صفتي فقرن جي ساخت ۽ سٽاءَ ساڳي هئي. حاصل مطلب ته اسلام جي آمد کان به اڳ سنڌي ٻولي جدا جدا لکتن ۾ لکي ويندي هئي.

2- ديسي سنڌي رسم الخط جا ڌار ڌار نمونا

ارڙهين صديءَ تائين، سنڌي ٻوليءَ لاءِ سرڪاري طور ڪابه صورتخطي منظور ٿيل ڪانه هئي. پارسي ادبي ۽ سرڪاري زبان هئي. نه صرف مسلمان، پر اُهي هندو جن کي سرڪاري نوڪرين جي اُميد هئي، سي پڻ پارسيءَ ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏيندا هئا. سنڌي سڀني جي روزمره جي زبان هئي. اُن کان سواءِ عوام جي روزمره جي زندگي ۽ وهنوار ۾ به سنڌي ڪم ايندڙ زبان هئي، جنهن ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان سواءِ واپاري ڏي- وٺ، ليکو چوکو ۽ لکت رکندا هئا ۽ دوڪانن تي وکرن ۽ وڙن جا نالا پنهنجي ماحول ۾ مروج رسم الخط ۾ لکندا هئا. اُن زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ ڌار ڌار رسم الخط ڪم ايندا هئا. جيتوڻيڪ پارسيءَ جي ڀيٽ ۾، سنڌي ٻوليءَ کي تعليم ۽ خط و ڪتابت لاءِ موزون نٿي سمجهيو ويو، تڏهن به هندو ۽ مسلمان واپاري، پنهنجو سمورو ڪاروبار، سنڌيءَ ۾ هلائيندا هئا. هندو ديوناگري نموني تي ٺاهيل هندو- سنڌي صورتخطي پيا ڪم آڻيندا هئا، جنهن کي ڪيترن ئي نمونن ۾ لکيو ويندو هو. نه فقط سنڌي هندو جدا جدا خط پيا ڪم آڻيندا هئا، پر مسلمانن ۾ خواجا ۽ ميمڻ پنهنجي واپار ۽ ٻئي ڪاروبار لاءِ ڌار ڌار خط پيا ڪم آڻيندا هئا اسٽئڪ بيان ٿو ڪري ته ”سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تحريري صورت لاءِ ڪيترائي خط ڪم اچن ٿا، جي سڀ سنسڪرت جي خط مان نڪتل آهن، ۽ انهيءَ وانگر کاٻي کان ساڄي لکيا وڃن ٿا“. خط هي آهن:(2)(1).

 

(1) لوهاڻڪو رسم الخط: هي رسم الخط ٺٽي ۽ برهمڻ آباد ۾ لوهاڻا استعمال ڪندا هئا.

(2) ڀاٽيا رسم الخط: هي خط ٺٽي جا ڀاٽيا ڪم آڻيندا هئا.

(3) لاڙائي يا لاڙي رسم الخط: هي رسم الخط لاڙ ۾ لاڙي بندر، فتح باغ، جوڻ، رڙي، بدين، رهموڪي بازار جا عام ماڻهو ۽ واپاري ڪم آڻيندا هئا.

(4) راجائي رسم الخط: هي رسم الخط موجوده ٺٽي ضلعي جي بستَين، دبي، ميرپورساڪري، جاکي بندر ۽ سنڊي بندر جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.

(5) ميمڻڪو رسم الخط: هي رسم الخط ٺٽي، حيدرآباد، راهموڪي بازار ۽ ٻين شهرن جا ميمڻ (واپاري ۽ عام ماڻهو) ڪم آڻيندا هئا.

(6) خواجڪا اکر: هي رسم الخط نو مسلم خواجه جيڪي اڪثر لوهاڻن مان مسلمان ٿيا هئا، سي ڪم آڻيندا هئا. هي خط پير صدرالدين لوهاڻڪي خط ۾ تبديليون ۽ واڌارا آڻي ٺاهيو هو.

(7) ڏاکڻي لهندا رسم الخط: هي رسم الخط چاچڪان سرڪار جي جوڻ، فتح باغ، بدين ۽ لاڙ جي ٻين حصن ۾، لوهاڻن ۽ ڀاٽين کان سواءِ ٻيا هندو واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.

(8) لُنڊا يا واڻڪا اکر: هي رسم الخط ڀائيبند واڻيا، واپاري بندين ۾ ڪم آڻيندا هئا.

(9) ونگائي رسم الخط: هي رسم الخط بدين طرف، مهراڻي جي ونگي پتڻ، ڪوڇي، باغ جي پتڻ، ٻنگهار جي شهر ۽ ولهار جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.

(10) خداوادي رسم الخط : هي رسم الخط خدا آبادي جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.(1)

 

(11) سيوهاڻي ٻاٻڙڪا اکر: هي رسم الخط سيوهڻ ۾ هلندو هو. سيوهڻ جا ٻاٻڙا واپاري ڪم آڻيندا هئا.

(12) شڪارپوري رسم الخط: شڪارپور جا واپاري ۽ عام ماڻهو پنهنجو شڪارپوري رسم الخط ڪم آڻيندا هئا.

(13) ساکرو رسم الخط: هي رسم الخط سکر ۾ عام طور هلندو هو.

(14) گرمکي اکر: سنڌ ۾ گرونانڪ جا پوئلڳ، نانڪ- پنٿي هندو، هي رسم الخط ڪم آڻيندا هئا.

3- خواجڪي سنڌي صورتخطي

سنڌي زبان جي مختلف صورتخطين جي جاچ ڪندي اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته اسلام جي ابتدائي زماني ۾ سنڌ جا مسلمان عام طور ڪهڙو خط ڪم آڻيندا هئا، البت اڳتي هلي هن ڏس ۾ ’خواجڪو سنڌي رسم الخط‘ ۽ ’ميمڻڪو سنڌي رسم الخط‘ ملن ٿا، جن جو حوالو ڪئپٽن جارج اسٽئڪ به ڏنو آهي(1)  پهريون يعني خواجڪو سنڌي رسم الخط، لوهاڻڪي رسم الخط (ڀنڀور يا برهمڻ آباد وارين ٺڪرين وارو خط) ۾ سڌارا ۽ واڌارا آڻي، سنڌ، ڪڇ ۽ ملتان جي علائقي جا نوان اسماعيلي مسلمان عام طور استعمال ڪرڻ لڳا. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جنهن لوهاڻا قوم، سيدنا پير شمس سبز واري ملتاني ۽ پير صدرالدين جي دعوت هيٺ اسلام قبول ڪيو هو، ۽ شمسي ۽ خواجه (اسماعيلي) جو لقب حاصل ڪيو، ان قوم ۾ هي رسم الخط (ڀنڀور واري نمبر ڏهين تصوير وارو) اڳيئي رائج هو. ان رسم الخط ۾، پير صدرالدين صاحب، ماترائون شامل ڪيون، ۽ ان سان گڏ اُن ۾ ٻيا سڌارا ۽ واڌارا آڻي، ان تي ”خواجڪي سنڌي“ يا ”چاليهه اکري“ نالو رکيائون. سندس مراد هئي ته نوان مسلمان (اسماعيلي خواجا)، اسلامي نظرين ۽ اصولن کي پنهنجيءَ ئي ٻولي ۾ سکن ۽ ياد ڪن. هن رسم الخط ۾ لکيل ڪتاب، موجوده وقت به پاڪستان، هندستان، برما، سريلنڪا، آفريڪا ۽ ڪئناڊا جا اسماعيلي پڙهندا آهن. تازو ڪئناڊا ۾ ته خواجڪي سنڌي رسم الخط جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هڪ انجمن قائم ڪئي ويئي آهي. هن صورتخطيءَ ۾ نه رڳو مذهبي ڪتاب لکيا ويا، پر ادبيات، تاريخ، هندسه ۽ فلسفي تي به ڪتاب لکيا ويا، جن مان ڪي قلمي نسخن جي صورت ۾، ۽ ڪي ڇپيل صورت ۾،


برٽش لائبرري، انڊيا آفيس لائبرري ۽ انگلڊ جي ٻين لائبررين ۽ لنڊن جي انسٽيٽيوٽ آف اسماعيلي اسٽيڊيز جي لائبرريءَ ۾ رکيل آهن.

هيءُ رسم الخط چاليهن حرفن يعني اکرن تي مشتمل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ هن کي ”چاليهه اکري“ به چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هن کي ”خواجڪي سنڌي صورتخطي“ به سڏبو آهي، پر هندستان ۽ آفريڪا ۾ هن کي رڳو ”سنڌي“ چوندا آهن. هن خط ۾ وينجنن (consonants) کان سواءِ، شروعات ۾ سُرن (Vowels) لاءِ اَٺ حرف (graphemes) هئا، پر پوءِ ان ۾ ’هڪ پد وارن ٻِٽن سُرن‘ (diphthongs) لاءِ ٻه حرف ملايا ويا. صفحي 39 تي هن صورتخطيءَ جا حرف ڏنا ويا آهن، جي ڌار ڌار آوازن (sounds) جون لکيل صورتون آهن.

انهن کان سواءِ البيروني به ڪن رسم الخطن جا نالا ڏنا آهن جيئن اڳتي هلي بيان ڪيو ويو آهي. البيرونيءَ کان اڳ ۾ اسان کي عرب سياحن جي سفرنامن مان سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخطن جي فقط تعداد جي باري ۾ معلومات ملي ٿي، پر هن (البيروني) عالم کان پوءِ، انگريز ماهرن نه فقط نالا ڏنا، پر انهن لکتن ۾ لپين جا نمونا پڻ پيش ڪيا.

هن ڏس ۾ ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کوٽاين مان حاصل ٿيل ٺڪرين تي لکيل اکرن، عرب سياحن جي دعويٰ کي دليل طور پيش ڪيو. ڀنڀور مان لڌل ٺڪرين کي پڙهڻ کان پوءِ نه فقط رسم الخط جي باري ۾ گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي، پر ان وقت ڪم ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ساخت، سٽاء، مواد ۽ ٻوليءَ جي مجاز جي باري ۾ به راءِ ڏني ويئي آهي(1).

 

 البت برهمڻ آباد (المنصوره) مان لڌل ٺڪرين تي لکيل اکرن (رسم الخط) جي باري ۾ اڃا ڪا راءِ يا رايو ڪونه ڏنو ويو آهي، جنهن جي آڌار تي ڪجهه چئي سگهجي، پر ايترو سو چئي سگهجي ٿو ته ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل ٺڪرين تي لکيل اکر ثابت ٿا ڪن ته هنن شهرن جا ماڻهو نه فقط پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا ڌڻي هئا، پر هو پنهنجي روزانه زندگي، وهنوار ۽ اٿڻي ويهڻيءَ ۾ پنهنجي ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جيڪا هو نه فقط ڳالهائيندا هئا، پر هو اها ٻولي باقاعدگيءَ سان لکي به سگهندا هئا.

 ساڳيءَ طرح برٽن (Burton) لکي ٿو ته ”اهي خط جن ۾ سنڌي زبان لکي ويندي آهي، سي اڪيچار آهن، مسلمانن ۾ ڪم ايندڙ، سامي خط کان سواءِ به اٽڪل پنج خط ٿيندا، جيڪي سنڌ جا هندو توڙي مسلمان ڪم آڻيندا آهن(2).

 

انهن سڀني ديسي رسم الخط جي لکت جا نمونا 42 ۽ 43 صفحن تي ڏنا ويا آهن.

4- عربي- سنڌي صورتخطي

هي سوال اڃا تحقيق طلب آهي ته سنڌ ۾ عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي شروعات ڪيئن ٿي، ۽ ڪڏهن ٿي؟

ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي خيال موجب، عربي- سنڌي رسم الخط جو قديم نمونو شاهه ڪريم بلڙائيءَ (1537ع کان 1663ع) جي ڇپيل ڪلام ۾ ملي ٿو. جيئن ته هن خط ۾ ’وسرگ ڌوڪڻن آوازن‘ (aspirated plosive sounds) ۽ ’گهڻن سُرن‘(nasal vowels) ۾ ڪوبه فرق ڏيکاريل نه آهي، انهيءَ ڏس ۾ هيءُ خط پاڻ وڌيڪ منجهائيندڙ آهي. شاهه ڪريم کان پوءِ ٻين بزرگن جو ڪلام به عربي- سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهي.(1)

 

سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سماجي، تجارتي، علمي، ادبي ۽ لساني ڪارج جي سلسلي ۾، اسان کي سڀ کان آڳاٽي ۾ آڳاٽي ۽ ان وقت جي لحاظ کان گهڻي ۾ گهڻي معلومات، عرب سياحن جي سفرنامن مان ملي ٿي. انهن سياحن ۽ ماهرن ۾ سڀ کان پهرين جاحظ (864ع) ، پوءِ اصطخري (951ع) ، پوءِ مسعودي (957ع) ، پوءِ ابن حوقل (245هه/ 956ع) ، پوءِ بشاري مقدسي (958ع) ، پوءِ ابن نديم (985ع ڌاري)  ۽ پوءِ البيروني (1017ع کان 1030ع)، پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۽ تذڪرن ۾“ ان وقت جي ماڻهن جي حالت، ثقافتي ۽ سماجي پهلوئن، وڻج واپار ۽ ٻولي لاءِ مستعمل رسم الخط جو ذڪر ڪيو آهي. انهن سياحن، ماهرن ۽ محققن ۾ البيرونيءَ ته ان وقت جي چالو رسم الخطن جا نالا پڻ ڏنا آهن، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي. هو لکي ٿو:

”ڏکڻ سنڌ ۾، کاري واري خطي تائين ”مالوشائو“

(Malwashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي ”مالواڙي“ (ملقاري) به چئبو آهي. بَهمَنوا (المنصوره، ۾ ”سئندۡوَ“ (Saindva) رسم الخط ڪم ايندو آهي. ”لاڙي خط“، ”لاڙ ديس“ ۾ ڪم ايندو آهي. ”ارڌناگري“ رسم الخط، ”ڀاٽيا“ ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو آهي.“ (3).

 

البيرونيءَ جي هن راءِ، ٻين عرب سياحن طرفان رسم الخط جا حاصل ٿيل نمونا، جارج اسٽئڪ ۽ سرگريئرسن جي جڳ مشهور تحقيق ، مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته سنڌي زبان لاءِ عربي- سنڌي رسم الخط يا عربي حروف تهجيءَ جي ابتدا ڪڏهن ٿي؟ هن ڪتاب ۾ به اڳين ٽن ڇاپن ۾ عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي عنوان هيٺ، هڪ سوال ڪيو ويو هو. سوال هو:(5)(4)

 

 

(1) Khan F. A., “Bhambore Excavations”, Department of Archaeology, Government of Pakistan, Karachi, revised edition, 1963. pp. 29 &30

(1)  هت موهن جي دڙي واري لکت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين اها لکت پڙهي نه ويئي آهي، ۽ اهو ثابت نه ڪيو ويو آهي ته اُن لکت واري ٻوليءَ جي ساخت ۽ سٽاءَ ڪهڙي آهي، تيستائين موهن جي دڙي واري ٻوليءَ کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لفظن ۾ ”قديم سنڌ جي ٻولي“ چئبو، ۽ موهن جي دڙي واريءَ لکت کي ”قديم سنڌ جي ٻوليءَ جي لکت“ چڌئبو، ۽ نه ڪ موجوده سنڌي ٻوليءَ جي لکت، پر ڀنڀور واريءَ لکت کي سنڌي ٻوليءَ جي لکت چئبو.

(2) ڏسو خواجه غلام علي الانا جو مضمون: ”اسلام جي آمد کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت“، ”نئين زندگي“، سيپٽمبر، 1968ع، ص 23.

(1) انهن مان ڪي خدا آبادي، ساڪرو، ٺٽائي ۽ سيوهاڻي ديسي خطن ۾ لکندا هئا، جن کي ماترائون ڏنيون وينديون هيون.

see: Stack G. Grammar of Sindhi Language, 1849, pp. 3-8

(1) ) Ibid, also see: Aitken, E.H., Gazeteer of the Province of sindh, Mercantile Steam press, 1907, p. 472.

(2) Stack, G., Op: Cit., pp. 3-8.

(1) Burton, R. F., Sindh and the Races that inhabit the valley of river Indus, W.H. Allen and  Co., 1851. P. 152

(1) Stack, G., Grammar of Sindhi Language, Bombay, American press. 1849.

(1) غلام علي الانا، ڊاڪٽر: مقالو ”ڀنڀور جا آثار- سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو“، سماجي مهراڻ، 4- 1983ع، ص ص 61-62.

(2) Burton, R. F., Sindh and the Races that inhabit the valley of river Indus, W. H. Allen & Co., London, 1851, P. 152.

(1) Daudpota U. M., Dr., Article, “Sindhi Literature, Pub Iihed in” Cultural heritage of Pakistan”, Oxford University press, London, 1955, P, 156.

(2) غلام علي الانا، ڊاڪٽر: مقالو ”ڀنڀور جا آثار- سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو“، سماجي مهراڻ، 4- 1983ع، ص ص 61-62.

(3) جاحظ: ”رسالہ فخرالسودان علي البيضان“، اردو ترجمو ”هندوستان عربون کي نظر مين“، حصه اول اعظم ڳڙهه، حصو اول، دارالمصنفين، 1965ع، ص 73 ۽ 74.

(4) اضطخري: ”المسالک الممالک“، ايضاً، ص 375.

(5)  ابوالحسن مسعودي: ”مروج الذهب و معاون الجوهر“، ايضاً، ص ص 288 ۽ 289.

(6) ابن حوقل ڌار ڌار ملڪن جا نقشا تيار ڪيا، ان ۾ هن سنڌ جو نقشو پڻ ٺاهيو هو، جو غالباً سنڌ جو پهريون نقشو هو، جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي شهرن جا نالا عربي رسم الخط ۾ لکيائين.

(1) بشاري مقدسي: ”احسن التقاسيم في معرفہ“، اردو ترجمو، حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 358-386.

(2) ابن نديم: ”الفهرست“ اردو ترجمو، جلد دوم، 1962ع، ص ص 3-4.

(3) Sachau, E. C., Alberuni,s India, London, Kegan Paul Trench Trubner, 1910. P. 173.

(4) See Stack., G. Op. Cit

(5) Grierson, E.H. “Linguistic Survery of India”, Vol; viii

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com