سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطي

باب: --

صفحو :4

”هي سوال اڃا تحقيق طلب آهي ته سنڌ ۾ عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪڏهن ٿي؟ (1)

 

ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي خيال موجب: ”عربي- سنڌي خط جو قديم نمونو شاهه ڪريم بلڙائيءَ (1537ع کان 1663ع) جي ڪلام ۾ ملي ٿو. شاهه ڪريم کان پوءِ ٻين بزرگن جو ڪلام به عربي- سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهي.“ (2).

 

هن سلسلي ۾ البيرونيءَ جي راءِ جو جائزو وٺندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:

”پنهنجي هن بيان ۾ بيرونيءَ ڪم از ڪم ٽن صورتخطين جو پتو ڏنو آهي، جيڪي 1020ع کان 1030ع واري عرصي اندر رائج هيون. ڀاٽيہ (جيسلمير) ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾، يعني جيسلمير واري سرحد لڳ، سنڌ جي اڀرندين ڀاڱن ۾، ”اڌ- اکري ناگري“ هلندڙ هئي. انهيءَ مان ڀانئجي ٿو ته اندازاً موجوده سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي اڀرندين ڀاڱن ۾ ”اڌ- اکري ناگري“ هلندڙ هئي. سامونڊي ڪناري يعني موجوده ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ”ملقاري“ رسم الخط رائج هئي. تاريخي اعتبار سان درياءَ کان اولهه طرف، ميرپورساڪري واري علائقي ۾، آڳاٽي وقت کان ”نڱامرا“ قوم آباد هئي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي صورتخطي ”نڱامري“ ڏانهن اشارو هجي. وچ سنڌ واري علائقي ۽ گاديءَ جي شهر بهمنوا يا منصوره ۾، سيندَبَ“ يعني ”سئندو“ يا ”سنڌي صورتخطي“ هلندڙ هئي. اها ”عربي- سنڌي“ صورتخطي هئي، جيڪا پهريائين منصوره واري علائقي ۾ استعمال ٿي، ۽ اتان آهستي آهستي سڄيءَ سنڌ ۾ رائج ٿي (1)

 

”عربي- سنڌي صورتخطيءَ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود محقق برونيءَ جي لکيت ۾ ملي ٿو. هن ”ملقاري“ لفظ ۾ ”ق“ جو حرف آندو آهي، ”مگر“ (منگر) ۽ ”اڱل“ (اڱر) لفظن ۾ ”ڱ“ جي اُچار لاءِ ”گ“ حرف ڪم آندو اٿس، يعني ته خود محقق بيروني، سنڌ جي مقامي اُچارن کي ادا ڪرڻ لاءِ عربي حرفن مٿان ٽٻڪا ڏيئي نوان اکر ڪڍيا (2).

 

عرب سياحن جي سفرنامن ۽ انهن کان اڳ جي لکيل تاريخي مواد جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي باري ۾، لکيل احوالن ۾ ڪيترن ئي مقامي سنڌي لفظن کي عربي رسم الخط ۾ لکڻ جو رواج يا ابتدا البيرونيءَ جي آمد واري دور (1010ع-1030ع) کان گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي. البيروني 1017ع کان 1030ع واري عرصي ۾ هت (سنڌ ۾) منصوره به آيو، جڏهن ته پهريون عرب سياح جاحظ جنهن جو احوال 864ع ۾ ملي ٿو، يعني البيرونيءَ جي اچڻ کان 153 سال اڳ جاحظ کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ٻيا سياح به آيا، جيئن اصطخريءَ جو سن 951ع آهي، ابن حوقل جو سن 245 هه/956ع جي لڳ ڀڳ  آهي. جاگرافيدان مسعودي 303هه/16- 915 ڌاري سنڌ ۾ آيو، بشاري مقدسيءَ جي تصنيف جو سن 985ع/ 375هه آهي، ابن نديم 377هه/86-985ع ڌاري سنڌ جو احوال لکيو، پر البيرونيءَ جو احوال 1017ع کان 1030ع جو آهي. انهن سڀني سياحن، مورخن، ماهرن ۽ جاگرافيدانن جي سفرنامن ۽ تذڪرن مان نه فقط سنڌ جي ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالهين کي لکت ۾ بيان ڪيو ويو آهي، پر انهن سفرنامن مان سنڌي ٻولي، ان لاءِ ڪم ايندڙ رسم الخطن جي تعداد جي باري ۾ پڻ خبر پوي ٿي ۽ البيرونيءَ ته انهن رسم الخطن جا نالا به ڏنا آهن. انهن سفرنامن ۽ تذڪرن ۾ سنڌي ماڻهن، سنڌ جي ماڳن، مڪانن ۽ دريائن وغيره جا نالا عربي رسم الخط ۾، ڪجهه تبديليءَ کان پوءِ ڏنا ويا، ان ڪري سنڌي زبان ۾ ڪافي وسعت اچي چڪي هئي. هزارن جي تعداد ۾ عربي ٻوليءَ جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا ۽ سنڌي لغت جو حصو بڻيا.

هڪ ڳالهه هيءَ به توجهه جي لائق آهي ته عرب سياحن ۽ جاگرافيدانن جي اچڻ واري عرصي جي لڳ ڀڳ ڪيترائي تاريخي ڪتاب قلمبند ٿي چڪا هئا، جن ۾، سنڌ ۾ اسلامي فتوحات جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو هو. هن وقت تائين جن تاريخي ڪتابن جا نالا مليا آهن، انهن مان ڪي هي آهن:

(1) فتوح البلدان: هيءَ بلاذريءَ جي لکيل تاريخ آهي، جنهن ۾ هڪ باب سنڌ جي فتوحات جي عنوان سان آهي. بلاذريءَ جي وفات 80/279هه ۾ ٿي، يعني ابن حوقل کان 34/35 سال پوءِ.

(2) تاريخ يعقوبي: هن تاريخ ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح جو احوال تفصيل سان ڏنل آهي. يعقوبيءَ جي وفات 284هه ۾ ٿي.

(3) تاريخ طبري: هن تاريخ جو مصنف ابو جعفر محمد بن جريد الطبري آهي. هيءُ 224هه ۾ ڄائو هو ۽ 310 هه ۾ وفات ڪيائين. هن تاريخ ۾ سنڌ جي فتوحات جي باري ۾ ذڪر آهي ۽ حوالا ڏنل آهن، گويا هن تاريخ جو مصنف ابن حوقل جو همعصر هو.

(4) الڪامل في التاريخ: هي ڪتاب ابن لاثير جو لکيل آهي. هي عالم 555 هه کان 630هه تائين ٿي گذريو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اوائلي فتوحات جي باري ۾ ذڪر آهي.

(5) فتح نامه سنڌ عرف چچنامو: سنڌ جي تاريخ بابت هي پهريون مڪمل ڪتاب آهي. هي ڪتاب اصل ۾ عربيءَ ۾ لکيو ويو هو جنهن جو فارسي ترجمو613 هه (1216ع) ۾ ٿيو. هن ڪتاب ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي ماڻهن، ماڳن، دريائن، ندين، ڍنڍن، قومن ۽ ذاتين جا نالا عربي- سنڌي حروف تهجيءَ ۾ ڏنل آهن.

انهن سڀني تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ جي ڳوٺن، ماڻهن، دريائن، ماڳن ۽ مڪانن جا نالا عربي- سنڌي رسم الخط جي نموني ۾ لکيا ويا آهن، پر هن ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪتاب چچنامو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا هزارين لفظ، عربي- سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهن، جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.

عربي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معيار، مقام ۽ شڪل جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”عربي دور حڪومت ۾ ٻوليءَ ۾ مرڪزيت پيدا ٿي. سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۽ قبيلن جي ٻولين ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي، جنهنڪري هڪ جامع سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل وجود ۾ آئي.

سنڌ ۾ عربي دور جي ابتدا کان ئي عربن جون آباديون قائم ٿيون. سنڌ وارن جا عرب ملازمن، ڪاريگرن ۽ عالمن سان گهرا معاشرتي تعلقات پيدا ٿيا. عربن سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو. سندن دائمي سڪونت سبب، عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ شادين مرادين ۽ مٽين مائٽين جا سلسلا قائم ٿيا. عرب ۽ سنڌي پاڻ ۾ ايتري قدر ته سڱيڻا ٿيا، جنهن ڪري سنڌ وارن جي سماجي زندگيءَ تي اثر وڌيو. اسلام جي اثر ماڻهن جي روزانه زندگيءَ تي وڏو اثر ڪيو.

انهيءَ اجتماعي نفسيات جو ٻوليءَ جي نفسيات تي اثر گهڻو پيو. بيشمار عربيءَ جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا، انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي لغت ۾ واڌارو ٿيو. انهن ۾ مذهب، معاشيات، معاشرتي زندگي، زراعت، تجارت، ابلاغ، صنعت مواصلات (Communication)، جنگ، انتظامي اُمور ۽ ٻيا ڪيترائي لفظ داخل ٿيا“ (1).

 

اسلامي حڪومت جي اثر ڪري، جتي هزارن جي تعداد ۾ عربي لفظ، سنڌي لغت جو حصو بڻيا، اُتي ٻنهي تهذيبن جي ميل جول ڪري، ڪيترائي سنڌي لفظ، عربي ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا. عرب سياحن ۽ محققن پنهنجي سفر دوران سنڌ ۾ بيشمار سنڌي لفظ، عربي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندي ٻڌا. سنڌي ٻوليءَ جي انهن ۽ اهڙن ٻين لفظن جي عربيءَ ۾ عام استعمال جو خاص سبب هي به هو، جو ڪيتريون ئي پسارڪيون شيون ۽ وکر، توڙي رومزه جي استعمال جا وڙ جهڙوڪ: ’ٿوم‘، ’گرم مصالحو‘، ’ڪپڙو‘، ’ستيون‘، ’ڦڪيون‘ ۽ ٻيون شيون سنڌ جي مَنڊين ذريعي عربستان، ايران ۽ ٻين ملڪن ڏانهن اُماڻيون وينديون هيون. سنڌي ويدن، ويڄن ۽ طبيبن، طب جي ڪتابن ۽ ويدن کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو، انهيءَ ڪري سَوَن جي تعداد ۾ سنڌي لفظ معمولي صوتي تبديل سان، عربي ٻوليءَ ۾ جيئن جو تيئن هيا ۽ رکيا ويا، جيڪي اڄ به سڃاڻي سگهجن ٿا، البت ڪي لفظ گهڻي صوتي تبديل سبب عربيءَ ۾ اهڙا ته مدغم ٿي ويا جو اهي هاڻ سڃاڻڻ ۾ ئي نٿا اچي سگهن، مثلاً اهڙا لفظ هي آهن:

سنڌي لفظ

عربيءَ ۾ شموليت کان پوءِ

سنڌي لفظ

عربيءَ ۾ شموليت کان پوءِ

ٿوم

ثوم/ فوم

کنڊ

(قند)(1)

 

سڙهه

شرعہ

ڪک

ڪَخ

جت

زط

گج

قز

ڪاٻارو/ ڪاٻالو

قبالہ

ڪپور

ڪافور

ڦردو

فَرضہ

نيل

نيلج

ڪرمچ

ڪرمز

ڪرڻ ڦل

قرنفل

پوتي/ پوتو

فوطہ

جاءِ ڦل

جائفل

هندورو

هندول

ٽِڦلو

اَطرفل

بيانو

بعيافه

مِک

مِخ

ڇيٽ

شيِت

 

 

اهڙيءَ طرح هيٺ مثال طور اهي سنڌي لفظ ڏجن ٿا، جيڪي سنڌ ۾ رهندڙ عربن جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا، جن کي هنن جيئن جو تيئن قائم رکيو. اهڙن لفظن مان ڪي هي آهن:

سنڌي لفظ

عربيءَ ۾ شموليت کان پوءِ

سنڌي لفظ

عربيءَ ۾ شموليت کان پوءِ

انب

انبہ، انبج

سکُاڻ

سڪان

ڀَت

بهطہ، بهطا

ڪات

قاطع

ڪاسو

ڪاسہ

مُترڪو

مطرقہ

سنداڻ

سندان (1)

 

هليلا

هليلہ

آڪرو

عاکره

 

 

مٿي ڏنل لفظ توڙي اهڙن ٻين لفظن کي عربي حروف تهجيءَ ۾ لکڻ لاءِ ڪيترن ئي سنڌي آوازن کي، عربي اکرن ۾ لکيو ويو يا عربي اکرن ۾ واڌارو ڪري نوان اکر جوڙيا ويا، ڇو ته عربي رسم الخط ۾ اُنهن سنڌي آوازن لاءِ حروف هئا ئي ڪونه، مثلاً:

سنڌي

عربي سنڌي حروف

سنڌي

عربيءَ سنڌي حروف

ڦ

ف

ک

ڪ

ڙ

ر

پ

ف

ڻ

ن

گ

ق/گ

ڀ

بهه

ڱ

نگ

ٿ

ف/ث

ڃ

نج

ٻ

ب

 

 

سنڌيءَ جا اُهي لفظ جيڪي ’او‘ پڇاڙيءَ وارا هوندا هئا، اهڙن لفظن کي عربي- سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ لاءِ ’او‘ کي ’ه‘ ۾ تبديل ڪيو ويو. مثلاً:

عربي

سنڌي

مطرقہ

مترڪو

ڪاسہ

ڪاسو

بيانہ

بيانو

قبالہ

ڪاٻارو

فرضہ

ڦڙدو

توتيہ

توتيو

اٺين صدي عيسويءَ ۾ بغداد جي خليفن سنڌ مان ڪيترائي پنڊت، ودوان، طبيب ۽ ويد گهرايا، ۽ کين تعليمي ۽ طبي عهدن تي مقرر ڪيو(1).

 

انهن مان ڪن جا نالا هئا: پنڊت ماڻڪ، پنڊت ڀلو، پنڊت ڌنو، پنڊت بکر ۽ پنڊت گنگو وغيره. انهن پنڊتن، ودوانن، ويدن ۽ حڪيمن بغداد ۾ رهي، عربي زبان ۾ ويد، طب، ستارن جي علم ۽ ٻين علمن جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هنن جڙين ٻوٽين، پسارڪي وڙن ۽ وکرن ۽ دوائن جا ڪيترائي سنڌي لفظ ۽ نالا جيئن جو تيئن عربيءَ ۾ قائم رکيا. اهڙن لفظن جا نالا اڳ ۾ ڏنا ويا آهن، ۽ اڳتي پڻ مثال طور ڏنا ويندا. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته:

”عربن ۽ سنڌين جي مسلسل ميل جول ۽ عرب عالمن جي سنڌي داني ۽ علمي تصنيفن جي اضافي سان، لفظن جي اُچارڻ جي صحت ۽ صورتخطيءَ تي توجهه ٿيو. سنڌ ۾ ئي اڪثر سنسڪرت ڪتابن جا ترجما شهر منصوره ۾ ٿيا، جيڪي قابل عالم ۽ اديب موجود هئا، ۽ ’سنڌيءَ‘ سان گڏ ’هندي‘، ٻولين جا پڻ ڄاڻو هئا. تن يقيني طور ترجمن وقت لفظن جي صحت کي صحيح صورتخطيءَ مطابق لکيو ويو، جنهن ڪري اڄ به سنڌي لفظن جي ذريعي اصلي پراڪرت لفظن جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي پهريون ڀيرو عربي رسم الخط ۾ لکجڻ لڳي.“ (1)

 

سنڌ جي عالمن ۾ ابو عطا سنڌي ٻي صدي هجريءَ ۾ هڪ وڏو سنڌي عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي دور ۾ سنڌي لفظن کي عربي- سنڌي حروف تهجيءَ ۾ لکيو هوندو. اهڙيءَ طرح ابو معشر سنڌي، تاريخ جو وڏو راوي ٿي گذريو آهي. هن به سنڌي ٻوليءَ جا لفظ عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکيا هوندا. ساڳيءَ طرح ابو ضلع سنڌي ۽ ٻيا سنڌي عالم به سنڌي ٻوليءَ جا لفظ عربي- سنڌي رسم الخط ۾ لکندا هوندا. هڪ طرف سنڌي نسل جي عالمن عربي علوم ۾ شهريت حاصل ڪئي ته ٻئي طرف وري عربي نسل جي عالمن، سنڌي ۾ سنڌي ۽ هندي ٻولين جي مطالعي ۾ مهارت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ هڪ طرف منصوره علم ادب جو مرڪز هو، ته ٻئي طرف ديبل به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”سرزمين سنڌ ۾ نه صرف عربيءَ جي اڀياس لاءِ درسگاهون هيون، مگر سنڌي بلڪ هند جي زبانن جي مطالعي لاءِ به جوڳو بندوبست ٿيل هو. سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻنهي ٻولين کي وڏي اهميت هئي، ڇو ته عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻيءَ سبب ٻئي، هڪ ٻئي جي ٻولي سمجهندا ۽ ڳالهائيندا هئا. سڀني عرب سياحن جو بيان آهي ته سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻولي، ٻئي رائج هيون، جنهن مان ثابت آهي ته عرب حڪومت، سنڌي ٻوليءَ  کي، وڏي اهميت ٿي ڏني ۽ ان جي ترقي ۽ واڌاري جو باقاعدي انتظام هو (2) “

 

سڀني محققن جو هي به رايو آهي ته ”سنڌي زبان“ جي هڪ شاعر، سنڌي زبان ۾ بغداد جي برمڪي وزيرن جي تعريف ۾ هڪ قصيدو ٺاهيو. هي قصيدو، يحيٰ برمڪيءَ جي درٻار ۾ پڙهيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته:

”جيئن ته هارون الرشيد، جعفر بن يحيٰ برمڪيءَ کي 187هه ۾ مارايو هو، انهيءَ ڪري ان مان ظاهر آهي ته هي بيت 187هه کان اڳ قلمبند ڪيو ويو هوندو (1)“

 

اهو بيت هو:

اره بره کنکره کراکري مندره.

هن مصرع مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ کي عربي- سنڌي رسم الخط ۾ پهريون ڀيرو 187 هه کان به اڳ لکيو ويو هو، يعني ته سنڌي زبان ۾ چيل هن شعر جي عربي- سنڌي رسم الخط ۾ هي پهرين لکڻي آهي، جيڪا هاڻ اهڙي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جو اصل لفظن جي مفهوم جو پتو ئي نٿو پوي. انهيءَ هوندي به بقول ڊاڪٽر صاحب ته:


(1) غلام علي الانا، ڊاڪٽر: ”سنڌي صورتخطي“، ڇاپو ٽيون، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشنس 1969ع، ص 27

(2) Daudpota, U. M., Article, “sindhi Literature,” Cultural Heritage, of Pakistan, Karachi, Oxford Universtity Preess, 1955. P. 156.

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ،“ ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1980ع، ص 47-75.

(2) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ،“ ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1980ع، ص 47- 75.

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: حوالو ڏنل آهي، ص ص 74-75.

(1) سيد سليمان ندوي: ”عرب و هند کي تعلقات“، هندوستان اڪيڊمي، 30-1929ع، ص 69. ۽ پڻ ڏسو بزرگ بن شهريار: ”عجائب الهند“، اردو ترجمو، ص 202

(1) جاحظ: ”رسالہ فخرالسودان علي البيضان“، اردو ترجمه، حوالو ڏنل آهي، ص 55.

(1) بزرگ بن شهريار: ”عجائب الهند“، حوالو ڏنو ويو آهي، 1960ع، ص 101 ۽ پڻ ڏسو، سيد سليمان ندوي: حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 67 ۽ 69.

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 49.

(2) نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر، حوالو ڏنو ويو آهي. ص 60.

(1) نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر حوالو ڏنو ويو آهي. ص 60.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com