جپسين کي ’بنجارا‘ به چوندا آهن. ’بنجارا‘ لفظ،
سنڌي لفظ ’وڻجارا‘ جي بدليل صورت آهي. ماهرن جو
رايو آهي ته اها جپسي (وڻجارا) قوم، اوائل ۾
برصغير جي اتر- اولهه (پنجاب- سنڌ) واري حصي جي
رهواسڻ هئي، ۽ اُتان لڏي پهرين ايران ۽
ميسوپوٽيميا ايراضين ۾ اچي رهي، ۽ اتان پوءِ مصر
ڏانهن ويئي.
جپسي ٻوليءَ ۽ سنڌيءَ ۾ جيڪي هڪجهڙايون ثابت ٿيون
آهن، تن مان ظاهر آهي ته هيءَ قوم اصل سنڌ جي
رهاڪو هئي. ليلو رچنداڻي لکي ٿو ته ”هيءَ قوم يورپ
جي ڪن حصن ۾ پاڻ کي ’زنگنلي‘ ته ڪٿي ’رومي‘، ته
ڪٿي وري ’سِنتي‘ سڏائيندي آهي. ’سِنتي‘، سنڌيءَ جي
بدليل صورت آهي، خود جپسي به هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيڻ
وقت ’سنتي‘ چوندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي ’ساٿي‘“.
ليلو رچنداڻي پنهنجيءَ دعوا جي ثبوت لاءِ هروڊوٽس
جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
”سنڌي نالي هڪ ننڍڙي هندي قوم، ڪاري سمنڊ جي
ويجهو، ٽامن نالي ٻيٽ ۾ رهندي هئي. اهو سمو عيسوي
صديءَ کان ڇهه- اٺ سو ورهه اڳ جو آهي.“
چمن لال جو حوالو ڏيندي ليلو لکي ٿو:
”پنجاب جي هڪ ايراضيءَ ۾ ’جنگر‘ نالي هڪ پٺتي پيل قوم هن وقت به رهندي آهي، جا هڪ
’سنڌوئي‘
قوم جو جزو آهي ۽ جنهن جي ٻولي ’سنڌي ٻوليءَ‘ سان
رشتو رکندڙ آهي، اها قوم ئي ايران جي اندروني
ايراضين تائين ويل ٿي ڏسجي.“
مٿئين بحث مان هي نتيجو ٿو نڪري ته جپسي قوم،
دراصل سنڌي وڻجارا هئا، جيڪي عيسوي سن کان ڇهه- اٺ
صديون اڳ، ڪاري سمنڊ تائين پهچي چڪا هئا. هن بحث
مان هي به نتيجو ٿو نڪري ته سنڌي ٻوليءَ جا اُهڃاڻ
۽ آثار 800- 600 ق. م، ۾ به ملن ٿا، جيڪي جپسي
ٻوليءَ جي بدليل صورتن ۾ موجود آهن. هيٺ اهڙن لفظن
جون لڙهيون ڏجن ٿيون، جيڪي ثابت ٿيون ڪن ته سنڌي
ٻولي 800-600 ق. م، ۾ به معياري ٻولي هئي، جنهن جو
هاڻوڪو ڍانچو بلڪل انهيءَ زماني واري ٻوليءَ سان
هڪجهڙائي رکي ٿو.
جپسي لفظ |
سنڌي لفظ |
جپسي لفظ |
سنڌي لفظ |
ڇُري |
ڇُري |
نڪ |
نڪ |
بال |
وار |
ڪارو (ڪالو) |
ڪارو |
يڪ |
اک |
راءِ |
راءِ |
ڪن |
ڪن |
|
|
برو |
بڙو (وڏو) |
نئه |
ننهن |
ٿان |
ٿان |
ميل |
ميل، مر، مٽي |
تون |
تون |
متو |
متو، ست |
تتو |
تتو |
متو |
متوست |
مانس |
ماڻهو |
لوو |
لوڀ |
بڪرو |
ٻڪرو، ٻڪر |
جوو |
جون |
مُک |
مک |
بينگ |
ڀينگ |
ڪير |
ڪولي |
ڪندو |
ڪنڊو |
سنگ |
سڱ |
کوو |
کوهه |
ٿر |
دونهون |
راني |
راڻي |
انگر |
آڱر |
چور |
چور |
تُد |
ڏُڌ |
ارو |
اٽو |
ماس |
ماس |
سوانگ |
سانگ، بهروبي، ٻهروپي |
پاني |
پاڻي |
اوچو |
اُچو |
بُڙهُو |
ٻڍو |
سُوتو |
ستو، سمهيل |
چوري |
چوري |
ست |
ست، سار |
رَت |
رَت |
شنو |
سڻڻ، ٻڌڻ |
ڇڪَ |
چِڪَ |
پَٽ |
پَٽ، ڪپڙا |
سِگو |
سگهو |
اوتيه |
اُتي |
شڪو |
سُڪو، |
مڙس |
مڙس، مرد |
پير ننگو |
پير ننگو
(پيرين اگهاڙو) |
ميلالو |
ميرو |
جَوَ |
جَوَ |
مارؤ |
ماڙهو |
درياو |
درياءَ |
کرِ |
کر |
مٽن مائٽن جا نالا
جپسي لفظ |
سنڌي لفظ |
جپسي لفظ |
سنڌي لفظ |
فين |
ڀيڻ |
فرل |
ڀاءُ |
سسرو |
سهرو |
سسئه |
سس |
ڪاڪ |
ڪاڪو، چاچو |
سالو |
سالو |
البيروني جي ڪتاب ۾ لکيل وڌيڪ لفظ:
بيشمار سنڌي لفظ ”ڪتاب الهند“ ۾ مطالعو ڪري سگهجن
ٿا. البيرونيءَ جي طرفان ڏنل لفظن جي اڀياس مان
اُن وقت جي سنڌي لفظن جو صوتياتي
Phonetical))
۽ اصواتي
(Phonological)
جائزو توجهه جي لائق آهي. هڪ ته هُن (البيرونيءَ)
نج سنڌي آوازن لاءِ يا ته نوان حرف جوڙيا آهن ۽ يا
ته هر آواز جي ويجهو عربي حروف رکي پنهنجو مقصد
ظاهر ڪيو اٿس. مثال طور:
نوان جڙيل حروف |
نج سنڌي آوازن جي ويجهو حروف |
سنڌي آواز |
جوڙيل حروف |
سنڌي آواز |
ويجهو حروف |
ٿ |
ت |
ڳ |
گ |
ڌ |
دهه |
گ |
ک |
ڊ |
در |
ڻ |
ن |
ڇ |
ج |
|
|
ڦ |
ب |
|
|
ڄ |
ج |
|
|
چ |
ج |
|
|
|
|
|
|
|
اهڙيءَ طرح سنسڪرت ۽ هنديءَ جي مرڪب آوازن
(Compound Sounds) لاءِ، سَنڌيءَ جي قانون
(Law of assimilation)
جو سهارو ورتو اٿس. سَنڌيءَ جي قانون موجب، مرڪب
آواز ۾ ڪم ايندڙ آواز، هڪ ٻئي تي اثر ڪري، ڪنهن
نئين آواز ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هيٺ البيرونيءَ
جا مثال کڻي اهو قانون سمجهايو ويو آهي:
البيرونيءَ وارا لفظ |
مرڪب آواز |
مرڪب آواز جا جزا |
آواز تي جزن جي اثر کان پوءِ نئون ٺهيل آواز |
وِدۡيت |
دۡيَ |
دۡ+ي |
ڄ |
موڪش |
ڪۡش |
ڪۡ+ش |
ک |
ڪۡشتري |
ڪۡش |
ڪ+ش |
ک |
سموندر |
دۡر |
د+ر |
ڊ |
|
|
|
(اُترادي لهجي ۾ در/ ڊر به استعمال ٿيندو
آهي.) |
جيتۡر |
تۡر |
ت+ر |
ٽ |
جيشۡت |
شۡت |
ش+ت |
ٺ |
وتۡسي |
سۡت |
س+ت |
ٿ |
|
|
|
|
|
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سَنڌيءَ وارو مطالعو‘ ڏاڍو دلچسپ
آهي، جنهن جي باري ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ڪتاب،
پڙهي سگهجي ٿو
.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب البيروني طرفان ڏنل لفظن مان ڪن
جي فهرست ڏيندي لکي ٿو:
”مٿين مثالن مان ڏسبو ته محقق البيروني خالص سنسڪرت لفظن کان سواءِ ٻيا جيڪي
عام مروج مڪاني نالا ۽ الفاظ استعمال ڪيا آهن، تن
مان اڪثر موجوده سنڌيءَ سان ملن ٿا. ايڊورڊ سخاؤ،
جنهن ’ڪتاب الهند‘ کي ايڊٽ ڪيو آهي، تنهن پنهنجي
مقدمي ۾ البيرونيءَ جي استعمال ڪيل مڪاني لفظن،
خصوصاً ڳاڻيٽي جي انگن بابت لکيو آهي ته اُهي جنهن
ٻوليءَ جا آهن، سا بنسبت ٻين جديد هند- آريائي
ٻولين جي، سنڌيءَ سان وڌيڪ مناسبت رکي ٿي، ۽ ملي
ٿي
. اهي ڳاڻيٽي جا انگ هن ريت آهن:
عدد قطاري عدد قطاري
حروف
البيروني |
موجوده سنڌي |
البيروني |
سنڌي |
برقہ |
برک، برڪت |
ق |
ک/ڪ |
بيہ |
ٻيو |
ب |
ٻ |
تربہ |
ٽيو |
تر |
ٽ |
چوت |
چوٿون |
ت |
ٿ |
پنجيَ |
پنجون |
-- |
-- |
ست |
ڇهون |
س |
ڇ |
اتين |
اٺون |
ت |
ٺ |
نوين |
نائون |
-- |
-- |
دهين |
ڏهون |
د |
ڏ |
يارهِي |
يارهون |
-- |
-- |
دواهي |
ٻارهون |
دوَ |
ٻ |
تروهي/ترهي |
تيرهون |
تر |
ت |
چودهي |
چوڏهون |
-- |
-- |
پنچاهي |
پنجاهون |
-- |
-- |
مٿي پيش ڪيل مثالن کان پوءِ هي سوال پيدا ٿئي ٿو
ته عربي- سنڌي رسم الخط جي شروعات ڪڏهن ٿي، ڪٿي ٿي
۽ پهرين پهرين هيءُ رسم الخط ڪنهن شروع ڪيو؟ هن ڏس
۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو:
”پنهنجي هن ڪتاب، ”ڪتاب الهند“، ۾ بيرونيءَ ڪم از ڪم ٽن صورتخطين جو پتو ڏنو
آهي، جيڪي 1020ع-1030ع واري عرصي ۾ سنڌ اندر رائج
هيون. ڀاٽيہ (جيسلمير) ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن، يعني ته
جيسلمير واري سرحد لڳ سنڌ جي اُڀرندين ڀاڱن ۾
’اڌ-اکري ناگري‘ هلندڙ هئي. انهيءَ مان
ڀانئجي ٿو ته اندازاً موجوده سکر، خيرپور،
سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي اُڀرندين ڀاڱن ۾، ’اڌ-
اکري ناگري‘ هلندڙ هئي. سامونڊي ڪناري، يعني
موجوده ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾، ’ملقاري‘ رسم
الخط رائج هئي. تاريخي اعتبار سان درياء کان اولهه
طرف ميرپور ساڪري واري علائقي ۾ آڳاٽي وقت کان
’نڱامرا‘ قوم آباد هئي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي
صورتخطي، ’نڱامري‘ ڏانهن اشارو هجي. وچ- سنڌ واري
علائقي ۾، گاديءَ واري شهر بهمنوا يا منصوره ۾،
’سيندَبَ‘ يعني ’سيندؤ‘ يا ’سنڌي صورتخطي‘ هلندڙ
هئي. اها عربي- سنڌي، صورتخطي هئي، جيڪا پهريائين
منصوره واري علائقي ۾ استعمال ٿي، ۽ اُتان آهستي
آهستي سڄيءَ سنڌ ۾ رائج ٿي
“.
هي هڪ اهڙو رايو آهي جنهن تي بحث ڪري سگهجي ٿو، ۽
اهو قبول ڪري نٿو سگهجي ته سئندۡوَ رسم الخط،
عربي- سنڌي رسم الخط جو نالو هو. برهمڻ آباد
(المنصوره) مان جيڪو ديسي رسم الخط ٺڪرين تي لکيل
مليو آهي، اهو لوهاڻڪي رسم الخط جهڙو آهي ۽ اهو ئي
’سئندۡوَ رسم الخط‘ هو.
’سئندۡوَ، ’عربي- سنڌي رسم الخط‘ جو نالو نه هو،
جنهن منصوره ۾ اها شڪل اختيار ڪئي پر جيڪڏهن اهو
قبول به کڻي ڪجي ته سئندۡوَ، عربي- سنڌي رسم الخط
جو نالو هو، ته اهو قبول ڪري نٿو سگهجي ته هي رسم
الخط ڪو البيرونيءَ ايجاد ڪيو هو، ڇو ته
البيرونيءَ کان گهڻو اڳ، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو
آهي ته جاحظ، اصطخري، مسعودي، ابن حوقل ۽ ٻين عرب
سياحن جي تاريخي ڪتابن ۾ ڪيترن ئي نج سنڌي لفظن
کي، عربي سنڌي حروفن ۾ تبديليون آڻي، عربي- سنڌي
رسم الخط ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. اهي
تاريخون، جن جا نالا مٿي ڏنا ويا آهن، البيرونيءَ
جي آمد کان ٽي- چار سو سال اڳ لکجي چڪيون هيون.
انهن ۾ عربي- سنڌي رسم الخط ڪم آندو ويو هو، ۽
عربي حروفن جي مدد سان نج سنڌي آوازن لاءِ حروف-
تهجي جوڙي ويئي هئي. انهيءَ دليل جي آڌار تي قابل
احترام شخصيت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ
سان، گهڻي معذرت سان، اتفاق نٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾
ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
”عربي- سنڌي صورتخطيءَ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود محقق بيرونيءَ جي لکت ۾
ملي ٿو. هن ”ملقاري“ لفظ ۾ ”ق“ حرف آندو آهي.
”مڱر“ (منگر) ۽ اڱل (آڱر) لفظن ۾ ”ڱ“ جي اُچار
لاءِ ”ڱ“ حرف آندو اٿس، يعني ته خود محقق بيروني
سنڌ جي مقامي اُچارن کي ادا ڪرڻ لاءِ عربي حرفن تي
ٽٻڪا ڏيئي نوان اکر ڪڍيا. اُن مان ظاهر آهي ته
”سنڌي- عربي صورتخطي“ جيڪا اسان تائين پهتي آهي،
اُن جا لکت ۾ تاريخي آثار 1025ع-1030ع واري عرصي ۾
ملن ٿا.“
انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته محقق
البيرونيءَ ڪن نج سنڌي آوازن لاءِ نوان حروف
گهڙيا، اُن لاءِ هن عربي حرفن ۾ ٽٻڪا ڏيئي يا ٻئي
طريقي سان نج سنڌي آوازن لاءِ حرف جوڙيا، پر
البيرونيءَ کان لڳ ڀڳ ٽي- چار سو سال اڳ، عرب ۽
مقامي ماهرن، نج سنڌي آوازن لاءِ حرف ٺاهڻ لاءِ،
عربي حروفن ۾ تبديليون آنديون، يا اُن نج سنڌي
آواز جي ويجهو، عربي ٻوليءَ جا حروف مقرر ڪيا.
منهنجي هن راءِ کي خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي
ڪتاب ۾، اڳتي هلي، صفحي 75 تي قبول ڪيو آهي. هو
فرمائي ٿو:
”عرب- اسلامي دور ۾، نئين علمي، ثقافتي، سماجي ۽
سياسي ماحول جي زير اثر، سنڌي ۽ عربيءَ جو پاڻ ۾
گهاٽو رشتو، عمل ۽ ردِعمل پيدا ٿيو، جنهن سان سنڌي
ٻوليءَ جي لساني انفراديت مضبوط ٿي، ۽ پڻ اها بين
الاقوامي سطح تي تسليم ڪئي ويئي. انهيءَ انفرادي
حيثيت ۽ اهميت سببان، سنڌي ٻوليءَ بابت بين
الاقوامي سطح تي تحقيق شروع ٿي، جنهن ۾ جاحظ، ابن
حوقل ۽ ٻين عالمن سنڌي ٻوليءَ متعلق حوالا قلمبند
ڪيا. چوٿين صدي هجريءَ جي ٻئي نصف ۾ اسحاق ابن
النديم انهيءَ تحقيق ۾ اڳتي وک وڌائي ۽ پڻ ساڳئي
دور ۾ بشر بن عبدالوهاب الفزاري، سنڌي لغت جو وڌيڪ
گهرو مطالعو ڪيو. ان بعد پنجين صدي هجريءَ جي
پهرئين اڌ ۾، بيرونيءَ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت
وسيع پيماني تي معلومات قلمبند ڪئي“
.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو:
”ٻين ٽين صدي هجريءَ کان وٺي عرب عالمن ’علم طب‘
تي تحقيق شروع ڪئي ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ
معدنيات، جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکر بابت ڪتاب لکجڻ
لڳا.
جدا جدا ملڪن ۾، جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جي سمجهه ۽
سڃاڻپ خاطر ضروري هو ته انهن جا نالا ٻين اهڙين
ٻولين ۾ ڏنا وڃن، جن جي ان دور ۾ بين الاقوامي
حيثيت تسليم ٿيل هئي، يا جن ۾ جڙين ٻوٽين ۽ پسار
جي ڄاڻ جو علم، ڪافي ترقي ڪري چڪو هو.
سنڌ نه فقط ان وقت بين الاقوامي حيثيت رکندڙ هئي،
پر سنڌ ۾ پسارڪي وکر جو واپار ايترو ته وڌيل هو،
جو هند جي ٻين ڀاڱن جون جڙيون ٻوٽيون پڻ سنڌ مان
ئي اولهه طرف ٻين ملڪن ڏانهن موڪليون وينديون
هيون. انهيءَ ڪري ٻين معاصر ٻولين سان گڏ سنڌي
ٻوليءَ ۾ جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکرن جا نالا ڏيڻ
ضروري سمجهيو ويو
.“
ڊاڪٽر صاحب ساڳئي صفحي تي، اڳتي لکي ٿو:
”اهو چئي نٿو سگهجي ته سڀ کان پهريائين ڪڏهن کان وٺي پسارڪي وکر جا نالا
سنڌي ۽ هنديءَ ۾ ڏنا ويا، غالباً اهو سلسلو ٻي
صديءَ هجريءَ ۾ سنڌ ۾، منصوره جي عالمن کان شروع
ٿيو ۽ پوءِ بغداد تائين پهتو
“.
ڊاڪٽر صاحب جي، هن راءِ جي آخري پئراگراف مان صاف
ظاهر آهي ته محقق البيرونيءَ کان لڳ ڀڳ ٻه سئو سال
اڳ، سنڌي زبان ۾ پسارڪي وکرن، دوائن ۽ جڙين ٻوٽين
جي نالن کي عربي- سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ شروع ڪيو
ويو هو ۽ نج سنڌي آوازن لاءِ عربي حروفن ۾ ڦير ڦار
ڪري، موزون حروف بنايا ويا هئا. ڊاڪٽر صاحب جي
حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته:
”چوٿين صدي هجريءَ جي آخر ۾، بشر بن عبدالوهاب
الفزاري، پنهنجي ڪتاب ”تفاسير الادويہ“ ۾ پسارڪي
وکر ۽ دوائن جا سنڌي ۽ هندي نالا وڌيڪ تفسير سان
درج ڪيا. ان کان پوءِ محقق البيرونيءَ سن
1050-1051ع (2) ۾، پنهنجو ڪتاب، ’الصيدنہ في الطب‘
لکيو، جنهن ۾ جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا نالا يوناني،
سرياني، عربي، فارسي، سنڌي ۽ هندي توڙي ٻين مقامي
ٻولين ۾ قلمند ڪيائين. بيروني منصوره پڻ آيو هو
.
”بيرونيءَ پنهنجي ڪتاب، ”ڪتاب الصيدنہ في الطب“ ۾ مني سئو کن جڙين ٻوٽين ۽
دوائن جا نالا سنڌيءَ ۾ ڏنا آهن، جن مان اڌ کان
وڌيڪ بشر جي ڪتاب، ”ڪتاب تفاسير الدويہ“ جي حوالن
سان ڏنا اٿس ۽ باقي پنهنجي طرفان تحقيق ڪري لکيا
اٿس. اهي نالا سنڌي ٻوليءَ جي انفرادي اهميت ۽ بين
الاقوامي علمي حيثيت بابت هڪ تاريخي دستاويزي
حيثيت رکن ٿا“
.
هيٺ بشر ۽ البيرونيءَ جي ڪتابن ۾ ڏنل انهن دوائن ۽
جڙين ٻوٽين جا نالا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب مان،
سَندن حوالي سان ڏجن ٿا ته جيئن انهن لفظن جي
صورتخطين جي باري ۾ خبر پوي:
بشر جي ڪتاب تفاسير الادويہ ۾ سنڌي لفظ جي
لکت |
البيرونيءَ جي ڪتاب
الصيدونہ ۾ لکت |
موجوده سنڌي لفظ
عربي سنڌي لکت |
حرفن ۾ ڦير ڦار ۽ تبديل
سنڌي لکت |
لِمُ |
لِمُ |
لِم/نِمُ -- |
-- |
-- |
وَنُ |
وَڻُ |
ڻ ن |
-- |
جاماها |
جاماهو/ڊراماهو/
ڊاماهو |
ڊر ڊ |
بنج |
دهطورا |
ڀنگ/ڌاتورو |
ب ڀ
نج گ
دهه ڌ |
توتيہ |
توتيہ |
توتيو |
-- -- |
بشر جي ڪتاب تفاسير الادويہ ۾ سنڌي لفظ جي
لکت |
البيرونيءَ جي ڪتاب
الصيدونہ ۾ لکت |
موجوده سنڌي لفظ
عربي سنڌي لکت |
حرفن ۾ ڦير ڦار ۽ تبديل
سنڌي لکت |
-- |
منبهل |
ميڻ ڦل بهه |
ڦ |
حَرمُل |
هملو |
هرملو/هرمرو
ل |
ر |
|
|
ح |
هه |
-- |
هين |
هڱ ن |
ڱ |
-- |
رفاقطي |
رپاڪُٽي
(چانديءَ
جي ڪٽ) |
پ
ت
ڪ |
-- |
بولو |
ٻُلهڻ ب |
ٻ |
-- |
سند |
سنڍ د |
ڍ |
-- |
ڪتوره |
کٿوري
ڪ |
ک |
|
|
ت |
ٿ |
|
شنکر |
سڱر نک |
ڱ |
مٿين مثالن مان ثابت ٿو ٿئي ته عربي- سنڌي رسم
الخط جي ابتدا، 187هه (لڳ ڀڳ 898ع) کان به اڳ،
864ع ڌاري، عرب سياح جاحظ ڪئي هئي، جنهن جا مثال
جاحظ جي ڪتاب ”رسالة فخرالسودان علي البيضان“ مان
ملن ٿا، يعني البيرونيءَ جي آمد (پنجين صدي هجري)
کان ٽي سؤ سال کن اڳ ٿي چڪي هئي، البت اهو تسليم
ڪرڻو پوندو ته محقق البيرونيءَ اُن ۾ تبديليون
آنديون ۽ اُن کي وڌيڪ مناسب ۽ معياري بنايو، جنهن
کي نستعليق توڙي نسخ رسم الخطن ۾ لکيو ويندو هو.
سنڌيءَ جي انهن ٻنهي قسمن جي لکت جا نمونا، ڪيترن
ئي عربي ۽ فارسي ڪتابن توڙي ڪتبن، تختين ۽ تحريرن
۾ ملن ٿا.
حاصل مطلب ته عربي- سنڌي رسم الخط جا سڀ کان آڳاٽا
مثال 864ع ۾، جاحظ جي ڪتاب، ”رسالہ فخرالسودان علي
البيضان“ ۾ ملن ٿا.
جاحظ سنڌي حرفن لاءِ ويجهي ۾ ويجها عربي حرف ڪم
آندا:
”ڻ لاءِ ن“ جهڙوڪ: ”سنداڻ لاءِ سندانِ“. هو لکي ٿو
ته سنڌ لوهارڪي ڌنڌي ۾ شهرت رکندڙ هئي. سنڌ مان
ٻئي سامان سان گڏ تلوارون به عربستان موڪلبيون
هيون (ص 5).
ٻيا مثال آهن:
’ڇ‘ لاءِ ’ش‘ ۽ ’ٽ‘ لاءِ ’ت‘ |
ڇِيٽ= شيِت |
’چ‘ لاءِ ’ص‘ |
چندن= صندل |
’و‘ لاءِ ’ب‘ |
واڻيا= بنيانيہ |
’ڪ‘ لاءِ ’ڪ‘ ۽ ’پ‘ لاءِ ’ف‘ |
ڪپور= ڪافور |
’گ‘ لاءِ ’ج‘ |
دنگي= دُونيج |
’ڊ‘ لاءِ ’د‘ |
هنڊول= هندول |
اُن کان پوءِ ترت عربي- سنڌي رسم الخط جو نمونو
اُن قصيدي ۾ ملي ٿو، جيڪو 187هه (898ع) کان اڳ
قلمبند ڪيو ويو، جيڪو يحيٰ بن خالد برمڪيءَ جي
درٻار ۾ پڙهيو ويو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پڻ اها
ئي دعويٰ ڪئي هئي ۽ لکيو هو ته:
”سنڌي زبان جي هڪ شاعر سنڌي زبان ۾ بغداد جي برمڪي وزيرن جي تعريف ۾ هڪ
قصيدو ٺاهيو. هي قصيدو يحيٰ برمڪيءَ جي درٻار ۾
پڙهيو ويو هو. جيئن ته 187هه ۾ هارون الرشيد جعفر
بن يحييٰ برمڪيءَ کي مارايو هو، انهيءَ مان ظاهر
آهي ته هي بيت 187 هه کان اڳ قلمبند ڪيو ويو
هوندو. اهو بيت هو:
اره بره کنکره کراکري مندره
ڊاڪٽر صاحب اڳتي فرمائي ٿو:
”سنڌي زبان ۾ چيل بيت جي، عربي رسم الخط ۾ هيءَ
پهرين لکڻي آهي، جيڪا هاڻ اهڙي صورت اختيار ڪري
چڪي آهي جو اصل لفظ جو پتو ئي نٿو پوي، انهيءَ
هوندي به هيءُ آڳاٽو حوالو، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
لاءِ هڪ قيمتي ”وَٿ“ آهي. سڀ کان اول ته هي سنڌي
ٻوليءَ جو عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ سڀ کان پهريون
لکيل نمونو آهي
“.
بهرحال مٿي ڏنل دليلن جي روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهجي
ٿو ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي- سنڌي رسم الخط جي
ابتدا 864ع ۾ جاحظ جي ڪتاب، ’رسالة فخرالسودان في
علي البيضان‘ ۾، نج سنڌي لفظن کي عربي- سنڌي رسم
الخط ۾ لکڻ سان ٿي. انهيءَ عرصي کي سنڌ ۾ عربن جي
حڪومت شروع ٿيڻ ۾ (93هه ۾ عربن جي حڪومت سنڌ ۾
شروع ٿي هئي)، هڪ سؤ کن سال گذريا هئا. هن رسم
الخط ۾ اڳتي هلي چچنامي جي مصنف، البيروني ۽ ٻين
ماهرن ۽ محققن پنهنجي نموني سڌارا ۽ واڌارا آڻي،
اُن کي وڌيڪ معياري بنايو.
غلام علي الانا، ڊاڪٽر: ’سنڌي ٻوليءَ جو
اڀياس‘، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي،
1987ع.
|