مهاڳ
سنڌي صورتخطي جو پهريون ڇاپو ڇهن مهينن اندر ختم
ٿي ويو، ۽ ٻئي ڇاپي لاءِ پريس جا دَرَ کُڙڪائڻا
پيا. پهريون ڇاپو سنڌ جي اُستادن، دانشورن ۽
تعليمي ماهرن زباني طور ته پسند ڪيو، پر مون کي
خوشي تڏهن ٿئي ها جڏهن ڪو صاحب تڪليف وٺي هن فن تي
علمي جائزو وٺي ڪجهه لکي ها ۽ منهنجي رهبري ڪري
ها.
سچ پچ ته مون کي خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن ڪو ڄاڻو،
منهنجي طرفان ڪيل سفارشن تي ڪجهه لکي، اُنهن تي
فني ۽ علمي بحث ڪندو. آءٌ ايترو ضرور چوندس ته
تنقيد علمي ڪرڻ گهرجي. صورتخطيءَ جي فن تي علمي
تنقيد لاءِ صوتيات جي علم جي ڄاڻ جي گهڻي ضرورت
آهي، ائين نه ٿئي جو متان ڪو صاحب پاڻ کي ئي ماهر
سمجهي چوي ته مصنف کي فلاڻن فلاڻن ڪتابن جو مفهوم
سمجهڻ ۾ ئي آيو آهي، چاهي پاڻ انهن ڪتابن کي سمجهي
سگهيو هجي يا نه.
ٻئي ڇاپي ۾ مون ڪي درستيون ۽ تبديليون به ڪيون
آهن، ڪن انگريزي لفظن جا نعم البدل به مقرر ڪيا
اٿم، جن جي وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ سنڌي صوتيات نالي ڪتاب
۾ ڪئي ويئي آهي.
ٽيون ڇاپو سڌاريل ڇاپو آهي، جنهن ۾ ڪافي اضافا ڪيا
ويا آهن.
آءٌ سنڌ يونيورسٽيءَ جي عملدارن جو شڪر گذار آهيان
جن منهنجو هي ڪتاب ايم. اي. (فائنل) جي ڪورس تي
رکيو آهي. اُميد ته ايم. اي. جا شاگرد هن مان گهڻو
فائدو حاصل ڪندا.
ٽئين ڇاپي جا پيش لفظ
1. سنڌي زبان جي بڻ بنياد تي تاريخي لسانيات
(Historical Linguistics) جي لحاظ کان ڪافي زماني کان بحث هلندڙ آهي. ڪن بزرگن ته انهيءَ
سلسلي ۾ اچي جذبات کان ڪم ورتو آهي، ۽ سنڌيءَ جي
موجوده تحريري صورت کي بنياد وٺي، پنهنجو هڪ مخصوص
نظريو قائم ڪيو اٿن. انهن صاحبن روزمره واري
ٻوليءَ
(Spoken language)
جي ساخت ۽ سٽاء توڙي صرف- نحو جو جائزو تشريحي
لسانيات
(Descriptive linguistics) جي روشنيءَ ۾ نه ورتو آهي. اگرچه ڪن صاحبن هن ڏس ۾- يعني ساخت،
سٽاء ۽ صرف- نحو جي باري ۾- پنهنجي نظر ڊوڙائڻ جي
ڪوشش ڪئي به آهي، پر انهن جا نتيجا به محض ظني
آهن، نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌي آوازن
(Sounds)
۽ انهن جي تحرير ٿيل صورتن
(Written Symbols)
کي هڪ ٻئي ۾ منجهايو ويو آهي، ۽ صوتياتي اصولن
ماتحت سنڌي آوازن جو جائزو نه ورتو اٿن. ساڳي حالت
سنڌي صرف- نحو جي به ڪئي ويئي آهي. نه صرف سنڌي
صوتيات جي نظام جو مطالعو غير اطمينان بخش آهي، پر
سنڌي صرف- نحو کي به عربي ۽ انگريزي صرف- نحو جي
روشنيءَ ۾ جاچڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن. سنڌي زبان
جي باري ۾ ڪڍيل اهڙا نتيجا ثابت ٿا ڪن ته عالمن
سنڌي ٻوليءَ متعلق ڪجهه لکڻ کان اڳ پنهنجو مخصوص
نظريو اول قائم ڪيو آهي، ۽ پوءِ اُن نظريي جي
روشنيءَ ۾ ٻوليءَ جي جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن.
انگريزي زبان سان به قديم نظريي وارن عالمن
(Traditional scholars)
اها ئي ڪار ڪئي آهي، انهن بابت لسانيات جو جڳ
مشهور اميريڪي ماهر بلوم فيلڊ لکي ٿو:
The Development so far outlined show us what
eighteenth century scholars knew about
languages.
They stated the grammatical features of language in Philosophical terms
and took no account of the structural difference
between language, but observed it by forcing
their description into the scheme of Latin
grammar They had not observed the sounds of
speech, and confused them with the written
symbols of the alphabet. Their failure to
distinguish between actual speech and the use of
writing distorted also their notions about the
history of languages.
مطلب ته روزمره واري ٻوليءَ بدران، تحرير ٿيل
ٻوليءَ جي جائزي کي اصل ٻوليءَ جو جائزو سمجهيو
ويو آهي، جو درست نه آهي.
2-1960ع کان اڳ سنڌي زبان جي اصلي بنياد لاءِ عام
طور ٻه نظريا مشهور هئا: اُنهن مان پهريون نظريو
هيءُ آهي ته سنڌي ٻولي، پراڪرت، پالي، شؤرسيني،
اپڀرنس ۽ وراچڊ اپڀرنش جي معرفت سنسڪرت مان نڪتل
آهي، ۽ ٻيو نظريو هيءُ آهي ته سنڌي عربيءَ جي مائٽ
ٿئي. 1960ع ۾ سنڌي ادب جي هن شعبي جي مطالعي ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نئون انقلاب آندو. ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي هڪ مضمون ذريعي، اڳوڻن نظرين کي ريٽي،
اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌي ٻولي بنيادي
طور سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت
کان اڳ واري دور جي سڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي
3. مون کي ننڍي هوندي کان ئي ٻولين جي ڄاڻ ۽
واقفيت جو شوق پئي رهيو آهي. ويتر ايم. اي. (سنڌي)
جي ڪورس ۾ فلالاجيءَ جي ٿوري گهڻي مطالعي ڪرڻ ڪري
منهنجو شوق هيڪاري وڌيو. تازو رب ڪريم مون تي وڙ
ڪيو. منهنجي مرشد مهربان۽ منهنجي عقيدي
(اسماعيليه) جي امام، سيد و مولانا شاهه ڪريم
الحسيني، آغا خان چوٿين، پنهنجيءَ نوازش سان مون
کي اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ ولايت وڃڻ جو ارشاد
فرمايو، ۽ ساڳئي وقت، پنهنجي خانداني سخاوت جي
اصول پٽاندر، پنهنجي ذاتي خزاني مان خرچ ڏيڻ به
قبول فرمايائون. مون موقعو غنيمت سمجهي، لسانيات
جي علم جي ڄاڻ لاءِ لنڊن يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف
اوريئنٽل آئنڊ آفريڪن اسٽڊيز جي لسانيات جي شعبي
۾ داخلا ورتي. ٻن سالن جي عرصي دوران مون ايم. اي.
جي تياري ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي زبان جي
عنصر
(The Arabic Element in Sindhi)
جي عنوان سان مقالو
(Thesis)
لکي پيش ڪيم، جنهن تي مون کي ايم. اي. جي ڊگري
ملي. لنڊن ۾ تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ وطن واپس وري
ڪجهه وقت ماحول جو مطالعو ڪندو رهيس، ۽ ساڳئي وقت
سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ سنڌ ۾ ڇپيل ڪتاب به پڙهندو
رهيس. مون کي معلوم ٿيو ته لسانيات جي فن تي،
سواءِ چند انگريزي ڪتابن جي، ڪنهن به سنڌي ڪتاب ۾
فني بحث ٿيل نه آهي. انهن مان ڪن ۾ فلالاجيءَ جو
عنصر گهڻو آهي، پر اهي عنصر به جديد اصولن موجب
نظرثاني ڪرڻ جهڙا آهن.
4. هن ڪتاب جي لکڻ لاءِ مون کي شوق تڏهن پيدا ٿيو،
جڏهن مون ڏٺو ته:
(الف) سنڌي ڪتابن ۾ الف- ب، رسم الخط ۽ صورتخطيءَ
۾ فرق ڄاڻايل نه آهي.
(ب) صورتخطي ۽ الف- ب جي بيان ڪندي حرف، صورت ۽
آواز جي فرق کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
ممڪن آهي ته اهي غلط بيانيون اڳتي هلي حقيقت جي
صورت وٺن، انهيءَ ڪري مون سڀ کان پهرين سنڌي
صورتخطيءَ تي قلم کنيو آهي. هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ
صوتياتي نظام ۽ صوتياتي اصولن جي باري ۾ وضاحت سان
ذڪر نه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ جدا موضوع
آهي، تنهن هوندي به صورتخطيءَ
(Orthography)
تي بحث ڪندي ڪن فني اصطلاحن
(Technical terms) جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو آهي.
5. سنڌي صورتخطيءَ (عربي- سنڌي صورتخطي) تي خاص
ڪري انهيءَ سبب جي ڪري به قلم کنيم، جو تازو
هندستان ۾ مسٽر لوڪناٿ پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ
جي لپي ۾، عربي- سنڌي صورتخطيءَ خلاف سخت ڪلاميءَ
کان ڪم ورتو آهي. ديوان لوڪناٿ عربي- سنڌي رسم
الخط کي غير و گيانڪ
(unscientific)
ثابت ڪرڻ لاءِ خود عربي رسم الخط جي خلاف غير
وگيانڪ(unscientific)
ثابت ڪرڻ لاءِ خود عربي رسم الخطب جي خلاف غير
وگيانڪ دليل ڏنا آهن. هنن لفظن لکڻ مان منهنجي اها
مراد ڪانهي ته ديوناگري خط غير وگيانڪ آهي، پر
ديوان لوڪناٿ جي ڪتاب ۾ ڪيل بحث ثابت ٿو ڪري ته
پاڻ سنڌي صوتياتي نظام توڙي عربي رسم الخط جي
اصولن بابت گهٽ ڄاڻ ٿو رکي، نه ته جيڪر پنهنجي
ڪتاب ۾ اهڙو اظهار هرگز نه ڪري ها. ديوناگري خط
سان بي پناهه محبت يا ڪٽر هندستانين وٽ سرخرو ٿيڻ
لاءِ ٻيا به ڪيترائي رستا ٿي سگهن ٿا. عربي رسم
الخط سان دشمنيءَ سبب يا پاڪستان خلاف نفرت جي
اظهار ڪرڻ لاءِ، انهيءَ طريقي سان ئي سرخروئي حاصل
ڪرڻ، هڪ اديب لاءِ مناسب نه آهي.
ديوان لوڪناٿ جي الزامن ۽ اعتراضن جي جواب کان اڳ
بهتر ٿيندو ته اول سندس ڪتاب مان ڪي ٽڪرا ڏجن، جن
۾ هن اعتراض ڪيا آهن:
(الف) عربي- سنڌيءَ جي لکاوٽ جو اُچارن سان ڪوبه تعلق نه آهي، اُچار
هڪڙو ته لکڻ جو طريقو ٻيو. هن زماني ۾ ته خود
آمريڪا ۾ انگريزيءَ کي سڌاري، اُچارن موجب لکيو ٿو
وڃي، ۽ نه ڪه جهوني طريقي سان، جنهن ۾ اکر جون
ماترائون هڪڙيون ته اُچار ٻيو
(ب) عربي- سنڌي بنهه غير وگيانڪ لپي آهي. زبان
جيڪي به سڀاويڪ اُچار ڪري ٿي، عربي لپي انهن
اُچارن کي صورت ڏيڻ کان قاصر آهي.
(ت) هن (عربي- سنڌي) جڏيءَ ۽ غير وگيانڪ لپيءَ
ڪارڻ اسان هزارين لفظن جا اچار ڦيرائي، انهن لفظن
جي صورت بدلائي ڇڏي آهي. نه فقط ايترو، ليڪن هن
غير وگيانڪ لپيءَ جي هڪ سؤ سالن جي اثر هيٺ اسان
جي زبان صحيح اچارن ڪرڻ کان قاصر ٿي پيئي آهي،
جنهنڪري اسان جا سنڌي، سنسڪرت شلوڪن جا اُچار اهڙا
ڪندا آهن، ڄڻ ته عربي ويٺا پڙهن.
هن ڪتاب ۾ اڳتي هلي، اسان لسانيات جي هڪ انگريزي
ماهر، برٽن
(Burton)
جا اُهي رايا ڏنا آهن، جن ۾ هن عربي رسم الخط جي
خصوصيتن تي مضبوط دليل ڏنا آهن. ساڳيءَ طرح
برطانيه جو هڪ ٻيو مشهور ماهر لسانيات ۽ جديد
صوتيات جو عالم فرٿ
(Firth)،
عربي رسم الخط جون خصوصيتون بيان ڪندي لکي ٿو:
Our English alphabet and orthography ary
disgrace-fully and almost ridiculously
imperfect. Let us notice the main features of
Arabic alphabet. I suppose it can claim the
title alphabet on etymological grounds, but it
is really a syllabary. Firstly, each one is
capable of being realized as an art figure in
itself. Thirdly, and most important of all, each
one has syllabic value, the value or potestas
in the most general terms being consonant plus
vowel, including vowel zero, or zero vowel. The
special mark, sukuun for a letter without
vowel possibilities, i.e. with zero vowel or for
leter to end a syllable, not begin it, is the
key to the understanding of the syallabic value
of the simple letter not so marked, and this is
congreuent with the essentials of Arabie
grammar
انهن ماهرن جي راين جي مقابلي ۾ لوڪناٿ جي اها
دعوا ڪٿي ٿي بيهي سگهي ته عربي- سنڌي رسم الخط غير
وگيانڪ ۽ جڏو آهي.
6- جن جن اعتراضن جي بنا تي ديوان لوڪناٿ عربي-
سنڌي رسم الخط کي غير وگيانڪ ٿو سمجهي، سي خاميون
دراصل عربي- سنڌي رسم الخط ۾ نه آهن، پر لکندڙن جي
اڻڄاڻائيءَ جو نتيجو آهن، جن جو متن ۾، سنڌي
صورتخطيءَ ۾ اوڻايون جي عنوان هيٺ ذڪر ڪيو ويو
آهي. انهيءَ هوندي به هيٺ لوڪناٿ جي ڪن اعتراضن جا
جواب ڏجن ٿا:
Bloomfield, L., Language, George
Allen and Unwin Ltd., London, 1961, p.8.
نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي جي مختصر
تاريخ، حيدرآباد، 1922، ص ج.
Firth, L. R., Papers in Linguistics, Oxfrd
University Press, London, 1957, pp. 125 and
126.
(الف) لوڪناٿ صاحب لکي ٿو:(ڀۡرَشۡٽ) لفظ
ديوناگريءَ ۾ ئي درست نموني لکي سگهبو. (ڀۡر) ۾
]ڀ[
۽
]ر[
ٻئي گڏجي اچن ٿا، ٻنهي جو گڏيل
اچار ٿيو (ڀۡر) جيڪو عربي لپيءَ ۾ لکي ڪونه
سگهبو، جي لکڻ جي ڪوشش ڪندا ته انهيءَ جو اچار ڪير
به برابر نه ڪري سگهندو. ساڳيءَ طرح
]ش[
۽
]ٽ[
جو گڏيل اچار ڪير به عربيءَ ۾ لکي ڏيکاري! جي
لکندا ته ٿيندو شٽ، ۽ سڄو اکر لکبو ته ٿيندو
ڀرشٽ يا ان جو اُچار عربي- سنڌي خواند و ڪندو
ڀِرَشَٽ
دراصل اسان جون اهي لکيل صورتون ئي آهن، جن مون کي هن ڪتاب لکڻ
تي مجبور ڪيو. اهڙين غلط صورتن تي ايندڙ صفحن ۾،
متن ۾ بحث ڪيو ويو آهي. اها غلطي اسان جي آهي، ۽
نه ڪه عربي- سنڌي رسم الخط جي. تعجب ته هيءُ آهي
جو پاڻ کي ڀاشا وگيان
(linguistic Scienee)
جو ماهر سمجهندڙ ديوان لوڪناٿ پاڻ به هڪ عظيم غلطي
ڪري ويو آهي. هو ڀرشٽ کي اکر
(letter)
ٿو لکي، دراصل اهو لفظ
(Word)
آهي. ڪتاب جي متن ۾ گڏيل آوازن
(Clusters of sounds)
جي بيان ۾ لوڪناٿ جي اعتراضن جا جواب اچي ويا آهن ؛
تنهن هوندي به هت ايترو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته جنهن
نموني هن صاحب عربي- سنڌي خط ۾ ڀرشٽ لفظ لکي
ٽوڪزني ڪئي آهي، تنهن ۾ هن پنهنجي لاعلميءَ جو
ڪافي ثبوت ڏنو آهي. ڪوبه سنڌي ڀرشٽ لفظ جو اچار
ڀِرشَٽ هرگز ڪونه ڪندو. هو بلڪل ائين ئي چوندو،
جيئن لوڪناٿ ديوناگري خط ۾ لکي ڏيکاريو آهي. اگر
لوڪناٿ کي اهو لفظ درست لکڻ ئي نٿو اچي ته اُن ۾
عربي- سنڌي رسم الخط جو ڪهڙو قصور؟ پاڻ دعوا ٿو
ڪري ته ڪير اهو لفظ درست لکي ته ڏيکاري! ڀرشٽ جي
اُچار موجب درست صورت/ ڀۡرشۡٽ/ آهي، جيئن ٻيا عربي
لفظ آهن- صَدۡر، عِلۡم، وَفۡد وغيره. کيس اجازت
آهي ته پوني جي انسٽيٽيوٽ آف لنگئسٽڪس جي ڪنهن به
ماهر کي منهنجي ڏسيل صورت ڏيکاري. هيءُ لفظ ٻن پدن
وارو آهي،
]ڀۡر[
گڏيل آواز آهي، ان ۾ پهريون
جز/ڀ/ ساڪن
(Vowelless)
آهي. اهو جزم يا سڪون جي مدد سان نمايان ڪري سگهجي
ٿو. ساڳيءَ طرح
]شۡٽ[
به گڏيل آواز آهي، جنهن ۾ پهريون جز/ش/ ساڪن آهي،
جنهنڪري ان مٿان جزم ڏيئي، ان کي ساڪن آواز جي
صورت ۾ نمايان ڪري سگهجي ٿو. آوازن جي انهيءَ قسم
جي تقسيم
(Distribution)
ڪيترن ئي مقالن ۾ ٿيل آهي
اگر ديوان، لوڪناٿ عربي رسم الخط جي جزم، شد ۽ ٻين
اعرابن
(diacritical Marks)
مان واقف هجي ها ته جيڪر عربي رسم الخط جي خلاف
اِهي اعتراض هرگز نه ڪري ها. لوڪناٿ صاحب صفحي 37
تي جيڪي لفظ ديوناگريءَ ۾، عربي- سنڌي رسم الخط
لکي ڏيکارڻ جي غرض سان لکيا آهن. اهي هوبهو عربي-
سنڌي خط ۾ لکجن ٿا، ته جيئن کيس باقي وهم به لهي
وڃي ته ڪو عربي- سنڌي رسم الخط غير وگيانڪ آهيِ:.
ديوناگري خط
عربي- سنڌي خط
پُورۡڻ
چُوۡرڻَ
ڌَرۡمَ
ڪَرۡمَ
|