سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطي

باب: --

صفحو :3

اهڙيءَ طرح ]ي [ ڳرو سخت تارونءَ وارو نيم- سُرَ(voiced palatal semi-vowel) آهي، پر سر نه آهي. ]ي [آواز خود سر جي مدد سان تحرڪ ڪري ٿو، مثلاً:/ ياد/ ۾/ ي/، ]ا [جي مدد سان تحرڪ ڪري ٿو، ۽ /يَڪو/ ۾/ يَ،/، ]ا [ جي استعمال سان تحرڪ ڪري ٿي.

3. سنڌي صورتخطيءَ ۾ ٻن ڊگهن سرن ]اي [ ۽ ]اِي [ جي تحريري صورت ”ي“ جي مدد سان ظاهر ڪئي ويندي آهي. انهيءَ حرف مان ائين سمجهڻ نه گهرجي ته  ]ي [آواز ڪو سر آهي. ”ايـ“ يا ”ايـِ“، ٻنهي ڊگهن سرن جي ابتدائي روپ جون لکيل صورتون آهن، پر وچئين ۽ آخري سرن جي حالت ۾ ”يـ“ جي اڳيان ”ا“ لکڻ جي ضرورت ڪانه ٿيندي آهي، مثلاً:

        پِيرُ             پـ+ــيِـ+رُ

        پيرُ             پـ+ــيـ+رُ

        چَري           چ+ـر+يِ

        چريٖ           چـ+ـر+ي

4- ڇوٽا سر، ڊگهن سرن وانگر، جڏهن به ڪنهن لفظ جي مُنڍ ۾ ايندا آهن، تڏهن ”ا“ جي مدد سان ظاهر ڪبا آهن. مثلاً: اَٽو، اُٺ، اِٽي.

پر جڏهن لفظن جي وچ ۾ يا پڇاڙيءَ ۾ ايندا آهن، تڏهن ’زير، زبر ۽ پيش‘ ذريعي تحريري صورت وٺندا آهن، جيئن:

پَلو     پ مٿان زبر،           ڇوٽي سر  (اَ) جي صورت آهي.

پِتو     پ هيٺان زير،          ڇوٽي سر (اِ) جي صورت آهي.

پُٽُ پ مٿان پيش،            ڇوٽي سر (اُ) جي صورت آهي.

مٿين سڀني سرن جي هِجي هيٺئين نموني ڪئي ويندي آهي:

 

وينجن ۽ سُر

هِجي

بِ

بي زبر بِ

با

بي الف با (1)

 

بِ

بي يي زير بِ

بِي

بي بي زير بِي

بُ

بي پيش بُ

بوُ

بي وا پيش بوُ

بي

بي يي بي

بِي

بي يي زير بِي

بو

بي وا بو

بوَ

بي وا زبر بوَ (2)

 

11- شد

ساڳئي وينجن جي ٻِٽي آواز کي تشديد (germination)  چئبو آهي. اهڙي ٻٽي آواز مٿان شد جو نشان ( ّ) ڏنو ويندو آهي. هيءَ نشان صوتيات جي ڄاڻن جي رهبري ڪري ٿو ته جنهن حرف مٿان شد جو نشان ڏنل آهي، اُن جو اُچار ٻٽو آهي. مثلاً: عربي لفظ- نقّاش ۽ سَتّار.

مٿين لفظن ۾ ”ق“ ۽ ”ت“ مٿان شد ڏنل آهي، جنهن جي مراد آهي ته انهن حرفن وارا آواز ’ٻٽا‘(geminated) آهن. سنڌي صورتخطيءَ ۾ سواءِ عربي لفظن جي، شد جو نشان نه ڏبو آهي. جديد ڪتابن ۾ ڪن سنڌي لفظن تي شد ڏني ويئي آهي، پر ڪن لفظن ۾ شد جو استعمال ڏيکاري ٿو ته ڪتاب لکندڙن کي سنڌي صوتياتي قانونن موجب شد جي ڪم آڻڻ جي، يعني ٻٽن آوازن جي نظام جي ڪابه خبر ڪانهي(1) .

 

12- جزم

ڪنهن به حرف صحيح يعني وينجن جي لکيل صورت يعني حرف مٿان جزم (نشان) ڏيڻ مان هيءَ مراد هوندي آهي ته اهو حرف ساڪن آهي، يعني انهيءَ حرف وارو آواز بغير سر (vowelless) جي آهي. جزم، ٻن ڌار ڌار آواز وارن وينجن جي ’ميڙ‘(cluster of two consonants) جي لکيل صورت ڏيکارڻ لاءِ، ساڪن آواز مٿان جزم ڏبي آهي. مثلاً:

عربي لکيل صورت                    سنڌي لکيل صورت

        عِلم                                    عِلۡمُ

        جِسم                                  جِسۡم

        صَدر                                   صَدۡر

مٿين لفظن ۾ ’ل‘، ’س‘ ۽ ’د‘ مٿان ڏنل جزم ڏيکاري ٿي ته انهن صورتن وارا آواز ساڪن (vowelless) آهن، ۽ ڀر واري پوئين آواز (secod component of the cluster) سان شامل ٿي متحرڪ ٿين ٿا.

تنوين

(i)  ٻن زبرن واري نشان  کي تنوين چئبو آهي، جو ڪن ظرفن ۾ ”الف“ مٿان ڏنو ويندو آهي. مثلاً: قريباً، فوراً، حقيقتاً.

 (ii)مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾، ۽ کانئس پوءِ ايلس واريءَ عربي- سنڌيءَ صورتخطيءَ ۾، ’ـــًــ‘ ’ــــٍـ‘ ۽ ’ــــٌـــ‘ نشان ڪن لفظن ۾، سر جي آخري روپ يعني ڇوٽي يا ڊگهي گهُڻي آخري سر]ان [،]اين [،]اين [ ۽ ]اوُن [ لاءِ ڪم آندا ويا آهن. هيٺ هاڻوڪي صورتخطيءَ جا ڪي مثال ڀيٽ لاءِ ڏجن ٿا:(1)

 

 (i)آخري ڇوٽو گهُڻو سر ]اَن [     (final short nasal vowel)

ايلس

هاڻوڪي صورت

يارهنً

يارهَن

ٻارهنً

ٻارهَن

(2) آخري ڊگهو گهُڻو سر ]اين [     (final long nasal vowel)

ايلس

هاڻوڪي صورت

سداءٍ

سدائِين

آسٍ

آسيِن

آههٍ

آهِين

(iii) آخري ڊگهو گهُڻو سر ]اين [

ايلس

هاڻوڪي صورت

۾

۾

توسٍ

توسين

(iv)آخري ڊگهو گهُڻو سر ]اوُن [

ايلس

هاڻوڪي صورت

آکِيٌ

اکِيوُن

دَواءٌ

دَوائوُن

وياسٌ

وياسوُن

14- همزو

جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته سنڌي الف- ب جي تختيءَ ۾ ’ء‘ کي وينجن طور شامل ڪيو ويو آهي، پر اڄ ڏينهن تائين همزي جي درست استعمال کي سمجهيو نه ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هر هڪ ڄاڻوءَ کي خبر به آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ همزو (ء) ٻن سرن جي ميلاپ يا جوڙ (sequence) لاءِ ڪم آڻبو آهي. ٻن سرن جي جوڙ ۾، حمزو هميشہ پوئين سر (second component) جي بدران ڪم ايندو آهي. مثلاً:

(i) آخري ڇوٽي سر جي بدران

لاءِ

= ل+اَ-ا

’ا ‎‘ جي بدران ’ءِ‘

ماءُ

= م+اَ-اُ

’اُ ‎‘ جي بدران ’ءُ‘

پِيءُ

= پ+اِي-اُ

’اُ ‎‘ جي بدران ’ءُ‘

هوُءَ

= هه+اوُ-اَ

’اَ ‎‘ جي بدران ’ءَ‘

مٿين لفظن ۾ ’ءِ‘، ’ءُ‘ ۽ ’ءَ‘ آخري ڇوٽن سُرن (اِ، اُ ۽ اَ) جي بدران استعمال ڪيا ويا آهن.

(ii) وچئين ڇوٽي سر جي بدران

مُئل

= م+اُ-اَ+لِ

(’اَ ‎‘ جي بدران ’ـئـ‘)

سوئُڙِي

= س+اوُ-اَ+ ڙ+ي

(’اَ‘ جي بدران ’ئـ‘)

ڳائِڻِ

=ڳ+اَ-اِ+ ڻِ

(’اِ‘ جي بدران ئـِ‘)

ڀائُر

= ڀ+ اَ-اُر+ رَ

(اُ‘ جي بدران ’ئــُ‘)

(iii) آخري ڊگهي سر جي بدران

کائِي

=ک+اَ-اِي

(’اِي‘ جي بدران ’ئي‘)

مائِي

=م+اَ-اِي

(’اِي‘ جي بدران ’ئي‘)

هائو

= هه+ اَ-او

(’او‘ جي بدران ’ئو‘)

کائو

= ک+اَ- او

(’او‘ جي بدران ’ئو‘)

کائي

=ک+ اَ-اي

(’اي‘ جي بدران ’ئي‘)

ڪوئُا

=ڪ+اوُ- آ

(’ا‘ جي بدران ’ئا‘)

(iv) وچئين ڇوٽي سر جي بدران

ڏَئِيت= ڏ+اَ-اِي+ت (’اِي‘ جي بدران ’ئـيـِ‘)

ڏوئِيلو= ڏ+ او- اِي+ لو (’اِي‘ جي بدران ئـِيـ‘)

ڪيترن ئي سنڌي لفظن ۾ هڪ ئي پد وارا (يڪپدا) ’دُهرا سر‘ (diphthongs) جهڙوڪ: ’ايَ‘ ۽ ’اوَ‘ جي بدران ’ي‘ ۽ ’ؤ‘-- به لکيا ويندا آهن. مثال طور:

پَيسو   جي بدران      پئسو

چوَ     جي بدران      چؤ

2- مٿين مثالن ذريعي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته ٻن سرن جي جوڙ ۾، پوئين سر جي آواز کي همزي جي روپ ۾، تحريري صورت ڏني ويندي آهي، پر هيٺ ڄاڻايل لفظن ۾ سرن جي جوڙ جو ٻيو جز (second component)، مٿين لفظن وانگر، همزي جي صورت ۾ ظاهر نه ڪيو ويو آهي، پر ’ٻئي جز‘ جون ڌار ڌار صورتون مقرر ڪيون ويئون آهن، مثلاً:

  اُچار                  لکيل صورت

جوئُارِي                 جُواري

هوئُا                    هُوا يا هُئا

ڪوئُا                   ڪُئا

وَئيل                   وَيل

انهن مثالن ۾ ’و‘ نيم- سُر طور ڪم آندو ويو آهي.

15- گُهڻا سر

1- مٿي ’تنوين‘ واري بيان جي حصي ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته مسٽر ايلس پنهنجيءَ صورتخطيءَ ۾، مخدوم ابوالحسن واري طريقي کي جاري رکيو ۽ لفظ جي آخر ۾ آيل ’گهڻن سرن‘ کي تنوين جي مدد سان تحريري صورت م آندو، پر لفظن جي وچ وارن گهڻن سرن کي تنوين جي مدد سان تحريري صورت نه ڏنائين. اهڙيءَ حالت ۾ سرن جي پٺيان ’ن‘ ڳنڍي، سر جي ’گهڻي خاصيت‘ لکت ۾ ظاهر ڪيائين. اهڙيءَ طرح گهڻي سر ڏيکاريندڙن ’ن‘ کي ’نون غنو‘ يا ’گهڻو نون‘ چيو ويو.

2- هيءَ ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ وينجن (ن) ۽ سر واري گهڻي خاصيت کي ظاهر ڪندڙ حرف ’ن‘ ۾ ڪو به فرق ڏيکاريل نه آهي. مثلاً:(1)

 

گهڻي نون جو استعمال    (ن) وينجن جو استعمال

مَنجو                               مَنِجو

کائِين                             کائِينِ

  ڪانڊيرو                            ڪانيرو

  جِندِ                                 جِنڙِي

مٿين لفظن ۾ ’گهڻي نون‘ وارن مثالن هيٺ، ’ن‘، سرن جي گهڻائڻ جي نشاني آهي. ايلس جي اصول موجب گهڻن سرن جي ’هِجي‘ هيٺ ڏجي ٿيِ:

مَنجو:          ميم نون زبر مَن، جيم وا جو... مَنجو(1)

 

کائِين:        کي الف کا، همزو بي نون زير ايِن... کائين.

ڪانڊيرو:       ڪاف الف نون ڪان، ڊي يي ڊي، ري وا، رو... ڪانڊيرو

جِندِ:           جيم نون زير جِن، دال زير دِ.... جِندِ

3- کاٻي طرف وارن مثالن ۾ ]ن [گهڻو وينجن آهي، اهڙن گهڻن وينجنن جي هجي هيٺئنءَ ريت ڪئي ويندي آهي:

مَنجو:          ميم زبر مَ، نون زيرن نِ، جيم وا جو.... مَنِجو

کائين:         کي الف کا، همزو بي نون زير ايِن، نون زير نِ... کائينِ

ڪانيرو:        ڪاف الف ڪا، نون يي ني، ري وا، رو... ڪانيرو

جِنڙِي:         جِيم زير جِ، نون زير نِ، ڙي ي، زير ڙِي... جِنڙِي

16- وسرگرائي (Aspiration)

ايلس صاحب پنهنجي الف- ب ۾، وسرگ آوازن جي صورتن لاءِ ڪن حرفن جي پويان ’هه‘ حرف ملائي، وسرگ آوازن جون صورتون مقرر ڪيون آهن ۽ ڪن حالتن ۾ وسرگ آوازن لاءِ حرفن ۾ زائد نقطا (diacritical points) ڏنا ويا آهن. مثلاً:

]ج [ ۽ ]گ [جي وسرگ آوازن لاءِ ’ج‘ ۽ ’گ‘ جي پويان ’هه‘ حرف ڳنڍي، انهن کي ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ جي صورت ڏنائين  ليڪن ]پ، ب، ت، ٽ، چ، د ۽ ڊ[ جون وسرگ صورتون، زائد نقطن جي مدد سان،’ڦ، ڀ، ٿ، ٺ، ڇ، ڌ ۽ ڍ‘ مقرر ڪيائين، اهڙي طرح ]ڪ [جي وسرگ صورت ’ک‘ مقرر ڪيائين. (2)،

 

حاصل مطلب ته ايلس جي صورتخطيءَ ۾، ٿورن وسرگ ۽ مورڌني (retroflex) آوازن ]ٽ [،]ڊ [ ۽ ]ڻ [ کان سواءِ، اهي سڀ وصفون موجود آهن، جيڪي مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ نظر اچن ٿيون. حرفن جا مختلف روپ (shapes)- يعني منڍ وارا، وچيان، آخري ۽ سالم حرف- انهن کي لفظن ۾ ملائي لکڻ جا طريقا، سمورا حرف علت، تنوين، جزم، شد، وغيره، سڀ هن ابوالحسن جي سنڌيءَ مان ورتا. مخدوم صاحب وري کانئس اڳ لکيل عربي ۽ فارسي نسخن تان ورتا. هيٺ مخدوم ابوالحسن ۽ ايلس جي صورتخطين جا مثال ڏجن ٿا:

(i) ابوالحسن جي سنڌي

سيئِي سَڀِ اَڏايٌ کَٿوُرِيَ ۽ زعۡفَرانِ جيَ مِتيِ سٍ مَوليٰ

۽ کاه جُوۡ بهُشت جُوۡ سُوۡ عَنُبرُ نِسُو:رو اٰهِ

اڇو پانِي اٰهِجُو بِهتَر بَرفَ ڪَناَ

نڪِ رَسَانِئَاءٌ ڪهکي نَاحَقِ ڪِ ايذا.

(ii) ايلس جي صورتخطي(1)

 

ڏُڌ کي وِلوڙي مکَڻ ڪَڍندا آهنِ.

تنَهن مان گِہُ نڪرَندو آهي. ڪاٺ

مون دَرَ ۽ دَرِي ۽ ڪُرسِي ۽ ميز ۽

صندوُق جُڙندِي آهنِ. لوههَ مون ڪَڙا

۽ ڪُنڊا ۽ ڪُرِفَ ۽ ڪُنجيٌ ۽ ڪِليٌ ۽ ٻي شَي جُڙنديٌ آهن.

17- ايلس جي صورتخطيءَ تي ڊاڪٽر ٽرومپ جي تنقيد

(الف) مٿي بيان ٿيل آهي ته ايلس واري الف- ب جي پٽيءَ ۾، سنڌي آوازن لاءِ جيڪي ڌار ڌار صورتون مقرر ڪيون ويئون هيون، تن ۾ ڪابه يڪسانيت ڪانه هئي. پر انهيءَ لاءِ فريئر درست چيو آهي ته ”ايلس جا بيان ڪيل سبب حقيقت نما آهن ته ”سنڌي آوازن لاءِ هن جون مقرر ڪيل عربي- سنڌي صورتون زياده مشڪل نه آهن (1).“

 

ايلس جي صورتخطيءَ تي آريائي زبانن جي مشهور ماهر جان بيمز رايو ڏيندي لکي ٿو:

There are some twelve or thirteen different (Hindu-Sindhi) alphabests current in Sind, some of which differ very widely from the others. Of late, however, the Arabic character, though ill-abapted to express Sindhi sounds, has come into common use, and a modification of the Devanagari is proposed for adoption, though I believe it is not actually employed by any class of Sindhians(2).

 

(ب) ايلس جي صورتخطيءَ تي سڀ کان زياده تنقيد ڊاڪٽر ٽرومپ ڪئي آهي. حالانڪه مقامي ماهرن، ديوان ڀيرومل  ۽ مرزا قليچ بيگ  به ايلس تي تنقيد ڪئي آهي، پر انهن جون تنقيدون ٽرومپ جي تنقيد جو ئي ترجمون آهن. ڊاڪٽر ٽرومپ پنهنجيءَ تنقيد ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌيءَ لاءِ سنسڪرت ۽ پراڪرت واري خط کان سواءِ ڪوبه خط موزون ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي لائق ڌيءَ آهي.“ ٽرومپ اڳتي لکي ٿو ته ”عربي رسم الخط ڪيترن ئي سنڌي آوازن لاءِ نامڪمل آهي، انهيءَ ڪري اهڙن سنڌي آوازن لاءِ عربيءَ جي حرفن کي هڪ خاص نموني نقطا ڏيئي، سنڌي آوازن لاءِ صورتون قائم ڪيون ويئون آهن، سو غير اطمينان بخش آهي. مثال طور، وسرگ آوازن لاءِ ڪيترن ئي حرفن تي زائد نقطا ڏنا ويا آهن ٽروپ جي راءِ موجب وسرگ آوازن جي صورتن سان ’هه‘ هميشه ملائڻ گهرجي. هن هيٺين تبديلين لاءِ سفارش ڪئي آهي.

(6).

)آواز

ايلس واري صورت

ٽرومپ واري صورت

 

ڦ

پهه

وسرگ

ڀ

بهه

 

ٿ

تهه

 

ڌ

دهه

وسرگ

ٺ

ٿهه

 

ڍ

هه

 

ڇ

چهه

 

ک

کهه

 

ٽ

ٿ

مورڌني

ڊ

ڌ

 

ڻ

ٺ

گهڻا وينجن

ڃ

نج

 

ڱ

نگ

نرم تارونءَ وارا (1)

ڪ

ک

 

ڏ

ڏ

چوسڻا

ڄ

ڃ

 

ڳ

گ

در حقيقت ٽرومپ جون ڏسيل ڪي صورتون ته ايلس وارين صورتن کان به زياده مشڪل ۽ زائد نقطن واريون آهن. جيتوڻيڪ وسرگ آوازن ]پهه [،]بهه [،]تهه[، ]دهه [، ]چهه [۽ ]کهه [ جي صورتن لاءِ ٽرومپ جو اعتراض ۽ راءِ وزندار آهي، پر سندس ڏسيل صورتون ’ٿهه‘ ۽ ’هه‘، ايلس وارين صورتن ’ٺ‘ ۽ ’ڊ‘ کان وڌيڪ منجهائيندڙ ۽ مشڪل آهن. ازان سواءِ ٽرومپ جو رايو ته ايلس وارين صورتن ’ٽ‘، ’ڊ‘،’ڄ‘، ’ڏ‘ ۽ ’ڳ‘ جي بدران ’ٿ‘، ’‘، ’ڃ‘، ’‘ ۽ ’گ‘ صورتون اختيار ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ايلس واريون صورتون، سندس خيال موجب منجهائيندڙ آهن. حقيقت ۾ ٽرومپ وارين صورتن کان ايلس واريون صورتون، وڌيڪ آسان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ڇاڪاڻ ته نقطن جي لحاظ کان ايلس جي صورتن ۾ ٽرومپ جي صورتن کان نقطا گهٽ آهن.

ٽرومپ جو ’سخت تارونءَ واري گهڻي وينجن‘ (palatal nasal sound) ]ڃ [ ۽ ’نرم تارونءَ واري گهڻي وينجن‘ (velar nasal sound) ]ڱ [ جي صورت لاءِ ورتل اعتراض به ڪمزور آهي. ٽرومپ جو رايو آهي ته سخت تارونءَ واري گهڻي وينجن لاءِ ’ڃ‘ جي بدران ’نج‘، ۽ نرم تارونءَ واري گهڻي وينجن لاءِ ’ڱ‘ جي بدران ’نگ‘ هئڻ گهرجن. هن جو خيال آهي ته گهڻا آواز هميشہ ’ن‘ حرف سان لکڻ گهرجن ، پر صوتيات جي ڄاڻن کي هيءَ ڳالهه چڱي طرح معلوم آهي ته بين الاقوامي صوتياتي الف- بي(International phonetic Alphabet) جي نقشي (chart) ۾ به انهن آوازن ۽ ٻين گهُڻن وينجنن، سواءِ ]ن [ جي، جون تحريري صورتون، ’ن‘ حرف سان مقرر ڪونه ڪيون ويئيون آهن، يعني ]ڃ [ ۽ ]ڱ [ لاءِ ’نج‘ ۽ ’نگ‘ صورتون مقرر نه ڪيون ويئون آهن. ازان سواءِ اگر ’ڃ‘ ۽ ’ڱ‘، کي ’نج‘ ۽ ’نگ‘ جي صورتن ۾ لکيو وڃي ها ته جيڪر ڪيترن ئي لفظن جي فرق ۽ سڃاڻپ ۾ دقت پيدا ٿئي ها، مثلاً: ٽرومپ جي صورتخطيءَ موجب ’سنج‘ ۽ ’سنج‘ ۾ فرق معلوم ڪرڻ مشڪل ٿئي ها، پر ايلس جي صورتخطيءَ موجب انهن ۾ تفاوت آسانيءَ سان ظاهر ٿئي ٿو. مثال طور:(1)

 

ايلس واري صورتخطي

ٽرومپ واري صورتخطي

  سنَجِ

   سنَجِ

  سَڃِ

   سَنجِ

   پنجَ

    پَنجَ

    پِڃَ

     پِنجَ

ساڳيءَ طرح، ’ڱ‘، ’نگ‘ کان زياده آسان ۽ موزون آهي، مثلاً:

ايلس واري صورتخطي

ٽرومپ واري صورتخطي

  سَنگِ

  سَنگِ

  سَڱِ

  سَنگِ

  اَنگِ

  اَنگِ

  اَڱِ

 اَنگِ

حاصَل مطلب ته سر بارٽل فريئر جي هيءَ راءِ بلڪل درست آهي ته: ”ٽرومپ جو اعتراض ٻن ٽن حرفن لاءِ بلڪل وزندار آهي، جن جو استعمال گهڻو گهٽ آهي، ۽ انهيءَ سبب ڪري ايلس واري صورتخطيءَ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ سفارش اجائي آهي“  هيٺ ڏنل نقشي ۾ ايلس ۽ ٽرومپ جي طرفان مقرر ڪيل الف- ب جي پٽي ڏجي ٿي، انهيءَ لاءِ ته ٻنهي ۾ جيڪو فرق آهي سو نمايان نظر اچي:(1)

 

ايلس واريءَ الف- ب جي پٽي

ٽرومپ واريءَ الف- بي جي پٽي

ب

ب

ٻ

ٻ

ڀ

بِهه

ت

ت

ٿ

تهه

ٺ

ٿِهه

ٿ

تِهه

ٽ

ٿ

ٺ

ٿِهه

ٿ

ث

پ

پ

ڦ

پهه

ج

ج

ڄ

ڄ

جهه

جهه

ايلس واريءَ الف- ب جي پٽي

ٽرومپ واريءَ الف- بي جي پٽي

ڃ

نج

چ

چ

ڇ

چهه

ح

ح

خ

خ

د

د

ڌ

دهه

ڏ

ڏ

ڊ

ڍ

هه

ذ

ذ

ر

ر

ڙ

(ڙهه)

ز

ز

س

س

ش

ش

ص

ص

ض

ض

ط

ط

ظ

ظ

ع

ع

غ

غ

ف

ف

ق

ق

ايلس واريءَ الف- ب جي پٽي

ٽرومپ واريءَ الف- بي جي پٽي

ڪ

ک

ک

کهه

گ

گ

گهه

گهه

ڳ

 ّگ

ڱ

 ّگ    (ليڪن واري ڪُنڊي جهڙو نشان)

ل

ل

م

م

ن

ن

ڻ

ٺِ

و

و

هه

هه

ء

--

ي

ي


(1)  سنڌي ڪتابن ۾ ”با“ جي بدران ”بَا“ لکيل هوندو آهي، يعني ”ب“ مٿان زبر“، ۽ پوءِ ڊگهي سُر جي آخري صورت ”ا“ شامل ڪئي ويندي آهي. ٻارن کي هِجي سيکاري ويندي آهي: ب الف زير با، مٿي چيل آهي ته ”زبر“ ۽ ”ا“ سنڌيءَ ۾ ڌار ڌار سرن جون صورتون آهن، انهيءَ لحاظ سان چئبو ته ”بَا“ ۾ ٻه سُرَ ٿيا: هڪ ـــَــ (زبر) ۽ ٻيو اَ. صوتيات جي اصول موجب (با) ۾ ”زبر“ ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي، ۽ صرف ”با“ ئي موزون آهي، ڇاڪاڻ ته وسرگ آوازن جي صورت ۾ ”زبر“ غلط فهمي پيدا ڪري ٿي. مثلاً: ”جَها“ ۾ ”زبر“ منجهائيندڙ آهي، انهيءَ ڪري ”جها“ وڌيڪ آسان آهي.

(2)  سنڌي ڪتابن ۾ ”بَوۡ“  جي بدران ”بَوۡ“لکيل آهي، بَ ۾ جزم جو استعمال زائد آهي. (وڌيڪ ڏسو جزم جي بيان ۾ ص ص 140 کان 144 ۽ صفحي 145 کان 149 تائين).

(1) ڏسو صفحي 119 تي شد جي بيان ۾.

(1)  سنڌيءَ ۾ (ــــٌـ) کي عربيءَ وانگر ”اُنِ“ ڪري نه اُچاريندا آهن، پر ڊگهي گهُڻي سُرَ ]اوُن [ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. مثلاً: آءٌ.

(1) سنڌي ڪتابن ۾ ’گهڻي نون‘ کي ’ساڪن‘ سمجهي، اُن جي مٿان جزم ڏني ويندي آهي. جزم جو اهڙي حالت ۾ استعمال سراسر غلط آهي. (وڌيڪ ڏسو ايلس جي صورتخطيءَ ۾ اوڻايون)

(1) منهنجي خيال موجب، گهُڻن سُرن جي اها ’هجي‘ درست نه آهي (ڏسيل ’هجي‘ لاءِ ڏسو اڳتي گهُڻي سُر جو بيان).

(2)  ڪن صاحبن جي خيال موجب ]جهه، گهه [ مرڪب آواز آهن، جن کي ’ج‘ ۽ ’هه‘ ذريعي نمايان ڪيو ويو آهي. اها راءِ صحيح نه آهي، اهي مرڪب آواز نه، پر وسرگ آواز آهن. مثلاً ]سُمهي [ ۾ ]مهه [ وسرگ آواز آهي، مرڪب نه آهي، پر ’تمهيد‘ ۾ ]م ۽ هه [ مرڪب آواز ]مهه [ جو مثال آهن.

(1) اُڌارام: سنڌي پهريون ڪتاب، ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ پرنٽنگ پريس، ڪراچي، 1877ع، ص 24.

(1) Freere, B., Introductory Remarks on the Report on Education in Sindh, Bombay 1855, P. 2

(2) John Beames, Comparative Grammar of the Modern Aryan Languages of India, Vol: I, 1872, P. Footnote.

(3) آڏواڻي ڀيرومل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1956ع.

(4)  مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ، جلد 3، ايضاً 1960ع، ص ص 69- 74

(1) Trump, P. E., Op Cit, P.I.

(2) Ibid., PP 2 and 3.

(3) Ibid., P.3.

(1) پراڻي نظريي موجب (ڪ ۽ ک) کي نڙيءَ وارا (gutturals) آواز چئبو آهي پر جديد لسانيات ۾ انهن کي نرم تارونءَ وارا  (velar) آواز چئبو.

(1) Trumpp, Op. Cit;p.4

(1) Freer, B., Op. Cit., P.s.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com