مخدوم ابوالحسن جي سنڌي
مٿي موجوده عربي- سنڌي رسم الخط تي ڪيل بحث کان
پوءِ، اهو ثابت ٿو ٿئي ته عربي- سنڌي رسم الخط جو
بنياد وجهندڙ مخدوم ابوالحسن نه هو. هي (مخدوم
ابوالحسن) ڪلهوڙن واري دور جي وڏن عالمن مان هڪ
هو، جڏهن ته عربي- سنڌي رسم الخط جو بنياد 864ع
ڌاري پئجي چڪو هو. هن (مخدوم ابوالحسن) سنڌي زبان
لاءِ جيڪو رسم الخط تيار ڪيو سو عام طرح ابوالحسن
جي سنڌي جي نالي سان مشهور آهي. هن جي ڏينهن ۾
ٺٽي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن اسلام قبول ڪيو هو. جيئن ته
انهن ۾ اڪثريت بالغن جي هئي، انهيءَ ڪري هن ضروري
سمجهيو ته اهڙن عمر رسيده، نو مسلم ماڻهن لاءِ،
اسلامي اصول، سندن مادري زبان ۾ لکيا وڃن. مخدوم
صاحب عربي ۽ فارسيءَ ۾ مهارت رکندو هو. سندس
سامهون اهي سڀ ڪتاب موجود هئا جن ۾ سنڌي زبان جا
ڌار ڌار لفظ لکيا ويندا هئا، البت انهن ۾ ڪم آندل
اکرن جي ڪا مناسب ۽ باقاعدي پٽي ڪانه هئي، ان ڪري
هن، سنڌي لاءِ عربي رسم الخط جي نموني تي پٽي
بنائڻ جو ويچار ڪيو. سنڌي آوازن سان برابري
ڏيکاريندڙ عربي رسم الخط جا 28 ئي حرف کنيائين،
جيڪي کانئس اڳ وارن عالمن پڻ ڪم آندا هئا، ٽي حرف
پارسيءَ مان کنيائين
، ۽ باقي سنڌي آوازن لاءِ
فارسي ۽ عربي حرفن جي ڀڃ- گهڙ ڪري ۽ عرب سياحن ۽
البيرونيءَ جي طرفان ٺاهيل نون حرفن تان نوان نشان
۽ حرف مقرر ڪيائين. هن (مخدوم ابوالحسن) جي
صورتخطيءَ ۾ ڪل حرف هن ريت آهن:
عربي حرف:
ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م
ن و هه ء ي.
پارسي حرف:
پ چ گ
باقي سنڌي آوازن لاءِ نوان حرف:
ابوالحسن کان اڳ
ابوالحسن جي صورت |
ڪم ايندڙ صورت |
موجوده صورت |
ٻ |
ب |
ٻ |
پ |
ف |
پ |
ڀ، بهه |
بهه |
ڀ |
ٿ، تهه |
ت، تر |
ٿ |
ت، تر |
ت |
ٽ |
ٽ |
ت، تر |
ٺ |
ف، پهه |
ف |
ڦ |
ج |
ج |
ڄ |
ج |
جهه |
جهه |
ابوالحسن جي صورت |
ابوالحسن کان اڳ ڪم ايندڙ صورت |
موجوده صورت |
چ |
ش |
چ |
نج |
نج |
ڃ |
د، دهه |
دهه |
ڌ |
د |
د |
ڏ |
د، در
ڊ |
د
دهه |
ڊ
د |
ر |
ر |
ڙ |
گهه ڪ |
کهه |
ڪ |
ک، کهه |
ک |
ک |
گ |
کهه |
ڳ |
ڳ |
ق/گ |
گ |
گ |
گهه |
گهه |
نگ |
نگ |
ڱ |
ن |
ن |
ڻ |
هنن مثالن مان ائين ٿو واضح ٿئي ته مخدوم صاحب
گهڻو ڪري اهي ئي حرف مقرر ڪيا جيڪي اڳيئي رائج
هئا.
مخدوم صاحب عربي رسم الخط ۾ سُرن
(vowels)
لاءِ ڪم ايندڙ سڀ حرف
(vowel letters)
۽ اعرابون(diacritical
marks)
زبر، زير، پيش، جزم ۽ شد- ڪم آنديون، جيڪي اڳئي
رائج هيون، البت سنڌيءَ جي ڊگهي گهُڻي(long-nasal
vowel)
۽ ڇوٽي گهُڻي(Short-nasal
vowel) سُر کي تنوين جي وسيلي تحريري صورت
ڏنائين. مثلاً:
سيئي سڀ اڏايءٌ کَٿورِيَ ۽ زَعۡفران جي متي سِ
مَوليٰ
۽ ٻِيءٌ نَهر اٰهِينِ جِي ڪَناَ تِہ سِواءِ
هن مثال ۾ اَڏايءٌ، سِ ٻيءَ ۽ نهرُ لفظن ۾ يُ، سِ
۽ ر لاءِ موجوده صورتخطيءَ ۾ يُون، سيـٖـن ۽ روُن
صورتون ڪم آڻيندا آهن.
مخدوم ابوالحسن واري صورتخطي نه فقط ٺٽي ۾، پر سنڌ جي ٻين حصن ۾ به تحرير جو
وسيلو بڻي. ڪيترن ئي عالمن اسلامي نظرين ۽ اصولن،
توڙي سنڌي نظم کي ان وقت، هن ئي خط ۾ لکي، ڪتابن
جي صورت ۾ آندو. مطلب ته 1853ع تائين هيءُ ئي خط
ڪم ايندو رهيو
، پر جيئن ته سرڪاري طور ڪابه مقرر صورتخطي ڪانه هئي، انهيءَ
ڪري ڌار ڌار مصنف، ساڳئي سنڌي آواز لاءِ ڌار ڌار
صورتون
(graphemes) پيا ڪم آڻيندا هئا. اُهي مصنف جيڪي عربيءَ کان زياده متاثر
هئا، سي ابوالحسن وارو رسم الخط پيا ڪم آڻيندا
هئا، ۽ جيڪي فارسيءَ ڏانهن وڌيڪ مائل هئا، اُهي
هيٺيون ڌار ڌار صورتون پيا ڪم آڻيندا هئا:
ڀ لاءِ ڀ ۽ بهه
ٿ لاءِ ٿ ۽ تهه
ٽ لاءِ ٺ ۽ تر
ڇ لاءِ ڇ ۽ چهه
ڙ لاءِ ر ۽ ڙ
ڏ لاءِ ذ ۽ د
ڻ لاءِ ن ۽ ڻ
ک لاءِ ک ۽ کهه
6- رسم الخط لاءِ سرڪاري ڪميٽي:
1843ع ۾ انگريزن سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيو. 1845ع
۾ بمبئيءَ جي بورڊ آف ايڊيوڪيشن، سنڌ ۾ ايڊيوڪيشنل
ايجنسيءَ جي ٺاهڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو. ساڳئي وقت
اها تحريڪ به هلي رهي هئي ته سنڌيءَ کي صوبي جي
سرڪاري زبان بنائجي. انهيءَ تحريڪ نيٺ مادري زبان(vernacular
language)
۾ تعليم ڏيڻ جو سوال پيدا ڪيو
انگريز عملدارن مان ڪي سنڌي ڳالهائي سگهندا هئا،
پر سندن عملي مان ڪوبه ماڻهو سنڌي لکي نٿي سگهيو.
ملڪ جو نظام ترجمانن
(interpreters)ذريعي
هلندو هو، ۽ سرڪاري دفتر، پارسي زبان ۾ رکيو ويندو
هو
.
1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلرڪ، هڪ حڪم
نامو ڪڍيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته سنڌي ٻوليءَ کي
دفتري ٻولي بنايو وڃي. انهيءَ حڪم نامي جا لفظ هي
آهن:
We should introduce the language of the country
(namely Scindhee) as the medium of official
intercourse. I do not see in what way our
revenue and judicial officers (however their
offices and courts may be continued) can work
effectually through a foreign medium of
communication, such as Persian or English. A
period of 18 months should, therefore, be
allowed to the officers in civil employ to
qualify themselves for an examination in the
scindhee language. I believe their doing so will
be facilitated by the publication of the
dictionary and grammar which I proposed
Lieutenant Stack should be allowed to have
printed.
The reeommendation of the Commissioner that early measure to
education, as in our other provinces, is no
doubt judicious, but it were premature to take
any measure for farming educational
establishments, before our own European
administration have obtained a complete
knowledge of the country and before we have
trained up persons, fitted to impart knowledge
in th vernacular tongue
1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر، سر بارٽل فريئر
(Sir Bartle Frere)
هڪ اطلاع نامو ڪڍيو، جنهن ۾ سرڪاري عملدارن
(civil officers)
کي هدايت ڪيل هئي ته هو سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن .
هن جي فرمان نامي ۾ ڄاڻايل هو.
(الف) آئيندي سڀ سرڪاري لکپڙهه سنڌي ۾ هلي.
(ب) يورپي ۽ ٻيا پرڏيهي آفيسر سنڌيءَ ۾ امتحان پاس
ڪن ته جيئن سنڌي ماڻهن کان پنهنجي سِر حال احوال
وٺي سگهن، ۽ سنڌي لکپڙهه به سمجهي نيڪال ڪن.
(ٻ) سنڌي اسڪول کلن.
پر سنڌي ٻوليءَ کي جيستائين ڪا مقرر صورتخطي نه
هئي تيستائين اها سرڪاري لکپڙهه ۾ ڪم اچي نٿي
سگهي، انهيءَ ڪري مسٽر ايلس
(Ellis)،
اسسٽنٽ ڪمشنر، جي صدارت هيٺ اٺن مقامي ٻن يورپي
ميمبرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي مقرر ٿي، انهيءَ ڪميٽيءَ
تي هيٺان ميمبر هئا:
راءِ بهادر نارائڻ جڳنناٿ
N.J.V.)
هاءِ اسڪول ڪراچي، هن جي نالي پٺيان ڪوٺجي ٿو)،
خان بهادر مرزا صادق علي بيگ، ديوان پرڀداس انند
رام رامچنداڻي، ديوان اڌارام ٿانور داس مير
چنداڻي، ديوان ننديرام سيوهاڻي، ميان محمد
حيدرآبادي، قاضي غلام علي ٺٽي وارو، ميان غلام
حسين ٺٽي وارو. انهيءَ ڪميٽيءَ تي ٻه انگريزي
عملدار به کنيا ويا هئا
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ۽ ڪئپٽن برٽن.
انگريز ميمبر ان لاءِ نامزد ٿيا ته اهي سنڌي
ٻوليءَ لاءِ ڪنهن رسم الخط جي مقرريءَ تي هو
پنهنجا مشورا ڏيئي سگهن. هڪ ڪميٽيءَ جي ميمبرن جا
رايا متضاد هئا، جنهنڪري صورتخطيءَ تي سخت بحث
ٿيو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ڪئپٽن برٽن، جيڪي لسانيات
جا ماهر هئڻ سبب مشوري ڏيڻ لاءِ ڪميٽيءَ تي کنيا
ويا هئا، تن ۾ به اختلاف ٿي پيو. ڪئپٽن اسٽئڪ جو
رايو هو ته سنڌيءَ لاءِ ديونا گري رسم الخط مقرر
ڪيو وڃي. پنهنجيءَ دعوا جي دليل ۾ هو پنهنجي ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۾ بيان ٿو ڪري ته:
هن ڪم جي شروع ڪرڻ وقت، اول سوچڻو پيم ته ديسي
لفظ ڪهڙي خط ۾ لکان. پنهنجي انتخاب لاءِ، منهنجي
نظر ۾ سنڌي خط، رومن خط، پارسي خط، گرمکي خط، ۽
ديونا گري خط هئا. پارسي خط کي انهيءَ ڪري ترڪ ڪيم،
جو منهنجي
اڳيان وادن جو گرامر
(Wathens Grammar) ۽ ٻيا سنڌي ڪتاب موجود هئا. پارسي خط
مقرر ڪرڻ کان اڳ ڪيترن
ئي نج سنڌي آوازن لاءِ نئيون صورتون مقرر ڪرڻيون
پون ها، جن جا آواز پارسي خط لاءِ انوکي حيثيت
رکندڙ هئا. مون محسوس ڪيو ته اهو خط سنڌين لاءِ
بلڪل ائين ٿيندو جيئن رومن خط، جنهن ۾ صورتن جا
اضافا ڪجن ها يا تبديليون ڪجن ها، جيڪي پارسيدانن
کي جيڪر عجب لڳن ها
اسٽئڪ انهيءَ ڪري ديوناگري خط اختيار ڪرڻ تي زور
ڏنو، ۽ اُن لاءِ هيٺيان ٻه دليل ڏنائين.
(الف) هن خط کان يورپي عملدار بخوبي واقف آهن.
(ب) هيءُ خط سنڌي زبان لاءِ بنيادي خط آهي.
اسٽئڪ، ديوناگري حرفن ۾ ڪي نشان گڏي، سنڌي آوازن
لاءِ صورتون به مقرر ڪيون هيون.
ٻئي طرف ڪئپٽن برٽن زور آندو ته سنڌي زبان لاءِ
عربي سنڌي خط ئي زياده موزون ٿيندو
پنهنجي دعوا جي دليل ۾ هو لکي ٿو ته: سنڌي زبان لکڻ لاءِ
ديونا گري توڙي ٻيا ڪيترائي خط ڇو نه هجن، پر اُهي
سڀ انهن جي موجوده صورت جي ڪري بيڪار آهن. . هن ان لاءِ هيٺيان سبب ڄاڻايا آهن:.
(1) ديونا گري خط يقيناً عالماڻو خط آهي، انهيءَ ڪري هيءُ خط لغت، گرامر ۽
اهڙن ٻين ڪمن لاءِ بهتر ٿيندو، جيڪي غير سنڌين
(Europeans)
کي سنڌي زبان سيکارڻ جي مراد سان لکيا ويا هجن؛ پر
ساڳئي وقت، ديوناگري خط ۾ ڪيتريون اوڻايون به آهن.
گهٽ ۾ گهٽ اهڙا ويهه حرف آهن جن کي اعرابن
(diacritical marks)
ڏيڻ جي ضرورت ٿيندي، جيئن مختلف آوازن جي حرفن
کي ڌار ڌار سمجهي سگهجي. ازان سواءِ هيءُ خط دفتري
ڪاروبار لاءِ گهڻي قدر دشوار ثابت ٿيندو. انهيءَ
کان سواءِ ماڻهو هيءُ خط آسانيءَ سان لکي به نه
سگهندا، جو هي بلڪل غير مانوس خط آهي.
(2) خداوادي (خدا آبادي) خط لاءِ ڪيل سفارش جي مخالفت
۾ برٽن صاحب دليل ڏيندي لکيو آهي ته حالانڪه هيءُ
خط هندن جي بااثر حلقي ۾، يعني واپارين ۾، عام طور
استعمال ٿئي ٿو، پر ان جي موجوده صورت عام فهم نه
آهي.
(3) گرمکي خط لاءِ لکي ٿو ته جيتوڻيڪ گرمکي خط ديوناگريءَ جو هڪ آسان نمونو
آهي، پر اهو پنجابيءَ لاءِ ئي موزون آهي، پر
سنڌيءَ لاءِ موزون ٿي نٿو سگهي. هن خط جي مقرر ڪرڻ
لاءِ، ديوناگريءَ وانگر، حرفن ۾ گهڻيون ئي
تبديليون آڻڻيون پونديون.
(4) برٽن، ڪميٽيءَ تي زور آندو ته عربيءَ جو نَسخ رسم الخط
،
سنڌ جي حالتن جي لحاظ کان نهايت ئي موزون ٿيندو.
هن خط جي خوبي ان مان ئي ظاهر آهي ته الجيريا کان
وٺي گنگا نديءَ تائين، بخارا کان سلون تائين، هيءَ
خط پکڙيل آهي. صدين تائين هن خط کي آزمايو ويو
آهي، ۽ ٿوري ڦير گهير سان مختلف زبانن لاءِ ڪارگر
سمجهيو ويو آهي. هن خط جي خاص خوبي هيءَ به آهي جو
ٿوري ئي تبديليءَ سان، هندستان (برصغير هند- پاڪ)
جي مورڌني
(cerebarls)،
ايران جي روان
(Iiquids)
۽ عربستان جي نڙيءَ وارن
(gutturals)
آوازن لاءِ عربي رسم الخط جون
صورتون مقرر ڪيون ويئون آهن. هن خط کي ايشيا جو
اعليٰ ترين
(Par excellence) رسم الخط چئي سگهجي ٿو.
نَسخ خط جي سفارش لاءِ، ڪئپٽن برٽن، ڪميٽيءَ اڳيان
وڌيڪ هيٺيان دليل پيش ڪيا:
(1) سنڌ جو سمورو علم ادب قديم زماني کان وٺي هن ئي رسم الخط ۾ ملي ٿو.
(2) سڀئي پڙهيل مسلمان هيءُ رسم الخط پڙهي سگهن ٿا، ۽ منجهانئن اڪثر لکي به
سگهن ٿا.
(3) جيتوڻيڪ هن هندو عامل هيءُ رسم الخط پڙهي نٿا سگهن، پر اها تسليم شده
حقيقت آهي ته سنڌي عامل نستعليق خط (پارسي خط) مان
چڱيءَ طرح واقف آهن، تنهنڪري هيءُ خط انهن لاءِ به
مشڪل نه ٿيندو.
7- ايلس واري صورتخطي
ٻنهي انگريز عملدارن (ڪميٽيءَ جي ميمبرن) جي راين
۾ اختلاف جو نتيجو هيءُ نڪتو جو حڪومت ڪنهن به هڪ
رسم الخط جي مقرر ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي نه سگهي.
وقت جا عملدار منجهي پيا، ۽ 1853ع تائين سرڪاري
طور سنڌيءَ ۾ هڪ به ڪتاب ڇپجي نه سگهيو. انهيءَ وچ
۾ ڪئپٽن اسٽئڪ ديوناگري لپيءَ ۾ پنهنجون انگريزي ۽
سنڌي ڊڪشنريون ۽ گرامر ڇپائي، سنڌي زبان جي شاگردن
لاءِ لکڻ جون سهولتون مهيا ڪيون؛ پر مسٽر ايلس
(Ellis)،
اسسٽنٽ ڪمشنر، ۽ رسم الخط ڪميٽيءَ جي صدر،
پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجي خيال موجب
اهي ڪتاب سنڌين جي نظر ۾ سنڌي نه آهن، ڇاڪاڻ ته
انهن ۾ جيڪا صورتخطي (ديوناگري) ڪم آندي ويئي آهي،
سا ڪن ٿورن ماڻهن کان سواءِ، اڪثريت وٽ ڄاتل سڃاتل
ڪانهي.
گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ، ايلس هن مسئلي جو حل
ڪڍيو، ۽ فيصلو ڪيائين ته سنڌي زبان لاءِ عربي-
سنڌي صورتخطي اختيار ڪئي وڃي. هن اهڙي قسم جي هڪ
رپورٽ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر کي موڪلي
پنهنجي راءِ لاءِ هن هيٺيان سبب ڄاڻايا:
(1) ڌار ڌار صورتخطين لاءِ گهُر- هڪ هندن لاءِ ۽ ٻي مسلمانن لاءِ- بلڪل ائين
آهي، جيئن هندستان جي اتر- اولهه علائقي ۾ هنديءَ
۽ اردوءَ لاءِ. اهڙي قسم جو حل، ممڪن آهي ته سنڌ
جي ٻنهي قومن يعني هندن مسلمانن کي خوش ڪري، ۽
ائين ڪرڻ سان اسين شايد ٻنهي وڪيلن (ڪئپٽن اسٽئڪ ۽
ڪئپٽن برٽن) جي ضد کي پورو ڪري سگهون. هيءُ فيصلو
شايد ٿابت ڪري ته ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ ڪئپٽن برٽن ٻئي
بلڪل درست هئا، پر خداوادي خط ۾ ايترا ڪتاب نه
لکيا ويا آهن، ۽ نه وري انهيءَ خط کي فني لحاظ سان
سڌاريو ويو آهي، جو اهو عام استعمال لاءِ ڪم اچي
سگهي. هن خط ۾ جيڪي تبديليون ضروري آهن، سي عربي
خط جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهن.
پ، چ ۽ گ حرفن وارا آواز سنڌيءَ ۾ موجود هئا،
صرف انهن جي تحريري صورت لاءِ پارسيءَ جا حرف
کنيا ويا.
James C. melvill, scinde, A copy of
a report of sir George clerk, Govenor of
Bombay, 1848 on the Administration of Scinde;
East lndia House, 1854, pp. 15, Paras 68
&69, under the heading:
sir George Clerks minutes on Seinde.
Ellis B. H., Report on Education in Sindh,
Education Society press, Bombey, 1855, P.S.
ڪميٽيءَ جي ميمبرن جا نالا خان بهادر محمد
صديق ميمڻ، پنهنجي ڪتاب، سنڌي ادب جي تاريخ،
ڀاڱي ٻئي ۾ ڏنا آهن، جڏهن ته ڪن عالمن جو رايو
آهي ته مرزا صادق علي بيگ ان وقت اڃا سورهن
سالن جو نوجوان هو. هن راءِ مان اهو ثابت ٿو
ٿئي ته مرزا صاحب هن ڪميٽيءَ جو ميمبر نه
هوندو پر ڪو ٻيو صادق علي هوندو پر اُن جي
باري ۾ ڪٿان به ڪا تصديق ٿي نه سگهي آهي.
Burton, R.F., Sind and races that inhabit
the Valley of River Indus, Op. Cit., P. 147.
سنڌي عالمن آوازن ۽ حرفن کي هڪ ڪري لکيو آهي، ۽ اُنهن ۾ فرق نه سمجهيو آهي.
دراصل حرف يا اکر(grapheme)، آواز
(sound)
جي لکيل صورت
(symbol)
کي چئبو آهي.
برٽن جي بيان موجب، سنڌي ماڻهو ڪتابت جي هنر ۾
مشهور رهيا آهن. هو لکي ٿو ته موجوده وقت سنڌ
۾ ٽي عربي خط عام آهن: نسخ خط، نستعليق خط يا
چٽا اکر
(Plain Writing) ۽ شڪسته خط
(broken writing).
مون نسخ خط جا بهترين نمونا ڏٺا آهن. منهنجي
خيال ۾ نسخ خط سنڌ ۾ بهترين نموني لکيو وڃي
ٿو. ڏسو:
Burton, R. F., Sind and races that inhabit
the Valley of River Indus, Op. Cit., P. 147
|