سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطي

باب: --

صفحو :2

(ب) ديوان لوڪناٿ جو ٻيو اهم اعتراض هيءُ آهي ته: ”ديوناگريءَ ۾  (ننڍو) لفظ ۾ هڪ ’ن‘ سڄو آهي ۽ ٻيو اڌ، جنهنڪري اُچار پورو پورو ڪري سگهجي ٿو، پر سنڌيءَ ۾ ’ننڍو‘ لکجي ته قاعـــدي موجــب انهيءَ جو اچار ٿيو (ننڍو)، ڇو ته سنڌيءَ ۾ اڌ اکري ٿئي ئي ڪانه.“ اهي سٽون ئي ثابت ڪن ٿيون ته ديوان لوڪناٿ صوتياتي نظام ۾ ڪيتري قدر مهارت رکندڙ آهي، ’ننڍو‘ ۾ سڄي ’ن‘ ۽ اڌ ’ن‘ جو هئڻ ڪنهن به ماهر بيان نه ڪيو آهي . سنڌيءَ ۾ اهڙا هزارين لفظ آهن- مثلاً: جنڊ، انب، انگ، سنج وغيره.(2)

 

اول ته هيءُ ڏسڻو آهي ته جنهن نموني ’ننڍو‘ اُچارجي ٿو، اهڙي نموني نقاد پاڻ ديوناگريءَ ۾ لکي سگهيو آهي؟ ڪوبه سنڌي نَنَڍو    نه   نه چوندو، پر ’ننڍو‘ جو اچار ڪندو

(ننڍو)، جو لوڪناٿ جي لکيت    موجب آهي- يعني خود سندس لکيت به درست ڪانهي.

(ٻ)- لوڪناٿ اڳتي لکي ٿو ته ”ٻيو مزو ڪهڙو! ’فتوا‘ لکن ’فتويٰ‘ ۽ ’داوا‘ لکن ’دعويٰ‘. ڀلا اها لپي وگيانڪ ڪيئن چئبي، جنهن ۾ اچار هڪڙو ته لکاوٽ ٻي؟ ’فتويٰ‘ ۽ ’دعويٰ‘ ۾ ’يٰ‘ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ۽ انهيءَ جو اچار هن لفظ ۾ ڪٿي آهي؟“(1)  

 

ساڳئي هنڌ وري لکي ٿو: ’خود‘ جو اچار ڪن ’خد‘، هت ’و‘ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“

’خوش‘ جو اچار ڪن ’خش‘، هت ’و‘ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ لوڪناٿ اگر ٿورو توجهه ڏئي ها ته کيس معلوم ٿي وڃي ها ته اهي لفظ سنڌي ۾ اڌارا آيل آهن. ادبي زبان ۾ انهن جي لکيل صورت اها ئي رکڻي آهي، جيڪا صورت اُنهن لفظن جي اصلي زبان ۾ آهي. اهڙا مثال انگريزي توڙي ٻين زبانن ۾ به ملن ٿا. انهيءَ ڪري ائين ڪونه چئبو ته عربي رسم الخط جڏو آهي. جن لفظن تي کيس اعتراض آهي، اهي عربي لفظ آهن، انهيءَ ڪري اُهي لکت ۾ بلڪل ائين ئي هئڻ گهرجن، جيئن عربيءَ ۾ لکيا وڃن ٿا، چاهي سنڌ ۾ انهن جو اچار ڪهڙو به ڪيو وڃي. سر وليم جونز جو رايو آهي:

“Arabic syllabary is almost perfect for Arabic itself” (2)

 

انهيءَ ڪري عربي مان ورتل اڌارن لفظن (Loan- words) جي لکت عربي رسم الخط موجب بلڪل درست آهي. انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ آهن، جيڪي اسين انگريزن وانگر ڪونه ٿا اچاريون، پر انهن جي تحريري صورت اُهائي قائم رکون ٿا، جا لغت موجب مڃيل هوندي آهي. مثلاً:

تحريري صورت (3)

 

انگريزي اُچار

سنڌي اُچار

Walk

ووڪ

واڪ

Talk

ٽوڪ

ٽاڪ

water

ووٽَ

واٽرَ

Thin

They

ثن

ذي

ٿن

دي

horse

هوس

هارس

Tortoise

ٽوٽَس

ٽارٽائز

sing

سِڱ

سِنگِ

انهن سڀني لفظن ۾ قابل توجهه لفظ /thin/ ۽ / they/ آهن، جن جو سنڌ ۾ اُچار/ ٿن/ ۽ /دي/ ٿيندو آهي. تربيت يافته صوتيات جا ماهر ئي ڄاڻن ٿا ته انگريزيءَ ۾ (ٿ) ۽ (د) آواز ٿين ئي ڪونه. انگريزي قانون موجب انهن جو اچار ٿيندو/ثن/ ۽/ ذي/.

(ڀ)- مسٽر لوڪناٿ آمريڪا ۾ انگريزي اچارن کي سڌاري لکڻ جو حوالو ڏنو آهي، پر پاڻ شايد بيخبر آهي ته خود آمريڪا واري سڌاريل صورتخطي، اتي جي صوتياتي اصولن موجب موزون نه آهي. مثال طور:

انگريزي اچار

آمريڪي اچار

Water// (ووٽ)

/wa: dar/ (وارڊڙ)

رومن خط جي باري ۾ بلوم فيلڊ لکي ٿو:

“The principle of a symbol for each phoneme is ap oproached by our traditional alphabet writing, but our traditional writing does not carry it out sufficiently for the purpose of linguistic study. We write/sun/and/son/differently, although the phonemes are the same, but/lead/ (noun) and/lead/ (verb) alike, thouh the phonemes are different. The words/oh/, /owe/, /so, /sew/, sow/, /hoe/,/beau/,/though/,all end with the same phoneme, variously reprsented in writing; the words/though/,/bough/,/through/,/cough/end with different phonemes, but are all written with letters- ough. Our letter x is superfluous be cause it represents the same phoneme as/ks/as in ‘tax’, or/ gz/as in ‘examine’; our letter c is superfluous because it represents the same phoneme/k/in ‘cat’ or as/s/in ‘cent’. Standrad Enghlish in Chicago has thirty-two simple primary phonemes; the twenty-six letters of our alphabet are too few for a phonetic record. For some phonemes we use combinations of two letters (diagraphs) as th for the initial phonemes in/ thin/,ch for that in/chin/,sh for that in/shin/, and ng for the final phoneme in/sing/”.

مٿئين بحث کان پوءِ بيڌڙڪ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ موجوده حالت ۾ عربي- سنڌي رسم الخط ئي موزون ٿيندو، انهيءَ تي ٿڌي دماغ سان سوچڻ جي ضرورت آهي.

7- هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي اهڙن نڪتن تي بحث ڪيو ويو آهي، جيڪي اسان لاءِ بلڪل نوان آهن. ايلس واري صورتخطيءَ جي اوڻاين تي بحث ڪندي جزم، وسرگائي، گهُڻي سُرَ، نون غُني ۽ همزي تي بحث ڪيو ويو آهي. جزم واري حصي ۾، منڍ ۽ وچ وارن ”گڏيل آوازن“، ۽ انهن جي تحريري صورت تي ڪيل بحث، سنڌ وارن لاءِ بلڪل نئون آهي. پڙهندڙن لاءِ بهتر ٿيندو ته لکيل صورتون جيڪي اسان جي دماغ ۾ گهر ڪري ويون آهن، تن کي ڪجهه وقت لاءِ وساري، لفظن جي منڍ ۽ وچ ۾ آيل ”گڏيل آوازن“ جي اچارن تي غور ڪن، ۽ ڏسيل صورت تي اچار کان پوءِ سوچي ڏسن. لوڪناٿ به تڏهن منجهي پيو آهي، جڏهن هن صحيح صورت تي ويچار ئي نه ڪيو آهي.

جزم جي بيان ۾، جزم جي غلط استعمال تي به لکيو ويو آهي. صاف ڊگهن سُرن توڙي گهُڻن ڊگهن ۽ ڇوٽن سُرن جي لکت ۾، سنڌيءَ جي هر ڪتاب توڙي لغت ۾ جزم کي غلط نموني ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ درست لکڻيءَ لاءِ سفارش ڪيل آهي، جا قابل توجهه آهي. ساڳيءَ طرح گهُڻن ڊگهن سُرن کي نمايان ڪرڻ لاءِ ”ن“ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر هِجي ۾ انهيءَ ”ن“ جو ڪو هڪڙو قاعدو نه آهي، جنهنڪري درست هِجي لاءِ سفارش ڪئي ويئي آهي.

8- هن ڪتاب ۾ انگريزيءَ جا ڪيترائي فني اصطلاح ڪتب آندا ويا آهن، جي پڙهندڙن کي ضرور مشڪل لڳندا، ڇاڪاڻ ته علم صوتيات جي جديد فن اسان جي ملڪ ۾ اڃا تازو جنم ورتو آهي، جيتوڻيڪ اردوءَ ۾، انگريزي لفظن جا نعم البدل موجود آهن، پر اهي فني لحاظ کان ڪارگر نه آهن، انهيءَ ڪري اهي لفظ نظر انداز ڪيا ويا آهن، البت هنديءَ ۾ موزون لفظ ملن ٿا، جيڪي اسان جي زبان ۾ جيڪر انوکا ۽ عجيب لڳن ها، پر اهي هاڻ استعمال ٿي رهيا آهن.

صوتيات تي انگريزي لفظن جا نعم البدل سنڌيءَ ۾ ٺاهيا ويا آهن. اهڙا فني لفظ ۽ اصطلاح ”سنڌي صوتيات“ ڪتاب ۾، انگريزي لفظن سميت ڏنا ويا آهن ته جيئن صوتيات جهڙي مشڪل موضوع جو سنڌي ۾ آسانيءَ سان مطالعو ڪري سگهجي.

هن ڪتاب جي لکڻ ۾ خاص مقصد هيءُ رکيل آهي ته سنڌي زبان جا عالم، استاد، تعليمي ماهر ۽ عربي رسم الخط جا ڄاڻو، سنڌيءَ جي موجوده صورتخطيءَ جو گهرو مطالعو ڪن ۽ سنڌي زبان جي ابتدائي (پرائمري) ڪتاب توڙي لغتن ۾ ڪم ايندڙ تحريري صورتن جو علمي (scientific) لحاظ کان جائزو وٺن.

هيءُ ڪتاب لسانيات جي شاگردن توڙي ٽريننگ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ استادن، اديبن، عالمن، فاضلن ۽ بي. اي، بي. ٽي. توڙي ايم، اي جي شاگردن لاءِ اميد ته گهڻي قدر ڪارگر ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ سنڌي صورتخطيءَ تي فني نقطه نظر کان ڪابه لکت، سنڌي توڙي ٻين زبانن ۾ موجود ڪانهي. مون کي اميد آهي ته سنڌي زبان جا سڄڻ هن ڪتاب مان گهڻو فائدو حاصل ڪندا.

سنڌ يونيورسٽي

حيدرآباد سنڌ

9-6-1969ع

 

سنڌي زبان جو فدائي

خواجه غلام علي الانا

چوٿين ڇاپي جا پيش لفظ

”سنڌي صورتخطي“ ڪتاب جو هي چوٿون ڇاپو، پڙهندڙن جي هٿ ۾ آهي. ٽيون ڇاپو 1969ع ۾ شايع ٿيو هو. 1969ع کان وٺي 1993ع تائين، يعني 24 سالن جي هن وڏي عرصي ۾، سنڌي زبان ۽ سنڌي لسانيات جي موضوع تي، ڪيترائي ڪتاب، مقالا ۽ مضمون شايع ٿيا آهن، ڪن عالمن ۽ اديبن جي وچ ۾ ادبي معرڪا به ٿيا، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، تاريخ، سنڌي وياڪرڻ، سنڌي صوتيات، سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافي، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي گهڻو ئي تحقيقي ڪم به ٿيو. اهو سارو مواد سنڌ جي اديبن، عالمن، اُستادن، شاگردن ۽ عام پڙهندڙن جي سامهون رهيو آهي.

سنڌي لسانيات جي سلسلي ۾، ايتري ساري مواد جي شايع ٿيڻ جي باوجود، اهو سوال تحقيق طلب رهيو ته موجوده سنڌي صورتخطي، يعني عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي شروعات ڪڏهن ٿي، ڪنهن ڪئي ۽ ڪهڙي دور ۾ ڪئي؟

”سنڌي صورتخطي“ ڪتاب جي هن ڇاپي يعني چوٿين ڇاپي ۾، انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، نه فقط عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي سلسلي ۾ هن ڪتاب ۾ نئون مواد شامل ڪيو ويو آهي پر مون اها به ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن هن موضوع کي سامهون رکي، هن ڪتاب کي نئين سر ترتيب ڏجي ڇاڪاڻ ته جيئن اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته 1969ع کان وٺي 1993ع تائين، واري عرصي دوران، سنڌي لسانيات جي موضوع تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. اهي نقطا ذهن ۾ رکي، مون هن ڪتاب ۾ گهڻيون ئي تبديليون ڪيون آهن ۽ مواد جي سٽاءَ ۾ به ڦير گهير ڪئي آهي.

جيئن ته سنڌي صورتخطيءَ جي سلسلي ۾ هي ڪتاب، هڪ قسم جو ٽيڪنيڪل ڪتاب بنجي ويو آهي، ان ڪري هن موضوع تي آسان طريقي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ ڪي ڳالهيون ۽ ڪي نقطا، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ بيان ڪيا ويا آهن ۽ سمجهايا ويا آهن.

علم اللسان، سنڌ وارن لاءِ هاڻ ڪو نئون علم نه رهيو آهي، ڪيترائي سڄاڻ اديب ۽ سخنور هن ڏس ۾ ڪافي اڳتي وڌيا آهن ۽ سٺا سٺا مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکيا اٿن، جن ۾ سنڌي زبان جي تاريخ ۽ صوتيات متعلق سٺي معلومت ڏني  اٿن، پر حقيقت ۾ اڃا به گهڻو ئي ڪم رهيو پيو آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مون کي خوشي ٿي آهي جو سنڌي زبان جي سلسلي ۾ مون هيستائين جيڪو پورهيو ڪيو آهي، اُن جو قدر ٿيو آهي، مون کي، سنڌ جي اديبن، عالمن ۽ عام ماڻهن کان سٺي موٽ ملي آهي، اُن جو هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت پيش ڪري سگهجي ٿو جو موجوده وقت جي جڳ مشهور عالم، تعليمي ماهر ۽ سنڌي زبان جي وڏي ۾ وڏي ڄاڻوءَ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي فاضل چيئرمين، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن، سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ جن ڪتابن کي، سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ طرفان ٻيهر شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، تن ۾ هي ڪتاب يعني ”سنڌي صورتخطي“ پڻ شامل هو.

آءٌ دل جي گهراين سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جو خصوصاً ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي ’مجلس انتظاميه‘ (Excutive committee) جو عموماً شڪر گذار آهيان، جو انهن منهنجي هن محنت جي قدر شناسي ڪري، منهنجي هن ڪتاب کي ٻيهر ڇاپائڻ جو فيصلو ڪيو.

هي ڪتاب، سنڌي صورتخطيءَ جي سلسلي ۾ يقيناً هڪ فني ڪتاب آهي، جنهن کي ملڪي ۽ غير ملڪي ماهرن ۽ سنڌي زبان جي ڄاڻوئن قدر جي نگاهن سان پئي ڏٺو آهي.

مون کي اميد آهي ته سنڌ جي اديبن، عالمن، فاضلن، شاعرن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي منهنجي ڪتاب جو هي ڇاپو وڌيڪ وڻندو ڇو ته هي ڇاپو، اڳوڻن ڇاپن جي ڀيٽ ۾ بلڪل نئون لڳندو ۽ نئين مواد سان ڀريل نظر ايندو.

منهنجي هيءَ ڪوشش ۽ محنت، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان سان عشق جي ڪري آهي، مون کي اُميد آهي ته پڙهندڙ دوست، اُستاد، ۽ شاگرد منهنجي هن پورهئي مان پورو پورو فائدو حاصل ڪندا.

16 مارچ، 1993ع

 

 

 

سنڌي زبان جو فدائي

خواجه غلام علي الانا

    سنڌي صورتخطي

 

(نئين سر وڌيڪ سڌاريل ۽ وڌايل)

1- سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ ۽ قدامت جا اهڃاڻ

سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي لپيءَ جي قدامت جي اهڃاڻن لاءِ اسان وٽ عرب سياحن جا احوال موجود آهن، جي ثابت ٿا ڪن ته ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. (1)

 

پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي حوالي مان معلوم ٿو ٿئي ته عربن جي دور ۾ سنڌي ٻولي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر لکي به ويندي هئي، ۽ سن 270هه/ 883ع ۾ قرآن پاڪ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو ڪيو ويو(2) .

تاريخ جي ورق گردانيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جا رهاڪو، اسلام جي آمد کان اڳ، پنهنجي پاڙي وارن ملڪن- عربستان، ايران ۽ افغانستان- سان واپاري ۽ تجارتي ڳنڍ سنڍ- رکندا هئا . نه فقط ايترو، پر خود عراق، ايران ۽ افغانستان جا واپاري، عراق، بندر عباس ۽ بصري کان سنڌ جي سامونڊي ساحل ۽ دريائي بندرن تان ٿيندا، گجرات پاسي سامونڊي، ڪناري تي وسندڙ شهرن ۽ واپاري منڊين تائين ايندا هئا. اهڙيءَ طرح اسلام جي، سنڌ ۾، آمد کان اڳ سنڌ جا هندو واپاري ۽ تاجر به ايران، عربستان، بلخ ۽ بخارا تائين ويندا هئا. انهيءَ اچ- وڃ ۽ واپاري ڏي- وٺ جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي به ٿيو، ۽ ڪيترن ئي لفظن جي مٽا- سٽا ٿي.(3)

 

عرب سياحن جي احوالن ۽ تازين کوجنائن مان ثابت ٿيو آهي ته عرب حڪومت جي ابتدائي زماني ۾، بلڪ ان کان به اڳ، سنڌي زبان عام ماڻهن جي روزمره واري، ۽ تجارت توڙي واپار جي استعمال واري ٻولي هئي. اسلامي حڪومت جي ابتدائي دور ۾، عربي سرڪاري زبان جي حيثيت ۾ دفتري ۽ انتظاميه جي ڪاروبار ۾ ڪم اچڻ لڳي، پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي سنڌ جي عام ماڻهن، واپارين ۽ عالمن وٽ مقبول هئي. هيءَ زبان ان وقت به نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر لکي به ويندي هئي. اهڙو ثبوت اسلامي (عربي) حڪومت جي دور وارن سياحن جي احوالن مان ملي ٿو.

جاحظ (864ع) لکي ٿو:

”سنڌ (هند) جي ماڻهن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گهڻو اڳتي ڏٺو. انهن جو هڪ خاص سنڌي (هندي) خط آهي ....“ الخ.(1)

 

اهڙيءَ طرح اصطخري (951ع)  بيان ٿو ڪري:

”منصوره، ملتان ۽ اُن جي مضافات جي ماڻهن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي (2)“.

 

ساڳيءَ طرح مسعودي (957ع) لکيو آهي:

”سنڌ جي زبان هندستان کان مختلف آهي. سنڌ اسلامي ملڪن سان قريبتر آهي. مهانگر يعني ولڀراءِ جي سلطنت جي تختگاهه جي ٻولي ’کري‘ آهي. هيءَ انهيءَ طرف ۽ پسگردائيءَ جي زبان آهي، مگر ثقيل آهي. سامونڊي ساحل، ’چيمور‘، ’سوپاره‘ ۽ ’ٿاڻي‘ وغيره. ساحلي شهرن جي زبان ’لاڙي‘ آهي (1) “

 

ساڳيءَ طرح بشاري مقدسي (تصنيف 958ع) لکي ٿو:

”ديبل هڪ سامونڊي شهر آهي. هن سان هڪ سؤ ڳوٺ مليل آهن، هتي جا رهاڪو زياده تر هندو آهن. سمنڊ جو پاڻي طغيانيءَ جي وقت شهر جي ديوارن سان اچي لڳندو آهي. هتي جا باشندا واپاري آهن. سنڌي ۽ عربي زبانون ڳالهائين ٿا(2)“.

 

بلڪل ساڳيءَ طرح ابن نديم (995ع کان پوءِ) جو رايو آهي:

”سنڌ جي ماڻهن جون زبانون ۽ مذهب باهم مختلف آهن، ۽ رسم الخط متعدد آهن. هنن جا تقريباً ٻه سؤ رسم الخط آهن. سنڌ جي ماڻهن وٽ 9 رسم الخط رائج آهن“.....الخ

اهڙيءَ طرح ابن حوقل پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي:(3)

 

”منصوره، ملتان ۽ آسپاس جي علائقن ۾ عربي ۽ سنڌي زبانون رائج آهن(4) “.

 

”ڏکڻ سنڌ ۾ کاري واري خطي تائين ’مالوَشاَئو‘

 (Malwashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي ’مالواڙي‘ چئبو آهي. بَهمنَوا (المنصوره) ۾ ’سَئندۡوَ‘ رسم الخط ڪم ايندو هو. ’لاڙي‘ خط لاڙ ديس ۾ ڪم ايندو هو. ’ارڌنا گري‘ رسم الخط ’ڀاٽيا‘ ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو هو(5).

 

عرب سياحن جي سفرنامن نه فقط سنڌ جي ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالهين کي لکت ۾ ثبوت طور پيش ڪيو آهي، پر انهن سفرنامن مان سنڌي ٻوليءَ، ۽ ان لاءِ ڪم ايندڙ ’لکتن‘ جي نمونن بابت به پتو پوي ٿو. جاحظ، ابن نديم ۽ البيروني جي احوالن مان ثابت ڪيو ويو آهي ته اسلام جي آمد وقت سنڌي ٻولي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر اُها ڌار ڌار رسم الخطن ۾ لکي به ويندي هئي.

ڀنڀور جي کنڊرن جي کوٽائي، سنڌي ٻوليءَ جي هن باب جي تحقيق ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي آهي. هن کوٽائيءَ مان لڌل ٺڪرين تي لکيل حرف، اٺين صديءَ جي ”آڳاٽي- ناگري“ (Proto- Nagari) نموني جا آهن. هن کوٽائيءَ مان مليل ثابتين عرب سياحن جي حق گوئي ۽ راست بازيءَ جي ساک ڀري آهي. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان جيڪي ٺڪريون هٿ آيون آهن، انهن تي لکيل اکرن جي باري ۾ آثار قديمه جي ڊائريڪٽر جو رايو آهي ته:

(2) Khubchandani, L., pp. 13 &02.

۽ پڻ ڏسو: خواجه غلام علي الانا: ”سنڌي صوتيات“. ادبيات پبليڪيشنس، حيدرآباد.

(1) لوڪناٿ حوالو ڏنل آهي، ص 35.

(2) Firth, L. R., Papers in linguistics. P. 125

(3) Jones, D., English pronouncig Dictionary, London, 1956.

(1) Elliot, H.E., History of India, Vol. I, Trubner & Co., London, 1867, pp. 35. &39.

(2) ڏسو پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو مضمون: ”منصوره جي تاريخ جو هڪ باب“، ”سماهي مهراڻ“، نمبر 1، جلد 10، حيدرآباد، 1961ع، ص 103.

(3) دين محمد وفائي: مقالو، ”سنڌي زبان جي مختصر تاريخ،“ ”مهراڻ جون موجون“، پاڪستان پبليڪيشنس، ڪراچي 1964ع، ص 1.

(1) جاحظ: ”رسالہ فخرالسودان علي البيضان“، اردو ترجمو، ”هندستان عربون کي نظر مين“، جلد اول، دارالمصنفين، اعظم ڳڙهه، 1960ع، ص ص 4-7.

(2) اضطخري: ”المسالک الممالک“، ايضاً، ص 375.

(1) ابوالحسن مسعودي: ”مروج الذهب ومعاون الجوهر“، اردو ترجمو، حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 288 ۽ 289.

(2)  بشاري مقدسي: ”احسن التقاسيم في معرفته“ ايضاً، ص ص 358-386.

(3) ابن نديم: ”الفهرست“، ايضا، جلد دوم، 1962ع، ص ص 3-4.

(4) Elliot, H.M., Op., Cit., P. 39                                              

(5) Edward, C., Sachau, Alberuni’s India, Kegan paul Trench Trubner, London, 1910, p. 173.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com