ٽيون شڪار آهي، بندوق جو- هيءُ شڪار هڪ وڏو ۽
اعليٰ درجي جو شڪار آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي
گهرج ٿيندي آهي- هڪڙا ماڻهو پکين ۾ ٽاهه وجهي انهن
کي اڏائيندا آهن ۽ ٻيا ٻيڙين تي چڙهيل بندوقچي
هوندا آهن، جي انهن کي گولين جو نشانو بنائيندا
آهن ۽ جو پکي اڏامندي گولي لڳڻ سبب پاڻيءَ ۾ ڪريو،
ان کي اتي جو اتي ٻيڙي هلائي وڃي پاڻيءَ مان کڻندا
۽ ذبح ڪندا ٻيڙيو ڀريندا آهن- هن شڪار ۾ سَوَن جي
تعداد ۾ پکي اجل جو شڪار ٿيندا آهن. خبر ناهي
پنهنجي پيٽ قوت کان وڌيڪ ساهوارا مارڻ ڪيتريقدر
جائز آهن. بهر حال هي پکي جيئرا نه ڦاسندا آهن ۽
شڪار جا شوقين انهن بي انداز مظلوم پکين مان پاڻ
ته جاوا ڪن پر ٻين دوستن احبابن ۽ آفيسرن کي به
سوغات طور پيش ڪن.
هن شڪار جو احوال آءُ اهو اکين ڏٺو نظارو بيان
ڪريان ٿو جو مون منڇر ڍنڍ تي ڏٺو. سچ پڇو ته مان
هن شڪار جي ڏسندي محفوظ به ٿيس ۽ دل تي ڏک به سخت
ٿيم ۽ ان بعد وري شڪار ڏسڻ جي سَڌَي لاهي ڇڏيم خدا
معاف ڪري. (آمين)
هڪ دفعي ڊسمبر مهينو هو، ناتال جون موڪلون هيون.
ناتال کي ٻائيتال به ان ڪري چوندا هئا، ماڻهو ۽
آفيسر جن کي شڪار جون پرمٽون هونديو هيون، سي ڍنڍ
جي پکين جي شڪار تي مڇر جي پوندا هئا ۽ ناتال جا
ڏهه ئي ڏينهن رَکَ وارين ڍنڍن تي بندوقون ۽
ڪارتوسن جون پيتيون ڀري نڪري پوندا هئا. آءُ
پنهنجي ڊيوٽيءَ سان دادوءَ ۾ هوس. چند دوست گڏ
ويٺا هئاسين ۽ ڪچهري متل هئي ته هڪ دوست آيو،
جنهن چيو ته يارو منڇر تي شڪار جا وڏا سانباها ٿي
رهيا آهن. شڪار جي دعوت به ملي آهي جي ديدار ڪرڻو
هجيوَ ته سنڀرو ته هلون ۽ دل وند رائي اچون. مون
کان سواءِ سڀني کي ڳالهه پسند آئي، مون چيو يار
مان ته شڪار مان ڪونه ڄاڻان ۽ نه بندوق هلائڻ اچيم
مان ته ڪونه هلندس.
’پرائي‘
دهلين احمق نچي نچي، اوهان ڀلي وڃي موج ڪري اچو.
پر هنن مون کي ڏاڍو زور ڀريو. ايتري ۾ سندن هڪ
دوست جيپ سوڌو اچي وارد ٿيو ۽ ساڳئي ڳالهه ڪيائين،
چيائين ته آءُ به شڪار لاءِ ئي سهي سنڀري نڪتو
آهيان جيپ حاضر آهي، آهيان به اڪيلو، هلو ته رس
رهاڻ ڪندا هلون ۽ هلو به ضرور اوهان کي هرگز نه
ڇڏيندس. آخر هن اسرار تي چار اسين ۽ پنجون هو پاڻ
جيپ ۾ چڙهي ويٺا سين ۽ڪهي اچي منڇر تي پهتاسين.
ڪيترائي توبچي اتي ڳاٽ کڻيو بيٺا هئا ۽ پنهنجي
بندوق کي شڪار لاءِ تيار پئي ڪيائون.
ڏهاڪو کن ٻيڙيون به حاضر هيون ۽ ميربحر به حاضر
هئا، جي ڏاڍو خوش ٿي نظر آيا. آخر هر هڪ ٻيڙيءَ ۾
ٻه ٻه تو بچي سوار ٿيا ۽ ٻه ٽي خالي ٻيڙيون پکين
کي ورائڻ لاءِ منجهن ٽاهه وجهڻ ۽ تڙ ڪرڻ لاءِ هڪ
هڪ همراهه سان هر طرف کان روانيون ڪيون ويون.
توبچي ڪل اٺ هئا ۽ هڪ هڪ ٻيڙيءَ ۾ ٻه ڄڻا بندوقن
سان تيار ٿي ويٺا. هاڻي اهي ٻيڙيون هاڪاري جداجدا
طرفن ڏانهن هلڻ لڳيون. پريان پکين جون ٽوليون نظر
اينديون ٿي رهيون. جڏهن پکين کي ڪجهه ويجها ٿيا ته
هڪڙي خفتيءَ (خبطيءَ) وٺي هوائي فير ڪيو ۽ بندوق
جو ٺڪاءُ ٿيڻ سان پکين ۾ جو ٽاهه پيو سو آسمان
پکين جي اُڏام سان ڀرجي ويو ۽ مون جهڙي محض
تماشبين جي مٿان به ولرن جا ولر اڏامندا ٿي ويا.
پوءِ ته ٺڪا ٺوڪي لڳي ويئي ۽ اٺن بندوقن جو ڪڏهن
ڪڏهن ته هڪڙوئي ڌڌڪو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. ڌڪ ڌڪ سان
پکي ويچارا آسمان مان وٽبا سٽبا اچي ٿي پاڻيءَ ۾
ڪريا. مهاڻن جي واهه واهه مچي ويئي. پکي ڪرندا ويا
۽ مهاڻا انهن کي جهليندا تڪبير يا سير وجهندا ٿي
ويا. مهاڻن کي ته اهڙو لطف پئي آيو جو اڃا پکي
پرڀرو ئي هجن ته شڪارين کي رڙ ڪري خبردار ڪن ته
سائين اهو نيرگين جو ولر پيو اچي. بس پکي اوڏڙا
اچن ته شڪاري به بسم الله ڪري ڊز ڊز لڳايو ڏين- ڌڪ
ڌڪ سان نير گي ڦرندي ڦرندي اچيو پاڻي ۾ ڦهڪو ڪري
ڍنڍ جي پکين جا ڪيترائي قسم هئا، جهڙوڪ نيرگيون،
ڊگوش، لنگها، چيخلا، بدڪون ۽ آڙيون وغيره. چيخلو
پکي انهن سڀني کان اڏامڻ ۾ تيز هو. توبچين کي به
چيخلي ڏاڍيون پوپٺيون پڙهايون. شڪار جو پروگرام
سڄي ڏينهن جو هو تنهنڪري مانيءَ جو بندوبست به اتي
ٻيڙين ۾ ئي ڪيو ويو هو. بس شڪار جي مزي ۾ ايئن
پئي ڏٺو ته ڄڻ شڪارين خواهه تماشبينن کي ڪو عيد جو
ڏينهن نصيب ٿيو آهي. ڌڻيءَ جي قدرت سان پکي به
ايترا هئا جو شڪارين هٿ ٺاريا ۽ شام ٿي ويئي ته ڪل
ڪانه ٿي پئي ته ڏينهن سڄو ڪيئن گذري ويو. سج لٿو ۽
شڪار بند ڪيو ويو. ڪل ست ٻيڙيون واپس آيون جن مان
هر هڪ ۾ ڊنو ڊپ ڪري ڳالهه ٿو ڪريان ته ڏيڍ سؤ کان
ٻن سون تائين پکي ڍير لڳا پيا هئا. رات اتي پئجي
ويئي. شڪار مان ڪي پکي پچايا يا سيخ ڪيا
ويا، ڪن جو پلاءُ ٺهيو ۽ ڪي ڀُڃي هرهڪ جاوا ڪيا.
رات جو ڳچ حصو رڳو شڪار جون ڳالهيون ٿينديون
رهيون. ڪي چوڻ لڳا ته ادا شڪار بيڪار آهي پر اڄ ته
واهڙ وهي ويا. صبح ٿيو ته بنا ناشتي وري ساڳيءَ
جيپ ۾ چڙهي اچي دادوءَ پهتاسين. مون کي اهو شڪار
حياتيءَ نه وسرندو پر وهيا ته اهي پئي جن بندوق جا
جوهر ڏيکاريا هئا، اهي ڀلي مرڪن. مون اکين سان ڏٺو
ته اتفاقي ڪو ڌڪ گٿو هوندن نه ته ڌڪ ڌڪ ڪامياب پئي
وين. مروان موت ملوڪان
’شڪار‘.
شڪارين جي لاءِ ته مزو هو پر ويچارن گگدامن لاءِ
قيامت صغرا هئي. ڪيئي ڪارتوس خلاص ٿيا ۽ ڪيترائي
پکي حلال ٿيا. شڪار به خير سان پورو ٿيو نه ته
شڪار وقت سڀ ان انڌ جي گهڙي تي سوار هئا ۽ خبر
ڪانه ٿي پين ته مٿان اسان جو ڌڪ ڪنهن ٻيڙيءَ ۾
ويٺلن کي نه لڳي وڃي. اڪثر اوقات ائين به ٿيو آهي
جو ڌڪ گسي ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺل کي به لڳي ويو
هوندو ۽ مورڳو؛ شکار کرني کو آئي، شڪار هوکي چلي“
جي مصداق قيمتي جانيون به نقصان ٿيون هونديون.
هيءُ ته ٿيو وڏين ڍنڍن تي شڪار جو نظارو. پر ننڍين
ڍنڍن تي به سيکڙاٽ توبچي جن تازو ليسن ورتو هوندو
آهي سي شڪار لاءِ ويندا آهن ۽ ٻه چار ويٺل پکي ڊڙي
ايندا آهن. وڏا شڪاري ويٺل پکيءَ کي ڌڪ هڻڻ معيوب
ڄاڻندا آهن ۽ فقط اڏا مندڙ کي ڌڪ هڻندا آهن. پکي
ڀلي ته ڪيترو سولو ويٺل هجي ۽ ان جي نشاني جي به
پڪ هجي مگر هو ان کي اڏائي پوءِ ڌڪ هڻندا آهن ۽
سيکڙاٽ اول اول ويٺلن پکين تي بندوق آزمائيندا
آهن. اڳي شڪار لاءِ وڏن ماڻهن وٽ خاص گاهون هيون ۽
شڪار لاءِ وڏا اهتمام ڪيا ويندا هئا، مگر هن وقت
ماڻهن جون مصروفيتون تمام وڌي ويون آهن ۽ فرصت گهٽ
آهي، تنهنڪري شڪار جو شوق به گهٽجي ويو آهي. هاڻي
فقط وڏا وڏا شڪار حڪومت ڪرائيندي آهي. جڏهن ٻين
ملڪن جا حڪمران پاڪستان ۾ سيرو سياحت ۽ تفرح لاءِ
ايندا آهن ورنه ٻيو ٿيو خير.
ضميمو
بازسان شڪار
از سنڌيڪار
سررچرڊ برٽن
غلام رباني آگرو
باز سان شڪار
(1) سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ باز:
سنڌي بازدار کي باز جا هيٺيان مکيه قسم معلوم
آهن:
1- شهباز:
يعني بازن جو شاهه. هيءُ پيلين اکين سان خاڪي رنگ
جو چڱو وڏو پکي آهي. افغانستان جي ٽڪرين ۾ ۽ انهن
جي آسپاس ڦاسايو وڃي ٿو؛ پوءِ هيٺ ميداني علائقن ۾
آڻي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. شهباز جي جڏهن چڱي پالنا ٿئي
ٿي ۽ کيس شڪار ڪرڻ جي سکيا ملي ٿي ته پنجن کان
ڇهن پائونڊن تائين ملهه ۾ وڪامي ٿو. نر ماديءَ کان
گهڻو ننڍو ٿئي ٿو، ٻئي (نر توڙي مادي) زبردست طاقت
وارا خونخوار ٿين ٿا. انهن کي سڀني بازن ۾ زياده
شاندار سمجهيو وڃي ٿو. بخارا ۽ برفاني علائقن واري
مشهور ”شير- باز“ (شينهن –باز) جي سنڌي بازدار کي
سڌ ڪانهي.
2- بهري:
هيءُ پنهنجي بيڊپائي ۽ طاقت جي ڪري هندستاني
بازدارن کي تمام گهڻو پسند آهي، تنهن کي هتي عام
طور کيس شاهين سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي ڪن حصن ۾ ملي
ٿو. تتر، ڪونج، مرغابي، ٻگهه ۽ سهي جو شڪار ڪري
ٿو.
3- باشو:
هيءُ جهرڪي- باز جو هڪ قسم آهي. پر ننڍا اٿس.
هيٺاهون اڏامي ٿو. پيلي رنگ جون اکيون اٿس. سنڌ ۾
وڏو قدراٿس. ڇو ته تتر جي شڪار لاءِ تمام ڪارائتو
آهي. جيئن ته سياري ۾ سنڌ ۾ رهي ٿو ۽ اونهاري ۾
پهاڙي علائقن ڏي وڃي ٿو، انڪري ”سيلاني پکي“يا
”مندائتو پکي“ سڏجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ قيمت اٺ يا ڏهه
شيلنگ اٿس.
4- شڪرو:
هي پکي ساڳيو انگريزن وارو جهر ڪي-باز آهي. تتر جو
شڪار سٺو ڪري ٿو. سنڌي بازدار ان کي ”ڪتو-پکي“ به
سڏي ٿو، ڇو ته شڪري جي طبيعت ڪتي واري آهي. شڪرو،
هر طرح سان نيارو، سنڌ ۾ هڪ ٻن شلنگن ۾ ملي ويندو.
5-لغڙ:
هيءُ اڪيلو وڏن پرن وارو باز آهي جو سنڌ ۾ عام جام
استعمال ٿئي ٿو. اکيون ڪاريون اٿس چنبا ڪاري رنگ
جا ۽ پڇ ڀورڙو خاڪي. لغڙ تتر، ٻٽير ۽ سهي جو شڪار
ڪري ٿو. لغڙ جو مزيدار مقابلو ڪانون سان ٿئي ٿو.
سراليگز ينڊر برنس پنهنجي ڪتاب
“personal narrative of a
Journey to Cabool”
جي ٻئي باب ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌين کي هيٺيان باز
معلوم آهن:
لگڙ (لغڙ) مادي، جگڙ (جغڙ) نر.
سنڌ جو رهاڪو، جهرڪي- باز، ڪارين اکين سان، هڪ مند
لاءِ پالجي ٿو ۽ مند مٽجڻ بعد ڇڏي ڏجي ٿو.
باز (شهباز) مادي، زره (جره) نر.
خراسان جو رهاڪو، گلابي (پيلي) اک. شاهاڻو پکي.
چرغ مادي، چرغلا (چر غلو) نر.
ڪوٺي (ڪڇ؟) جو رهاڪو، ڪاري اک ، هرڻ کي جهلي ٿو ۽
تلور ماري ٿو.
باشو (باشاه ) مادي ، بشين (باشي) نر.
خراسان جو رهاڪو، گلابي اک، جسم ۾ ننڍو.
بهري (باهري) مادي، بهري-بچي (شاهين) نر.
سنڌ جو رهاڪو، سنڌو درياه جي ڀرسان ملي ٿو.
ڪوهي مادي، ڪوهيلا نر.
شاهين به سڏينس ٿا، سنڌ جو رهاڪو آهي ڪاري اک اٿس.
توروراتي مادي، چٽوي (چٽوئا) نر.
سنڌ جو پکي، ڪاري اک، مند مٽجڻ بعد ڇڏي ڏجي ٿو.
شڪرو مادي، چپاڪ نر.
سنڌ جو رهاڪو، گلابي اک.
مغرب ۾. اسان جا اڳيان بازدار مشرقين وانگر، نر ۽
مادي باز لاءِ جدا جدا نالا استعمال ڪندا هئا.
سنڌ ۾ پڻ، ٻين هنڌو وانگر، ڊگهن پرن وارن بازن ۽
ننڍن پرن وارن بازن جي خصلتن ۾ وڏو فرق آهي.
پهريان، پنهنجي اوچائيءَ، فرمانبرداريءَ ۽ جوش ڪري
يورپ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا. اهي هوا مان
کنوڻ وانگر لامارو ڏيئي جهٽ هڻن ٿا ۽ شڪار کي ڌڪ
هڻي ڌرتيءَ تي اڇلائين ٿا. پويان يعني ننڍن پرن
وارا هڪجهڙيءَ سنوت تي شڪار سان وڙهن ٿا. ان کي
کنڀي مٿي کڻي ٿا وڃن ۽ پوءِ تيزيءَ سان تي زمين
لهن ٿا. اهي شڪار کي زور سان پنهنجو پر هڻي، طاقت
سان ماري وجهن ٿا، پوءِ پنهنجن چنبن ۾ جهلي، ان
جا کنڀ پنهنجي چهنب سان پٽين ٿا.
سنڌ ۾ گهڻو ڪري گول پرن وارا باز استعمال ٿين ٿا.
توڙي جو اهي مهانگا آهن ۽ انهن جي ترتيب ۽ پرورش
ڏکي آهي؛ اهو شايد انڪري آهي جو يا ته سنڌ جي
آبهوا يا ته سنڌي باز دارن جي ترتيب يا اهي ٻيئي
ڳالهيون ان قسم جي بازن لاءِ موافق آهن.
مان نٿو ڀايان ته يورپ ۾ بهترين قسم جا بـــاز
ابراهيم خان جي پاليل ۽ پسنديده بازن کان بهتر
شڪار ڪري سگهن ٿا.
(2) ابراهيم خان جا باشا:
”صاحب، اڄ پاڻ کي وڏو سفر ڪرڻو آهي.“ صبوح جو ٽين
بجي جيئن مان گهوڙي تي سوار ٿيس ته امير مون کي
چيو؛ ”باز
’هرڻ
شڪار گاهه‘
تي اڳيئي مو ڪليل آهن. ساڳي جاءِ آهي جتي اوهان
سان ذري گهٽ چگائي ٿي هئي.“ جيئن ته پکي ساڻ نه
هئا، ان ڪري اسان گهوڙي کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو. ميدان
لتاڙي، واه ٽپي، سڪل نديون اڪري، گونيءَ
تي
محمد خان جي ٽنڊي کي اچي سڻاوا ٿيا سين.
گونيءَ جي هڪ ڪپ تي هڪ شڪار گاهه آهي، جنهن ۾
جنهگلي مرون، هرڻ ۽ ٻيا جانور آهن، سامهون شهر آهي
جنهن جي چوڌاري انبن جا گهاٽا باغ آهن.
توڙي جو صبح جا ڇهه به مس ٿيا هئا، پر 15 ميل سفر
ڪرڻ سبب اسان سڀني کي بک ڇتو ڪري وڌو هو. هڪدم
گهوڙن تان سامان لاٿو ويو ۽ انهن جي منهن تي توبرا
چاڙهيا ويا. نوڪرن خرزين منجهان ماني، مکڻ، پکين
جو پڪل گوشت، اٻاريل بيضا، پنير، کنڊ تماڪ ۽ حقا
ڪڍيا.
گهڙي ساعت ۾ نيرن تيار ٿي وئي ۽ اسان شڪار واريون
ڇريون کڻي، کاڌي کي جنبي وياسين. هر هڪ موج ۾ هو.
امير ته وڏي ليءِ ۾ هو.
ڪاڪومل اسڪولي ٻار وانگر مکڻ ۽ ماني چٻاڙي رهيو
هو. هريچند جو لوٽو سندس مڇن هيٺان لڪي ويو هو.
خذمتگار اسان کي مزي ۾ ڏسي گد گد پئي ٿيا.
”صاحب، ياد اٿيئي، سويرو پاڻ علي بحرواهه جي منهن
وٽ پاڻيءَ جي هڪ ڇنڀ مان لنگهيا هئاسين؟“ امير
ائين پڇيو جو معلوم ٿيو ته کيس ڪو ٽوٽڪو ٻڌائڻو
هو.
مون هاڪار ڪئي.
”گذريل سال“ امير چوڻ لڳو، ”جڏهين واهه ۾ پاڻي سڪي
ويو هو ته سرڪار پنهنجي هڪ انگريزي عملدار کي هتي
موڪليو ته هتي سرزمين جي جاچ ڪري ڏسي ته واهه ۾
پاڻي ڪهڙي سبب نٿي آيو . ڳالهه سنئي سڌي هئي؛ ڇا
هو ته سنڌين واهه جي منهن وٽ دڪو ڏيئي ڇڏيو هو ته
جيئن منهنجي زمين ۾ پاڻي نه اچي پر انگريزي
عملدار، توڙي جو منشيءَ وانگر لکي پڙهي پئي سگهيو،
سنڌي به ڳالهائي ٿي سگهيو ۽ وٽس زنجيرون، ڪاٺ جون
گهوڙيون ۽ ٻيا ڪيئي اوزار پڻ هئا، ته به منجهي
پيو. کيس اها خبر ڪانه هئي ته سنڌي ڪيڏا حرڪتي
آهن! هڪ دفعي انهيءَ ئي پاڻي جي پاسي سان پسار
ڪندي ڏٺائين ته هڪ ماڻهو پئي ٻڏو ۽ ڪناري تي
پنجاهي کن ڄڻا پلٿيون ماري ويٺا هئا، پر هن همراهه
کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نٿي ڪيائون. هن کين حڪم ڏنو ته
ماڻهوءَ کي بچايو. انهيءَ تي هنن کان رڳو ايترو
پڳو جو ڏانهس اک کڻي ڏٺائون. بعد ۾ هن جي تڙي
چاڙهڻ تي سڀ ڀڄي ويا. جي رڳو هڪڙو رپيو آڇي ها ته
سڀ سندس حڪم مڃين ها. لاچار صاحب کي لٽا لاهي، پاڻ
پاڻي ۾ گهڙي ٻڏندڙ ماڻهو کي بچائڻو پيو. پر پوءِ
ڇا ٿيو؟ جيئن هن همراهه جي نڪ ۽ نڙيءَ مان پاڻي
نڪتو ته صاحب کي چيائين، ” صاحب، تو مون کي بچايو
آهي، هاڻي مون کي ڇا ٿو ڏئين “ تنهن تي صاحب چيس
ته مون کي جيڪي ڪجهه تو لاءِ ڪيو آهي، اهو ئي ڪافي
آهي. اهو ٻڌي سنڌيءَ نه رڳو صاحب کي پاراتا ڏنا،
پر ايتري همت ٿيس جو چيائين ته مون پنهنجي سڄيءَ
عمر ۾ جيڪي به گورا شيطان ڏٺا آهن، انهن ۾ سڀني ۾
تو جهڙو ٻيو ڪو نه هو! ظاهر آهي ته اهو ٻڌي صاحب
کيس چهبڪ هنيا، جنهن تي اهو همراهه ڀڄندو مون وٽ
آيو ۽ مون کان پڇائين ته جيڪڏهن گورنر صاحب کي
دانهن ڏيان ته منهنجو پاسو
کڻندو؟“
”مون؟“ امير چيو ”مون هن کي ٻڌايو ته فرنگي ڌاريا
آهن، تنهنڪري انصاف وارا ماڻهو نه آهن. پر ڀائنجي
ٿو ته پاڻي همراهه جي مغز ۾ گهڙي ويو هو. هن مون
کي ويجهو ٿي هڪ جواب ڏنو، اهڙو جو! ها! ها!
مان......“
اتي امير پنهنجو هٿ هيڏي هوڏي ڦيرائي حاضرين جو
توجهه ڇڪايو. پوءِ پنهنجي آڱر چپن تي رکيائين،
جنهن مان آخر مطلب وڃي اهو نڪتو ته سندس ٿورڙيءَ
خرچيءَ هن همراهه جي زبان بند ڪري ڇڏي هئي.
|