سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار

باب :1

صفحو :7

5- پلي جو ٻوڙ رڌڻ: پلي جا ڇلر لاهي صاف ڪري، ان جا ننڍا ننڍا ٻيرا ڪري، ديڳڙي ۾ بصر جو داغ ڪري جهڙيءَ طرح گوشت رڌبو آهي، اهڙيءَ طرح پلي جو ٻوڙ رڌبو آهي. هن ۾ گوشت جي ٻوڙ وانگر پٽاٽا، ميها، بصر يا ٻيو ڪوبه بقر ويڳر وجهي سگهجي ٿو. پلي جو ٻوڙ به نهايت لطف ڏيندڙ آهي.

6- پلي ۾ بسريون: هن ۾ پلي جا ڇلر لاهي. ان جا ننڍا ننڍا ٻيرا يا ڳڀا ڳڀا يا ڳڀيون ڪري، گرم مصالح ۽ ڏاڙهونءَ جي ڪڻ ۽ بصر جي چٽڻي وغيره ٺاهي هر هڪ بسريءَ جدا جدا پلي جي ڳڀين تي چٽڻي ٿڦي مکي ٺاهي رکي ڇڏبيون آهن، پوءِ ڪڻڪ جي مانيءَ جو هڪڙو پڙ  ٺاهي تئي تي ٿڦبو آهي پوءِ هڪ ڳڀي کڻي انهيءَ پڙ جي وچ تي رکبي آهي، وري ٻيو اٽي جو پڙ ٿڦي، تئي ۾ پيل پهرئين پڙ جي مٿان اهڙيءَ طرح رکبو آهي  جو پلو اچي وڃي. بعد ۾ مانيءَ جي ٻنهي پڙن کي ڪنن وٽان پاڻ ۾ ملائي ڇڏبو آهي. ان بعد مانيءَ کي وراڻي ڏيئي گهه ذرو هيٺان ڏيئي ڇڏبو آهي ته تر سڙِي نه وڃي. پوءِ سبتي پاسي کان ڍاڪونءَ جو پڙ يا ڪا ٿا لهي، انهي ءَ تئي ۾ پيل مانيءَ جي مٿان رکي، ان کي ڪجهه وقت ڍڪي ڇڏبو آهي ته جيڪا اٻ نڪري ته ان ٻاڦ ۾ ئي پلو پچي وڃي. مناسب وقت بعد ماني تئي تان لاهي ٿالهيءَ ۾ ڪڍي رکبي آهي ۽ مٿان بسريءَ وانگر گهڻو ڪچو گهه اوتي ڇڏبو اٿس. جنهن ڪري هوبهو بسري جهڙي نظر ايندي آهي، کائڻ مهل مٿيون پڙ مانيءَ جو جدا ڪري وٺبو آهي ۽ ٻئي پڙ جي گهه ۾ جهٻيا پيا هوندا آهن، اهي وچ ۾ پيل پلي جي ڳڀيءَ سان چٽڻيءَ جي تي ويهي کائبا آهن. پلي جي بسري وڻندڙ ۽ مزيدار ٿيندي آهي، ۽ ويهي کائبا آهن، پلي جي بسري وڻندڙ مزيدار ٿيندي آهي، ۽ هڪ قسم جو عجيب وغريب طعام آهي، جن به صاحبن اها بسري کاڌي هوندي انهن کي سندس  لذت ۽ لطف جو ڪافي تجربو ۽ قدر هوندو.

7- پلي ۾ پلاءُ: هن ۾ پڻ بدستور پلي جا ڇلر لاهي، ڌوئي صاف ڪري. لوڻ مصالح وغيره ڏيئي پلي کي ڪنهن لوهه جي رڌڻي يا ڪڻڇيءَ ۾ پچائي، گِهه جام مَکي ڪوڪ ڪري رکبو آهي، ٻئي طرف سٺا سڳداسي چانور پلاءُ جي نموني رڌي، انهن ۾ دالچيني، پلاجيري ۽ ڪارا مرچ وغيره وجهي سُرهو ڪري پلاءُ ٺاهي رکبو آهي، پوءِ ڪجهه چانور پليٽ ۾ رکي چانورن جي قدر سارو ڪوڪ ٿيل پلي مان ٽڪر چانورن جي مٿان رکي ڏبو آهي، جو چانورن سان گڏي کائبو آهي. ان کي پلي جو پلاءُ چيو وڃي ٿو. پلي جو پلاءُ هڪ نهايت ئي لذيذ ۽ پر لطف طعام آهي، جنهن لاءِ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:

اول ۾ الله ڀلو، پلي ۾ پلاءُ پلو.

يعني ته خداوند تعاليٰ جي مٺڙي نالي ۾ بيشڪ لذت آهي، مگر ٻئي درجي ۾ پلي جي پلاءُ ۾ ئي مزو آهي، جو مزو ٻين باقي سڀني طعامن کان وڌيڪ آهي. جهڙيءَ طرح گوشت ۾ بڪيون، ڪوڙي، ڪمر، ڪنڌو، مشڪ، ران، کيري، شيردان، جاڙي، مغز، منڍي، جيرانڊي، پاوا، نريون ۽ گُڏ وغيره. جدا جدا ڇيلي جا ڀاڱا، جدا جدا سواد ۽ لذت ڏيندا آهن، تهڙيءَ طرح پلي ۾ به پلي جو ڪناڙ، ڪندو، پُڇي، ڦوٽو، کيري، پيٽارو، ڦري، لائو، ڪانڊو، آني وغيره جدا جدا ڀاڱا جداجدا لذت ۽ هڪ خاص لطف پاڻ ۾ رکن ٿا، شال رب پاڪ سائين سنڌ جي مهراڻ ۽ سنڌين کي سلامت تاقيامت رکي. آمين!

سائينم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“

پلو، جنهن ڏينهن تازو درياءُ مان نڪري ٿو. فقط اهو هڪ ڏينهن يعني چوويهه ڪلاڪ ان کي تازو ڪوٺي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ٻيو ڏينهن پيو ته ان کي چيري مختصر لوڻ وجهي رکبو تڏهن ئي سلامت رهي سگهندو،.ٻئي ڏينهن تي اهڙيءَ طرح لوڻيل پلي کي، ”مِٺ لوڻو پلو، سڏبو آهي جيڪڏهن اڃا به پلي کي وڌيڪ وقت رکڻ مقصود هوندو ته وڌيڪ لوڻ ڏيئي ان کي ڇانو ۾ سڪائبو ۽ اهو، ”کارو پلو“ سڏبو آهي، جو ڪيترو به وقت رکي سگهجي ٿو. ڪيترا غريب ماڻهو خاص طرح ٻهراڙين ۾ جتي ڳُنڌڻ يا ٻوڙ ملڻ مشڪل آهي، کارو پلو سڪائي ٺاهي رکي ڇڏيندا آهن ۽ وقتي جڏهن ٻوڙ نه ملندو آهي، تڏهن کارو پلو رڌي کائيندا آهن.

 

پلي ۾ اڪثر مڇين کان ڪنڊا وڌيڪ ٿيندا آهن، پلو جيئن ننڍو تيئن ڪنڊا منجهس زياده ٿيندا آهن، جنهن ڪري کائڻ مهل نهايت ڌيرج ۽ خبرداريءَ سان ڪنڊا سوئي پوءِ کائبو آهي، درحقيقت جا شيءَ محبت سان حاصل ڪبي آهي اهائي وڌيڪ لذت ڏيندي آهي ۽ ان جوئي زياده قدر ڪيو ويندو آهي، ننڍا ٻار اڪثر پلي کائڻ وقت ڪنڊن جو شڪار ٿيندا آهن. جيڪڏهن پلي جي ماس سان گڏ ڪو ڪنڊو به ڳهي ويا ته سندن نازڪ نڙيءَ ۾ اٽڪي پوندو آهي ۽ پوءِ والدين لاءِ جنسي ويل هوندو آهي؛ جو ٻارن  جي رڙهيٺ رڙ مٿي لڳي ويندي آهي، ان حالت ۾ جيستائين خشڪ مانيءَ جو ٽڪر ٻارن کان نه ڳِهايو ويندو ۽ ان جي مٿان وڏا وڏا ڍُڪ پاڻيءَ جا نه ڀرايا ويندا تيستائين ڪنڊو نڙيءَ مان ڇوٿو نڪري هيٺ پيٽ ۾ وڃي؟ پر پلي جي لذت اهڙي ته لالچائيندڙ آهي جو ايتري عقوبت هوندي به ٻار پلو پلو پيا ڪندا ۽ تڪليف جو ذائقو ياد ئي ڪونه پوندن. اڄڪلهه ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڪي اهڙا مصالح به ايجاد ڪيا ويا آهن جن جي ذريعي پلي جا تمام سنهڙا ڪنڊا پلو پچائيندي ڳاريا وڃن ٿا. والله اعلم!

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: پلو مَلو آهي. اڪثر ٻارن جو بدن مَلي جي بيماريءَ کان ڦٽ ڦرڙيون ٿيو پيو هوندو آهي. مائٽ ويچارا انهن کان پلو پيا لڪائيندا آهن. مگر ٻارن جي رڙپيِئي پوندي آهي ته پلوڙي پلو! سچ آهي ته پلي ۾ قدرت پنهنجي ڪمال حڪمت ۽ دانائيءَ سان ڪنڊا به گهڻا پيدا ڪيا آهن ته پلي کائيندڙن کي ڪجهه کائڻ ۾ اٽڪ هجي، ۽ دقت پيش اچي، ور نه پلي جي لذت اهڙي آهي جو منجهس ڪنڊا نه هجن ته کائيندڙ جيڪر سڄو سڄو پلو ويلي ويلي تي کائيندا رهن ۽ نه رات ڏسن نه ڏينهن ۽ نه جهڪ ڏسن نه مينهن، هوند اَنُ  به ڇڏي ڏين ۽ پلو کائي پلو کائي محمد تغلق مرحوم جي ڀر پاسو وڃي وٺن،  پلو هميشه پاڻي گهڻو پياريندو آهي. پلي کائڻ کان پوءِ خشڪي لڳندي آهي ۽ پاڻيءَ جا ٻه – چار گلاس هڪٻيئي پٺيان پيئڻان پوندا آهن، جنهن ڪري سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”پلو جيئري به پاڻيءَ ڏي ڇِڪ ڪري ۽ مئي به پاڻيءَ ڏي ڇڪي.“

ڀلا يارو سنڌوءَ جا تازا پلا،

لطف ۾ ۽ لذت ۾ سڀ کان ڀلا،

وڻي خوب وهه واهه پلي جو پلاءُ،

پڪل ۽ تريل هيءُ! الاڙي الا!

 

(5)

مرن (سوئرن) جو شڪار

سوئر، جنهن کي عربيءَ ۾ خنزير چئجي ٿو،  سو نهايت خبيث، خطر ناڪ ۽ نقصانڪار مرون آهي. هن جانور جو شڪار صرف نقصان کان بچڻ لاءِ شوقيه ڪيو ويندو آهي. وڏا وڏا مير ماڻهو هن شڪار جا خاص خبطي هوندا آهن.

سوئر جو شڪار عام طرح ٽن طريقن سان ٿيندو آهي:  پهر يون پنجوڙ سان، ٻيو ڪتن جي بڇ سان ۽ ٽيون بندوق سان.

سوئر اڪثر ڪري جبلن ۾ رهندڙ جانورن آهي، ليڪن فصلن لاءِ تباهه آهي. ٻيلن ۾ چؤڪڙين تي جيڪي سيلابي پوکون ٿيون ٿيون مثلاً ڪڻڪ، تن جا ٻارن جا ٻارا ڀڃي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي، پر ٻيلن کان ٻاهر به جوئر، ٻاجهري. ڪمنڊ ۽ مڪائيءَ جا فصل به تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. هيءُ مرون گاهه کائيندو آهي ۽ خاص اناج وارو گاهه هن جو شڪار آهي.

خريف جي فصل واري مند ۾ سوئر ماديون ويم ڪنديون آهن ۽ اڪثر 2-3 ٻٺر سندن پٺيان لڳا وتندا آهن، جهڙيءَ طرح ڪتي جي ٻچن کي گلر، ٻليءَ جي ٻچن کي پونگڙا چئبو آهي، اهڙيءَ طرح سوئر جي ٻچن کي ٻٺر سڏيو ويندو آهي. پيٽ ته هر ساهواري کي خدا ڏنو آهي ۽ قوت جي ضرورت پکي پکڻ کي پوي ٿي. اهڙيءَ طرح سوئر جو حملو اناج وارين پوکن تي هوندو آهي. بندوق سان شڪار ڪرڻ لاءِ جنهن پوک جي جوءِ ۾ سوئر نقصان ڪندو آهي، ان جوءِ کي شڪاري نظر ۾ رکندا آهن ۽ رات جو بندوقون کڻي ان جوءِ جي اردگرد اچي لڪي ڇپي ويهندا آهن، مرون به سياڻو جانور آهي ۽ پنهنجي جوءِ مٽائيندو رهندو آهي، ڪڏهن ڪنهن چؤڪڙيءَ ۾ ته ڪڏهن ڪنهن آئينٺي ۾. ان ڪري مرونءَ کي ڳولڻ لاءِ ٻهراڙين ۾ هوشيار پيري يا پڳي هوندا آهن جي سوئر جو ڏينهن جي وقت پير کڻي هن جو ٿاڻ هٿ ڪري ڇڏيندا آهن. اوهان کي اها ته خبر هوندي ته سوئر ڪنهن کي چڪ ڪونه پائيندو آهي يا شينهن وانگر چنبي هڻڻ سان ڪونه ماريندو آهي. هن کي قدرت طرفن هيٺئين ڄاڙيءَ ۾ وڄ هوندا آهن ۽ مٿيئينءَ ڄاڙيءَ ۾ ڪات هوندا اٿس. هن جي عادت آهي ته گاهه کائڻ کان اڳ پنهنجا وَڄَ، ڪاتن تي تکا ڪندو آهي، جهڙيءَ طرح سراڻ تي ڪاتيون يا ڪهاڙيون لائبيون آهن. سوئر جي انهيءَ ڪرڻ سان اهڙي ته هڪ خطرناڪ ڪَرٽ ڪَرٽ ٿيندي آهي، جو ٻڌڻ سان ماڻهوءَ تي هيبت طاري ٿي ويندي آهي، مگر سندس اهائي عادت آهي جا سندس موت کي دعوت ڏيندي آهي. شڪاري جي سندس جوءِ کي بندوقن سان گهيري ۾ وٺندا آهن، سي سهي ڪري وٺندا آهن ته سوئر هت ڪي هت ويٺو آهي. ازانسواءِ هو پوک جا ڪانا وات ۾ وجهي  ٽڙڪاٽ  ڪرائي ڀڃندو آهي ۽ ڪانا ڪيرائي سنگن کي کائڻ لڳندو آهي. اها ڪرٽ ڪرٽ ۽ ٽڙڪاٽ سندس قضا جو ڪارڻ بنبا آهن.

شڪاري جڏهن هن جي وهڪ واري جاءِ متعين ڪندا آهن ته چئني پاسن کان ڦري ويندا اٿس ۽ گولين جا نشان ڇوڙيندا آهن. بندوق جي ٺڪاءَ تي سوئر ڪن کڙا ڪندو آهي ۽ ڀڄڻ جي واهه ڳوليندو آهي. ايتري ۾ شڪاري به هن کي تَڙَ ڪندا آهن. هاڻي سوئر کي ڀڄڻ جون واهون کٽي وينديون آهن ۽ جنهن طرف رخ ڪندو آهي، ان طرف کان گوليءَ جو نشانو ٿي ويندو آهي. ٻه چار گوليون رسيد ٿيس ته ڍيري ٿي پوندو ۽ واهه واهه ٿي ويندي. ٻيلن ۾ به بندوق سان سوئر جو شڪار ساڳيءَ ترتيب سان ڪيو ويندو آهي.

ٻيو شڪار جو طريقو آهي ڪتن جي مدد سان سوئر جو شڪار. سوئر جو شڪار جو شوقين امير، هن شڪار جو لطف وٺڻ لاءِ زبردست ۽ ڀانت ڀانت جا شڪاري ڪتا پاليندو آهي، جن جي قيمت هزارن ۾ هوندي آهي ۽ انهن جي پالڻ، تاتڻ، کارائڻ، پيارڻ حتي ڪ علاج معالج لاءِ وڏا خرچ ڪيا ويندا آهن. انسان ويچارا مانيءَ ٽڪر لاءِ محتاج هوندا آهن، مگر هن شڪاري ڪتن کي گوشت، قيمو ۽ ٻيا هر قسم جا مال مليدا مهيا ڪيا ويندا آهن.

جڏهن ٻيلن مان درياءَ جي اٿل جو پاڻي سڪي وڃي ۽ ٻيلن جا گهٽ گهيڙ صاف ٿي وڃن ۽ مرون بي ڊپا ٿي گهمن ڦرن ته امير ماڻهو شڪار جي شوق ۾  پنهنجي ڪتن جي لوڌ وٺي شڪار تي نڪرن ۽ سوئرن کي للڪارين. سوئر جي وهڪ واري پاٿاري متعين ڪري پوءِ اهي شڪاري ڪتا، جي سندن ڳچين ۾ پيل زنجيرن سان سوگها هوندا آهن ۽ هرهڪ بڇ ڪندڙ کي ٻه ڪتا، هڪ هڪڙي هٿ ۾ ۽ ٻيو ٻئي هٿ ۾ هوندا آهن؛ اهي ڪتا بس ڪڏندا پيا هوندا آهن ته ڇڏيو دير نه ڪريو. ڪتن جا خدمتگار، شڪار وقت انهن کي سوئر تي بڇ ڪرڻ وارا ماڻهو اڪثر ماڇي قوم جا هوندا آهن، جن جو نسل به نسل اهو ڌنڌو هوندو آهي، سوئر کي چئني طرفن کان گهيري ۾ وٺي هر طرف کان هڪ هڪ شڪاري ڪتو بڇيندا آهن. اها ته اوهان کي خبر هوندي ته سوئر سڌو حملو ڪندو آهي ڇو ته هو پنهنجو ڪنڌ ورائي نه سگهندو آهي. جيڪڏهن طرف ڦيرائڻو پيس ته سڄو ڦري ايندو ۽ فقط ڳچي ورائي طرف مٽائي نه سگهندو آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪنهن سرڪش ماڻهوءَ لاءِ چيو ويندوآهي ته سوئر وانگر ڪنڌ ۾ ڪلي اٿس، بس مڙندو ئي ڪونه، سڌو پيو ايندو.

ماڇي شڪاري ته ان ڳالهه کي خوب کان خوب تر ڄاڻندا آهن، تنهنڪري ڪوبه ڪتو سوئر ڏانهن هن جي دونار کي سڌو نه ڇوڙيندا آهن، ورنه سوئر به اهڙي بَلا آهي جو پنهنجي وڄن سان ڪتي کي  دونار تي کڻي چيري ڦاڙي وجهندو ۽ هزارن جو قيمتي ڪتو هٿان وڃائي ويهندا.

هن شڪار جو نظارو ڪرڻ لاءِ ڪيترا شڪار جا شائقين به ويندا آهن جن کي محفوظ جاين تي بيهڻو پوندو آهي، شڪاري ڪتن کي به پاڻ ملهائڻ ۽ نمڪ حلاليءَ جو موقعو اهو هوندو آهي. ڳچيءَ مان زنجير نڪتو نه اٿن ته رائيفل جي گوليءَ وانگي اچي سوئر تي ٽٽندا ۽ سوئر جي پاسن ۽ پٺ کان ۽ ڪنن کان ڇڪي ڦاڙي، ڇيڇاڙي ڀاڱائي ڪڍي رکندس ۽ سوئر جي ڪيڪ ۽ رڙ پئي پوندي. شڪار جي ناظرين کي شڪاري ڪتن جي همت ۽ بهادريءَ جو قدر هتي پوندو آهي ۽ هنن کي جو کارايو پياريو ۽ سندن خدمت ڪئي وڃي ٿي ان جو اجايو يا سجايو هجڻ جي پرک هتي پوندي. شڪاري ڪتو پٺ ڏيئي ڀڄندو ته هرگز ڪين، پر جيڪڏهن ڪو سوئر زخمي ڪري وڌو ته لوڌ جا ٻيا به ڪتا ڇوڙي بڇ ڪندا. مطلب ته هن ڪتن جي شڪار جو تماشو نهايت هڪ دلپذير هوندو آهي ۽ ماڇين جي مهارت جو داد ڏيڻو پوندو آهي. ڪتن جي ڀونڪ سڄي ٻيلي کي ٻُرائي ڇڏيندي ۽ سوئر جون ڪراهون ۽ ڪيڪون ٻيلو مٿي تي کڻي ڏينديون.

آخر سوئر به ساهه واري شيءِ آهي؛ جڏهن ڪتا هڻي ساڻو ڪري ڪيرائي وجهندس ته زمين تي پئجي رهندو ۽ ماڇي ماڻهو ڏاڍي احتياط سان اتي وڃي سوئر جي پيٽ تي ڏڦو رکندا۽ جسم ۾ کوڙي ڇڏيندس ۽ سوئر ٻاڪاري پويان پساهه کڻندو.

هاٺي ڪتا وٺ ئي نه ڏيندا ۽ اڃا الرون ڪندا رهندا، مگر ماڇي انهن جا خدمتگار آهن، سي هنن کي ڳچيءَ ۾ ٻڌل پٽي ۾ هٿ وجهي بمشڪل هٽائي پري ڪندا ۽ نيئر سندن ڳچين ۾ وجهي هرهڪ جي پٺي ٺپرايندا ۽ انهن کي هڪ خاص انداز ۾ شاباس چوندا ته ڪتن جو گرم رت ٿڌو ٿئي ۽ ڇڪي پري ڪندن ته به ڪيترو وقت نِرا پيا کڻندا ته کين ڇڏيو وڃي ته صفائي ڪن. ماڇي ماڻهن کي ڏڦير به ان ڪري چوندا آهن، جو هو سوئر کي ڏڦو هڻندا آهن.

سوئر مئو ته واهه واهه ٿي ويندي. ڪاريا، اڪالي سک، باگڙي ۽ چهڙا شڪاري ته خوشيءَ ۾ نه پيا ماپندا. جتي به سوئر جي شڪار جو ڏس پين اتي اچي منهن ڪڍندا. هُتان سوئر مئو، هُتان ميڙ ڪن، ان جا ڀاڱا ڀاڱا ڪري کڻي ويندا جو هو سوئر کائيندڙ قومون آهن.

ڪتن سان شڪار بعد هڪ ٻيو شڪار، جنهن کي پنجوڙ جو شڪار چئبو آهي. سو سڀني شڪارن کان عجيب شڪار آهي ۽ ان ۾ وڏي مهارت ۽ استادي گهرجي. جڏهن به ٻيلي ۾ سوئر هجڻ جو يقين ٿيو ته وڏا ماڻهو، ماڇين جي ذريعي پنجوڙون کڻي ٻيلي ۾ پهچي  ويندا. ماڇي سوئر جو پيرکڻي ان جو ٿانِ ڳولي وٺندا. هيءَ شڪار ڍڪئيءَ مهل ڀنڀرڪي جو ٿيندو آهي. ڪندا ڇا آهن جو پنجوڙ، مضبوط مُڃ يا ڪا ٻار جي رسين جي ٺهيل هوندي آهي. اها سوئر جي گهٽن تي وڇائڻ جو سانباهو ڪندا. پنجوڙ هڪ قسم جي رسن جي ڄاري هوندي آهي، جهڙي مهاڻن وٽ مڇين مارڻ لاءِرڇ جي ڄاري هوندي آهي. رڇ جي ڄاري بهرحال درميانه جي هوندي آهي ۽ پنجوڙ جي ڄاري مضبوط رسن جي ٺهيل هوندي آهي.

اوهان کي اها ته خبر آهي ته ٻيلن جا وڻ قطارن ۾ پوکيل هوندا آهن ۽ انهن جي وچ مان عام ماڻهن، مال ۽ ٻين جانورن جي لنگهڻ جا گُهٽَ ۽ پها هوندا آهن.

شڪار جا ماهر سوئر جا لانگها ڇڏيندا آهن ۽ انهن لانگهن کي پنجوڙ سان بند ڪندا آهن ڪم از ڪم تي لنگهه بند ڪرڻ جي ترتيب ڪندا آهن. پنجوڙ لاءِ ٽن ماڻهن جي ضرورت پوندي آهي. هڪ ماڻهو سوئر جي پٺ کان البته پرڀرو مگر تمام خبرداريءَ سان بيهندو آهي، جو هن کي هاڪاريندو آهي ۽ ٻه ماڻهو جنهن پنجوڙ سان ٽي گهٽ بند ڪيا ويندا آهن، تن جي هڪڙو هڪ ڇيڙي تي ۽ ٻيو ٻئي ڇيڙي تي هوشياريءَ سان لِڪَ ڪري بيهندو آهي.

ٻن لنگهن کي ته پنجوڙ جي ڄاريءَ سان گڏ لوڙها هڻي بند ڪري ڇڏيندا آهن. باقي وچ وارو گهاٽ کليل رکندا آهن. وچ واري لانگهي کي جيڪا پنجوڙ ڏنل هوندي آهي، ان جي پوري وچ واري سرڪڻ کي هڪ معمولي ڪاٺي اهڙيءَ طرح ڏيندا آهن، جيئن سرڪڻ ککي بيهي ۽ سوئر کي دونار وجهڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ هو ڀانئي ته اتان لنگهي ويندس. جڏهن تياري مڪمل ٿي ويندي آهي، تڏهين سوئر جي پٺ کان جيڪو ماڇي هوندو سو هڪ عجيب آواز ۾ زور سان چوندو”اِهو“۽ پاسن وارا ماڇي؛ اهو چوڻ سان سوئر کي تڙ ڪندا ۽ سوئر مجبور ٿي وچئين گهٽ مان لنگهڻ جي ڪوشش ڪندو، ڇوته ٻيا به لنگهه وري لوڙهن سان بند هوندا، انڪري جي سوئر انهن لنگهن ڏانهن ويو به کڻي ته وري بي وس ٿي موٽي وچ واري گهٽ مان اچي گهڙندو. بس هن اڃان وچئينءَ سرڪڻ مان دونار ڪڍيو ناهي ته ڪاٺي ڪري پوندي ۽ سرڪڻ ۾ سوگهو ٿي ويندو. پوءِ جيئن هو پاڻ پڇاڙيندو تيئن ويندو لوهه ٿيندو. پنجوڙ سڄي ويڙهجي ويندس. تان جو ڪيڪڙاٽيون ڪندو پئجي رهندو. بس ماڇي فقط ان گهڙيءَ جا منتظر هوندا آهن. جڏهين ڏٺائون ته هاڻي سوگهو آهي ته ڦري ايندس ۽ اچي جيئرو جهليندس. مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته سوئر جا وَڄَ خوفناڪ ٿيندا آهن تنهن ڪري اول ته کيس ڏسي ڪارائيءَ سان سندس وڄ وڍي ڇڏيندا ۽ پوءِ ان کي کڻائي پنهنجي رئيس وٽ آڻيندا ۽ داد حاصل ڪندا.

رئيس جي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس اها خبر وڄ وانگر پکڙجي ويندي ته شڪار جيئرو جاڳندو پنجوڙ ۾ آندو ويو آهي  ۽  هاڻي ان تي ڪتن جي بڇ ٿيندي سو هڪ ملاکڙو لڳي ويندو. هڪ ميدان جي وچ ۾ هڪ مضبوط ڪاٺ جي مُني کوڙي ان ۾ هڪ سخت رسو ٻڌبو آهي ۽ ان جي ٻي پڇاڙي سوئر جي ڳچيءَ ۾ سرڪڻ جي نموني ٺاهي وجهندا آهن، جنهن مان هو ڪنڌ ڪڍي نه سگهي. پوءِ پنجوڙ مان سوئر کي آزاد ڪري سڀ ڀڄي پري ٿي ويندا آهن ۽ سوئر رسي جي ڊيگهه تائين گول چڪر ۾ وٺي ڦرندو ۽ خُرِ خُرِ ڪندو آهي. هاڻي تماشوڏسڻ وٽان هوندو آهي. ماڇي چؤگرد چار ڪتا سوئر کي بڇيندا آهن. هڪڙي تي سوئر حملو ڪري ته ٻيو پٺيان ڦري اچيس، جي ان تي حملو ڪري ته ٽيون چڪي مارين. پستا ڪتا جي پڻ شڪاري ڪتا هوندا آهن سي ته سوئر جي بدن تي چڙهي سوئر جا ڪن ئي پٽيندا آهن. سوئر ٻين جهنگلي مرن وانگر چڪ ته هڻي ڪونه. هو ته وڙهندو آهي پنهنجي دونار ۽ وڄن سان. وڄ ته سندس اڳئي وڍي ڇڏيا آهن. تنهنڪري ڪتن جي زخمي ٿيڻ جو خاص خوف ڪونه هوندو آهي. پر سوئر به سوئرآهي ڏاڍي ويڙهه کائيندو آهي جلدي آڻ ڪونه مڃيندو آهي جيستائين ڦٽجي ساڻو ۽ نستو نه ٿئي. ڪم ازڪم ٻه ڪلاڪ کن هيءَ وٺ پڪڙ جاري هوندي. تماشبينن جي هجوم مان طرحين جون هڪلون ۽ آواز ۽ تاڙين جا ڦهڪا پيا ٻڌبا آهن. آخر جڏهن سوئر رتو ڇاڻ ٿي پئجي رهندو، تڏهين ماڇين کي اجازت ملندي ته هاڻي کيل ختم، هڻوس ڏڦو. ڏڦي هڻڻ کي شڪارين جي زبان ۾ ڪڇ ڪرڻ چوندا آهن. ڏڦو لڳو ته ميڙ  ٽٽو. ڪي تماشبين حلقو لڳائي سوئر کي اچي ڏسندا آهن  ۽ چوندا آهن ته بس سوئر ته مهمائل سوئر آهي. دونار ته ڏسوس، وڄ ته ڏسوس، کر ته ڏسوس وغيره وغيره. اوهان کي خبر هئڻ کپي ته سوئر جا کر مينهن ڳئن وانگر چيريل ٿيندا آهن. ٽنگون ننڍيون ۽ سڄو ماس سان سُڄيل هوندو آهي. پوءِ ته وارو ملندو باگڙين ۽ ٻين کي  جيڪي سوئر منجهان وڃي جاوا ڪندا.

شڪار جي ملوڪن جي واهه واهه ٿي ويندي ۽ اهو امير ماڻهو يا رئيس، جنهن جي حڪم تي شڪار ڪيو ويو هوندو، ان جي به جس پئي ڳائبي ۽ سڀڪو چوندو واهه واهه رئيس جهڙو شڪار جو شوقين نه ٿيو آهي نه ٿيندو، شڪار ڪرائي ته ڀلي اسان جو حاڪم رئيس ڪرائي ٻين جي ڪهڙي مجال هڪ هڪ ڪتو سندس لک ٿو لهي وغيره وغيره.

اسان جي سنڌ ۾ ته سوئر هڪ وڏو خوفناڪ مرون آهي، جنهن جي پري کان ڏسڻ سان ئي اسان جو ساهه سڪي ويندو آهي ۽ هن شڪار لاءِ ڪيترا جتن ڪيا ويندا آهن. پر اوهان کي حيرت وٺي ويندي ته يو-پي يا گڏيل علائقن ۾ سوئر کي ڌاريو ويندو آهي. علي ڳڙهه ۾ جڏهن اسان سوئرن جا ڌڻ ڏٺا جي فقط هڪ ڇوڪرو لٺ کڻي ڪاهي پئي ويو ته ڏند چپن سان لڳي ويا. جيئن هتي ڪو ڌراڙ ٻڪرين جو ڌڻ ڪاهي وڃي، بلڪل اهڙيءَ طرح يو- پيءَ ۾ ڌراڙ ڇوڪرا سوئرن جو ڌڻ وٺي جهنگ ۾ چاري پياري شام جو  پنهنجي ٿاڻن ڏانهن وٺي ويندا آهن. نه ڪوڊپ نه ڪو ڊاءُ اتي هاري سوئرين کي ڏُهن، انهن جو کير ڏهي ڏڌ، مکڻ ٺاهين. مکڻ جوگيهه ڪن ۽ وڏو واپار هلي.

اسان جي سنڌ ۾ به ڪن شوقين خاندانن سوئرن جي پالڻ لاءِ لوڙها ٺاهي ڇڏيا هئا ۽ ننڍاڙ ٻٺر پالي وڏو ڪري پوءِ انهن کي ڪتن جي بڇ واروشڪار ڪري لطف اندوز ٿيندا هئا. هاڻي اها بڇڙي رسم تقريباً ختم ٿي ويئي آهي ڇو ته انهن تي عالمن سڳورن  اعتراض ورتو ۽ لعن طعن ڪيو. اسان جي سنڌ جي مسلمان مومنن سوئر جي شڪل ڏسڻ ۽ خصوصاً ان جو رت ڏسڻ هڪ عظيم گناهه ٿي سمجهيو. باقي شڪار اڃا به جسته جسته ٿئي پيو، مگر اڳوڻو شوق هينئر گهٽبو ٿو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org