تترن جي شڪار جا مکيه هنڌ:
ڪارا تتر پوٺن تي گهٽ ۽ ڍنڍن يا گهاٽين هُڙين ۽
ٻيلن وارن هنڌن تي گهڻا هوندا آهن ۽ ان جي بر عڪس
ڀورا تتر وري پوٺي ۽ خشڪ جهنگل واريءَ ايراضيءَ کي
پسند ڪندا آهن. ڪجهه سال اڳ بدين تعلقي جا ڏکڻ
وارا حصا، سيراڻي، ٻهڊمي، ڪڍڻ، لواري، نندو شهر ۽
ٽنڊي باگي تعلقي جا انهن ڳوٺن ۽ حصن کي ويجهڙائيءَ
وارا علائقا تترن جي شڪارلاءِ موزون هوندا هئا.
خاص طرح ڪڍڻ شهر جي اردگرد وارو خطو سڀني کان وڌيڪ
هو، ڇوته هن جي ڀر ۾ وڏا ٻوٽا، وسيع جهنگل ۽
هُڙيون هونديون هيون، ان کان سواءِ کير ٿر، سيراب
۽ پير جو ڍورو، ولهاري، بڙجو ڍورو، واريءَ جون
ڀٽون ۽ سرسبز ميدان چرانڊ وارو تلاءُ ٻيا اهڙا
قدرتي نظارا گهڻا هئا، جنهن ڪري اتي تترن جو ايڏو
وسيع انداز موجود هو، جو سارو ڏينهن چپي چپي تي
تترن جون تنوارون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، پر ڪن هنڌن
تي، پوڃاڻيءَ ۾ به تتر وڏي زور سان ٻوليندا رهندا
هئا. ٿرپارڪر ضلعي جو پراڻ وارو حصو ته تترن جي
خاص آماجگاهه هو، جتي ٻارهن ئي مهينا شڪاري شڪار
ڪندا رهندا هئا ته به کوٽ ڪانه هوندي هئي،
بدقسمتيءَ سان محمد ايوب خان پنهنجي دوُر ۾ هن
شڪار تي اهڙيءَ طرح بندش نازل ڪئي. جو غريبن لاءِ
شڪار جا دروازا بند ڪري، اميرن جي موجن وٺڻ جو
انتظام ڪيو ويو ته رب پاڪ جي قدرت غيض وغضب ۾ اچي،
سال1963ع ۾ 1964ع واري طوفي برسات نازل ڪئي، جنهن
جي سخت شدت سبب گهڻي انداز ۾ تتر مري ويا باقي
رهيل تترن کي. 1970ع واري برسات، جا لاڳيتو ٽي-
چار روز هلي، تنهن پورو ڪري ڇڏيو. آئي پائي جيڪي
ڪي چند داڻا بچيا هئا اهي وڏن ماڻهن ۽ ڪامورن جي
شڪارين ماري ختم ڪري ڇڏيا. جن شڪارين کان گيم
وارڊن وارا منٿليون وٺندا رهندا هئا ۽ جن ملڪ جي
ستياناس ڪري ڇڏي. اهڙا شڪاري هاڻ ٿر ضلعي جي ڏيپلي
تعلقي اندر وڃي شڪار ڪري، تتر جهلي ايندا آهن ۽
وڏن سرمائيدارن کي ڏيندا آهن، جن جي طفيل کين شڪار
عام آزادي هوندي آهي. اهي شاهوڪار ماڻهو کوکن جي
ڄاري، لوهه لڳل پڃرن ۾ اهڙا پڪڙيل تتر بند ڪري
رکندا آهن ۽ ضرورت پاڻ کائيندا آهن. باقي وچولن
طبقن جي سفيد پوش ماڻهن کي ڪنهن بيماريءَ (اڌرنگ)
وغيره جي علاج جي لاءِ به تترن جو ملڻ دشوار هوندو
آهي. گهڻين منٿن ۽ زور بار بعد کين هڪ – ٻه تتر
وڏي انتظار بعد ملندا آهن، جنهن جي قيمت ڪارو تتر
ڪم از ڪم ٽي رپيا ۽ ڀورو تتر ٻه رپيا ننگ ادا ڪرڻو
پوندو آهي، باقي غريب ماڻهو تتر کائي، اها ناشدني
آهي. رڳو تتر جو نالو وٺڻ به غريب لاءِ گناهه
برابر آهي. لاڙ خطي ۾ لکين ڪروڙين تعداد ۾ تتر
هوندا هئا، اتي هينئر ڀوري تتر جي ته ٻولي ڪٿي
اتفاق سان ٻڌڻ ۾ ايندي آهي نه ته اصل خير لڳو پيو
آهي. البت ڪاري تتر جي ڪڏهن ڪڏهن ٻولي ٻڌڻ ۾ ايندي
آهي، جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته ڀورو تتر ولر ڪري
رهندو آهي، جنهن ڪري ماري هنن کي پڪڙي ختم ڪري
ڇڏيو آهي، پر ڪارو تتر لڳ وقت شڪار ڪري نه سگهبو
آهي، هو لڳ کان پوءِ ويڙهه لاءِ اڪيلو ايندو آهي،
جنهن کي شڪاري ڦاسائيندا آهن، مگر انهن جو ماديون
سلامت رهنديون آهن ۽ اتي ئي آرام ڪري ٻچا
ڦوڙينديون آهن، جن مان جيڪي نر پيدا ٿيندا آهن،
اهي جوان ٿي ٻوليندا آهن ۽ نئين سر لڳ ڪري پنهنجو
نسل باقي پويان ڇڏيندا آهن ۽ پاڻ شڪارين جي ڦندي ۾
اچي موت جي حوالي ٿي ويندا آهن، سندن جوانيءَ جي
مؤج فقط چند مهينا هوندي آهي. شڪار تي بندش پوڻ
کان اڳ اتي ڏهن سالن وارا کڙپيل يعني پوڙها تتر
عام جام هوندا هئا. مگر هن وقت اهڙو حال آهي جو
رهي نام الله جو.
(2)
هرڻن جو شڪار
الله تبارڪ و تعاليٰ جي قدرت تان قربان وڃان. ٿر
جهڙي ريگستان ۾ اهي اُهي دلڪشيون ۽ دلربائيون پيدا
ڪيون اٿس، جن جو هڪ هڪ ڪري بيان ڪجي ته هزار ها
صفحن تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب ٺهي پوي. ٿر جا نظارا
هڪ هڪ منهنجي ذهن ۽ اکين اڳيان آهن. نه وسريا اٿم
نه وسرندا. سال 1935ع کان سال 1950ع (لڳاتار)
تائين پندرهن سال ٿر سان واسطو رهيو اٿم ۽ ان جي
ڀٽ ڀٽ ۽ ڳوٺ ڳوٺ ڏٺو اٿم. ان جون نسون، ترايون،
مڙها، ڏهر، تڙ، ويريون هڪ هڪ ڪري عبرت جون اکيون
کولي ڏٺيون ۽ جاچيون اٿم. ٿر جو ڪلو (ڪنٺو)
مهراڻو، ڍٽ، پارڪر ڇاڇرائي، سامروٽي سڀ منهنجي دل
تي اُڪريل آهن. وسڪاري جا وقت ۽ اُوسر جا زمانا به
ڏٺا اٿم. ٿر جا گس، گاهه، مال جو مستانه وار،
هونگارون ۽ هڪلون ڪنن سان ٻڌيون اٿم، جن جا آواز
اڃا منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن. مارن جا جهوپا،
جهوپڙيون، لانڍيون، چوڪيون ۽ چؤنرا دماغ ۾ هر وقت
ڦرندارهن ٿا. لکڻ ويٺو آهيان ته دل ڀرجي اچي ٿي.
اکيون پاڻيءَ سان پرنم ٿي وڃن ٿيون، ڀانيان ته
اڏامي وڃي ٿر جي ڀٽن کي پوسان، مگر ڪاش يا ته آءُ
اهو هوس، اهو سخت جان عرساڻي هوس جو ڏهه ڪلاڪ اُٺ
جي پٺيءَ تي سواري ڪندو هوس، ۽ روزانه چوويهه ميل
اُٺ جي سواري منهنجو معمول هئي ۽ اڄ جسماني صعف هن
منزل تي پهچايو آهي. جو گهر جي چاڙهيءَ جي چند
ڏاڪن چڙهڻ سان به وٺيو سهڪ وٺيو وڃي. نظر موڪلائي
ويئي آهي ۽ پڙهڻ کان عاجز ٿي چڪو آهيان. رب العزت
مون کي صالح اولاد ۽ رزق وافر سان نوازيو آهي.
ڪنهن جو محتاج نه ڪيو اٿس. البته صحت جي گرانبها
چيز کان نرهه آهيان. ڄمار
67
سالن کي پهچي چڪي آهي ۽ بزرگن جي دعا ماري
رکيوآهي!
مصيبت اور طول زندگاني- بزرگون ڪي دعا ني مارڊالا.
مٿان چند لفظ جذبات جي وهه ۾ وهي لکي ويٺو آهيان،
ورنه اهو لکڻ مقصود نه هو. مقصد هو هرڻ جي شڪار
بابت، ناظرين ڪرام کي ڪجهه معلومات ڏيڻ. قادر
ڪارساز جي قدرت اپار آهي. ٿر جي بيابان ۾ سهڻي ۾
سهڻو پکي ۽ سهڻي ۾ سهڻو جانور بڪثرت پيدا ڪيو اٿس.
يعني هرڻ ۽ مور. ٿر وڃڻ بعد انهن جا ولر ٿر جي
ريگستان ۾ ڏسي حيرت وٺي ويئي: ٿر جا باغ ته کٻڙ،
ڪنڊا ۽ ڪونڀٽ، ٽوهه ۽ ڪانڪهه هوندا هئا. مون
پنهنجي ”سير ريگستان“ ۾ ان بابت ذڪر ڪيو آهي،
تنهنڪري هن مضمون ۾ ان لاءِ گنجائش نه آهي. ورنه
طوالت جو باعث ٿيندو ۽ مان هر ڳالهه کي مختصر ڪرڻ
گهران ٿو.
هرڻ جي شڪاري بابت هيٺ ذڪر ڪيل معلومات مون کي
پنهنجي محترم دوست مسٽر محمد قاسم صاحب ميمڻ ساڪن
ڏيپلي جي صحبت مان نصيب ٿي. هيءُ منهنجو پيارو
دوست اول ته ڏيپلي پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو
۽ بعد ۾ پنهنجي لياقت ۽ قابليت جي طفيل اسسٽنٽ
ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ مون سان ڏيپلي
تعلقي جي گشت ۾ اڪثر اسڪولن جي امتحانن لاءِ همسفر
هوندو هو. سندس حسين چهري ۽ ان سان گڏ سهڻي سيرت
منهنجي دل ۾ سندس لاءِ برادرانه شفقت ۽ محبت واري
جاءِ پيدا ڪري ورتي هئي. سندس کلڻ ڳالهائڻ دلپذير
هوندو هو ۽ رعبدار شخصيت هوندي به نياز ۽ نمرتا
منجهس مدرجهء اثم موجود هئي. جوبه ساڻس هڪ دفعو
ڪچهري ڪندو هو، ان کي پنهنجي محبوبا نه گڻن سان
موهي وجهندو هو. مان کيس ڪڏهن به زيردست نه
سمجهيو، مگر هن کي عزيز ڀاءُ ڄاڻندو هوس. هينئر هن
صاحب به رٽائر ڪيو آهي. سندس طبع مون وانگر ئي
عليل رهي ٿي. دعا آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ سندس
عيال ۾ برڪت وجهي ۽ کيس صحت سالم عطا فرمائي.
آمين.
شڪار ڪرڻ:
هرڻ ڪنهن نه ڏٺو هوندو! هيءُ جانور ٻاڪري مال جي
دفعي مان اوڳاريندڙ جهنگلي پُسون آهي. سندس قد
رنگ، شڪل، شباهت، ٻڪرين وانگر جدا جدا طبعي ڀاڱن
مطابق ٿيندي آهي. بَريون ٻڪريون اڪثر هرڻين جهڙيون
ڏسڻ ۾ اينديون آهن. جابلو ڀاڱي ۾ سرهه ۽ گڊ،
ميداني ڀاڱي ۾ ڦاڙهو، ڪاريهر ۽ سامبر، رڻ پٽن ۾
پوڄانت ۽ کرکو، ٿر ۾ ڪرڙيو، سڀ هرڻن جا قسم آهن.
پر ٿر جي هرڻ جي سونهن سڀ کان وڌيڪ آهي. سدا واکاڻ
جڳائي، جنهن چوپاين جانورن ۾ هن هلڪڙي، جيتامڙي
پسونءَ کي جا سونهن بخشي آهي. تنهن جي ڪهڙي واکاڻ
ڪجي؟ هڪوار ڏسڻ سان ئي من موهجيو وڃي. ڀانءِ ته
سدا پيو ڏسانس. سندس هر عضوو سونهن جو سرچشمو ڏسڻ
۾ ايندو. هلڪڙو جسم، هلڪو ريحائون پيٽ، هلڪو ڀورو
ڳاڙهو رنگ، ڊگها سنها سنها سڱ، نهايت سهڻو مهانڊو،
ننڍا ڪن، وڏيون گول ڪاريون ۽ نهايت حسين اکيون،
جنهن تان شاعرن عوت جي سهڻين اکين کي ”مرگهه نيڻ“
سڏيو آهي. هرڻ کي مرگهه ۽ آهو به سڏيو ويندو آهي.
هَنسي ڳچي، ننڍڙو پڇ، سنها ننڍڙا هلڪڙا مخملي وار،
نهايت ڊگهيون مضبوط کڙيون ۽ تڙيون ۽ چست ڄنگهون،
ننڍا کُرَ ۽ بلڪل چست بدن، ڪنن جو سرلو، ڇال تي
ڇال هڻندو ايئن ڀڄندو آهي، ڄڻ ته زمين تي پير
رکيئي ڪو نه ٿو، اک چنڀ ۾ هوا سان ڳالهيون ڪندو
نظر کان الوپ ٿيو وڃي.
انگريزن جي زماني ۾ مشڪل سان ڪنهن امير کي بندوق
جو پروانو هوندو هو، تنهن ڪري هرڻن جو شڪار به
نالي ماتر ٿيندو هو. برسات جي بوندا باري ۽ سانوڻ
۾ ٿر ۾ چپي چپي تي هڪ، ٻه، پنج، ڏهه، پندرنهن هرڻن
جا ٽولا جهنگل ۾ ڇيڪ سائو گاهه چرندا ڏسبا هئا ۽
دل کي راحت ۽ اکين کي سرور بخشيندا هئا. هرڻ، ٿر
جي بي بها سونهن هو، هر ڳوٺڙي جي پريان سوين
هزارين مور پکين جي چونگار پيئي پوندي هئي، ڄڻ ته
بهشت آهي. انهن جي سونهن ڳوٺاڻن خواهه سياحن جي دل
بهلائڻ لاءِ پنهنجو مثال پاڻ هئي، نهايت افسوس جي
ڳالهه آهي ته پاڪستان ٿيڻ بعد بچاءَ جي بندوق جي
پرواني عام ٿيڻ سان هرڻ ۽ مور بندوقن چونڊي ڇڏيا ۽
ٿر جي سونهن هلي ويئي، وري به جيڪڏهن هرڻن ۽ مورن
جي شڪار تي ڪا سخت بندش پوي ته ساڳي سونهن ٿر کي
موٽي ملي.
هاڻي اچون ٿا ته شڪار تي، مروان موت ملوڪان شڪار،
شڪار جو حرص، خبط، چوس ۽ شوق انسان کي نهايت بيدرد
بنايو ڇڏي ۽ شڪار جو مرض به اهڙي بري بلا آهي،
جهڙو نشو، جو نيٺ شڪارين کي علتي ۽ عادتي بنايو
ڇڏي، شڪار هٿ آين ته ايڏي خوشي ٿيندين ڄڻ ته جاگير
نصيب ٿين. شڪار پٺيان اُڃ، بک، ڏک ۽ ٿڪ جي پرواه
ئي نه ڪندا آهن. دستور آهي ته جهڙو ملڪ جو طبعي
ڀاڱو، تهڙي نموني شڪار جو حربو، جبل ۾ گهاٽ گهيڙ ۽
کڏڻا ٺاهي، لِڪَ ڪري هرڻن جو شڪار ڪن. پر ٿر ۾
شڪار جا ڪيترائي نمونا بنايا ويا آهن.
1-
پيري کڻڻ سان شڪار:
ٿر جو پٽ وارياسو آهي، جنهن ۾ پيرن جو نشان هميشه
چِٽو پڌرو ٿئي ٿو. ماڻهو اڪثر چوپايو مال چاريندڙ
آهن ۽ گم ٿيل مال جو پيرو کڻي وڃي جانور هٿ ڪندا
آهن ان ڪم ۾ اڪثر هرڪو ماهر آهي. ٿر جا پکي مشهور
آهن، جن تي هڪ جدا مضمون جي ضرورت ٿيندي. شڪاريءَ
کي جهنگ گهمندي هرڻ جو تازو پيرو نظر آيو ته هرڻ
کي ڳولڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندو. وڻن جي اوٽ ۾ لِڪندو،
گوڏن ۽ ٺونٺين ڀر گسڪندو، هرڻ جي نظر کان بچندي
وڃي نشان جيتري فاصلي تان فائر ڪندو. هرڻ ڪڏهن
ڪڏهن پنهنجي ويهڻ جي پاٿاري، وارياسي پڌر تي ڪندا
آهن، جا شڪاري اڳواٽ جانچي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ پير
کڻي وڃي اتي پهچندا آهن. هن طريقي کي پيرو کڻي
شڪار ڪرڻ سڏيو ويندو آهي.
2-
گرگ جو شڪار:
گرگ جي شڪار جا شڪاري ڇا ڪندا آهن جو هڪ ٻيلهانگي
يا ٻيڙنگي ڪاُٺي هٿ ۾ کڻندا آهن، جنهن کي اُٺ جي
ناڪيلي ڀرسان جهليندا آهن ۽ ناڪيلي واري اُٺ جي
مهار ان ۾ ويڙهي ڇڏيندا آهن، تان ته اُٺ کي پنهنجي
مرضيءَ موجب جنهن طرف يا جنهن ڏس ۾ کيس ورائو پوي
ته کيس موڙي سگهجي ۽ پوءِ شڪاري اُٺ ۾ لِڪَ ڪندا
هلندا آهن. اهڙي اُٺ کي گرگ چوندا آهن. هرڻ ويچارو
انسان کان ته ڪوهين وري ڀڄي ويندو آهي، پر ٻئي
چوپائي مال کان هرگز نه ٽهندو آهي. تنهنڪري شڪاري
جتي هرڻ ڏسڻ ته اُٺ کي گرگ بنائي پاڻ هرڻ جي
مخالفت سمت، اُٺ ۾ لِڪَ ڪري ساڻس قدم ملائيندا پاڻ
لِڪَ ڪندا هرڻ جي نظر کان بچندا رهندا آهن.
ويچارڙو ڀورڙو هرڻ اُٺ کي اڪيلو سمجهي چرڻ ۾ مشغول
رهندو آهي. اوچتو اُٺ جي پوين ڄنگهن سان قدم ملائڻ
وارو توبچي غريب هرڻ کي گوليءَ جو نشانو ڪري
ڇڏيندو. ازانسواءِ اُٺ جي مٿان به ٽپڙڻ ۾ ويڙهجي
سمهي شڪار ڪندا آهن. هن طريقي کي گرگ جو شڪار
ڪوٺيو ويندو آهي. اُٺ اوڳو جانور آهي ۽ بندوق جي
ٺڪاءُ تي هرگز نه ٽهندو آهي. فقط ڪن کَڙا هڪري
هيڏي هوڏي نهاريندو رهندو آهي.
3.
اوچتو شڪار:
اوچتو هرڻ ڏسڻ ۾ اچي ۽ هرڻ به ماڻهوءَ کي ڏسي وجهي
ته جهٽ ڇلانگ ماري وٺي ڀڄندو آهي ۽ نظر کان غائب
ٿي ويندو آهي. پر هيءُ جانور تمام ڀورڙو آهي ۽ هڪ
ٽپ ٽپي يا سڏ پنڌ ڊوڙي پوئتي ڏسندو ته ماڻهو نظر
ڪو نه ٿو اچي ته ڳالهه وساري چرڻ کي لڳي ويندو
آهي. شڪاري به هرڻ جي نظر بچائي لڪندو ڇپندو اچي
پهچندس ۽ ويچاري کي فائر جو نشانو بنائيندو آهي.
چون ٿا ته هرڻ کي ڀڄي وڃڻ بعد اها پوئتي ڏسڻ جي
عادت نه هجي ته پوءِ کيس ڪڏهن به ڪو شڪاري هوند
نشانو بنائي نه سگهي.
4.
رڻ ۽ ٿر جي گس جو شڪار:
جتي ٿر ۽ رڻ پاڻ ۾ اچي ملن ٿا، اتان جا هرڻ صبح
ساجهر ماڻهن جي خوف کان يا پنهجي روزانه معمول
موجب رڻ ۾ هليا ويند آهن. سڄو ڏينهن رڻ جي سڌي ۽
بنان وڻڪار ٻُٽي ميدان تي پَن ٻوٽا چوندا وتندا
آهن. سج لٿي مهل درنده جانورن کان يا سيءَ کان
بچاءَ خاطر يا ٻچا ڄڻڻ خاطر ۽ انهن جي سلامتيءَ
واسطي رات جو ٿر جي ڀٽن ۾ هليا ويندا آهن ۽ پنهنجي
رهائش واري جاءِ يعني پوکارئي، پٽن جي ڏرڙن، غارن
۽ وڻن جي جهڳٽن ۾ وڃيو آرام ڪن جي جايون سندن لاءِ
هميشه جو پوکاريو آستانو يا گهر هونديون آهن
شڪاري رڻ ڏانهن لهندڙ گس، گهيڙ ۽ گهاٽ وڃي
جاچيندا آهن، جتان کين هرڻن جا پيرا رڻ ڏانهن
ويندڙ نظر ايندا آهن. جڏهن خاطري ٿيندين ته سج لٿي
مهل رڻ مان هرڻ واپس موٽندا ۽ انهن لنگهن تان
لانگهائو ٿيندا ته پوءِ اهڙن لانگهن تي يا سج لٿي
يا صبح جو ڀنڀرڪي ۾ زمين تي کڏون يا کڏڻا يا مورچا
بنائي يا وڻن ۾ لِڪي وڃي ويهندا آهن يا پيٽ ڀر
سمهي پوندا آهن. اڃا ويچارا هرڻ ويجها اچن ته
گوليءَ جو نشانو ٿيو وڃن. هڪڙو ڪِريو ته ويچارا
ٻيا ڀورڙا هرڻ منجهي پوندا آهن. ڪجهه ڊپ به ٿيندن
۽ ٽاهه به کائيندا ۽ ڪِري پيل هرڻ جي دانهن تي
ڏانهس همدرديءَ مان موٽي ايندا؛ جنهن جو نتيجو اهو
نڪرندو جو ٻه_ ٽي ٻيا به اجل جو شڪار ٿيندا، ان
بعد هراسجي ڀڄي ويندا آهن.
5.
جيپ سان شڪار:
اڄڪلهه اميرن ۽ آفيسرن جو شڪار جيپ جي ذريعي ٿيندو
آهي. رڻ جي سڌي ميدان ۾ هرڻن پٺيان تيز جيپ کڻي
ڇڏيندا آهن ۽ نيٺ ويچارو ساهه وارو جانور ٿڪجيو
پوي ۽ جيپ ويجهو پهچيو وڃي ۽ هرڻن تي گولين جو
وسڪارو لايو ڏين. هرڻن جي ڇالن جو نظارو هن شڪار ۾
عجيب منظر لائي ڇڏيندو آهي. هرڻ ويچارا ايڏا ته
وڏا ڇال ماريندا آهن جو انگشت بدندان اچي ويندي
آهي. هرڻن جي اها ڊوڙ فقط ان ڪري ممڪن ٿي سگهي ٿي
جو هيءُ جانور پاڻي نه پيئندو آهي، سو به جڏهن
وسڪارو ٿئي ۽ ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي وڃن تڏهن رات
جو لِڪي لِڪي تراين جي تَڙن تي ايندو آهي نه ته
ٻيو ٿيو خير، پاڻي نه پيئڻ ڪري ئي هيءُ جانور
ايترو ڊوڙي ۽ ڇال ڏيئي سگهي ٿو. پاڻي پيئندڙ جانور
ائين ڪري نه سگهندو ۽ جلد ٿڪجي ڪِري پوندو. ڪڏهن
ڪڏهن ڪي پيٽ سان (حامله) هرڻيون ويچاريون هن ظلم
جو شڪار ٿينديون آهن. انهن کي جڏهن پيٽ ۾ پيل ٻچي
سوڌي گولي لڳندي آهي، تڏهن جيڪا هوءَ ٻاڪار ڪندي
آهي. ان جي ٻڌڻ سان هڪ انسان جا وار ئي ڪانڊارجي
ويندا آهن، مگر ظالم شڪاري اها ٻاڪار ٻڌي ٽهڪڙي ۾
پئجي يوندا آهن.
هنن سڀني شڪارن جو مون معائنو ڪيو آهي. سال 1936ع
۾ مون به شڪار جو شوق دل ۾ ڌاري بندوق جو ليسن
ورتو هو. مگر پهريون ئي دفعو جڏهن رڻ جوشڪار ڏٺم
ته توبهه تائب ٿي ويس ۽ بندوق فقط لٺ وانگر سانڍيو
رکيو ويٺو هوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ڏيپلي جو ستارو
ميمڻ مون کان بندوق گهرندو هو، جنهن کي ڪارتوس به
ڏيندو هوس ۽ هو شڪار ڪري ايندو هو. ورنه ڏيپلي ۾
هرڻ جو پنڊو هڪ_ ٻن رپين ۾ ملي ويندو هو، ۽
پچارائي کائيندو هوس. ستارو ميمڻ هڪ هوشيار پيرڙيو
شڪاري هو ۽ عام طرح آفيسر آفيسر کيس پنهنجي بندوق
۽ ڪارتوس ڏيندا هئا ته هو ڍَڪيءَ جو سوير ويندو هو
۽ شام جو وڏي سج ضرور ڪونه ڪو هرڻ شڪار ڪري ايندو
هو، هرڻن ويچارن جا سهڻا سڱ مُنهن جي هڏن سوڌا
اميرن جي بنگلن جي ديوارين جي آرائش هڪ طرف ٿيندا
ته ٻئي طرف هرڻ جي کلن مان نرم بوٽ، نماز جا
مصليٰ، فراسيون، نتون (فطعون) ۽ زير گاديون ٺاهيون
وينديون هيون.
هن کان اڳ سنڌ جي جانورن ۽ پکين جي شڪار تي مضامين
لکيا اٿم. دل چوي ٿي ته ڦاڙهن، تلورن ۽ گوڙامڻن،
سهن ۽ سيهڙن جي شڪار بابت لکان، جي شڪار اکئين ڏٺا
اٿم. انهن کان سواءِ شينهن جي شڪار ۽ هاٿين جي
ڦاسائڻ بابت جيڪي حقيقتون مرحوم عثمان علي
انصاريءَ جي زباني ٻڌيون اٿم، انهن کي قلمبند ڪرڻ
سان به منهنجي نظر ۾ ناظرين ڪرام کي ڪافي معلوم
حاصل ٿيندي. _ وما توفيق الابالله. |