ستت نيرن ٿي، حقا ٺاهي وزم ڪيوسين ۽ پوءِ اسان
پنهنجو سفر وري شروع ڪيو. اڌ ڪلاڪ کن اندر اچي
”هرڻ-شڪارگاهه “ وٽ پهتاسين.
”او اجهي باشاه!“ امير هڪ لوٽي ڏانهن اشارو ڪيو،
جا شڪارگاهه جي ڀت جي وٽ ويٺي هئي: ”اواجهي
بادشاهه پر هي بدمعاش خدمتگار اتي ڇو ويٺا آهن؟“
سبب ستت معلوم ٿي ويو، هنن هڪ سهو تاڙيو هو ۽
ارادو هئن ته شڪار جي شروعات اتان ڪن، اسان گهوڙن
تان لٿانسين. امير ۽ مون بازدارن کان باشن جو جوڙو
وٺي، انهن جي اکين تان ڍڪ لاهي، پنهنجي ڪراين تي
وهاريو. پوءِ اسان ٿورو اڳتي وڌي، ”هڪ-هٿ“ سهي تي
ڇڏيو. بازن واهه جو تماشو ڏيکاريو. جيئن ته ايڏي
ساگهه نه هئڻ جو هڪ ئي لاماري سان سهي کي بيهاري
سگهن، تنهنڪري ٻنهي واري سان پنهنجي شڪار جي پٺيءَ
کي چنبن سان به پئي ڦٽيو ۽ ساڳئي وقت ان کي
منجهائڻ لاءِ ذري اڳيان ۽ ذري پويان لامارا پئي
ڏنائون. اهو ڏسي سڀ بلوچ ٽڙيا پئي ۽ دانهون پئي
ڪيائون؛ ”شاباش ننڍڙا! شاباش وڏا!“
پنجاهي کن قدمن جي ڊوڙ بعد ڊڄڻو شڪار سست ٿي پيو ۽
هيٺ زمين تي ڪري، کينهوڙي وانگر ليٽيندو ويو.
”جيئرو جهليوس! جيئرو جهليوس!“ امير اسان جي پويان
واڪو ڪيو.
جيڪو خدمتگار سهي کي ويجهو وڃي پڳو هو، تنهن سهي
کي ڄنگهه کان جهليو . بازدارن پکي وڃي ورتا ۽ انهن
دستور موجب ”چڪ“ ڏنائون.
سهي کي هڪ خالي خرجين ۾ وجهي، اسان شڪارگاهه ڏي
وڌياسين. ستت اچي هڪ مشهور تلاءُ وٽ پهتاسين.
بازدار اتي اسان کي بيهاري پاڻ جنگ جي معاملي
وانگر رٿ تيار ڪرڻ لڳا ته شڪار تي حملو ڪيئن ڪجي.
اسان جي سامهون بي انت شڪار هو! سچ پچ شڪار جي
شوقينن جي لاءِ دل وٽان نظارو هو. پاڻي جو نيرو
تهه، جنهن تي ڪٿي ڪٿي سينور جا ساوا پيا هئا، ذري
گهٽ سڄو ئي پکين سان ڍڪيو پيو هو. ڍنڍ جي ڪپن سان
مرغابين جا ولر هئا، بدڪون قطار ڪري پئي تريون،
پرڀروقاز هئا، سارس پکي جوڙا جوڙا ڪري بيٺا هئا!
الائي ته ڪيترا ڀانت ڀانت جا پکي هئا!
باز پاڻي جي مٿان پکين تي حملو ڪرڻ پسند نٿو ڪري،
پر جڏهن تلاءَ جي رهواسين مٿي هوا ۾ باز کي
اڏامندي ڏٺو ته منهجانئن ڪي چٽيون ڪري، قطار ٺاهي،
ٻئي تلاءَ ڏانهن اڏاڻا.
انهن جي پٺ وٺڻ سان هڪ باشو ضايع ٿئي ها. ٻيا پکي
وري تلاءَ جي چوڌاري ڦرڻ لڳا ۽ ان کان ٻاهر اصل نه
نڪتا. ڪي اجل جي سامهون آيا ۽ گهڙيءَ کن ۾ ڍير ٿي
پيا. اسان انهن کي گڏ ڪرڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کن وڃايو.
ان کان پوءِ اسان اڳتي هلياسين. اوچتو اسان جي
بازدار جي اک وڃي هڪ عقاب تي پئي، جو گهڻو مٿي هوا
۾ پئي اڏاميو ارادو اهو هئس ته هڪ باشو شڪار ڪري.
جيئن اسان هڪ تلاءُ کان ٻئي تلاءَ ڏانهن پئي
وياسين ته عقاب به اسان جي پٺ وٺيو پئي آيو.
بازدار ان کي پٽون ۽ پاراتا پئي ڏنا پر عقاب برابر
مٿان پئي اڏاميو ۽ لاچار هر دفعي اسان کي اهو هنڌ
ڇڏڻو پئي ٿيو.
بهرحال، اسان کي شڪار ۾ ناڪاميابيءَ جي شڪايت نه
هئي، ڇو ته شڪار گاهه جي ٻاهران گهڻائي ڪارا تتر
جهت مان ڀڙڪا ڏيئي ٻاهر نڪتا. ستت اسان ڏهاڪو کن
تتر ماريا، تتر جي شڪار ۾ باشو شڪري کان زيادهه
ڪمائتو پکي آهي، باشو وڌيڪ تيز ، ڦڙت ۽ سگهو آهي.
واپس ايندي اسان هڪ ٻئي واقعي جو مزو ڏٺو.
امير پنهنجي باشن بابت ڏاڍي ٻٽاڪ هڻندو هو. چي
”منهنجا باشا سڄيءَ بادشاهي ۾ اول نمبر بازدار جا
پاليل آهن، پر هن ڀيري اسان جيڪي ڪجهه ڏٺو، ان مان
سندس باشن جي تعريف ته جائز نٿي نظر آئي. مان
ڀانيان ٿو ته کيس به ان ڳالهه جو احساس پئي ٿيو،
ڇو ته واپسيءَ وقت هو خاموش هو ۽ کانئس نه رڳو کل
ڀوڳ وسري ويو هو، پر سڄي هڪ ڪلاڪ جي مسافريءَ ۾ هڪ
دفعو به ڪاڪومل ”ڪتي جو پٽ“ ڪونه ڪوٺيائين.
ستت کيس نااميدي جي اوندهه ۾ روشني جو هڪ ترورو
نظر آيو. هو گهوڙي تان لٿو ۽ هڪ خدمتگار جي حوالي
ڪري وڏي بازدار وٽ ويو ۽ کانئس دل گهريون باشو
ورتائين. باشي جي اکين تان ڍڪ لاهي، بازدارن کي
چيائين ته ٻيا چار باشا تيار جهلي بيهو. اسان کي
سندس ارادي جو پتو پوي ئي پوي تنهن کان اڳ پنهنجو
باشو مٿي هوا ۾ اڏامندڙ هڪ سرڻ ڏانهن اڏايائين.
باشو ترت وڃي سرڻ کي سڻايو پيو. سرڻ به مقابلي
لاءِ تيار ٿي . امير ٻيو باشو اڏايو جو به ستت وڃي
سرڻ کي ساڻائو پيو. اتي سرڻ ٻه دشمن ڏسي خوف مان
چيٽيون ڪيون ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين. سندس توجهه
ٻنهي باشن ڏانهن هو، جن ذري ذري سندس مٿان لامارا
ڏيئي کيس اهو احساس پئي ڏياريو ته خطرو ويجهو آهي.
اوڏيءَ مهل مون اميرکي چيو ته باشن جي مدد لاءِ
لغڙ موڪل، پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽
چيائين ته منهنجا باشا ڪم ڏيکاريندا. تنهن وچ ۾
ٽيون باشو ڇڏيو ويو. هوڏانهن سرڻ ٻن باشن جي وچ ۾
اڳيئي موڳي ٿي پئي هئي.
هڪ باشو تمام سوڙهو پئي پيس، جنهن سان بهادريءَ
سان پئي وڙهي، ڌڪ جي عيوضي ڌڪ هنيائين. سندس مثال
ائين هو، جيئن ڪا ٻلي ڇتي ٿي ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي ڦاسي،
پر سندس همت گهڻو جٽاءُ نه ڪيو، ڇو ته ٽيون باشو
موقعو وٺي سندس پٺيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ فوراً ان کان
پوءِ ٻئي باشي سندس مٿي ۾ پنهنجا چنبا کڻي کوڙيا.
پوءِ ته ٽيئي هوا مان ڦٿڪندا سڌو اچي امير جي پيرن
وٽ ڪريا! بازدارن مان هڪڙي ڄڻي بدنصيب سرڻ جي ڳچي
وٽ هڻي کيس ماري ڇڏيو.
باشن جي بهادريءَ تي ابراهيم خان خوشي ۾ ٽڙڻ لڳو.
سندس چهري تي مشڪ هئي، ۽ مون جاچي ڏٺو ته جيئن
اسان وري گهوڙن تي سوار ٿياسين ته هو منهنجي
انهيءَ خيال تي ڪيترائي دفعا ٽوڪ طور کليو ته سندس
باشا اهڙا ڪي تمام اعليٰ درجي جا پکي نه هئا.
خيرو جو بيوقتو خاتمو:
اسان- يعني، منهنجو دوست ابراهيم خان ٽالپر،
پنهنجي پيشڪار ڪاڪومل سان، ۽ مان، هريچند سان،
امير جي ڳوٺ ۾، نم جي وڻن هيٺان نيٽ جون ڪرسيون
وجهي ويٺا هئاسين. شام جي مهل هئي. اسان سڄو ڏينهن
پوسل واري جهنگ ۾ هل هلان ۾ گذاريو هو. اسان جي
پٺيان منهنجي مڏي هئي. جا هڪ ٻن تنبن تي مشتمل
هئي. گهوڙن تان سنج لٿل هئا، اٺ هشيا ويٺا هئا ۽
ائين ٿي لڳو ته ڄڻ پنهنجن ڏکن سورن تي ويچار ڪري
رهيا هئا: پرڀرو سنڌي، افغان ۽ بروهي ٽوليون ٺاهيو
ويٺا هئا، منجهانئين ڪي شڪار کي تڙڻ لاءِ هئا،
ته ڪي گهوڙو ۽ اٺن ڪاهڻ لاءِ هئا. انهن مڙني ۾
منهنجو پورچوگيز بورچي ائنٽونيو وڏي ڏک ڏئي بيٺو
هو، اسان جي سامهون، امير جا خدمتگار اڌ گول ٺاهي
ويٺا هئا.
هنن تماڪ به پئي ڇڪيو ۽ پاڻ ۾ گفتگو به پئي ڪئي، ۽
ساڳئي وقت اسان جي چپن مان موتين وانگر نڪرندڙ
سياڻپ جا اکر ايتري ڌيان سان ويٺي ٻڌائون، جيتري
ڌيان سان انگريزي عدالت ۾ وهندڙ امينن جي ٽولي موت
۽ حياتيءَ جي معاملن تي غور ڪندي آهي.
اها مهل سنڌ ۾ ڊسمبر جي مهيني جي هڪ وڻندڙ شام
هئي، ۽ ان جي ڪيفيت انگلينڊ ۾ مئي مهيني ۾ ڏينهن
جي پڇاڙيءَ واريءَ مهل جهڙي هئي. اولهه طرف آسمان
۾ گلابي رنگت تي مائل لالاڻ پکڙجي رهي هئي، هلڪي
ٿڌڙي هير پئي لڳي. افق تي هلڪو ڌنڌ پکڙجڻ لڳو،
جنهن جي اڳيان واڱڻائي روشنيءَ ۽ ڳاڙهسريءَ ڇانو
جا اهڙا ته وڻندڙ پردا هئا جو انهن تي نظر ڄمائي
وهڻ ۾ لطف پئي آيو. ٿوري ۾ ائين چئجي ته اسان جي
اڳيان هڪ من موهيندڙ منظر هو.
اسانجي پيرن کان ٿورو پرڀرو هڪ ڪسي پئي اڙهي، جنهن
جو پاڻي امير جي باغ اندر چن لڳل حوض ۾ وڃي ٿي گڏ
ٿيو. اها ڪسي هئي ته کوٽيل، پر لڳي ائين پئي جو ڄڻ
ته قدرتي هجي. ان ڪسيءَ جي ٻنهي ڪپن سان نم جا وڻ
هئا، جن جون زمردي ٽاريون گهاٽي ڇانو ڪري بيٺيون
هيون، ۽ شام جي هلڪيءَ هير لڏڻ ڪري، منجهائن”سرسر“
جو آواز پئي نڪتو، جنهن ۾ درد ڀريو سنگيت هو.
”هاءِ!“ امير هڪ ڊگهي وڻ ڏي اشارو ڪري چيو، ”ههڙي
وڻ جي هيٺان جيڪر ڪيڏيءَ نه خوشيءَ سان سڄي عمر
گذاري ڇڏجي! رڳو ان جي چوڌاري تڏا ڀتين وانگر وجهي
ڇڏجن! ماڻهو ڪيستائين جيئرو هوندو ۽ آخر گهڻو کائي
گهڻو کائيندو!“
رات جي مانيءَ جي مهل هئي: امير جي خيال وقت
پٽاندر وڏيءَ اهميت وارو هو. هريچند ۽ ڪاڪومل (جي
ٻئي کائي پي ويٺا هئا) ”واهه ، واهه!“ ڪئي، پر هڪ
ٻئي ڏي اک ٽيڏي ڪري به نهاريائون- وڻ جي هيٺان رهڻ
جو خيال ڄٽڪو هو.
”نم جو وڻ“ ڪاڪومل پاڻ کي پنهنجي محسن جي پٺڀرائي
ڪرڻ لاءِ ٻڌل سمجهي چيو، ”حق تي آزاد درخت سڏجي
ٿو. چڱن ڪمن ڪندڙ ماڻهوءَ وانگر اهو وڻ به هميشه
موج ۾ رهي ٿو.“- (ياد رکي ڇڏيو ته ڪاڪو وڏو بدمعاش
هو):- ”۽ اهو وڻ ڪوبه ميوو نٿو جهلي، جيئن الله
وارن لاءِ اجر هن حياتي ۾ نه آهي.“
امير تي ان گالهه جو اثر پيو، جيئن ٻين ماڻهن جي
ميڙ تي به پيو. جن مان هرهڪ پاڻ کي ”ميليا
آزادريڪٽا“ جي حيثيت ۾. ڪاڪوءَ سان ڀيٽڻ لڳو.
”سچ آهي، هائو،“ هريءَ ورندي ڏني، ” ۽ انهيءَ مان
دنيا کي وڏو فائدو پهچي ٿو: ان جا پن نانگ بلا جي
زهر لاءِ اڪسير آهن؛ جيئن رضا تي راضي رهڻ دنيا جي
طمح کان بچڻ جو موثر علاج آهي“- (هري به گهٽ ۾ گهٽ
ڪاڪوءَ جيترو بدمعاش هو)- ”تنهن کانسواءِ انجي
ٽارين جا ڏندڻ ڏاڍا سٺا ٿا ٿين.“
”پر کٻڙ جي پاڙ جي ڏندڻ جهڙا نه “ امير وچ ۾ چيو،
اسان جو رسول پاڪ اهي استعمال ڪندو هو، تنهنڪري هر
سچي مسلمان کي ائين ڪرڻ گهرجي. پر توهان چئو سچ
ٿا. بيشڪ نم جو وڻ فقير آهي.“
”انهيءَ تي“ هريءَ ڳالهه کي اڳتي کنيو“ شاعر چيو
آهي:
”ماڻهوءَ جي فطرت ڪڏهن به نه بدلجندي جيئن نم ڪوڙي
جا ڪوڙي هوندي توڙي جو تون ان جي کير ۽ ماکيءَ سان
آبياري ڪر.“
اسان مزي ۾ ڪنڌ ڌوڻ پئي ڪئي، مان ڪجهه سوچي رهيو
هئس،
جو اسان سڀني جو ڌيان هڪ غير متوقع واقعي ڪري ٽٽي
ويو.
ڪانون جي وقتي ”ڪان!ڪان!“ –جنهن تي هندستان جي
سياحن جو ڪن هري ٿو وڃي- جي بدران اوچتو ئي اوچتو.
اسان جي چوڌاري، ڪانون ايترو ته هل ڪيو جو اسان
مان هڪ به اهڙو نه رهيو، جنهن ڪنڌ مٿي کڻي نه
نهاريو.
هندو ڪانون کي پاڪ پکي سمجهندا آهن، ۽ شايد اها
ڳالهه ئي ڪانو جي ايڏي گستاخ ٿيڻ جو سبب آهي. ڪن
ڪن موقعن تي ڪانو کي اٻاريل چانور ۽ ٻيون لذيذ
شيون ڏنيون وينديون آهن، جنهن کاڌي جي رڌ پچاءُ
وقت ڪانو کان صبر ڪڏهن به نه ٿيندو آهي. مون
ڪيترائي دفعا ڏٺو آهي ته ڪانو لامارو ڏيئي بکئي
ڪتي وٽان هڏو کڻي ويندو آهي، ۽ ڪتي کان اهو هڏو
ڇڏائڻ لاءِ ان جي منهن تي پنهنجي ڊگهيءَ چهنب سان
ڏاڍي زور سان ٺونگا هڻندو آهي.
اوهان کي ڪانون جو مزو ڏسڻو هجي ته جنهن وڻ تي
ڪانو گهڻا ويٺا هجن ان تي پنهنجي نوڪر کي چاڙهيو
۽ چئوس ته ڪانو جو آکيرو لاهي.
اسان جي ڪچهريءَ ۾ ڪانون جي گوڙ جو سبب ستت اسان
کي معلوم ٿي ويو. ڇا ٿيو هو ته منهنجي بورچيءَ
منهنجي رات جي مانيءَ لاءِ هڪ چوزو پچايو هو ۽ ان
کي بيخياليءَ ۾ اتي ئي ڇڏي پاڻ اٿي ويو هو.
انهيءَ چوزي تي هڪ ڪانو جي وڃي ڪا اک پئي. جنهن
جي چهنب ڀرواري نم جي وڻ ڇوڏي جهڙي سڪي ۽ سخت هئي.
اک ڇنڀ ۾ لامارو ڏنائين ۽ چوزي کي چهنب ۾ سنگتي
ساٿي ولر ڪيون انهيءَ نيت سان اڏاڻا پئي ويا ته
ڦرلٽ جي مال مان کين به ضرور ڪو ذرو نصيب ٿيندو ۽
ٻئي پاسي کان منهنجو بورچي، نوڪر، خلاصي ۽ گهوڙن ۽
اٺن هڪلڻ وارو سڀ، ڪانون جيتري ئي جوش خروش سان،
انهيءَ نيت سان ڦورو لٽيري ڪانو تي پٿرن جو وسڪارو
ڪندا ڀڳا ٿي ويا ته کانئس چوزو ڇڏائين.
”خيرو لغڙ گهرائي وٺ،“ امير ڪاڪوءِ کي ائين سرٻاٽ
ڪري چيو جو ڄڻ ته ڀؤ هئس ته متان ڪو ڪانو ٻڌي وٺي.
پڪ، امير ائين ٿي سمجهيو ته جي ڏاڍيان ڳالهائيندس
ته ڪانو نالو سمجهي ويندا.
خدمتگارن مان هڪڙو آهستي زمين تان اٿيو ۽
بيتوجهيءَ سان چوڌاري نهاري. رستو ڇڏي، پاسي کان
امير جي محلات ڏي روانو ٿيو.
اتي جو اتي ٻه ماڻهو آيا، جن کي سايون پوشاڪون پيل
هيون ۽ ڪنهن تي چادرون ائين وڌيون هئائون جو سندس
ٻانهون ٺوٺين ڏسڻ ۾ نه اچن. انهن جي پويان خدمتگار
ڊزن کن گليليون ۽ تيرڪمانون کڻي آيا. (گليلي يورپ
۾ انهن حرڪتي ٻارن لاءِ ڪم جي شيءِ ٿيندي جن کي
پنهنجي پاڙيسرين جي درين کي ڀڃڻ ۾ مزو ايندو آهي.)
اوچتو ڪانون مان هڪڙي جي اک وڃي نوڪرن جي هٿن ۾
تباهيءَ جي انهيءَ سامان تي پيئي. پوءِ ته هر ڪانو
جي وات مان زور سان”ڪان! ڪان!“ جو آواز نڪتو، ۽ ڪي
ڪانو ، جيڪي اڏامي رهيا هئا، وڻن جي پنن ۾ ڪا
محفوظ پناهه جي جاءِ ڳولڻ لڳا ته ڪي، جيڪي اڳ ۾
ٽارين تي ويٺا هئا، کنڀ ڦڙڪائي ٻين جي واٽ وٺڻ
لڳا. انهيءَ هنگامي ۾ مورڳو چوزو ئي کانئن خيال
تان لهي ويو.
”ڀلي ته اهو چوزو وڻ جي هيٺان پيو هجي. جي اسان
توجهه نه ڏينداسين ته ڪونه ڪو ڪانو ڄاڻ هيٺ لٿو“
امير چيو: ”خيروءَ کي تنبوءَ ۾ کڻي وڃو ۽ تير
ڪمانون لڪائي ڇڏيو.“
آزمودگار بازدار صحيح هو. اٽڪل ڏهن منٽن کانپوءِ
وڻن جي پنن مان هڪڙو ڪانو نڪتو ۽ وري پنن جي هڪ
جهڳٽي ۾ ماٺ ڪري ٺهي ويٺو . انهيءَ جي پٺيان ٻيو ۽
پوءِ ٽيون آيو، تان جو اسان کي ڊزن کن ڪانو نظر
آيا.
”پکي کڻي اچو“ امير سرٻاٽ ڪيو.
بازدار تنبوءَ مان نڪري آهستي آهستي آيو، خيرو لغڙ
دستيءَ کي سوگهو جهلي، سندس ڪرائيءَ تي ويٺي هئي
جو ڄڻ ته حملي لاءِ تيار هئي. سندس اکين تان ڍڪ
لائو ويو ۽ پوءِ جيئن جو هڪ ٿلهو متارو وڏو ڪانو
وڻ تان هيٺ لٿو ۽ زمين تي پيل چوزي ڏي وڌيو ته
خيرو زوم مان ڏانهس اڏاڻي ۽ اک ڇنڀ ۾ وڃي مٿانئس
ڪڙڪي.
غلغلو مچي ويو! هر بلوچ، جنهن کي تير ڪمان جو
استعمال ايندو هو، ڪمان ۾ تير وڌو ۽ پوءِ اسان سڀ
کليل ميدان ۾ تماشو ڏسڻ لاءِ ڊوڙياسين.
ڪانو باز ڏسي چوزو ڇڏي، ”ڪان! ڪان!“ ڪندو، وڻن ۾
لڪڻ لاءِ ڀڳو. پٺيان سندس جبرو دشمن ڪاهه ڪيون پئي
ويو.
هاڻي هرهڪ جوش ۾ آهي. خدمتگار رڙيون ۽ واڪا به پيا
ڪن ۽ هيڏي هوڏي به پيا ڀڄن ته جيئن شڪار (ڪانو)
هيڪاري ڊڄي. ڪانو پناهه جي جاءِ ڳولڻ جي ڪوشش پيو
ڪري، پرڪا مليس ئي نٿي. خيرو پٺيان لڳي ٿي اچيس ۽
جيئن پوءِ تيئن ويجهو پوندي ٿي وڃيس. ڪانو کي ڪا
نئين چال کيڏڻ کپي . اجهو هوا ۾ چوگرد (گول) ڦيرا
پائڻ شروع ڪيا اٿس ۽ جيئن پوءِ تيئن ڦيرا (گول
چڪر) ننڍا ڪندو پيو وڃي. پر خيرو کيس اچي پڳي آهي،
بس هڪڙي ٻئي لاماري سان جهٽي وٺندس. ڪانو چالاڪي
ڪري، هيٺ پاڻ ڇڏي ٿو، چهنب ۽ چنبن سان خيروءَ جي
حملي مان پاڻ بچائي ٿو وڃي، ۽ اهو سمجهي ٿو ته باز
کان وٿي ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان، پنهنجي پناهه
جي جاءِ ويجهي آهي. اها ڪنڊن وارين سڪين ڪاٺين جي
پٺيان آهي، منجهانئس ڪانون جي هڪ انبوهه جا آواز
پيا اچن خيرو هڪ سپاهيءَ وانگر نازڪ گهڙيءَ کي
خيال ۾ رکي، پنهنجي پرن کي ٻيڻي زور سان هلائي
پنهنجي شڪار کي پٺيان وڃي ٿي پڪڙي، کيس ڇوهه مان
هيٺ ڇڪي ٿي، ۽ زمين کي ويجهو ٿي ، پنهنجا پروماڻ
–ڇٽيءَ وانگر ڦهلائي ٿي.
مقابلو اڃا ختم نه ٿيو آهي. شڪار ڌڪ کائڻ جي
باوجود اڃا به بهادريءَ سان وڙهي رهيو آهي. هيءَ
اها گهڙي آهي جڏهن بازدار کي پنهنجي پکيءَ جي مدد
ڪرڻ گهرجي. پنهنجي زخميل ساٿي جي دانهن تي هوشيار
ٿي، ڪانون جو هڪ ولر ڀر وارن شرم ٻوٽيءَ جي جهڳٽن
پٺيان نڪري ٿو ۽ گوڙ شور ڪندو خيروءَ جي مٿان
لامارا ڏئي ٿو ۽ وقتي ان کي چهنبن سان ٺونگا هڻي
ٿو. اسان خيروءَ کي خطري ۾ ڏسي ڏڪي ٿا وڃون- پر
رڙيون واڪا ڪندا، ڪانون کي گليلا هڻندا، سندن
پٺيان ڀڄندا وڃون ٿا. ستت، اسان کين پهچي ٿا وڃون
پر افسوس مهل نڪري ويئي! جيئن ئي اسان انهن ٻوڙن ۾
ٽپي پئون ٿا، جيڪي اسان جي ۽ باز جي وچ ۾ آهن ته
ويهارو کن ڪانو اسان کي ڏسي، زمين تان ڀڄن ٿا:
بازدار تکو تکو لغڙ ڏي وڃي ٿو. شڪار (ڪانو) مئو
پيو آهي، ۽ جڏهن خيروءَ کي هٿ ۾ اسان پندرهن ڄڻا
چتائي ڏسون ٿا ته پتو پوي ٿو ته ويچاري خيرو اکيون
وڃائي ويٺي آهي ۽ کيس ايترو ٺونگن ۽ چنبن –سان
ڦٽيو ويو آهي جو اسان منجهان سڀني کان وڌيڪ اميدن
ڀريل شخص به خيروءَ جي موت کي يقيني ٿو سمجهي.
”مون کي سجهي ئي ڪونه ٿو ته ڪڏهن هنن پٽيل ڪانگن
وٽان ڪو خير ٿيو هجي“ امير اسان سان گڏ پٺتي
موٽندي چيو، ” مونکي پڪ آهي ته انهن مان هڪڙي
منهنجي ڀاءُ کي مينا ۾ ماريو هو. سڄي رات هڪ وڏو
ڪارو ڪانو سندس تنبوءَ جي مٿان ويٺو رهيو ۽ هن تي
اچڻ واريءَ مصيبت جي اڳڪٿي ڪندو رهيو، اسان انهيءَ
چنڊي پکيءَ کي ڇهه دفعا ڀڄائي ڪڍيو هو پر وري به
موٽي ٿي آيو.“
”تڏهن به“ ڪاڪومل رائزني ڪئي، ”جهنگلي ڪانو، غراب
البين، کي شاعرن مجرد سڏيو آهي ۽ کيس پنهنجي
محبوب ڏانهن نياپي موڪلڻ لاءِ قاصد بنايو اٿئون.“
”اهي گڏهه آهن، گڏهن جا پٽ! ۽ تون ، اڙي ڪاڪو! ڪل
ئي ڪانو ڪافر ته ناهن!“ امير ابراهيم خان ڪاوڙ مان
چيو، ”انهن تنهنجن مائٽن، ڪين ويچاريءَ خيروءَ لغڙ
جو ڪيس ڪيو آهي؟“
|