سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌ ۾ پکين ۽ جناورن جو شڪار

 

صفحو :1

سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار

غلام رباني اگرو

ڇپائيندڙ پاران

سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار گهڻي وقت کان هلندڙ آهي. سنڌ جا ماڻهو هن مشغلي کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا آهن.، سنڌ جي ڪچي ۽ ڪاڇي وارن علائقن ۾ جانورن ۽ پکين جو شڪار تمام وڏي پيماني تي ڪيو وڃي ٿو. ڪتاب: ”سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار“ سنڌ ۾ ٿيندڙ مذڪوره شڪار جي هڪ مختصر تاريخ آهي، جنهن تي ٻن لائق اديبن: محمد اسماعيل عرساڻي ۽ غلام رباني آگري هڪ چڱي محنت ڪئي آهي. شڪار بابت هيءُ مختصر تذڪرو بورڊ جي پريس مان سنه 1977ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ٻيو ڇاپو سنه 1999ع ۾ ڇپيو ويو. اهو ڇاپو به ناياب ٿي ويو ۽ پڙهندڙ حضرات طرفان نئين ڇاپي جي گُهر ٿي. اُن مطالبي کي نظر ۾ رکندي بورڊ هن ڪتاب جي نئين ڇاپي جي اشاعت جو اهتمام ڪيو ۽ نئون ڇاپو ڇپجي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. اميد آهي ته هن مشغلي سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي اسان جو ڇپيل هيءُ ڇاپو پسند ايندو.

 

ڄام شورو سنڌ                            اعجاز احمد منگي

ڇنڇر 25- شوال المڪر 1327هه              سيڪريٽري

بمطابق 18- نومبر 2006ع                سنڌي ادبي بورڊ

حرف آغاز

جڏهن منهنجا ٻه مضمون (1) هرڻن جو شڪار ۽ (2) تترن جو شڪار سه ماهي ”مهراڻ“ جي رسالن ۾ شايع ٿيا ته ڪن احبابن مون کي تحسين جا خطوط لکيا. مان سندن ممنون آهيان جو هن خدمت تي داد ڏيڻ فرمايائون ورنه اسان سنڌين ۾ البت اها سستي ضرور آهي، جو ٻه اکر لکي ڪنهن ليکڪ جو حوصلو وڌائجي.

وري جو ريڊيو تي تبصرو آيو ته هنن مضمونن جو سلسلو شڪار جي شوقينن لاءِ نهايت پسنديده آهي. ان ڪري چيم ته سنڌ جا سمورا شڪار لکي پورا ڪريان. ويتر جو منهنجي محترم دوست غلام رباني صاحب فرمائش ڪئي ته سنڌ جا شڪار لکي پورا ڪريو، ته اسان انهن کي جدا ڪتابي صورت ۾ ڇاپيون. تنهن هيڪاري منهنجي عزم کي پختو ڪيو ۽ جملي ڇهه شڪار لکي پورا ڪيم جي آهن:

(1)           تترن جو شڪار (2) هرڻن جو شڪار (3) بلبلين جو شڪار (4) پَلن جو شڪار (5) مِرُن (سُوئرن) جو شڪار (6) ڍنڍ جي پکين (آبي پکين) جو شڪار

هونئن ته ٻيا ننڍا ننڍا شڪار به سنڌ ۾ ڪيا وڃن ٿا جهڙوڪ: سَهن جو شڪار، روجهه جو شڪار، تَلوُر جو شڪار ۽ ڦاڙهي جو شڪار وغيره. ليڪن انهن تي گهڻو لکي ڪونه سگهبو ان ڪري، انهن کي در گذر ڪيم. ٻيا وڏا شڪار چيتي جو، شينهن جو، رڇ جو ۽ هاٿي وغيره جا آهن جن بابت مون کي ڪافي معلومات آهي، جا مون کي مرحوم سيد محمد علي شاهه درٻيلائيءَ ۽ مرحوم عثمان علي انصاريءَ جي صحبت مان فراهم ٿي. بهرحال اهي شڪار سنڌ جا نه آهن ۽ نه وري مون اکين سان ڏٺا آهن. تنهنڪري انهن کي به ترڪ ڪريان ٿو. جا ڳالهه مان اکين سان نه ڏسندو آهيان ان تي قلم فرسائي ڪرڻ جي جسارت نه ڪندو آهيان. ٻڌل معلومات ڪيتري به هجي، پر چيو اٿن ته:

شنيده کي بود مانند ديده،

ترا ديده و يوسف را شنيده

بهرڪيف مون ته فقط غلام رباني صاحب جي حڪم جي تعميل ڪئي آهي ۽ سڀ مضامين سندس حوالي ڪيا آهن. وڌيڪ رموز، سلطنت، خويش خسروان دانند.

محمد اسماعيل عرساڻي

حيدرآباد سنڌ

31-12-1976ع

پيش لفظ

سر رچرڊ برٽن اُڻويهين صدي عيسويءَ جي انگريز مشاهيــرن ۾ ممتاز حيثيت رکــي ٿو. هــو صحيح معنــيٰ ۾ ”هر فن مولا“، شخص هو، تن ڏينهن ۾ سنڌ تي انگريزن جي بادشاهي هئي، سو ، برٽن به سانگي سان سنڌ ۾ اچي نڪتو. هن سنڌ بابت گهڻائي ڪتاب لکيا، جن ۾ هڪڙو ”بازن سان شڪار“ جي موضوع تي هو. اهو ڪتاب توڙي، برٽن جا لکيل سنڌ بابت ٻيا ڪتاب ڪافي وقت کان اَڻلڀ هئا، ليڪن، هاڻي عام جام ملن ٿا، جو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس انهن کي ٻيهر شايع ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ سندس هڪ ڪتاب جو ترجمو ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ نالي سان شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ برٽن جي حياتيءَ جو مختصر احوال به ڏنل آهيِ؛ پر بازن جي شڪار وارو ڪتاب اڃا به اَڻلڀ آهي. سنه 1962ع ۾ اهو ڪتاب مون کي اتفاق سان هٿ اچي ويو، سو مون ان مان ڪي مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپايا هئا. هاڻي، اهو ڪتاب سنڌ جي ڪلچر کاتي وارن شايع ڪيو آهي.

ســـنڌي زبان جي بــزرگ اديب، محــترم محمد اسماعيل عرساڻي منهنجي گذارش تي سنڌ ۾ شڪار جي موضوع تي مضمون لکي ڏنا، جي مون هڪ هڪ ڪري اول سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپايا ۽ پوءِ انهن کي گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪرڻ لاءِ پريس ۾  موڪليم، مون کي مناسب لڳو، ته باز جي شڪار تي مٿي ذڪر ٿيل برٽن جا مضمون به ڪتاب ۾ ڏيئي ڇڏجن.

سنڌ ۾ شڪار صدين کان وٺي امير توڙي غريب جو دلپسند شوق ۽ شغل رهيو آهي. سو، ان موضوع تي تمام گهڻي معلومات گڏ ڪري، هڪ شاندار ضخيم ڪتاب شايع ڪري سگهجي ٿو. بهرحال، جيسين ائين ٿئي، تيسين اُميد آهي ته هي ڪتاب شڪار جي شوقينن ۽ عام پڙهندڙن کي ڪم ايندو.

غلام رباني

سنڌي ادبي بورڊ

29-12-1999ع

(1)
تترن جو شڪار

گهڻن ماڻهن کي پڇ پڇ جي عادت کان بڇان لڳندي آهي. منهنجي خيال ۾ پڇ پڇ جي عادت فائديمند ثابت ٿي آهي. مان سڄي عمر تعليم کاتي ۾ ماستر ۽ انسپيڪٽر ٿي رهيو آهيان. اسان کي ته اها سکيا ڏني ويندي هئي ته ٻارن جي پڇ پڇ جي عادت کي هرگز نه دٻايو وڃي. علم بي بحث پائدار ٿي نه سگهندو. سکڻ آهي ئي پڇڻ سان.

شيخ سعدي سڳوري فرمايو آهي ته ”تا پير شوي بياموز“ هر ڳالهه جو ڪجهه نه ڪجهه علم هئڻ ضروري آهي. مان ماستر ٿيس ان جو اهو مطلب نه آهي ته سواءِ پڙهائيءَ جي ڪم جي مون کي باقي ڪا به ڄاڻ هئڻ نه کپي. يا هڪ دين جي عالم کي سواءِ فقهي مسئلن جي ٻي ڪا به جهان جي ڄاڻ رکڻ نه گهرجي. مثنوي شريف جي هڪ حڪايت آهي ته ڪو عالم سڳورو پتڻ تي آيو ۽ اچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. ميربحر (ناخدا) سان ڳالهين ڪندي پڇيائين ته ”ڪي پڙهيو آهين؟“ ميربحر جواب ۾ پنهنجي اڻپڙهائيءَ جو اظهار ڪيو. عالم چيس ”افسوس، جو تو اڌ حياتي وڃائي!“ ميربحر ويچاري صبر ڪيو. ٻيڙي هلندي رهي ۽ جڏهن وچ سير تي آئي، تڏهن سخت طوفان شروع ٿيو. ميربحر ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافرن کي خطري جو اطلاع ڏنو، ۽ عالم سڳوري کان پڇيائين ته ”حضور! ڪي ترڻ سکيا آهيو؟“ عالم سڳوري جواب ڏنو ته ”اسانجو ڪم علم سان، ترڻ سان ته ڪڏهن واسطو ئي ڪونه پيو.“ ان تي ميربحر ٿڌوساهه ڀري چيو ته  افسوس، توهان اڄ پنهنجي سڄي حياتي وڃائي!“

مطلب ته جڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ وڃجي، ۽ ڪابه گفتگو نڪري ته ڪم از ڪم اسان کي هر موضوع بابت ٿوري ڪي گهڻي ڄاڻ ضرور هئڻ گهرجي ۽ جنهن ڪري هو محفل جي گفتگو ۾ ڪونه ڪو حصو وٺي سگهي ۽ بلڪل ۽ ڪورو هئڻ سبب لڄي نه ٿئي.

استاد ارسطا طاليس هڪ دفعي ستار ويٺي وڄايو ته ڪو عالم لنگهي آيو ۽ ارسطوءَ کي چيائين ته ”اوهان جهڙي بزرگ کي ههڙو ڪِريل قسم جو ڪم ڪندي شرم  محسوس نٿو ٿئي.“ ان تي ارسطوءَ وراڻيو ته ”شرم جو مقام ته ان وقت آهي، جڏهن ٻيا سڀ ستار وڄائڻ ڄاڻندا هجن ۽ مان هڪڙو ئي ڪورو هجان.“

مذڪوره چند سٽن لکڻ مان مقصد اهو اٿم ته مون پنهنجي طبيعت ۾ پڇ پڇ جي عادت پڪي ڪري ڇڏي هئي ۽ جتي ڪو موضوع ڇڙندو هو ته ان ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هوس، جا ڳالهه نه سمجهندو هوس ان جي پڇڻ جي ضرور ڪوشش ڪندو هوس. محض انهيءَ خيال (اجائي) سان نه ته هيءَ جاهلن، اڻ پڙهيلن يا ڄٽن جي ڪچهري آهي ۽ ان ۾ وقت وڃائڻ فضول آهي. مون ڪڏهن به پنهنجي مٿي قبول نه ڪئي. پڙهيل ته فقط ڪتابن جي وسيلي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا، پر جن کي اڻ پڙهيل سڏيون ٿا، تن جي ڄاڻ خود پنهنجي تجربن ۽ چشم ديد واقعات تي مبني هوندي آهي، اهو بلڪل صحيح آهي ته:

شنيده کي بود مانند ديده،

ترا ديده و يوسف را شنيده

هن کان اڳ مون پلن جي شڪار، بلبلين جي شڪار ۽ ڍنڍ جي پکين جي شڪار تي مضامين لکيا آهن ۽ هينئر تترن جي شڪار تي قلم  کنيو اٿم.

تترن جي شڪار بابت عام معلومات مون کي پنهنجي عزيز فرد خان چانڊئي بلوچ ساڪن ڪڍڻ کان ملي هئي. هو صاحب تِتِرن جي شڪار جو بذات خود وڏو شوقين ماڻهو هوندو هو ۽ تتر ڌاريندو ۽ ويڙهائيندو به هو. ۽ مون کي تترن جي شڪار بابت عجيب غريب ڳالهيون ٻڌائيندو هو، جي منهنجيءَ دل تي نقش برسنگ ٿي وينديون هيون. مون کي بارها ڀڳوءَ جي شڪار تي وٺي به هلندو هو ته ان شڪار جي چشم ديد مطالعو ڪريان ۽ لطف اندوز ٿيان. بيشڪ اکين سان ڏسڻ، ڪنن کان ٻڌڻ کان هزارين دفعا بهتر آهي.

تترن جا قسمِ سنڌ ۾ ترن جا فقط ٽي قسم ٿيندا آهن (1) ڪارا (2) ڀورا (3) ايراني

مٿيان ٽيئي قسم لڳ ڀڳ شڪل ۾ هڪجهڙا ئي هوندا آهن، فقط رنگ جو تفاوت هوندو آهي. ڪاري نر تتر جي پاسي وارا کنڀ  چٽڪمرا ۽ ڪارا اڇين ٻڙين سان هوندا آهن، باقي سينو صاف ڪارو ۽ پٺيءَ وارا ۽ ڪنڌ جا کنڀ به ڪارا ٿيندا اٿس. ڪنن وارا کنڀ ٻنهي پاسي صاف اڇا ٿين ٿا. ڄنگهن تي ڪڪڙ وانگي کڙهون (سيخون) ٿينديون اٿس، مگر اهي مڏيون هونديون آهن ۽ نوڪدار نه هونديون آهن. هي پکي تمام حسين ٿيندو آهي، مگر سندس ماديءَ جي بندن جا کنڀ ڀورا ۽ چٽڪمرا ڀورن تترن جي نموني  هوندا آهن ۽ هيءَ شڪل ۾ حسين ۽ وڻندڙ نه هوندي آهي. ڪارو تتر قدبُت ۾ ڀوري تتر کان وڏو ۽ قداور ٿيندو آهي. هن قسم مان فقط نر ٻچو ماڻهو شڪار لاءِ يا ٻوليءَ ٻڌڻ لاءِ پاليندا آهن. هن جي مادي ڪانه پالبي آهي. ڇو ته هوءَ نر سان گڏ ڪانه ٻوليندي آهي. هي پکي ولر ڪري نه رهندا آهن، پر هر هڪ اڪيلو پنهنجي منهن رهندو آهي. فقط لڳ جي وقت هڪ نر تتر سان ٽي چار ماديون گڏ ڏسبيون آهن، پر جڏهن اهي ماديون آنن تي آرو ڪري ويهنديون آهن، تڏهن نر تتر انهن کي ڇڏي اڪيلو پنهنجي منهن وڃي گهمندو آهي ۽ وري مادين جي خبر نه رکندو آهي. ماديون ٻچن ڦوڙڻ بعد ٻچن کي تيستائين پاڻ سان رکنديون آهن، جيستائين وري لڳ جي موسم اچي. پوءِ ٻچن کي الوداع ڪري نر کي ڳولي وڃي لهنديون آهن ۽ ٻچن مان هر هڪ جدا پنهنجو رستو وٺندي آهي. هن جس ۾ نر ٿورا ۽ ماديون گهڻيون هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪارو نر تتر شوق ۾ اچي وڏي ٺاٺ ۽ غرور سان ڪنهن دڙي يا ڪاٺ جي بنڊ يا ٻنيءَ جي بند تي چڙهي سکڻي ميدان ۾ هڪ جاءِ تي بيهي ڳچ وقت لڳاتار ٻوليندو آهي. جنهن ڪري شڪاري ماڻهو، توبچي، بازن وارا ۽ لاوَن وارا کيس آساني  سان ماري وٺندا آهن. مگر مادي اصل نه ٻوليندي آهي ۽ ڪکن ۽ ڪانڊيرن ۾ لڪل ۽ محفوظ رهڻ ڪري بچاءَ ۾ رهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو لڳ جي وقت ۾ هڪ نر سان گڏ چار_ پنج ماديون هونديون آهن.

ڀورو تتر: هن تتر جي نر توڙي ماديءَ جو رنگ هڪجهڙو هوندو آهي. سيني وارا کنڀ ڀورا ڪجهه اڇائيءَ ڏانهن مائل هوندا آهن، جنهن تي ڳاڙهاڻ تي مائل ننڍا چِٽا داٻ داٻ وارا هوندا آهن ۽ پٺيءَ وارا کنڀ ڀورا ۽ ڳاڙهسر داٻن وارا هوندا آهن ۽ نر کي ڄنگهن تي ڪڪڙ وانگي چهنبدار کَڙهون (سيخون) هونديون آهن، جي پاڻ ۾ وڙهڻ وقت استعمال ۾ آڻيندا آهنِ؛ باقي مادين کي کَڙهون  (ڪنهن به قسم جي تترين کي) نه ٿينديون آهن. هي پکي گهڻو ڪري ولرن جي صورت ۾ هوندا آهن. بعضي ته ڏهه_ پندرهن پکي ولر ۾ ڏسبا آهن؛ِ مطلب ته هي ٻن_ ٽن پيڙهين تائين گڏ رهندا آهن، بعضي منجهن اوچتو خانه جنگي ٿيندي آهي، جنهن ڪري ڌار ڌار ٽوليون ٿي ويندا آهن، ان جي باوجود جوڙو تتر هڪ نر ۽ هڪ مادي پاڻ ۾ ضرور گڏ هوندا آهن، ۽ گڏجي ٻوليندا آهن. ويڙهه جي وقت ۾ مادي نر جي مددگار هوندي آهي. سندس ٻولي سيٽيءَ وانگي هوندي آهي ۽ تيز ۽ زور سان ٻولي نر کي وڙهڻ لاءِ همٿائيندي آهي. بعضي ٻنهي طرفن جون ماديون پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪري ڏينديون آهن ۽ نر تتر پاڻ ۾ وڙهي کَڙهن هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪري وجهندا آهن. اهڙي ويڙهه وري وري ميلن ڪرڻ سان اڌ ڪلاڪ تائين به هلندي آهي. جنهن ۾ هارايل ڌر اها جُوءِ ڇڏي ٻئي طرف ڀڄي ويندي آهي. کٽندڙ ڌُر فاتحانه انداز ۾ انهيءَ ميدان جنگ واري جاءِ تي ڪجهه وقت ٻوليندي رهندي آهي. ان بعد وري وڃي چڳڻ کي لڳندي آهي. مطلب ته هن قسم جي تترن ۾ نر ماديءَ جو گڏ هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به جوڙيءَ مان هڪ مارجي ويو ته ٻيو پريشان ٿي دانهون ڪندو رهندو. جيستائين کيس ڪو ٻيو جوڙيوال ملي.

هي پکي ڍنڍن وارين زمينن ۾ گهٽ ڏسبو آهي؛ سو به واهن تي بيٺل يا ڪڙين تي بيٺل ڄارين ۽ کِپن واري جهنگل ۾. مگر ڪارو تتر ڍنڍ واريءَ زمين ۾ گهڻو ۽ ٻوٽن واري هنڌ تي تمام ٿورو ڏسبو آهي. ان جي برعڪس ڀورو تتر خشڪ پوک واريءَ زمين، ٻوٽن ۽ ٿر جي ڀٽن واريءَ وڻڪار ۾ گهڻو ڏسبو آهي. هي پکي ڪاري تتر کان بدن ۾ هلڪو ۽ سونهن ۾ گهٽ هوندو آهي.

ايراني تتر: هيءُ تتر عين بعين ڀوري تتر جهڙو ۽ ساڳين وصفن وارو هوندو آهي. تفاوت فقط اهو هوندو اٿس ته هي قداور ۽ بدن جو ڳورو هوندو آهي. وزن ۾ ڪاري تتر کان به زياده وزني ٿيندو آهي. سندس ٻولي ڳَري گرڙاٽ واري ۽ گهٽ وڻندڙ هوندي آهي. هيءُ تتر خاص ڪري ويڙهائڻ لاءِ ڪڪڙ وانگي ڌاربو آهي. ڪي ماڻهو جوڙي نر ۽ مادي گڏ پاليندا آهن ۽ ڪي فقط اڪيلو نر پاليندا آهن، هنن جي ويڙهه تي سون ۽ هزارين رپين جون بازيون لڳنديون آهن.

پيدائش ۽ رهائش: هيءُ جهنگ جا پکي آهن ۽ جهنگ ۾ رهندا آهن ۽ اتي ئي ٻچا ڪندا آهن ڪاري تتر جي مادي لڳ جي وقت ۾ ڪاري تتر کي ڳولي وڃي هن سان گڏبي آهي، پر جيڪڏهن اتفاقاً ڪارو تتر، باز وغيره جي خوف کان يا موسم جي خرابيءَ سبب ٻوليندڙ نه هوندو ته پوءِ جنهن جوءِ ۾ نر تتر گهمندڙ هوندو، انهيءَ هنڌ پهچي، مخصوص انداز ۾ هڪ ٻولي ڪندي، جيئن ڪڪڙ آني جي وقت ٽُرٽُر جي ٻولي ڪندي آهي، بلڪل انهيءَ طرح ڪاري تتر جي مادي اها سندس مخصوص ٻوليءَ ۾ ٻوليندي آهي. جنهن جي ٻڌڻ سان ڪارو تتر ڪيترن خطرن جي باوجود لِڪي ڇِپي ماديءَ وٽ پهچي ويندو آهي ۽ ان کي پاڻ کان هرگز جدا ٿيڻ به نه ڇڏيندو آهي، جيستائين هوءَ آري تي نه ويهندي. اهڙي طرح هو ٽي_ ٽي، چار_ چار ماديون وٺي پاڻ سان گهمندا آهي. هي پکي گهڻو ڪري ڍنڍ وارين  زمينن ۾ رهندا آهن ۽ رات جو وسندي به زمين تي ڪندا آهن مادي آنا ڪنهن لَيُن يا ڪانهن جي گهاٽن ٻوٽن ۾ ٿورو ڪکن کي چپي مروٽي ان جي مٿان لاهيندي آهي ۽ جڏهن آري تي ويهندي آهي، تڏهن نر تتر کيس ڇڏي ڏيندو آهي ۽ ري انهيءَ ماديءَ يا سندس ٻچن جي ڪا به پوئواري يا پرگهور نه لهندو آهي. مادي ٻن_ اڍائن هفتن بعد ٻچا ڦوڙي اٿندي آهي ۽ اڪيلي سر ٻچن کي چڳائيندي آهي، جيستائين هو لائق ٿين، اهو عرصو گهڻو ڪري پنج_ ڇهه مهينا هوندو آهي.

تترن جا سڀئي قسم سال ۾ ٻه دفعا ٻچا ڪندا آهن. موسم بهار ۽ موسم سرءُ، اهي ٻئي مندون تتر جي بچن ڪرڻ جون هونديون آهن. ٻن ڄڻڻ کان پوءِ اول ننڍا ڪيئان، پوءِ وڏا ڪيئان،  ماڪوڙا، اناج جا داڻا، ان بعد وڏا مڪڙ ۽ مڪڙون ۽ اهڙي قسم جون ٻيون شيون، ماءُ انهن کي کارائيندي رهندي آهي ۽ هو آهستي آهستي هِري پوءِ پنهنجو چوڳو خود هٿ ڪري کائيندا آهن. هيءُ پکي جيتوڻيڪ رات ڏينهن زمين تي رهندا آهن، ان هوندي به هو  پنهنجي حفاظت ۾ وڏا ڄاڻو هوندا آهن ۽ اوچتو ئي اوچتو اهڙا ڇپي ويندا آهن، جو ڳولڻ سان به نه لڀندا آهن. سنڌيءَ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي لڪڇپ لاءِ مثال ڏبو آهي ته هوءَ ڪارڙي تتر وانگر ڇپي ويو. اهڙي حالت هوندي به ڪيترائي  ٻچا جهنگلي جانورن ۽ شڪاري پکين جي ور چڙهي، انهن جو قوت ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪارڙو تر، ڀوري تتر جي ڀيٽ ۾ گهٽ انداز ۾ ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org