(6)
ڍنڍ جي
پکين (آبي پکين) جو شڪار
ڍنڍ جي پکين جو شڪار نهايت قيمتي ۽ عمدو شڪار آهي.
اسان جي سنڌ ۾ وڏيون ڍنڍون به ڪافي انداز ۾ موجود
آهن، پر ننڍين ڍنڍن جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. جن ضلعن
۾ ساريال فصل ٿئي ٿو، اتي ننڍيون ننڍيون ڍنڍون
تمام گهڻيون آهن. ڍنڍ جا پکي جهڙوڪ آڙيون. بدڪون،
نيرگيون، ٻگها، ڪانئرا ۽ ٻيا به ڪيترا قسم آبي
پکين جا ٿين ٿا. هڪڙا پکي هوا ۾ اڏامن ۽ وڻن ۾
پنهنجا آشيانه جوڙين، مگر هي پکي ٻارهوئي ڍنڍ جي
پاڻيءَ ۾ رهن، خصوصاً سياري جي موسم ۾ ڪيترائي پکي
ڍنڍن تي ڪٿان ڪٿان ڪَهي اچي ڪٺا ٿين. اڳي سنڌ ۾
هنن پکين جي شڪار تي ڪابه بندش ڪانه هئي، البته
انگريزن جي زماني ۾ ڪن وڏين ڍنڍن کي عام شڪار لاءِ
بند رکيو ويندو هو، جتي فقط وڏاوڏا انگريز
آفيسرسنڌ جي وڏن زميندارن جي مدد ۽ رهبريءَ سان
شڪار ڪندا هئا. باقي ڍنڍون ٻين لاءِ آزاد هيون.
ڍنڍ جا پکي اسان جي سنڌي ٻارهيڙين ميربحر جي
روزگار جو هڪ وڏو ذريعو هئا ۽ فقط چند آنن ۾ سير
ڏيڍ گوشت وارو عمدو ۽ لذيذ پکي وڪامندو هو. غريب
غربو سياري جي مند ۾ کائي خوش ٿيندو هو ۽ الله
تعاليٰ جي نعمتن کي ساراهيندو هو. ڍنڍن تي بندش
پوڻ سبب هنن جو روز گار به قدرتي بند ٿي ويو؛ تاهم
بک بري بلا آهي. مهاڻا ويچارا لڪي ڇپيءَ رات جو
وڃي شڪاري ايندا هئا ۽ صبح جو وڏن وڏن ڳوٺن ۾ وڪرو
ڪري پنهنجو گذر ڪندا هئا ۽ اڃان تائين اهو دستور
هلندو ٿو اچي. ڪو وقت هو جو مون لاڙڪاڻي، بدين،
ڇوڙ ۽ کپري ۾ هڪ هڪ بدڪ 2 آنه، کان 8 آنه ورتي،
ناظرين ڪرام کي اها ته خبر آهي ته ڍنڍ جا پکي سخت
سياري ۾ به ڍنڍن جي برف جهڙي ٿڌي پاڻي ۾ ئي رهندا
آهن.
ان ڪري الله تبارڪ وتعاليٰ انهن جي سڄي جسم مٿان
چرٻيءَ جو هڪ تهه چاڙهي ڇڏيو آهي. جنهنڪري سيءُ
مٿن ڪوبه اثر ڪو نه ڪري. انهن پکين جو ٻوڙ پلاءُ
ڪر ته ڪنهن به گيهه جي ضرورت ڪانه پوي. سندن کنڀن
۾ سڻڀ هوندو آهي، ان ڪري پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي وري
نڪري ته ڦڙو به سندن کنڀڙاٽين تي ڪونه بيهي سگهي.
هوا جي پکين جي پيرن جون آڱريون الڱ الڱ هونديون
آهن جيئن انسان جون، مگر هنن پکين جون آڱريون پاڻ
۾ هڪ وکي جهڙي کل سان ڳنڍيل ٿينديون آهن. ان ڪري
سندن پير پاڻيءَ ۾ ترڻ وقت مدد ڪن. بدڪون، آڙيون،
نيرگيون وغيره جڏهن ڍنڍ ۾ ترنديون آهن ۽ سندن
ويڙهيل پير سندن پٺيان پاڻيءَ ۾ ليڪا ڪڍندا ويندا
آهن جي ميٽبا ويندا آهن ڇو ته ڪو به نقش پاڻيءَ تي
نه بيهندو آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ادا، هيءُ
ڪم اجايو ٿو ڪرين پاڻيءَ تي ليڪو ڪهڙو بيهندو!
سندن ترڻ اهڙو ته مزو پيو ڏيندو آهي ڀانئبو آهي ته
ڪي ننڍڙيون ڍونڊيون تري رهيون آهن ۽ اندر ۾ اڌما
پيا اٿندا ته جيڪر کين پڪڙجي، جا ڳالهه سڀ ڪنهن جي
وس جي ڪانه آهي. فقط ٻارهيڙي مهاڻا ئي ان جا ماهر
آهن.
ڍنڍ جي پکين جو شڪار عام طرح اسان وٽ ٽن نمونن سان
ڪيو ويندو آهي، پهريون ٽوپيءَ وارو شڪار، ٻيون
ڄاريءَ وارو شڪار ۽ ٽيون بندوق سان شڪار- بندوق
سان پکي جيئرا نه وٺي سگهبا آهن باقي ٻين ٻن شڪارن
سان پکي جيئرا هٿ ڪيا ويندا آهن جي وڪرو ڪرڻ ۾
اچن. ڪي ماڻهو بدڪون وٺي پنهنجن گهرن ۾ ڪڪڙين
وانگر پاليندا به آهن.
بدڪون به ڪڪڙين وانگي آنن تي آرو ڪن ۽ ٻچا ڦوڙين.
سندن ٻچا جڏهن پنڌ ڪن ته هنن جي ڪبڪ رفتاري ڏاڍي
پياري هوندي آهي. وڏا امير ماڻهو ته پنهنجن بنگلن
جي ايوانن ۾ انهن جي رهڻ ۽ ترڻ لاءِ ننڍڙا تلاءَ
به ٺهرائيندا آهن ۽ سندن کاڌي لاءِ ننڍڙيون
ننڍڙيون مڇيءَ جيڪو ڪُرڙيون به خريد ڪري پاڻيءَ ۾
ڇڏيندا آهن. باقي جن گهر اهڙا نه آهن پر سادن گهرن
۾ رهن ٿا، سي ٻيو نه ته به وڏيون ڪونڊيون پاڻيءَ
جون ڀري رکندا آهن. هي پکي ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ترن ۽
ڪڏهن زمين تي ڪڪڙين وانگر هلن چلن.
ڍنڍ جا پکي به خصوصاً بدڪون، ڪڪڙين وانگر آنا
لاهين، جي ماڻهو پاڻ به کا5ئين ۽ وڪرو به ڪن. البت
چون ٿا ته بدڪن جي آنن ۾ ايترا حياتين يعني وٽامن
ڪين آهن، جيترا ڪڪڙين جي بيضن ۾، بدڪن جي بيضن ۾
البت ڪجهه کِکَ به ٿيندي آهي، ڇو ته هي پکي مڇي
به کائين ٿا. ڪڪڙين وانگرصرف اَنَ ڪڻا کائين ته
جيڪر اها کک به نه ٿئي. ڪڪڙين جا چُوزا ننڍا هوندا
آهن ته پيارا لڳندا آهن، ليڪن بدڪن جا ٻچا انهن
کان به وڌيڪ وڻندڙ هوندا آهن. ڪڪڙين جي چهنب
نوڪدار ٿئي ٿي، مگر آبي پکين جي چهنب ڊگهي ۽ ويڪر
۾ هڪ آڱر جيتري هوندي آهي. الله تعالي اهو نظام ان
ڪري فرمايو آهي ته بدڪون مڇيءَ جي ڪرڙين کي
آسانيءَ سان پڪڙي سگهن. جيڪڏهن اوهان کي اهڙو
موقعو ڪڏهن مليو هجي ته اوهان ڏٺو ڪرڙي جهلڻ کان
پوءِ بدڪ پنهنجي چهنب پاڻيءَ ۾ ڪيئن ڦڙڪائيندي آهي
۽ ڪرڙيءَ کي پڇاريندي ۽ ڇاڇوليندي آهي. ان وقت هڪ
عجيب منظر هوندو آهي. هر ڪنهن ساهه واري کي پنهنجو
گذران ڪرڻ لاءِ ضرورت آهر الله پاڪ عقل ۽ سمجهه
عطا فرمائي آهي. بهرحال هت پکين جي عادت واطوار تي
لکبو ته معاملو طويل ٿي ويندو، منهنجو مقصد فقط
شڪار جو آهي.
جن صاحبن ڍنڍون ڏٺيون هونديون ۽ انهن ۾ پوکيل ڪَلِ
به ڏٺي هوندي، انهن ڏٺو هوندو ته آبي پکي ڪَلِ جي
ڪانن ۾ ويهي آرام ڪندا آهن ۽ مڇيءَ جو شڪار ڪندا
آهن. سڀني هم جنس پکين جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار ۽ اتحاد
هوندو آهي. هڪ ٻئي کان پري رهڻ پسند نه ڪندا آهن.
شاهه ڀٽائيءَ به فرمايو آهي ته؛
ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.
هي پکي ڪڏهن ڍنڍ جي هن ڪَپَ تي ته ڪڏهن هن ڪپ تي
جهڳٽا ٺاهيو ويٺا هوندا آهن. مڇي شڪار ڪري کائي
ڍوُ ڪري پوءِ اچي ميڙا ميڙا ڪري ڪنارن جي قريب
ويهندا آهن. انسان جهڙو ڏاهو ۽ عقلمند ساهوارو ته
ٻيو ڪوبه ڪونه آهي. هو پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ جائز
ته ڇڏيو ناجائز طريقا به اختيار ڪندو آهي. ميربحر
هنن ساده لوح پکين کي جڏهن ٽوپيءَ جي شڪار جو
نشانو بنائيندا آهن، تڏهن ڇا ڪندا آهن، جو هنن وٽ
هڪ ٽپي ٺهيل هوندي آهي، جا پنهنجي مٿي ۾ پائيندا
آهن، ان ٽوپيءَ جي مٿئين چَندي تي بدڪ جو بوتو
ٺهيل هوندو آهي جا هوبهو سچي بدڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
ٽوپيءَ سان ميربحر جو منهن ڍڪيل هوندو آهي ۽ فقط
اکين وٽان ڏسڻ سوراخ ڇڏيل هوندا آهن. اها ٽوپي
پائي پار هيڙي پاڻيءَ ۾ گهڙي پوندا آهن ۽ نهايت
خاموشيءَ ۽ اٽڪل سان پنهنجو سڄو جسم پاڻيءَ ۾ وجهي
فقط اکيون ۽ مٿو پاڻيءَ کان مٿي ڪري پاڻيءَ ۾ هلڻ
لڳندا آهن ۽ جتي آبي پکي گڏ ٿيا ويٺا هوندا آهن،
ان طرف رخ ڪندا. پکي ويچارا سمجهندا آهن ته اهو به
ڪو پريان سندن ساٿي اچي رهيو آهي ۽ ان ڪري ڪوبه ڊپ
ڊاءُ ڪونه ٿئين. هن طريقي کي ٽوپيءَ وارو طريقو يا
ڪنڌو چوندا آهن. مهاڻو جڏهن پنهنجي حرفت ۾ ڪامياب
ٿي زنده پکين جي جهڳٽي وٽ اچي ته جهٽ ڏيئي ويساهه
وسوڙل پکين کي کڻي پڪڙي پوءِ ڀاڪر ۾ پنج پکي اچن،
اَٺ پکي اچن يا گهٽ وڌ، ويرم ئي ڪانه ڪندو پڪڙي
کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪندو ۽ ڪڍي اچي ٻاهر قابو ڪندو.
ان طرح پنج چار دفعا ڦيرا ڪڍيائين ته 15-20 پکي
ڦاسائي کڻي راهي ٿيندو ۽ پنهنجو پيٽ قوت ڪڍي
ايندو. ٽوپيءَ جو، شڪار هڪ ٺڳيءَ ۽ دولاب جو شڪار
آهي جو فقط مهاڻا ڪندا آهن. اهو شڪار ڪن وڏن
زميندار ۽ اميرن وٽ مند جي شروعات ۾ ميربحر ڍوڻئي
طور ڏيندا آهن، جهڙيءَ طرح هوائي پکين ۽ مڇيءَ جو
ڍوئڻو به وڏن اميرن کي ڏنو ويندو آهي ۽ ان جي چڱي
مجرائي ملندي اٿن. هي شڪار به ڏسڻ وٽان آهي ۽
ميربحر جي هنر جو ڪمال آهي.
ٻيو طريقو آهي ڄاريءَ وارو . جنهن کي وانجهار جو
طريقو سڏيندا آهن جو وڌيڪ محنت گهري، مگر اپراسو
جلد ٿئي، هن شڪار ۾ ميربحر ڇا ڪندا آهن جو ڍنڍ جي
جنهن پاسي کان آبي پکي ويٺل هوندا آهن. ان پاسي جي
سامهون، جتي ڪل بيٺل هوندي آهي اتي وڏا لڙها کڻي
ڍنڍ جي آرپار پاڻ ۾ کوڙيندا آهن، اهڙيءَ طرح جو ڪم
از
ڪم اهي لڙها پاڻيءَ جي سطح کان اٺ فوٽ کن بيهن.
هرهڪ لڙهو ٻئي کان 8-10 فوٽن جي وٿيءَ تي هوندو
آهي. پوءِ انهن لڙهين ۾ سوٽي ڄاري پکيڙيندا آهن،
جيئن هڪ ديوار ٺهي پوي. جڏهن اهو انتظام مڪمل ٿي
ويندو آهي، تڏهن جنهن ڪناري تي پکي جهڳٽا ڪريو
ويٺا هوندا آهن، انهن جي پٺ کان ڪناري واري زمين
تي ڦري ايندا ۽ پکين ۾ آواز ڪرڻ سان يا ڪو پٿر ٺڪر
اڇلڻ سان اچي ٽاهه وجهندا آهن ۽ ويچارا آبي پکي
ڇرڪ ڀري وٺي سامهون منهن ڪري اڏامندا. ڄاريءَ جو
سٽاءُ ايتري مفاصلي تي هوندو آهي جو گهڻا پکي
ڄاريءَ جي مٿان اڏامي نه سگهندا آهن. اڃا سندن پر
اڏامڻ ۾ ايترو زور نه وٺندا آهن ته ڄاريءَ کي اچي
پهچندا آهن ۽ سندن ڳچيون ۽ پير ڄاريءَ ۾ اڙي ويندا
آهن. ناظرين ڪرام سمجهي سگهن ٿا ته پکي به هوائي
جهاز وانگر اڏا مندا ته پهريان هيٺيان اڏامندا ۽
پوءِ جيئن جيئن سندن کنڀڙاٽين ۾ زور پيدا ٿيندو،
تيئن مٿي ويندا. هي پکي تترن يا ٻاٽي ڦرن جهڙا تيز
ڀڙڪو کائي اڏامندڙ نه آهن. سندن بدن ڳرا هوندا آهن
۽ جيسين مٿي چڙهن تيسين ڄاريءَ ۾ اچي ٺڪاءَ ڪندا.
بهرحال جن جي حياتي هوندي سي مٿان لنگهي به هليا
ويندا ليڪن منجهائين اڪثر ڄاريءَ جي دام ۾ اچي
ويندا. پارهيڙي ته ڪل ۾ لڪا بيٺا هوندا آهن سي دير
ئي ڪانه ڪندا ۽ پکي ڦاٿو ناهي ته ڦٿڪڻ به ڪونه
ڏيندس. ڪڍي ٽنگن مان جهلي هٿ ۾ ڪندا ويندس. جتي
جتي ڪل تمام وڏي ماڻهوءَ کان تار هوندي آهي، اتي
اڪثر ڄاري نه وڌي ويندي آهي؛ پر ننڍيءَ ڪل وٽ وڌيڪ
اثرائتي ٿيندي آهي. هن شڪار ۾ به بيڪ وقت پنجاهه_
سٺ پکي ڦاسي پوندا آهن. ٽوپيءَ واري شڪار ۾ هڪ
ميربحر اڪيلي سر به شڪار ڪندو آهي پر ڄاريءَ واري
شڪار ۾ 5-4 ڄڻا گڏجي شڪار ڪندا آهن، جي پاڻ ۾ هڪ
ئي ڪٽنب جا هوندا آهن ۽ مال ورهائي کڻندا آهن.
هي ٻئي شڪار جا نمونا مون ڇور اسٽيشن وٽ جا هڪ وڏي
ڍنڍ آهي ۽ فقط آفيسرن جي شڪار لاءِ محفوظ هوندي
آهي. ان تي اهو لقاءُ ڏٺو. محترم محمد رحيم ملاح
سٽيشن ڇوڙ جي پرائمري اسڪول جو هيڊماستر هو ۽ سندس
مٽ مائٽ اهو شڪار ڪندا هئا، ان موصوف مون کي اهي
شڪار ٿيندا هلي ڏيکاريا ۽ مفت جون بدڪون به خوب
کارائيندو هو، هن وقت خبر اٿم ته ڪٿي آهي، خداوند
ڪريم سندس ڀلو ڪري نهايت ئي سنجيده نوجوان هو ۽
بذات خود به انهيءَ شڪار ڪرڻ جو ماهر هو. |