ڀورا تتر، جهنگ ۾ رهندا آهن. جي جهنگن ۽ بندن،
ڪڙين جي ڪپن ۽ پوٺن وارن ٽُڪرن يا وارياسي هنڌن تي
هوندا آهن. هي پاڻ ۾ ولر ڪري رهندا آهن ۽ ويڙهه
وقت گڏجي مقابلو ڪندا آهن. ڏينهن جو زمين تي گهمي
ڦري چوڳو حاصل ڪندا آهن ۽ سندن قوت اناج، ڏٿ،
ڄارين جي مَڪ ۽ پيرون، ڪيڙا ، ماڪوڙا، تِڏون،
مڪوڙيون ۽ مڪڙ هوندا آهنِ؛ خاص ڪري ننڍن ٻچن جو
گذران ڇيڻن، گهوڙن ۽ گڏهن جي لڏ ۾ پيدا ٿيندڙ
ڪِيئن ۽ اڏوهيءَ تي هوندو آهي. هنن ٻچن پالڻ لاءِ
نر مادي گڏيل ڪوشش ۾ مصروف هوندا آهن. ڪنهن اوچتي
خطري وقت ماءُ يا پيءُ جي ڪنهن خاص ٻوليءَ تي يا
آواز تي ٻچا يڪدم هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ۽ ڇپي
ويندا آهن ۽ خطري لهڻ بعد مائٽن جي سڏڻ تي وري اچي
گڏ ٿيندا آهن. انهيءَ دوران نر ۽ مادي، ٻچن سميت
رات ۽ ڏينهن گڏ رهندا آهن. مگر جيئن ئي ٻچا اڏامڻ
جيڏا ٿيندا آهن، ته پوءِ گڏجي اچي ڪنهن گهاٽي وڻ
تي رات جو رهڻ لاءِ انتظام ڪندا آهن، ڇو ته هي تتر
رات جو وڻ تي گذاريندا آهن. اتي رهڻ لاءِ ڪو آکيرو
وغيره ڪونه ٺاهين، مگر هر ڪو علحده علحده پنهنجي
خيال موجب ڪنهن شاخ تي ويهي رات گذاريندو آهي. صبح
ٿيڻ شرط وري هيٺ لهي وڃي پٽ تي چوڳو چڳيندا آهن،
خاص طرح سياري جي موسم ۾ جڏهن پوٺن، ٿرن ۽ برن ۾
ساوڪ گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ آباديون وغيره به گهٽ ٿي
وينديون آهن يا ختم ٿي وينديون آهن. تڏهن هنن پکين
جو خاص کاڌو پوٺن تي ٿيندڙ سنهڙو گاهه هوندو آهي.
جنهن کي ڪلورو چوندا آهن. اهو گاهه سياري ۾ بلڪل
سڪي ويندو آهي. ان جي پاڙن ۾ لاهوري گجرن وانگر
ننڍيون ڳنڊيون گول بصر جي نموني تي هونديون آهن،
جن کي ڌاڃوڙا يا موٿ چوندا آهن ۽ اهي زمين اندر
هونديون آهن، تن کي زمين مان کوٽي ڪڍي کائيندا
آهن، اهوسندن خاص کاڌو هوندو آهي.
ايراني تتر خاص ڪري ويڙهه لاءِ پاليندا آهن. هنن
جا ٻچا هٿراڌو نموني پيدا ڪرائبا آهن. ڌاريل نر
مادي تتر جو پڃرو بانس، نيٽ يا آلچين جي سنهين
ڪامن مان ٺهيل هوندو آهي، جنهنجا ٻه ڀاڱا هوندا
آهن. هرهڪ ڀاڱي جو هيٺيون حصو چوڪنڊو ۽ مٿيون
چؤنري (ڪکائين گهر) وانگر محفوظ نموني هوندو آهي.
ٻنهي پڃرن جو هيٺيون حصو مليل ۽ چوٽيون جدا
هونديون آهن. سندن چوٽين کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ هڪ
جنڊيءَ چڙهيل ڳني جڙيل هوندي آهي. جنهن سان پڃري
کي کڻي هلي سگهبو آهي. ٻنهي پڃرن ۾ ڌار ڌار دريون
هونديون آهن. جتان تتر اندر وڃي ٻاهر نڪري سگهندا
آهن. ٻنهي پڃرن جي وچ ۾ هڪ دري هوندي آهي. جنهن جي
کولڻ تي نر ۽ مادي پاڻ ۾ هڪ پڃري ۾ گڏجي سگهندا
آهن. ٻچن ڪرڻ وقت خاص طرح ائين ڪيو ويندو آهي، مگر
لڳ واري وقت وڏا ۽ ويڪرا پڃرا استعمال ڪيا ويندا
آهن. جنهن ۾ تتر سهوليت سان لڳ ڪري سگهن ۽ مادي
آزادي سان آنا لاهي ۽ انهن تي آرو ڪري سگهي. ڪي ڪي
شوقين تيتري اهڙن تترن کي پڃرن کان ٻاهر ڪڍي لڳ
ڪرائيندا آهن ۽ انهن جا آنا پاڻ وٽ سنڀالي رکندا
آهن، پوءِ ڪنهن ڄاريدار پڃري ۾ مادي تِتر کي آري
تي ويهاريندا آهن. ننڍڙن ٻچن کي اول گڏرون ۽ ننڍڙا
ڪينان ۽ پوءِ اناج، ڀڳڙن جو ڏارو وغيره کارائيندا
آهن. اهڙي قسم جا ٻچا وڏيءَ قيمت تي تترن ويڙهائڻ
وار شوقين خريد ڪري وٺي ويندا آهن.
تترن جو پالڻ:
سڀني تترن ۾ ڪارو تتر پالڻ تمام ڏکيو آهي، ڇو ته
هي تتر طبيعت جو شوخ هوندو آهي ۽ ماڻهوءَ سان جلد
۽ آسانيءَ سان نه هرندو آهي؛ انهيءَ ڪري هن کي ڄمڻ
سان بروقت هٿ ڪيو آهي. جيئن جهنگ ۾ گهڻي رهڻ جو
کيس ڪوبه سڌ سماءُ نه پوي. ان لاءِ تتريءَ کي آري
تي ويٺل حالت ۾ هٿ ڪبو آهي ۽ روزانو ان جي نظرداري
ڪبي آهي ۽ جيئن ٻچا ڦُٽندا آهن، تيئن انهن کي
پهرئين يا ٻئي ڏينهن تي کڻي اچبو آهي ۽ گهڻو ڪري
گهٽ ۾ گهٽ چار يا پنج ٻچا کڻي اچبا آهن، ڇو ته
ڪاري تتر جي ٻچن ۾ نر ٿورا ۽ ماديون گهڻيون
هونديون آهن. ننڍي هوندي سندن نر يا ماديءَ جي هجڻ
جي ڪا به خبر نه پوندي آهي. انهيءَ ڪري گهڻا ٻچا
ساڳئي وقت پالبا آهن ته جيئن انهن امن ڪو هڪ نر
ٻچو ملي وڃي. شڪار لاءِ خواهه سونهن لاءِ نر ٻچو
ڪم ايندو آهي. مادي فقط خفتي پاليندا آهن، جيڪي
مادي تتريءَ واري ٻوليءَ جيڪا هو لڳ وقت ڪندي آهي،
سا ڪري سگهندا آهن. اهڙا مثال نهايت ٿورا ٿيندا
آهن، مگر عام طرح نر ٻچا ڪم
ايندا آهن. ٻچن کي هٿ ڪرڻ بعد انهن کي پالڻ جو ڪم
نهايت ڏکيو آهي، ڇو ته هو ماءُ کان جدا ٿيڻ سبب
بچي نه سگهندا آهن. تنهن ڪري انهن کي بچائڻ لاءِ
ڀوري تتر جي پاليل ننڍن ٻچن سان گڏ پڃري ۾ رهائبو
آهي. جيئن هو انهن جي کنڀن ۾ لڪي ويهي رات جو سيءَ
کان بچاءُ حاصل ڪري سگهن. پر جيڪڏهن ڀوري تتر جا
ٻچا نه هوندا آهن، ته پوءِ پڃري ۾ ڪپهه وجهي ٻچن
لاءِ ننڍڙو گهر تيار ڪبو آهي. جنهن ۾ هو اندر آرام
ڪري سگهن. انهيءَ گهر کي، هر وقت درست ۽ صاف رکڻو
پوندو آهي. ننڍن ٻچن کي اول سندن چهنب کولي، ان ۾
گڏرون وجهڻيون پونديون آهن. اهڙي طرح سندن کاڌي جو
انتظام ڪبو آهي. پنجن ستن ڏينهن بعد هو انهيءَ
کاڌي تي هري ويندا آهن، پوءِ گڏرون سندن اڳيان
ڦٽيون ڪبيون آهن ته خود انهن کي کائي ويندا آهن.
پندرهن_ ويهن ڏينهن بعد ننڍيون تڏيون۽ مڪڙِون
ججلي، انهن جا ذرا ذري ڪري، کين کائڻ لاءِ ڏبا
آهن. اهو عمل تيستائين جاري رکبو آهي. جيستائين
اناج کائڻ جهڙا ٿين، پوءِ کين ٻاجهريءَ يا چانورن
جو ڏارو ۽ ڀڳڙن جو ڏارو کارائبو آهي. ڪجهه وڏي ٿيڻ
بعد کين گوشت جا سنها ذرا به کارائبا آهن. پنجن
ڇهن مهينن تائين سندن نر يا ماديءَ جي سڃاڻپ نه
ٿيندي آهي ۽ وقت بوقت کنڀ بدلائيندا ۽ شڪل
بدلائيندا رهن ٿا. سندن سڃاڻپ پڪيءَ طرح تڏهن
ٿيندي آهي. جڏهن نر ٻچي جي ڪنن وٽ ڳلن تي صاف اڇا
کنڀ نڪري نروار ٿيندا آهن ۽ سيني تي ڪارا کنڀ اڇين
ننڍين ٽِڪڙين (پتڪڙين) وانگي نڪرندا آهن ۽ پوءِ
رفتي رفتي سڄو سينو ڪارو ٿي ويندو آهي ۽ سيني جي
ٻنهي پاسي اڇين ٻڙين وارا کنڀ هوندا اٿس. انهن ٻچن
جي سڃاڻپ بعد مادين کي جهنگ ۾ ڇڏي ڏبو آهي ۽ فقط
نر ٻچا پالبا آهن، جي گهڻو ڪري بهار جي موسم ۾
ٻولڻ شروع ڪندا آهن ۽ پوءِ سياري تائين ٻوليندا
رهندا آهن، جي گهڻو ڪري بهار جي موسم ۾ ٻولڻ شروع
ڪندا آهن ۽ پوءِ سياري تائين ٻوليندا رهندا آهن.
خاص طرح بهار ۽ سانوڻ ۾ موج ۾ هوندا آهن ۽ سڄو
ڏينهن ٻوليندا رهندا آهن. فقط سياري جي سخت سردي ۽
باز جي موجودگيءَ سبب ٿڌ وارا ٻه_ چار مهينا ٻولي
ڪونه ڪندا آهن.
ڀوري تتر جا ٻچا پالڻ، ڪاري تتر جي ٻچن کان آسان
آهن، ڇو ته هنن جي سڃاڻپ سولي آهي. مادي ٻچن جون
ڄنگهون لسيون هونديون آهن، پر نر ٻچن جي ڄنگهن تي
کڙهن (سيخن) جا ننڍڙا نشان ظاهر هوندا آهن، جنهن
ڪري تترن جا شوقين سندن مرضيءَ موجب نر ٻچا يا
ماديون چاهين ته پالي سگهن ٿا. گهڻو ڪري ڪي ماڻهو،
ٻه ٻچا_ هڪ نر ۽ هڪ مادي پاليندا آهن ۽ ڪي اڪيلو
نر ٻچو پاليندا آهن. هن قسم جا تتر آسانيءَ سان
ماڻهوءَ سان هري مري وڃن ٿا. هنن جا ٻچا گهڻو ڪري
جهنگ مان جهلي پاليندا آهن. ڪجهه وڏا ٿيندا آهن ته
پوءِ ماڻهن جي وات سان وڄايل سينڍ تي ٻولڻ شروع
ڪندا آهن. هي ٻچا جيترو ننڍا هوندا آهن، اوترو جلد
ماڻهوءَ سان هري ويندا آهن نر ٻچو جلد ٻوليندو
آهي. مگر مادي نر سان گڏ وڏي ٿيڻ بعد ٻوليندي آهي
۽ جڏهن نر کان جدا ٿي ويندي آهي، تڏهن هن کي ڳولڻ
لاءِ به ٻوليندي آهي. سندس ٻولي سيٽيءَ وانگر
هوندي آهي. هنن تترن جي ٻچن کي ڪجهه وقت ڪيئان ۽
تڏيون وغيره کارائبا آهن، پوءِ ٻاجهري، چانور ۽
ڀڳڙن جو ڏارو از خود کائيندا رهندا آهن. وارياسن
ڀٽن يا ڌڌڙ واريءَ زمين کي چهنب سان کوٽي اٽو ڪري
ان ۾ ليٽندا آهن. جهڙيءَ طرح ماڻهو وهنجي بدن کي
صاف ڪندو آهي. تهڙيءَ طرح تتر واريءَ ۾ ليٽي تازا
توانا ٿيندا آهن. هنن پاليل تترن کي شڪار لاءِ
لائوي طور ڪم آڻبو آهي ۽ ڪي ڪي شوقين انهن کي
ويڙهائيندا ۽ بازيون پڻ رکندا آهن.
شڪار جا طريقا:
پهريون آهي بندوق سان شڪار: جڏهن ڪارو تتر ڪنهن
بنڊ تي يا ڪنهن ماٿهين بند تي چڙهي موج سان
ٻوليندو آهي، ان وقت توبچي لڪي ڇپي وڃي ان کي ڌڪ
هڻندو آهي. هن نموني فقط نر تتر جو شڪار ڪبو آهي.
ٻيو نمونو آهي، لائو تتر ڪنهن کليل هنڌ تي رکبو
آهي ۽ ان جي ٻولڻ تي ڪارو تتر جهنگ مان نڪري وڙهڻ
لاءِ اچي ظاهر ٿيندو آهي ان وقت لڪل توبچي کيس
بندوق سان ماري وجهندو آهي. هن نموني به نر تتر جو
شڪار ٿيندو آهي. ٽيون نمونو آهي ته جهنگ ۾ يا
پوکن ۾ ٻه چار ماڻهو لٺيون ۽ بانٺا کڻي ٺڪاءَ ڪندا
۽ هڪلون ڏيندا ايندا ۽ تترن کي تڙيندا ايندا آهن.
جنهن آواز تي تتر اڏامندا آهن، جن کي توبچي ڌڪ
هڻندو ويندو آهي. هن نموني نر توڙي مادي ٻنهي جو
شڪار ٿيندو آهي. مگر ڀوري تتر جو شڪار ٻيءَ طرح
ٿيندو آهي. سانوڻي جي موسم ۾ جڏهن سائو ڪلورو
(سنهڙو گاهه) پوٺن تي جام ٿيندو آهي، تڏهن تترن جا
ولر اتي ظاهر ظهور چڳڻ لاءِ گهمندا آهن، يا سرءُ
جي مند ۽ سياري ۾ جڏهن اهو ڪلورو سڪي ويندو آهي ۽
ان جي پاڙن ۾ ننڍا ننڍا ڌاڃوڙا هوندا آهن، جيڪي
زمين مان تتر چهنبن سان کوٽي انهن ڌاڃوڙن کي
کائيندا آهن، هيءَ سندن محبوب ۽ دلپسند خوراڪ
هوندي آهي ۽ ان کاڌي تي تمام متارا ٿيندا آهن.
اهڙي وقت ۾ سڄو ولر گڏ هڪ هنڌ زمين کوٽڻ ۾ مشغول
هوندو آهي. اهڙن وقتن تي جڏهن تتر کليل ميدان ۾
هوندا آهن، تڏهن توبچي لڪي مٿن فار ڪندو آهي. جنهن
ڌڪ سان هڪ کان وڌيڪ ٻه_ ٻه ٽي_ ٽي چار_ چار گڏ هڪ
ڌڪ ۾ به اچي ويندا آهن. ٻيو نمونو ته شام جو جڏهن
تتر وڻن تي وڃي ويهندا آهن، ان وقت کيس بندوق سان
ماري سگهبو آهي. ٽيون نمونو ڪاري تتر جي شڪار
وانگي ماڻهن جي مدد سان جهنگ مان تڙي پوءِ کين
بندوق سان ماربو آهي. انهن ٽن طريقن سان ڀوري تتر
جو شڪار بندوق سان ڪري سگهبو آهي. ان کان علاوه
جهنگ ۾ لڪي ڀوري تتر جو شڪار بندوق سان ڪرڻ محال
آهي.
بازن سان شڪار ڪرڻ: باز سرد ملڪن جي پيداوار آهن،
اسان جي سنڌ ۾ سياري ۾ ايندا آهن ۽ اونهاري جي
شروعات ۾ واپس هليا ويندا آهن. بازن جا گهڻائي قسم
آهن. هو جڏهن سنڌ ۾ ايندا آهن. تڏهن بازن جا شوقين
انهن کي ڳولي، سندن رات جي ويهڻ واري هنڌ جي ڳولا
ڪندا آهن ۽ پوءِ اتي سنها رَڇَ (ڄاريون) اڏي ان ۾
کين ڦاسائيندا آهن ۽ بر وقت سندن اکين جي هيٺين
ڇپرن کي سُين سان ٽنبي سنهيون ڏوريون وجهي مٿي جي
مٿان ڏوريون ٻڌي سندن اکيون بند ڪري ڇڏيندا آهن،
جيئن هو ڪجهه به ڏسي نه سگهن. پوءِ سندن ڄنگهن ۾
چمڙي جون سنهيون ڏوريون يا ڪشا وجهي (جن کي
دواليون چوندا آهن) انهن کي سنهيءَ مضبوط ڏوريءَ
سان ٻڌي ڇڏيندا آهن ۽ هٿ جي مٿان چمڙي جو دستانو
ٻڌي ان مٿان باز کي ويهاريندا آهن ۽ ڏوري هٿ ۾
قابو جهلي پوءِ باز کي شهرن ۽ ميلن ملاکڙن ۾
گهمائيندا وتندا آهن، جيئن هو ماڻهن جي آواز جو
خوف برداشت ڪري وڃي. پوءِ انهن جي اکين جون ڏوريون
رفته رفته ڍريون ڪندا ويندا آهن. جيئن هو ماڻهن کي
ڏسندو ۽ ڊپ جهليندو رهي. ان کان سواءِ رات جو کيس
ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا آهن ۽ هڪ ماڻهو کيس سڄي رات هٿ
تي ويهاري آهستي آهستي پٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندو کيس
سجاڳ ڪندو رهندو آهي. اهڙي طرح اٺ ڏهه_ ڏينهن ڪندا
آهن، جيستائين باز ماڻهوءَ جو ڊپ جهلي ساڻس هِري
مري وڃي. پوءِ سندس اکين واريون ڏوريون صفا ڪڍي
اکيون کولي ڇڏيندا آهن ۽ هٿ تي رکي خوب گهمائيندا
آهن، جيئن سندس خوف اصل لهي وڃي ۽ ڪنهن به شئي کان
نه ڊڄي. ان کان بعد ۾ کيس شڪار ڪرڻ لاءِ هيرائيندا
آهن. ائين ڪرڻ لاءِ تتر يا ڪنهن ٻئي پکيءَ جي کل
لاهي، گوشت جدا ڪري، ۽ ان کل کي ڪپهه سان ڀري هڪ
بوتو تيار ڪندا آهن ۽ ان کي باز جي سامهون بال
وانگر اڇلائيندا آهن. جنهن کي باز اڏامي وڃي
جهليندو آهي. اهڙي آزمائش بعد جنسي جيئرو پکي کنڀن
ڪٽيل اڏائيندا آهن ان کي باز وڃي پڪڙيندو آهي. اهو
شغل ايستائين جاري رکندا آهن، جيستائين باز مڪمل
شڪار جي لائق بنجي وڃي. انهيءَ عرصي اندر شڪاري
جهنگلي ننڍا پکي، تتر، ڳيرا، ڪٻرون، هيڙها، بربلا
وغيره ڦاسائي اچي باز کي کارائيندا آهن، ۽ جڏهن
باز خود شڪار جي لائق ٿيندو آهي ته پوءِ کيس ڪيل
شڪار وارن پکين مان کارائبو آهي. باز کي اڪثر مٿي
۾ چمڙي جي ٽوپي وجهي ڇڏيندا آهن، جيئن هو گهڻو
اڏامڻ جي ڪوشش نه ڪري ۽ پريشان نه ٿئي. پاليل باز
کي پيرن ۾ سنهڙيون گهنگهريون وجهي ڇڏيندا آهن،
جيئن خبر پوي ته هي پاليل باز آهي ۽ شڪار وقت
جيڪڏهن مالڪ کان جدا ٿي وڃي ته ان کي سولائيءَ سان
ڳولي سگهجي. باز کي، جنهن ڏينهن شڪار ڪرائڻو هوندو
آهي، ان ڏينهن صبح جو کيس کاڌو نه ڏنو ويندو آهي ۽
سويل ٽي ٻه_ ٽي ڄڻا باز کي جهنگل ۾ وٺي ويندا آهن
۽ بازدا خود باز کي سنڀاليندو آهي. باقي ٻيا ماڻهو
جهنگل مان يا پوکن مان ٺڪائي پکين کي اڏائيندا
آهن. بازدار باز کي بڇڻ مهل سندن پيرن مان دواليون
ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ سندس مٿي مان چمڙي جي ٽوپي لاهي،
باز کي مٺ ۾ قابو جهليندو آهي ۽ تتر جي اڏامڻ سان
بروقت مُٺ سان بال وانگي باز کي ان تتر جي پٺيان
ڦٽو ڪندو آهي. باز گهڻو ڪري تتر جي هيٺان اڏامندو
ويندو آهي ۽ جنهن مهل تتر هيٺ ڪنهن وڻ ۾ لهڻ جي
ڪوشش ڪندو آهي، انهيءَ وقت باز لُوهه ڏيئي کيس وڃي
پنهنجن چنبن ۾ ضبط ڪندو آهي ۽ پوءِ ٻئي يڪو اچي
پُٽ تي ڪرندا آهن ۽ چنبن ۾ دٻائي تتر مٿان چڙهيو
ويٺو هوندو آهي. پوءِ شڪاري وڃي باز جي چنبن ۾ بند
ٿيل تتر کي تڪبير وجهندو آهي ۽ رَتُ باز کي
پياريندو آهي جو رت باز سندس چهنب سان چوسيندو
آهي. ان بعد آهستي آهستي باز جي چنبن مان تتر کي
ڪڍيو آهي. پر جيڪڏهن تتر جيئرو ڇڏائڻو هوندو آهي
ته پوءِ تتر کي قابو جهلي، ان بعد تتر جو بوتو، جو
شڪاري پاڻ سان کڻندا آهن، اهو ان جي سامهون مٿي
هوا ۾ اڇلبو آهي ته باز ازخود ان ڏانهن اڏامندو
آهي ۽ جهليل تتر کي آزاد ڪرائي وٺبو آهي. ڪنهن به
صورت ۾ باز جي چنبن مان شڪار زوريءَ نه ڦريندا
آهن. جيڪڏهن هن کان شڪار زوري کسيو ويو ته هو بددل
ٿي پوندو. جنهن کي ”ڪم نيرو“ چئبو آهي. پوءِ وري
اهو باز شڪار نه ڪندو. اهڙي خراب ٿيل باز کي وري
شڪار لائق بنائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽
گهڻو وقت لڳي ويندو آهي. تترن جو شڪار ٻين بازن
سان به ڪري سگهبو آهي، پر هن شڪار لائق هڪ خاص قسم
جو باز هوندو آهي، جنهن کي ”بانشو“ چوندا آهن ۽ هي
باز ڪاري تتر کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي ۽ شڪار ۾
تمام ڦُڙت ۽ هوشيار پکي ٿيندو آهي ۽ ساڻس روزانو
اٺ_ ڏهه تتر شڪار ڪري سگهبا آهن. شڪار ختم ٿيڻ بعد
کيس کارائي ڍؤ ڪرائبو آهي. هن نموني باز جي شڪار
ڪرڻ سان، ڪارا ۽ ڀورا سڀيئي تتر، نر توڙي ماديون،
انهن جو شڪار ڪيو ويندو آهي. ۽ هر هڪ باز جي
سنڀالڻ لاءِ هڪ هڪ علحدو ماڻهو هوندو آهي، جنهن کي
بازدار چوندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن کي کاڌي ۽ ڪپڙي کان
علاوه چڱا خاصا پگهار به ڏبا آهن پسنديده شڪار
ڪرائڻ تي کين انعامن سان به نوازيو ويندو آهي.
لائوي ”پاليل“ تتر سان شڪار ڪرڻ: ڪاري پاليل نر
تتر کي جهنگ ۾ انهيءَ هنڌ جي نزديڪ کڻي ڇڏبو آهي،
جتي جهنگلي تتر ٻوليندڙ هوندو آهي، اتي پهچڻ بعد
ٽن لاڳيتن وڻن جي وچ واري گهٽ کي يا ڪنهن وڏي وڻ
جي وچان ڪنهن ڳڙکيءَ ۾ لڪل طرح کنڌي (ڦاندو) ٻڌي
ڇڏبي آهي يا انهيءَ گهٽ جي پٺئين پاسي سنهي مضبوط
سُٽ جو رڇ (ڄاري)، جنهن کي لاڙڪي چئبو آهي ۽ گيڙو
رنگ جي هوندي آهي ۽ جا ظاهر ڏسڻ ۾ نه اچي، اها وڻ
کي ڦيرائي ڇڏبي. انهيءَ انتظار ڪرڻ بعد لائوي تتر
کي انهيءَ گهٽ جي سامهون کليل هنڌ تي رکي، سندس
پڃري مٿان مُٺ کن ٽارين جي ڏيئي ڇڏبي آهي. ان بعد
شڪاري بلڪل انهيءَ گهٽ جي سامهون ٻئي طرف تتر کان
ڪجهه پرڀرو لڪي وڃي ويهندو آهي ۽ تتر کي ٻولڻ لاءِ
ڳٽڪار ڪندو آهي يا سيٽي وڄائيندو آهي، جنهن به
نموني تتر ٻولڻ لاءِ هيرايل هوندو آهي. انهيءَ
آواز تي تتر ٻه چار دفعا ٽچڪ ٽچڪ ڪري پوءِ ٻولڻ
شروع ڪندو آهي. پر جيڪي تر ٻولڻ جا تکا آهن، انهن
کي سيٽي هڻڻ جي ضروت نه هوندي آهي ۽ هو ازخود ٻولڻ
شروع ڪري ڏيندا آهن ۽ سندس ٻولڻ تي يڪدم جهنگلي
تتر ٻولڻ بند ڪري ڊوڙي ايندو آهي سندس ظاهر ٿيڻ
تي پاليل تتر به ٻولڻ بند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جنهن
طرف تتر هوندو آهي، انهيءَ طرف منهن ڪري پڃري ۾
منهن هڻندو آهي ۽ ٻاهر نڪري وڃي وڙهڻ جي ڪوشش ڪندو
آهي. ٻئي پاسي جهنگلي تتر به پڃري جي چوڌاري گهيري
۾ ڦرندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو رهندو آهي،
جڏهن خاطري ڪندو آهي ته ڪو خطرو نه آهي، تڏهن
ويجهو چڪر هڻڻ لڳندو آهي. آخر اچي پڃري جي ٻاهران
چهنبون هڻي پاليل تتر سان وڙهڻ شروع ڪندو آهي.
سندس ڦاسائڻ جي ترڪيب هيءَ آهي جو جڏهن هو تتر جي
چوگرد وڏو گهيرو ڏيندو آهي ۽ جنهن مهل گهٽ جي
سامهون ايندو آهي، ان وقت شڪاري ڪنهن رومال يا
ٽوال سان هٿ مٿي کڻي کيس ٺاهه ڏيندو آهي. هٿ جي
تڪڙي چرپر اهڙي نموني ڪندو آهي، جيئن تتر مجبور ٿي
سامهون واري گهٽ ڏانهن ڊوڙي ۽ ڦاندي يا ڄاريءَ وڃي
ڦاسي. اهو ڪم تمام تڪڙو ۽ جلديءَ ۾ ڪبو آهي، جيئن
تتر کي ڦاندي يا ڄاريءَ هجڻ جو سماءُ ٿي نه پوي.
پر جي ڍر ڪبي ۽ کيس ٿورو شڪ پيو ته ڊوڙڻ بند ڪري
سڌو آسمان طرف اڏامي ويندو. هيءُ شڪار تمام ڏکيو ۽
چالاڪي وارو هوندو آهي. هيءُ پکي تمام سجاڳ هوندو
آهي. پهريائين اچڻ سان چوڌاري چڪر ڏيئي ڏسندو آهي
۽ جي اوچتو ڦاندي يا ڄاريءَ تي نظر پئجي ويس ته
اتي بيهي ٻه_ چار دفعا ڪِٽ ڪِٽ ڪري پوءِ چڪر ڏيڻ
چالو رکندو آهي ۽ ٻين طرفن کان پيو گهمندو آهي ۽
انهيءَ گهٽ کي سامهون ايندو ئي نه آهي. پر جي
زوريءَ انهيءَ طرف ڊوڙائبو اٿس ته يڪدم ٻئي طرف
ڀڄي ويندو آهي يا مٿي آسمان طرف اڏامي ويندو آهي.
اهڙيءَ حالت ۾ جنهن طرف ڊوڙندو آهي، وري ٻيو ڦاندو
انهيءَ پاسي ڪنهن گهٽ کان آڏبو آهي، جتان پهريائين
مٽيو هوندو. پوءِ اوچتو وڃي ان ۾ ڦاسندو، ڇو ته
هيءُ پکي تمام ضدي ٿيندو آهي ۽ وري لائوي جي
ٻوليءَ تي يڪدم ڊوڙي ايندو آهي. اهڙي طرح ڪيترائي
ڀيرا کيس ڦندو ڏبو آهي ته وري وري پيو ايندو آهي،
تيستائين، يا ته ڦاسي پوي يا شڪاري بيزار ٿي کيس
ڇڏي هليو وڃي.
ڪاري تتر جي ماديءَ سان شڪار ڪرڻ:
هيءَ شڪار اهي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي مادي تتر جي
ٻولي ڄاڻندا آهن، جيڪا ٻولي مادي تتري لڳ وقت نر
تتر کي ڳولڻ لاءِ ڪندي آهي. هن نموني تتر ڦاسائڻ
لاءِ دام تيار ڪبو آهي، جو لوهي ڪامن جو ٺهيل
هوندو آهي. ان جا چوڪنڊا خانا هوندا آهن، جن ۾
ڌاڳن جون تندون مڙهبيون آهن ۽ انهن جي وچ ۾ گهوڙي
جي پُڇ جي وارن مان ٺهيل ڦاندا پيل هوندا آهن.
اهڙي دام جي هر هڪ پٽيءَ ۾ ٽي يا چار ور هوندا
آهن، يعني هر پٽي ۾ ويهارو ڦاندا هوندا آهن. شڪار
لاءِ تتري کڻي اتي پهچبو آهي، جتي نر تتر ٻوليندڙ
هوندو آهي. پوءِ اچي ميدان ۾ هڪ ڪِلي کوڙي، ان ۾
تتريءَ کي پڃري مان ٻاهر ڪڍي سندس هڪ ڄنگهه ڪليءَ
سان ٻڌي ڇڏبي آهي ۽ ٻيءَ ڄنگهه سندس گوڏي وٽ ٻڌي
کيس هڪ جاءِ تي بيهاري ڇڏبو آهي، جيئن هيڏانهن
هوڏانهن نه ڊوڙي ۽ نه ڦٿڪي، بلڪ هڪ جاءِ تي بيٺي
رهي. پوءِ سندس چوڌاري دام ڦيرائي ۽ شڪاري يڪدم
لڪي ماديءَ تتر جي ٻولي وڏي آواز سان ڪندو آهي،
جنهن کي ٻڌڻ سان نر تتر يڪدم وڻن يا ڪکن ڪانن مان
ڊوڙي نڪري ايندو ۽ جڏهن مادي تتر تي نظر پوندي اٿس
ته بي خطا وٺي ان ڏانهن ڊوڙ ڪندو آهي، هن لاءِ ته
لڳ ڪرڻ واسطي ماديءَ تي چڙهي وڃي. انهيءَ شوق ۾
ايترو ته مدهوش ٿي ويندو آهي جو کيس دام جو سماءُ
نه پوندو آهي ۽ اوچتو ئي اوچتو دام ۾ ڦاسي ويندو
آهي. جنهن بعد شۡاري، تتر کي ڪلي مان ڇوڙي پڃري ۾
وجهي کڻي وڃي ٻئي تتر جو شڪار ڪندو آهي. هيءُ شڪار
ٿوريءَ محنت وارو ۽ آسان آهي، پر هر ڪو ماڻهو ڪري
نه سگهندو، ڇو ته مادي تتر جي ٻولي ڄاڻڻ هن شڪار
لاءِ خاص شرط آهي.
ڀوري تتر جو شڪار: هيءُ شڪار اڪيلي پاليل نر يا نر – مادي گڏ،
ٻنهي نمونن ۽ وسيلن سان ڪري سگهبو آهي. ان لاءِ
بانس جي ڪاٺين يا لئيءَ جي ڪاٺين مان اهڙي نموني
دام ٺاهبو آهي، جهڙي نموني ڪارڙي تتر ڦاسائڻ وارو
دام ٺاهيو ويندو آهي. شڪاري، دام پُٺن پويان ۽
پڃرو هٿ ۾ کڻي جهنگ جو رخ ڪندا آهن ۽ اتي سيٽي
وڄائي تتر کي ٻولائيندا آهن. تتر جي ٻوليءَ تي
جهنگلي تتر به ٻوليندا آهن، پوءِ ماٺ – ميٺ ۾ اتي
دامُ پکيڙي لائوي تترکي ڪنهن وڻ ۾ مناسب هنڌ تي
رکي پڃري کي ٽارين سان مضبوط ڪري ڇڏبو آهي، جيئن
جهنگلي تتر پڃري ۾ بند ٿيل تتر کي ڏسي ٽهي ڀڄي نه
وڃن. پوءِ شڪاري ڪنهن گهٽي وڻ ۾ لِڪي ويهي سيٽي
وڄائي تتر کي ٻولائيندو آهي. ڪي تتر شڪاريءَ جي
ڇپڻ سان گڏ يڪدم ازخود ٻولڻ شروع ڪندا آهن، جنهن
جي جواب ۾ يا ته جهنگلي تتر ٻوليندا ۽ ڊوڙندا
ايندا آهن يا ته ماٺ ماٺ ڪري اچي تتر تي حملو ڪندا
آهن. ڇو ته جهڙيءَ طرح زميندارن جون زمينون ورهاست
ٿيل هونديون آهن ۽ پنهنجي حد ۾ ٻئي زميندار جو دخل
برداشت نه ڪندا آهن. ساڳئي طرح تتر به پنهنجي
جُوءِ ۾ ٻئي تتر کي اچڻ نه سهندا آهن ۽ کيس ماري
هڪالي ڪڍڻ لاءِ مٿس ڪاهه ڪندا آهن. هيءُ تترن جو
مقابلو عجيب نموني ۽ حيرت انگيز به هوندو آهي ته
عبرتناڪ به هوندو آهي. هڪ طرف تماشو هوندو آهي ته
ٻئي طرف خدا پاڪ جي قدرت جو اهڙو مشاهدو هوندو
آهي، جو عين انسانن جي فطرت مطابق هوندو آهي.
جهڙيءَ طرح انسانن ۾ ڪنهن قبضيداريءَ تي وڏو فساد
ٿيندو آهي ۽ ٻنهي طرفن جا ماڻهو وڏي هُل ۽ گوڙ سان
پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا آهن، ۽ هڪٻئي کي هڪلون
۽ دڙڪا ڏيندا ۽ گهٽ-وڌ ڳالهائيندا آهن، اهڙي طرح
هي پکي جڏهن آمهون سامهون ٿيندا آهن ته سندن ئي
آواز هوندو آهي. ”هون هون، ڪهڙو ڪهڙو“ اهڙي طرح
هڪلون ڪندا ۽ ٻوليندا رهندا آهن ۽ ٻئي وطن جي
آزادي ۾ غيرن کي تڙي ڪڍڻ جو هڪ انوکو ڪردار ادا
ڪندا آهن. جنهن جهيڙي دوران ڪي دامَ ۾ ڦاسي وطن
مٿان جان جي قرباني ڏيندا آهن. هر هڪ دامَ تي هڪ
کان چئن – پنجن تائين تتر ڦاسندا آهن. اهڙيءَ طرح
روزانه شڪاري پندرهن – ويهه تتر شڪار ڪري سگهندو
آهي. ڪڏهن دام خالي به ويندو آهي. پر ڪڏهن ائين به
ٿيندو آهي ته سڄي ڏينهن جي شڪار ۾ ماريءَ کي ڪجهه
به هٿ نه ايندو آهي. ان ڪري چوڻي آهي ته شڪار
بيڪار آهي. هن شڪار وقت ته تتر اچي دام ۾ ڦاسي
پوندا آهن يا جيڪڏهن ڦري دام جي پاسي کان اندر
لنگهي ايندا آهن ته انهن کي کنگهڪار ڪرڻ سان
ڊيڄاري ڀڄائبو آهي ۽ موٽ ۾ ڊوڙندي دام ۾ ڦاسي
پوندا آهن. ڪي وري دام ۾ ڦاسڻ بعد ڦاندا ٽوڙائي
ڀڄي ويندا آهن ته ڪي وري پيرن جي ننهن سان ڦاندا
کولي آزاد ٿي ويندا آهن، ڪي ڦاندي ۾ گهٽجي مري به
پوندا آهن. اهڙيءَ طرح ڦاسڻ بعد جيڪي بچندا آهن،
اهي في الحال ٽڙي پکڙي ويندا آهن ۽ پوءِ هڪٻئي کي
ڳولڻ لاءِ ڪيڙو ڪيڙو جي ٻولي ڪري هڪٻئي کي سڏيندا
آهن. جنهن بعد گڏ ٿيڻ |