(3)
بربلن يا
بلبلين جو شڪار
سيارو منهن ڪڍندو هو ته بربلن جي ڦاسائڻ جا
سانباها شروع ٿيندا هئا. منهنجي ڳوٺ هالن نَون ۾
ته هي آزار ڏاڍو زور هوندو هو. بربلن ڦاسائڻ وارا
ڪوڙڪا ٺاهڻ کي لڳي ويندا هئا، جي بربلن جي
گرفتاريءَ جا وارنٽ هئا، پراڻيون ڌوپ ڇٽيون وڪامڻ
لڳنديون هيون، ڇو ته انهن جون لوهي تارون ڪوڙڪن ۾
ڪتب اينديون هيون. ٺهيل ڪوڙڪا هڪ طرف وڪامندا هئا،
ته ٻئي طرف ننڍي ٽهيءَ وارا نوجوان ڇوڪرا پڻ
پنهنجي شوق پوري ڪرڻ لاءِ خود ڪوڙڪا ٺاهيندا هئا.
وٺ وٺان ٿي ويندي هئي. اسان جي ٻني ته بربلن
ڦاسائڻ لاءِ ڄڻ هڪ شڪار گاهه هئي. ان جو سبب اهو
هو جو ٻنيءَ جي هڪ طرف ويءُ هوندي هئي، جنهن ۾
بربلن جي پيئڻ لاءِ شفاف پاڻي موجود هوندو هو، ته
ٻئي پاسي کان ڊپٽيءَ جو باغ هوندو هو، جنهن جا
ميوا سندن لذيذ کاڄ هو، ٽئين طرف وري کٻڙين، ڄارين
۽ ڪرڙن جا وڻ هئا جن ۾ مَڪ، پيرون، پُسي ۽ پڪا
ڪثرت سان پيدا ٿيندا هئا، جن جون بربلون عاشق
هونديون هيون. اهو عشق کين گرفتاري لاءِ اتي ڪٿان
جو ڪٿان آڻي ڪڍندو هو. چوٿين طرف هُڙي جا گهاٽا وڻ
به سندن ٽيڪڙو ٽيڪڙو جي خوشنو آواز سان گونججي
ويندا هئا، باقي وچ وارو ميدان اسان جي ٻني جو هڪ
آئٺو هوندو هو، جنهن ۾ بربلن جا ظالم شڪاري ڍنگهر
سَٿي اچي ٽَپَ ٺاهيندا هئا. چپي چپي تي هڪ ٽپ
ٺاهيو ويندو هو ۽ ڍنگهر سٿي بربلن جي ڦاسائڻ لاءِ
اڏا تيار ڪيا ويندا هئا.
ڪوڙڪيءَ ٺاهڻ لاءِ هڪ لئي جي ڪاٺي ۽ هڪ ڌوپ ڇٽيءَ
جي تار ضروري هوندي هئي. ڪاٺيءَ ۾ هڪ ٽُنگ مٿان ۽
هڪ هيٺان ڪڍڻو پوندو هو ۽ تار کي ڪجهه قدر ڪمان
وانگر ورائي ان ڪاٺي سان فٽ ڪيو ويندو هو. مٿئين
پاسي هڪ زهه سان تار کي ڪاٺيءَ سان ملايو ويندو هو
۽ ٽُنگ جي ٻئي پاسي هڪ ننڍي ڪاٺي، جنهن کي مَکَ
چيو ويندو هو، تنهن سان ملايو ويندو هو. هڪ، ٻي،
ٽي انچ کن ننڍي ڪاٺي، جنهن کي آڪڙي چوندا هئا، ان
جو هڪ پاسو ڪاٺيءَ جي مٿئين سوراخ ۾ اهڙي طرح وڌو
ويندو هو، جو بربل جي ان آڪڙي تي ويهڻ سان آڪڙيءَ
جو بربل جي بار سبب نڪري وڃڻ ۽ بربل ويچاريءَ جي
بعضي هڪ ٽنگ ۽ بعضي ٻئي ٽنگون چَڀُ ڪوڙڪي جي زهه ۾
سُڪ ٿي وڃڻ جو عمل يڪدم ٿي ويندو هو. بربل ويچاري
لڙڪي پوندي هئي ۽ جند ڇڏائڻ لاءِ گهڻو ئي ڦٿڪندي
هئي، مگر سڀ بيسود.
بربلن جا شڪاري ڇا ڪندا هئا جو شام جو وڃي ٽپن ۾
ڪوڙڪا مَنڊي ايندا هئا ۽ هر هڪ ٽپ تي هڪ ڌاريل
بلبل مُلهي طور ويهاري ويندي هئي ۽ ڪوڙڪن جي آسپاس
مَڪن ۽ پيرن جون ٽاريون مڪن ۽ پيرن سان جنجهيل
پکيڙيون وينديون هيون. انساني دماغ عجيب آهي ۽
لالچ بري بلا آهي. سج اڀرئي کان اڳ ڪوڙڪائي وڃي
ٽپن کي اک ۾ ڪري ويهندا هئا، سج اڀرڻ سان بربلن جا
دُئار جڏهن هن ميدان جي مٿان لنگهندا هئا، تڏهن
مُلهي طور ويٺل بربلون پنهنجي وڳر کي ڏسي پرت مان
پڪارينديون هيون، مُلهيا ته ويچارا پيٽيءَ سان ٻڌل
هوندا هئا، جنهن ڪري اُڏامي ان دُئار سان ملي ڪين
سگهندا هئا، تنهنڪري هنن جا سڪ جا سڏ ڪندا هئا.
هيءُ پيارا پکيئڙا پنهنجي هم جنس جو آواز اونائي،
مڪ، پيرون، پُسي ۽ پڪا جام ڏسي ڀڙڪا کائيندا، ٽپن
تي لهي ايندا هئا، جتي سندن ڦاسيءَ جو سامان موجود
هوندو هو، صرف سندن هيٺ لهڻ جي دير هوندي هئي.
بربلن ويچارن جي سڄي دُئار جو دُئار ڪي ڪنهن ٽپ
تي، ته ڪي ڪنهن ٽپ تي قدم رکنديون هيون ۽ جيئن
ڀائينديون هيون ته آڪڙيءَ تي ويهي مزي سان مڪ
کائين، آڪڙي، جا اهڙِي اٽڪل سان رکي ويندي هئي جو
فقط ڪک جي اشاري ئي ٿڙي وڃي، سا وڃي هيٺ پوندي هئي
۽ بربل جون ٻئي ٽنگون ڪاٺ ۾، مک وڃي ڪوڙڪي سان
پڄندي هئي ۽ بربل ويچاري ٽنگن ڀر دام تزوير ۾
گرفتار ٿي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪڏهن بربلون
سَوَن جي تعداد ۾ ڦاسي پونديون هيون. ڪن ننڍين
بربلن جون ڪچڙيون ٽنگون ڀڄي به پونديون هيون، جو
زهه ۾ ڏاڍو وَڪُ رکيل هوندو هو. شڪاري ويرم ئي
ڪانه ڪندا ويندا هئا، ڊوڙندا ايندا هئا ۽ بربلن کي
ڪوڙڪن مان ڪڍندا، پڃرن ۾ بند ڪندا ويندا هئا ۽
پڃرا گندي ۾ ويڙهي ڦٿڪندڙ بربلن کي کڻي شهر ۾ وڪڻڻ
لاءِ نازل ٿيندا هئا. بربلن جا گراهڪ هنن شڪارين
جي انتظار ۾ هوندا هئا ته ڪڏهن ٿا پڃرا ڀرجي اچن.
بربلين جي قيمت به ڇا هوندي هئي؟ فقط ٽڪو يعني
اڳواڻا ٻه پئسا.
بربلون مختلف قسمن جون هونديون هيون، مون کي
هيٺيان قسم ياد اچن ٿا:
1 – ڪالرو 2 – سينڌرو 3 – کچائين ۽ 4 – ٿاريلي.
پهرين ٻن قسمن جي سڃاڻپ هيءَ هوندي هئي ته ڪالرو
بلبلين کي مٿي تي سڀ کنڀ ڪارا هوندا هئا ۽
سينڌروکي سندس ڪاري مٿي ۾.
هڪ ڳاڙهو سنهو کنڀ هوندو هو. ڪالرو جلد هِري ويندي
هئي، مگر سنڌرو هِرڻ ۾ دير لڳائيندي هئي، شڪل
شباهت ۾ ٻيئي هڪجهڙيون هونديون هيون. البت وزن ۾
سينڌرو ڳري هوندي هئي، ڪي بربلن جا ڌاريندڙ سينڌرو
بلبلن جا پڇ کوهي انهن کي لنڊو ڪندا هئا ۽ انهن
کي سينڌرو جي بدران لنڊو سڏيو ويندو هو، لنڊو
چپيءَ تي آسانيءَ سان ايندو هو ۽ وڏا چپا ڏيندو هو
۽ ڪالرو ايترو وڏن چپن تي ڪانه ايندي هئي، جيترن
تي سينڌرو.
هنن ٻنهي بربلن جو رنگ ۽ نمونو ساڳيو هوندو هو.
فقط مٿي ۾ ڳاڙهي سنهي کنڀ مان سندن سڃاڻپ ٿيندي
هئي، ڪالرو مادي هوندي هئي۽ سينڌرو نر هوندو هو.
ٻنهي جي پڇ هيٺان پيلي رنگ جا نرم ۽ نفيس کنڀ
هوندا هئا جن کي کِچا سڏيو ويندو هو.
ٽيون قسم کچکچائين بربل جو هوندو هو. جنهن ۾ فرق
صرف اهو هوندو هو، جو مٿان ڪي زائد چٽڪمرا کنڀ
هوندا هئس.
جي گويا کمندا پيا هوندا هئا، هن بربل جي قيمت فقط
هڪ آنو هوندي هئي، چوٿون قسم ٿاريلي بربل جو هوندو
هو. هن بربل جو رنگ روپ، شڪل شباهت ۽ قدوقامت
مختلف هوندي هئي. پهرين ٽن قسمن وارين جا ڳَلَ
سفيد هوندا هئا، مگر ٿاريلي بربل جا ڳَلَ به مٿي
وانگر ڪارا هوندا هئا. بدن ڀورو هئڻ جي بجاءِ
تيرائون هوندو هوس ۽ کچا پيلي رنگ جي بجاءِ ڳاڙها
هوندا هئس. هي بربلون تعداد ۾ گهٽ ڦاسنديون هيون،
جنهن ڪري اقتصاديات جي اصول موجب قيمت به ٻيڻي
هوندي هين، يعني ٻه آنا. گڙنگ شوقين هن بربل کي
پسند ڪندا هئا، ڇو ته هيءَ وڌيڪ ويڙهو هوندي هئي،
بربلن جا واپاري هر هڪ بربل کي پيٽي چيلهه ۾وجهي
ڏيندا هئا، ۽ اها سندن قيمت ۾ داخل هئي، باقي ڏورو
هر ڪو پنهنجو پاڻ وٺندو هو. پاٽلي به هن موسم جو
فائدو وٺي ڏورا، قسمين قسمين ريشمي سڳن سان ۽
زريءَ جي تندن سان ٺاهي وڪري لاءِ رکندا هئا،
سادا، اوچا، ريشمي، سوٽي ۽ زريدار. مطلب ته جيتري
قيمت ڀري سگهي، سو اهڙي عمده ڏورو حاصل ڪري ٿاريلي
بربل، بنسبت ٻين بربلن جي قد ۾ وڏي ۽ وزن ۾ گهڻي
هوندي هئي، مگر ان هوندي به ڦڙت وڌيڪ هوندي هئي ۽
هِرڻ ۾ به دير ڪانه ڪندي هئي.
بربلن جي واپار مان چار ڌريون خوف ڪمائينديون
هيون: هڪڙا شڪار، ٻيا ڪوڙڪا ٺاهيندڙ، ٽيان پاٽولي
۽ چوٿان پڃرن وارا. ڇو ته جيستائين بربلن هِري
مِري ۽ هٿ تي ويهڻ جهڙي ٿئي ۽ ڪِليءَ تي ويهي
سگهي، تيستائين پڃرو ضروري هوندو هو، جيئن ويچاري
ٻلي يا ٻليءَ جو کاڄ نه ٿي وڃي. مروان موت ملوڪان
شڪار، بربلن جي گرفتاريءَ مان ڪيترن جو روزگار
ٿيندو هو. ان کان سواءِ بربلون ڌاريندڙ ۽
هيرائيندڙ به چڱو ڪمائيندا هئا. ڌاريل بلبل، جيڪا
فقط چپن تي اچي سا اٺين اني وڪامندي هئي ۽ جا ڏوري
۽ پيٽيءَ سميت ڀت تي ڇڏي ڏجي ۽ اتان پيتي ڏيکارڻ ۽
سينڍ وڄائڻ سان موٽي چَپي تي هلي اچي سا رپئي ۾، ۽
اها بربلن جنهن ڏورو پيٽي ڪڍي ڇڏجي تڏهن به گهمي
ڦري پنهنجي ڪليءَ تي موٽي اچي سا ڏيڍ رپئي وڪامندي
هئي.
ڪي شوقين بربلن کي ويڙهائيندا هئا، جهڙيءَ طرح
تترن ۽ ڪڪڙن کي ويڙهايو ويندو آهي. بربل کي اول
وڙهڻ آرسيءَ تي سيکاريو ويندو آهي. آرسي اڳيان
رکبي هئس ته ويچاري سمجهندي هئي ته اها ڪا ٻي بربل
آهي ۽ ان کي خوب ٺونگا ۽ چنبا هڻندي هئي
۽ عجيب تماشو ڏسڻ ۾ ايندو هو.
بهرحال، ويچاري قيدياڻي بربل پهريائين ته پنهنجي
آزاديءَ ۽ باغن جون بهارون ڇڏڻ تي گهڻو ئي تيسو
ڪندي هئي، گيگ ڪندي هئي ۽ ڪڪڙين وانگر ڇار ڪندي
هئي، نه کائيندي هئي نه پيئندي هئي، مگر آخر هي
ڪار- مٿو ٻه – پيرو۽ اڀو جانور يعني انسان ڇا نٿو
ڪري سگهي! بربلن کي لالچائي ڪيئن نه پنهنجو غلام ۽
اشاري تي هلڻ وارو پکي بنائي سگهي ٿو. رڌل لاهوري
گجر، ڪتل، مٺايون ۽ ميوا وغيره ڀيٽيءَ طور کيس
ڏيکاري، لالچائي، آخر کانئس چمن وسارائي ڇڏيندو
هو. ٽوري گهڻي ڏينهن هوءَ کائڻ پيئڻ لڳندي هئي،
پوءِ کيس ڪجهه وقت بک ڏيئي چپن تي آڻڻ لاءِ هڪ هٿ
تي ويهاري ٻئي هٿ کي مٿي کڻي کيس ڀيتي ڏيکاربي هئي
ته کاڌي لاءِ ويچاري ڀڙڪو ڏيئي چپي تي ايندي هئي.
پهريائين ننڍا چپا آخر رفتي رفتي وڏا چپا ٿي ويندا
هئا.
هتي چند لفظ آءُ پنهنجي متعلق به چوندس. مون کي
ننڍي هوندي راندين سان گهڻي دلچسپي ڪانه هوندي
هئي، پر بربل جي حسن تي دل مائل ٿي ويندي هئي ۽
بربل ڌارڻ جو شوق هوندو هوم. بيبلن ته مون کي مفت
۾ ملنديون هيون، جيتريون به دل چاهيم؛ ڇو ته اسان
جي ٻنيءَ ۾ بربلن جو شڪار ٿيندو هو ۽ ڏن طور
بربلون اسان کي مفت ۾ ملنديون هيون، پر شينهن
وانگر ٻئي جي شڪار مان کائڻ مون لاءِ عيب هوندو
هو. مون پاڻ چار ڪوڙڪا پنهنجا خريد ڪيا هئا ۽ آچر–
آچر تي پاڻ وڃي ٽپن تي منڊي ايندو هوس. خوش
قسمتيءَ سان بربلون ڦاسنديون هيون ته پنهنجي
ڪاميابيءَ تي ڏاڍو سرهو ٿيندو هوس. ٻيون بربلون
ٻين پاڙي وارن ٻارن کي مفت ڏيئي هڪ يا ٻه پاڻ
ڌاريندو هوس، جنهن لاءِ مون کي گهڻيئي پٽ کو ۽
جفاڪشي ڪرڻي پوندي هئي.سينڍو وڄائڻ به بربلن لاءِ
سکيس ۽ ڏاڍي سٺي وڄائيندو هوس. منهنجي کيسي جي
خرچي سڄي بربلن جي قوت لاءِ وقف هوندي هئي. بربلن
کي روز وهنجاريندو هوس. وات ۾ پاڻي وجهي ڦونگهارا
هڻندو هوسانِ ۽ پوءِ انهن کي ڪِليءَ تي اس ۾
ويهاريندو هوس.
مگر جڏهن پَر سوئي، ڇنڊي، کچاکنڊيڙينديون هيون،
تڏهن ڏاڍو لطف اندوز ٿيندو هوس. پَرن سڪائڻ بعد هو
ڏاڍيون سهڻيون ۽ خوش نما نظر اينديون هيون. رات جو
ڳچ دير تائين ويهي کين اوجاڳو ڏيندو هوس ۽ چپن تي
آڻڻ جي مشق ڪرائيندو هوس.
مطلب هن موسم ۾ سڄو شهر، جتي ڏسبو هو اُتي بربلون
ئي بربلون نظر اينديون هيون. درزين جا دڪان ته
بربلن سان ڀريا پيا هوندا هئا، هر هڪ ڪاريگر کي
پنهنجي پنهنجي هڪ يا ٻه هريل بربل هوندي ئي هوندي
هئي، جتان لنگهبو هو ته ٽيڪڙو ٽيڪڙو جو مٺو ۽
دلپذير آواز ڪنن کي خوشي پيو بخشيندو هو، هالا ۾
بربلن وڪڻڻ وارن جا نالا به مون کي ياد آهن، مگر
خاص ماڻهو جنهن جو نالو سوڍو هو، تنهن وٽ گراهڪن
جي ڀيڙ نظر ايندي هئي. ڇو ته هو پنهنجي بربلن جي
تعريف ۾ اهڙا اهڙا ته جملا گهڙيندو هو جو سڀڪو
سندس گراهڪ ٿي ويندو هو. بيشڪ سوڍو هن ڪم ۾ طاق
هو. چيو اٿن ته ڪسبِ ڪمال ڪن ڪ عزيز جهان شوي“ ٻه_
اڍائي رپيا روز ڪمائيندو هو، هيءُ ان وقت جي لحاظ
کان تمام سٺي ڪمائي هئي.
سوڍو، سوڍو هو. بربلون ڦاسائي ته سوڍو، وڪڻي ته
سوڍو، هيرائي ته سوڍو. سندس منهن سينئرن سان
چگهيل، پنبڙيون کٿل، ڪنن ۾ چانديءَ جون ڪيوٽيون يا
مرڪيون، بدن تي صدري ۽ ڪاري ڪانچ هوندي هئس. ذات
جو ويچارو ڪڃر هو، مگر پاڻ خاڪ شوريءَ جو پورهيو
ڪري کائيندو هو، ڀٽائيءَ جو پڪو جمعائي هوندو هو ۽
جمي تي آوس راڳ ٻڌڻ لاءِ ڀٽ شاهه تي ويندو هو.
پڇبو هوس ته، ”سوڍا جمعو چڱو لڳو؟“ ته چوندو هو
ته، ”سائين، هن جمعي تي بنهه فقيرن جي ڀرسان جاءِ
ملي ويئي ۽ هڪ تڏو وڇائي، بي فرحتي، ٿي ويهي
رهياسين. جڏهن بربلن جي موسم ختم ٿي ويندي هئي،
تڏهن درزين جي دڪانن تي استريون تپائيندو هو، ٻيڙا
ٺاهيندو هو۽ ڪوڪ ڪڍندو هو. جيڪڏهن ڪو کيس ’استاد
سوڍا‘، ڪري سڏ ڪندو هو ته نهايت گد گد پيو ٿيندو
هو. خدا کيس مرهه ڪري، گهڻو زمانو ٿيو جو گذاري
ويو، هنجي وفات بعد هالا ۾ بربلن جو سارو ڌنڌو
رونق ڇڏي ويو ۽ آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو. هينئر
هالا ۾ هيءُ شوق برائي نام آهي. مٺو آواز ۽ زيور
حسن جيئن انسان جا دشمن آهن، تيئن سهڻن پکين لاءِ
به جاني دشمن آهن. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
خوشنوائيءَ ته رکيو مون کي اسير صياد،
مون کان صدقي ۾ ڪسڻ وارو آ ڪڪڙ به چڱو.
(4)
پَلن جو شڪار
”مهراڻ“، اسان جي پياري سنڌ ملڪ تي جيڪي لامحدود
عنايتون ۽ نوازشون ڪيون آهن، انهن مان پلو به هڪ
وڏي غنيمت آهي. سنڏو درياءُ جي هيءَ عجيب غريب
مڇي، فقط سٻاجهڙن سنڌين کي ئي نصيب آهي، باقي
تمام دنيا هن نعمت کان محروم آهي. هن مڇيءَ جي ڪشش
دنيا جي ڪيترن ئي حڪمرانن، فاتحن ۽ سياحن کي ڪشان
ڪشان سنڌ جي سير ۽ سفر لاءِ آماده ڪيو ۽ پلي جي
موسم ۾ سنڌ ۾ رهي ان جي لذت حاصل ڪرڻ تي مجبور
ڪيو. هرهڪ سياح جنهن سنڌ جو پلو کائي ڏٺو، تنهن
پنهنجي سفر نامي ۾ ان جي تعريف کي ڪڏهن به نظر
انداز نه ڪيو.
تاريخ ۾ لکيل آهي ته تغلق گهراڻي جو مشهور
فرمانروا محمد تغلق باغين جو تعاقب ڪندي دهليءَ
کان اچي سنڌ جي قديم تختگاهه شهر ٺٽي ۾ پهتو، جتي
جي عمدي آبهوا کيس پسند اچي ويئي ۽ اتي رهي پيو.
محمد تخلق کي پلو ايتريقدر ته مرعوب طبح آيو جو
رات ڏينهن بي اختيار ٿي پلو کائيندو رهندو هو، حتي
ڪ بيمار ٿي پيو ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ جڏهن پلي
کائڻ کان پرهيز لازمي هئي، تڏهن به پلي کائڻ کان
پاڻ کي پلي نه سگهيو، جنهنڪري ئي سندس موت واقع
ٿيو.
اڄ به سنڌ ملڪ سان غير مانوس قومون، جي هتي آيون
آهن يا اينديون رهن ٿيون، سي پلي کائڻ مان ڍاپن ئي
ڪونه ٿيون. جيتوڻيڪ هنن کي پلي رڌڻ يا پچائڻ جي
پوري تربيت به نٿي اچي، جنهن ڪري پلي جي حقيقي لذت
کان به ناآشنا آهن.اسان جا هندو ڀائرجي پاڪستان
قائم ٿيڻ بعد ڀارت ويا آهن سي ويچارا پلي لاءِ
پڪاريندا ٿا وتن.
سنڌ ملڪ جو ڄرڪو،
گندڻ،
سينڱاري،
مُڪر،
کڳو،
گانگٽ ۽ ٻيون چند بي ڇلر مڇيون، جن کي سنڌي ماڻهو
بي لذت،
بي سودا ۽ ڦوڳ جهڙي مڪروه مڇي سمجهي کائڻ کان اڪثر
دريغ ڪندا آهن ۽ فقط واپار جي لحاظ کان هند و پاڪ
جي ٻين ڀاڱن ۾ موڪلي ڏيندا آهن، تن کي اتي جا
ماڻهو غنيمت سمجهي وڏي شوق سان واپرائيندا آهن.
باقي تازو پلو ئي آهي، جنهن جي نعمت فقط سنڌ جي
رهاڪن کي ئي نصيب آهي، هيءَ اها نازڪ مڇي آهي جا
گهڻو وقت جٽاءَ نٿي ڪري، مگر جلدئي خراب ٿي وڃي
ٿي. جيتوڻيڪ برف جي ذريعي ان کي ڪجهه دور پنڌ تي
موڪلڻ جي ڪوشش به ڪئي وڃي ٿي تا ته ٻيا به ان جو
حط ۽ مزووٺن. مگر تازي پلي جو لطف هڪ اوُرئي نعمت
آهي. آنياري پلي جي آني ۽ کيري پلي جي کس ۽ کيري،
اهي چيزون آهن جي قوت جي لحاظ کان سون جي ڪشتيءَ
کان به وڌيڪ آهن، ڇو ته دنيا جي ٻين سڀني مڇين
کان پلي ۾ وڌيڪ قدرتي فاسفورس پيل آهي. جو پلي جو
پيٽارو ته وري الله تعالي جو اهو اانعام آهي جو
عام طرح سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ ”جن کاڌا پلن جا
پيٽارا، تن جا هينئڙا ويچارا“. پلي جي بي انداز
قدرتي لذت جو ثبوت هن مان ملي ٿو، جو دنيا جي ڪنهن
به ٻئي ٻوڙ يا ڀاڄيءَ سان، ايتري ماني هرگز نه
کائي سگهبي، جيتري پلي سان کائي سگهبي،
پوءِ اهي ٻوڙ ڇو نه کڻي مختلف گوشتن، مڇين يا
ڀاڄين جا هجن. ڪهڙو به ڏچر انسان پلي سان ڪم از ڪم
ٽيڻي ماني يا چانور کائي اٿندو.
اسان جا غير سنڌي دوست جڏهن به پنهنجي سنڌي احباب
وٽ پلي جي موسم ۾ مهمان ٿيندا آهن. تڏهن اهائي
وائي وات هوندي اٿن ته؛ ”ادا،
ڪو اسان پڪل پلو کارايو“. سنڌ جا مهمان نواز سنڌي
سٻا جهڙا پنهنجي عزيز ۽ دوستن کي وڏيءَ دل سان
پنهنجي پنهنجي استطاعت آهر
مهراڻ جي ڪناري وارن حسين شهرن ۽ ڳوٺڙن ۾ خاص
موقعا پيدا ڪري وٺي ويندا آهن ۽ اتي تازا درياءَ
مان نڪتل پلا وٺي،
مختلف نموني سان مصالحه ڏياري تيار ڪرائي، ڍوُ
ڪرائي، من مستي ڪرائي موٽندا آهن، بعضي ته وري سنڌ
جا هلندي پڄندي وارا امير ماڻهو پنهنجي غير سنڌي
دوستن کي خود ميربحرن جي مياڻين تي وٺي ويندا آهن
۽ کين ٻيڙين، ڪشتين ۽ ڍونڊين تي سير به ڪرائيندا
آهن ۽ پلي کان به دل سير ڪرائي واپس وٺي ايندا آهن
جو هو عمر تائين ياد ڪندا رهندا آهن، ان کان علاوه
هنن کي پلي مارڻ جا مختلف نظارا پڻ ڏيکاريا ويندا
آهن ته ڪهڙيءَ طرح نه سنڌ ملڪ جا سياڻا، سنوپرا ۽
پاڻيءَ جا پونئرا امير البحر مهراڻ جي لهرن سان
لڙندا،
سندس سيني تي سواري ڪندا،
نهايت، سانت ۽ اطمينان ۽ يقين سان رب جي توه تي
ترندا، رات ڏينهن پلن سان ورونهه ونڊيندا،
شڪار ڪندا پنهنجون سون مياڻيون هزارين پلن سان پر
ڪندا آهن، پلن مارڻ جا به مختلف طريقا آهن،
مثلا پهريون طريقو آهي:
1-رڇ جو شڪار:
هن ۾ ميربحر ڄاريءَ کي ڦيرائي، گهيرو ڏئي ايندا
آهن. هڪ ٻيو رڇ ٻيڙيءَ تي رکيل هوندو آهي. اهڙيءَ
طرح پلن کي گهيري ۾ آڻي، رڇ جا ٻيئي پاسا ڇڪيندا
آهن ۽ جيڪي پلا انهيءَ گهيري ۾ ڄاريءَ جي اندر اچي
ويا تن کي ڪڍي ڪناري تي اڇليندا ويندا آهن، هرهڪ
رڇ جي ورڪم ازڪم چاليهه نريون ٿيندي آهي ۽ هيٺان
مٿان خواه تر ۾ رسا ٻڌل هوندا اٿس، جن کي ڇڪڻ سان
جيڪوبه پلو رڇ ۾ اچي ويو سو ڦاسي پوندو. اهڙيءَ
طرح هرهڪ رڇ ۾ واري واري سان پنجن کان ڇهن سون
تائين پلا مرن ٿا.
2-گهائوءَ جو شڪار:
گهائو به رڇ وانگر آهي. تفاوت صرف هيءَ آهي ته رڇ
۾ ڳوٿريون ڪونه هونديون آهن، پر گهائوءَ ۾ ڳوٿريون
به هونديون آهن، جن ۾ وڃي پلا ڦا سندا آهن. رڇ جي
فقط ور ۾ پلا ڦاسائندا آهن. ڳوٿرين وارو ٻيو رڇ
ڀن جو آهي، جنهن جي ڳوٿرين ۾ پلا قابو ٿيندا آهن.
3- ڀَنَ جو شڪار:
ڀَنَ ۾ سڄي درياءُ جي آرپار ڄار وجهي ڇڏبي آهي.
اندران ئي اندرا ڀن ۾ ڳوٿريون ٺهيل آهن. جنهنڪري
جيڪوبه پلو وهه کي سامهو اوڀارو ايندو_ ويندو، سو
انهن ڳوٿرين ۾ لوهه تپندو ويندو. ڀن جي شڪار ۾ هڪ
ئي دفعي ڏهن هزارن جي تعداد ۾ پلا مرن ٿا.
نوٽ: ڀن ۾ گهائو ٻيئي اهڙيون آفتون آهن، جو سنڌيءَ
۾ چوندا آهن ته، ”هڻينس ڀن ۾“، يا، ”گهائوءَ جي
منهن ۾ اچي ويو آهيان. خدا جند ڇڏائي.“
4- سنڀوئي يا سَنڍ جو شڪار:
هن ۾ ٽي ڪاٺيون هونديون آهن. هڪ ڪاٺي قريبن پندرهن
هٿن جي اڀي پيل هوندي آهي، جا پاڻيءَ کان مٿي نظر
ايندي رهندي آهي ۽ ٻيون ٻه ڪاٺيون اٽڪل پنجن نرين
جون پڻ ٻڌل هونديون آهن. انهن ۾ هڪ ڄاري پيل هوندي
آهي، جنهن کي سنڀوئي چوندا آهن. اها سنڀوئي هرهڪ
ميربحر الڳ الڳ کڻي، تنبو پيٽ هيٺان ڏيئي درياءُ ۾
لهي پوندو آهي. سنڀوئيءَ ۾ هڪ ڏور ٻڌل هوندي آهي،
جنهن ڪري جيڪوبه پلو ڄاريءَ کي جنهن وقت اچي
لڳندو، ان وقت ان ڏور جي وسيلي ماريءَ کي خبر
پوندي ته پلي کنڊ ڏني آهي ۽ هڪدم وٺي ڄاريءَ کي
ڇڪيندو ته پلو ڄاريءَ ۾ قابو ٿي پوندو. جيڪڏهن
ماري غفلت ڪئي ۽ ڄاري نه ڇڪائين ته پلو ڀڄي پوئتي
واپس هليو ويندو. اهڙيءَ طرح جيڪو پلو سنڀوئيءَ ۾
ڦاسندو اهو ميربحر ڪڍندو ويندو ۽ هڪ وڏو سوئو، جو
پاڻ سان کڻندو آهي، تنهن سان پلي کي ڪلين ۾
ڪانڍيندو، سوئي جي ڏور، جنهن کي پاندي چئبو آهي،
تنهن ۾ وجهندو اڳتي هلندو ويندو. هڪڙي پاندي ڀربي
آهي ته وري پلا ڪڍي ميربحر ان کي ٻيو دفعو ڀريندو
آهي، اهڙيءَ طرح پانديءَ پٺيان پاندي پيئي ڀربي
آهي، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته، فلاڻو ڪيترو ٿو ڪمائي پر
پاندي پوري ڪانه ٿي پويس. اهڙيءَ طرح ميربحر
پاندين پٺيان پانديون پيا ڀريندا ۽ ڪيترا به پلا
ماريندا، تڏهن به قناعت ڪانه هوندين. ڀٽائي
بادشاهه اها چوڻي پنهنجي رسالي ۾ هن طرح ڪم آندي
آهي. |