ڪتيم سڀ ڄمار، پر پاندي پوري ڪانه ٿي،
مون کي سڄڻ يار، آڻي پاتا ڪپڙا.
پلو ٻين مڇين کان نهايت نازڪ مڇي آهي ۽ ٿوري ئي
ايذاءَ سان هڪدم مري ويندو آهي. اهڙيءَ طرح
جيستائين ميربحر جو مارو هوندو، تيستائين پاڻيءَ ۾
لڙهندو ويندو ۽ پلا ماريندو ويندو ۽ بلڪل ڪين
ٿڪبو، تان جو ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تان وڃي پڪي تي
چڙهندو. هنن درياءُ جي شهنشاهن کي اهڙيون جڳهيون
اڳيئي معلوم هونديون آهن، جتان هو آسانيءَ سان وڃي
پڪي تي چڙهندا آهن.
5- ماٽيءَ جو شڪار:
ماٽيءَ وارو نمونو به ساڳيو سنڍ وانگر آهي. هن ۾
فرق رڳو هيءُ آهي ته پانديءَ ۾ پلي وجهڻ بدران
جيڪي پلا ماريا ويندا آهن. اهي ماٽيءَ ۾ وڌا ويندا
آهن.
6- ڪڙهيءَ جو شڪار:
ڪڙهي هڪ قسم جي ڄاري آهي، جنهن ۾ ڇهه ڪاٺيون لڳل
هونديون آهن، جي ڏيڍ کان ٽن فوٽن تائين هونديون
آهن. پلو جڏهن پاڻيءَ جي مٿاڇريءَ تي پويان پيو
ايندو ته ماري ان کي هڪدم ڏسي وٺندو، بشرطيڪ جهڪ
يا طوفان نه هجي. ماري ويچارو ٻيڙيءَ تي ڪڙهي رکيو
ويٺو رهندو آهي جڏهن پلو پريان ايندو ڏسندو آهي،
تڏهن هڪدم ٻيڙيءَ کي پلي جي طرف سڌو ڪندو آهي.
جڏهن پلي کي ويجهو پهچندو، تڏهن ڇلانگ لڳائي ڪڙهي
کڻي مٿان رکندس ته پلو هڪدم ڦاسي پوندو. ڪڙهيءَ
وارو پاڻ وٽ ننڍا ننڍا مٽيءَ جا ڳوڙها ٺاهي رکندو
آهي. جيڪڏهن ڏٺائين ته پلو ٻيڙيءَ کان پري ٿو هليو
وڃي ته هڪڙو ڳو ڙهو ان پلي کي پاڻيءَ ۾ اهڙيءَ طرح
اڳ وٺي اڇلــي هڻنــدو، جو پلي کــان ڪم از ڪم ٻه
نريون کن پري وڃي پاڻي ۾ ڪري. جي پلو اڀرندي طرف
هوندو ته ان کي ورائڻ لاءِ ڳوڙهو الهندي طرف
اڇليندو، جي الهندي طرف هوندو ته اڀرندي پاسي
اڇليندو. اهڙيءَ طرح جنهن طرح پلي کي ورائڻو هوندس
ان طرف ورائيندو. مٽيءَ جو ڳوڙهو پاڻيءَ ۾ دٻڪو
ڪندو ته پلو ان جو آواز ٻڌي وٺندو ۽ امالڪ وري
پوندو، مطلب ته انسان کي الله تبارڪ وتعالي ٻئي هر
ڪنهن ساهواري تي قدرت ۽ مٿانهون هٿ عطا ڪيو آهي جو
عقل جي طاقت سان هي شيءَ تي غالب پئجي وڃي ٿو.
چوندا آهن ته، ”پلو ويچارو، غريب غربي جو گذارو“.
واقعي آهي به صحيح حقيقت، جنهن پلي جي موسم اچي
ٿي تڏهن مهراڻ جو سارو پاڻي ڪروڙن بلڪ لاتعداد پلن
سان ڀر جيو وڃي. الله تبارڪ وتعالي جي قدرت ڪامله
تان قربان وڃجي جو سندس مخلوقات جو انت ئي ڪونهي
زمين جي اندر حشرات الارض، هوائن ۽ فضائن ۾ پکي
پکڻ ۽ ٻيا پردار پتنگ، جيت ۽ پاڻي جي مڇين ۽ ٻين
دريائي جانور جو ڪوبه انسان حساب ٻڌي نه سگهيو آهي
۽ نه ٻڌي سگهندو. سمنڊ جي اندر ته ڪن بيشمار قسمن
جون مڇيون موجود آهن؛ مگر درياءُ جي مٺي پاڻي ۾
به سوين نمونا مڇين جا پيدا ٿين ٿا. جن کي الله
تعاليٰ اتي ئي قوت رسائي ٿو. مثلا ڄرڪو، سينگاري،
گندڻ، کڳو، ڌڳڻو، چلونگڙي وغيره. اهي مڇيون آهن جي
پاڻيءَ جا جيت کائين ٿيون ۽ مڇي مڇيءَ کي کائي ٿي.
جڏهن ڪو ڏاڍو ماڻهو هيڻي تي ظلم ڪندو آهي يا
شاهوڪار ماڻهو غريب کي هيسيندو آهي، تڏهن سنڌيءَ ۾
چوڻي آهي، ”ابا دنيا ۾ وڏي مڇي ننڍيءَ کي پيئي
ڳيهي، ۽ ”وڏي وڻ جي ڇانو ۾ ننڍو اسري ڪين سگهي.“
ڪرڙو يا ڏنڀرو جا در حقيقت پلي کان سواءِ باقي
سڀني مڇين کان بهترين ۽ سوادي مڇي آهي، اها وري
پاڻيءَ جو سينور، لڙهي يا گپ کائي. ان کان سواءِ
باقي مڇيون جهڙوڪ ٿيري، موراکي، ڏاهي، پوپري،
ڇيلري وغيره صرف لڙهي کائين. گاگنٽ يا جهينگو وري
فقط مٽي کائي. مڪر، ملير، گوج ۽ لهڙ مڇيون صرف
ننڍيون مڇيون کائين. اسان جو دوست پلو فقط درياءَ
جي چلڪڻيءَ اڇيءَ واريءَ تي گذران ڪندو آهي.
پلي جي رهڻ جو هنڌ اهل سمنڊ آهي. ميربحر چوندا
آهن ته پلو ناتال وقت ڌاري، مٺي پاڻيءَ ڏي رخ رکي
ٿو. سندن عقيدو آهي ته پلو آسمان واري وڇونءَ يعني
عقرب تاري سان ٻڌل آهي. قدرتي طرح پلي جي پڇڙيءَ ۾
هڪ جيت پيدا ٿئي ٿو. جو جڏهن چرڻ شروع ڪندو آهي،
تڏهن پلو مٺي درياءُ جو رخ وٺندو آهي ۽ مٺي پاڻيءَ
۾ اچڻ شرط اهو جيت مري ويندو آهي، جڏهن پلو سمنڊ
جي کاري پاڻيءَ مان نڪري درياءِ جي مٺي پاڻيءَ ڏي
رخ رکندو آهي. تڏهن اوڀارو وهه کي سامهون يعني سير
ڏيئي هلندو اچي مٺي پاڻيءَ تي چڙهندو آهي ۽ رفتي
رفتي سندس سمنڊ واري کارائڻ زائل ٿي ويندي آهي.
سمنڊ ۾ هن جي پيٽ اندر ڪڏهن به آني پيدا ڪين ٿيندي
آهي، جڏهن مٺي تي چڙهندو آهي. پڇڙيءَ جي هيٺان
پلي کي هڪ سوراخ ٿيندو آهي. جتان هو پنهنجي آني
جڏهن اها پوري ٿيندي آهي، تڏهن درياءِ ۾ هارڻ شروع
ڪندو آهي، جا لهواري وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندي آهي.
آنيءَ جو هڪ هڪ پست جي ڪڻ جهڙو داڻو گويا پلي جي
بيضي مثل آهي، جي جڏهن وهي وڃي سمنڊ ۾ پون ٿا،
تڏهن انهن مان ڪيئي ڪروڙين ٻچا پيدا ٿيندا آهن، جي
سڀ پلا ٿيندا آهن، لوئر بئريج جي ٺهڻ کان اڳي پلو
سمنڊ کان نڪري روهڙيءَ تائين هليو ويندو هو.
ميربحرن جو عقيدو هوندو هو ته هرڪو پلو روهڙيءَ وٽ
خواجه خضر جي زيارت لاءِ ويندو هو، جنهن کي هندو
زنده پير چوندا آهن. پوءِ پٺيرو واپس موٽندو هو.
مگر لوئر بئريج سبب هاڻي پلو ڄامشورو کان مٿي چڙهي
نٿو سگهي ۽ فقط هيٺئين درياءَ ۾ سندس شڪار ٿئي
ٿو. اتفاقا چند پلا مٿي وڃن ٿا نه ته ٿيو خير. اتر
جا ميربحر ويچارا ان ڪري گذران لاءِ ڏاڍا تنگ آهن.
لوئر بئريج جي ڄامشوري واري پل وٽ هڪ پاسي کان پلن
مارڻ لاءِ هڪ خاص ننڍو دروازو ٺاهيو ويو آهي جنهن
۾ هڪ ڄاري لڳائي ويئي آهي. اهو دروازو هميشه کليل
رکيو ويندو آهي، جنهن ڪري وهڪرو تمام تيز هوندو
آهي؛ خاص طور جڏهن باقي دروازا پاڻيءَ جي اچي
چاڙهه سبب گهڻي قدر بند رهندا آهن. پلي جي فطري
عادت جو مطالعو ڪرڻ بعد ماهرن انهيءَ دروازي کان
پاڻيءَ جو وهڪرو ارادتاً تيز رکيو آهي. پلي جي
عادت آهي ته هميشه سير ڏيئي وهه کي سامهون هلندو
آهي. هن دروازي کان وهڪرو تيز ڏسي سمجهندو آهي ته
درياءَ جي سير اها آهي. لهٰذا اتان لنگهڻ جي ڪوشش
ڪندو آهي، جنهن ڪري انهيءَ دروازي وٽ ايترا ته پلا
اچي جمع ٿيندا آهن، جو جيڪڏهن ڪو فقط هڪڙو ئي
ميربحر ڪڙهي کڻيو ويٺو رهي ته واري واري سان
اٺ-ڏهه پلا شڪار ٿيندا رهن. پلن جي شڪار جو هيءَ
چرچو ڏسڻ وٽان آهي.
پلي جون ڪل ٽي ذاتيون آهن. (1) حبائي پلو، جو حب
ندي ۾ ٿئي ٿو. (2) گوادري پلو، جو سنڌونديءَ ۾ نه
ٿو اچي، مگر سمنڊ ۾ کاري پاڻيءَ ۾ ئي رهي ٿو ۽
اسان وارن پلن کان وڏو ٿئي ٿو. (3) ڦلائي پلو، جو
مهراڻ ۾ ٿئي ٿو ۽ اسين عام طرح کائون ٿا. ڦلائي
پلو وري ٻن قسمن ۾ ورهايل چئبو آهي. (1) کيرو (2)
آنيارو. کيرو پلو اهو آهي جنهن جي آني تمام سنهڙي
هوندي آهي، جنهن کي کس چئبو آهي. اهو ننڍو ٿئي ٿو
۽ منجها نئس کير جهڙو اڇو پاڻي وهندو آهي. آنيارو
پلو کيري پلي کان وڏو ٿئي ٿو ۽ منجهس وڏي آني
هوندي آهي. پلي جي کائڻ جو لطف ۽ لذت سندس تازگيءَ
تي مدار رکي ٿي، جڏهن اڃا ان جو تازو ڳاڙهو خون به
منجهس موجود هوندو آهي ۽ ڪارو يا خراب نه ٿي ويندو
آهي. پلي جو تازو رت ڪيترين بيمارين لاءِ پڻ مفيد
آهي ۽ ڪم آندو ويندو آهي. پلي جي لذت به گوشت
وانگر سندس اڀرائيءَ يا سڀرائيءَ تي منحصر آهي.
جيڪڏهن ساڄو سڻڀو کيرو هوندو ته وڌيڪ مزو ڏيندو،
جي اڀرو هوندو ته گهٽ لطف ڏيندو. ساڳيءَ طرح
آنياري پلي جو به ٿلهائي ۽ مائيداريءَ تي مدار
آهي. بهرحال پيٽارو کيري پلي کان وڌيڪ عمده ٿيندو
آهي. پلو جيڪڏهن ننڍوئي رهيو ۽ منجهس آني پيدا نه
ٿي ته نر هوندو. جيڪڏهن آنيارو ٿي ويو ته مادي
هوندي.
درياءَ جي پاڻي ۾ چاڙهه اچڻ کانپوءِ پلا لڳ به
ڪندا آهن، مگر لڳ سمنڊ ۾ نه ڪندا آهن. لڳ فقط
سنڌونديءَ جي مٺي پاڻي ۾ ڪندا آهن. لڳ جي جاءِ پلن
جي پڇڙي ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن پلو ڦرجي پيو ته آني
پيدا ٿيندي، ورنه نه ٿيندي. جڏهن درياءَ جو پاڻي
لهڻ شروع ڪندو آهي، تڏهن پلا به جيڪي مري بچندا
آهن، سي آهستي آهستي ٿي منهن ڦيري سمنڊ ڏي ورندا
آهن ۽ وري پنهنجي موسم تي منهن ڏيکاريندا آهن. پلو
هميشه ٻيڙي وانگر ترندو آهي. پلي وارو ڪنڊو جو
ڪارسرو ٿيندو اٿس، اهو مٿي ڪري ۽ پيٽاري وارو پاسو
هيٺ ڪري سير ڏيئي ترندو ويندو آهي. سندس رفتار هڪ
ڪلاڪ ۾ اٽڪل ٻه ميل مفاصلو هوندي آهي. تحقيق الله
تبارڪ تعالي جي قدرت جا رنگ آهن. هن دنيا ۾ انسان
بيحد ڏاڍايون ڪري ٿو. هڪڙا ٻين جي محنت ۽ پورهئي
تي پلجي موٽا ٿين ٿا. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”لٺيون
جهلي ڀولڙو ۽ کٽيو کائي فقير“ جهڙيءَ طرح زمين صاف
ڪري کيڙي ۽ پوکي هاري ۽ کٽيو کائي زميندار. ساڳي
طرح مير بحر ويچارا پڻ رات ڏينهن لڌڙن وانگي سير
جي سيني تي چڙهي، سر جون سٽون کائي، پلا مارين، پر
ان جو کٽيو سڀ سرمائيدار مقاطعدار کايو وڃن ۽ هنن
ويچارن کي هارين وانگر مزوري به مس پلئه پوي،
گورنمينٽ عاليه هر سال درياءَ شاهه جي پلن جو
نيلام ڪندي آهي، درياءَ جي خاص ٽڪرن جون حدون مقرر
ڪري نيلام ڪيو ويندو آهي. مقاطع جي ملڻ سان،
ميربحرن جي مياڻن تي ٺيڪيدارن جا منشي اچي نازل
ٿيندا آهن. ميربحر ويچارا جيڪي پلا ماريندا آهن،
ان جا ٻه حصا ميربحر کي ملندا آهن ۽ هڪ حصو
ٺيڪيدار کي ملندو آهي. اهي ٻه حصا پلا به ميربحرن
کي ڇني جدا ورهاڱو ڪري نه ڏنا ويندا آهن ته پنهنجي
سر وڪرو ڪن، مگر صرف حساب ۾ اهو حصو رکيو ويندو
آهي. درحقيقت پلا سڀ ٺيڪيدار جو منشي هڪ هٽي قائم
ڪرڻ بعد نيڪال ڪندو آهي. مياڻين تي ساٽي ۽ ٻيا پلن
جا سوداگر موجود رهندا آهن، جن کي جملي پلا وڪيا
ويندا آهن ۽ پوءِ پيدائش مان ورڇ ٿيندي آهي؛ هتي
به غريب ميربحرن کي ٺڳڻ لاءِ مقاطعدار مخفي طور
سوداگرن سان سوديبازي ڪندا آهن. مثلاً؛ً ٺيڪيدارن
جا منشي سوداگرن کي چوندا آهن ته ”ظاهري اسين
اوهان کي في پلو هڪ رپئي ڏينداسين، پر اندروني طرح
اوهان اسان کي ڏيڍ رپيو هرهڪ پلي جي قيمت ادا
ڪندا.“ اهڙي طرح اٺ آنا في پلو، جو سوداگر وڌيڪ
ڏيندا، اهو ٺيڪيدار کائي ويندا آهن ۽ ميربحرن کي
فقط هڪ رپيو في پلو حساب سان جيڪا پيدائش ٿيندي
آهي، ان جا ٻه حصا نصيب ٿيندا آهن، جنهنڪري غريب
ميربحر ويچارا نقصان ۾ ويندا آهن ۽ ٺيڪيدار اڻ ميو
ڌن ڪمائي ويندا آهن. جنهن سال درياءَ ۾ پلو جام
ٿيندو آهي، تنهن سال ته پنج يا ڇهه پلا به هاريءَ
۾ ڏنا ويندا آهن، ورنه دستور موجب هاري معني هڪ
کيرو پلو ۽ هڪ آنيارو پلو يا فقط ٽن کيرن پلن کي
هاريءَ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. اها هاري پلن جي
ڪثرت واري زماني ۾ ساٽين کي اٽڪـــل هڪ کـــان
اڍائي رپيـــن اندر ملـــي وينـــدي آهـــي ۽
ساٽـــي وري عـــام طرح شهــــرن ۾ ڪم
از
ڪم ٻيڻي قيمت وڪڻندا آهن. پلي جي موسم ۾ اسان جي
پياري سنڌڙيءَ ۾ جتي ڏسبو، اتي پلن جي وٺ وٺان لڳي
پئي هوندي آهي. اول پلا شهرن ۾ آندا ويندا آهن،
جتان ساٽي ٽنگڙيون ڀري گهوڙن تي ڍوئي، ٻهراڙين ۾
جتي ڪٿي وڃي پهچندا آهن ۽ غريب غربو پلن مان خوب
ڍوءَ ڪندو آهي، پلن جي موسم ساٽين جي گهوڙن لاءِ
مصيبت جو زمانو آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”گهوڙي
جو ڀاڳ ڦٽي ته ساٽيءَ وٽ وڃي.“ سو خاص انهيءَ وقت
کي مدنظر رکندي چيو ويو آهي.
پلي جي رڌڻ ۽ پچائڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.
مثلا؛(1) واريءَ ۾ پلو پچائڻ. (2) تئي تي پچائڻ.
(3) تري کائڻ. (4) سيئڻ. (5) ڪوڪ ڪرڻ. (6) ٻوڙ
رڌڻ. (7) پلي جو پلاءُ ٺاهڻ. (8) پلي ۾ بسريون
پچائڻ وغيره.
1- واريءَ ۾ پچائڻ:
پلي جا ڇلر لاهي، ان کي چيري، سيرون ڏيئي، ٻيرن جي
صورت ۾ آڻي، سيرن ۾ لوڻ ٻيا ويڳر ۽ گرم مصالحا
وجهي وري بند ڪري، ڪنهن ڪُني جي نموني ٽامي جي
ٿانءُ ۾ بند ڪري، مٿان ٻيو ڍڪ ڏيئي، منهن کي اٽي
سان لنبي، پوءِ ڪنهن واريءَ جي ڍڳ ۾ ان کي پوريو
ويندو آهي ۽ ان جي مٿان باهه ٻاري ويندي آهي،
جيئين واري تپندي ۽ ڪوسي ٿيندي ويندي، تيئن اها
گرمي ڪُني کي لڳندي ۽ پلو اندر ئي اندر پچڻ شروع
ڪندو، هڪ ڪلاڪ کن باهه ڏيڻ بعد واري کوٽي ڪنو ڪڍبو
ته پلو پڪو تيار ٿيو پيو هوندو. هر ڪنهن سڀري پلي
۾ پنهنجو سڻڀ ڪافي هوندو آهي. هن ۾ البت کل جي باس
رهي ٿي، مگر کائنڻ ۾ ڪافي لذيذ ٿيندو آهي، اتر سنڌ
۾ وري پلي کي ڪني ۾ بند ڪري واريءَ ۾ پورڻ جي
بدران ان کي ڪپڙي ۾ لپيٽي پوءِ واري ۾ داخل ڪيو
ويندو آهي. اتر سنڌ ۾ واريءَ ۾ پلي پچائڻ جو طريقو
نرالو آهي، اول کڏ کوٽي ان ۾ ڪاٺيون ۽ ڪک ٻاري ڪر
ٺاهي ويندي آهي، پوءِ اڌ جيتري ڪر ٻاهر ڪڍي، پلي
کي چيري، لوڻي، ويڳري مصالحه ڏيئي، ڪپڙي ۾ ويڙهي،
باقي کڏ ۾ رهيل گرم ڪر جي مٿان پلو رکي، باهه اڌ
ڪيري مٿان ورائيندا اٿس. پلي جي وات ۾ سيخ اهڙي
طرح ڏيندا آهن، جنهن جو هڪ ڇيڙو کڏ کان ٻاهر رهندو
آهي، پوءِ کڏ بند ڪري مٿان باهه ٻاريندا آهن، پوءِ
پلي پچائڻ جو ڄاڻو، انهيءَ سيخ کي ڇهڻ سان گرمي جي
حرارت معلوم ڪندا آهن، جڏهن حرارت جو درجو پوريءَ
حد تي پهچندو آهي، تڏهن کڏ کولي پلو ڪڍندا آهن ته
پلو تيار ٿيو پيو هوندو آهي.
2- تئي تي پچائڻ:
پلي جا ڇلر لاهي، ان کي مٿي ذڪر ڪيل طريقي سان
چيري، سيرون ڏيئي، لوڻي ويڳري تئي تي رکبو آهي ۽
پوري مقدار جي باهه ڏيڻ سان پچائي راس ڪبو آهي. ان
بعد پلي جي ٻنهي پاسن، لائي خواه ڪانڊي تي جيڪا
مرچ مصالحن ۾ گدامڙي جي چٽڻي اڳيئي تيار ڪري رکبي
آهي سا لڳائي، ٿڦي، مٺي مٺي توَتي تئي تي رکي ڇڏبو
آهي ته انهيءَ چٽڻي کي به سيڪ اچي ۽ پنهنجو پاڻي
ڇڏي سڄي پلي کي وڌيڪ سوادي بنائي.
3- پلو تري کائڻ:
هن ۾ پلي جا ڇلر نه لاهي سيرون ڏيئي لوڻ وجهي جدا
جدا چوٿا يا ٻيري ڪري، جيترو به پلي جو حصو ترڻ جي
خواهش هجي، اهو ڪڻڇيءَ يا تئي تي ضرورت آهر گيهه
جو ذرو وجهي ان ۾ ٻيرا يا پلي جا ٽڪرا تري، بنا
وڌيڪ مصالحن جي مختصر مرچن ٻرڪڻ سان کائي سگهجي ٿو
۽ نهايت سوادي ٿئي ٿو. هن ۾ محنت ۽ وقت گهٽ لڳندو
آهي.
4- پلو سيئي کائڻ:
هن ۾ پلي جا ڇلر نه لاهي، صاف ڪري، سيرون ڏيئي،
لوڻ ٻرڪي، بصر مصالح مٿان رکي، هڪ ڪني ۾ ٿورڙو
پاڻي وجهي، ان تي ننڍيون ننڍيون ڪاٺيون يا ڪاٺن جا
ٽڪررکي پلي کي انهن جي مٿان رکي، ڪنو کڻي باهه تي
رکبو ۽ ڍڪ ڏيئي ڇڏيو. باهه جي تو تي پلو پاڻي
ڇڏيندو، جو ڪاٺين جي هيٺان ڪني ۾ جمع ٿيندو ويندو،
ان مان جا ٻاڦ نڪرندي تنهن جي زور تي سمورو پلو
رڌجي ويندو ۽ ڪنو لاهي کڻي هيٺ رکبو. پوءِ اهو بصر
مصالح سان گڏي مانيءَ سان ويهي کائبو. سيئل پلو
نهايت لذيذ ٿيندو آهي، غريب ماڻهو اهو جمع ٿيل
پاڻي شوروي وانگر به ڪم آڻيندا آهن. پلي کي ٺڪر جي
ڪني ۾ سيئڻ ڪري زياده لذت ٿيندي آهي. |