سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

 

صفحو :6

حافظ ابونعيم اصبهاني لکي ٿو [1]:

هڪ ڀيري رسول الله ﷺ ابوذر رضه کي چيو:

”اسان کان پوءِ تو تي وڏيون تڪليفون اينديون.“

ابوذر رضه عرض ڪيو: ”ڇا راه خدا ۾؟“

فرمايون: ”فقط خدا ڪارڻ.“

ان تي عظيم اصحابي چيو: ”مرحبا بامِر الله“ يعني ”يا رسول الله ﷺ الاهي امر جي مرحبا ڪندس.“ (اصبهاني جي روايت ختم ٿي).

ابوذر رضي الله عنه جي حالات پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته رسول الله ﷺ جن کي الله تعاليٰ مستقبل ۾ ٿيڻ وارن واقعن جو جيڪو علم عطا ڪيو هو اُن جي آڌار تي پنهنجي صاحب عزيمت عاشق ۽ بيباڪ اصحابيءَ کي اڳواٽ انهن حالتن لاءِ تيار ڪيو هئائون. هڪ ڀيري ٻنهي جهانن جي ڪارڻيءَ کيس چيو:

”ابوذر! جڏهن اهڙو وقت ايندو، جڏهن مسلمانن جا حاڪم سندن مال ۾ تصرف ڪندا، تڏهن تون ڇا ڪندين؟“

ابوذر: ”قسم آهي اُن ذات جو جنهن اوهان کي هادي برحق ڪري اماڻيو، آءٌ تلوار سان جهاد ڪندس تان جو اوهان سان اچي ملان.“

حڪم مليو: ”نه ابوذر! توکي ان کان بهتر راهه ٿو ڏسيان. جيسين تنهنجي مون سان ملاقات ٿئي، تيسين صبر ڪجانءِ[2].“

رسول ڪريم ﷺ کانپوءِ:

رسول الله ﷺ جن جي وصال کانپوءِ ابوذر غفاري رضي الله عنه مديني ۾ ويڳاڻو ٿي ويو.هن جي طيعت منڍ کان ئي زهد ڏانهن مائل هئي. هاڻي هن دنيا جي ڌنڌن سان ڪو واجبي واسطو رکيو. هر وقت غور، فڪر، عبادت ۽ تبليغ ۾ رڌل هوندو هو. سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه جي خلافت ۾ ته وري به مديني ۾ وقت گهاري ويو. پر پوءِ اُتي رهي نه سگهيو ۽ شام جي ملڪ ڏانهن هليو ويو. هو پاڻ چوندو هو ته مون کي آقا چيو ته جڏهن مدينو جبل سلع تائين ڦهلجي وڃي، تڏهن تون اتان هليو وڃج. امير عمر رضي الله عنه جي زماني ۾ هر طرف فتوحات ٿيڻ لڳيون ۽ مديني جو شهر چڱو خاصو پکڙي ويو. ان ڪري ابوذر رضه شام ۾ غربت اختيار ڪئي. رسول الله ﷺ جن جي فراق هن جي سيني ۾ اونهو گهاءُ ڪيو هو. سيدنا بلاول حبشي رضي الله عنه پڻ حضور ﷺ جن کان پوءِ شام جا وڻ وڃي وسايا هئا. هو اذان ڏيڻ پڻ ڇڏي ڏني هئي. هڪ ڀيري شام ۾ جابيه جي مقام تي اصحاب ڪرام هن کي منٿ ڪري آذان ڏياري. اصحابن بلال رضه جي اذان ٻڌي ته کين رسول الله ﷺ جن جو زمانو ياد اچي ويو ۽ گريه ۽ بڪاءَ ڪرڻ لڳا. ان ڏينهن ابوذر غفاري رضه عنه جو اهو حال ٿيو جو هن هڪ دردناڪ رڙ ڪئي ۽ پوءِ گهڻي مدت تائين گريه ۽ زاري ڪندو رهيو.

امام احمد بن حنبل لکي ٿو [3]:

”هڪ ڏينهن احنف بن قيس بيت المقدس جي مسجد ۾ داخل ٿيو. ڏٺائين ته هڪ شخص ڊگها سجدا ڪري رهيو آهي. هو ڏاڍو متاثر ٿيو. جڏهن عابد پنهنجن سجدن کان فارغ ٿيو، تڏهن هن کان نماز بابت هڪ سوال پڇيائين.“

عابد جواب ڏنو: ”منهنجي محبوب ابوالقاسم ﷺ مون کي ٻڌايو“... اِهي اکر چيائين ته ٻڍي عابد جو آواز نڙي ۾ اٽڪي پيو. وري چيائين ”منهنجي محبوب مون کي...“ ايتري ۾، سندس آواز گهٽجي ويو ۽ اکين مان ڳوڙهن جي برسات وسڻ شروع ٿي ويس.... ٻڍي عابد ٽيون ڀيرو پنهنجي پاڻ تي ضبط ڪري احنف کي ٻڌايو ته منهنجي حبيب مون کي ٻڌايو هو ته بندو جڏهن به سجدو ڪندو آهي ته الله تعاليٰ سندس خطائن کي ميساري ڇڏيندو آهي ۽ انهن جي جاءِ تي هن کي نيڪين جو ثواب عطا ڪندو آهي. ٻڍي زاهد اهو جملو ختم ڪيو ته احنف بن قيس پڇيس: ”خدا توتي رحم ڪري! ٻڌاءِ ته ڪير مڙس آهين؟“

زاهد جواب ڏنو: ”آءٌ رسول الله ﷺ جن جو خادم ابوذر آهيان.“

ابوذر رضه ۽ معاويه رضه:

مورخ مسعودي جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو [4] ته مير عثمان رضه جي دور ۾ ابوذر رضه مديني ۾ آيو هو. ان زماني ۾ مديني ۾ دولت جي فراواني هئي. ابوذر رضه جو موقف اهو هو ته مال جمع ڪرڻ جائز نه آهي. ضرورت کان وڌيڪ جيڪي ڪجهه هجي سو راه خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏجي. هڪ ڀيري امير عثمان رضه پنهنجي ڪچهريءَ ۾ سوال پڇيو: ”جيڪو ماڻهو زڪوات ادا ڪري تنهن تي ٻيو به ڪو حق اهي؟“ ڪعب احبار اُتي موجود هو.هن چيو: ”امير المؤمنين! نه....“ ان تي ابوذر رضه الله عنه تي جلال واري ڪيفيت طاري ٿي ويئي ۽ ڪعب کي اُرد ۾ ڌڪ هڻي ڪڍيائين. هن قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي آيتون پڙهيون، جن ۾ خدا جي راه ۾ مال خرچ ڪرڻ جون هدايتون ڏنل آهن. بهرحال امير المؤمنين هن تي ناراض ٿيو ۽ کيس مدينو ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏنائين. ابوذر رضه کي پاڻ ڪريمن امير جي اطاعت جي تعليم ڏني هئي ۽ ان ڪري حڪم جي تعميل ڪيائين ۽ مدينو ڇڏي شام پهتو. اُتي امير معاويه رضه وٽ شاهي دربار وارو رنگ ڏٺائين فتوحات جي ڪري هر هنڌ دولت جي ريل پيل هئي. سڀني اسلامي شهرن ۾ مختلف قومن، رنگن ۽ نسلن جا ٻانها ۽ ٻانهيون وڏي تعداد ۾ موجود هئا. دولت جي آمد ۽ رومي ۽ عجمي ثقافتن جي آميزش جي ڪري ماڻهن جي اٿڻي ۾ ويهڻي ۽ رهڻي ڪرڻي ۽ بودوباش جي طريقن ۾ تبديلي رونما ٿي رهي هئي. ڪن اصحابن پڻ وسيع جاگيرون، ڪشادا گهر ۽ اُٺن، گهوڙن ۽ غلامن جا ڪٽڪ پنهنجين ملڪيتن ۾ آندا هئا. امير ۽ حاڪم بيت المال مان پنهنجي مرضي مطابق خرچ ڪرڻ لڳا. ابوبڪر ۽ عمر رضي الله عنهما جي زماني ۾ بيت المال قرآن ۽ سنت جي احڪام مطابق خرچ ڪيو ويندو هو. هنن ٻنهي بزرگن پنهنجي ذات خاندان لاءِ ڪابه منفعت حاصل نه ڪئي ۽ نه وري پنهنجن عزيزن قريبن کي ڪي منصب عطا ڪيا. امير عثمان رضه جي زماني ۾ وڏا وڏا سياسي منصب سندس خاندان بنواميه جي ماڻهن کي ڏنا ويا. ازانسواءِ مالي معاملن بابت به حضرت عثمان رضه ۽ ابوذر رضي الله عنه جي اجتهادي راين ۾ اختلاف هو. هن سلسلي ۾ معاويه رضه ۽ سندس حامين جو چوڻ هو ته سرڪاري خزانو خدا جو مال آهي ۽ امير اُن مان پنهنجي مرضي سان خرچ ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته ابوذر رضه اعلان ڪيو ته اهو ”خدا جو مال“ نه پر ”مسلمانن جو مال“ آهي. امير کي شرعي حدن کان ٻاهر اُن مان تصرف ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي.

ابوذر رضي الله عنه رسولڪريم ﷺ جن جي ڏسيل راهه ۽ سندس عمل تان هڪ تر جيتري ته روگرداني ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن مالدار طبقي کي وعظ نصيحت ۽ ملامت ڪرڻ شروع ڪئي. ان ڪري سندس وقت جا امير امراء، جن مان اڪثر جو تعلق بنو اميه خاندان سان هو، سي هن کي هڪ خطرناڪ ماڻهو سمجهڻ لڳا.

ان زماني ۾ اميرمعاويه رضه پنهنجي لاءِ دمشق ۾ هڪ عاليشان محل ٺهرائي رهيو هو. ابوذر رضه جي اُن تي نظر پيئي ته معاويه رضه کي چيائين:

”جيڪڏهن هي محل بيت المال جي خزاني مان ٿو ٺهرائين ته خيانت آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجي ملڪيت مان ٿو ٺهرائين ته اسراف آهي.“

هڪ ڀيري معاويه رضه جي هڪ درٻاري ۽ شامي امير حبيب بن مسلم ٽن سون دينارن جي هڪ ٿيلهي هن ڏانهن ڏياري موڪلي. ابوذر رضي الله عنه اِها رقم قبول نه ڪئي ۽ چيائين[5]:

”“اها رقم هن کي واپس ڪريو. ڇا هن کي مون کان سواءِ ڪو ٻيو ماڻهو نٿو ملي، جنهن سان ڌوڪو ڪري. مون وٽ اُس کان بچڻ لاءِ ڇانو آهي. ڪجهه ٻڪريون اٿم، جن جو کير مون لاءِ ڪافي آهي. هڪ خادم آهي، جيڪا ڪم ۾ مدد ڪري ٿي. ان کان وڌيڪ مال ملڪيت رکڻ کان ڊڄان ٿو.“

ابوذر غفاري رضي الله عنه شام جي دولتمندن تي جرح ڪرڻ وقت قرآن مجيد سوره ”التوبه“ جي آيت 34 مان دليل ڏيندو هو. اُن آيت ۾ حق تعاليٰ فرمايو:

”جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي جمع ڪن ٿا ۽ اهو خدا جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن، تن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ.“

معاويه رضه چوندو هو ته اها آيت اهل ڪتاب بابت نازل ٿي آهي، جڏهن ته ابوذر رضه جو چوڻ هو ته اها انهن سان توڙي اسان سان هڪ جهڙو لاڳو آهي [6].

ابوذر رضه الله عنه جي وعظ ۽ نصيحت ٻڌڻ لاءِ هن جي چوڌاري ماڻهن جا انبوهه جمع ٿي ويندا هئا. اِنهيءَ ڳالهه معاويه رضه کي پريشان ڪيو. آخر هن ٽن اصحابين هر هڪ ابو رداءِ رضه، عباده بن صامت رضه ۽ عمرو بن عاص رضه کي هن ڏانهن سمجهائڻ لاءِ اماڻيو. ابوذر رضه ٽنهي کي ڇنڊي ڇڏيو، هنن کي چيائين [7]:

””اي ابو درداءَ! تون رسول ڪريم ﷺ جن جي وصال کان ٿورو اڳ اسلام ۾ داخل ٿئين. تاهم تون مرد صالح آهين. اي عباده!‘ توکي برابر اسلام ۾ سبقت ۽ فضيلت حاصل آهي. مون کي تو ۾ ڪڏهن به اهڙي اميد نه هئي، ته تون معاويه رضه جي پاران مون سان ڳالهائڻ ايندين. اي عمرو بن عاص! تنهنجو هنن معاملن ۾ ڇا وڃي؟ اسان اسلام آندو ۽ اسان جهاد ڪيو. تون ته پنهنجي اُٺ کان به وڌيڪ گهمراهه هئين!“

امام احمد بن حنبل رح پڻ مسند ٿوري ڦيرڦار سان هيءَ روايت نقل ڪئي آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ هي لفظ لکيا اٿس: ابوذر رضه آخر ۾ هن وفد کي چيو: وڃو ۽ معاويه رضه کي وڃي چئو ته هوش ڪري. جيڪي آءُ چوان ٿو اُن تي عمل ڪري ۽ دنيا ڪارڻ پنهنجي دين کي برباد نه ڪري.“ هنن صاحبن موٽي معاويه رضه کي وڃي رپورٽ ڏني.

آخر ۾ عباده بن صامت رضه معاويه رضه کي چيو: ”بلاشڪ مون ڪڏهن به ههڙي بيباڪ ۽ واضح گفتگو ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڪانه ٻڌي.“

امير معاويه پنهنجي لابي کي ناڪام ڏسندي، ٻيو وار ڪيو. حافظ ابن ڪثير لکي ٿو [8]:

”معاويه رضه هڪ ماڻهوءَ جي هٿان هڪ هزار دينار ابوذر رضه ڏانهن ڏياري موڪليا، جنهن فوراً اها رقم وڍي، مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏي. ٻئي ڏينهن ساڳيو قاصد هن وٺي پهتو. جنهن چيس ته اها رقم ڀُل وچان اوهان کي ڏني هيم، مهرباني ڪري واپس ڪريو. ابوذر رضه جواب ڏنو: مون ته اها انهيءَ وقت خرچ ڪري ڇڏي. هاڻي انتظار ڪر. جڏهن مون کي بيت المال مان وظيفو ملندو، تڏهن رقم واپس ڪندس.“

معاويه رضه جي انهيءَ اٽڪل مان مقصد اِهو هو ته جيڪڏهن هو رقم واپس ڪندو ته هو اِهو مشهور ڪندو ته ابوذر رضه هڪ رات لاءِ رقم گهر ۾ محفوظ رکي. اُن مان دولت گهر ۾ رکڻ جو جواز پئدا ٿيندو، پر هن جي چالاڪي ناڪام ويئي.

ابن الاثير معاويه رصه جي ان چال جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ لکي ٿو [9]:

”هاڻي معاويه محسوس ڪيو ته هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه فرق نه آهي. هن امير عثمان رضه ڏانهن خط لکيو ته ابوذر رضه مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. هو فلاڻيون فلاڻيون ڳالهيون (جيڪي هو مالدارن لاءِ چوندو هو) ڪري ٿو. اُن جو ڪو تدارڪ ڪريو.“

هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته معاويه رضه هڪ دورانديش سياستدان هو. هو وقت بوقت امير عثمان رضي الله عنه کان اجازت گهرندو رهيو ته کيس بحري جنگ جي اجازت ڏني وڃي. هن جي دُوررس نگاهن ڏسي ورتو هو ۽ ته اسلامي رياست جي دفاع ۽ اسلام جي ڦهلاءَ لاءِ بحري قوت جو هئڻ ضروري آهي. هن باربار عمر رضه کي لکيو ته شام جي سرحدي شهر کان رومي علائقا ايترا ويجها آهن، جو اسان رات جي وقت هنن جي ڪڪڙن جون ٻانگون ۽ ڪتن جون ڀونڪون ٻڌي سگهون ٿا. پر وچان سمنڊ حائل آهي. امير عمر رضي الله عنه سندس دور جي حالتن کي مدنظر رکندي، معاويه رضه کي بحري مهمن جي اجازت نه ڏني. تاهم امير عثمان رضي جي زماني ۾ هو اهڙي اجازت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ هن قبرص تي سامونڊي رستي سان چڙهائي ڪري ڏني. ان حملي ۾ ڪيترائي اصحابي شريڪ هئا، جن ۾ ابوذر غفاري رضي الله عنه پڻ هو. جڏهن معاويه رضه کين جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني، تڏهن جواب ڏنائين:

”بلڪل شريڪ ٿيندس. خدا جي راهه ۾ هڪ ڏينهن جهاد ڪرڻ گهر ۾ رهڻ وارن هڪ هزار ڏينهن کان بهتر آهي.“

قبرص فتح ٿيو ته موٽي دمشق آيو ۽ معاويه رضه جي ڪمزورين ۽ حاڪمن ۽ اميرن جي زرپرستيءَ تي تنقيد جو سلسلو وري شروع ڪري ڏنائين. ابوذر رضي الله عنه جي انهي عمل مان ثابت ٿو ٿئي ته خارجي معاملن ۽ جهاد جي سلسلي ۾ هو خلافت عثماني جو حامي هو. البت مالي معاملن ۽ اندروني پاليسين جي اصلاح لاءِ تبليغ ۽ تنقيد ٿي ڪيائين. ڇو ته هو ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جن جي دست مبارڪ تي بيعت ڪئي هئي ته ”آءٌ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندس ۽ حق جو ڪلمو چوندو رهندس، چاهي اُهو ڪيترو به تلخ هجي.“

شام ۾ رهائش واري زماني ۾ هو امير عثمان رضه جي اجازت سان حج ۽ قبر رسول الله ﷺ جن جي زيارت لاءِ پڻ ويندو هو. هن ڪن حڪومتي پاليسين تي تنقيد جو حق استعمال ڪندي ”امير جي اطاعت“ واري نبوي حڪم تي پوريءَ ريت عمل ڪري ڏيکاريو ۽ ڪڏهن به امير جي حڪم عدولي نه ڪيائين.

ابوذر رضي الله عنه جو وعظ ۽ تبليغ ٻڌي شام جا امير، امراءَ ۽ سرمايدار طبقا هن کان ڪترائڻ ۽ ٽهڻ لڳا. جڏهن ته عام ماڻهو ۽ صالح مسلمانن جون دليون هن ڏانهن مائل ٿينديون ويون.

حافظ ابو نعيم اصبهاني لکي ٿو [10]:

ڪنهن ماڻهوءَ کانئس پڇيو: ”ابوذر! ڇا ڳالهه آهي، جو هي ماڻهو (زردار) تنهنجي مجلس مان اُٿيو وڃن؟ جواب ڏنائين ”آءٌ کين دولت جمع ڪرڻ کان روڪيان ٿو.“

حديث، سيرت ۽ تاريخ جي مختلف ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته معاويه رضه ماڻهن کي ابوذر رضه سان ميل جول رکڻ کان منع ڪئي هئي. بنو تميم جو سردار احنف بن قيس بيان ٿو ڪري [11]:

”هڪ ڀيري شام ۾ هڪ مسجد ۾ آءٌ ابوذر رضه سان مليس ۽ ساڻس واقفيت ڪرايم. هن مون کي چيو ته مون وٽ نه ويهه متان توکي ڪا تڪليف ڏني وڃي.“ مون پڇيس ته ”مون کي ڇو تڪليف ڏني ويندي؟“ جواب ڏنائين: ”معاويه رضه ماڻهن کي مون وٽ اچڻ کان جهلي ڇڏيو آهي.“

اصبهانيءَ جي هڪ روايت مان معلوم ٿو ٿئي ته شام جي حاڪمن هن کي مختلف طريقن سان خوفزده ۽ هراسان ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي.

هن جي راوي علي بن زيد ابوذر غفاري رضه الله عنه جو هيءُ قول نقل ڪيو آهي [12]:

”بنو اميه مون کي مفلسي ۽ موت جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته مون کي تونگريءَ جي مقابلي ۾ فقيري ۽ زندگيءَ جي مقابلي ۾ موت وڌيڪ محبوب آهي.“

هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهوءَ چيس ته تون قتل ڪيو ويندين. جواب ڏنائين: ”اڃا منهنجي موت جو وقت نه آيو آهي. منهنجي حبيب ﷺ مون کي ٻڌايو هو ته مرڻ وقت تون هڪ ويراني ۾ هوندين ۽ اڪيلو هوندين. اڃا اُهو وقت نه آيو آهي، ڇو ته آءٌ هڪ بستيءَ ۾ ۽ ماڻهن جي وچ ۾ آهيان.“

شام مان نيڪالي:

معاويه رضه وقت بوقت امير عثمان رضي الله عنه کي اهڙا اطلاع موڪليندو رهندو هو ته ابوذر رضه شام ۾ ماڻهن کي برغلائي رهيو آهي. آخرڪار امير المؤمنين حڪم ڏنو ته هن کي مديني روانو ڪيو وڃي. ان سان گڏ هن معاويه رضه کي هدايت ڪئي. [13]:

”آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته ڪو فتنو منهن ڪڍڻ وارو آهي. تون اُن جو تدارڪ نه ڪري سگهندين. ابوذر رضه کي مون ڏانهن روانو ڪر. هن سان گڏ هڪ سونهون به اُماڻج. هن کي راه جو خرچ ڏج ۽ ساڻس نرمي وارو برتاءُ ڪجانءِ.“

مؤرخ مسعودي هن جي شام مان مديني ڏانهن روانگيءَ جي سلسلي ۾ لکي ٿو [14]:

”معاويه رضه امير عثمان رضه ڏانهن لکيو ته ابوذر رضه ڏانهن عوام جو رجوع وڌي رهيو آهي. مون کي خوف آهي ته هو اوهان لاءِ مشڪلاتون پئدا ڪندو. بهتر ٿيندو ته اوهان کيس پاڻ وٽ گهرائي وٺو. اُن تي امير عثمان رضه حڪم ڏنو ته هن کي اُٺ تي چاڙهي پنجن رومي غلامن سان گڏ مديني روانو ڪيو. معاويد رضه هن کي سخت پلاڻ واري اُٺ تي ڀاڙهي پنجن رومي غلامن سان گڏ مديني روانو ڪيو، جن اُٺ کي نهايت تيزيءَ سان ڊوڙايو. مديني پهچڻ تائين هن جي رانن جو گوشت ڦاٽي پيو ۽ مرڻ هارڪو ٿي ويو. ماڻهو سندس حال ڏسي چوڻ لڳا: ”توهان هنن زخمن وگهي وفات ڪري ويندا.“ همدردي ڪندڙن جي جواب ۾ ابوذر رضي الله عنه چيو [15]:

”هَيهاتَ ـــ لنَ اموتَ حتى اَنفى...“

ترجمو: ”منهنجو موت پري آهي. آءٌ تيستائين نه مرندس جيستائين مون کي مديني مان جلاوطن نه ڪيو ويو آهي...“

مديني مان اخراج:

مديني ۾ اچڻ کان پوءِ به هن حڪومت جي مالي ۽ انتظامي پاليسين تي تنقيد جاري رکي. بعضي قريش، جن کي صحابيت جو شرف به حاصل هو، تن وٽ گهڻو ڌن جمع ٿي ويو ۽ سندن خوراڪ، لباس ۽ نشست برخواست ۾ فرق اچي ويو. ابوذر رضي الله عنه هنن کي رسول الله ﷺ واري سادگيءَ طرف موٽڻ جي دعوت ڏيندو رهيو. هو پاڻ چوندو هو[16]:

”مَا زالَ لِي الامَربالمعرُوف وَالَنهي عَنِ المنڪَرِ حَتيٰ مَاتَرڪ لِي الحقُ صَديِقا.“

ترجمو: ”آءٌ نيڪيءَ جو حڪم ۽ برائيءَ کان منع ڪندو رهيس. حق گوئيءَ جي ڪري منهنجو ڪو به دوست باقي نه رهيو آهي.“

امير عثمان رضي الله عنه هن کي سمجهايو ۽ خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو. پر هو جنهن ڳالهه کي حق سمجهندو هو تنهن جي اظهار کان باز نه آيو. حافظ ابو نعيم اصبهاني جو باين آهي [17]:

”هڪ ڀيري هن وٽ ڪو ماڻهو آيو ۽ چيائين: ”امير عثمان رضي الله عنه جا ٽئڪس وصول ڪندڙ اسان تي زيادتي ٿا ڪن. ڇا اهو صحيح ٿيندو ته اسان کان هو جيڪا زياده وصولي ڪن ٿا اوترو مال هنن کان لڪائي ڇڏيون؟“ ابوذر رضه جواب ڏنو: ”نه، پنهنجو سمورو مال هنن کي ڏيکاري کين ٻڌايو ته جيڪو به سرڪاري حق آهي سو وٺو ۽ ناحق نه ڪريو. ان هوندي به هو زيادتي ڪن ته برداشت ڪريو. قيامت جي ڏينهن اهڙي زيادتي ڪندڙن جون نيڪيون اوهان جي کاتي ۾ وڌيون وينديون“ جنهن وقت ابوذر رضه سائل جي سوال جو جواب ڏيئي رهيو هو تنهن وقت هڪ قريشي جوان هن جي گفتگو ٻڌي رهيو هو. هن کيس چيو: ”امير المؤمنين توکي فتوائن ڏيڻ کان جهليو آهي، تڏهن به خاموش نٿو رهين.“ ابوذر رضي الله عنه جواب ڏنس: ”قسم آهي اُن ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنڌ تي تراڙ رکندؤ تڏهن به آءٌ رسول الله ﷺ جي تعليم ماڻهن تائين پهچائيندو رهندس، تان جو اوهان منهنجو سر جسم کان جدا ڪري ڇڏيو.“

انهيءَ زماني ۾ هڪ ڏينهن عبدالرحمٰن بن عوف رضي الله عنه جي وفات سبب سندس ترڪي جو فيصلو امير عثمان رضه وٽ آيو. عبدالرحمٰن رضه جو ڇڏيل سون ۽ چاندي ڦهلايو ويو ۽ ڳچ پٽ ڀرجي ويو. ان موقعي تي امير عثمان رضه اهڙو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو زڪوات ۽ خيرات کان پوءِ به هيترو مال جمع ڪري ته اُن ۾ ڪوبه حرج نه آهي. حاضرين مان ڪعب الاحبار [18] رضه امير عثمان رضه جي ڳالهه جي تائيد ڪئي. ايتري ۾ ابوذر عفاري رضه ڪعب کي مٿي ۾ ڏنڊو وهائي ڪڍيو [19].

هن واقعي ڪري امير عثمان رضي الله عنه ابوذر رضي الله عنه تي سخت ناراض ٿيو. مؤرخ مسعودي لکي ٿو [20]:

”ڪعب کي لٺ وهائي ڪڍڻ کان پوءِ ابوذر رضه پڪاريو: ”مون پنهنجي حبيب ﷺ کان ائين ٻڌو هو ته آءٌ چاهيان ٿو ته وفات وقت هڪ ماسو سون يا چاندي پوئتي نه ڇڏيان.“ اُن تي امير عثمان رضه کيس حڪم ڏنو ”هتان نڪري وڃ“. ابوذر رضه چيو: ”مڪي وڃان؟“ چيائين ”نه“. ابوذر رضه وري چيو: ”مون کي الله جي گهر ۾ رهڻ کان نه روڪ، باقي حياتي اتي بندگي ڪرڻ گهران ٿو.“ جواب مليو: ”نه“، اُن کا پوءِ هن بصري ۽ مديني ۾ رهڻ لاءِ اجازت گهري، پر اميرالمؤمنين انڪار ڪيو. ان تي ابوذر رضه چيو: ”جيڏانهن حڪم ڪندين تيڏانهن هليو ويندس.“ آخرڪار عثمان رضي الله عنه چيس: ”آءٌ توکي ربذه ڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿو ڏيان.“ جيئن ئي ابوذر رضي ربذه جو نالو ٻڌو تن نعرو هنيائين: ”الله اڪبر! صدق رسول الله ﷺ.“ خدا جو رسول ﷺ سچو آهي. هن مون کي ٻڌايو هو ته توکي مڪي ۽ مديني کان روڪيو ويندو. تنهنجو ربذه ۾ موت ٿيندو. توکي غلاف کان حجاز ڏانهن ويندڙ مسافر دفن ڪندا.“

ابن جرير طبري لکي ٿو ته جڏهن ابوذر رضي الله عنه شام مان مديني آيو تڏهن مدينو اڳئين کان به وڌيڪ ڦهلجي چڪو هو. اتي امير عثمان رضي الله عنه سان مليو ته هن کانئس معاويه رضه سان اختلاف جا سبب پڇيا. ابوذر رضه چيو [21]:

”منهنجو چوڻ آهي ته هڪ ته بيت المال خدا جو مال نه آهي، مسلمانن جو مال آهي ۽ ٻيو ته دولتمندن کي مال جمع ڪرڻ نه گهرجي.“

امير المومنين عثمان رضه فرمايو:

”اي ابوذر رضه! آءٌ پنهنجن فرضن ۽ ذميوارين کان واقف آهيان. آءٌ ماڻهن کي زهد لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهان. البته وچٿري راءِ جي تلقين ڪندو رهندس.“

امير عثمان رضه جي انهيءَ جواب ٻڌڻ کان پوءِ ابوذر رضه خود مدينو ڇڏي ربذه ڏانهن وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. امير عثمان رضه ان لاءِ کيس هر ڪا سهولت ڏني ۽ چيائينس ته ڪڏهن ڪڏهن مديني ايندو رهج. (طبري جي روايت ختم ٿي).

ٻين به ڪن مؤرخن طبري واري روايت اختيار ڪئي آهي. پر ڪعبه احبار واري واقعي جي سڀني تصديق ڪئي آهي. ازانسواءِ سڀني مؤرخن ۽ سيرت نگارن امير عثمانه رضه جي خلاف برپا ٿيل شورشن جي سببن مان هڪ سبب ابوذر رضه جي مديني مان نڪرڻ وارو واقعو بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن هو رضا ۽ رغبت سان وڃي ها ته ايتريون متواتر روايتون مسعودي جي تائيد ۾ نه ملن ها. ابن سعد لکي ٿو. [22]:

”ابوذر ۽ عثمان رضي الله عنهما پاڻ ۾ اڪيلائي ۾ ڳالهائي رهيا هئا. سندن آواز قدري اوچا ٿي ويا. ابوذر رضه ٻاهر نڪتو ته مشڪي رهيو هو. ماڻهن پڇيس ته اميرالمومنين ۽ اوهان پاڻ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪئي؟ جواب ڏنائين ته مون هن جي ڳالهه ٻڌي ۽ سندس اطاعت ڪندس. جيڪڏهن مون کي عدن يا صنعاعه ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏيندو ته اُهو به مڃيندس. هن وقت مون کي ربذه ڏانهن وڃڻ جو امر ڪيو اٿائين.“

امير عثمان ۽ ابوذر رضي الله عنه جي اجتهادي اختلافن کي بنياد بنائي ڪن ماڻهن امير عثمان رضه تي بيجا طعن ۽ تشنيع ڪئي آهي. حالانڪه هن اعتدال جي راهه اختيار ڪئي. معاشي عوامل تمدني تبديلين جي ڪري اسلامي دنيا ۾ جيڪي معاشرتي تبديليون اچي رهيو هيون ته تن کي روڪڻ محال هو. امير عثمان رضه جو چوڻ هو ته آءٌ زور زبردستيءَ سان زهد تي عمل ڪرائي نٿو سگهان. ابوذر رضه هر حال ۾ رسول ﷺ جي حڪمن جي اطاعت ڪئي. هو امير جي حڪم جو احترام ڪندي خوشي سان ربذه هليو ويو. ڪن ماڻهن کيس اتان عراق وڃڻ جي دعوت ڏني پر هن انڪار ڪيو ۽ سلي ۽ طاعت“ ڪندو رهيو. بعض مسلمانن واري انتها وارو رستو اختيار ڪيو آهي. ۽ چوندا آهن ته ابوذر رضه هڪ مجذوب ۽ تارڪ هو. ابن سبا هن کي امير عثمان رضه ۽ بنو اميه خلاف اٿاريو. اسان هن راءِ کي به هڪ گستاخي ٿا سمجهون. جنهن شخص جاهليت ۾ پنهنجي فراست سان توحيد کي سمجهيو، جنهن چوٿين يا پنجين نمبر تي اسلام آندو ۽ جنهن جي صداقت، بيباڪي ۽ حق گوئيءَ متعلق رسول ڪريم ﷺ کان قطعي نص موجود آهي تنهن لاءِ اهڙي راءِ رکڻ بجاءِ خود هڪ مجذوبانه حرڪت آهي. ابوذر رضه عزيمت واري راهه اختيار ڪئي جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي. اڄ به هن جي قدمن جا نشان حق جي طالبن ۽ عزيمت جو طريقو اختيار ڪندڙن جي راه روشن ڪري رهيا آهن.

حافظ ابن عبدالبر قرطبي صاف لکي ٿو [23]:

”تُمَ استَقَدَمَه عُثمان لِشکوي معاوَيه فَنَفاه وَاسکَنَه الربذَةَ ومَاتَ بِها“

ترجمو: ”معاويه رضه جي شڪايتن جي ڪري عثمان رضه کيس اتان گهرائي ورتو. پوءِ هن کي ربذه ڏانهن نيڪالي ڏنائين ۽ اتي هن وفات ڪئي.“

ابن الاثير لکي ٿو [24]:

”زماني پنهنجو رنگ بدلايو ۽ ابوذر رضه کي ربذه ڏانهن ڪڍيو ويو.“

زيد بن وهب نالي راوي ربذه جي واديءَ ۾ ابوذر رضه سان مليو هو ۽ کانئس حال احوال ورتو هئائين. ابوذر رضه معاويه رضه سان اختلاف ۽ شام مان مديني ۾ آمد جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ کيس ٻڌايو [25]:

”آءٌ مديني پهتس ته مون تي ماڻهن جا ميڙا ٿي ويا. ڄڻڪ هنن اڳ ۾ مون کي ڏٺو ئي ڪونه هو. جڏهن عثمان رضه کي اِهي خبرون مليون تڏهن هن مون کي چيو ته آءٌ توکي مديني کان ٻاهر ڪڍڻ گهران ٿو. ڇا توکي قبول آهي؟ پوءِ هن مون کي هِن جاءِ تي ڏياري اماڻيو آهي. جيڪڏهن ڪو حبشي ٻانهو امير هجي ۽ مون کي ڪو حڪم ڪري ته آءٌ اهو قبول ڪندس.“

هنن سڀني روايتن مان صاف ظاهر آهي ته بنو اميه ۽ قريش جا نوجوان ۽ ٻيا مالدار ماڻهو ابوذر رضه جي تنقيد کي ناپسند ڪندا هئا. هو حڪومت جي مالي پاليسين تي به نڪته چيني ڪندو هو. هن وقت جي خليفي جي دربار ۾ ڪعب احبار کي ٻه دفعا مجروح ڪيو هو. معاويه رضه اڳ ۾ ئي امير عثمان رضه کي هن جي خلاف ڀڙڪايو هو. ويتر جو وٽس عام مسلمانن جا هجوم اچي گڏ ٿيا، تنهن ڪري امير عثمان رضه هن کي دارالخلافه کان ٻاهر ڪنهن غير آباد گوشي ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن رسول الله ﷺ جي ڏنل تعليم ۽ تربيت تي عمل ڪندي امير جي حڪم جي رضا ۽ رغبت سان اطاعت ڪئي.

ربذه ڏانهن ڪوچ:

ان کان پوءِ هو هن حال ۾ مديني مان نڪتو جو پنهنجي گهر واريءَ (ڪن روايتن مطابق پنهنجي ڌيءَ) کي پنهنجي اُٺ تي سوار ڪيائين. امير المومنين عثمان رضي الله عنه ماڻهن کي جهليو هو ته هن سان گڏ نه وڃن. تاهم رواني ٿيڻ وقت بنو هاشم مان علي بن ابي طالب، حسن، حسين، عقيل بن ابي طالب، عبدالله بن جعفر ۽ عمار بن ياسر رضي الله عنهم موڪلائڻ مهل هن وٽ آيا ۽ ڪجهه مفاصلي تائين ساڻس گڏيا هليا. جڏهن هو کيس الوداع چئي موٽڻ لڳا ته ابوذر رضه روئي ڏنو ۽ علي ڪرم الله وجهه کي مخاطب ٿي چيائين [26]:

”رَحِمکَمُ الله اهل البَيت. اذا را يتڪ يا ابا الحَسَنِ.

ووَّلَدڪ ذَڪَرتُ بِکُم خَلِيلي رسول الله ﷺ.“

ترجمو: ”اي اهل بيت اوهان تي خدا جون رحمتون هجن. حسن جا پيءُ! اوهان جي فرزندن کي ڏسڻ سان مون کي منهنجو محبوب رسول الله ﷺ ياد ايندو هو.“

ربذه ۾ رهائش:

ربذه مديني کان ڪجهه فاصلي تي هڪ غير آباد وادي هئي. ابوذر رضي الله عنه اتي خلوت ۽ عزلت ۾ ياد الاهي ۽ عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. بنو ثعلبه قبيلي جو هڪ سردار پنهنجي زال سميت هن سان اُتي مليو هو.

هو ٻڌائي ٿو [27]:

”اسان ربذه ۾ منزل ڪئي. اُتي اسان هڪ ٻڍو ڏٺو جنهن جو مٿو ۽ سونهاري سفيد ٿي چڪي هئي. هن جا وار کنڊريل هئا. اسان کي ٻڌايو ويو ته هو رسول الله ﷺ جو اصحابي ابوذر رضي الله عنه آهي. اسان هن کان اجازت وٺي سندس مٿو ڌوئاريو. هو اسان سان مانوس ٿيو ۽ ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ عراق جا ڪجهه مسافر هن وٽ آيا. شايد هو ڪوفي جا رهاڪو هئا. هنن چيو: ”اي ابوذر رضه! ڏس ته هن شخص (عثمان رضه) توسان ڪهڙو برتاءُ ڪيو آهي. تون جهنڊو هٿ ۾ کڻ ته اسان تنهنجو ساٿ ڏيون. جيترا به چاهين اوترا جنگي جوڌا تنهنجو ساٿ ڏيندا.“ ابوذر رضي الله عنه هنن جي مقال ٻڌي ته کين چيائين: ”مسلمانو! مون سان اِن قسم جي گفتار نه ڪريو. پنهنجي حاڪم جي توهين نه ڪريو. جيڪو امير جي توهين ڪندو تنهن جي الله تعاليٰ توبه قبول نه ڪندو. ياد رکو ته جيڪڏهن عثمان رضه مون کي سوريءَ تي لٽڪائي ڇڏيندو، تڏهن به آءٌ هن جي ڳالهه ٻڌندس ۽ سندس اطاعت ڪندو رهندس ۽ صبر ڪندس. مون کي خبر آهي ته انهيءَ ۾ ئي ڀلائي آهي. جيڪڏهن هو مون کي آسمان جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري ڏانهن يا مشرق کان مغرب تائين جلاوطن ڪندو تڏهن به آءٌ هن جي اطاعت ڪندو رهندس. ڇو ته انهيءَ ۾ ئي خير آهي.“

امام احمد پنهنجي راوي مخارق کان نقل ٿو ڪري ته هن حج ڏانهن ويندي ربذه ۾ ابوذر غفاري رضي الله عنه جي زيارت ڪئي هئي. هن ڏٺو ته هو عبادت ۾ رڌل هو ۽ ڪثرت سان رڪوع ۽ ڊگها سجدا ڪري رهيو هو [28].

عبدالله بن خراش نالي هڪ شخص هن سان ربذه ۾ مليو هو. ان وقت ابوذر رضه ڪاري رنگ جي هڪ تنبوءَ ۾ ويٺل هو. ابوذر رضه جي گهرواريءَ جي چمڙيءَ جو رنگ ڪارو هو. ابن خراش مشورو ڏنس ته ٻي شادي ڪريو. جواب ڏنائين: ”مون کي هيءَ عورت پسند آهي جو ان جي ڪري منهنجي طبيعت ۾ انڪسار آهي.“ هن چيس: ”ويهڻ ۽ سمهڻ لاءِ ڪونه نرم گاديلو ڇو نٿا ٺهرايو؟“ ان تي ابوذر رضه استغفار پڙهي ۽ هن کي چيائين ته تون پاڻ ڀلي وڃي ائين ڪر. آءٌ هتي خوش آهيان [29]. ربذه واري زماني ۾ هڪ ٻئي ملاقاتيءَ سان شڪايت ڪيائين[30]:

”هيءُ ڪاري (پنهنجي گهر واريءَ ڏانهن اشارو) مون کي چوي ٿي ته عراق ڏانهن هل. مون کي خبر آهي ته آءٌ عراق ويندس ته ماڻهو سندن دنياداريءَ سان مون کي وڪوڙي ويندا. منهنجي حبيب مون کي چيو هو ته جنت ۽ دوزخ جي وچ تي هڪ ترڪڻ آهي. جن جي ڳچيءَ ۾ دولت ۽ اقتدار جو بوجو هوندو سي ان ۾ ترڪي دوزخ ڏانهن هليا ويندا.“

وفات:

ربذه جي عزلت واري دور ۾ هن عظيم انسان ۽ جليل القدر صحابي جو آخري وقت اچي ويو. هن جي گهرواريءَ محسوس ڪيو ته ابوذر رضه جي هل هلان واري ويل آهي تڏهن هوءَ روئڻ لڳي. ٻڍي زاهد جهيڻي آواز ۾ پڇيس: ”روئين ڇو ٿي؟“ جواب ڏنائين: ”روئان اِنڪري ٿي جو آءٌ زال ذات توکي دفن ڪيئن ڪنديس؟ ٻيو ته مون وٽ ڪپڙو ڪونهي، تنهنجو ڪفن ڇا مان ڪنديس؟“

پنهنجي گهرواريءَ جو جواب ٻڌڻ تي ٻڍي متوڪل ۽ عابد هن طرح ڪلام ڪيو [31]:

”هڪ ڏينهن آءٌ ۽ ڪجهه ٻيا اصحابي منهنجي حبيب ﷺ جي مجلس ۾ ويٺل هئاسون. اسان کي چيائيون ته اوهان مان هڪ ماڻهو ويراني ۾ وفات ڪندو. پر مومنن جو هڪ گروه هن جي موت وقت اچي ڪفن دفن جو بندوبست ڪندو. ان مجلس ۾ ويٺل سڀ اصحابي بستين ۽ شهرن ۾ وفات ڪري چڪا آهن. فقط آءٌ هڪڙو باقي بچيو آهيان جو اڄ هن رڻ ۾ آخري پساه کڻي رهيو آهيان. خدا جو قسم ته آءٌ سچ ٿو چوان ۽ جنهن کان ٻڌو اٿم سو به سراسر سچو آهي. تون ٻاهر وڃي واٽ نهار. توکي جلد معلوم ٿي ويندو ته جيڪي به چوان ٿو سو حقيقت آهي.“

تقدس مآب مرد جي هدايت مطابق سندس زال تنبوءَ کان ٻاهر نڪري ريگستان ۾ چئني طرفن ڏانهن نهاريو. هوءَ پاڻ بيان ٿي ڪري [32]:

”آءٌ هڪ دڙي تي چڙهي چوڌاري نظر ڊوڙائڻ لڳس. پر وري اوسيئڙو ٿيم ته ابوذر رضه الاجي ڪهڙي حال ۾ هوندو. ان طرح واريءَ جي دڙي ۾ تنبوءَ جي وچ ۾ ڊوڙون پئي پاتيم ته پري کان ڪن سوارن کي ايندو ڏٺم. هو رڻ پٽ ۾ هڪ اڪيلي عورت کي بيٺل ڏسي سوارين کي ڊوڙائيندا مون وٽ اچي پهتا. مون کان پڇيائون: ”خدا جي بندي! ٻڌاءِ ته ڇا ماجرا آهي؟“ مون ٻڌاين ته هڪ مسلمان قريب الموت آهي. ان جي ڪفن ۽ دفن ۾ همراهي ڪريو. پڇيائيون: ”ڪير آهي؟“ مون چيو: ”ابوذر رضه“ پڇيائون: ”رسول الله ﷺ جو مشهور اصحابي؟“ چيم: ”هائو.“ منهنجي چوڻ شرط هو وهٽن تان لهي پيا. چوڻ لڳا: ”اسان جون جانيون ۽ مائون ۽ پيئر ابوذر رضه تان قربان وڃن. اسان کي وٽس وٺي هل.“

ان کان پوءِ هو مسافر تڪڙا قدم کڻندا ابوذر رضي الله عنه کي پهلو ۾ وڃي ويٺا. اڃا هن ساه پئي کنيو ۽ سندس هوش حواس قائم هو. اجنبي واٽهڙن کي ڏسي چيائين [33]:

”اوهان کي مبارڪ هجي. منهنجي حبيب ﷺ اوهان بابت ئي اها پيشنگوئي فرمائي هئي ته اوهان هن ويراني ۾ منهنجو ڪفن دفن ڪندا.“

ابوذر رضه کين وڌيڪ وصيت ڪئي: ”منهنجي تمنا هئي ته مون کي منهنجي ذاتي ڪپڙي جو ڪفن ڏنو وڃي. پر جيئن ته وٽم ڪوبه ڪپڙو ڪونهي تنهن ڪري اوهان مان منهنجو ڪفن اُهو فراهم ڪري جيڪو ڪڏهن به امير يا نائب امير يا سرڪاري ٽپالي يا ڪامورو نه رهيو هجي.“

ان وصيت جي بيان ڪرڻ کان پوءِ چند گهڙيون زنده رهيو. آخر ۾ چيائين: ”بسم الله و عليٰ ملة رسول الله“ ۽ پوءِ سندس پاڪ روح سندس حبيب ﷺ جي حضور ۾ پهچي ويو. جنهن جي فراق ۾ ويهن سالن کان لڇي رهيو هو. معتبر روايتن مطابق هن جي وفات ماه ذوالحج 22 هجري ۾ ٿي.

ابن سعد هڪ ٻي روايت نقل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن جي گهرواري سندس وفات کان پوءِ هن جو جنازو واٽ تي رکي ويهي رهي ته واٽهڙو اچي ويا، جن کي ابوذر رضه جي وصيت بابت ٻڌايائين. اُنهن اجنبي مسافرن مان هڪ رسول الله ﷺ جن جو جُتي بردار ۽ جليل القدر اصحابي عبدالله بن مسعود رضه هو. هن کي جڏهن خبر پيئي ته ابوذر رضه وفات فرمائي آهي تڏهن دير تائين گريو ڪندو رهيو ۽ پوءِ چيائين:

”خدا جي رسول ﷺ سچ چيو هو ته ابوذر رضه اڪيلو هلندو اڪيلو مرندو ۽ سندس حشر به اڪيلو ٿيندو.“

واٽهڙن مان فقط هڪ انصاري نوجوان اهڙو هو جنهن ڪڏهن به سرڪاري نوڪري نه ڪئي هئي. هن چيو ته مون وٽ ٻه چادرون آهن جيڪي منهنجي ماءُ پنهنجن هٿن سان ڪتيون ۽ اڻيون آهن. آءٌ اُهي ڪفن لاءِ پيش ڪريان ٿو. ابوذر رضه انصاري جوان جي آڇ قبول ڪئي. وفات کان پوءِ کيس اُنهن چادرن جو ڪفن ڏنو ويو. عبدالله بن مسعود رضي الله عنه هن جي جنازي نماز پڙهائي. هڪ روايت مطابق ڪل چوڏهن ماڻهن هن جي جنازي نماز پڙهي [34]: جن ماڻهن عبدالله بن مسعود رضي الله عنه جي امامت ۾ هن تي نماز پڙهي سي يمني قبيلن سان تعلق رکندا هئا. انهن مان هڪ جو نالو مالڪ اشتر نخعي ۽ ٻئي جو حجر بن ادبر هو [35]. ابوذر رضه جي وصيت مطابق سندس گهرواريءَ ڪانڌين کي هڪ ٻڪري ذبح ڪري کارائي. هو وڃڻ وقت ابوذر رضه جو عيال پاڻ سان وٺي مديني ويا. جتي امير عثمان رضه هنن تي شفقت ڪئي ۽ ابوذر رضه لاءِ دعا ڪيائين [36].

حليو:

قداوار مڙس هو. رنگ ڪڻڪائون هئس. مٿي ۽ سونهاريءَ جا وار بلڪل سفيد هئا.

جائداد ۽ ترڪو:

اطبقات الڪبريٰ جي روايت آهي ته بيت المقدس ۾ هڪ ماڻهو ابوذر سان گڏ نماز پڙهندو هو. هو چوندو هو ته مون هن جو گهر ڏٺو هو. هن جي سموري ملڪيت هڪ چادر جي قيمت کان گهٽ هئي. مشهور تابعي مهران بن ميمون انهيءَ روايت جي تائيد ڪندي چيو آهي ته هن جي گهر جو سمورو اسباب ٻن درهمن کان به گهٽ قيمت جو هو [37]. هڪ ڀيري هن وٽ هڪ ڳوٿري ڏٺائون. ماڻهن سمجهيو ته هن ۾ سون ۽ چانديءَ جا سڪا هوندا. پر کولي ڏٺائون ته هن ۾ فقط ٽامي جا چند سڪا هئا. ابوذر رضي الله عنه جو ڀاڻيجو چوندو هو ته هن وفات وقت ٻه گڏهيون، هڪ نر گڏهه، چند ٻڪريون ۽ چڙهيءَ جا هڪ به اُٺ ترڪي ۾ ڇڏيا [38].

اخلاق ۽ عادتون:

خدا جي ڪتاب ۽ رسول الله ﷺ جي سنت جو مڪمل تابعدار هو. هڪ ڀيري رسول ڪريم ﷺ پنهنجي اصحابن کان پڇيو. ”ٻڌايو اوهان مان ڪو اهڙو آهي جو هميشه انهيءَ حال ۾ رهندو جنهن ۾ آءٌ هن کي ڇڏي ويندس.“ ابوذر اعلان ڪيو: ”آءٌ.“ حضور ﷺ جن ارشاد فرمايو: ”هيءُ سچ ٿو چوي.“

امام احمد بن حنبل لکي ٿو [39]:

”بنو اميه جي حاڪمن ۽ اميرن دير سان نمازون پڙهڻ شروع ڪيون.هڪ ماڻهوءَ انهيءَ عبدالله بن صامت کان سوال پڇيو.هن جواب ڏنو ته مون اهو مسئلو ابوذر غفاري رضه کان پڇيو هو جنهن چيو ته منهنجي حبيب ﷺ کان مون اها ڳالهه پڇي هئي. مون کي حڪم ڏنائون ته نماز صحيح وقت تي پڙهندو ڪر. جيڪڏهن امير دير سان نماز پڙهائي ته ان جي پٺيان دوباره پڙهندو ڪر ۽ ائين نه چئو ته مون نماز پڙهي ڇڏي آهي. ائين چئي ابوذر رضه منهنجي ران تي ڌڪ هنيو، راويءَ هن کان پڇيو: ”اهو ڌڪ ڇو هنيئي؟“ جواب ڏنائين: ”منهنجي حبيب ﷺ اها ڳالهه ٻڌائڻ مهل مون کي به ران تي ڌڪ هنيو هو. ان جي سنت مطابق مون توکي ڌڪ هنيو.“

هڪ ڀيري کيس ٻه چادرون هٿ آيون. هڪ هن پاڻ وٽ رکي ۽ ٻي پنهنجي غلام کي ڏنائين ماڻهن چيس ته خود تو وٽ لباس پورو نه آهي ٻي چادر به پاڻ لاءِ رکين ها. جواب ڏنائين اهو صحيح آهي. پر رسول الله ﷺ جو حڪم آهي ته جيڪي پاڻ کائو سو غلامن کي کارايو ۽ جيڪي به پاڻ پهريو سو هنن کي پهرايو.

حبِ رسول ﷺ:

پاڻ ڪريمن جي ذات بابرڪات سان والهانه محبت رکندو هو. ادب وچان سندن نالو وٺڻ بدران ”حبي ۽ خليلي“ يعني ”منهنجو محبوب يا منهنجو حبيب“ چوندو هو. جڏهن به سندن مبارڪ نالو وٺندو هو ته اکين مان وڏڦڙي مينهن وانگر ڳوڙها وسڻ لڳندا هئس. ربذه ڏانهن رواني ٿيڻ وقت انهيءَ ڪري بڪاءِ ڪيائين جو پاڻ ڪريمن جي اولاد ۽ مزار کان علحده ٿي رهيو هو. ٻنهي جهانن جو سردار به کيس گهڻو ڀائيندو هو. ابن حجر عسقلاني لکي ٿو [40].

”ابو درداء رضه جو بيان آهي ته جنهن به مجلس ۾ ابوذر رضه موجود هوندو هو تنهن ۾ پاڻ ڪريم گفتگو جو آغاز هن کان ڪندا هئا. هو غير حاضر هوندو هو ته پاڻ سندس ڳولا ۾ نڪريو پوندا هئا.“

علامه ابن سعد لکي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن رسول ڪريم ﷺ ابوذر رضه کي پاڻ سان وهٽ تي ٻيلهه ويهاريندا هئا.

رسول الله ﷺ کان مختلف مسئلن بابت سوال پڇندو هو ۽ حضور جن هن جي هر سوال جو جواب ڏيندا هئا. هڪ ڀيري حضور جن کي درخواست ڪيائين ته مون کي وصيت ڪريو.

فرمايائون [41]:

”توکي تقويٰ جو تاڪيد ٿو ڪريان. اُها هر نيڪيءَ جو منڍ آهي.“

”اڃا ڪجهه وڌيڪ.“

”قرآن جي تلاوت ڪر. اُهو زمين ۾ تولاءِ نور آهي ۽ آسمان ۾ درجو وڌائيندو.“

”ڪجهه زياده.“

”اجائي کِل کان پرهيز ڪج. زياده کِل دل کي ماري ٿي ۽ منهن جي مڻيا کي وڃائي ٿي.“

”اڃا ڪجهه تلقين ڪريو.“

”خاموشي اختيار ڪر. ڪو نيڪيءَ جو ڪلمو نه هجي ته چپ ره، ڇو ته خاموشي شيطان کي ڀڄائيندڙ ۽ دين کي قوي ڪندڙ شئي آهي.“

”اي رسول الله ﷺ ڪجهه وڌيڪ ارشاد.“

”جهاد ڪر. جهاد منهنجي امت جي رهبانيت آهي.“

”ڪجهه وڌيڪ نصيحت“

”مسڪينن سان محبت ڪر ۽ ساڻس مجلسون ڪج.“

”ڪا ٻي ڳالهه يا رسول الله ﷺ.“

”پاڻ کان هيٺين تي نگاهه وجهج، مٿين تي نظر نه رکج. جي اعليٰ طبقن کي ڏسندين ته تون خدا جي نعمتن جو قدر نه ڪندني.“

”اڃا ڪجهه فرمايو.“

”پنهنجن عزيزن سان ناتا ڳنڍج. چاهي جو هو ٽوڙين.“

”ڪجهه وڌيڪ نصيحت ڪريو.“

”خدا جي راهه ۾ ڪنهن ملامت ڪندڙ کان نه ڊڄج ۽ حق جو ڪلمو چئج چاهي ڪڙو هجي.“

هن جو حرص ۽ بخل:

حضرت علي ڪرم الله وجهه چوندو هو ته ابوذر رضه دين جي معاملي ۾ بخيل هو، يعني دين جو ڪوبه جزو ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندو هو. پر علم جي حصول لاءِ هو حريص هو. رسول الله ﷺ کان سوالن تي سوال ڪندو رهندو هو. پاڻ ڪريمن ﷺ کان ايترا علمي نڪتا حاصل ڪيائين ۽ انهن تي عمل ڪيائين جو ٻيا ماڻهو انهن کان عاجز اچي ويا.

دنياداري کان پرهيز:

هڪ ڀيري مشهور اصحابي ابو موسيٰ شعر رضه هن سان ملڻ آيو. ابوذر رضه ساڻس ملڻ کان انڪار ڪيو. هڪ طرف ابو موسيٰ ”اخي اخي“ چئي هن ڏانهن وڌن لڳو ته ٻئي طرف ابوذر رضه پوئتي هٽندو ويو ۽ کيس چيائين [42]:

”هاڻي آءٌ تنهنجو ڀاءُ نه آهيان. آءٌ تڏهن تنهنجو ڀاءُ هئس جڏهن تو امارت جو عهدو نه ورتو هو.“ وري هڪ ڀيري ابو هريره ساڻس ملڻ آيو. ”مرحبا يا اخي“ چئي اڳتي وڌيو. ابوذر رضه پوئتي هٽيو ۽ پڇيائين: ”تو به سرڪاري نوڪري ڪئي آهي. ٻڌاءِ ته ڪو اوچو گهر يا جاگير يا مال جا ڌڻ ته نه پاليا اٿيئي؟“ ابو هريره جواب ڏنو: ”نه“. ان جواب ٻڌڻ سان هن کي ڇاتيءَ سان لاتائين ۽ چوڻ لڳو: ”اَنت اخي. اَنت اخي“ يعني ”تون منهنجو ڀاءُ آهين. تون منهنجو ڀاءُ آهين.“

امير معاويه رضه هڪ دعوت تي ابوذر رضه کي گهرايو ۽ لذيذ کاڌا ٺهرائي هن جي اڳيان رکيائين. ابوذر رضه کائڻ کان انڪار ڪيو. چيائين ته آءٌ اُها خوراڪ کائيندس جيڪا رسول الله ﷺ جي وقت ۾ واپرائيندو هوس.

هڪ ڀيري ڏٺائين ته مشهور اصحابي ابو درداء رضي الله عنه گهر اڏائي رهيو آهي. ابوذر رضه پڇيس: ”ماڻهن جي ڪنڌن تي پٿر ڇو کڻايا اٿئي.“

ابو درداء رضه وراڻيو: ”گهر ٺهرايان ٿو.“

ان تي ابوذر رضه چيس: ”شايد منهنجي گفتگو تي تون رنج ٿيو آهين. پر منهنجا ڀاءُ! مون کي اها ڳالهه وڌيڪ پسند اچي ها جيڪڏهن توکي ملس جو تنبوءَ ۾ ڏسان ها [43].“

هڪ ماڻهوءَ ابوذر رضه کي پنهنجي لاءِ ڪکائون اجهو اڏيندي ڏٺو. پڇيائين [44]:

”ابوذر! ڇا پيو ٺاهين؟“ جواب ڏنائين: ”منهنجو جسم منهنجي سواريءَ جو وهٽ آهي.ان جي آرام لاءِ هيءَ جڳهه ٺاهي رهيو آهيان. جيڪڏهن اسان سان نرمي نه ڪندس ته هو مون کي منزل تي نه رسائيندو.“

حساب جو خوف:

ابو شعبه روايت ٿو ڪري ته اسان جي قبيلي جي ماڻهن ابوذر غفاري رضه الله عنه کي ڪو تحفو پيش ڪيو. هن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين [45]:

”مون کي خدا سڀ ڪجهه ڏنو آهي. ڪجهه گڏهيون ۽ چند ٻڪريون آهن. جن جو کير مون لاءِ ڪافي آهي. خدمت لاءِ هڪ ٻانهي آهي. جيڪڏهن هن کان وڌيڪ اسباب گڏ ڪندس ته خدا مون کان هن جو حساب وٺندو ۽ آءٌ خدا جي حساب کان ڊڄان ٿو.“

چوندو هو: ”ٻن درهمن واري جو حساب هڪ درهم واري جي مقابلي ۾ ويڪ سخت ٿيندو“ [46].

هڪ دفعي ماڻهن کي وعظ ۽ نصيحت ڪندي چيائين [47]:

”ٻن درهمن کان وڌيڪ دولت نه رکو. انهن مان هڪ درهم پنهنجي عيال تي خرچ ڪريو ۽ ٻيو راهه خدا ۾ آخرت لاءِ خرچ ڪريو. ٽيون رکندو ته اوهان کي نقصان رسائيندو. انسانو! توهان کي حرص قتل ڪري ڇڏيندو ۽ ڪڏهن به منزل تي رسڻ نه ڏيندو.“

مهمان نوازي:

هو پنهنجون ٻڪريون ڏهي انهن جو کير مٿي تي رکي پاڙي ۾ ورهائيندو هو. ڪو مهمان هوندو هو ته ان کي کارائيندو هو.ان کان پوءِ بچندو هو ته پاڻ استعمال ڪندو هو نه ته ائين ئي سمهي پوندو هو. هڪ ڀري ڪو ماڻهو وٽس مهمان ٿي آيو. ان کي کجور ۽ کير پيش ڪيائين. پٺيان ڪجهه به نه رهيو. پاڻ بکئي پيٽ رات گذاريائين [48].

فضائل:

ابوذر جندب بن جناده غفاري رضه الله عنه نيڪين جو ڀنڊار هو. حافظ ابو نعيم اصبهاني لکي ٿو:

”هو بي مثل زاهد، يڪتا، عابد، اسلام جو چوٿون ٿنڀ هو. اسلام کان اڳ ئي جوا ترڪ ڪيائين. وحي کان اڳ خدا جي بندگي ڪيائين. پهريون شخص هو جنهن رسول الله ﷺ تي اسلامي طرز جو سلام ڪيو. حق جي راهه ۾ ڪنهن ملامات جي پرواهه نه ڪندو هو. حاڪم جي هڪلن ۽ ڪامورن جي ڪاوڙ کان نه ڊنو.پهريون شخص هو، جنهن ”بقاء“ جي علم بابت ڪلام ڪيو. هو مشقتن ۽ اذيتن تي ثابت قدم رهيو. عهد ۽ وصيتون نڀايائين. تڪليفن ۽ مصيبتن تي صبر ڪيائين. خلق خدا جي آميزش کان پاسيرو رهيو، تان جو موت جي اڱڻ ۾ اچي خيما کوڙيائين. هو رسول الله ﷺ جو خادم خاص ۽ کانئس علم جا اصول سکڻ وارو ٻالڪو هو.“

ابن حجر عسقلاني هن کي ”مشهور زاهد ۽ حق گو“ لکي ٿو. حضرت علي ڪرم الله وجهه چوندو هو [49]:

”اڄ دنيا ۾ ابوذر رضه کانسواءِ ٻيو ڪوبه اهڙو ماڻهو نه رهيو آهي جو راهه حق ۾ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ڪابه پرواهه نه ڪري.“

ابن سعد لکي ٿو: ”ان گفتار کان پوءِ حضرت علي ڪرم الله وجهه پنهنجي ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻي چيو ته آءٌ انهن ماڻهن مان آهيان جيڪي خاموش آهن.“

مسيح الاسلام جو لقب:

هن جي فضيلت تي سڀ کان وڏي شاهدي شارع عليه الصلواة والسلام جا قول آهن. پاڻ ارشاد فرمايو اٿن [50]:

”زهد جي معاملي ۾ ابوذر منهنجي امت جو عيسيٰ بن مريم عليه السلام آهي.“

ابو هرير اها حديث هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي [51]:

”مَن سَره اَن يَنظر الاتَواضع عيسيٰ بن مَريمَ فلينطر اليٰ ابي ذر.“

ترجمو: ”جيڪو چاهي ته آءٌ عيسيٰ بن مريم عليه السلام جو انڪسار ڏسان تنهن کي ابوذر رضه ڏانهن ڏسڻ گهرجي.“

رسول الله ﷺ جن جي هن حديث جي ڪري هن تي ”شيح الاسلام“ جو لقب پئجي ويو. ڪيترن مؤرخن هن لاءِ اِهو لقب استعمال ڪيو آهي.

صداقت:

ابو درداء رضي الله عنه چوي ٿو ته مون رسول الله ﷺ جن کان ابوذر رضه بابت هي ٻول ٻڌا:

”اسمان جي هيٺان ۽ زمين جي پشت تي ابوذر رضه کان وڌيڪ سچ ٻوليندڙ ٻيو ڪوبه نه آهي.“

هن جا شاگرد:

ڪيترن ئي اصحابن ۽ تابعين هن کان علمي ۽ روحاني فيض حاصل ڪيو. جن ماڻهن هن کان حديث روايت ڪئي تن ۾ هي پڻ اچي وڃن ٿا:

انس بن مالڪ، ابن عباس، ابو ادريس خولاني، زيد بن وهب جهني، ابوذر جي گهر واري، احنف بن قيس، جبير بن نفير، عبدالرهمان بن تميم، سعيد بن مسيب، خالد بن وهاب، عبدالله بن صامت، ابوالاسود ۽ ٻيا.

 


[1] . حلية الاولياء ـــ ج1، ص 162.

[2] . ابن سعد ـــ ج 4، حصو 1، ص 166.

[3] . مسند احمد ـــ ج 5، ص 164.

[4] . مروج الذهب ـــ ج 2، ص 349.

[5] . حلية الاولياء ج 2، ص 16.

[6] . تفسير ابن ڪثير ج 2، ص 202.

[7] . ڪنز العمال ـــ ذڪر ابي ذر رضه.

[8] . تقسير ابن ڪثير ـــ ج 2، ص 302.

[9] . الڪامل ـــ ج 3، ص 115.

[10] . حلية الاولياء ـــ ج 1، ص 163.

[11] . ابن سعد ـــ ج 4، حصو 1، ص 168.

[12] . حلية الاولياء ـــ ج 1، ص 164.

[13] . طبري ـــ ج 5، ص 66.

[14] . مروج الذهب ـــ ج 2، ص 349.

[15] . مروج الذهب ـــ ج 2، ص 349.

[16] . ابن سعد: ج 4، ص 174.

[17] . حلية الاولياء ــــ ج 1، ص 160.

[18] . ڪعب بن تابع بن هينوع ـــ هن جي ڪنيت ابواسحاق هئي. يمن جي قبيلي حمير سان تعلق رکندڙ يهودي عالم هو. رسول الله ﷺ جن جي زماني ۾ موجود هو، پر نه سندن زيارت ڪري سگهيو ۽ نه مسلمان ٿيو. ابوبڪر صديق رضه جي دور ۾ اسلام قبول ڪيائين. (تاريخ الخميس جلد 2 ـــ ص 258)

[19] . مروج الذهب جلد 2 ــــ ص 349.

[20] . ايضاً

[21] . طبري جلد 5 ـــ ص 66.

[22] . الطبقات الڪبريٰ جلد 4 ـــ حصو 1، ص 167..

[23] . الاستعياب: ذڪر جندب بن جناده رضه.

[24] . اسعد الغابه جلد 5 ـــ ص 188.

[25] . ابن سعد: جلد 4، حصو 1 ص 166.

[26] . مروج الذهب جلد 2 ـــ ص 350.

[27] . ابن سعد جلد 4 ـــ حصو 1، ص 167.

[28] . مسند احمد جلد 5 ـــ ص 147.

[29] . ايضاً

 [30]. حلية الاوللياء جلد 1 ـــ ص 161.

[31] . ابن سعد جلد 4 حصو 1 ص 171.

[32] . الاستعياب ذڪر جندب بن جناده رضه.

[33] . ابن سعد: ج 4، حصو 1،ص176.

[34] . الاستيعاب: ذڪرابي ذر رضه.

[35] . ابن سعد: ج 4، ص 173 ـــ حلية الاولياء ج 1، ص 170.

[36] . اسد الغابه ـــ ج 1، ص 303.

[37] . ابن سعد: ج 4، حصو 1، ص 168.

[38] . ابن سعد ـــ ج 4، حصو 1، ص 170.

[39] . مسند احمد ـــ ج 5، ص 147.

[40] . الاصابه: ج 4، ص 63.

[41] . حلية الاولياء ـــ ج 1، ص 168.

[42] . ابن سعد: ج 4، حصو 1، ص 169.

[43] . حلية الاولياء ـــ ج 1، 163.

[44] . حلية الاولياء ص 165.

[45] . ابن سعد: ج 4 حصو 1، ص 173.

[46] .حلية الاولياء ج1، ص 164.

[47] . حلية الاولياء ـــ ج 1، ص 163.

[48] . ابن سعد: ج 4، حصو 1، ص 174.

[49] . ابن سعد ج 4، حصو 1، ص 170.

[50] .الاستعياب ذڪر ابي ذر.

[51] . ابن سعد ـــ ج 4، حصو 1، ص 168.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com