سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

 

صفحو :2

آثم ناٿن شاهي

غزل

پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو،

دل ۾ ٿا وڃن لهندا وسڪيءَ ۾ ٻُڏل ماڻهو.

پردي جي پٺيان ويهي پُتليون ٿو نچائي ڪو،

رونشو ٿا ڏسن بيٺا خچرن تي چڙهيل ماڻهو.

ڪنهن ٻُڪ ۾ وتا ناهن، ڪنهن جهول جهليا ناهن،

لڙڪن جي ڦڙن جهڙا اکين مان وهيل ماڻهو.

جي پاڻ رواجن جي ٽياسن تي ڏنگيل آهن،

اڳتي نه وڌي سگهندا، سي پٺتي رهيل ماڻهو.

هڪ پيڙ هجي ڦٿڪن، ڪجهه درد هجن روئن،

سُڏڪا به ويا ڀُلجي ڳڻتين ۾ ڳهيل ماڻهو.

جن قتل ڪيا تن سان ڀي سڱ نه ٽوڙيائون،

قبرن ۾ ويا گهلي جيئرن کي مُئل ماڻهو.

ليکو ٿا ڪيون ويهي ’آثم‘‘ ته زماني ۾؛

پڙهيلن ۾ هزارين آهن ”ڄٽ پڙهيل“ ماڻهو.

 

”وفا“ ناٿن شاهي

غزل

 

وڏين اکين، ڊگهن وارن کي پوڄيون،

اچو، خوش رنگ گلزارن کي پوڄيون.

 

رچي ويا رنگ ڪيئي روشنيءَ ۾،

وفا! گلپوش رخسارن کي پوڄيون.

 

چون ٿا سرو وقد محفل ۾ ايندو،

قد و قامت جي جنسارن کي پوڄيون.

 

درياِ خُلد ۾ حورون فرشتا،

زيارت ڪوش ديدارن کي پوڄيون.

 

ڏسو گرداب ۾ ٻيڙي تري پئي،

اچو سُهڻين ۽ ميهارن کي پوڄيون.

 

’وفا‘! جنت به خود حيران آهي،

چوي ٿي دل گنگهارن کي پوڄيون.

 

”سوز“ هالائي

غزل

 

نيڻ پٿر ٿي ويا، جذبا به پٿر ٿي ويا،

اُف! خدايا! ڪيترا ماڻهو به پٿر ٿي پيا.

 

موسمون مَٽجي ويون، آهن سڄي ماحول جون،

هاڻ بازن ساڻ ڳيرا، گڏ رهڻ آهن لڳا.

 

اڄ ڪناري تي بيهي، هر ڪوئي موتي ٿو گهري،

نيڻ کولي نيري ساگر ڏي نهارڻ کانسوا.

 

ڪيترو آهي لڄي ٿيو، سمنڊ پنهنجي پاڻ کان،

ٿيو سِپيءَ کي بُوند هڪڙيءَ مان جڏهن موتي عطا.

 

ڪيئن سپيءَ جو ساهه ويو، موتيءَ جي تخليق ٿي،

عڪس ڪو اوتي سگهي ها، ڪاش ان تصوير جا.

 

روشنيءَ مان روشني پيدا ڪريو، اي دوستو!

سج گرهڻ ۾ به جيئن ڌرتي رکي روشن اُها.

 

گُل بنا خوشبوءِ جي ڀي گُل سڏائي ”سوز“ ٿو،

گُل بنا گلشن جو تصور ئي ڪرڻ ممڪن نه آ.

 

اياز گل

غزل

 

اَلائي ڇا ڇا وڃائي، وساري پهتاسي،

اوهان جي در تي ائين عمر ڳاري پهتاسي.

 

ڏسڻ ۾ ٽهڪ ٽڙيا ٿي، اسان جا ٽانگر جيان،

اندر اندر ۾ لکين لڙڪ هاري پهتاسي.

 

اسان جي دل ۾ به هڪ شام هئي لٿل، ڄڻ ڪي،

اوهان جي شهر جڏهن شام ڌاري پهتاسي.

 

سڙي رهيو هو، سڄوئي وجود سوچن جو،

ائين ها يار وٽان ڏينهن ٺاري پهتاسي.

 

اوهان جو هوڏ کي زندهه رکڻ، ضروري هو،

اسان اکين جا سڀئي خواب ماري پهتاسي.

 

نه راهه، راهه ڏني ڪا، نه ماڳ پنهنجو ڪيو،

اسان کان پڇ ته ڪيئن وقت ٽاري پهتاسين.

 

انڌيري راهه ٿا چاهيون، ائين متان ڪو چئي،

اندر جا گهاو ڪري ديپ ٻاري پهتاسي.

 

ادل سومرو

 

وائي

 

”ڪنهن کي ڳولين ٿو؟“

مون کان وڻ پُڇن ٿا.

ڏينهن ٻري ٿو ڇانو ۾، ويهين نٿو ڇو،

مون کان وڻ پُڇن ٿا.

ڇا تون اچي جهنگ ۾، ڀُليو آن رستو،

مون کان وڻ پُڇن ٿا.

هيڏي ساري شهر ۾، تنهنجو ناهي ڪو!

مون کان وڻ پُڇن ٿا.

ڪڏهن روئندي گل کي، ڏٺو آهي تو،

مون کان وڻ پُڇن ٿا.

مختيار ملڪ

 

غزل

 

شاعري شيش محل آ منهنجو،

آئينو هرڪو غزل آ منهنجو.

اڄ ملاقات توسان پهرين آ،

تنهنجو نالو ته ٻڌل آ منهنجو.

چنڊ جو هم شڪل هُيو شايد،

ڄڻ ته هُو اڳ به ڏٺل آ منهنجو.

پوءِ به رسمن ۾ ويو آ الجهي،

ذهن توڙي جو کُليل آه منهنجو.

هن جي وڇڙڻ جو ٻُڌي ڇرڪي ويس،

ڊيل جان هانءُ ڊنل آ منهنجو.

ڪُوڪ ڪويل جي ٻُڌي مون ڀانيو،

درد اُن منجهه لِڪل آ منهنجو.

تو وٽان مان ته هليو آيو هان،

ڪجهه ته تو وٽ به رهيل آ منهنجو.

سج ساڀيا جا کڻي آ ڪرڻا،

ماڪ ۾ خواب ڀنل آ منهنجو.

 

احمد سولنگي

غزل

 

ڪيرُ لکي ويو هر ڪاغذ ۾،

پياسا پياسا ٿر ڪاغذ ۾.

 

جبلن جيڏا جملا تنهنجا،

ڪيڏا ڪارونجهر ڪاغذ ۾.

 

هر محلو هر موڙ ۽ رستو،

گهٽي گهٽي ۽ گهر ڪاغذ ۾.

 

ڪنهن جيءَ قسمت جا اوسائين!

کُليل آهن در ڪاغذ ۾.

 

وقت اُڏايا لفظ پکين جيئن،

گهايل تِن جا پَرَ ڪاغذ ۾.

 

ظالم ماڻهو مارن بيٺا،

کوليو ڪي خنجر ڪاغذ ۾.

 

يا مان ميڙيان يا مان چونڊيان،

گل هن يا پٿر ڪاغذ ۾.

احمد ٽالپر

غزل

 

يار! توکان سواءِ زندگي ڇا ڪبي،

تو بنا جا ملي سا خوشي ڇا ڪبي.

 

آس جيڪا بدلجي نراسا ٿئي،

سا اجائي اندر ۾ رکي ڇا ڪبي.

 

جنهن ۾ تصوير تنهنجي نظر جي نه سا،

درسني دل ۽ اک آرسي ڇا ڪبي.

 

رُت بسنتي نه ڪا مُند ملهاري مٺا،

تو بنا چيٽ يا ڪا ڪَتي ڇا ڪبي.

 

تنهنجي درشن بنا دل جي درمان لئه،

ڪا دوا، ڪا سُتي يا ڦَڪي ڇا ڪبي.

 

جنهن ۾ ميڙو نه توساڻ ممڪن هجي،

سا حياتي پرينءَ! پوءِ ڊگهي ڇا ڪبي.

 

ڪيڏي نعمت کڻي ڇو نه جنت هجي،

پنهنجي ”احمد“ بنا سا وٺي ڇا ڪبي.

 

احمد خان ”مدهوش“

 

غزل

 

چون ٿا حسن جي آ دلفريبي، دلڪشي، دوکو ــــ

مگر موڳي هي منهنجي دل، قبولي ئي نٿي دوکو.

خدا خود آدميءَ کي آ ڪشش جي رنگ سان ٺاهيو،

ٿيان ڪافر، اگر سمجهان وجود آدمي، دوکو.

وڃي ٿي زندگي بي دم. تڏهن رهجي اي انسانو!

جڏهن ڪائي ڏئي ٿي زندگيءَ کي زندگي دوکو.

اجايو عشق تي الزام آ، ورنه حقيقت ۾،

نه معشوقي قريب آهي، نه ڪائي عاشقي دوکو.

محبت پاڪ جذبو آ، انهيءَ جذبي کي ورجايو،

جو هن جذبي کان سگهيو آ، نه ڪنهن کي ڀي ملي دوکو.

اُنهيءَ جي فلسفي جي ڳالهه تي ايمان ڪيئن آڻيان؟

نظر جنهن کي اچي ٿي، دوست! دنيا ئي سڄي دوکو.

سمايل روح ناهي جيڪڏهن ’مدهوش‘ شعرن ۾،

ته اهڙي قسم واري آ سموري شاعري دوکو.

 

قاضي خادم

 

پَل

 

پل ڄڻ جيون جو ايٽم آ

اُن کي ٽوڙڻ ڏاڍو اوکو.

اُن ايٽم جي پنهنجي دنيا

پنهنجا سج چنڊ ستارا

پنهنجا سمند، جبل جهرڻا

پنهنجا صحرا پنهنجون واديون

تن وادين جون انت نه ڇيڙو

تن وادين ۾ گم ڪئين يادون

يادون جن ۾ پل ٿا پلجن

ڪن يادن جو رنگ گلابي

ڪن ۾ پيلو پن ڇڻ جو رنگ

ماءُ جي لولي، ٻار جون ڪيهون

پيار ڪهاڻيون

انقلاب، جنگ ۽ راتاها

آزادين جا سونهري سج

ظالم ۽ مظلوم جو رشتو

پل جو هڪ قصو آهي

ڪالهه جا دشمن، اڄ جا ساٿي

سڀ سمايل هڪ پل ۾ جيئن

گل ۾ خوشبو.

 

مقصود ”گُل“

 

ترائيل

(1)

ڪيئن ميڻ بتيون، گل بسيءَ تي ٿيون نچائن!

مينديءَ جي مٺي مهڪ ۾ سرهاڻ نچي ٿي،

 

چهرن ۾ سَکين ساڻ ڄڻ چانڊان پچي ٿي،

وهوا جي اڄ واءُ ۾ واکاڻ نچي ٿي،

 

ٿيون رقص ڪندي پيار پَريون پاڻ پسائن،

ڄڻ موج منجهان مست ٿي مهراڻ نچي ٿي،

ڪيئن ميڻ بتيون گل بسيءَ تي ٿيون نچائن!

 

(2)

ٽمڪائي اکيون راهه نهارن ٿا ستارا،

هي اُڀ مٿي رات جو تارا جي ٻرن ٿا،

چپ چاپ چپن منجهه سي ڪا بات چون ٿا،

نيڻن ۾ جهلي جوت سندءِ راه ڏسن ٿا،

ڪن ٿا سي سندءِ سونهن جو پرچار پيارا،

مُک تنهنجو ڏسي دور کان ديدار وٺن ٿا،

ٽمڪائي اکيون راهه نهارن ٿا ستارا.

 

 

(3)

بدبخت نظر، سخت اثر، عيد کسي ٿي!

سنڌوءَ جي سُڪي پيٽ ۾ واري ٿي اُڏامي،

ڪيئن آب بنا ڀونءِ سندي اُڃ اجهامي،

جيوت جو خدا سل نه ڪري ديپ وسامي،

بي درد ۽ بي فيض عطا ديد کسي ٿي،

مايوس آ ماحول دکيا درد فضا ۾،

بدبخت نظر، سخت اثر، عيد کسي ٿي.

 

ذوالفقار سيال

 غزل

 

حُسن به آ، جمال نيڻن ۾،

ڪيڏو آهي ڪمال نيڻن ۾!

آ هجر جي مُندن جو آئينو،

۽ ٿيو آ وصال نيڻن ۾!

هن اداسيءَ جو ٻيو سبب هوندو،

ڪهڙو آهي سوال نيڻن ۾!

ماڻهو پيرن مان هِت هلن ٿا پيا،

مان ڏسان تنهنجي چال نيڻن ۾!

ڪا اداسي، نماڻي ديد سندئي،

ڇو رهيو آ ملال نيڻن ۾!

ڪين ڪنهن کان لڪي سگهيو آهي،

عشق جي آ ڌمال نيڻن ۾!

ڪير تنهنجي اڳيان نهارينديو؟

آ غضب جو جلال نيڻن ۾!

’زلف‘ ماضي بچيو آهي مون وٽ،

مون وڃايو آ حال نيڻن ۾!‘

نظام ”زائر“

 

گيت

 

زندگي جو سفر آهه ڏاڍو ڏکيو،

ڪجهه ته اڳتي اچو، ڪجهه ته سولو ڪيو.

 

پيار جي راهه ۾ ڪجهه ته ڪرڻو اَٿو،

موت کان اڳ ائين ڪين مرڻو اَٿو؛

سوچ کان ڪم وٺو سوچ کان دوستو!

ڇو ٿڌا ساهه ويهي اِئين ٿا ڀريو؟

 

پيار وارو پکي نيٺ ويندو ملي،

وِک وڌايو اُنهي جي طرف اڄ کلي؛

اُن جي موجودگي آهه هر جاءِ تي،

سُونهن سنسار ۾ اُن کي ڳولي لهو.

زندگي سان اي ’زائر‘ رهن رونقون،

زندگي کي اُجاڙين پيون نفرتون،

جي حياتي نه محفوظ هوندي ڀلا،

سونهن سنسار جي ڇا ڪنداسين ڏسيو.

 

ايوب کوسو

 

غزل

 

جڏهن وڳر جون اُڏارون آيون،

لڳم اوهان جون نِهارون آيون.

 

خزان جي رُت ۾ سڙيون هي ڪليون،

الئجي ڪاٿي بهارون آيون.

 

وفا جي موسم غمن ۾ گذري،

اکين ۾ ڳوڙهن قطارون آيون.

 

اوهان لِڪي ويا دردن جي پويان،

اسان جي آڏو ديوارون آيون.

 

پڙهي ڏٺاسين هوا جا هٿڙا،

اسان لئه اڪثر ميارون آيون.

 

لُڏيون به يادون اُڏيون به سوچون،

نه ڄاڻان ڪنهن جون پُڪارون آيون!

 

وسيم سومرو

 نظم

ڪالهه کان،

ڀت تي ٽنگيل وڻن منجهان

هڪ وڻ گم آهي،

ڇا اُن کي ڪنهن ٻالڪ چورايو؟

يا اُهو پکي ٿي

ان روشندان مان اُڏامي ويو؟

جنهن مان، نيري آسمان جو ليئو

هميشه ساڻن ڳالهيون ڪندو هو

آسمان جو ليئو ئي ڄاڻي ٿو،

ته ڀت تان اُڏامڻ ويل وڻ

ڪنهن چورايو آهي ـــ

هوا ته بنهه بي خبر آهي،

ڪالهه کان،

ڪمري جي ڀت تي ٽنگيل وڻن منجهان،

هڪ وڻ گم آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com