سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

 

صفحو :13

ميخائيل ارٽزيبشوف

سنڌيڪار: ڄام وقار حسين قادري

 

انقلابي

 

ماستر جئبريل ايڊرسن، اسڪول جي پوئين پاسي ڏانهن ويو، جتي هُو بيهي رهيو. سوچڻ لڳو ته ڇا ڪجي. هن کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي جهنگل هو. اُهو ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ زمين جي مٿان پيل برف جي سفيد چادر تي نيري رنگ واري ڪناري هئي اُهو هڪ روشن ڏينهن هو. اهڙي صاف زمين ۽ لوهه جي سيخن وارو ڪٽهڙو چمڪي رهيا هئا. هوا هلڪي ۽ صاف لڳي رهي هئي؛ اهڙيءَ جهڙي بهار جي شروعاتي ڏينهن ۾ لڳندي آهي. جئبريل اينڊرسن جنگل ڏانهن وک وڌائي.

”منهنجي زندگيءَ جو هڪ وڌيڪ بها...“ هن پنهنجي عينڪ مان آسمان ڏانهن ڏسندي، ٿڌو ساهه کڻندي چيو. اينڊرسن جذباتي شاعري ڪئي هئي. هن جا هٿ پُٺي جي پٺيان هئا، جن ۾ لڪڻ هو.

هو اڃا ڪجهه قدم اڳتي وڌيو ته گهوڙي سوار فوجين هو هڪ ٽولو باغ جي پاسي ڏٺائين. هنن جون بادامي ورديون، سفيد برف جي ميرانجهڙيون لڳي رهيون هيون، پر هنن جون تلوارون ۽ گهوڙن جا سَنج چمڪي رهيا هئا. هنن جون سِڌيون ٽنگون بيڊولي نموني برف تي هلي رهيون هيون. اينڊرسن حيران هو ۽ هو اُتي ڇا ڪري رهيا هئا. اوچتو هُنن جي مٽي  هڻڻ جو مقصد هن جي خيال ۾ اچي ويو. ”ڪا خطرناڪ ڳالهه ٿيڻ واري آهي.“ هن جي عقل بجاءِ هن جي اندر واري هن کي ٻڌايو ۽ ساڳئي خيال هن کي ٻڌايو ته سپاهين کان لِڪَڻ گهرجي. هو کاٻي پاسي جلدي مُڙيو، پنهنجن گوڏن تي جهڪيو ۽ آهستي آهستي رڙهڻ لڳو. هو ويجهو پيل گاهه جي ٻنڊ تائين رڙهي آيو، جنهن جي پويان لڪي ٿوري منڍي ڪڍي، سپاهين جي چرپر ڏسڻ لڳو.

ٻارنهن فوجي هئا. اُنهن مان هڪ سنهي جسم وارو آفيسر هو، جنهن کي خاڪي اوورڪوٽ پيل هو ۽ چيلهه وٽ چانديءَ جي رنگ جهڙو سهڻو پَٽو ٻڌل هو. هُن جو چهرو ايترو ته ڳاڙهو هو، جو اُن جي مٿان جيڪي ڀرون ۽ مُڇون چمڪي رهيون هيون، تن کي اينڊرسن کي صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

”مان ڄاڻان ٿو ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي. مون کي ڪنهن جو مشورو نه گهرجي.“ هن رڙ ڪئي. هن پنهنجي ٻانهن کي چيلهه تي رکيو ۽ فوجي، جيڪي گوڙ ڪري رهيا هئا، اُنهن جي وچ ۾ ڪنهن ڏانهن ڏٺو.

”مان توکي ڏيکاريندس ته باغي ڇا ٿيندو آهي، اي ذليل ماڻهو!...“

اينڊرسن جي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي.

”منهنجا خدا!“ هن خيال ڪيو. ”ڇا اِهو ممڪن آهي؟“ هن جو مٿو ٺري ويو، ڄڻ اُن کي ٿڌ لڳي ويئي هئي.

”آفيسر....!“ هڪڙو گنڀير، تڪيل توريل پر صاف آواز فوجين جي وچ مان آيو. ”توکي ڪوبه حق ڪونهي... اهو ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي. تون جج نه آهين. هيءَ صاف قتل آهي، نه.“

”چُپ!“ آفيسر گجگوڙ ڪئي. هن جو آواز جوش کان ڦاٽي رهيو هو. ”مان توکي ڪورٽ ٿو ڏيکاريان.... اَونو! پيروي ڪئي وڃي.“ هن پنهنجي گهوڙي کي اِڙي هنئي ۽ اڳتي وڌي ويو. اينڊرسن ڏٺو ته ڏاڍي چستيءَ سان گهوڙي پنهنجو رستو ورتو ۽ ائين نخري سان وک وڌائي، ڄڻ ڪا ناچڻي هجي. هن جا ڪن اُڀا ٿي ويا هئا، جيئن. هر آواز جهٽي سگهن. سپاهين ۾ ٿورو وقت ڳالهيون ۽ جوش قائم رهيو، پوءِ اُهي مختلف طرفن ڏانهن هليا ويا. صرف ٽي ڄڻا پٺ تي رهجي ويا. اُنهن مان ٻه ڊگها ۽ هڪ بندرو ۽ ڪمزرو ماڻهو هو. اينڊرسن ننڍي ماڻهوءَ جا وار ڏسي ٿي سگهيو، جيڪي ٻاهر نڪتل هئا.

هاڻي هُو سمجهي ويو ته ڇا ٿيڻ وارو آهي، پر اِها اهڙي ته غير معمولي ۽ ڀوائتي ڳالهه هئي، جو هن اِهو تصور پئي ڪيو ته هُو خواب ڏسي رهيو هو.

برف، ٻني ۽ آسمان ڏاڍا صاف ۽ سهڻا لڳي رهيا هئا. بهار جي هوا هر طرف پکڙيل هئي، پر ماڻهن کي قتل ڪيو پئي ويو. ”اهو ڪيئن ٿي ٿو سگهي؟ ناممڪن!“ ائين هن جي خيالن ۾ مونجهارو پيدا ٿي ويو. هن جو اهڙو حال هو، ڄڻ ڪو ماڻهو اوچتو اوچتو چريو ٿي پيو هجي. جيڪو اُهو ڪجهه ڏسي، ٻڌي ۽ محسوس ڪري ٿو، جنهن سان هو مانوس نه آهي ۽ جيڪو هو ڏسڻ، ٻڌڻ يا محسوس ڪرڻ نٿو چاهي.

ٽي ماڻهوءَ جن کي ڪارا ڪپڙا پهريل هئا، تختن جي ڀرسان قطار ڪيون بيٺا هئا، ٻه هڪٻئي جي ويجهو هئا ۽ ٽيون جيڪو ننڍو هو، سو ٿورو پريان بيٺو هو.

”آفيسر....“ اُنهن مان هڪ مايوس آواز ۾ چيو. اينڊرسن اِهو ڏسي نه سگهيو ته اُهو ڪير هو. ”ڄاڻي ٿو! آفيسر!“

اَٺ فوجي ڦڙتائيءَ سان گهوڙن تان هيٺ لٿا. ائين لڳو ڄڻ هو اهڙي جلديءَ ۾ هئا، ڄڻ ڪا ڇوڪري ڪندا هجن. ڪجهه سيڪنڊ تيستائين خاموشي رهي، جيستائين سپاهي ڪارن ڪپڙن پهريل ماڻهن کان ٿورو مفاصلي تي قطار ٺاهي بيٺا ۽ بندوقون سڌيون ڪيائون. ائين ڪندي هڪ سپاهي پنهنجي ٽوپي ڪيرائي وڌي. هن اُن کي کنيو ۽ اُن تان پگهريل برف لاهڻ کان سوءِ ئي پنهنجي مٿي تي رکيائين.

آفيسر جو گهوڙو اڃا نچي رهيو هو ۽ هن جا ڪن اُڀا هئا، ۽ ٻين فوجين جي گهوڙن جا ڪن به اُڀا هئا. ڄڻ هر آواز ٻڌڻ پئي چاهيائون ۽ ماٺ ڪيون ڪارن ڪپڙن وارن ماڻهن ڏانهن پئي نهاريائون، جن جا ڪنڌ هڪ پاسي ٿورو جهڪيل هئا.

”گهٽ ۾ گهٽ ڇوڪرن کي نه مار“، ٻيو آواز هوا کي چيريندو چؤطرف پکڙجي ويو. ”ٻار کي ڇو ٿا ماريو؟ هن ٻار ڇا ڪيو آهي؟“

”اَونو!.. ائين ڪر جيئن مون توکي چيو آهي.“ آفيسر رڙ ڪندي چيو، جنهن ۾ ٻيو جهڻيو آواز گم ٿي ويو. هن جو منهن اهڙو ڳاڙهو ٿي ويو، ڄڻ ڳاڙهي مخمل جو ٽڪر هو.

اُن کان پوءِ هڪ اهڙي ڳالهه ٿي، جيڪا نهايت ڀوائتي ۽ ڌڪار جهڙي هئي. ڪارن ڪپڙن پهريل ننڍي قد واري، جنهن جي مٿي جا وار ڇڊا ۽ڪن گلابي هئا، ٻاراڻي آواز ۾ هڪ خوف ڀري چيٽ ڪئي ۽ هڪ پاسي بولاٽي کائي ڪري پيو. يڪدم ٻه ٽي فوجي هن کي سوگهو جهلڻ لڳا، پر ڇوڪرو پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ليٿڙيون پائڻ لڳو. وڌيڪ ٻه سپاهي هن ڏانهن ڊوڙيا.

”الا ــــ الا ـــ الا!...“ ڇوڪرو ڪنجهڻ لڳو. ”مون کي ڇڏيو، مون کي ڇڏيو! الا، الا!....!“

هن جون رڙيون هوا ۾ اهڙي اڌ ڪُٺل پکيءَ جي آواز وانگر اُڏامنديون ٿي ويون، جنهن کي چڱيءَ طرح ذبح نه ڪيو ويو هجي. اوچتو هو ماٺ ٿي ويو. ڪنهن هن کي ڌڪ هڻي ڪڍيو. هڪڙي غير متوقع مظلوميت واري خاموشي ڦهلجي ويئي. ڇوڪري کي اڳتي گهلي آيا. پوءِ ڪنن کي ٻوڙو ڪندڙ گوليءَ جو آواز آيو.

اينڊرسن ڏڪڻ لڳو ۽ هن جا پير پٺتي هٽڻ لڳا. هن چٽيءَ طرح ڏٺو، پر اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح خواب ۾، ته ٻه جسم پَٽ تي ڪريا، ٿورا شعاع ٿيا ۽ هلڪو دونهون روشن ۽ شفاف ڏينهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ويو. هن ڏٺو ته سپاهي تڪڙو تڪڙو گهوڙن تي سوار ٿيا ۽ پَٽ تي پيل لاش ڏانهن اک کڻي به نه ڏٺائون. هن ڏٺو ته هنن جا گهوڙا گپ سان ڀريل رستي تي تڪڙيون وکون کڻندا پئي ڀڳا. هنن جا هٿيار کڙڪي ۽ سُنبن جي ڪري ڇپ ڇپ ڪري رهيا هئا. هن اِهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. هاڻي هو رستي جي وچ ۾ بيٺو هو. هن کي اِهو پتو نه هو ته هُو ڇو ۽ ڪڏهن ٻنڊ جي پٺيان هيڏانهن هليو آيو هو. هن جي چهري تي موت جهڙي ڦڪاڻ پکڙجي ويئي هئي. هن جي چهري تي پگهر هو ۽ هن جو جسم ڦڙڪيو پئي. هن جو دم گُهٽجي ۽ روح عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو هو. هُو پنهنجي ڏک ڀريل جذبن جي گهرائيءَ جو اندازو لڳائي ئي نٿي سگهيو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هن جي جذبن کي ڪا بيماري وڪوڙي ويئي هجي، جيڪا ساهه سُڪائيندڙ ۽ خطرناڪ هئي.

جڏهن سپاهي جهنگل ۾ ايترو پري هليا ويا، جو ڏسڻ ۾ نٿي آيا، تڏهن ڪجهه ماڻهو تڪڙو تڪڙو گوليءَ واري هنڌ ڏانهن هلي آيا. جيتوڻيڪ اُن وقت تائين ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو پاڇو به ڏسڻ  ۾ نٿي آيو.

لاش تختن واري ڪٽهڙي جي پاسي ۾ پيا هئا. اُتي ٽي ماڻهو، جن تي گوليون هلايون ويون هيون، ٻه جوان ۽ هڪ ٻار، رستي جي ويجهو خاموش زمين تي ليٽيا پيا هئا ۽ پنهنجين بي نور سفيد اکين سان چنڊ ڏانهن ائين نهاري رهيا هئا، جيئن هو پنهنجين نور وارين اکين سان نهاري رهيا هُجن!

برف صاف ۽ شفاف هئي، جنهن کي ڪنهن به ماڻهو ڪين لتاڙيو هو، ۽ روشن فضا ۾ مزيدار نموني ۾ مُرڪي رهي هئي. ٽي لاش هئا. ٻه مردن جا ۽ هڪ ٻار جو. ڇوڪرو پنهنجو ڪونج جهڙو ڪنڌ برف تي ڊگهو ڪيون ليٽيو پيو هو. ڇوڪري جي ڀرسان جيڪو ماڻهو هو، تنهن جو منهن ڏسڻ ۾ نٿي آيو. هُو منهن ڀر رت جي دٻي ۾ وڃي ڪِريو هو. ٽيون ڊگهي قد ۽ سوگهي جسم ۽ ڪاري ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو هو. هن جون ٻانهون رت ۾ ٻڏل برف جي مٿان کُليون پيون هيون.

ٽيئي ماڻهو، ڪاراٽيل سفيد برف مٿان بي ست سمهيا پيا هئا. پري کان ڪير به اِهو ٻڌائي نٿي سگهيو، اُنهن بي ست ماڻهن جي ماٺ ۾، جيڪي رستي جي ڪناري تي ماڻهن جي ميڙ ۾ خاموش ليٽيا پيا هئا، ڪهڙو خطرو سمايل هو.

اُن رات جئبريل اينڊرسن اسڪول ۾ مليل گهر جي ننڍڙي ڪمري ۾ شعر لکي نه سگهيو هو، جيئن هُو هر رات لکندو هو. هو دريءَ وٽ بيٺو رهيو ۽ چنڊ جي زرد چهري ڏانهن، جنهن کي ڪوهيڙي دونهي ڇڏيو هو، نهاري ۽ سوچي رهيو هو. هن جا خيال منجهيل، اداس ۽ پريشان هئا، ڄڻ ڪو ڪڪر هن جي ذهن تي ڇانئجي ويو هو.

هن کي چنڊ جي هلڪي چانڊاڻ ۾ ڪارو ڪٽهڙو، وڻ ۽ سکڻو باغ ڌنڌلا ڌنڌلا ڏسڻ ۾ پئي آيا. هو ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ هو هنن کي ڏسي رهيو هو. ٽي ماڻهو، جن تي گوليون هلايون ويون هيون، ٻه جوان ۽ هڪ ٻار، اُهي اُتي رستي جي ويجهو سکڻي ۽ خاموش زمين تي ليٽيا پيا هئا ۽ پنهنجين بي نور سفيد اکين سان چنڊ ڏانهن ائين نهاري رهيا هئا، جيئن هو پنهنجين نور وارين اکين سان نهاري رهيا هجن!

”ڪنهن ڏينهن اُهو وقت ايندو...“، هن خيال ڪيو. ”جڏهن اِهو ناممڪن هوندو، جو ڪو انسان ٻئي انسان کي قتل ڪندو. اُهو وقت ضرور ايندو، جڏهن اِهي فوجي ۽ آفيسر، جن هنن ٽن ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، محسوس ڪندا ته هنن ڇا ڪيو آهي ۽ محسوس ڪندا ته جنهن سبب جي ڪري، اُنهن آفيسرن ۽ سپاهين هنن ٽن ماڻهن کي قتل ڪيو هو، اُهي انهن لاءِ به هنن وانگر ضروري اهم ۽ پيارا هئا.“

”هائو“، هن وڏي آواز ۾ گنڀير ٿي چيو. هن جون اکيون آليون ٿي ويون. ”اُهو وقت ايندو، هنن ۾ اِها سمجهه ايندي.“ چنڊ جو زرد چهرو هن جي اکين ۾ آلاڻ اچڻ سبب ڌنڌلو ٿي ويو.

هن جي دل کي هنن ٽن مظلومن تي جيڪو جهٻو آيو هو، اُهو هن جي دل کي ٽڪر ٽڪر ڪري رهيو هو. هن جي اندر ۾ جيڪا ڪاوڙ هئي، سان هن کي تکيءَ ڇُريءَ وانگر وڍي رهي هئي ۽ اِها هن جي رڳ رڳ تي ڇانئجي ويئي هئي.

پر جئبريل اينڊرسن پنهنجي من کي ماٺ ڪرايو، ۽ جهيڻو ڀڻڪيو، ”اِنهن کي پتو ڪونه آهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن“ ۽ ان پراڻي ۽ ترت جملي هن ۾ سگهه پيدا ڪئي. پوءِ هن پنهنجي ڪاوڙ ۽ چڙ جو گلو گهٽي ڇڏيو. ڏينهن صاف ۽ روشن هو. بهار جي جوڀن جا ڏينهن هئا. ڀنل ڀونءَ مان بهار جي سرهاڻ اچي رهي هئي. رجندڙ برف مان صاف ۽ ٿڌو پاڻي هر هنڌ وهي رهيو هو. وڻن جون ٽاريون موج ۾ لڏي لمي رهيون هيون. چوطرف ملين جا ميل ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ان هوندي به ڳوٺ ۾ بهار واري سرهائي ڪانه هئي. هو ڳوٺ کان پري ڪنهن هنڌ بيٺا هئا، جتي ماڻهو ڪونه هئا. ٻنين وڻن ۽ جبلن ۾، ڳوٺ جي هوا دم گهٽيندڙ ۽ ڀوائتي هئي، اهڙي جهڙي خواب ۾.

جئبريل اينڊرسن رستي جي ويجهو ميرن، منجهيل ۽ ڏک ڀريل ماڻهن جي ميڙ ۾ بيٺو هو ۽ ڪنڌ اُڀو ڪري ستن هارين کي ”دَرن“ (ڪؤڙن) هڻڻ جون تياريون ڏسي رهيو هو.

اُهي رجندڙ برف ۾ بيٺا هئا. جئبريل اينڊرسن پاڻ کي اِهو ڀروسو ڏياري نه سگهيو ته هي اُهي ماڻهو هئا، جن کي هو گهڻي وقت کان وٺي ڄاڻندو ۽ سڃاڻندو هو. جلدئي هنن سان سخت خوفناڪ معاملو ٿيڻ وارو هو. هنن کي باقي سموري دنيا کان علحده ڪيو ويو هو، تنهن ڪري هو اهو محسوس نه پئي ڪري سگهيا. جئبريل اينڊرسن ڇا محسوس ڪري رهيو هو ۽ اُنهن ماڻهن جي چؤگرد سپاهي بيٺا هئا، جي پنهنجن دراز قد گهوڙن تي خود اعتماديءَ سان شاندار نموني سوار هئا. گهوڙن جا ڪاٺ جي ٽڪرن جهڙا منهن، ڪڏنهن هيڏانهن ڪڏهن هوڏانهن ڦري رهيا هئا. هُو جلد ئي هي بيحيائيءَ ۽ بي عزتيءَ وارو تماشو ڏسڻ وارو هو، ۽ ڪجهه به ڪري نٿي سگهيو، ۽ نه ئي هو ڪجهه ڪرڻ جي جرئت ڪري ٿي سگهيو. جئبريل اينڊرسن دل ۾ ائين محسوس ڪري رهيو هو، ۽ هو هڪ اڻ برداشت ٿيندڙ شرم ۾ ٻڏي ويو. ڄڻ هو برف جي بن ڇپن جي وچ ۾ ڦاسي پيو هو، جن مان هو سڀ ڪجهه ڏسي ته سگهيو ٿي پر نه ته چُري ٿي سگهيو، نه ئي ڪاوڙ يا ڪُوڪ ڪري ٿي سگهيو.

هنن پهرئين هاريءَ کي جهليو. جئبريل اينڊرسن هن جو عجيب، منٿ ڪندڙ ۽ نااميديءَ ڀريو چهرو ڏٺو. هن جا چپ چُريا، پر ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو، ۽ هن جون اکيون واجهائڻ لڳيون. هن جي اکين ۾ اهڙي چمڪ هئي، جهڙي ڪنهن چرئي جي اکين ۾ هوندي آهي. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هن جو دماغ ان لائق نه رهيو هو، جو سمجهي سگهي ته ڇا ٿي رهيو آهي! اُهو چهرو ڏاڍو ڀوائتو هو، جنهن ۾ ساڳئي وقت عقل ۽ چريائپ سمايل هئي. جئبريل ايندرسن اُن وقت ٿوري سانت محسوس ڪئي، جڏهن هن کي منهن ڀر برف تي هيٺ ليٽيايائون. هاڻي هُو هن جي ڀوائتين اکين بجاءِ هن جي گهاڙي پٺي ڏسي ٿي سگهيو. هڪ بي حياتيءَ ۽ ڀوءَ وارو نظارو.

ڳاڙهي ٽوپي پاتل، گول سرخ چمڙيءَ وارو سپاهي اڳتي وڌيو. هن جي پٺيءَ ڏانهن اهڙي نموني ڏٺائين ڄڻ سَرهائي محسوس ڪري رهيو هو ۽ پوءِ صاف آواز ۾ رڙ ڪيائين:

”ڪاروائي شروع ٿيڻ گهرجي!“

اينڊرسن ائين محسوس ڪيو ته سپاهي، آسمان، گهوڙا ۽ ماڻهو ــــ ڪوبه هن کي نظر نٿي آيو. هن کي سردي، هراس يا شرم ڪجهه ڀي محسوس نه ٿي رهيو هو. هن کي هوا ۾ دَري جو سرڙاٽ يا سور ۽ ايذاءُ واريون رڙيون ٻڌڻ ۾ نٿي آيون. هن کي صرف هاريءَ جي اگهاڙي پٺي ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جيڪا جيئن پوءِ تيئن سُڄندي ٿي ويئي ۽ جنهن تي سرخ پَٽا وڌندا ٿي ويا. هوريان هوريان اگهاڙي پُٺيءَ تي انساني گوشت جو نشان نه رهيو. رت پهريان ڦڙا پوءِ ٺينڍيون ڪري سفيد برف جي مٿان وهڻ لڳو!

هن جي روح ۾ اُن وقت خوف ڇانئجي ويو، جڏهن هن جي دل ۾ اُن گهڙيءَ جو خيال آيو، جڏهن اُهو اگهاڙيءَ پٺيءَ وارو ماڻهو اُٿندو ۽ اُنهن ماڻهن ڏانهن منهن ڪري بيهندو، جن هن جي جسم کي ڇيڇڙا ٿيندي بيٺي ڏٺو. هن پنهنجيون اکيون کڻي بند ڪيون. هن جڏهن اکيون کوليون ته هن ڏٺو ته وردي پهريل چار سپاهي ٻئي هاريءَ کي برف ڏانهن گهليون پئي ويا ۽ هن جي پُٺي به ساڳي بي حيائيءَ سان ڀوائتي نموني اگهاڙي ڪري ڇڏيائون.

اُن کان پوءِ ٽئين، چوٿين، تان ته آخري ماڻهوءَ جو وارو آيو، جئبريل اينڊرسن برف واري آلي ميدان تي ڳچي مٿي ڪيون بيٺو هو. جيتوڻيڪ هن جي وات مان اکر نه پئي نڪتو، پر هن جو سارو بدن ڏڪي ۽ ٿڙڪي رهيو هو. هن جي اندر ۾ شرمساريءَ وارو احساس هو، جو هن پاڻ کي سپاهين جي نظرن کان اِن ڪري لڪائي ڇڏيو هو ته متان اُهي هن کي به پڪڙي برف تي ليٽائي اگهاڙو ڪري دَرا هڻن.

سپاهي ڪاروائي ڪندا رهيا ۽ گهوڙا هڻڪندا ۽ دَرا هوا ۾ زُوڪاٽ ڪندا رهيا. اگهاڙن جسمن جو گوشت سُڄندو، ٻيرا ٿيندو ۽ رت سان گڏ وهندو رهيو. بهار جي اُن شفاف ڏينهن سارو وقت آه ۽ زاري رهي.

اينڊرسن هاڻي پنجن ماڻهن جا چهرا ٽائون هال جي ڏاڪڻ وٽ ڏٺا، جي اڳ سزا ڀوڳي چڪا هئا. هن يڪدم پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.

”ههڙي نظاري ڏسڻ کان پوءِ ماڻهوءَ کي مرڻ گهرجي“، هن چيو.

ڪل سترهن ڄڻا هئا، جن ۾ پندرهن سپاهي، هڪ نائب ۽ هڪ نوجوان آفيسر هو. آفيسر باهه جي ويجهو آهليو پيو هو، ۽ غور سان شعلن ڏانهن پئي ڏٺائين. سپاهي هٿيار جهليون گاڏيءَ ۾ ويٺا هئا. هنن جون اونداهيون شڪليون ڪاري ميدان جي مٿان خاموشيءَ سان اڳتي وڌي رهيون هيون.

جئبريل اينڊرسن، جنهن کي اوورڪوٽ پهريل هو ۽ پٺيءَ جي پٺيان هٿ ۾ لڪڻ هو، هنن ڏانهن وڌي آيو. نائب جيڪو سگهارو جوان هو، ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ باهه ڏانهن منهن ڦيرائي هن ڏانهن ڏسڻ لڳو.

”ڪير آهين؟.... توکي ڇا گهرجي؟“ هن جوش مان پڇيو. هن جي لهجي مان لڳي رهيو هو ته سپاهي اُن علائقي جي هر هڪ ماڻهوءَ کان ڊنا ٿي، جيتوڻيڪ هنن اُن علائقي ۾ موت، تباهي ۽ عقوبتون آنديون هيون.

”آفيسر“، اينڊرسن سنهي ۽ ڇٻيل آواز ۾ چيو، ”منهنجو نالو مائيڪل سن آهي، مان هِت واپار ڪندو آهيان ۽ ڳوٺ ڏانهن واپار جي سانگي وڃي رهيو آهيان. مون کي خوف هو ته متان مون کي غلطي وچان ٻيو ڪو سمجهيو وڃي. سمجهو ٿا نه؟“

”پوءِ تون هتي ڇا جي لاءِ نوس نوس ڪندو ٿو وتين؟“ آفيسر ڪاوڙ مان چيو ۽ منهن ٻئي طرف ڪيائين.

”واپاري!“ سپاهي گرڪيو. ”هن جي تلاشي ورتي وڃي، جيئن آئنده اڌ رات جو ههڙن هنڌن تي ڏسڻ ۾ نه اچي، جٺ ڪجيس ته پتو پويس.“

”شڪي ماڻهو آهي، آفيسر.“ نائب آفيسر چيو، ”ڇا اِهو بهتر نه ٿيندو ته هن کي گرفتار ڪيو وڃي.“

”نه“، آفيسر لاپرواهيءَ سان جواب ڏنو. ”مان هنن مان بيزار آهيان، هنن حرامزادن مان.“

جئبريل اينڊرسن سواءِ ڪنهن اکر ڪڇڻ جي اُتي بيٺو رهيو. هن جون اکيون اوندهه ۾ باهه جي اُلن وانگر عجيب نموني چمڪي رهيون هيون. هن جو ننڍو قد، صاف سٿري شڪل، هن جو اوورڪوٽ ۽ لڪڻ ۽ هن جي عينڪ جا شيشا، جي باهه جي روشني ۾ چمڪي رهيا هئا، اڌ رات جو سپاهين جي ميڙ جي وچ ۾ عجيب لڳي رهيا هئا.

سپاهي هن کي ڇڏي اڳتي هليا ويا. جئبريل اينڊرسن ٿورو وقت اُتي ئي بيٺو رهيو ۽ پوءِ هُو مُڙيو ۽ جلدئي اوندهه ۾ گم ٿي ويو.

رات جو پهريون پهر هو. هوا وڌيڪ سرد ٿي ويئي. ٻوٽن جون چوٽيون اوندهه ۾ لڏي رهيون هيون. جئبريل اينڊرسن وري فوجي ٺڪاڻي ڏانهن ويو، پر هن دفعي هو پاڻ کي اونداهن ٻوٽن ۾ لڪائيندو اوڏانهن وڌيو. هن جي پٺيان ٻيا ماڻهو خاموشيءَ ۽ خبرداريءَ سان وڻن جي ٽارين کي اهڙيءَ ريت جُهڪائيندا اڳتي ٿي وڌيا، ڄڻ خاموش پاڇا هئا، جئبريل جي پٺيان هن جي ساڄي طرف کان، هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو هلي رهيو هو. جنهن جي هٿ ۾ روالور هو.

هنن کي ٽڪريءَ جي مٿان اوچتو هڪڙو سپاهي ڏسڻ ۾ آيو. هنن کي اهو وهم به نه هو ته ڪو سپاهي اُتي هوندا. وسامندڙ باهه جي روشنيءَ ۾ هن جي شڪل صاف ڏسڻ ۾ ٿي آئي. جئبريل اينڊرسن سپاهيءَ کي سڃاڻي ورتو. هي اُهو ساڳيو سپاهي هو، جنهن هن جي تلاشي وٺڻ لاءِ چيو هو. اينڊرسن جي دل ۾ ڪو به تحرڪ پيدا نه ٿيو. هن جو چهرو سرد ۽ سانت هو، اهڙو جهڙو ماڻهوءَ جو ننڊ ۾ هوندو آهي. باهه جي چؤگرد سڀ سپاهي ننڊ ۾ ستا پيا هئا، صرف نائب آفيسر ويٺو هو، جنهن جو ڪنڌ گوڏن ۾ جهڪيل هو.

اينڊرسن جي ڀرواري ڊگهي سنهي ماڻهوءَ روالور مٿي ڪري فائر ڪيو. گهڙيءَ پل لاءِ اکين کي کيرو ڪندڙ روشني ۽ ڪنن کي ٻوڙو ڪندڙ آواز ٿيو.

اينڊرسن ڏٺو ته سپاهي جيڪو پهرو ڏيئي رهيو هو، تنهن پنهنجي ڇاتيءَ کي هٿن سان سوگهو جهليو ۽ پَٽ تي ويهي رهيو. هر طرف کان روشني جا تجلا ٿيا ۽ هڪ وڏي شور ۾ تبديل ٿي ويا. نائب آفيسر ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ منهن ڀر باهه ۾ اچي ڪريو. خاڪي ورديون پهريل سپاهي بدروحن وانگر چؤطرف ڊوڙڻ لڳا پر هٿن کي لامارا ڏيندا ميري ڌرتيءَ جي مٿان اچي ڪريا. نوجوان آفيسر اينڊرسن جي ڀرسان اهڙيءَ طرح ٻانهون لوڏيندو ڊوڙندو لنگهيو، ڄڻ ته ڪو هراسيل پکي هو. اينڊرسن پنهنجو لڪڻ مٿي ڪيو ۽ پنهنجي سموري سگهه سان آفيسرجي مٿي تي وهائي ڪڍيائين. هن جي ڌڪ سان هڪ آواز ٿيو. ٻئي ڌڪ کان پوءِ آفيسر بولاٽي کاڌي ۽ هڪڙي ٻوٽي تان ٿاٻڙندو پٽ تي ويهي رهيو ۽ پنهنجي مٿي کي ٻنهي هٿن سان اهڙيءَ طرح ڍڪي ڇڏيائين، جيئن ٻار ڪندا آهن. ڪو ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ آفيسر تي گولي هلايائين، ائين ڄڻ گولي اينڊرسن جي هٿن مان هلي هئي. آفيسر زور اسان ڪلٽي کاڌي ۽ مٿي ڀر وڃي پَٽ تي پيو. ٿورو وقت ڇڙيون هنيائين ۽ پوءِ ٺري ويو!

گولين جو آواز بند ٿي ويو. اڇن چهرن وارا ڪارا ماڻهو، جيڪي اونده ۾ ڀوائتن وانگر ٿي لڳا، سپاهين جي لاشن ڏانهن وڌي آيا ۽ سندن هٿيار ۽ بارود کڻي ورتائيون.

اينڊرسن اهو سڀ سخت دليءَ سان گهوري ڏسي رهيو هو. جڏهن سڀ ڪجهه پورو ٿي چڪو هو ته هو اڳتي وڌيو ۽ باهه ۾ سڙيل نائب آفيسر کي ڄنگهن کان وڃي جهليائين ۽ هن جي جسم کي باهه مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر هو ڏاڍو ڳؤرو هو، تنهنڪري هن کي اُتي ئي ڦٽو ڪيائين.

اينڊرسن ٽائون هال جي ڏاڪڻ تي خاموش ڪنهن خيال ۾ ٻُڏل ويٺو هو. هو سوچي رهيو هو ته هن جئبريل اينڊرسن پنهنجي عينڪ، اوورڪوٽ ۽ شعرن سان پندرهن ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ کين ڌوڪو ڏنو. هن سوچيو ته اها خوفائتي ڳالهه هئي، ان هوندي به هن جي دل ۾ رحم، شرم يا افسوس ڪونه هو. جيڪڏهن هن کي وارو ملي، هن کي پتو هو، ته هو جئبريل اينڊرسن پنهنجي عينڪ ۽ شعرن سان سڌو اوڏانهن ڌوڪي ويندو ۽ ساڳيو ڪارنامو ڪندو. هن ڪوشش ڪئي ته پاڻ کي چڪاسي ڏسي ته هن جي اندر ۾ ڇا ٿي رهيو هو. پر هن جا خيال منجهيل هئا. ڪنهن سبب ڪري، هن جي لاءِ اُنهن ٽن ماڻهن جو خيال، جيڪي برف تي ڪريا پيا هئا ۽ پيلي چنڊ جي چهري ڏانهن پنهنجين بي نور اکين سان نهاري رهيا هئا، ان قتل ڪيل آفيسر کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هو، جنهن جي مٿي تي هن ٻه زوردار ڌڪ وهائي ڪڍيا هئا. پنهنجي موت بابت هو ڪجهه به نه سوچي رهيو هو. هن کي ائين لڳو ڄڻ هن هر ڪنهن شيءِ سان الله واهي ڪري ڇڏي هجي. ڪا شيءِ هئي، جا مري ٻاهر هلي ويئي هئي ۽ هن کي کوکلو ڇڏي ويئي هئي، ۽ هن کي ان بابت سوچڻو ئي نه هو.

جڏهن هن کي اُنهن اچي ڪلهن کان جهليو ته هو اُٿيو. اُهي هن کي تڪڙو تڪڙو باغ مان وٺي هليا. هاڻي هن جي دل ۾ ڪوبه خيال پيدا نه ٿيو. هن کي رستي وٽ اچي بيهاريائون ۽ هن جي پٺي هڪڙي لوهي ٿنڀي سان لڳائي ڇڏيائون. هن پنهنجي عينڪ کي ٺاهيو، پنهنجا هٿ پٺيءَ جي پٺيان ڪيا ۽ پنهنجي صاف سٿري جسم سان ڪنڌ کي ٿورو هڪ پاسي جهڪائي بيهي رهيو.

آخري گهڙيءَ هُن پنهنجي سامهون نهاريو ۽ هن ڏٺو ته رائيفلون هن جي مٿي، ڇاتي، پيٽ ۽ ٻين زرد چهرن وارن ماڻهن، جن جا چپ لڙڪي رهيا هئا، ڏانهن سِڌيون ڪيون ويون هيون. هو چڱيءَ طرح ڏسي رهيو هو ته ڪهڙيءَ طرح ڪهڙي رائيفل، جنهن جو منهن هن جي مٿي ڏانهن هو، اوچتو ڪري پئي.

ڪو عجيب ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ خيال، جيڪو ڄڻ ته هن دنيا ۽ هن ڌرتي جو اينڊرسن جي دل ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي سموري سگهه سان پنهنجي ننڍڙي قد واري جسم کي سڌو ڪري بيهاريو ۽ پنهنجي ڪنڌ کي فخر سان مٿي ڪيو. هڪڙي عجيب سگهه ۽ فخر واري احساس هن جي روح کي پُر ڪري ڇڏيو، هر ڪا شيءِ، سج ۽ چنڊ ماڻهو ۽ ڌرتي ۽ موت، هن کي خسيس ۽ بيڪار نظر آيا.

گوليون هن جي ڇاتي، هن جي کٻي اک ۽ هن جي پيٽ ۾ اچي لڳيون ۽ هن جي ڪوٽ کي چيرينديون ويون. هن هڪ رڙ ڪئي، ٿيڙ کاڌو ۽ هڪڙي لوهي پٽيءَ جي مٿان اچي منهن ڀر ڪِريو. هن جي سڄي اک کُليل هئي. هن پنهنجي کُليل چنبن سان ڌرتيءَ کي اهڙيءَ طرح جهليو ڄڻ پاڻ کي ٽيڪ ڏيندو هجي.

آفيسر، جنهن جو منهن ڪاراٽجي ويو هو، تڪڙو تڪڙو هن ڏانهن وڌي آيو ۽ روالور هن جي ڳچيءَ جي ويجهو جهلي ٻه ڀيرا گولي هلايائين. اينڊرسن پَٽ تي سنئون ٿي پئجي رهيو.

سپاهي تڪڙا تڪڙا هليا ويا، پر اينڊرسن پٽ تي سنئون سڌو ليٽيو پيو هو. هن جي هٿ جي ڏسڻي آڱر رڳي ڏهه سيڪنڊ کن چُري!

 

غلام رباني آگرو                                          [سفرنامو]

 

هندستان ۾ سارڪ سيمينار

 

جڏهن انگريز هندستان ڇڏي ويا، ته مان تيرهن ورهين جو هئس ۽ ٽيون درجو انگريزي پڙهندو هئس. ان زماني ۾ انگريزي ست درجا پڙهي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻو پوندو هو: اسڪولن ۾، سنڌ جي ’رنگين تاريخ‘ سان گڏ ’هندستان جي تاريخ‘ به پڙهائي ويندي هئي. سو، شاگردن کي مغل بادشاهن جي ٺهرايل عاليشان عمارتن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. خاص ڪري، دهليءَ ۾ لعل قلعو، ديوان عام، ديوان خاص، جامع مسجد، موتي مسجد، قطب مينار، همايون جو مقبرو ۽ آگري ۾ تاج محل ڏسڻ ته ننڍپڻ ۾ اسان جو هڪ خواب هو. ـــ ـــ تاج محل لاءِ ته سڀني کي اِهو تاثر ويٺل هو ته ”دنيا جي سڀ کان سهڻي عمارت آهي.“

دنيا جون سڀ کان سهڻيون عمارتون ڏسي ڪنهن اهو فيصلو ڪيو آهي، سو ته اڄ ڏينهن تائين مون کي معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي. پر، ڏهاڪو سال اڳ، هڪ يوروپي مصنف جو ڪتاب پڙهي، تاج محل بابت ذهن ۾ ويٺل اهو تاثر وري تازو ٿي ويو. پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو هئائين ته:

”هن دنيا جي ماڻهن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙا اُهي جن تاج محل ڏٺو آهي ۽ ٻيا اُهي جن ڪونه ڏنو آهي.“

وقت گذرندي ويرم ڪانه ٿي لڳي. تيرهن ورهين جي ٻاراڻي عمر ٽپي، وڏو ٿيس. سرڪاري ملازم ٿيس. اول ڪراچيءَ ۾ ”نئين زندگي“ رسالي سان وابسته ٿيس، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيس.

سنه 1984ع ۾، ’حڪومت پاڪستان‘ مون کي سنڌي ادبي بورڊ مان بدلي ڪيو ۽ ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۾ ’ڊئريڪٽر جنرل‘ مقرر ڪيو. ائين کڻي چئجي، ته ’سنڌ جي ادبي بورڊ‘ مان ڪڍي، ’پاڪستان جي ادبي بورڊ‘ ۾ رکيائون.

هڪ ڏينهن، آفيس ۾ ڪم پئي ڪيم، ته فون جي گهنٽي وڳي. پي. اي (P.A) چيو ته ”سائين، وفاقي سيڪريٽري تعليم اهان سان ڳالهائڻ گهري ٿو.“[1]

ستت، سندس آواز ٻڌم: ”آگرا صاحب، اوهان جو پاسپورٽ ٺهيل آهي؟“

سوال غير متوقع هو، سو، ڪجهه هٻڪي پيس.

تڏهن پاڻ چيائين ته ”سڌو مون وٽ هليا اچو.“

مان پنهنجيءَ آفيس مان نڪري، سڌو سندس آفيس پهتس. چيائين ته، ”دهليءَ ۾ پاڪستاني سفارتخاني مان بار بار گُهرَ ٿي رهي آهي ته ڪلڪتي ۾ سارڪ ملڪن جي سيمينار آهي، تنهن لاءِ پاڪستاني وفد جلدي موڪليو.

”مان جڏهن به ڪنهن ’غير ملڪي وَفَدَ لاءِ اوهان جي اداري ڏانهن ليٽر لکان ٿو، ته هر ڀري ’چيئرمن‘ پنهنجو نالو وفد جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ لکي موڪلي ٿو. سو، هن ڀيري، سندس نالو ڪاٽي اوهان جو لکيو اٿم.

”اوهان کي هفتي کن ۾ ڪلڪتي پهچي، پاڪستاني وفد جي اڳواڻ جي حيثيت ۾، پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻي آهي. وفد جو ٻيو ميمبر پنجاب مان آهي، جيڪو لاهور ايئرپورٽ تي اوهان سان ملندو. وڃي سفر جي تياري ڪريو.“

وفاقي سيڪريٽريءَ جي آفيس مان موٽيس، ته دل تي اهو تاثر ويٺم ته ”خدا مون جهڙن گنگهارن جون دعائون به قبول ڪري ٿو. هاڻي، هندستان ۽ تاج محل ڏسڻ جو موقعو مليو.“

* * * *

مان ۽ پنجاب جو اديب، بشير گورايا صاحب لاهور ايئرپورٽ تي ملياسين. اتان اسان کي انڊين ايئر لائينس جي هوائي جهاز ۾ سوار ٿي، پهريائين دهليءَ ۽ پوءِ ڪلڪتيءَ وڃڻو هو.

لاهور ايئرپورٽ تي ڪي مسافر ڪافي عرصي کان جهاز جي انتظار ۾ ويٺا هئا. منجهن هڪ عورت به هئي: عمر چاليهارو ورهيه، شڪل شباهت ۾ ٺيڪ ٺاڪ، نرڙ تي تلڪ هئس، سو، سمجهيوسون، ته هندو ڌرم جي آهي. هلڻ چلڻ ۾ تمام ڦڙت. پر، ڪنهن وڏيءَ آنڌ مانڌ ۾ هئي. اسان جي ويجهو ويٺي هئي. سو، کانئس سبب پڇيونسون، ته اهڙو ڪو مسئلو بيان ڪيائين، جو سندس سفر واقعي رولڙي ۾ اچي ويو هو. جهاز جي اچڻ ۾ باقي فقط اڌ ڪلاڪ هو. سو به انڪري جو مقرر وقت کان چار ڪلاڪ ليٽ هو. اسان ڪن بااثر دوستن کي ٽيليفون ڪيا. هندستاني همسفر خاتونءَ جي مشڪلات دور ٿي وئي، ته سک جو ساهه پٽيائين ۽ اسان کان پڇيائين ته : ”اوهان خير ۾ هندستان وڃي رهيا آهيو؟“

اسان کيس پنهنجو احوال ٻڌايو ۽ چيو ته ”هندستان جو پهريون پهريون دورو آهي، سو مهرباني ڪري، دهلي ايئرپورٽ تان ڪلڪتي وڃڻ لاءِ اسان جي رهنمائي ڪجو.“

اسان کي دلداري ڏنائين.

مون پنهنجي ساٿيءَ گورايا صاحب کي اهو ڪونه ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ’ايوان صدر‘ توڙي ’هندستاني سفارتخاني‘، ٻنهي هنڌن تان دهليءَ ٽيليڪس ڪرائي آيو آهيان، ته ’هن وفد جو خيال رکجو.‘

گورايي صاحب سان اها ڳالهه رڳو انڪري ڪونه ڪيم، جو خاطري ڪانه هئم، ته منهنجي ڳالهه تي خبر ناهي ته ڪو توجهه ڏئي يا نه ڏئي؟ ــــ ــــ سو، هندستاني خاتونءَ کي به دهلي ايئرپورٽ تي رهبريءَ لاءِ عرض ڪيم. ڏاهن جو چوڻ آهي ته

”خرگوش جي شڪار تي وڃو، ته شينهن جي شڪار جي تياري ڪريو.“

* * * *

انڊين ايئر لائينس جو جهاز پورا چار ڪلاڪ ليٽ آيو. انهيءَ وچ ۾ هندستاني خاتون اسان سان گهائل مائل ٿي ويئي. ٻڌايائين ته پاڻ اسلام آباد ۾ هندستاني سفارتخاني ۾ عملدار آهي. اسان کي آٿت ڏيڻ لاءِ چيائين ته ’هي هوائي جهاز هندستان جي فلاڻي شهر مان ڇٽي ٿو، پوءِ فلاڻي هنڌ پهچي ٿو، اُتان فلاڻي هنڌ وڃي ٿو، جتان وري لاهور اچي ٿو. سو، هِتِ اڪثر ليٽ پهچي ٿو.“

اسان سندس معنيٰ خيز وضاحت صبر سان ٻڌي. سندس خواهشن جو احترام ڪيو ۽ انڊين ايئر لائينس جي ناقص ڪارڪردگيءَ تي ڪوبه ناخوشگوار تبصرو ڪونه ڪيو. بلڪ، محترمہ کي پنهنجو ’غير ملڪي معزز مهمان‘ سمجهي، آئيس ڪريم ۽ مشروبات سان سندس خاطر تواضح ڪئي.

هندستاني هوائي جهاز لاهور مان اڏاڻو ته دهليءَ پهچڻ ۾ اڌ منو ڪلاڪ کن مس لڳو. سڀ مسافر هڪ هڪ ٿي جهاز مان هيٺ لٿا. اڃا جو ڏسون، ته اسان جي ’همسفر هندستاني خاتون مڙني مسافرن کان اڳ، تڪڙي تڪڙي ايئرپورٽ مان ٻاهر وڃي رهي هئي آهي! هڪ ڀيرو به ڪنڌ ورائي پوئتي ڪونه نهاريائين گورايي صاحب اهو نظارو ڏسي هڪ شعر پڙهيو:

آئي تو يون که جيسي مهربان تهي هميشه

گئي تو يون که جيسي کبهي آشنا نه تهي

دهلي ايئرپورٽ مان ڪي مسافر ٻاهر نڪري ويا ۽ ڪي اڃا وڃي رهيا هئا، جو ٽن ڄڻن جو هڪ گروپ لائونج ۾ داخل ٿيو ۽ اسان ڏي آيو.

”آگرو صاحب؟“

”جي، مان آهيان.“

”اسلام آباد مان اسان جي هندستاني سفير، مسٽر سنگهه اوهان جي آجيان لاءِ ’خاص تاڪيد‘ ڪيو آهي. مهرباني ڪري ٻڌايو، ته اوهان اسان جا مهمان آهيو يا پنهنجيءَ سرڪار جا؟“

مون کين چيو ته: ”اوهان جي ملڪ ۾ ته مان اوهان جوئي مهمان آهيان،.پر، هن وقت، اسان کي ڪلڪتي پهچڻو آهي. هي جهاز اڳيئي ليٽ آيو آهي، سو، جلدي اُنهيءَ ايئرپورٽ تي هلون، جتان ٻيو هوائي جهاز ڪلڪتي وڃي ٿو.“

”اجهو ٿا اچون.“ ائين چئي، هو پرڀرو بيٺل پنهنجي ڪنهن ساٿيءَ سان ملڻ ويا.

ايتري ۾ هڪ ٻيو نوجوان آيو ۽ هٿ ڏيئي چيائين ته ”آگرو صاحب؟“

”جي“ مون وراڻيو.

”مان هِت پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس اتاشي آهيان. ايوان صدر اسلام آباد مان اڄ صدر جي پريس سيڪريٽري، برگيڊيئر صديق سالڪ وري وري حڪم ڏنو آهي ته ’هندستان جي دوري ۾ اوهان جو خاص خيال رکيو وڃي.‘ سو، هاڻي، جيئن چئو ائين ڪجي.“

مون کيس به ساڳي ڳالهه ٻڌائي.

ملڪ صاحب، اهو ٻڌي؛ فوراً اسان کي ساڻ وٺي هليو. هندستاني ميزبان به ويجهو بيٺا هئا. هٿ لوڏي اشارو ڪيائون ته، ”اوهان هلو. اسان به پٺيان اچون ٿا.“

ملڪ صاحب اسان کي ڪار ۾ وهاري، واءُ مينهن ڪندو، ڪلڪتي ويندڙ هوائي جهاز واري ايئرپورٽ تي پهتو ۽ ڪار مان لهڻ شرط ڪا دير هيڏي هوڏي ڊوڙندو رهيو. اسان جي ڪلڪتي روانگيءَ لاءِ ڪافي مرحلا رهيل هئا، جن ڪاغذن تي ’دهلي ايئرپورٽ اٿارٽي‘ جا ٺپا لڳڻا هئا. قدرت مهرباني ڪئي، جو سڀ ڪم سولا ٿي ويا، ۽ اسان مڙني مشڪلاتن جي باوجود، ڪلڪتي ويندڙ هوائي جهاز ۾ وڃي سوار ٿياسين.

ليڪن، هندستان ۾ پهريون تجربو اهو ٿيو، ته همسفر خاتونءَ وانگر هندستاني ميزبان به دوکي باز ثابت ٿيا. وري ماڳهن پيدا ئي ڪونه ٿيا. پر، اسان کي ڪا ايڏي وڏي حيرت به ڪانه لڳي، ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ عام چوڻي هوندي هئي ته:

”هَلُ ڙي! دهليءَ جا ٺَڳَ!“

* * * *

ڪلڪتي ويندڙ جهاز وڏو هو. غالباً، ’ايئربس‘ هئي. سڄو ماڻهن سان ڀريل هو، جي سمورا هندستاني هئا: جيتريون هيون زالون، اوترا هئا مرد ۽ اوترائي هئا سندن ٻار، جن جو سڄي جهاز ۾ ’ڪِيڪاٽ‘ پئي پيو. پر، اصل آزار هيءُ هو ته جهاز ۾ ايئرڪنڊيشننگ سسٽم ۾ ڪا خرابي هئي، يا ڪنهن سبب ڪري، ڄاڻي واڻي ان کي في الحال بند رکيو هئائون، سو، جهاز ۾ اندر ڏاڍي ٻوسٽ هئي. سڀ مسافر سخت پريشان هئا.

اسان پنهنجن سيٽن تي وڃي ويٺاسين. پر، اسان کي هڪٻئي کان پري سيٽون مليون. سو، گورايي صاحب جو حال ڪهڙو هو، تنهن جي خبر ڪانهيم. پر، پاڻ ائين سمجهيم، ته جهاز جي ڏاڪڻ وٽ وڃي، ڪا تازي هوا کانوان، نه ته ڪجهه دير کان پوءِ هِتِ بيهوش ٿي ڪِري پوندس. ڏاڍو مُنجهي پيس، ته ڪيئن ڪريان؟ ڪاڏي وڃان؟

الله سائينءَ دعا ٻڌي. انجڻين جو ڌڌڪو ٿيو، ٿڌيءَ هوا جو جهوٽو آيو، ساهه ۾ ساهه پيو، ليڪن، ٻارن جو ’ٻرڙوٽ‘ اُهوئي جاري رهيو.

دهليءَ کان ڪلڪتو ڪلاڪ ڏيڍ جو هوائي سفر ٿيندو. چوماسي جي مند هئي، هوائي جهاز ايئرپورٽ تي لٿو، ته هلڪي برسات اڃا پئجي رهي هئي. شايد، دهلي ايئرپورٽ تي به جهاز کي روڪي بيهارڻ جو سبب اهوئي هو، ته ڪلڪتي مان سٺيءَ موسم جو ’گرين سگنل‘ ڪونه ٿي آيو. جهاز جي ڏاڪڻ تان لهي، ايئرپورٽ جي عمارت ڏي هلياسين.

”ڪلڪتا ايئرپورٽ“ لفظ پري کان نظر آيا ته ننڍپڻ ۾ هندستان جي جاگرافيءَ جو پڙهيل ڪتاب ياد اچي ويو، جنهن ۾ لکيل هوندو هو ته: ”ڪلڪتو محلاتن جو شهر آهي.‘

ايئرپورٽ جي عمارت ۾ اندر گهڙياسين، ته اهو تاثر جهڪو ٿي ويو. پنهنجي ملڪ ۾ ريلوائي اسٽيشنن تي ٿرڊ ڪلاس جي مسافرن لاءِ ٺهيل ’ويٽنگ روم‘ (Waiting Room)ياد آيا. ڪي اڌوراڻا ’صوفا ــــ سيٽ‘ هيڏي هوڏي ٽڙيا پکڙيا پيا هئا: نه مُنهن، نه سِرُ. مٿن ڪن مسافرن اوٻاسيون ويٺي ڏنيون ته ڪن پئي سگريٽ ڇڪيا، تنهنڪري چوڌاري دونهين جي ڌَپَ هئي ۽ سگريٽن جي اڌ ــــ وساڻل ٽڪرن ۾ خالي پاڪيٽن جا ڍيرَ هئا. شايد سڄو ڏينهن ڪنهن ٻهاري به ڪانه ڏني هئي.

اوچتو، Arrival لائونج جي ٻاهران، ٻه نوجوان نظر آيا، جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا: مٿن لکيل هو: ”آگرو صاحب ۽ گورايا صاحب.“ اهو ڏسي خوشي ٿئي.

جهاز مان سامان لٿو، ته ساڻ کڻي لائونج مان نڪري، اچي پنهنجن ميزبانن سان ملياسين. ٽئڪسيءَ ۾ آيا هئا. جنهن ۾ ڊرائيور اڳيئي ويٺو هو. سامان رکي، سوڙهه سنبيهه ۾، اسان چارئي ڄڻا به منجهس ماپي وياسون. ٽئڪسي شهر رواني ٿي ته اسان جي ميزبانن چيس ته نظام پئليس (Nizam Palace) هلڻو آهي.

اهو ٻڌي، مان ڏاڍو خوش ٿيس، ته اسان کي حيدرآباد دکن جي نظام جي محلات ۾ ٽڪائڻ جو بندوبست ڪيو اٿن. ڪلاڪ کن کان پوءِ ٽئڪسي سيمنٽ جي رنگ جي هڪ ’چار پنج منزله عمارت‘ اڳيان اچي بيٺي، جيڪو مرڪزي حڪومت جو ’ريسٽ هائوس‘ هو. ان ريسٽ هائوس کي ”نظام پئليس“ ٿي ڪوٺيائون. اتي نظام جو محلات هوندو هو. ميزبانن ٻاهران ئي اسان کان ائين چئي موڪلايو، ته ڳچ رات گذري چڪي آهي.

ريسٽ هائو جو هڪڙو چوڪيدار اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو، تنهن اسان کي ڪمري جو نمبر ڏسيو ۽ چاٻي هٿ ۾ ڏئي چيو ته، ”ريسٽ هائوس ۾ لفٽ ڪانهي، سڌو سامهون لائونج ۾ وڃو ۽ پٿر جي ڏاڪڻ تي چڙهي، ٽماڙ تي پنهنجي ڪمري ۾ هلو، ته مان به پٺيان سامان کڻي اچان ٿو.“

اسان لائونج ۾ گهڙياسين ته ائين سمجهيوسون ته ”شو جي مندر“ ۾ گهڙيا آهيون. گرميءَ جي مند ڪري، ڪي چوڪيدار پنهنجون قميصون لاهي، ڇت جي بجلي پکن هيٺان گهريءَ ننڊ ۾ ستا پيا هئا. چوڌاري ائين ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. جو اڳتي وڃڻ جي ڪا واٽ ئي ڪانه ڇڏي هئائون. پاسي ورائڻ ڪري يا پکن جي تيز هوا جي ڪري، سندن ڌوتين جا پَلَوَ ۽ پاسا کُلي ويا هئا. سو، لائونج ۾ هر آئي وئي شخص کي هيڏانهن هوڏانهن پير رکي، اڳتي وڃڻ لاءِ، واري واري سان هر چوڪيدار جي لنگم جو درشن ڪرڻو ٿي پيو.

اسان، ڄاڻي ٻجهي پيرن جا دٻڪا ڪڍايا، ته من چوڪيدار سجاڳ ٿين! ڪي جاڳيا ۽ پنهنجيون ڌوتيون ٺيڪ ڪري پاسو ورائي، وري سمهي پيا. پر، ڪي اڳي وانگر کونگهرا هڻندا رهيا.

* * * *

ريسٽ هائوس ۾، ٽماڙ تي، ڪمرو ڳولي، تالو کولي، اندر گهڙياسين. منجهس ڪا جا به پراڻا پلنگ ڀتين جي پاسن سان رکيا هئا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ڪرسي ۽ ٽيبل رکيل هئي، جنهن جي ٽاپ تي سبز رنگ جي ريگزن لڳل هئي: ڪجهه ڦاٽي وئي هئي، پر، ڪجهه اڃا سلامت هئي. مٿس پاڻيءَ سان ڀريل، پلاسٽڪ جو ڍَڪَ سان جَڳُ رکيل هو، ۽ انهيءَ جي مٿان وري پلاسٽڪ جو گلاس اونڌو رکيل هو. ڇت ۾ هڪ پراڻو پکو ’رُون‘ ’رُون‘ ڪري رهيو هو. گورايي صاحب تيز ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيس. پر، ناڪام ٿيو.

مان وري هڪ ڀت کي جاچيندو رهيس، جنهن ۾ دريءَ جي بدران روشندان لڳل هو. ڀِتِ ۾ روشندان هڻڻ جو فلسفو اصل منهنجيءَ سمجهه ۾ ڪونه آيو. ايتري ۾ چوڪيدارو بئگون کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو. هڪ ميڻ بتي ۽ ماچيس ميز تي رکي چيائين ته ”ڪنهن مهل بجلي گم ٿي وڃي، ته ميڻ بتي ٻارجو.“ ـــ ـــ بس، اهي اکر چئي، اسان جي جواب جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو.

بئگ کولڻ تي منهنجي دل ڪانه ٿي. دهليءَ ۽ ڪلڪتي ۾ هندستانين جيڪو آدرڀاءُ ڪيو هو، تنهن هونئن ئي دل ٺاري ڇڏي هئي! سو، جن ڪپڙن ۾ هئس، تن ۾ ئي بستري تي ليٽي پيس. ستت ننڊ وٺي وئي.

* * * *

صبح جو سج اڃا ڪونه اُڀريو هو جو ڪمري ۾ هلچل ڪري، جاڳي پيس.اکيون کوليم ته گورايي صاحب کي پريشان ڏٺم. چيائين ته ’صبح جي نماز قضا ڪونه ڪندو آهيان. پر، غسلخاني ۾ پاڻي ڪونهي.‘

مون کيس مشورو ڏنو ته ’هيٺ چوڪيدارن سان ڳالهه ڪري ڏس، ته ’ڇا ٿا چون.‘

گورايو صاحب هيٺ لهي ويو، ته سِرِڻ جيڏا وڏا به ڪارا ڪنانوَ روشندان جي لوهي شيخ تي اچي ويٺا. اول هڪڙي ۽ پوءِ ٻئي ڀوائتي نموني ۾ ”ٽان“ ”ٽان“ جا خوفناڪ آواز ڪيا. صبح مرداني سان اِهو منحوس منظر ڏسي، ڇرڪي ويس ۽ ”قُلَ“ پڙهڻ شروع ڪيم. ستت ئي سندن تشريف آوريءَ جو تعبير معلوم ٿي ويو: گورايو صاحب موٽيو ته اها ’بدخبري‘ اچي ٻڌايائين، ته: ”سڄي ريسٽ هائوس ۾ ڪاٿي به پاڻي ڪونهي ۽ شڪايت ڪرڻ لاءِ ڪا فون به ڪانهي.“

مون چيو ته ”پوءِ ڇا ڪريون؟“

چيائين ته ’ريسٽ هائوس‘ سان گڏوگڏ جيڪا عمارت آهي، سا ’ٿري اسٽار هوٽل‘ آهي.اُن ۾ هليا هلون. پئسا پاڻ کي کيسي مان ڀرڻا پوندا. پر، هت ٽِڪَڻَ مان فائدو؟ نه پاڻي نه فون باقي آهي بجلي، سابه الائي ڪيڏيءَ مهل بند ٿئي!“

مون پنهنجي بئگ کنئي ۽ گورايي صاحب پنهنجي ـــ ـــ ٻئي ڄڻا ڏاڪڻ تان بئگون گهليندا هيٺ ريسٽ هائوس جي اڳيان ميدان ۾ آياسين. سامهون چوڪيدار ويٺا هئا، پر، اسان جي ڪابه مدد ڪانه ڪيائون، بلڪ ائين چئجي، ته نهاريائون به ڪونه. ايتري ۾ هڪڙيءَ ٽئڪسيءَ مان ٻه ماڻهو اچي لٿا. اسان هڪدم ساڳيءَ ئي ٽئسڪيءَ ۾ پنهنجون بئگون کڻي رکيون ۽ ريسٽ هائوس جي گيٽ مان نڪري، پاسي واريءَ هوٽل جي گيٽ ۾ گهڙياسين. انهيءَ اچ وڃ ۾ ٽئڪسيءَ واري کي ٻه ٽي منٽ مَسَ لڳا هوندا. پڇيوسونس ته ”ڀاڙو گهڻو؟“

چيائين ته ”بس، سؤ رپيا ڏيو.“

اهو ٻڌي حيران ٿي وياسون! پر، پوءِ ٿڌو ساهه ڀري، ماٺڙي ڪري سؤ رپيا ڀري ڏناسون.

* * * *

هوٽل جو نالو غالباً ’هندستان انٽرنيسنل‘ هو. ڏاڍي سٺي هئي. سڄي Centrally Air-Conditioned هئي. فرش تي خوبصورت غاليچا وڇايل هئا، ته درين تي ريشمي پردا ڏنل هئا. اسان سامهون ڪلارڪ (Reception clerk) وٽ وياسون ۽ کيس چيوسون ته: ”ٻن ڄڻن لاءِ ڪمرو کپي.“

هن سلوار، قميص ۽ صدريءَ وارو لباس ڏسي، اسان کي سواليه انداز سان چيو: ”پاڪستاني؟“

”هائو“، اسان جواب ڏنس.

چيائين ته ”بِلُ ڊالرن ۾ ڏيڻو پوندو.“

اسان چيو ته ”ٺيڪ آهي.“

پڇيائين ته ”گهڻا ڏينهن ٽڪندؤ؟“

اسان چيو ته ”ٽي چار ڏينهن.“

چيائين ته ”چڱو. چار سؤ ڊالر ايڊوانس ڏيو.“

گورايا صاحب گهر مان ڏهه هزاررپيا پاڪستاني کنيا هئا ۽ مون پنج هزار. حڪومت جڏهن پنهنجو ڪو سرڪاري وَفَدُ غير ملڪي دؤري تي موڪليندي آهي، تڏهن ملڪ، شهر ۽ دؤري جا ڏينهن حساب ڪري، وفد جي هر ميمبر کي ڪجهه ڊالر ڏيندي آهي. سو، اسان ٻنهي وٽ ملائي جملي پنج سؤ ڊالر هئا. رسيپشن ڪلارڪ کي پنج سؤ ڊالرن جو نوٽ ڏئي چيوسون ته ”کُليا ڪونهن“

ڪلارڪ نوٽ هٿ ۾ ورتو ۽ اسان کي رسيد ڏيئي چيو ته، ”جيڪو بل بڻيو. باقي رقم اوهان کي واپس ڪنداسين.“

اسان کانئس رسيد وٺي، لفٽ ۾ چڙهي، پنهنجي ڪمري ۾ آياسين. خدا جو شڪر ڪيوسون، جو هندستان سرڪار جي ’قيدخاني‘ مان آزادي ملي. پوءِ خبر پئي ته سارڪ ملڪن مان آيل ٻيا مڙئي مهمان، جن مان ڪي اسان کان اڳي ۽ ڪي پوءِ، ساڳئي ريسٽ هائوس ۾ ٽڪايا هئائون، سي به ڪلاڪ ٻه ته پاڻيءَ ۽ فون جو انتظار ڪندا رهيا. پر، جڏهن ڏٺائون، ته ماڳهن بجلي به بند ٿي وئي، ته اهي به ريسٽ هائوس ڇڏي هيڏي هوڏي هليا ويا. ميزبانن کي ڪابه ميار ڪانه ڏنائون. غالباً، کين پراڻو پهاڪو ياد هو ته: ”خان تنهنجي خاني، ٿي مانيءَ مان معلوم.“

’هندستان انٽرنيشنل هوٽل‘ جي ڪمري ۾ سڀ کان اول گورايا صاحب ۽ مون هٿ منهن ڌوتو ۽ پوءِ ’روم سروس‘ کي فون تي چاءِ جي ٻن ڪوپن جو آرڊر ڏنو. ليڪن، گورايي صاحب کي اوچتو ڪو خيال آيو، سو، چيائين ته، ”ڊالر ته ويا هوٽل وارن وٽ. خرچ لاءِ هاڻي پاڻ وٽ پنج پئسا به ڪونهن. تون پاڻ وارا پاڪستاني پنج هزار ڏي ته پنهنجن ڏهن هزارن سان ملائي، سڪي مٽائڻ واري مارڪيٽ مان بدلائي اچان.“ ـــ ـــ ائين چئي، هو چاءِ پيئڻ کانسواءِ ئي مارڪيٽ روانو ٿي ويو.

ڪلڪتي ۾ اسان جي پهرئين ڏينهن جو پهريون صبح ائين گذريو.

* * *

 


[1]   وفاقي سيڪريٽري مسٽر سعيد قريشي هو. ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ چيف سيڪريٽري رهي چڪو هو. جڏهن فيض احمد فيض وفات ڪئي، ته مون ايڪيڊميءَ جي چيئرمن کي چيو ته ”اسان کي فيض جهڙي عظيم شاعر جي آخرين رسومات ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي.“ جنرل ضيا جي حڪومت هئي، سو، چيئرمن ڊڄي چيو ته ”اوهان پاڻ وفاقي سيڪريٽريءَ سان ڳالهايو.“ مسٽر سعيد قريشيءَ نه فقط مون کي اجازت ڏني. پر، ائين به چيائين ته ”اوهان سرڪاري طرح ايڪيڊميءَ جي نمائندگي ڪيو.“ مان لاهور ويس ۽ ائين ئي ڪيم. فيض جي اهليہ، مسز ايليس مون کي ان موقعي تي فيض جي هڪ ناياب تصوير تحفي طور ڏني، جا مون وٽ اڃا يادگار آهي. ورهين کان پوءِ تازو، قريشي صاحب سان گورنر هائوس ۾ ڊنر تي ملاقات ٿي. ڏاڍي خوشي ٿي. پاڻ اڄڪلهه ڪنهن فوجي اسپتال جو منتظم آهي. مون کي سڪ سان ڳراٽڙي پائيندي چيائين ته ”تون صحيح معنيٰ ۾ دانشور آهين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com