سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

 

صفحو :3

”جوهر“ بروهي

 غزل

 

ايتري بيرخي به ڇاجي لاءِ،

اوکي آ دوستي به ڇاجي لاءِ.

 

ڪونه پنهنجو ڪري سگهيس توکي،

هاءِ، گهوريم وَهي به ڇاجي لاءِ.

 

سور، صورت ۽ سونهن ۾ ويڙهي،

تو ڏني سوکڙي به ڇاجي لاءِ.

 

مون سڏيو، تون سڏيو خبر ناهي،

ٿي وئي واقفي به ڇاجي لاءِ.

 

چوڏهين چنڊ رات تون نڪتين،

ماٺي ٿي روشني به ڇاجي لاءِ.

 

عشق ويلي ”بروهي جوهر“ تون،

چاهين پيو ٿو خوشي به ڇاجي لاءِ.

 

مختيار گهمرو

غزل

 

قرب ۾ ڪيئي ڪين ويا ٿي،

برهه ۾ سؤ بي دين ويا ٿي.

 

هڪڙي تنهنجي ماڻي موهيو،

جيون پل رنگين ويا ٿي.

 

نيڻ شڪاري دل جا ماري،

ڇا ته ڏسو شاهين ويا ٿي؟

 

نيڻ ملايئه، نيڻن پيتو،

پيئڻ جا شوقين ويا ٿي.

 

سِڪ ۾ سُڪ ٿي ساڃهه وارا،

نيڻن سان نابين ويا ٿي.

 

نينهن نشي ۾ گيت لکيم جي،

الفت جا آئين ويا ٿي.

 

سڄڻن جا ”مختيار“ ڀلا ڇو،

لفظ ۾ اڄ سنگين ويا ٿي!

 

فياض چنڊ ڪليري

 

دل چري آ...

اي ڊسمبر!

رات تنهنجي ڪيتري غمگين آهي،

روح منهنجي جون گهٽيون سڀ،

ڪنهن جي پيرن جي ڪنول کان،

دور ٿي،

ائين وڇوڙي جي قبر ۾ دفن ٿي ويون،

جيئن پرانهون ۽ پراڻو ڪو قبرستان،

جِت نه ڪا دونهين دُکي ٿي

۽ هوا ڀي ڪين جت نوحو چوي ٿي

ڪوئي هڪ بي ترتيب لمحو،

زندگي جي دائري ۾،

اوچتو داخل ٿيو ۽،

آئون پيرن کان وٺي آڪاش تائين،

لمس هڪڙي جي لهر ۾

پاڻ کي لوڙهي ڇڏن جي آرزوءَ ۾،

پاڻ ئي لهرن جيان وکري ويس

ڪا اُڀي تڙ،

باس لئه بي چين ناهي.

ڪنهن به پل جي چيچ مون کي

ڇو ڇلي جان، پاڻ ۾ پائي نهٿي

دل چري آ، بي چئي آ،

ذلتن ۽ زيادتين جي باوجود،

هر دريءَ تي برف ڏسندي

”اجنبيءَ“ جا حرف ڏسندي

ڇو اڃا پڇتائي نه ٿي

آئون پنهنجون سرد راتيون،

ساهه جي سگري حوالي،

ڪيئن ڪيان، ڪيسين ڪيان؟

هوءَ لئيءَ جي لام جهڙي،

تاءُ سان ڀرپور پياري،

پاڻ کي ميڙي، سهيڙي

۽ نظر جا ٿان ويڙهي

ڄڻ ته منهنجي جان ويڙهي

دل ـــ نگر کان دور ٿيڻ جي سوچ هيٺان

پاڻ کي پوري ڇڏي ٿي ـــ

هوءَ،

جنهن جي ڊائريءَ جي،

هر صفحي جي ابتدا ۽ انتها ۾،

نانءَ هڪڙي جي گُهلي خوشبو هئي،

اڄ اُها منهنجي هجڻ جي باوجود.

اجنبي ڇو ٿي وئي آ؟

اجنبي ڇو ٿي وئي آ؟

 

اسحاق سميجو

 

غزل

 

ٿانيڪا ٿين ڪيئن هي پاڳل سيلاني،

نيڻ مسافر، جهڙا بادل سيلاني.

 

ڪيئن ڪو ڀؤنرو هڪرو گُل جو ٿي رهندو،

ڪيئن نه رُلندو ساحل ساحل سيلاني.

 

رولاڪيءَ جي رسم سدائين رهڻي آ،

اک اک آهي جزيرو، دل دل سيلاني.

 

هن ديس جا ديس لتاڙيا جنمن کان،

درد زماني ڀر جو ڄاتل سيلاني.

 

تنهنجو شهر ته سهڻو آ، پر ڪيئن ٽِڪي،

ساجن! سيلانيءَ جي منزل سيلاني.

 

هي جو هاڻي ڦاٽل سڙهه جيئن ڀاسي ٿو،

طوفانن سان آ ٽَڪرايل سيلاني.

 

بشير سيتائي

 

غزل

 

جڳ رُئاريو، کِلي پيا آهيون،

تو کِلايو، روئي پيا آهيون.

 

هيرا آهيون اسان جو قدر ته ڪر،

ڪنڪرن مان لڀي پيا آهيون.

 

دوستو! هر ستم جي سيني ۾،

خنجرن جان کُپي ويا آهيون.

 

قافلو منزلن تي اُسهيو آ،

گهنڊ آهيون، وَڄي پيا آهيون.

 

تون ڪو اسرار آهين، راز آهين،

تو ۾ اونها لهي پيا آهيون.

 

اوچتو ههڙي گهُٽ ٻُوسٽ ۾،

هير وانگي گُهلي پيا آهيون.

 

هڪڙي ابدي حيات ماڻڻ لئه،

ماريو تو، مري پيا آهيون.

تون ٿو ڊاهين، ڊهڻ لاءِ آتا هون،

تون ٿو ٺاهين، ٺهي پيا آهيون.

 

تون به هن دور جو ڪو سچ آهين،

تنهنجي پويان لڳي پيا آهيون.

 

تو سان گڏ خاردار رستن تي،

همسفر ٿي هلي پيا آهيون.

 

رُڃ جو آ سفر، ته فڪر نه ڪر،

اُس ۾ ڇانءَ ٿي پيا آهيون.

 

پاڻ ڀي آهيون وقت جا گوتم،

دل ڀوڳڻ سيکي پيا آهيون.

 

عاشق آهي اسان جو نانءُ ’بشير‘،

حسن تي بس هِري پيا آهيون.

 

ابرار ابڙو

 

غزل

 

رچي پچي راس ٿي وياسين، عمر جي در تي ڇڻي وياسين،

نه آئين نيڻن ۾ رات هڪڙي، اُميد هرڪا کڻي وياسين!

چپن تي لفظن جا ميڙ ڦهليا، صدا نه بڻجي گُهلي سگهياسين،

هميشه برسات ماٺ جيءَ ۾ ڪڻي ڪڻي ٿي ڪڻي وياسين!

اسان ڪنهن ڪشڪول جا سڪا ڀي نه ٿي سگهياسين سڄي حياتي،

رڳي صدائن جي رڻ تتل جي اُداس واري بڻي وياسين!

ضمير مهلت ڏني گهڙي کن، هوا ۾ لفظن جو زهر بڻجي،

گُهلي پياسين ۽ تنهنجي آڏو هي سچ جو نعرو هڻي وياسين.

اسان اُداسين جو پهر هئاسين ۽ زهر هئاسين حيات جي لئه،

ٿئي ٿو تعجب به پو به توکي الائي ڪئن اڄ وڻي وياسين!

 

روبينه ابڙو

 

نظم

 

روز جڳ ۾ پيون نفرتون ٿيون وڌن!

هاڻ پئسي تي ئي عظمتون ٿيون وڌن!

وقت ڪيڏو عجيب سال، صديون جنم،

ساعتون ٿيون وڌن!

ياد توکي ڪرڻ مان ڀلا فائدو؟

وحشتون ٿيون وڌن!

سال، صديون لڳن ڪوششن ۾ تڏهن،

حُجتون ٿيون وڌن!

تنهنجي ساڃهه سان ئي سوچ ساگر اندر،

دولتون ٿيون وڌن!

مون نه چيو آ ڪڏهن، دورين سان پرين،

محبتون ٿيون وڌن!

سار ساگر منجهان سُور ڇوليون اُٿن،

راحتون ٿيون وڌن!

روڪ تِن کي تون هاڻي جي روڪي سگهين،

وڻ ويڙهيءَ جيان عادتون ٿيون وڌن!

 

”ساحر“ راهو

 

غزل

 

پراڻين يادگيرين مان نئين ناسور ڳالهايو،

پرين! پٿر پَرائي تي ته پنهنجي سور ڳالهايو.

مِلي ورهن پڄاڻا پر سندس لهجو پرائو هو،

وڪاڻيل چيز جان ڄاتل سکيءَ جي گهور ڳالهايو.

گهڻي عرصي جي چَپ پگهري ترنگ ڇڙيا هوا مهڪي،

اسان سپني ۾ سانول سان هيو ڀرپور ڳالهايو.

ڪبيرو ڏوهه آ چاهت، اوهان واجب قتل آهيو،

اکيون اکڙين جي پورن ۾ لٿيون، دوستور ڳالهايو.

اسين هيراڪ جنهن جا، نئون هي حادثو ناهي،

چُمي سوريءَ جي سرڪڻ کي نئين منصور ڳالهايو.

چلو تحفو ڏنل هن جو ڏيکاريم يادگيري لئه،

ويو بچپن ويون ڳالهيون کُلي اک پور ڳالهايو.

اڃا پهراڻ جون ٽڪون ٻرن ٿيون منهنجي نيڻن ۾،

کُلي اجرڪ جي ڦَلڙين مان پراڻي پور ڳالهايو.

گلي سوڙهي اسين گونگا، شهر ۾ سور هو ’ساحر‘،

ڀنل نيڻن مان بارش ٿي هيو دل چور ڳالهايو.

 

بخشل ”باغي“

 

غزل

 

برف پوندڙ پربتن تي سوچجان،

تون خدا جي رحمتن تي سوچجان.

عيب منهنجا تون نظر ۾ رک ڀلي،

پر، سندم ڪجهه محبتن تي سوچجان.

پير تنهنجا دل چُمڻ ٿي چاهيان،

دل چريءَ جي حسرتن تي سوچجان.

گُذرندي ئي هڪ نظر تن تي وجهي،

تون ڊٺل هن تربتن تي سوچجان.

ڏار کان ڇو واءُ ٽوڙي ٿو ڇڏي،

ڀونءِ تي ڪِرندڙ پتن تي سوچجان.

تون ڪڏهن تنهائي ۾ تن کي پڙهي،

پيار سان منهنجن خطن تي سوچجان.

ڀونءِ جو سودو ڪرڻ کان ڪجهه اڳي،

ٿورڙو پنهنجي وطن تي سوچجان.

جي مهارون موهه مان پڪڙي وڌيا،

تون اُٺن سان تن جَتن تي سوچجان.

 

ماهين هيسباڻي

 

ٽي سٽا

 

من مندر ۾ مون،

ناهي ڪوئي ٻيو:

رڳو تون ئي تون!

 

من اندر ڪو ميت

سوري ٿو ويٺو،

پريت جو سنگيت!

”ساڀيا“ سانگي

 

غزل

 

هي سوچون اجايون ڏسون ٿا پيا،

سندم سڀ تباهيون ڏسون ٿا پيا.

 

خوشامد سجائي رکو ٿا مٿان،

اندر جون برايون ڏسون ٿا پيا.

 

گناهن جي گس جي هلي هُو سکي!

مٿان ڏي صفايون ڏسون ٿا پيا.

 

گُهرڻ سان نه ڏي، اڻ گهريو ڏئي ڇڏي،

خدا جون ڀلايون ڏسون ٿا پيا.

 

چئون ٿا تڪبر ۾ ناهيون، ته ڀي،

’اسان ڀي اسان هون‘، ڏسون ٿا پيا.

 

وسارڻ سان وسري وئين نيٺ تون،

جُڳن جون ڪمايون ڏسون ٿا پيا.

 

انائن جي خاطر گهڻيون ’ساڀيا‘،

دلين ۾ جدايون ڏسون ٿا پيا!

 

پارس عباسي

هائيڪا

(تنوير عباسيءَ جي ياد ۾)

کنڊ هئو يا کير؟

گلڙن واري گهرڙي ۾

هڪڙو هو ”تنوير“!

 

گل پوءِ ڏسنداسي

مُرڪ مِٺي ’تنوير‘ جي

پهرين پَسنداسي.

 

ميڙا مِڙندا هئا

’سرمد ـــ گهر‘ جي آڳر تي

ٽانگر ٽڙندا هئا.

 

خيرپور هلنداسين

رهون نه رهون اُتي

ها، پر لنگهنداسي.

 

سو ڪو وقت هئو

جڏهن اسان تي بابل مٺڙو

ڪک نه سهندو هو!

 

هيل نه هلنداسي!

’سرمد ـــ گهر‘ جي آڳر تي

ڪنهن سان ملنداسي؟

 

گل نڪو پوپٽ

بابل ويو عميق ڏي

باغ بڻيو برپٽ!

 

رُسڻ جي هئي هير

بابل ويو عميق ڏي

پرچائي پوءِ ڪير؟

 

تو بن ڪيئن ڪريون؟

بابل! تنهنجي آلي بن ٿا

ور ور ٿاٻڙجون.

 

نيڻن ۾ اُتساهه

ڳول نه هاڻي پاڳل نينگر

ساڳيو پيار اَٿاهه.

جيون ڪيڏارو

تون سورج جيئن ست رنگ هئين

تو بن پئي پارو.

انڊلٺ منجهه اُڏام

مان، بابل ۽ باغيچو

’سرمد ـــ گهر‘ ۾ شام!

 

خليل عارف سومرو

 غزل

 

نانءُ تنهنجا کڻڻ گهڻن چاهيا،

توکي سجده ڪرڻ گهڻن چاهيا.

ڇو نه توکي غرور ٿئي جاني،

پير تنهنجا چُمڻ گهڻن چاهيا.

ڪيتري خوس نصيب تون آهين،

ساهه تو تي ڇڏڻ گهڻن چاهيا.

هار سينگار کان سواءِ ڀي،

روپ تنهنجا ڏسڻ گهڻن چاهيا.

جا به شيءِ تو زبان تي آندي،

تنهنجا انگل مڃڻ گهڻن چاهيا.

ساهه پنهنجا سڄي حياتي لئه،

نانءُ تنهنجي لکڻ گهڻن چاهيا.

شعر ’عارف’ لکيا ته ڇا ٿي پيو،

گيت توتي لکڻ گهڻن چاهيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com