سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

 

صفحو :16

الله بخش شيخ

اسسٽنٽ مئنيجر

سنڌي ادبي بورڊ، بُڪ اسٽال

 

ڪلچر کاتي جِي ڪراچيءَ ۾ ڪئليگرافي، ڇپيل ۽ قلمي ڪتابن جي نمائش

 

حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي، ڪراچيءَ ۾ تاريخ 19 آڪٽوبر تي شام جو ’هندو جيمخاني‘ جي بلڊنگ ۾، فنِ ڪتابت ۽ ڇپيل ۽ قلمي ڪتابن جي نمائش ڪئي. حيدرآباد جي نوجوان آرٽسٽ عتيق ميو جِي، قلم ۽ ڪاغذ بدران سڳي سان ڪپڙي تي ”سوره رحمٰن“ جي خطاطي دراصل نمائش جي خاص ڪشش هئي. جناب محمد ميان سومري، گورنر سنڌ، نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ پنهنجيءَ تقرير ۾ چيو ته

”سنڌ سرڪار، ثقافت، سياحت، تهذيب تمدن ۽ فنون لطيفه کي اڳتي وڌائڻ ۾، پنهنجون ذميواريون نڀائيندي. گورنر صاحب ان سلسلي ۾، جناب عاشق حسين ميمڻ، سيڪريٽري ڪلچر، گل محمد عمراڻي، ڊائريڪٽر جنرل، ڪلچر، غلام رباني آگري، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ ۽ محمد قاسم ٻگهيي چيئرمن سنڌي زبان اٿارٽي ۽ ٻين جا نالا کڻي، سندن ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن هدايت ڪئي ته: ”هن قسم جون نمائشون شاهه لطيف، سچل سرمست، لعل شهباز قلندر ۽ ٻين صوفي بزرگن جي مزارن ۽ اهم تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن سان گڏ، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پڻ ٿيڻ گهرجن، ته جيئن ماڻهو سنڌ جي ڪلچر کان واقف ٿين.

گورنر سنڌ، مسٽر عتيق ميو جي محنت ۽ فن پارن جي تعريف ڪندي، کيس هڪ لک روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ان کان اڳ، ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي سيڪريٽري جناب عاشق حسين ميمڻ، پنهنجي آجيان واري تقرير ۾ چيو ته ”ثقافت ۽ سياحت کاتي، فنڪارن لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڏهه لک روپيا ۽ صوبائي وزير خزانه جناب عبدالحفيظ شيخ پنج لک ڏنا آهن.“ هن سرنديءَ وارن کي اپيل ڪئي ته هو پڻ هن فن ۾ ڀرپور مدد ڪن.

 

SINDHI DINNER

سنڌي عشائيه

 

’عشائيه‘ رات جي مانيءَ کي چئبو آهي. سنڌ ۾ اڳي شاديءَ جي دعوت تي جيڪا ’ماني‘ ٿيندي هئي، تنهن کي به عام طرح ’شاديءَ جو ڀَتُ‘ ڪوٺيندا هئا. عام ماڻهو، اڃا تائين ڳوٺن ۾ ڀَتُ ڪوٺيندا آهن ۽ ان جو’سَڏُ‘ ڏيندا آهن. پر، شهرن ۾، بيٺل ماڻهو ڇپيل ڪارڊ جو ٽڪرو موڪلي ڏيندا آهن ته فلاڻيءَ رات ’وليمو‘ رکيل آهي. اهو ’وليمو‘ لفظُ اردو زبان مان سنڌ ۾ آيو آهي. هاڻي ’عشائيه‘ لفظُ به رائج ٿيو آهي.

انگريزي ۾ رات جي مانيءَ کي ’ڊنر‘ ڪوٺيندا آهن. پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي ڊنر‘ (
Sindhi Dinner) جورواج ڇو پيو؟ ۽ ڪيئن پيو، اُن جي پوري خبر ڪانهي. پر، ڀانئجي ٿو، ته ڪن سنڌي شخصن پنهنجي معاشري ۾ اوچتو نوان لوڏا ۽ لهرون ڏسي، پنهنجي ڪلچر جي حفاظت لاءِ، ڪنهن ڇٽيءَ جي ڇانوَ هيٺ ويهي، ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي رٿ ڪئي. سوچيائون ته چار ماڻهو رات جي مانيءَ تي گڏ ٿيندا ۽ ڪي چڱيون ڳالهيون ڪندا، ته اُن ۾ ڪنهن کي اعتراض ڪونه ٿيندو. سو، ”سنڌي ڊنر“ جو بنياد وڌائون.

ڪراچيءَ جي مٿين ڪلاسن جا اهي باشعور سنڌي ماڻهو، هڙئون وڙئون چندو ڏئي، سنڌي ڊنر ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سنڌي ڪلچر جي تحفظ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پر عملي سياست (Practical Politics) کان پري رهندا هئا. انهن شخصن ۾ هڪ اهم نالو هو ايم. يو. عباسي.

عباسي صاحب هڪ پرنٽنگ پريس هلائيندو هو. صدر ۽ برنس روڊ جي چوراهي وٽ، وڏي ديول جي آمهون سامهون، “A-One”  نالي Dry Cleaners جو دڪانُ هوندو هو، جنهن جي پٺيان سندس پرنٽنگ پريس هوندي هئي. پاڻ هڪ انگريزيءَ ۾ ’هفتيوار اخبار‘ به ڪڍندو هو.

ڪراچيءَ جي ٻين پريس وارن وانگر، عباسي صاحب به سنڌي ادبي بورڊ جي جاب ورڪ لاءِ ايندو هو. سدائين سفيد رنگ جي قميص، سفيد رنگ جي پينٽ ۽ سفيد بوٽ پائي ايندو هو. سنڌي ادبي بورڊ جو پٽيوالو جڏهن به وٽانئس ڪتابن جا پروف کڻي ايندو هو، تڏهن چوندو هو ته ”پريس ۾ سفيد لباس وارو صاحب ڪرسيءَ تي ويٺو هو.“ ايم. يو. عباسي صاحب جي شخصيت جو هڪ پهلو اهو هو ته پاڻ ئي سنڌ ڊنر جو مکيه منتظم هوندو هو.

اها سنه 1959ع جي ڳالهه آهي. گذريل چاليهن سالن ۾ ڪراچيءَ جي دنيا بلجي ويئي. ايم يو. عباسي صاحب هي جهانُ ڇڏي ويو. ڪراچيءَ مان سنڌي ڊنر جر روايت ختم ٿي ويئي.

* * * *

تازو ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ميٽنگ ٿي. بورڊ جي بزرگ ميمبر، محترم رسول بخش شيخ موٽ تي حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن ٽڪيو. تلڪ چاڙهيءَ وٽ هيٺ مشهور ۽ معروف ”عباسي اسپتال“ آهي، جيڪا خانبهادر ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسيءَ کولي هئي. دراصل اها اسپتال ”پرتاب محل“ ۾ آهي، جيڪو انگريزن جي زماني ۾ ٺهيو هو.  (جنهن جي قيمت هاڻي ڪروڙين رپيا چئي وڃي ٿي.)

پاڪستان ٺهڻ کان ٽي سال پوءِ، سن 1950ع ۾، خانبهادر عبدالعزيز عباسيءَ اها اسپتال قائم ڪئي. تڏهن پاڻ انسپيڪٽر جنرل سول اسپتال سنڌ جي عهدي تان رٽائر ٿيو هو. انهيءَ زماني کان وٺي هيءُ اسپتال سنڌ ۽ بلوچستان جي عام ۽ خاص ماڻهن لاءِ علاج معلاج جو هڪ وڏو مرڪز آهي. منجهس آپريشن ڪرڻ لاءِ هڪ سٺو آپريشن ٿيٽر پڻ آهي، ليڪن، اسپتال جي خاص ڳالهه اها آهي ته مالي طرح غريب ماڻهن کان پيسا ڪونه ورتا ويندا آهن.

خانبهادر عبدالعزيز جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ڊاڪٽر عبدالحميد عباسي پنهنجي والد بزرگوار جي قائم ڪيل اسپتال اهڙي ته سٺي نموني ۾ هلائي ٿو، جو انهيءَ کي هڪ ادارو (Institution) بنائي ڇڏيو اٿائين. ڊاڪٽر صاحب کي سندس ٻاجهاري سڀاءَ سبب عام طرح ’مٺو‘ ڪوٺيندا آهن.

* * * *

ڊاڪٽر مٺي جي محترم رسول بخش سان ڪا تمام پراڻي دوستي آهي. سو، سندس مان ۾ ڊنر ڪيائين ۽ ان ۾ تعليمدانن ‎، عالمن ۽ اديبن کي سڏيائين. مان اٺين بجي رات جو پرتاب محل تي پهتس، ته مٿان ڊاڪٽر بلوچ صاحب به پنهنجي فرزند علي محمد خان سان گڏ آيو. پرتاب محل جون ڳالهيون مون گهڻي زماني کان ٻُڌيون هيون، پر منجهس اندر وڃڻ جي اڳي ڪڏهن به اتفاق ڪونه ٿيو هو. محل جي مٿئين طبقي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي رهاشگاهه آهي ۽ هيٺ اسپتال آهي. اسان سڌو سامهون رسيپشن تي وياسون. اُتي اڳيئي هڪ شخص اسان جو منتظر هو، سو، ڀرسان پٿر جي ڏاڪڻ وٽ وٺي هليو، جنهن تي اميراڻي ٺٺ سان سرخ قالين وڇايل هو. آجيان جي انهيءَ طريقي کي انگريزيءَ ۾ ڪوٺبو آهي. Red Carpet welcome اسان سرخ قالين واريءَ ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي هڪ هال ۾ داخل ٿياسين. پنجاهه ورهيه پوئتي ڪنڌ ورائي ڏسبو، ته مڃڻو پوندو ته هيءُ هال واقعي ڪنهن محل جو هوندو! وڏو، ويڪرو، ڪشادو ۽ ايئرڪنڊيشنڊ آهي. چئني ڀتين تي، زمين کان چار پنج فٽ مٿي، ڪاشيءَ جون سرون لڳل اٿس.

سنڌ ۾ عام تاثر هوندو هو ته هندو ماڻهو ڪاشيءَ جون سرون ڪونه هڻائيندا هئا. لاچار کڻي، جاءِ جي ٻاهران پَڪَ ـــ سرائينءَ جاءِ جي ڪانس تي، شو (Show) لاءِ هڻائيندا. پر، عام مسلمانَ پنهنجين مسجدن، مقبرن ۽ قبرن تي ڪاشيءَ جون سرون شوق سان هڻائيندا هئا. سو، مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان پڇيو ته ”سائين، ڪاشيءَ جون هي سرون هاڻي لڳيون آهن يا شروع کان هيون؟“

ڊاڪٽر صاحب کي خود خبر ڪانه هئي. پر، ايتري ۾، ڊاڪٽر مٺو اچي ويو ۽ جنهن ٻڌايو ته ”شروع کان لڳل هيون.“

هال ۾ چانديءَ جا صوفه سيٽ رکيل هئا. مهمان ايندا ويا ۽ وهندا ويا. هڪ ڪرسي، البت، انوکي نظر آئي. ڊاڪٽر مٺي چيو ته ”اِها ولايت مان وٺي آيو آهيان. نيپولين بوناپارٽ جي ڪرسيءَ جو نمونو (Replica) آهي.“ چيائين ته، ”ڪجهه سالن کان نڪرڻ ڪونه ٿو ٿئي، نه ته هر سال يورپ جو چڪر ڏيندو آهيان، پوءِ ڪڏهن ڪا شيءِ، ته ڪڏهن ڪا وٺي ايندو آهيان.“ جوليس سيزر جو سنگمرمر مان ٺهيل هڪ مجسمو ڏيکاريائين، جو به ولايت مان وٺي آيو هو. ٻيو مجسمو وينس جو رکيل هو، جيڪو ڏاڍو سهڻو هو. عورت جو اُرهه ۾، قدرت ٻار جي غذا لاءِ کير جو چشمو رکيو آهي، پر، ايڏي ته سهڻي بندوبست سان، جو مولانا جاميءَ ’مثنوي يوسف زليخا‘ ۾، عورت جي اُرههَ کي ”قيبہء نور“ سان تشبيہ ڏني آهي. پرتاب محل ۾ رکيل شيون سڀ سهڻيون آهن، پر، جنهن کي به ”نُورَ جا قبا“ ڏسڻا هجن، سو، پرتاب محل ۾ وڃي، وينس جو سنگمرمر جو مجسمو ڏسي!

پرتاب محل جي تاريخي حيثيت جي ڳالهه نڪتي، ته ٻڌايائون ته منجهس هڪ تهخانو به آهي، جنهن ۾ سباش چندر بوس رهي ويو آهي. ڪن چيو ته پرتاب محل ۾ آل انڊيا ليول جا ٻيا ليڊر به اچي رهندا هئا. ان تي ڊاڪٽر مٺي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي. چيائين ته، ”ڀائي پرتاب مري ويو. سندس نياڻي Cannery Islands ۾ رهندي آهي، جيڪي يورپ جا تمام حسين ٻيٽ آهن. اُتي ڪو ٻِيو سنڌي سيٺ به رهندو آهي، تنهن کي الائي ڇو اچي اندر ۾ ڇڪ ٿي، ته جيڪر ’حيدرآباد‘ وڃي هڪ دفعو پنهنجو اباڻو گهر ڏسي اچان.“

ڀائي پرتاب جي ڌيءُ چيس ته ”پوءِ مهرباني ڪري اسان جي گهر مان به ليئو پائي اچجانءِ.“

سيٺ حيدرآباد آيو، ته مون کي فون ڪيائين. مون کيس سڪ سان سڏيو ۽ سندس آڌرڀاءُ ڪيم. خوش ٿي، واپس موٽي ويو. اُتي وڃي ڀائي پرتاب جي ڌيءُ کي حال احوال ڏنائين، جا به ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي. ـــ ـــ مڄاڻ ته قدرت طرفان سيٺ کي رڳو سنڌ ۾ پنهنجو اباڻو گهر ڏسي اچڻ جي مهلت مليل هئي. هفتي کن ۾ هي جهان ڇڏي ويو!

انهيءَ قصي تان هندستان جي هندن، خاص طرح، پڙهيل ڪڙهيل عاملن جو ذڪر نڪتو، جيڪي سنڌ مان لڏي ويا، ته ڪي ڪاٿي ته ڪي ڪاٿي وڃي گهر ڪري ويٺا. انهن جا احوال دادي ليلا ڏاڍا دلچسپ ٻڌايا. پنهنجي خاوند جون به ڳالهيون ٻڌايائين، جن جو تَتُ پرج اِهو هو ته ’سنڌي ڪلچر ڏاڍو شاهوڪار آهي، ۽ سنڌي ماڻهو اعليٰ روايتن جا امين آهن.‘

سنڌي ڪلچر مان سنڌي جي تاريخ ۽ تاريخي جاين جو تذڪرو نڪتو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب وضاحت سان سمجهايو ته ’رني ڪوٽ سنڌ جي ڌارين حاڪمن ڪونه ٺهرايو هو. دراصل، ٽالپرن ٺهرايو هو.‘

پرتاب محل جي هال ۾ پيانو به رکيل هو، (يا ڪو هارمونيم هو). مون اُن ڏينهن گهڻو گوش ڪونه ڏنو هو. خبر تڏهن پئي جو دادي ليلا اوڏانهن ويئي ۽ پيانو کولي، راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين. ڪي سنڌي راڳَ ڳايائين! سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته ’اصل مَٽَ ڀڃي ڇڏيائين!‘ ـــ ـــ کيس ڳائڻ تي ڏاڍو ڪو ملڪو آهي!

ڊاڪٽر مٺي ٻڌايو ته اسپتال مان فرصت اصل ڪانهيم. هفتو هفتو جاءِ مان ٻاهر ڪونه نڪران، سو، مهيني ماسي، دوستن کي مانيءَ تي سڏيندو آهيان. ڪڏهن ڊاڪٽر ته ڪڏهن تعليمدان، ته ڪڏهن ڪي ٻيا. مڙئي محفل مچايون ويٺو آهيان. ڪنهن سان چاليهن سالن کان سنگت اٿم، ته ڪنهن سان پنجاهه ورهين کان، ڪنهن به رنگروٽ سان دوستي ڪانهي. سڀ ڏاها، زماني شناس ۽ جهونا دوست اٿم. محفل ۾ موجود، پنهنجن دوستن ۽ احبابن جو تعارف ڪرائيندي سندن نالا ٻڌايائين: مسٽر شمشاد جوڻيجو، وڪيل دادو، پروفيسر ضمير احمد، اڳوڻو صدر شعبه ڪيمسٽري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، جناب علي محمد خان بلوچ، اڳوڻو سيڪريٽري آبپاشي، محڪمه سنڌ، ممتاز عالم، اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جناب غلام رباني آگرو، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جناب رسول بخش شيخ، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ۽ ايڊيٽر هفتيوار ”صداقت“ جيڪب آباد، حيدرآباد جو مشهور ۽ معروفُ، سرجن ڊاڪٽر عبدالغني صديقي، مشهور تعليمدان دادي ليلان هرچنداڻي، ۽ گيانچند، حيدرآباد ـــ ـــ سرجن غني صديقيءَ لاءِ ٻڌايائين ته ”ڏينهن ٻه اڳ ولايت مان موٽيو آهي.“

ڊاڪٽر مٺي جي ڊنر جي خاص ڳالهه اها هئي ته ڪراچيءَ جي سنڌي ڊنر وانگر منجهس به سياسي گفتگو هئي ئي ڪانه، ائين ٿي لڳو ته سگريٽ نوشيءَ وانگر ان تي به بندش پيل هئي. اسان جي ڪچهري عروج تي هئي جو اوچتو سڏ ٿيو ته ”ٽيبل تي ڊنر لڳي آهي، سو، اچو، متان ماني ٺري وڃي.“

هال جي ٻاهران هڪ ويرانڊو آهي، جنهن کي خود هڪ هال چئجي ته غلط ڪونه ٿيندو. ويهارو کن ماڻهن لاءِ ڊنر ـــ ٽيبل مختلف قسمن جي نهايت لذيذ طعامن سان ڀري پيئي هئي. سنڌي مانيءَ جو ساءُ ئي پنهنجو آهي. مانيءَ تي به سنڌ جي علم ۽ ثقافت جون ڳالهيون جاري رهيون. اهي ٻڌي مون کي وري وري ڪراچيءَ ۾ ايم. يو. عباسيءَ واري سنڌي ڊنر ياد آئي.

آخر ۾ جڏهن سُئيٽ ڊش  Serveڪيائون، ته الائي ڪيئن راڳ جو ذڪر نڪري پيو. ڊاڪٽر مٺي چيو ته ”اوهان کي ڊنر ٽيبل تي ويٺي ويٺي ئي مئڊم نورجهان جي سي. ڊي. ٻڌايون ٿا.“ ائين چئي، ويٺي ويٺي، ميز تي هيٺان، خبر ناهي ته ڪنهن بٽڻ کي دٻايائين، جو اوچتو سامهون واريءَ ديوار، سئنيما جي پردي وانگر چمڪڻ لڳي، ۽ هڪ سُريلو آلاپ ڪن ٿي پيو.

ڊاڪٽر مٺي کِلي چيو ته، ”سائين! ڀل ٿي ويئي. نورجهان ڪانهي، لتا منگيشڪر آهي.“ پر، اسان کي لتا جي گانن ڏاڍو مزو ڏنو، ڇو ته موسيقي مُلڪي سرحدن جي مٿان پرواز ڪندي آهي.“

محفل موسيقي پوري ٿي، ته مهمانن به ڊاڪٽر مٺي کان موڪلايو. ”يار زنده، صحبت باقي“ جي مقولي تي عمل ڪندي، ڊاڪٽر مٺي سڀني دوستن کي ڀاڪر پاتو ۽ سندن آمد جو شڪريو ادا ڪيو. سائين رسول بخش شيخ صاحب فرمايو ته، ”ادا، مان به سڀاڻي جيڪب آباد ويندس.“

مون کيس موڪلائڻ لاءِ ڀاڪر پاتو ته هڪ فارسي شعر ياد آيو، جنهن جو مطلب آهي:

”هيءَ نسيمِ سحر اوهان پارَ کان آئي آهي.“

[غلام رباني آگرو]

احسن الهاشميءَ سان رهاڻ

 

”ماڻڪ موتي تنظيم“ ٻڍڙي سنڌي شاعر حسن شاهه ’احسن الهاشمي‘ سان سندس پنهنجيءَ رهائش گاهه تي 30 جون 2002ع هڪ شام ملهائڻ جو اهتمام ڪيو. جنهن جي صدارت جناب الياس عشقيءَ ڪئي. محترم محمد ابراهيم جويي صاحب مهمان خصوصيءَ جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي ابتدا ۾ تنظيم جي طرفان مشتاق چنگيزي ۽ محمد عثمان منگي، مير محفل احسن الهاشميءَ کي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جا تحفا پيش ڪيا ۽ روايتي سنڌي پڳ ٻڌائي.

محترم مشتاق چنگيزي آجيان ڪندي چيو ته ”اڄ سنڌ جا عظيم اديب ۽ شاعر احسن الهشاميءَ جي مان ۾ منعقد ڪيل هن گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيا آهن. پر، افسوس آهي ته اُهو اڄ ڪلهه اکين جي روشنيءَ کان محروم آهي. البت، جذبن ۽ امنگن جي لحاظ کان دل جي نُور سان معمور آهي، کيس اڄ به سنڌي ادب جي ترقيءَ جو اونو آهي.“

تاج جويي پنهنجي گفتگو ۾ محترم محمد عثمان منگيءَ جي خدمتن کي بيان ڪندي چيو ته ”هن تنظيم سنڌ جي ڪافي خدمتگذارن سان رهاڻيون رچايون آهن. جن ۾ سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مصطفيٰ قريشي ۽ روبينه قريشي، سيد صالح محمد شاهه (عرف فتح خان)، جيجي زرينه بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن. اڄوڪيءَ شامَ سائين احسن الهاشميءَ سان رٿيل آهي.“

سڪندر بلوچ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته “سائين احسن الهاشميءَ جو والد سيد مٺن شاهه پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ فاضل شخص هو. جنهن اُن دؤر ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي ادب جي خدمت جا بنياد رکيا هئا.

پرواني ڀٽيءَ هاشمي صاحب جي خدمتن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته، مون ساڻس زندگي جو وڏو حصو گڏ گذاريو آهي. ٻين لاتعداد خوبين سان گڏ تحت اللفظ مرثيو پڙهڻ شاهه صاحب جي هڪ خاص خوبي آهي.“

الياس عشقي چيو ته،  ”احسن الهاشميءَ جي سِڪ مون کي هِت آندو آهي، جو ساڻس پنجاهه سالن کان دوستي رهي اٿم.“

عنايت بلوچ چيو ته، ”مان ۽ منهنجي ڀاءُ هدايت بلوچ، هاشمي صاحب کان ڀٽائي صاحب جي بيتن بابت گهڻي سکيا ورتي آهي.“

حميد سنڌيءَ احسن الهاشميءَ جي گوناگون علمي ادبي خدمتن تي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪئي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا، پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”احسن الهاشمي سان اڄوڪي رهاڻ منعقد ڪرڻ لاءِ ماڻڪ موتي تنظيم جا عثمان منگي ۽ ٻيا ڪارڪن جس جي لائق آهن.“

محمد ابراهيم جويي صاحب چيو ته، هيءَ اهڙي ته وڻندڙ محفل ڪئي ويئي آهي، جنهن جون يادون زندگي ڀر ڪونه وسرنديون. واقعي، اسان جو شان انهيءَ ۾ آهي ته پنهنجن بزرگن جو احترام ڪريون ۽ انهن کي خدمتن جي مڃتا ڏيون. احسن الهاشميءَ وٽ ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪو ادبي خانو موجود آهي، اُهو سچ پچ ته وڏي فخر جو باعث آهي. هن وقت اسان جي ٻولي وڏي خطري ۾ آهي. برابر انگريزيءَ جي پنهنجي اهميت آهي ۽ اُها ضروري به آهي، پر اسان کي پنهنجي مادري ٻولي طرف جوڳو ڌيان ڏيڻو آهي، اسان کي پنهنجي مستقبل جي باري ۾ هميشہ سجاڳ رهڻو آهي.“

سيد احسن الهاشمي پنهنجي خطاب ۾ ماڻڪ موتي تنظيم جڪو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ”نظر ختم ٿي چڪي آهي ۽ پيريءَ سبب گهڻو ڳالهائي نٿو سگهان. پر، خوشي آهي جو منهنجا سمورا اديب شاعر ساٿي اڄ هتي اچي گڏ ٿيا آهن، جن جو آواز ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. مون کي شڪرادائي لاءِ جملا ڪونه ٿا ملن.“

آخر ۾ احسن الهاشمي پنهنجا ڪيترائي غزل ۽ شعر به ٻڌايا. اها رسيلي رهاڻ رات جو دير سان پڄاڻيءَ تي پهتي.

ـــ ـــ لياقت علي

 حميد سنڌيءَ جي سالگره جو جشن

 

13 آڪٽوبر تي،”بزم روح رهاڻ“ جي صدر حميد سنڌيءَ پنهنجي جنم جو ڏينهن پنهنجي ئي گهرڙي ۾ ملهائڻ جو انتظام ڪيو، ۽ ان ۾ برک اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا.

ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ماهتاب محبوب خاص مهمان هئا. ڄام ساقي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، تاج بلوچ، تاج جويو، نفيس احمد شيخ، محمد علي ڏيپلائي، پروفيسر عبدالرحمان سيال، پروفيسر روشن وڳڻ، دين محمد اڪرن ٻورڙائي، سرور نواز ٻگهيو، نذير ڪمال ميمڻ، الهداد ميراڻي، ڪرم پُنون، ثريا سوز ڏيپلائي، شمس النساء سيد، نذير ناز، شمس الدين سومرو، عامر ميمڻ، ظفر عباسي، لالا غلام قادر، شاهه محمد ڪؤنريجو، نذير عباسي، شاهنواز مسافر ۽ ٻيا دوست وڏي تعداد ۾ رهاڻ لاءِ آيل هئا.

محفل ۾ شريڪ ٿيل دوستن، حميد سنڌيءَ جي علمي، ادبي، ثقافتي، تعليمي ۽ صحافتي خدمتن تي روشني وڌي. خاص طرح، ”روح رهاڻ“ رسالي جي رول تي حميد سنڌيءَ جي تعريف ڪئي، جيڪو هو ون يونٽ جي ڏکين ڏينهن ۾ شايع ڪندو هو.

ڊاڪٽر الانا چيو ته حميد سنڌي ادب جو هڪ باب آهي. ماهتاب محبوب چيو ته حميد سنڌي هڪ آدرشي انسان ۽ سايه دار درخت آهي. تاج بلوچ چيو ته حميد سنڌي اڌ صدي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي. محمد علي ڏيپلائي چيو ته حميد سنڌي هڪ اهڙو اديب آهي جنهن تي ڪنهن کي به اختلاف ڪونهي.

تاجو جويي چيو ته حميد سنڌي تهذيب جي پاسداري ڪرڻ وارو اديب آهي. هڪ اهڙو اديب آهي، جنهن تي ڪنهن کي به اختلاف ڪونهي. تاج جويي چيو ته حميد سنڌي تهذيب جي پاسداري ڪرڻ وارو اديب آهي.

ڪن مهمانن حميد سنڌيءَ کي گلدستا ۽ تحفا پيش ڪيا. ڪن وري شعرن وسيلي حميد سنڌيءَ کي منظوم عقيدت پيش ڪئي. آخر ۾ سندس سُٺي صحت ۽ دراز عمر لاءِ دعا گهري ويئي.

حميد صاحب پنهنجا تاثرات بيان ڪندي، نماڻي نموني ۾چيو ته مون رات ڏينهن سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جي خدمت لاءِ سڄي ڄمار پاڻ پتوڙيو آهي ۽ آئينده به اهڙي بي لوث خدمت جاري رکندس.“ هن چيو ته ”قلمڪار تي پنهنجي دؤر جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جو فرض عائد ٿئي ٿو ۽ موجوده مسئلن جي نشاندهيءَ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو قلم وڌيڪ تيز ڪرڻُ پوندو.“ هن دوستن جو شڪريو ادا ڪيو، جو اُنهن سندس ”جنم ڏينهن“ جي خوشين ۾ وڌارو ڪيو. حميد صاحب جي صاحبزادي مسٽر ارشد ميمڻ پڻ مهمانن جا ٿورا مڃيا.

ــــ سليم چنا

رياض احمد                                                [رپورٽ]

 

”سنڌي تاريخ ڪانفرنس“

 

تاريخ 20 آڪٽوبر 2002ع سنڌي لئنگويج اٿارٽي هال ۾ لاهور جي مشهور ٽماهي مئگزين ”تاريخ“ پاران ”سنڌ هسٽري ڪانفرسن“ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ناميارن تاريخنويسين، اديبن، عالمن، ڏاهن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

هيءَ ڪانفرنس ٻن نشستن ۾ ورهائي وئي هئي، پهرين نشست جي صدارت اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد جي وائيس چانسيلر پروفيسر اسد الله قاضي ڪئي ۽ ٻيءَ نشست جي صدارت محترم محمد ابراهيم جويي ڪئي.

پروفيسر اعجاز قريشيءَ اسٽيج سنڀاليندي چيو ته، ”اڄ ڏينهن تائين، سنڌ جي ڪابه مستند غير جانبدار تاريخ هڪ جلد ۾ موجود نه آهي، ان ڪري وقت جي هن موڙ تي اها اسان جي مٿان ئي ذميواري اچيو وڃي ٿي، ته اسين ان سلسلي ۾ پيش رفت ڪريون. سو، هيءَ هسٽري ڪانفرنس ان سلسلي جي شروعاتي ڪڙي آهي. ڪوشش ڪري هر سال سنڌ هسٽري ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، ”آمريتي دورن ۾ وقت جي حڪومتن تاريخ کي سدائين پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي، جنهن ڪري ماڻهن جو تاريخ تان ويساهه کڄي ويو آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ بغاوتن جو به وڏو عمل دخل ٿئي ٿو. فاتحن جي تاريخ ته لکي ويندي آهي، پر شڪست کائيندڙن جي تاريخ لکڻ وارو ڪير به ڪونهي.“ هن چيو ته، ”سنڌ جي تاريخ ۾ اهوئي ٿيو آهي.“

ايم. ايڇ. پنهور چيو ته، سنڌ جي تاريخ شاهوڪار آهي. پر ضرورت آهي ته ان کي مڪمل طور حقيقي نموني قلمبند ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته مون سومرا دؤر تي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو جلد ڇپايو ويندو.

محمد ابراهيم جويي چيو ته، ”تاريخ جو واسطو گهڻي ڀاڱي ماضيءَ سان ٿئي ٿو. اسان جي موجوده حالت ۾ ماضيءَ سان واسطو رکي ٿي. هن سنڌ جي تاريخ اڻپوري هجڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته تاريخ بابت ذميواريءَ جي احساس سان کوجنا ٿيڻ گهرجي.“

پروفيسر اسد الله قاضي صدارتي خطاب ۾ چيو ته، ”تاريخ مان ماڻهن جي ماضيءَ جي ڪردار جو پتو پوي ٿو ۽ تاريخ پنهنجو پاڻ به ورجائي ٿي. هن پاڻيءَ جي مسئلي جي ذڪر ڪندي چيو ته پاڻيءَ بابت سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ سدائين تڪرار رهيو آهي. بهتر اهو آهي ته جهيڙي بدران گڏجي مسئلا حل ڪجن. هن سنڌ جي مڪمل تاريخ لکڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.“

پروفيسر اعجاز قريشيءَ سنڌ جي آبپاشي سنڌ جي نظام جي تاريخ تي تفصيلي روشني وڌي ۽ چيو ته، ”هر سال تاريخ ڪانفرنس ڪوٺائڻ سٺو عمل آهي.“

مسٽر سراج الحق ميمڻ مبارڪ علي جي تاريخ جي لاءِ ڏنل خدمتن ۽ ڪاوشن کي ساراهيو ۽ چيو ته، ”تاريخ ئي اسان کي اهو ٻڌائي ٿي ته ڪنهن ڇا ڪيو.“

پروفيسر تنوير جوڻيجو سمن جي دؤر جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو جائزو پيش ڪندي چيو ته، ”سمن جو دؤر عورتن لاءِ سٺو دؤر هو. جڏهن ته ارغونن واري دؤر کي عورتن لاءِ بدترين دؤر چئي سگهجي ٿو.“

مسٽر بدر ابڙي کير ٿت جبل تي اُڪريل تصويرن تي پنهنجو تحقيقي مقالو پيش ڪيو ۽ ڪانفرنس ۾ جبل تي اُڪريل ڪجهه تصويرن جا عڪس پڻ ڏيکاريا.

ڊاڪٽر پرويز وندل سلائيڊن جي مدد سان جاگرافيائي اثرن بابت، سنڌ بابت پنهنجو تاريخي اڀياس پيش ڪيو.

لعل بخش جسڪاڻي سنڌ جي ثقافت، ٻولي، معاشي ۽ سماجي مسئلن تي شاندار مقالو پڙهيو.

”فڪشن هائوس، لاهور“ جي رانا عبدالرحمان پڻ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪيو. قاضي جاويد (لاهور) ولي رام ولڀ، ڄام ساقي، عبدالخالق جوڻيجي، ابرابر قاضي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجي، تهمينه مفتي، ظفر علي شاهه، نذير ميمڻ، ثريا سوز ڏيپلائي،جامي چانڊيي، نسيم عالماڻي، انور فگار هڪڙي، پروفيسر ساجده وندل (لاهور) ظهور احمد (لاهور) راحت سعيد (ڪراچي) خالد عليگ (ڪراچي) ڪمانڊر ايوب ملڪ (ڪراچي) ڊاڪٽر رياض صديقي (ڪراچي) مسٽر نديم (لاهور) مسٽر بلاول (لاهور) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، پروفيسر حيدر علي لغاري، مير امام الله ٽالپر، شهنيلا انصاري، محمد علي ڏيپلائي، ادريس جتوئي، علي احمد قريشي وڪيل (دادو) پرويز ٻانڀڻ (سکر) سهيل سانگي، سرفراز واسطڙو، اقبال ملاح، اسلم بلوچ، پروفيسر جسڪاڻي، پروفيسر چاند بي بي، ڊاڪٽر هدايت پريم، غلام نبي مغل، جي. اين. مغل، قاسم ٻگهيي، اشتياق انصاري، نثار حسين، آفتاب چوڌري، پرواني ڀٽي، منظور مسافر محمد صادق قريشي، ڊاڪٽر يعقوب مغل، پروفيسر عبدالڪريم بلوچ، فرزانه پنهور، نصر الله ٿهيم، علي غلام جوڻيجي، ايازڪاڪا، سکيي ابڙي سميت وڏي تعداد ۾ علم ۽ ادب دوست ماڻهن ۽ خاص طور سنڌ جي نوجوانن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.

 

 

ڪتابن تي تبصرا

1 ـــ سيدة النساءِ العالمين بنت رحمة العالمين صه

2 ـــ فتح نامہ سنڌ عرف چچ نامه (اردو)

3 ـــ تاريخ سومره سنڌ

4 ـــ ايم. ڪمل جو چونڊ ڪلام

5 ـــ سنڌ ـــ اتهاس جي آرسيءَ ۾

6 ـــ هي جي واڪا واءَ ۾

ـــ خط ۽ پيغام

ـــ نئينگ وارو ڏند ڪٿائي ڪردار

ـــ تاريخي ورثي کي بچايو

ـــ Balochi as Medium of Instructions Demanded

ـــ سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق


 

مسز نجمہ پنهور                                          [تبصرو]

ايڊيٽر ”گل ڦل“

سيدة نساءِ العالمين

بنت

رحمة للعامين

محترم شهاب الدين ميمڻ ڌنڌي روزگار جي لحاظ کان ته وڪيل آهي. پر، ديني ڪتابن ۽ ادب ۾ وڏي دلچسپي اٿس، جنهن جو ثبوت هي ڇهه سؤ صفحن جو ڪتاب آهي، جيڪو مهراڻ رسالي جي سائيز ۾ ڇپايو اٿس. ڪتاب جو جلد پڪو ۽ ڊزائين خوشنما آهي.

ڪتاب جو موضوع ۽ مضمون حضور پيغمبر ﷺ جن جي لختِ جگر ”فاطمه زهرا“ جي سيرت مبارڪ آهي. بيبي صاحبه مڙني مسلمانن لاءِ ”سيدة نساءِ“ جو درجو رکي ٿي. حضور پيغمبر ﷺ جن جي ساڻن ايڏي ته محبت هئي، جو جڏهن پاڻ مجلس ۾ تشريف فرما ٿيندي هئي ته پاڻ سڳورا احترماً اٿي بيهندا هئا، ۽ سندن ويهڻ لاءِ پنهنجي چادر مبارڪ پنهنجي هٿن سان وڇائيندا هئا.

روايت آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجيءَ آخرين علالت جي زماني ۾ ڪا ڳالهه بيبي صاحبه کي ڪن ۾ چئي، جيڪا ٻڌي هوءَ اول رني ۽ پوءِ مرڪي. راوين جو چوڻ آهي ته حضور ﷺ جن اول کين پنهنجي وصال کان واقف ڪيو، ته بيبي صاحبه جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. پوءِ بيبي صاحبه کي ٻڌايائون ته ”جنت ۾، آب ڪوثر جي ڪناري تي، سڀ کان اول تون ئي مون سان اچي ملندينءَ.“ ـــ ـــ اهو ٻڌي بيبي صاحبه جي لبن تي مرڪ آئي.

ڀٽائي صاحب ڪهڙو نه سهڻو فرمايو آهي:

”پاڻان چوندئي پيءُ، ڀري جامُ جنت جو.“

حضور پيغمبر ﷺ جن جا ڏهٽا، حضرت امام حسن صه ۽ حضرت امام حسين صه بيبي فاطمه رضه ۽ حضرت علي سائينءَ جي باغ جا سهڻا ۽ سرها گل هئا. پنجاب جي هاڪاري صوفي شاعر بلهي شاهه انهيءَ ئي پس منظر ۾ هيءُ مشهور ڪافي چئي آهي: آلِ نبي اولادِ علي هي

سيدة النساءِ بيبي فاطمه رضه جون خوبيون ۽ سندن فضيلت ۽ بلند مقام بيان ڪرڻ لاءِ جيترا به ڪتاب لکجن اوترا گهٽ آهن. پر، جناب شهاب الدين ميمڻ صاحب هر وجہ تحسين ۽ مبارڪباد جو مستحق آهي، جنهن هي ڪتاب لکي، سنڌي زبان ۾ هڪ وڏيءَ ضرورت جي پورائي ڪئي آهي. ڪتاب ۾ ڇويهه باب آهن. منجهن جيڪو مواد ڏنل آهي، سو، نهايت مستند ۽ معتبر ڪتابن تان وڏيءَ ريسرچ کان پوءِ جمع ڪيو ويو آهي.

هي ڪتاب عمومي طرح سمورن مسلمانن ۽ خاص طرح سنڌي مسلمان عورتن کي گهڻو ڪم ايندو ۽ انشاء الله تعاليٰ سندن علم ۽ ايمان ۾ ترقي ۽ تقويت جو باعث ٿيندو. ڪتاب ملڻ جا هنڌ هي آهن:

1) اسد بڪ ڊيپو، قدم گاه مولا علي، حيدرآباد.

2) مغل بڪ ڊيپو، شهدادپور.

3) جعفري ڪتبخانو، لاڙڪاڻو.

4) محمد علي بڪ ڊيپو، خيرپور.

 

جنرل. ڪي. ايم. عارف                                         [تبصرو]

 

فتح نامہ سنڌ

عرف

چچ نامو

 

[جنرل خالد محمود عارف، سنه 1949ع ۾، پاڪستان جي فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ مقرر ٿيو. ڪمانڊ ائنڊ اسٽاف ڪاليج، ڪوئٽيا، نيشنل ڊفينس ڪاليج، راولپنڊي، آمر اسڪول فورٽ ناڪس، ڪينٽڪي، آمريڪا ـــ ـــ ٽنهي مان گريجوئيشن ڪيائين. هو گهڻن ئي اعليٰ عهدن تي رهي چڪو آهي، جن ۾ ڊئريڪٽر مليٽري آپريشنس ۽ جي. ايڇ. ڪيو ۾ مليٽري سيڪريٽريءَ جا منصب به شامل آهن.

سنه 1984ع ۾، جنرل عارف کي ’فور ـــ اسٽار جنرل‘ جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي، ۽ ’وائيس چيف آف آرمي اسٽاف‘ مقرر ٿيو. مارچ 1987ع ۾، هن انهيءَ اعليٰ عهدي تان رٽاير ڪيو. دراصل، پاڪستاني فوج جي عملي طرح ’ڪمانڊر‘ ئي هو، ڇو ته ’چيف آف آرمي اسٽاف‘ جا اختيار پڻ کيس سونپيا ويا هئا.

جنرل عارف باوقار شخصيت جو مالڪ آهي. سندس لفظ وڏو وزن رکي ٿو،انڪري نه رڳو روزانه ”ڊان“ ۽ ٻيون انگريزي اخبارون، سندس مضمون شايع ڪنديون رهنديون آهن، پر، B.B.C. قومي اهميت جي نازڪ مسئلن تي ’سندس بيان ۽ تاثرات‘ نشر ڪندي رهندي آهي.

جنرل عارف کي ادب سان گهري دلچسپي آهي. پاڻ باڪمال شاعر آهي. سندس اردو ڪلام جا به مجموعا شايع ٿي چڪا آهن ۽ ٽيون زير طبع آهي. انگريزيءَ ۾ ڪن اهم ڪتابن جو منصف آهي. هن ملڪ جي ممتاز اداري ”پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس“ کي صحيح معنيٰ ۾ ”قومي ادارو“ بنائڻ لاءِ منجهس صوبائي ٻولين جي اديبن کي شريڪ ڪرڻ ضروري سمجهيو. سندس حڪم جي پيرويءَ ۾ ئي وزارت تعليم حڪومت پاڪستان صوبي سرحد مان خاطر غزنوي صاحب کي ۽ سنڌ مان غلام رباني آگري صاحب کي ايڪيڊميءَ ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو هو.

جنرل عارف ادب ۽ تاريخ ۾ پنهنجي دلچسپيءَ ڪري، سنڌ جي اولين تاريخ ”فتح نامہ سندهه“ عرف ”چچ نامہ“ بابت سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن غلام رباني آگري صاحب کي هڪ خط لکيو آهي، جو ذاتي خط کان وڌيڪ ڪتاب تي هڪ اعليٰ پايي جي فوجي ماهر ۽ دانشور جو تبصرو آهي ۽ سندس خيالن جو آئينه دار آهي. انهيءَ جو مڪمل سنڌي ترجمو ’مهراڻ‘ جي قارئين ڪرام جي مطالعي لاءِ شايع ڪري رهيا آهيون. ـــ ادارو]


 

General

Khalid Mahmud Arif

NI (M).S.Bt.

 

پيارا آگرا صاحب

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد.

اوهان جا قرب جو مون کي ’چچنامي‘ جهڙو دلچسپ ڪتاب عنايت ڪيو. منجهس، سنڌ ۾ طلوعِ اسلام کان اڳ توڙي پوءِ واري عرصي جو دلنشين احوال ڏنل آهي. مون کي پنهنجي ماضيءَ جو نهايت وڻندڙ نموني ۾ لکيل هي تذڪرو پڙهي ڏاڍو لطف آيو. منهنجو خيال آهي ته نه فقط سنڌ  بلڪ سڄي پاڪستان جي بادشندن کي پڙهڻ گهرجي. ڇو ته هيءُ ڪتاب اسان جي تاريخ جي هڪ اهم حصي سان لاڳاپو رکي ٿو، ۽ ماضيءَ تي روشني وجهي ٿو.

سنڌي ابي بورڊ هن ڪتاب جو قومي زبان ۾ ترجمو ڪرائي هڪ وڏي خدمت سرانجام ڏني آهي. ڪتاب جو فارسي متن، علي ڪوفيءَ سنه 614 هجري ۾ تيار ڪيو هو، جيڪو انهيءَ اصلوڪي عربي نسخي تي مبني هو، جيڪو هاڻ ناپيد آهي، ۽ جنهن جي تنصيف ۽ تاليف جي اصل حقيقت اسان جي اڳيان چِٽي ڪانه آهي.

عام پڙهندڙُ، ’چچنامي‘ ۾ بيان ٿيل مربوط واقعن ۽ خيالن جي تسلسل کان ڏاڍو متاثر ٿئي ٿو. عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمي ۽ وري فارسيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمي ٿيڻ جي باوجود ڪتاب جو بيانيه انداز اهڙو ته دلڪش آهي، جو اُهو، صحيح معنيٰ ۾، عربي زبان ۾ لکيل ڪتاب جي اصل منصف کي تحسين جو مستحق قرار ڏئي ٿو.

ڪتاب جو متن وڏيءَ ڪوشش وسيلي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي، ۽ واقعن جي صدات ۽ حق گوئيءَ جو علمبردار آهي. ڪتاب جي مترجمن پنهنجو حق ادا ڪيو آهي. سندن ڪوشش ۽ محنت ساراهه جوڳي آهي.

’چچ نامي‘ جو قصو پڙهندڙ جي ذهن کي پنهنجيءَ گرفت ۾ آڻي کيس وڏيءَ دانشمنديءَ سان پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ جو عڪس ڏيکاري ٿو. بلاشبه، وڏيءَ صلاحيت سان لکيل هي ڪتاب پڙهندڙ جي روح کي منور ۽ معطر ڪري ڇڏي ٿو.

’چچ نامو‘ انهيءَ حقيقت تي شاهد آهي ته ’قديم هندوستان ۾‘ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ’جنگ‘، ’سازش‘ ۽ ’معاشقي‘ جي معاملن ۾ ڪابه ’حدبندي‘ ڪانه هئي. ’اٽڪل بازي‘ ۽ ’چالاڪي‘ عروج تي هئي، بلڪ اهڙي هڪ باڪمال هنر جي درجي تي پهتي هئي، جنهن ۾ اقتدار جا سوداگَرَ، ’ڪئزلنگ‘ کي به نيچو نِوائي ٿي سگهيا.

نوجوان محمد بن قاسم جو شان شوڪت جي بلندين تي عروج ۽ ميدان جنگ ۾ سندس ڪاميابي هڪ اهڙو ته دلچسپ رزميه داستان آهي، جنهن ۾ ’نيڪيءَ‘ کي ’بديءَ‘ تي فتح حاصل ٿئي ٿي.

جنگ کان اڳ ٻنهي مخالف ڌرين جون هڪٻئي خلاف چالون ۽ پوءِ اصل جنگ جي ڪارروائيءَ ۾ تاريخ جي طالب العلم کي هونئن ته ڪيئي سبق ملن ٿا، ليڪن، حتمي طرح، هن ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته مسلمانن شهرت، واکاڻ ۽ دولت ڪاڻ هندستان تي ڪاهه ڪانه ڪئي هئي، دراصل، کين مجبور ڪيو ويو هو ته پنهنجن هم ـــ مذهب مسلمان تاجرن سان ٿيل ظلم ۽ تعديءَ جو بدلو وٺن. سو به تڏهن، جڏهن هڪ مغرور ۽ سرڪش مقامي حڪمرانُ، پنهنجيءَ حڪومت جي علائقي ۾ ٿيل هڪ سنگين واقعي تي، مسلمانن جي سفارتي ڪوششن، احتجاج ۽ چتاءُ کي مسلسل نظرانداز ڪندو رهيو.

محمد بن قاسم،پنهنجن اعليٰ اخياريءَ وارن جي حڪم ۽ هدايت موجب، وڏيءَ بهادريءَ ۽ ڏاهپ سان ساڻس جنگيون ڪيون ۽ ڪاميابيون حاصل ڪندو رهيو. هو تاريخ ۾ پنهنجي لاءِ عزت ۽ نيڪنامي ڇڏي ويو. بلاشبه، هو انهن ٻنهي اعزازن جو مستحق هو.

محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، فوراً رفاع عامه تي مبني نظام حڪومت قائم ڪرڻ ڏانهن توجهه ڏنو ۽ پاڻ کي حڪمرانيءَ جي فن جو شهسوار ثابت ڪيو. کانئس پوءِ درويشن ۽ صوفين جو وارو آيو، جن اسلام جي پيغام کي چوڏس عام ڪيو. عوام اُن ڏانهن متوجه ٿيو، ڇو ته درويشن جو پيغام، سراسر پيار، مذهبي رواداريءَ، مساوات ۽ خداوند تعاليٰ جي ڪبريائيءَ اڳيان نمڻ تي مبني هو. انهيءَ پيغام جون شمعون، جيڪي چند فاني ليڪن خدا جي محبت ۾ سرشار درويشن جي هٿن ۾ هيون، تن جو سوجهرو هندستان ۾ پري پري تائين پکڙيو، جنهن عام ماڻهن کي موهي وڌو: کين ڏاهپ جا موتي مليا ۽ هو امن ۽ سک سانت سان زندگي گذارڻ سکيا.

اُنهن درويشن ۽ صوفين جي زبان ۾ بي انتها تاثير هو، سندس ڪلام (شعر) ته سالن ۽ صدين جي گردش تي به غالب پئجي ويو: منجهس مڌر موسيقيءَ ۾، عشق سان لبريز زندگي موجزن هئي، جنهن ۾ سڀني لاءِ ساڳي آفاقي پڪار هئي ته ’زندهه رهو ۽ ٻين کي زندهه رهڻ ڏيو، سمورن مذهبن جو احترام ڪريو، آزاديءَ جي نعمت ماڻيو، ۽ الله تعاليٰ جل شانہ جي اڳيان جهڪو.‘

محمد بن قاسم جي زندگيءَ جي المناڪ انجام ۾ انسانذات لاءِ هڪ ٻه سبق آهن. ’ايوانِ اقتدار‘ جي ’غلام گردشن‘ ۾ بي انتها سازشون، حسد ۽ فتنا جنم وٺندا رهندا آهن. جيڪي شخص، پبلڪ لائيف ۾ جيڏي بلند منصب تي فائز هوندا آهن، تن کي اوڏيءَ ئي تيزيءَ سان هيٺ ڪِرڻ جو ’جوکو‘ هوندو آهي.

محمد بن قاسم پاڻ ملهايو. هو وقت جي واريءَ تي پنهنجن قدمن جا نشان ڇڏي ويو: اڄ کيس وڏي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس مخالف توڙي اُهي شخص، جن سندس خلاف سازشون سٽيون، سي تاريخ جي اُونهيءَ کڏ ۾ وڃي ڪِريا ۽ هميشه لاءِ فنا ٿي ويا.

نيڪ تمنائن ۽ احترام سان.

مسٽر غلام رباني آگرو،                جنرل. ڪي. ايم. عارف

حيدرآباد سنڌ.


 

مسز ثمينه ميمڻ                                         [تبصرو]

لئبررين، سنڌي ادبي بورڊ

 

تاريخ سومره سنڌ

از

وزير علي سومرو

سومرن جي حڪومت بابت تفصيلي احوال ڪنهن به هڪ تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. چون ٿا ته سنڌ تي سندن حڪومت 445 هه کان شروع ٿي ۽ 762 هه (مطابق 1361ع) ۾ تڏهن پوري ٿي، جڏهن فيروز تغلق سنڌ تي ڪاهه ڪئي.

ٽماهي ’مهراڻ‘ ۽ ماهوار ’نئين زندگي‘ جي صفحن ۾، سنڌ جي مشهور مؤرخ ۽ محقق، قريشي حامد علي خانائيءَ توڙي ٻين لکندڙن مير محمد بخش ٽالپر ۽ ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ جا سومرن تي سٺا مضمون شايع ٿيل آهن. پر، اِن ڳالهه جي ضرورت آهي ته سومرا دور جي مستند تاريخ لکي وڃي.

وزير علي سومري جو ڪتاب تاريخ سومره سنڌ وڏيءَ محنت سان لکيل آهي، جو ارڙهن بابن تي مشتمل آهي. ڀانئجي ٿو ته سندس بنيادي مقصد سومرن کي ’سنڌي نسل‘ بدران ’عربي نسل‘ ثابت ڪرڻ آهي. ڪتابُ ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن، جڙياپور، چڪ، شايع ڪيو آهي. قيمت اٿس ٻه سؤ رپيا.

* * * *

سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي تاريخ جي هڪ ’جامع رٿا‘ جوڙي آهي، انهيءَ موجب، سنڌ تي جن جن گهراڻن حڪومت ڪئي آهي، تن تي جدا جدا جلد لکڻ جي تجويز آهي. مثلاً هڪ جدا جلد سمن تي، هڪ جدا جلد سومرن تي، هڪ جدا جلد ڪلهوڙن تي، هڪ جلد ٽالپرن تي.... وغيره.

شروعاتي دور ۾، سنڌي ادبي بورڊ جو نائب صدر سائين جي. ايم. سيد هوندو هو، سو چوندو هو ته ”سما ۽ سومرا سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور آهي.“ سائين محروم جي اها ڳالهه شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ پير حسام الدين راشدي به مڃيندا هئا ۽ بورڊ جي ئي سونپيل ڪتابن لکڻ ۾ مشغول هوندا هئا. پر، خبر ناهي ته ڇو هنن سمن ۽ سومرن تي لکڻ جو ڪم هٿ ۾ ڪونه کنيو.

هاڻي، بورڊ ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ کان سما دور لکايو آهي، جو ڇاپي هيٺ آهي. اُهو پورو ٿيندو ته سومرا دور ڇپبو. تحقيقي ڪتاب لکڻ تي محنت کپي.

جيڪڏهن سائين جي. ايم. سيد پاڻ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾،’سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور‘ شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙن عالمن کان لکائي وڃي ها، ته سٺو ٿئي ها.

هونئن سومرن تي متفرقہ ڪتاب ته ڪافي ڇپيل آهن. مثلاً انگريزيءَ ۾ هڪ معياري ڪتاب ڪجهه سال اڳ ملتان مان ڇپيو آهي. ساڳيءَ ريت، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي پڻ سومرا دور جي تاريخ ڇپيل آهي. ”الوحيد“ جي ”سنڌ آزاد نمبر“ ۾ به سومرن بادشاهن جو احوال آهي. ٻيا به ڪيترائي اهڙا ڪتاب سومرن تي ڇپيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com